سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:17 

ريحانه فتح خان

 

 

 

گورنمينٽ تعلقه بوائز پرائمري اسڪول جي تاريخ

۽ ذاتي مشاهدي جو احوال

 

هيءُ تفصيلي مضمون تعليمي، تاريخي، سماجي ۽ لساني لحاظ کان نھايت اهميت جو حامل آهي، ۽ عمرڪوٽ جي تعليمي ورثي جو هڪ جامع احوال پيش ڪري ٿو. هيءُ مضمون نه فقط گورنمينٽ تعلقه مين پرائمري اسڪول 170 سالن جي تاريخ کي محفوظ ڪري ٿو، پر ان سان لاڳاپيل سياسي، لساني، سماجي ۽ معاشي پسمنظر کي به اجاگر ڪري ٿو ۽ تحقيقي مواد ۾ دلچسپي رکندڙ لاءِ بھترين تحفو آھي.

مارچ 2022ع ۾ جڏهن مون آءِ.بي.اي ٽيسٽ پاس ڪري، فيز ون ۾ پي.ايس.ٽي طور تعلقي اسڪول عمرڪوٽ ۾ منھنجي مقرري ٿي ته  ھن  تاريخي اسڪول جو حصو ٿيڻ تي مونکي بيحد خوشي ٿي ھئي،

مون هتي ڇھه مھينا نوڪري ڪئي. ان دوران مون نه صرف ٻارن کي پڙهايو، پر مون پاڻ به گهڻو ڪجهه پرايو. اھي فقط ڏينھن ڪونه ھئا پر شاگردن سان پنھنجائپ جي رشتن، احساسن، ۽ يادگيرين جو نالو پڻ آهي.

انھيءَ سفر دوران مون کي جيڪو تاريخي مواد، حوالا، ۽ معلومات حاصل ٿي، اها سڀ ڪجهه مان پنھنجن ٻن استادن، سائين يوسف ۽ سائين ھمير خان بجير جي، رهبري، ۽ تعاون سان حاصل ڪري سگهي آھيان.

اهي ٻئي استاد نه رڳو معلومات جا خزانا آھن پر علمي روشني جا مينار پڻ آهن. سائين ھمير خان بجير جي ڪتابن سان دلچسپي، تاريخي ڳولا، ۽ ڪتابي حوالن جي ڄاڻ  ڏني، پر سائين محمد يوسف ڪنڀار صاحب جي زباني روايتن، ياداشت تي ٻڌل حقيقتن، ۽ جذباتي لهجي منھنجي قلم کي رواني ڏني،

مون کي خوشي آهي ته سائين يوسف ۽ سائين ھمير خان جھڙن استادن جي رهنمائيءَ سان آءٌ به هن تاريخ جو حوالو لکي سگهي آھيان.

عمرڪوٽ شھر ۽ تعلقه مين پرائمري اسڪول جي مختصر تاريخ

عمرڪوٽ جتي تاريخ، ثقافت، ۽ علم همعصر آهن.

سنڌ جو اوڀرئين حصي ۾ واقع قديم شھر عمرڪوٽ، تاريخ، تھذيب، ۽ علمي حوالي سان هڪ غير معمولي حيثيت رکي ٿو. هي شھر نه صرف مغل بادشاهه جلال الدين محمد اڪبر جي پيدائش واري جاءِ طور سڃاتو وڃي ٿو، پر هي خطو راجپوتن جي بھادري، مومل راڻي جي داستان توڙي علم، ادب ۽ تعليم جي ميدان ۾ به هن علائقي جو هڪ نمايان مقام رهيو آهي. ورهاڱي کان اڳ جي تعليمي نظام کان وٺي جديد دور جي ڊجيٽل تعليم تائين، عمرڪوٽ  علمي حوالي سان اهم مرڪز رهيو آهي.

