سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:4 

پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

 

 

سنڌ ۽ سنڌي

(فقير هدايت علي نازڪ جي سنڌي ترجمي جو تعارف)

 

اسان سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ٻه مقالا ’سنڌ‘ ۽ ’سنڌي‘ جي عنوان هيٺ ٽماهي ”مھراڻ“ (4/2024ع) ۽ ”مھراڻ“ (1/2025ع) ۾ شايع ڪري چڪا آهيون. اهي تحقيقي مقالا دراصل اردو ”دائره معارف اسلاميه“ ۾ شايع ٿيا. جنھن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ڪيو آهي. انھن مقالن جي اشاعت سان اسان کي علمي ۽ تحقيقي حلقن مان چڱي موٽ ملي. پھرين مقالي ’سنڌ‘ جو متن ”مھراڻ“ جي پنڌرهن صفحن تي مشتمل هو. جنھن ۾ ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي صاحب تاريخ جي مطالعي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ستن صفحن جا قيمتي اضافا ڪيا، جن جي افاديت ۽ ڪارج يقيناً اهم ثابت ٿيندي رهندي.

ان ئي سلسلي جو ٻيو مقالو ’سنڌي‘ جي عنوان هيٺ آهي. (ان جو عنوان ’سنڌ‘ ڇپيل آهي، جنھن کي ’سنڌي‘
درست ڪري پڙهڻ جي گذارش ڪجي ٿي.) سنڌي زبان جي تحقيق تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو اهو تحقيقي ڪارنامو ابتدائي ڪوشش آهي، جنھن جي انتھائي صورت ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ (ان جون مختلف اشاعتون) آهي. هن مقالي جي ترجمي جي تڪميل کان پوءِ اصل مقالي ۾ ذڪر هيٺ آيل نادر ۽ ناياب ڪتابن جا سرورق، شاعرن ۽ تاريخدانن متعلق ڄاڻ تي مشتمل چوڏهن اضافا تيار ڪيا ويا. انھن قيمتي اضافن جي افاديت کي ڄاڻندي اسان هتي شايع ڪري رهيا آهيون گڏوگڏ ٻنھي مقالن جي ’حاصلات‘ کي پڻ نروار ڪري رهيا آهيون ته جيئن نامياري محقق جي قابليت ۽ سنڌي زبان جي اصل نسل ۽ ٻين رخن کي روشن ڪرڻ لاءِ جفاڪشي ڪري مطالعو ڪرڻ جي پڙهندڙن کي پروڙ ٿي سگهي. سندس محنتن جو اعتراف ڪندي اسان هي مواد شايع ڪري مطالع مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا. بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل مقالن ”عوامي سنڌي شاعري“ ۽ ”سنڌي ادب“، جيڪي مختلف جريدن ۾ شايع ٿيل آهن، انھن کي پڻ ترجمي جي صورت ۾ شايع ڪري، پنھنجي سنڌي زبان ۾ محفوظ ڪرڻ چاهيون ٿا.

*      *      *

حاصلات

سنڌ:

(1)  سنڌ صوبو سنڌو درياءَ جي ڪپ تي آباد علائقو ۽ سنڌوندي ان جي شھ رڳ آهي. ان درياءَ جي پراڻي نالي ’سنڌو‘ مان
’سنڌ‘ لفظ ورتل آهي. يوناني مورخن ’سنڌوءَ‘ کي ’انڊس‘ سڏيو ۽ ان ئي لفظ مان ’انڊ‘، ’هند‘ ۽ ’انڊيا‘ لفظ جڙيا. ايرانين ۽ وري پوءِ عربن ’سنڌو‘ تي ’مھراڻ‘ جو نالو ڌريو، جو مشھور ٿيو.

