سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:11 

احسان دانش

 

 

 

سرد خاني ۾ رکيل لاش

 

مان ماڻھن جي اڍنگن روين کان بيزار پنھنجي الڳ دنيا ۾ رهڻ وارو شخص آهيان، منھنجي دنيا خوابن جي دنيا آهي. منھنجي دل ڪنول جو گُل آهي، مان مڃان ٿو ان جي پاتال ۾ گند آهي، ڇوته منھنجو وجود ان سماج جو حصو آهي، جيڪو خود ڪنھن گند جي ڍير وانگر آهي. هتي اصول يا سسٽم نالي جي ڪائي شيءِ ناهي، تنھن ڪري گند جي ڍير کي کوٽڻ مان ڪجهه حاصل ٿيڻو ناهي، سواءِ ڌَپَ جي. مان پنھنجي ڌُن ۾ گم سوچيندو فوٽ پاٿ تي هلندو ٿو رهان. لڳي ٿو زندگي به ڪا فوٽ پاٿ آهي، جنھن مٿان حادثا مسافرن جيان هلندا رهن ٿا. مان سوچان ٿو... سوچَ جو ڪو پاتال ناهي، سوچَ جو ڪو آڪاس ناهي.

سِجُ اوندهه کان بازي هارائي ڍُرڪي رهيو آهي. شام جا سُرمئي پاڇا آهستي آهستي گھرا ٿي رهيا آهن. مان شھر جي شور کان پري هڪ تنھا روڊ جي فوٽ پاٿ تي گهمي رهيو آهيان. منھنجي ذهن ۾ سوچن جو سمنڊ آهي، مان تنھا رهڻ ٿو چاهيان، هن گهٽيل ۽ ٻوساٽيل سماج کان ڪوهين ڏور... جتي ماڻھن ۾ منافقت نه هجي، جتي هڪ ٻئي جا چھرا اوپرا نه لڳن، جتي نفرت، ڪروڌ ۽ چِڙَ نه هجي. ها منھنجي دنيا خوابن جي دنيا آهي...

ٿورو ئي اڳيان فوٽ پاٿ جي ڀرسان ڇٻرَ جي ننڍڙي ٻاري تي ويٺل معصوم ٻارُ روئي رهيو آهي، روئندڙ ٻارَ کي سندس ماءُ هنجَ ۾ کڻي ٿڃُ ڏئي رهي آهي. ماڻھس جا ڪپڙا ميرا ۽ اُڊڙيل آهن، هوءَ ڏرا ڏنل اکيون مٿي کڻي چوي ٿي ”صاحب الله جي نالي“ مان پاڻ ڏي ڏسان ٿو... ’مان ۽ صاحب!‘ مان ته خود مڱتو آهيان. مان ته هن دنيا ۾ گُهرڻ آيو آهيان. مون وٽ ڏيڻ جي طاقت ڪٿي آهي؟! تڪڙو اڳتي نڪري ويو آهيان، گهڻو اڳتي.

پن ڇڻ جي موسم آهي. آسپاس جي وڻن مان ڇڻيل سُڪل پنن کي لتاڙيندو ٿو وڃان، گھري خاموشيءَ ۾ پنن جي چيڀاٽجڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ ٿو اچي... شھر جي گوڙ ۾ ته ماڻھن جي چيڀاٽجي وڃڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي. اوچتو ڪنھن وڻ مان ڪويل جي ڪوڪَ ٻُري آهي، جنھن ۾ درد آهي، سوز آهي... اُها ڪوڪ ناهي ڄڻ ڪوئي گرم سيھو آهي جيڪو منھنجي ڪنن ۾ پرٽجي رهيو آهي.