1854ع ۾ عمرڪوٽ ۾ هڪ علمي ادارو وجود ۾ آيو، جيڪو اڄ گورنمينٽ تعلقه مين پرائمري اسڪول عمرڪوٽ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي اسڪول رڳو درسي مواد سيکارڻ جو مرڪز نه رهيو آهي، پر نسلن جي ذهنن کي تراشي، شخصيتن کي سنواري واٽ ڏيکارڻ ۽ سماج کي جاڳائڻ جي هڪ زنده روايت آهي.

سن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضي بعد، تعليم جو جديد سرشتي تحت بنياد وڌو. 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ملڻ کان پوءِ، اسڪولن ۾ سنڌي تعليم عام ٿي. انھن ئي تاريخي قدمن جي نتيجي ۾ 1854ع عمرڪوٽ ۾ هي اسڪول قائم ٿيو.

اسڪول بابت شروعاتي معلومات مان ڄاڻ ملي ٿي ته ان دؤر ۾ داخل ٿيندڙ اڪثريت شاگرد هندو برادري سان واسطو رکندا هئا، جيڪي پاٺشالن مان منتقل ٿي نئين تعليمي نظام جو حصو بڻيا، ان وقت جي داخلا، شاگردن جي ذات، ٻولي، ۽ استادن جي لسٽن جو رڪارڊ موجود آهي. ان رجسٽر ۾ سنڌي، عربي، ۽ فارسي ٻولين جو استعمال ٿئي ٿو، جيڪو ان وقت جي لساني ۽ سماجي صورتحال جو عڪاس آهي.

شروعاتي دور ۾ هن اسڪول جو مقصد هيو ته سنڌ جي مقامي ماڻھن کي عربي، فارسي، ۽ سنڌي زبانن سان آشنا ڪري، انھن ۾ اخلاقي تربيت، انتظامي فھم ۽ مطالعو پيدا ڪيو وڃي. ان سان گڏ انگريزي تعليم جو به سلسلو شروع ٿيو، جيئن مقامي شاگرد مستقبل ۾ حڪومت جي سرشتي ۾ به حصيدار بڻجي سگهن.

هن اسڪول جي پراڻي رڪارڊ جا فائل ۽ رجسٽر بلڪه اھي تاريخ جا زنده دستاويز آهن، جيڪي نه رڳو سنڌ جي تعليم، بلڪه سماج، ٻولي، طبقاتي ڍانچي، مذھبي رواداري ۽ سياسي تبديلين جا گواهه به آھن. انھن ۾ رڳو ڪاغذن جي قطار نه آهي، پر اهو انھن صدين تي پکڙيل تاريخ جو مجموعو آهي، جتي سنڌ جي سماج، زبان، ثقافت، طبقاتي ڍانچي ۽ تعليمي شعور جي تبديلي جا اثر نمايان نظر اچن ٿا.

اسڪول جو سڀ کان اهم ۽ قيمتي دستاويز جنرل رجسٽر آهي، جيڪو ميونسپل ڪاميٽي عمرڪوٽ کان تصديق شده آھي جنھن ذريعي اسڪول ۾ شروعاتي داخلا جو طريقيڪار ڏسي سگھجي ٿو، پراڻي دؤر ۾ شاگرد جي داخلا ڪنھن جديد ڊيٽابيس ۾ نه، پر هٿ سان لکيل رجسٽر تي ٿيندي هئي. داخلا لاءِ شاگرد جي عمر بابت سندن والد جو بيان ئي ”سرٽيفڪيٽ“ سمجهيو ويندو هو.

نئين تعليمي سال جي شروعات تي خاص داخلا مھم هلندي هئي.