(2) سنڌ جي تحقيقي تاريخ جي ابتدا شھنشاهه داريوش اول (520- 515ق.م) جي تحت سندس  ايراني رابطن سان ٿئي ٿي، جڏهن سنڌ فتح ڪري، ايراني سلطنت ۾ شامل ڪئي ويئي، تقريباً ٻن صدين کان پو 325-326ق.م ۾ سڪندراعظم حملي آور ٿي گذرندي دشمن ملڪ ڏٺو، جتي کيس سخت روڪٿام ۽ ردِعمل سان منھن مقابل ٿيڻو پيو. هو اتان اچي سنڌ ۾ لنگهي اروڙ (اڄوڪي روهڙيءَ لڳ) جي علائقي کان ٿيندو اڳتي، اڄوڪي لاڙڪاڻي ضلعي جو آباد علائقو فتح ڪيو.

(3) سڪندر جي موت کان پوءِ سنڌ سيلوڪس نڪيتر، چندرگپت موريا (305ق.م)، باختري يونانين، پارٿين (ٽين ۽ ٻي صدي قبل مسيح) سٿين ۽ ڪوشانن (100ق.م 200ع) جي قبضي ۾ رهي.

(4) ڪوشاني بادشاهه ڪنشڪ (75 کان 100ع) جي اثر ۾ اچي سنڌ ٻڌمت قبول ڪري ورتو.

(5)  ڇھين صدي عيسوي ۾ سنڌ ۾ ڏيھي ڪٽنب سمن مان ”راءِ گهراڻي“ جو اٽل ۽ مستقل راڄ قائم ٿيو. رايان سَمّھ غالباً ايراني شھنشاهن سان لڙهيءَ ۾ پوتل هئا. سَمن جي آڳاٽن راڄ ڌڻين جو لقب ’ڄام‘ ان حقيقت ڏي اشارو ڪري ٿو.

(6) ستين صديءَ ۾ هڪ غير ملڪي برهمڻ پنڊت چچ سنڌ ۾  راءِ گهراڻي جي سمن جي راڄ جو تختو اونڌو ڪيو (622ع) ۽ سنڌ تي برهمڻن راڄ قائم ڪيو. جنھن ۾ ٻڌمت جي ڀڪشن سان سخت سلوڪ ڪيو ٿي ويو ۽ رعيت تي مَنِّو جا قانون لاڳو ڪيا ويا، جيڪي ذات پات تي ٻڌل هئا.

(7) پھرين صدي هجري مطابق اَٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ اڄ جي مقابلي گهڻو وسيع ملڪ هو، منجهس موجوده بلوچستان کان سواءِ مڪران جا اوڀاريان ضلعا به شامل هئا. اُتر ۾ ان جي حد ۽ سرحد جھلم ۽ چناب جي جوڙ تائين هئي ته ڏکڻ ۾ جيسلمير، مارواڙ ۽ ڪڇ جا به ڪي علائقا هئا. ان حڪومت جا ڏورانھن علائقن سان رابطا ڪي گهڻا پختا ڪونه هئا ۽ نه ڪپرن تي ڪو زور هلندو هو.

(8) 93هه/712ع ۾ محمد بن قاسم ديبل جي سامھون پھتو ۽ اٽڪل ڇَھن مھينن جي گهيري کان پوءِ رجب جي مھيني ۾ اهو فتح ڪري ورتو، شھر ۾ چار هزار عرب رهائي، حميد بن زارع نجديءَ کي حاڪم مقرر ڪيو.

(9) اموي خلافت جي خاتمي ۽ دولت عباسيھ جي آغاز (132هه/750هه) کان پوءِ سنڌ جو انتظام بغداد جي دارالخلافت هيٺ اچي ويو.

(10)         المتوڪل جي دور ۾ حجازين جي ننڍو گروهه عبدالعزيز هباريءَ عباسي حاڪم خالد کي قتل ڪري خودمختيار حڪومت قائم ڪئي ۽ منصوره کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو.

(11)          625هه/1228ع نه سَٺِي ته سيوهڻ کان مڪران تائين سنڌ ملڪ دهلي درٻار جي حڪم هيٺ آيو. 1324 کان 1351ع تائين هلي، پوءِ ڏکڻ سنڌ تي راجپوت قبيلي مان سمن، سومرن کي شڪست ڏيئي گادي سنڀالي، سندن سردار ’ڄام‘ سڏائيندا آيا ۽ گاديءَ جو هنڌ ٺٽو هو.