هلندي هلندي الاجي ڇو شھر جي شورَ ۾ گم ٿيڻ چاهيان ٿو... هي ڇا اڄ ته شھر به قبرستان وانگر خاموش ٿو لڳي. هي انڌيرو... هي خاموشي... ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪنھن اوپري شھر ۾ اچي ويو آهيان. اکيون مھٽي غور سان ڏسان ٿو...! نه هي ته منھنجو ئي شھر آهي... پر هن شھر جو نقشو اڄ اچانڪ ڇو مَٽجي ويو آهي؟ اڪثر دڪانن جا شٽر هيٺ آهن. ٽريفڪ نه هئڻ جي برابر آهي. هوٽل سينيمائون ۽ جوا جا اڏا به بند آهن. سوچيان ٿو شايد ڪنھن سياسي تنظيم طرفان ڪا وڏي هڙتال آهي يا اڃان به ڪو ٻيو سبب آهي. هڪ لمحي لاءِ مان پنھنجي اڻ ڄاڻائي تي شرمندگي ٿو محسوس ڪريان.... پر ڇا ڪريان مون کي اخبارون زهر ٿيون لڳن، اخبار جو پھريون پنو ئي ڊپريشن ٿو ڏئي ڇڏي. ڇا پڙهجي؟ بم ڌماڪن جون خبرون، لڄالُٽ، اغوائون، ڪوڙَ..... ڇا پڙهجي ۽ ڇا ڏسجي. ٽي وي جي خبرن ۾ رتُ ۾ ريٽا لاش، ڳوٺن تي بلڊوزرن جي چڙهائي، ڳوڙها گئس، فائرنگ، چونڪن تي پنھنجي مٿان پيٽرول هاري پاڻ ساڙيندڙ تڙپندڙ ماڻھو! ڇا ڏسجي. منھنجي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ اذيتناڪ آهي. تنھن ڪري پڙهڻ ۽ ڏسڻ ڇڏي ڏنو اٿم.

سوچيان ٿو جيڪڏهن اڄ اسٽرائيڪ هئي ته به هن وقت تائين شھر وري کُلي وڃڻ کپندو هيو. ڪابه هڙتال رات تائين نه هلندي آهي. منجهي پيو آهيان، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ماجرا ڇا آهي. ڪٿي ڪٿي ماڻھن جا ٽولا نظر اچن ٿا، هرڪو هڪٻئي سان سُس پُس ڪري رهيو آهي... پر اهو سڀ ڪجهه منھنجي سمجهه کان ماورا آهي.

شھر جي بازارن کان پَرڀرو هڪ وڏي اوور هيڊ بِرج آهي. آئون ٿڪل قدمن سان ان اوچي سُڪَ پُل جي چڙهائيءَ تي چڙهي رهيو آهيان... پُل تي ٽريفڪ معمول کان گهٽ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪائي ڪار يا رڪشا گذري رهيو آهي. پُل جي اوچائيءَ تان شھر جي ٻنهي پاسن جو نظارو ڏاڍو وڻندڙ هوندو آهي. پُل جي هيٺان هوٽل تي شام جو وڏي پيھه هوندي آهي، آس پاس جا ماڻھو چانھن جي چُسڪي لاءِ هوٽل تي ايندا آهن... پر اڄُ سڀُ نظارا اٻاڻڪا آهن ۽ هر طرف اداسي آهي.

ڪجهه پَلَ پُلِ تي بيھي رهان ٿو. خزان جي هوا اداسيءَ جا نغما ٿي ٻڌائي. پُل تان لھي شھر جي سڀ کان ڪُشادي رستي ڏي وڌان ٿو... هي ڇا! هي ماڻھن جو سمنڊ ڪٿان آيو؟ مان حيران آهيان، ڇوته مان پنھنجي پنجاهه سالن جي عمر ۾ ڪنھن جنازي پٺيان ايڏو هجوم نه ڏٺو آهي... هاڻي مون کي ڪجهه سمجهه ۾ آيو ته ’شھر ڇو بند آهي!‘ پڪَ سان شھر جو ڪو وڏو ۽ مشهور ماڻھو فوت ٿي ويو آهي. مان تڪڙو وڃي ماڻھن جي هجوم ۾ شامل ٿيو آهيان. جنازي پويان هلندڙ اڪثر ماڻھن جي منھن تي غم جا ڪي خاص آثار نظر نه ٿا اچن... ڪو سُڏڪو ناهي... بس هڪ ڊگهي خاموشي آهي. مان تڪڙا قدم کڻي هجوم کي چيريندو ڪافي اڳتي نڪري ويو آهيان. ’اڙي هي ڇا هن جنازي ۾ هن شھر جا مشھور غنڊا ۽ رهزن جبار دادا ۽ نظرو شيدي ڇا پيا ڪن؟‘ سوچيان ٿو، ٿي سگهي ٿو هي ڪنھن ڦورو ۽ ڌاڙيل جو لاش هجي..... پر ڌاڙيل جي جنازي ۾ ايڏا ماڻھو! ناممڪن. هر ماڻھو جنازي کي ڪُلهو ڏيڻ جي خواهش ۾ آهي. جنازي کي ڪُلهو ڏيڻ کپي... مان به اڳتي وڌي رهيو آهيان. جنازي جي آس پاس ڄاتل سڃاتل سياستدان به موجود آهن. بس سمجهي ويس هي ڪنھن ناليواري جهوني سياسي اڳواڻ جو مڙهه آهي. تڏهن ئي ته وڏا وڏا سياسي اڳواڻ، اين.جي.اوز جا ڪرتا ڌرتا به نظر اچن ٿا. مان انھن مان هڪ هڪ جي چهري ۾ چتائي ڏسان ٿو... ڪنھن جي به مُکَ تي ڏُکَ جي لڪير نظر نه ٿي اچي، بلڪه اطمينان جا آثار پيا ظاهر ٿين.