سالياني حاضري، نرمي/سزا جو ذڪر، ۽ استادن جون بدليون ۽ مقرريون به رجسٽر ۾ درج ٿينديون هيون. ٽالپرن جو دؤر فارسي جي تعليم جو بنياد ھو، جيڪو برطانوي دؤر ۾ آهستي آهستي گھٽجي ويو. 1854ع کان پوءِ سنڌي رسم الخط لاڳو ٿيو، جنھن جو اثر رجسٽر جي زبان تي به پيو. 1992ع ۾ انگريزي سبجيڪٽ طور لازمي بڻجڻ کان پوءِ، ڪجهه رجسٽرن ۾ انگريزي اصطلاحات ۽ سبجيڪٽس جو پڻ ذڪر ملڻ لڳو، رجسٽر جي صفحن تي قلمي مس، خوشخطي، تاريخي اصطلاحات ۽ شاگردن جي داخلا سان سماجي ڍانچن جي تبديلي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

مثال طور: ان زماني  ۾ هندو شاگردن جي اڪثريت هوندي هئي، اسڪول جي رڪارڊ موجب ورهاڱي کان پوءِ مھاجر آبادي جي آمد سان نون نالن ۽ ذاتين جو اضافو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، 1990ع تائين ڇوڪرين جي داخلا ۾ تيزي ڏسجي ٿي. ڪيترن ئي سالن جا رجسٽر وقت، موسم، بي ڌياني ۽ وسيلن جي کوٽ سبب خراب ٿي ويا يا گم ٿي ويا آھن.

هي رڪارڊ رڳو پڙهائي جو لاگ نه پر عمرڪوٽ جي تعليمي ارتقا،مذھبي، طبقاتي ۽ ثقافتي تبديلي، استادن جي اچ وڃ، مضمونن جي تبديلي، سرڪاري پاليسين جو نفاذ ۽ ادبي، ادارياتي تحريڪن جي ڦھلاءُ جو به ثبوت آهي. هي رڪارڊ ماضي جي روشني ۾ حال کي سمجهڻ ۽ مستقبل لاءِ رستو هموار ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو.

ورهاڱي کان پوءِ جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو، تڏهن به عمرڪوٽ تعليمي لحاظ کان پوئتي نه رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هندن جي وڏي لڏپلاڻ، ۽ استادن جي اڻاٺ باوجود، اسڪول جو تعليمي تسلسل برقرار رهيو. اسڪول جي ديوار تي لڳل هڪ تختي، جتي 1946ع کان 2024ع تائين جي هيڊ ماسترن جا نالا درج ٿيل آهن، اُن تعليمي سفر جي زنده گواهي آهي.

ورهاڱي کان اڳ جي هيڊ ماسترن جي مقرري مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسڪول 1940ع واري ڏهاڪي ۾ مڪمل اداري طور ڪم ڪري رهيو هو. جيتوڻيڪ 1974ع کان اڳ اسڪول جو رڪارڊ اڻپورو يا مختصر آهي، پر 1970ع کان پوءِ استقامت ۽ رڪارڊ رکڻ جي واضح واڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.جديد دؤر ۾ تعليمي قابليتن (MA, M.Ed, PTC, MSc) سان هيڊ ماستر مقرر ٿيا، جيڪو پڌرو ڪري ٿو ته ادارو تدريسي معيار تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. موجوده وقت ۾ خاص طور تي 2017ع کان پوءِ، اسڪول جي ترقي، ڪمپيوٽر ليب، سولر سسٽم، ملٽي ميڊيا ڪلاسز وغيره جي سڌاري سان جڙيل آهي. تعلقه مين پرائمري اسڪول عمرڪوٽ جو بورڊ اسڪول جي هيڊ ماسترن جي تاريخي مقررين جو اهم دستاويز آهي، جيڪو اسڪول جي ادارتي تسلسل، قيادت جي تبديلين ۽ تعليمي عمل جي ارتقا کي سمجهڻ لاءِ انتھائي اهم آهي.

اسڪول جي رڪارڊ ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته هن اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ ڪيترائي شاگرد اڳتي هلي پنھنجي پنھنجي وقت جا وڏا هاڪاري، ڪردار بڻيا جن سماجي ڀلائي ۾ وڏو نالو ڪمايو ۽ پڻ مختلف شعبن ۾ رهي سنڌ توڙي هن علائقي جي خدمت ڪئي.

ڪجھه شاگرد ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي به پنھنجو نالو روشن ڪري چڪا آهن.