(12)         سَمّھ خاندان جو سڀ کان نامور ڄام نظام الدين ’نندو‘ (1462ه کان 1517ع) هو، جو وڏو ديندار، متقي ۽ علم دوست بادشاهه هو، ان جي عدل ۽ انتظام جي بدلي ملڪ جي آبادي ۽ خوشحاليءَ ۾ واڌ ويجهه آئي.

(13)         1149/1736ع محمد شاهه بادشاهه سموري سنڌ جي سلطنت جو ٺيڪو ميان نورمحمد ڪلھوڙي کي ڏنو.

(14)         ڪلھوڙن جي بدران سنڌ ۾ ٽالپرن جي نوبت ۽ نغارو وڳو (1198هه/1773ع) سندن ٽي گاديون حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور رهيون. هي حڪمران ”ميران سنڌ“ جي نالي سان سڃاتا ويا.

(15)          سترهين صديءَ ۾ انگريزن ٺٽي ۾ پنھنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي.

(16)         17 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد کان ڪجهه ميلن جي مقام تي مير رستم خان (خيرپور) ۽ مير ناصر خان (حيدرآباد) جي فوج جنھن وٽ ڍنگ جون بندوقون به ڪين هيون، شڪست کاڌي.

(17)         1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍي مسلم اڪثريت کي صفا بي اثر بڻائي ڇڏيو.

(18)         انڊيا ايڪٽ 1935ع جي تحت پھرين اپريل 1936ع تي بمبئي پريزيڊنسي جي قسمت جو سنڌ کي صوبي جو درجو ڏنو ويو ۽ ٻئي سال (1937ع) پھريون ڀيرو ان کي صوبائي اختياري حق حاصل ٿيا.

(19)         آزادي حاصل ڪرڻ (آگسٽ 1947ع) کان پوءِ سنڌ پاڪستان جو صوبو بڻيو 1955ع ۾ جڏهن مغربي پاڪستان جي صوبائي تشڪيل عمل ۾ آئي، تڏهن خيرپور رياست جي الحاق ۽ ملاپ سبب سنڌ به ان صوبي ۾ ضم ڪيو ويو. 1970ع ۾ مغربي پاڪستان جي صوبي ٽٽڻ تي سنڌ وري موجوده شڪل ۾ هڪ الڳ صوبي جي حيثيت ۾ قائم ٿي ويو.

سنڌي:

(1) سنڌي زبان قديم زماني کان سنڌين جي زبان آهي. اها صوبي کان ٻاهر بلوچستان جي ضلعن لس ٻيلي، ڪڇي ۽ سبيءَ کان سواءِ پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي گهڻن رهاڪن جي زبان آهي. ڀارت جي علائقي ڪڇ ۾ پڻ اڪثريت سنڌي زبان ڳالھائيندڙن جي آهي. جنھن جو لب ۽ لھجو به ڪڇي آهي.

سنڌي زبان، سنڌو نديءَ جي ڏاکڻي واديءَ ۾ ڄائي ته ”سنڌي“ سڏي وئي. ”سنڌ“ ننڍي کنڊ ۾ هند جي ٻين علائقن جي نسبت هڪ ٻاهريون ۽ ڏوراهون ديس آهي. ان لحاظ کان برصغير جي اندروني ۽ داخلي زبانن جي مقابلي ۾ ٻاهرئين يعني ”بيروني زبان“ ۾ ڳڻي وڃي ٿي. اها ڳڻپ يا ورهاست لساني لحاظ کان نه پر رڳو جاگرافيائي آهي.

(2) سنڌ جي سر زمين جي ثقافتي مرڪز  موئن جي دڙي کي پنھنجي ترقي يافته زبان هئي، جا صوري لکت ۾ لکبي هئي. موئن جي دڙي مان مليل  مھرن جي اڀياس مان ڄاڻجي ٿو ته  صوري لکت (1) اٽڪل 484 نشانين ۽ 63 انگن تي ٻڌل هو.