مان هن گُهٽ ۽ ٻوسٽ کان ٻاهر نڪرڻ چاهيان ٿو پر الاجي ڇو ماڻھن جي سيلاب ۾ وهندو ٿو وڃان.... رات آسمان کي ڪاري چادر سان ويڙهي چُڪي آهي ۽ چوڏهين جي چنڊ جي چانڊوڪي تاريڪيءَ کي تير هڻي رهي آهي. جنازي جو رُخ قبرستان ڏي ڪيو ويو آهي... مان نه چاهيندي به قبرستان ڏي ڇڪبو ٿو وڃان. قبرن جي آس پاس سوڙهن رستن تان گذرندي هاڻي اها خواهش پيدا ٿي رهي آهي ته ميت جو منھن ڏسان.

پريان کٻڙ جي وڻ هيٺان ويٺل پوڙهو سڏڪا ڀري روئي رهيو آهي. لڳي ٿو مرحوم هن جو ڪو ويجهو عزيز هوندو... هن سان همدردي ڪرڻ تي دل چوي ٿي... ٻه ٽي قبرون اورانگهي سندس ڀرسان اچي ويٺو آهيان.

”چاچا ڪير گذاري ويو آهي؟“

عجيب نظرن سان تڪيندي چوي ٿو ”سڄي دنيا ڄاڻي ٿي، تون ائين ٿو پڇين ڄڻ توکي ڪا خبر ئي ناهي!“

”مون کي واقعي خبر ناهي.“

”تون ڪوڙُ ٿو ڳالھائين.“

”نه نه مان...“

”هتان هليو وڃُ، منھنجي دل جو بارُ نه وڌاءِ.“

”پر چاچا مان معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو ته مرحوم ڪير هو، جنھن جي جنازي ۾ هيڏي خلق گڏ ٿي آهي.“

”ڇا تون هن دنيا جو واسي ناهين؟“

”آهيان.“

”پوءِ تون پَڪَ هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻيندو هوندين.“

”جيڪڏهن مان هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻيندو هجان ها، ته مون کي هن جي موت جي ضرور خبر پوي ها!“

پوڙهو ڊگهو ٿڌو ساهه ڀري چوي ٿو، ”هو پنھنجي موت نه مُئو آهي، هو گهڻو وقت جيئرو رهڻ چاهي پيو، پر هن کي گُهٽي ماريو ويو آهي.“

”ڪڏهن؟“

”هن کي قتل ڪئي صديون گذري ويون آهن.“

مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي... بس حيرت پئي ٿئي. صديون اڳي واري لاش کي اڄ دفن ڪيو ٿو وڃي! ”چاچا هن کي ڪنھن قتل ڪيو آهي؟“

”هن جو ڪو هڪڙو قاتل ناهي... مختلف روپ رکندڙ دنيا جي لکين ظالمن هن کي گُهٽي ماريو آهي.“

”پوءِ هن جو لاش ايڏو وقت ڪٿي هو؟“

”سرد خاني ۾.“

”پر صديون گذرڻ کان پوءِ هاڻي هن کي دفن ڇو ٿو ڪيو وڃي؟“

”دنيا جي سڀني ظالمن ۽ مڪارن اعتراض ڪيو آهي، ته هاڻي هن جي لاش گهڻي ڌَپ ڪئي آهي ۽ اها ڌپ سڄي دنيا ۾ ڦھلجي رهي آهي، تنھن ڪري هاڻي ان لاش کي سرد خاني مان ڪڍي دفنائڻ گهرجي.“

منھنجو مٿو چڪرائجي رهيو آهي، سانتيڪو ٿي پُڇانس ٿو ”چاچا مون کي ٻڌاءِ ته ڪنھن کي ٿو دفنايو وڃي؟“

سڏڪندي چوي ٿو ”ماڻھپي کي.“

اچانڪ منھنجي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي آهي... ڄڻ ڪنھن خوابَ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيو آهيان. ماڻھن جا هجوم هوائن ۾ اُڏي ويا آهن ۽ مان قبرن جي وچ ۾ اڪيلو آهيان.