هتي ڪجهه اهم شخصيتن جو مختصر احوال پيش ڪجي ٿو:

1. رئيس الله داد کوسو

معزز سياسي اڳواڻ، غريبن جي آواز ۽ برادريءَ جو رهنما.

(سندس خاندان جا ٻيا معزز شخصيتون):

– رئيس غلام محمد کوسو (ميونسپلٽي ميمبر)

– رئيس آغا فيض محمد کوسو

– مرحوم غضنفر عرف مور کوسو (علم دوست ۽ سماجي شخصيت)

2. رئيس الله بچايو کوسو

(ولد رئيس الله داد کوسو) عوامي خدمت جو علم بلند رکڻ وارو، سندس پٽ رئيس عبدالستار کوسو پڻ سماجي خدمتن ۾ سرگرم.

3. دوست محمد راهمون

سماجي شعور، برابري، ۽ انسان دوستيءَ جو نمائندو، فڪر ۽ عمل سان عمرڪوٽ جي دلين ۾ جاءِ ٺاهيندڙ.

4. رئيس عبدالرسول کوسو

سابق بينڪ مينيجر، سندس پٽ:

– ڊاڪٽر سجاد کوسو

HEC اسڪالرشپ تحت ڪيوبا مان ميڊيڪل ڊگري، هاڻ پيراگوائي ۾ پبلڪ هيلٿ، سرحدي طبي خدمتون، IPS ميڊيڪل آفيسر، ۽ علائقائي اسپتال جو هيڊ آف سروس.

5. ڊاڪٽر لالچند کتري

عمرڪوٽ جو نالو وٺڻ سان جنھن جي طب جي خدمت جو حوالو اچي ٿو، پنھنجن فرزندن ڊاڪٽر مدن لال کتري ۽ (مرحوم) ڊاڪٽر روپ کتري (سونولاجسٽ) سميت ساڳئي اسڪول مان  بنيادي تعليم پرائي طب جي شعبي ۾ نه فقط ماهر ثابت ٿيا، پر اخلاق، سادگي، ۽ خدمت جي علامت بڻيا.

ڊاڪٽر روپ کتري جي اوچتي وڇوڙي،طب جي دنيا توڙي عمرڪوٽ جي عوام لاءِ وڏو صدمو هو.

6. ڊاڪٽر جاويد کوسو

جانورن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر (ويٽرنري سرجن)، جنھن جديد ويٽرنري علمن ۾ مھارت حاصل ڪري، پنھنجي علم، خدمتن، ۽ انساني سانحي سان نه رڳو عمرڪوٽ، پر سڄي علائقي ۾ نالو پيدا ڪيو. تعلقه اسڪول مان شروعاتي تعليم حاصل ڪري، علم کي عمل ۽ خدمت جو وسيلو بڻايو.

7. ڊاڪٽر مدن مالهي

(جنرل فزيشن) ۽ ڊاڪٽر مڪيش مالهي

(دل جي بيمارين جو ماهر)

ٻنھي ڀائرن جو تعلق به تعلقه اسڪول سان آهي، طب جي شعبي ۾ سڃاڻپ حاصل ڪندڙ.

8. بشير احمد کوسو

اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر- ايليمنٽري، سيڪنڊري ۽ هاءِ سيڪنڊري تعليم (ES&HS DEO Umerkot)

تعليم جي شعبي ۾ مخلص، موثر، ۽ مثالي خدمتون سرانجام ڏيندڙ، جنھن ضلعي جي اسڪولن جي ڪارڪردگي، حاضري، ۽ تعليمي معيار کي بھتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

9. ڊاڪٽر جئي ڪمار مالهي

صحت جي شعبي ۾ نمايان حيثيت رکندڙ، باصلاحيت طبي ماهر.

10. پرڪاش کتري

ريجنل آپريشنل مينيجر، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان (South Karachi)، بينڪنگ شعبي ۾ نمايان نالو.

11. ڊاڪٽر وجئي کتري

قابل طبي ماهر، پنھنجي علم ۽ خدمتن سان نالو روشن ڪندڙ.