(3) سنڌي زبان مقامي سرزمين ۽ ماحول مان ڄاول آهي. سنڌ جي سرزمين سنسڪرتي عملي دائري کان دور رهي. ان ڪري سنڌيءَ جي سنسڪرت سان ويجهڙ ناممڪن هئي. سنڌيءَ جي لساني خمير ۾ اول منڊا ۽ دراوڙي لفظ پوءِ جهونا ترڪي ۽ ايراني زبانن جا الفاظ داخل ٿيا. انھن سببن جي ڪري ئي سنسڪرت جي ويجهڙ وارا قدر يا معيار خيال ۾ رکڻ وارا وياڪرڻي ۽ نحوي ودوانن کي سنڌيءَ ۾ وڏو بگاڙ ڏسڻ ۾ آيو، جو حقيقت ۾ سندن لساني خمير جي ارتقا ئي هئي.

(4) آثار قديمه ۽ تاريخي پس منظر رکندڙ روشنيءَ ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته موئن جي دڙي جي تھذيب جي تباهيءَ سان هن تھذيب جي عملي زبان به ختم ٿي ويئي . پوءِ جي دورن ۾ مقامي قبيلن جون ٻوليون باقي رهيون.

(5) سنڌو نديءَ جي ڏاکڻين وادين ۾ آريائي قبيلن جي اچڻ سان سنڌ جي ٻولين ۾ هند آريائي الفاظ داخل ٿيڻ لڳا.

(6) سياسي تعلقات سان سنڌ جي سر زمين تي فارسي زبان جو گهرو اثر پوڻ لڳو، جنھن سان هند آريائي عنصر مان اُسرندڙ سنڌي زبان جي ڍانچي جي تشڪيل کي متاثر ڪيو.

(7) 27هه ۾ منصوره جي هڪ عالم ڏيھي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ڪيو.

(8) ڏهين صديءَ ۾ عربيءَ سان گڏ سنڌي به ملڪي زبان جي شڪل ۾ رائج هئي. انھن سببن کان سواءِ نسخ پٽي يا رسم الخط جي گڏيل ترقي پڻ ٻنھي زبانن جي ٿي. ماضيءَ ۾ مختلف علائقن جي مختلف قبيلن ۾ مختلف ٻوليون مختلف رسم الخط ۾ لکيون وينديون هيون. ڏهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين سنڌ ۾ متعدد رسم الخط رائج رهيون.

(9) ڏهين صديءَ جي آخر تائين سنڌي زبان جو بنيادي ڍانچو تڪميل کي رسي چڪو هو. سنڌي زبان جي گفتگو جو دائرو ملتان تائين وسيع ٿي چڪو هو.

(10) سنڌ جي اڪثر مشھور عوامي عشقيه قصن ۽ داستانن (مثلاً سسئي پنھون، سُھڻي ميھار، عُمر مارئي، مومل راڻو، مورڙو مانگر مڇ، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ) پيدا ٿيا. انھن کان علاوه ان دور ۾ ٻن ڀائرن دودي ۽ چنيسر وچ ۾ تخت نشيني تان تڪرار ٿي پيو هو. چنيسر جي درخواست تي سلطان علاؤالدين (1296ع کان 1316ع تائين )پنھنجي لشڪر سان دودي سومري جي بھادري ۽ دليرانه مقابلن جو نئين طرز طور مشھور منظوم رزميه داستان ”دودو -چنيسر“  لکيو ويو، جيڪو سنڌ جي موسيقارن (ڀاڳو ۽ ڀان) عوامي محفلن ۽ ميلن ۾ ڳايو. اهڙيءَ ريت ان دور ۾ قصا خوانيءَ جي روايت شروع ٿي. قصا خواني ۽ گيتن جي ڳائڻ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هڪ نج سنڌي نظم ”ڳاهه“ وجود ۾ آيو. اهو هڪ قسم جو سنڌي دوهو ئي هو.  جنھن جي تعريف اها هئي ته ان ۾ ڪا حڪايت يا قصو ذڪر هيٺ اچي يا ان ڏي اشارو هجي. ڳاهن جي منظوم هئڻ ۽ رزميه، عشقيه داستانن کي ڪرت طور بيان ڪرڻ سان سنڌي زبان جي لغوي ۽ بياني صلاحيت ۾ وڏي وسعت پيدا ٿيندي رهي.