 

زاهد منگي

 

 

 

 

محمد بخش مطمئن

 

کٽ تي ستي اڃان اڌ ڪلاڪ مس گذريو هيس جو وري اٿي سڌو ٻاهرين در تي ويو. بند ٿيل در جي ڪڙي، ڪنڊي ۽ تالي کي چڱي طرح زور ڏئي پڪ ڪيائين ته بند آهي يا نه! گذريل ٻن، اڍائي ڪلاڪن ۾ اهو ٽيون ڀيرو هو جو هو در تي اٿي تالو ڏسڻ ويو هو نه رڳو در پر گهر ۾ به چڪر پئي لڳايائين ته سڀ ڀاتي سندس زال، ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ ستل آهن يا نه!؟ محمد بخش جي اها عادت هئي ته هو جيسيتائين مطمئن نه ٿيندو هو تيسيتائين شين کي ورائي ورائي پيو تپاسيندو ۽ ڏسندو هو.  هن جي ان عادت سبب ماڻھو کيس سڏيندا ئي محمد بخش مطمئن هئا.

پاڻ هو به اهڙو بس ۾ چڙهندو هو ته منشيءَ کي ڪرايو ڏيڻ کانپوءِ بار بار پيو پڇندو هئس ”ڀائو ڪرايو ڏنو اٿامائين.“ ڪا ڳنڍ يا سودو هوندو هئس ته ان کي پنھنجي جهوليءَ ۾ رکندو هو.

ريل ۾ چڙهندو ته ٽڪيٽ وٺي بار بار پيو  ان کي هٿ لائي ڏسندو، ته آهي يا ڪِري پئي. رش واري جڳهه تي کيسي ۾ پيل ٻٽون کي هٿ وجهي پڪڙي هلندو. بازار مان سودو وٺندو، ته هر شيءِ اٿلائي پٿلائي ڏسندو. سبزي وٺڻ مھل هڪ هڪ پٽاٽي توڙي ٽماٽي کي ڦيرائي ڦيرائي ڏسندو. صوف ۽ نارنگيءَ  کي سنگهي پڪ ڪري وٺندو. پيسا ڳڻڻ وقت هر نوٽ کي آڱر زبان تي هڻي ڳڻي مٿي ڪري نوٽ جي وچ واري لڪير ڏسي پڪ ڪندو ڪوڙو يا ڪٿان ڦاٽل ته ناهي. هڪ ڀيري واٽ ويندي اوچتو پٺيان ڪتي اچي پاچي کي سٽ ڏنس کيس لڳو ته چڪ هڻي ويو. ان مھل سرڪاري اسپتال ڏي ڀڳو. ڊاڪٽر سندس ڄنگهه ڏسي چيو:

”خير جھڙي ڳالھه آهي، ڪتي صرف پانچي ۾ وات وڌو آهي.“ پر محمد بخش مطمئن نه ٿيو، سوچيائين سرڪاري ڊاڪٽر جان ڇڏائڻ لاءِ چئي ڇڏيو، سو سڌو خانگي ڪلينڪ تي ويو. اتي به ڊاڪٽر سندس ڄنگھه کي ڏسي چيو ته ڪجهه ناهي. تڏهن به کيس اطمينان نه ٿيو. ائين ٻن ٻين ڊاڪٽرن کان به پڪ ورتائين.

جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ چيس ”يار ڪلھه تو ۾ ڪم هو ڏاڍو ڳولهيم. پر نه ملي سگهئين.“ چوندس ”ڪھڙو ڪم هو؟“  ان ڪم ٻڌايس ته ٺيڪ نه ته ان کان ڪم پڇي ئي سڪون ڪندو.