12. اشوڪ مالهي

15 سال MCB ۾، پوءِ ڪميشن پاس ڪري نئشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ مئنيجر، مالي شعبي ۾ ڪامياب ڪيريئر.

13. شڪيل احمد کوسو

ڪاليج سپرنٽينڊنٽ، ميرپورخاص، تعليمي شعبي ۾ سڃاڻپ حاصل ڪندڙ.

14. ٽي اي او الله بخش کوسو

تعليمي پاليسين جي عملداريءَ لاءِ سرگرم، سچو ۽ عمل پسند اڳواڻ.

15. همير خان بجير

(هيڊ ماستر، اوور ڪرائوڊ اسڪول-  ريڪارڊ ڪيپر)

هڪ بااخلاق، پُرخلوص، ۽ شاگردن جي رهنمائي لاءِ وقف استاد، جن جي تربيت ڪيترن ئي شاگردن جي شخصيت سنواري آھي.

16. ڊاڪٽر ڀاونا لالواڻي مهيشوري

ذھين شاگرديءَ کان وٺي، طب جي شعبي تائين نالو ڪمائيندڙ باصلاحيت طبي ماهر.

17. محمد وسيم ناگوري

(ولد محمد امين ناگوري) آسٽريليا ۾ مقيم، قابل ۽ پرعزم سوفٽويئر انجنيئر، جديد ٽيڪنالاجيءَ جو نمائندو.

18. ڊاڪٽر موھن مالهي

مشھور ٻارن جو ماهر ڊاڪٽر (پيڊياٽرڪ اسپيشلسٽ)، طبي مھارت سان عمرڪوٽ جو نالو روشن ڪندڙ.

19. ڊاڪٽر مولچند

ٻارن جو ماهر ڊاڪٽر، محبت ڀريو رويو، سماج ۾ معتبر حيثيت رکندڙ بھترين شخصيت جا مالڪ آھن.

عمرڪوٽ جون اهي معزز شخصيتون نه صرف پنھنجي محنت سان مٿي آيون، پر انھن استادَن جي مھرباني سان به، جن جي اخلاص، سادگي ۽ علم دوستي انھن لاءِ بنياد جو ڪم ڏنو.

گورنمينٽ تعلقه مين پرائمري اسڪول، عمرڪوٽ، صرف اسڪول نه پر هڪ روشن خوابن جي پوکيل ٻج جو باغ آهي، جنھن جا ميوا اڄ سنڌ  توڙي پاڪستان جي سڃاڻ بڻجي چڪا آهن.

اها تختي… اهو استاد… اُهو بيت

1947 کان اڳ جو پڙهائڻ وارو انداز، ڪاٺ جي تختي، مٽي جي سِليٽ، سُر سان بيت پڙهڻ جو هنر سکڻ، لفظن جي خوشخطي، ۽ ديني سبق سان گڏ دستڪاري، اهو سڀ ڪجهه تعليم کي رڳو ذهني تربيت نه، پر اخلاقي ۽ سماجي سجاڳيءَ جو عمل بڻائيندو هو. استاد لاءِ ڪا خاص تربيت هوندي هئي، ۽ ان کي معاشري جو محسن سمجهيو ويندو هو، جنھن جي پڳ عزت هئي.