(11) سمن جي دور ۾ عربي جي جاءِ تي فارسي سرڪاري دفتري زبان مقرر ٿي. پوءِ به عربي تعليم ۽ تدريس جي زبان رهي ۽ پنڌرهين صدي جي آخر ۾ فارسي تعليم جو ذريعو بڻي. سمن جي حڪمرانيءَ سان وچولي سنڌ جي زبان کي سمن جي مادري زبان هئڻ جي ڪري معياري سنڌي جي حيثيت حاصل ڪندي ترويج ڪئي.

(12) عوامي ادبي تحريڪ، جا قصه خواني جي صورت ۾ سومرن جي دور ۾ شروع ٿي هئي، سا هن دور ۾ وڌي. هن دور جا ٻه داستان ”نوري ۽ ڄام تماچي“ ۽ ”دولھه درياء خان“ سنڌ جي روايتي داستانن جي قطار ۾ شامل ٿيا. ان ئي دور ۾ درويشن  جون پيشنگويون وجود ۾ آيون ۽ اعلى اخلاقي صوفي شاعريءَ جي شروعات ٿي. جنھن سان شعري ۽ فڪري سرمائي کان سواءِ لغت ۾ به واڌارو آيو. پنھنجي دور جو وڏو عالم، فاضل ۽ سنڌي زبان  جو پهريون بزرگ ۽ صوفي شاعر قاصي قادن ان دور جي پڇاڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سرائيڪي زبان سنڌ ۾ عام ٿيندي وئي ۽ سنڌي ملتان کان مٿي ڏاکڻين ڏسائن ۾ عام فھم ٿيڻ لڳي.

(13) مغل سلطنت جي زوال کان پوءِ سنڌ جي حڪومت اول ڪلهوڙا عباسي خاندان (1700 کان 1843ع  تائين) ۽ پوءِ  ٽالپور خاندان (1784 کان 1843ع تائين) جي هٿن ۾ آئي. اهي ٻئي خاندان سنڌي هئا. انھن جي اقتدار ۾ اچڻ سان سنڌيءَ کي مانُ، مرتبو ۽ مقبوليت ملي. ان دور جي شروع ۾  حضرت شاهه عبداللطيف (1689 کان 1752ع تائين) تولد ٿيو. جنھن جي شاعري سنڌي زبان جي ارتقا جو مظھر بنجي، شاهه عبداللطيف جي شاعرانه معجزي سان سنڌي زبان جو مانُ مرتبو بُلند ٿيو.

(14) ان دور جي ابتدا سان ئي سنڌي زبان جي ترقي  ۽ ترويج جي سلسلن ۾ نئون انقلاب آيو. ابتدائي مرحلي ۾ سنڌي تعليم جو ذريعو بڻي. تعليم ۽ تربيت جي نظرين  ۽ علمي تنظيم جي سلسلي ۾ سنڌ جي عالمن ۾ غور ۽ فڪر جي ديرينه روايت موجود هئي. علامه جعفر بوبڪائي 1550ع جي ويجهڙ ۾ ”نھج التعليم“ لکيو، جيڪو برصغير ۾ ترقي پذير تعليمي نظرين  ۽ تعليمي نظام متعلق پھريون تفصيلي ڪتاب آهي، جنھن جو اختصار ”حاصل النهج“ اسان تائين پھتو آهي.