پٽ اچي جوان ٿيا هئس، تڏهن به هو انھن کي ننڍڙن ٻارن جيان نصيحتون ڪندو هو. ”اجايو ٻاهر اڪيلا نه گهمو، ڪنھن کان ڪا شيءِ وٺي نه کائجو.“ ڌيءُ جڏهن اسڪول ويندي هئس، تڏهن پابنديءَ سان وٺڻ ۽ ڇڏڻ ويندو هئس. هن جي زال شھزادي اڄ تائين شاديءَ جي پھرين رات واري ڳالھه ياد ڪري ٽھڪ ڏئي کلي پوندي آهي. جڏهن لائن کان بعد هو ٻئي ڪمري ۾ اڪيلا ٿيا هئا. هوءَ پلنگ جي وچ تي ڪنوار واري ڳاڙهي جوڙي ۾ سورنھن سينگار ڪيون ويٺي هئي. هن ساهيڙين کان ٻڌو هو ته شاديءَ رات گهوٽ ڪنوار جي سونھن جي گهڻي تعريف ڪندو آهي. هن به دل ۾ سوچيو پئي ته سندس گهوٽ ايندو ۽ هن جو گهونگٽ مٿي کڻي هن جي حسن ۽ جمال جي تعريف ڪندو ۽ سندس نيڻن جي ساگر ۾ گم ٿي ويندو. هوءَ هئي به اهڙي چنڊ جھڙو چھرو، نانگ جھڙا ڊگها ڪارا وار، چپ سنڌوءَ جي ڪنارن جھڙا کيس ماڻڻ لاءِ ڪيترن ئي ننھن چوٽيءَ جو زور لڳايو هو، پر سندس پيءُ، ڌيءُ جو سڱ ٻاهر ڪرڻ بجاءِ پنھنجي ڀائٽي محمد بخش سان ڪيو هو.  شاديءَ جي سيج تي ويٺي شھزاديءَ جي دل ۽ دماغ ۾ ڪيترائي حسين خيال پئي ڦريا. جڏهن محمد بخش سندس گهونگٽ مٿي کنيو هو ته هن جي سوچن جي ابتڙ پھريون سوال ڪيو هئائينس.

”ڏي خبر نڪاح ۾ ها ته ٽي ڀيرا پڪ سان ڪئي هيئي!؟“

هن جي عجيب غريب سوال شھزاديءَ اڳيان حيرت جا واهڙ وهائي ڇڏيا هئا. هوءَ نه چاهيندي به ٽھڪ ڏئي کلي پئي هئي. پوءِ کل کي روڪيندي چيو هئائين:

”ٽي نه ڇھه ڀيرا ها ڪئي هيم!“

”هان! ڇھه ڀيرا، ايترا ڇو؟“

”ٽي ڀيرا زبان سان ۽ ٽي ڀيرا دل سان!“

شھزاديءَ سوچيو هو ته هن جي ان جواب تي هو خوش ٿي پوندو. نيڻ نيڻ سان ملائي ساڻس عمر ڀر پيار سک ۽ ساٿ نڀائڻ جا قول ۽ قرار ڪندو، پر محمد بخش اهڙو ڪجهه به نه ڪيو. رڳو سندس زبان مان سکڻا لفظ نڪتا.

”بس دل سان چوڻ جي ضرورت ڪانه هئي. زبان سان ئي ڪافي هو.“

شھزادي هن جي اهڙي غير رومانوي جواب تي تپي باھه ٿي وئي هئي. دل ۾ خيال آيس ته ٻه ٽي مڪون وهائي ڪڍانس پر الائي ڇو صبر ڪري وئي.

زال جڏهن گهر جي ٻھاري ڏيندي هيس يا ٿانون ڌوئندي هئي ته هو سندس ڪم مان مطمئن نه ٿيندو هو ۽ پاڻ ٻھاري ڏيڻ ۽ ٿانون ڌوئڻ شروع ڪري ڏيندو هو. تڏهن  اوڙي پاڙي وارا مٿس ٽوڪون ڪندي مائي جو ماريل جھڙا لقب به پيا ڏيندا هيس. پٽ ۽ زال کيس گهڻو سمجهائيندا هئا پر محمد بخش کي سمجهائڻ ڀت سان مٿو هڻڻ برابر هو.

معمول واري ان هورا کورا ۾ نيٺ اک لڳي ويس. محمد بخش رات ڀلي بي چين روح جيان گذاري پر صبح جو ننڊ مان سوير اٿي تيار ٿي ناشتو ڪري آفيس پھچڻ سندس معمول هو. آفيس ۾ لوئر اسٽاپ کان پوءِ هو پھريون ماڻھو هوندو هو جيڪو وقت تي پھچندو هو. آفيس جا ٻيا ملازم هر فائيل کان ويندي ڪنھن بل کي پاس ڪرڻ تائين خرچي کانسواءِ ڪم نه ڪندا هئا. محمد بخش انھن کان مختلف هو. ڪنھن کان ٽڪو نه وٺندو هو. پٽيوالي کي ڪو ڪاغذ يا فائيل رکڻ لاءِ ڏيندو هو ته بار بار پيو تاڪيد ڪندو هيس.