 اسڪول ۾ 89 کان وڌيڪ ذاتين جا شاگرد تعليم پرائي چڪا آهن. 1. ميگھواڙ 2. ھندو لوھار 3. مالھي
4. ڪلال 5. ڀاٽيو (ھن وقت ڀاٽيا سڏائين ٿا) 6. ھندو کٽي
7. کوسا 8. شيخ 9. ھندو درزي 10. ھندو لھاڻو (لوھاڻا)
11. ھندو بجير 12. ھندو ڪراڙ (مھيشوري) 13. مسلمان ٻروچ 14. ھندو سونارو 15. ھندو برھمڻ 16. ھندو دراوڙ
17. شيدي (قمبراڻي) 18. ھندو سوٽھڙ 19. ڌوٻي (ڇيچ)
20. خاصخيلي 21. ھندو پنجابي (سک) 22. سيد 23. ھندو ڀاٽ 24. ھندو عامل 25. مسلمان باگراڻي 26. قريشي
27. ھندو ڀاٽ مالھين جو (حسب نسب درج ڪرڻ وارا )
28. مسلمان کوکر 29. ناريجو 30. ميربحر 31. پٺاڻ
32. مسلمان لوھار 33 . ابڙو 34. مسلمان نائي 35. ڪلر
36. ڪولھي 37. سنگراسي 38. قاضي 39. ھندو لکوار (لاک/ موتي جو ڪم ڪندڙ امير ھندو واپاري) 40. رند
41. ڪنڀار 42. ڀيل 43. جٽيا 44. پلي 45. کتري
46. راجپوت (ٺڪر) 47. ڇوڪري برھمڻ 48. مرزا
49. سوڍو 50. اوڏ 51. برھم کتري 52. ٽالپر 53. بنگلاڻي 54. پري (پوري) ٻاوا 55. اوسواڙچي 56. چانگ 57. ميمڻ 58. دھين 59. عرہ 60. سيد راجپوت 61. درس 62. ٻائو ھندو 63. مڱڻھار 64. چانھيا 65. سميجا 66. مسلمان گوڙ
67. ترڪ 68. ڀنگي پنھور 69. جوڻيجا 70. مھيشوري
71. مڱريا 72. سمان 73. برھمڻ شرما 74. مسلمان بجير 75. ٻالي شاھي (گجراتي /مارواڙي ) 76. ھندو ڪلال
 77. پنجابي لوھاڻا شامل آھن، 78. مسلمان مفتي
79. مسلمان مھاجر 80. قائم خاني 81. پنجابي راجپوت
82. ناگوري 83. لوڌي پٺاڻ 84. آرائين 85. راجپوت رانگڙ 86. جٽ 87. صديقي 88. اڌيپوري 89. يوسف زئي پٺاڻ شامل آھن.

 جنھن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عمرڪوٽ جو هي ادارو رواداري، ڀائپي،  ٻوليءَ جي آزادي جي اُن نموني کي پيش ڪري ٿو، جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافته معاشرن لاءِ به مشعل راھه بڻجي سگھي ٿو.

انگريزن جي سامراجي سوچن جي باوجود، هنن پاران سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪي ادبي، تعليمي ۽ انساني قدرن جا ڪم ڪيا ويا، تن کي اڄ جي جديد تعليمي پاليسين لاءِ پڻ مثال طور پيش ڪري سگهون ٿا.

جديد دور ۾ گورنمينٽ تعلقه مين بوائز پرائمري اسڪول جي تعليمي ماحول ۾ وقت جي تقاضائن مطابق جدت آندي ويئي آهي. اسڪول جو موجوده انچارج محمد يوسف ڪنڀار پنھجي مدد پاڻ تحت  اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليب، سولر سسٽم، ۽ ملٽي ميڊيا ذريعي تعليم ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو آهي. ان عمل مان ظاهر ٿئي ٿو، ته جيڪو استاد ذاتي جذبي سان ڪم ڪري، اهو نظامن کان سواءِ به نظام ٺاهي سگهي ٿو. پر حقيقت اھا به آھي ته اسان وٽ تعليم جو ڍانچو ته موجود آهي، پر تعليم لاءِ اهو جذبو ۽ جستجو بِنھه گهٽ آهي، جنھن جي ضرورت گهڻي آهي. جيڪڏهن اڄ به اسان عمرڪوٽ جھڙن شھرن جي پراڻن اسڪولن کي وساري ڇڏينداسين ته نئون نظام ڪيڏو به جديد هجي، اهو جڙ کان ڪٽيل هوندو. ڇاڪاڻ جو اسان کي رڳو ادارا نه، پر انھن سان جڙيل يادون ۽ تاريخ، به بچائڻي پوندي. تعليم فقط علم جو نالو ناهي، تعليم تاريخ جو تسلسل، سماج جو ترجمان، ۽ قوم جي سڃاڻپ آھي.