(15) سنڌي عالمن پنھنجي تدريسي تجربي مان اهو محسوس ڪيو، ته ٻارن کي شروعاتي تعليم مادري زبان ۾ ڏيڻ گهرجي. اهو ان زماني جو انقلابي نظريو هو. جنھن کي شيخ ابوالحسن بن عبدالعزيز ٺٽويءَ عملي جامو پھرايو. ان 1100هه/ 1688ع جي لڳ ڀڳ، ديني نصاب تي مشتمل ڪتاب ”مقدمت الصلوات“ سنڌيءَ ۾ لکيو، جو ان دور ۾ ابتدائي تعليم لاءِ درسي ڪتاب طور رائج ٿيو. سنڌي زبان ۾ اهو اولين ڪتاب هو، ان ڪري ان کي ”ابو الحسن جي سنڌي“ جي نالي سان شھرت ملي.

(16) فيبروري 1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن قبضو ڪري، سنڌ کي بمبئي صوبي سان شامل ڪيو. فارسيءَ جي بجاءِ انگريزيءَ کي ملڪ ۾ سرڪاري زبان مقرر ڪري، فارسي، عربي اسلامي تعليم جي نظام بدران مغربي انگريزي تعليم رائج ڪئي. سنڌيءَ جي مرڪزي حيثيت کي مڃي بمبئي حڪومت کي ليٽر (نمبر 25، تاريخ 6 سيپٽمبر 1851ع) تحت سنڌ ۾ سنڌي زبان کي سرڪاري ڪاروبار ۽ انتظامي معاملن لاءِ دفتري زبان قرار ڏنو ويو.

1855ع کان پوءِ جيئن نئين تعليم جو سلسلو رائج ٿيو، ته سنڌي نثر ۾ ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. ان دور جي خاتمي تائين سڀني علومن ۽ فن تي ڪتاب تصنيف يا ترجمو ٿيا. 1857ع کان سنڌي نثر ۾ اشتهار ڇپجڻ لڳا. ڪجهه سالن کان پوءِ اخبارن جو سلسلو شروع ٿيو.

اضافا (مختصر):

(4) ابوعطا سنڌي: اصل سنڌي هو. بعد ۾ ڪوفي ۾ بنو اَسد بن خزيمه قبيلي ۾ پيءُ سان غلام وڃي بڻيو. جتي عربي زبان تي عبور حاصل ڪري بلند معيار شعر چوڻ ڪري شھرت حاصل ڪيائين. شاعريءَ ۾ قدر، منزلت ۽ وڏو رتبو ڏسي، مالڪ عمرو بن سماڪ بن حصين اسديءَ چئن هزارن درهمن جي بدلي آزاد ڪري ڇڏيو.

ابوعطا سنڌيءَ  جي شاعريءَ جو انتخاب مختلف تذڪره نگارن جي تذڪرن ۾ درج ڪيل آهي. علامه ابوالفرج علي بن حسين اصفھاني (وفات 356هه 976ع) ”ڪتاب الاغاني“ جي نالي پنجويھن جلدن تي مشتمل عربي شاعرن جو تذڪرو ترتيب ڏنو. ان جي ستين جلد ۾ ابوعلي سنڌيءَ جو احوال ۽ انتخاب ڏنو آهي. علامه ابوالفرج ابوعطا سنڌيءَ جو اصل نالو افلح بن يسار ڄاڻايو آهي، ڪتاب ”الشعر و الشعراء“ جي مؤلف لابن قتيبه هن جو نالو مرزوق لکيو آهي. پوءِ جي ڪن ڪتابن ۾ اهي ٻئي نالا گڏ به آندا ويا آهن. ابوعطا جي زماني ۾ بنواميه جي حڪومت هئي، اموين ۽ عباسين جي جنگين ۾ هن اموين جي حق ۽ حمايت ۾ نه رڳو چڱي ثنا خواني ڪئي ۽ رزميه شعر چيو، پر پاڻ به جنگين ۾ وڙهيو. عباسين جي جيت ۽ اموين جي هار ٿيڻ سبب، ڀَو ۽ ڏَرَ کان هي وڃي ڪنھن ڪُنڊ ۾ لڪيو.