”فائيل ٿانيڪو ڪري رکجان. ٻئي ڪنھن فائيل يا شيءِ کي نه اٿلائجان.“

 جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪم ڪري کيس فائيل موٽائي ڏيندو ته ان کان پني تي لکت وٺندو پوءِ به پيو هر هر چوندس ته ”ادا پنھنجي امانت کنيو پيو وڃي.“ هو صبح سان ئي ڊينگلا ڪرائي ٽيبل تي رکي ڇڏيندو هو. ڪنھن به فقير کي خالي نه موٽائيندو هو. موڪل مھل گهر وڃڻ کان پھرين پنھنجي ذمي وارين شين کي پاڻ ضرور وڃي ڏسي ڪري اطمنان ڪندو هو. آفيس جا ملازم اڪثر ساڻس ڀوڳ چرچا پيا ڪندا هئا. هڪ دوست ڀوڳ ڪندي چيس.

”يار جڏهن تون مري ويندين. مائٽ قبر ۾ پوري مٽي وجهي ويندئي تڏهن به مطمئن نه ٿيندين. الڪو هوندئي ته صحيح پورين الائي نه مٽي وڌن الائي نه! ڪو اچي کوٽي ڪڍي نه وڃي.“

 ڳالھه ڪري اهو همراھ ٽھڪن ۾ پئجي ويو هو.

چوڻ ڪارڻ ته هن کڻي ڀوڳ ڪيو پر محمد بخش کي وڏي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيائين. هن جو اهو ڀوڳ سندس دل تي نقش ٿي ويو. کيس الڪو ورائي ويو ته واقعي به ڪو قبر کوٽي ڪڍي وڃي ته پوءِ...!؟

 ان پريشانيءَ اندر ۾ بيچيني ۽ بيقراري ڏئي ڇڏيس. دوست وارو ڀوڳ دماغ ۾ لاٽون جيان ڦري رهيو هيس. موڪل کانپوءِ گهر پھتو ته چپ چاپ اچي کٽ تي ويهي رهيو. شھزادي پاڻيءَ جو گلاس کڻي آيس.

”نه اڃ ڪونھي.“ کيس رخو جواب ڏنائين.

”ڇو طبعيت ته ٺيڪ اٿئي؟“

شھزاديءَ گلاس پاسي تي رکي پنھنجي آلي هٿ کي رئي سان اگهي سندس نرڙ تي گهمائيندي چيو:

”ٻڌ شھزادي هڪ ڳالھه چوانءِ؟“

”ها هڪ ڇو  هزار چئو.“

”مان جي مري وڃان، پورڻ کانپوءِ ڪير قبر کوٽي وڃي ته پوءِ..!!“

 هوءَ سندس عجيب غريب ڳالھه ٻڌي حيرت ۾ پئجي وئي.

”خير گهر، ڪا مھل ڪنھن جھڙي، وات مان وائي ته چڱي ڪڍ. الله کان پوءِ تنھنجو ئي ته سھارو آهي.“

”گهٻراءِ نه توهان جو بندوبست ڪري ڇڏيو اٿم. مون کان پوءِ ڏکيو ڏينھن نه ڏسندينءَ. جي پي فنڊ، گريجوئٽي. پينشن ملندئي. انشورنس ان کان سواءِ آهي. “

”مان اهڙن پيسن کي ئي باھه ڏيان. الله توکي ڏينھن ڏئي.“ شھزاديءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي اچي ڳلن تي پھتا.

”روءِ نه چري مان به اڄ ڪو نه ٿو مران. جڏهن مرندس تڏهن جي لاءِ ٿو چوانءِ.“

شھزادي ڪاوڙ مان اٿي هلي وئي ته سندس اک لڳي وئي. هن ڏٺو ته هو مري ويو آهي ۽ کيس قبر ۾ دفنائي رهيا آهن. ماڻھو جڏهن دفنائي هليا ويا ته پويان هڪ ڀوائتو وجود جنھن جو کجيءَ جيڏو ڊگهو قد، ڊامبر جھڙي ڪاري شڪل، ٽانڊي جيان ٻرندڙ اکيون، گهوٻي جھڙا ڊگها ڪارا ڏند، بيلچي جھڙا هٿ هئس، اچي سندس قبر کي کوٽڻ لڳو ڊڄ ۾ هو ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. خوف سبب ائين ڏڪي رهيو هو جيئن تن اگهاڙو سرديءَ ۾ ڏڪندو آهي. 