سنڌي ٻوليءَ جي تعليم بابت تشويش وڌي رهي آهي. هاڻ ته ڪيترن ئي سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي کي اختياري يا ثانوي اهميت ڏني وڃي پئي، جيڪڏهن سرڪاري پاليسين ۾ واضح طور تي سنڌي کي مادري زبان طور اڳڀرائي نه ڏني ويئي، ته سنڌ جي ڪيترن ئي  تاريخي اسڪولن جو وجود بي معنيٰ ٿي پوندو.

ڪجهه پراڻا رجسٽر وقت جي ويراني سبب جزوي طور متاثر آهن. ڪجهه رڪارڊ ضلعي تعليم کاتي وٽ منتقل ٿي چڪا آهن. ڪاغذن جي حفاظت لاءِ ڪو منظم نظام نه هجڻ ڪري ڪيترن ئي سالن جا اندراج اڻپورا يا گم ٿيل آهن. اسڪول وٽ آرڪائيوز يا ڊجيٽل فارميٽ ۾ ڪو به نظام موجود نه آهي، جيڪو وقت جي ضرورت بڻجي چڪو آهي. جديد دور ۾ ڪتابن جي فراهمي محدود آهي. درسي ڪتابن کانسواءِ ٻيا ادبي ڪتاب، ريڪارڊ يا مطالعي جو سامان نه آهي.

گورنمينٽ تعلقه مين بوائز پرائمري اسڪول عمرڪوٽ جو پراڻو ريڪارڊ، سندس عمارت، رجسٽر، ۽ تدريس جو انداز سڀ گڏجي هڪ تعليمي تاريخ جو زنده مثال آهن. اهو ادارو نه رڳو نصابي تعليم پر سماج جي تنوع، علم جي طبقن، ۽ سنڌي ٻولي جي واڌاري جو امين پڻ رهيو آهي.

اسان جي ذميواري آهي ته: جنرل رجسٽر سميت سموري رڪارڊ کي ڊجيٽل ڪيو وڃي. آرڪائيو سينٽر ٺھرايا وڃن. اسڪول جي تاريخ کي تحقيقي مواد طور محفوظ ڪيو وڃي. ڪتابخانو، تربيت، ۽ يادگاري عمارتن جي بحالي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. لائبريريون نه هجڻ علمي فضا کي بي جان بڻائي ڇڏيو آهي. پھرين کان ٽئين درجي تائين امتحان نه وٺڻ واري پاليسي ٻارن جي لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه کي نقصان پھچائي رهي آهي. فيميل ٽيچرز جي گهٽتائي خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ تعليم کي ڏکيو بڻائي ٿي. سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ اثرائتي پاليسيءَ جو نه هجڻ سڀ کان ڳڻتي جوڳي ڳالھه آهي. ٽالپرن جي دور کان فارسي جي تعليم، مڪتب خانن، سنسڪرت پاٺشالن، ۽ مذهبي رهنمائن جي وسيلي حاصل ٿيندڙ تعليم، برطانوي نظام تحت جديد اسڪولنگ کان ھيل تائين 170 سالن جو هيءُ سفر هڪ اهڙو ادبي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي تسلسل آهي، جيڪو عمرڪوٽ کي نه فقط سنڌ، پر پوري برصغير جي تعليمي ۽ ادبي منظرنامي کي نمايان ڪري ٿو.

گورنمينٽ تعلقه مين بوائز پرائمري اسڪول عمرڪوٽ، نه صرف علم پر تاريخ جي وهڪري جو به اهم جز آهي. ان جي ورثي کي محفوظ رکڻ، ان مان سکي نون نسلن کي سنوارڻ، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ اهڙا ادارا قلمي، مالي ۽ اخلاقي حمايت جا مستحق آهن.

نئون ڪتاب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org