 شام جو هو قبرستان ڏسڻ لاءِ نڪري پيو. قبرستان ٻاهران بيھي نھار ڪيائين ته اندر کٻڙ جي وڻ هيٺان چار پنج موالي ويٺل هئا.  سنڌي ٻٻر جي هيٺان هڪڙو ڪتو ٻن قبرن جي وچ ۾ هڪ قبر تي منڍي، ته ٻئي تي پير رکيون ستو پيو هو. هڪ منڊو گڏھه ٻوڙا چري رهيو هو. هڪڙي قبر جي مٿان عورت ٽن ٻارن سان گڏ دعا گهري رهي هئي. ڏکڻ واري پاسي کان شھر جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري کڏ جو پاڻي مٿي چڙهي رهيو هو. اتي بيٺي هن کي صورتحال صفا غير مطمئن ڪندڙ لڳي. کيس لڳو قبرستان ته سخت خطري ۾ آهي. هتان قبر کي کوٽڻ  صفا سولي ڳالھه آهي. ڪو به جانور يا ماڻھو سولائي سان ڪٿان به ڪهڙي پاسي کان اچي قبر سان جيڪو حشر وڻيس ڪري سگهي ٿو. مان ته کڻي جڏهن مران پر بابو، امان، ڏاڏو ڏاڏي اُهي ته هتي پوريل آهن. جيڪڏهن انھن جون قبرون کوٽجي ويون ته قيامت ۾ کين ڪھڙو جواب ڏيندس. انھن ئي خيالن سان گڏ سندس دل ۾ سوال اٿيو ته قبرن کي ڪيئن بچائجي. هو ڳپل دير ان بابت سوچيندو رهيو پر ڪو خاطر خواھه حل ذهن ۾ نه آيس.

ٻئي ڏينھن به ڊيوٽيءَ تان موٽندي هو قبرستان وٽ بيھي رهيو. سندس ذهن ۾ اهو ئي سوال ڦري رهيو هو ته قبرن کي ڪيئن محفوظ ڪجي. هن قبرستان جي چئن پاسن ڏي نھاريو جيڪي کليل هئا ڪٿان به ڪا رنڊ روڪ ڪو نه هئي. اوچتو سندس ئي دماغ کيس مسئلي جو حل ٻڌائي ڇڏيو.

”جيڪڏهن قبرستان کي چوديواري  هجي ته قبرون بچي وينديون.“

هن جي چپن تي مرڪ تري آئي. کيس قبرن کي بچائڻ جو تڪڙو ۽ فوري حل اهو ئي لڳو. اهو خيال ڪري هو ٽائون آفيس هليو ويو. ٽائون آفيسر سان ملي کيس مسئلي کان آگاھه ڪيائين ته هن سندس ڳالھه ٻڌي کيس دلجاءِ ڏيندي آسرو ڏنو.

”حاضر ٻن ڏينھن ۾ ڪم شروع ڪرايون ٿا.“

محمد بخش هن جي جواب  تي روانو ٿي ويو. ساندھ چار ڏينھن هو قبرستان تي ڪم ڏسڻ ويو. پر نه ڪا سر هئي نه ئي ڪو رازو يا مزدور. پنجين ڏينھن هو ٻيھر ٽائون آفيس پھتو.

ٽائون آفيسر کيس ڏسي ائين چڙ کاڌي جيئن دڪاندار  اوڌر واري گراهڪ تي کائيندو آهي.

”ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟ هن کائنس وڏي بي رخيءَ مان پڇيو، ”سائين قبرستان کي چوديواري ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو هيم.“

”عقل جي ڳالھه ڪر ميان! هن ملڪ ۾ ماڻھو ڄمن ٿورا ۽ مرن گهڻا ٿا. قبرستان کي چوديواري ڏئي سوڙهو ڪري ڇڏيون سڀاڻي ماڻھو مرن ته پوربا ڪٿي!؟

”سائين پوءِ ٻيو ڪو قبرستان ٺاهي وٺجو.“

”ميان عقل سان تنھنجي ڪا وڏي دشمني آهي. اڙي شھر ۾ ڪو خالي پلاٽ بچيو آهي، جتي قبرستان ٺاهيون؟“ محمد بخش جي پٺيان بيٺل نائب قاصد پنھنجي اشھد آڱر کي لوندڙيءَ وٽ ڦيرائيندي اشاري سان صاحب کي سمجهايو ته سائڪو آهي. صاحب هن جي اشاري کي سمجهي طنزيه مرڪندي چيس: ”تون ماٺ ڪري وڃي گهر سمهي پئو . قبرستان ۾ مئا سڪون سان ستا پيا آهن. تون انھن جي ڪري پاڻ کي ٽينشن نه ڏئي.“

”مان ماٺ ڪري نه ويھندس توهان جي خلاف احتجاج ڪندس.“ محمد بخش ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو سندس جسم ٿڙڪي رهيو هو اٿي روانو ٿيو ته پٺيان آفيس جا سڀ ملازم مٿس ٽھڪ ڏئي کلندا رهيا.

ٻئي ڏينھن محمد بخش آفيس ۾ هڪ هفتي جي موڪل جي درخواست ڏئي. ٽائون جي سامھون ”قبرستان کي چوديواري ڏياريو.“ واري مطالبي جو بينر لڳائي بک هڙتال تي ويھي رهيو. ٽائون آفيسر توڙي ٻئي عملي جي مٿس نظر پئي ته کلڻ لڳا. ڪنھن سندس نوٽيس نه ورتو. روڊ سان گذرندڙ ماڻھو به کيس ڏسندا هلندا رهيا. ان ڏينھن وٽس جيڪڏهن ڪير لڙي آيو ته اهي مکيون، ڪوليون ۽ ماڪوڙا هئا.

محمد بخش به مُڙڻ وارن مان نه هو، ٻئي ڏينھن وري اچي ويھي رهيو. کيس آسرو هو ته ميڊيا وارا اچي سندس موقف ضرور معلوم ڪندا. پر ڪو به وٽس نه آيو، ڇو جو اڪثر ميڊيا وارا ٽائون مان ئي پگهار کڻندڙ هئا. منجهند ڌاران ڪي نوجوان وٽس لڙي آيا. انھن مان ڪجهه ساڻس گڏ ويٺا هڪ نوجوان سندس احتجاج کي لائيو سوشل ميڊيا تي هلايو. جنھن ۾ محمد بخش موقف ڏيندي چيو ته، ”قبرستان ۾ مردهه غير محفوظ آهن. ڪيترائي جانور قبرن کي لتاڙي رهيا آهن. موالي نشو واپرائي رهيا آهن، سڄو ڏينھن قبرن جي بي حرمتي ٿي رهي آهي. ڪيڏي مھل به ڪا قبر کوٽجي سگهي ٿي، ان ڪري چوديواري ضروري آهي.“

 هن جي موقف ڪيترن ماڻھن جي ضمير کي چُھنڊڙي هنئي ته هوريان هوريان شھرين جو وڏو انگ سندس احتجاج ۾ شامل ٿي ويو. چوٿين ڏينھن ماڻھن جو وڏو انگ ٽائون جي ٻاهران بک هڙتال تي ويٺل هو. ٽائون آفيسر کي عملي صورتحال جي سنگينيءَ کان آگاهه ڪيو. هن پنھنجي آفيس جي سينئير ملازم کي رازداريءَ سان سمجهائيندي چيو، ”وڃ همراهه سان ملي ٻه ٽي روپيا ڏئي اٿارينس.“ ملازم ٽائون آفيسر جو نياپو کڻي محمد بخش وٽ پھتو.

”صاحب چوي ٿو بک هڙتال ختم ڪر. جيڪا خرچي چوي ڏينداسين.“ پر محمد بخش جي ٻولي ئي هڪڙي، چوديواري کانسواءِ نه اٿندس.

 نيٺ ٽائون آفيسر مجبور ٿي دل تي پٿر رکي محمد بخش جي بُک هڙتال ڪيمپ ڏانھن ائين قدم کڻي هلڻ لڳو، جيئن سرگس جو رنگ ماسٽر تار تي هلندو آهي.  ڪيمپ تي پھچي سوين شھرين جي موجودگيءَ ۾ هن لکت ۾ خاطري ڪرائي ته ٻن ڏينھن اندر چوديواريءَ جي تعمير شروع ڪرائي ويندي.  ڪم شروع ٿيو ته هو روزانو ڪم کي ڏسڻ لاءِ ويندو هو. پندرنھن ڏينھن ۾ جڏهن چوديواري ٺھي وئي تڏهن محمد بخش مطمئن ٿيو هو الائي نه.... !!؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org