بنواميه جي خاتمي تي هن هڪ وڏو پُردرد مرثيو لکيو، جنھن تان ابوجعفر منصور کانئس سڙندو هو. اهو قصيدو پڙهڻ لاءِ درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو، ابوجعفر ڏسي مٿس ڪاوڙيو ۽ چيائين ته: ”تون ئي دشمن خدا، فاجر ۽ فاسق نصر بن بسار (اُموي) جو مرثيو لکيو آهي؟ ۽ پوءِ مرثيي جا اشعار پڙهي چيائين: خدا جو قسم توسان مان ڪوبه سلوڪ ڪري سگهان؟ ابوعطا درٻار مان هليو ويو ۽ اچي چند مرثيه چَيائين ۽ ان کان پوءِ دل کولي منصور جي هِجوَ لکيائين (مشاهير سنڌ، ج 1، ص 80 ۽ 18)

فاضت دُموعي علي نَصر وما ظلمت

يا نَصّرُ مَنّ لِلِقاء الحرب انِ لَقِحَتُ

الخِند في الذي يحمي حقيقتھ

 

عينِ تفيضُ علي نصر بن سيَّارِ

يا نَصرُ بعدک اُو للضيف والجارِ

في کل يَوم مخوف الشعر و العار

ابوعطا سنڌي جي في البديه گوئي ۽ حاضر جوابيءَ کي پڻ واکاڻيو ويو آهي. ڪيترائي واقعا هن جي حياتي، سخن گوئي ۽ ڪردار جي هر پھلوءَ کي روشن ڪرڻ لاءِ لکيا ويا آهن. ڪھڙا نقل ڪري ڪھڙا ڪجن! هڪ واقعو آهي ته هو مڪي جي واٽ تي هڪ خيمو ويڙهيل رکي ترسيل هو ته نھيڪ بن معيد ۽ عطاوي اتان لنگهيو ۽ پڇيائين ته: ”هي تنبو ڪنھنجو آهي؟“ ماڻھن چيس: ”ابوعطا سنڌيءَ جو آهي.“ هن غلامن کي چيو ته: ”اهو وڃي کولي کوڙيو.“ ابوعطا نھيڪ تي نظر پوڻ سان هيج مان وڏي واڪي سندس مدح ۾ شعر پڙهيا:

اذا کنت مُرتادَ الرجال لنفعھم

 

فنادِ بصوت: يا نَھِيکُ بن معبد

نھيڪ چيس ته: ”ابوعطا انھيءَ شعر تي اضافو ڪر.“ قافلي ۾ اهو شعر زبان زد عام ٿيو. ابوعطا ٺھه ڦھه چيو ته: ”مان توکي ايترو عطا ڪيو، جيترو مون کي تو عطا ڪيو، تون عطيو وڌائيندين ته مان به عطيو وڌائيندس.“

اذا اَرسلتَ في اَمر رسولا

و ان ضيعتَ ذالک فلا تَلُمھُ

 

فــــــافھمھ و اَرسِلـــــــھ اَديبـــــــا

علي اَن لم يکن عَلِمَ الغُيوبا

افلح جي ابوعطا ٿيڻ جي حقيقي واقعي جو پس منظر ڪجهه هن ريت آهي ته، هو اهڙو قادرالڪلام سخنور هو جو  ڪيترا زبان دان هن جي آڏو سر تسليم خم ڪندا هئا، ايڏي معيار ۽ مقام جي باوجود منجهس ڪا ڪمي هئي ته سندس زبان ۾ هٻڪ ۽ اٽڪ رهندي آئي. ’جيم‘ کي ’زي‘ ڪري ۽ ’شين‘ کي ’سين‘ ڪري اُچاريندو هو. ان ڪري وقت جي دستور مطابق وڏن شاعرن وانگر هن سليمان بن سليم جي درٻار ۾ هڪ ڊگهو قصيدو پيش ڪري، کائنس هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي گهُر ڪئي، جو سندس شعر مختلف محفلين ۽ درٻارين ۾ پڙهي. سليمان بن سليم افلح جي التجا تي کيس هڪ زبان دان بربري غلام ڏنو. افلح ان جو نالو ’عطا‘ رکيو ۽ ان جي نالي تي پنھنجي ڪنيت ”ابوعطا“ اختيار ڪري کيس پٽيلو بڻايائين، ان قصيدي مان اقتباس پيش ڪجي ٿو:

اعوزَتني الرُّاة يا ابن سليم

و غلا بالذي اُجَمجِم صَدري

وَعَدَ تني العيونُ ان کان لَوني

و ضربت الامورَ ظهراً ابطن

فتمنت انني کنتُ بالشعر

فالي مَن سواک يا ابن سليم

ثم خذني بالشکر يا ابن سُليم

 

وِ اَبي ان يقيمَ شِعري لساني

و شکاني من عجمتي شيطاني

حالَکاً مُظلِماً مِنَ الاَلونِ

کيف احتال حليةً لَبَياني!

فصيحاً وبانَ بَعضُ بناني

اشتکي کُربتي وما قد عَناني

حيث کانت داري من البلدان

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”نتف من شعر ابي عطا السندي“ جي نالي سان سن 1961ع ۾ ڪلام ترتيب ڏيئي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايو. ان ڪتاب تي مقدمو استاذ علامه عبدالعزيز ميمني لکيو آهي.

افلح بن يسار ابوعطا سنڌي جي وفات جا ٻه سن ملن ٿا. ”ڪتاب الاغاني“ ۾ سندس وفات 168هه ڄاڻايو وئي آهي ۽ الڪتبي جي ڪتاب ”فوات الوفيات“ ۾ 180هه لکيل آهي.

ابوعطا سنڌي شاعري جي ڪمال جو تعين ان مان ٿي سگهي ٿو ته ڪيترن عربي شاعريءَ جي ماهرن سندس سخنوريءَ کي خوب ساراهيو آهي. ان کان علاوه عربي شاعرن جي بياضن ۽ تذڪرن ۾ سندس تذڪرو فراغ دليءَ سان ڪيو آهي. بيشڪ هي ٻي صدي هجريءَ جو باڪمال شاعر سنڌ سان گڏ ڪوفي جي مرتبي ۾ اضافي جو اهڙو مثال آهي، جنھن جي ذڪر سان سرهائي محسوس ٿئي ٿي. هن جھڙو قصيده گو مدح گو عربي شاعر ورلي ڪو ٿي سگهيو هجي.

(7) الاصطخري: ابو اسحاق ابراهيم بن محمد الفارسي الصطخري، ايران جي شھر اصطخر جي رهاڪو هئڻ جي نسبت سبب الاصطخري مشھور ٿيو. هي به ڏهين صديءَ جي جاگرافي دان هو، چيو وڃي ٿو ته هي 957ع ۾ بغداد ۾ فوت ٿي ويو.

(8) ابن حوقل: محمد ابوالقاسم بن حوقل ڏهين صديءَ جو مسلمان جاگرافي دان هو. 943ع ۾ ترڪيءَ جي هڪ صوبي نصيبين جي علائقي ۾ ڄائو. عربي زبان جي نامور سياح ۽ اديب جي حيثيت سان معروف آهي. سندس ڪتاب ”صورت الارض“ عربيءَ ۾ شاهڪار اهي. هن کي ابن حوقل بغدادي به سڏيو وڃي ٿو، ”صورت الارض“ ۾ ٻين علائقن جي نقشن سان گڏ سنڌ جو نقشو به شامل آهي، جو سنڌ جي ڪن تاريخ جي ڪتابن ۾ پڻ ڇاپيو ويو آهي.

(9) ابن نديم: محمد اسحاق ابي يعقوب النديم ابن نديم جي نالي سان مشھور ٿيو. بغداد جو باشندو هو، کيس عربي زبان ۾ پھرين انسائيڪلوپيڊيا ترتيب ڏني، جا ’الفھرست‘ (377هه/987ع) جي نالي سان آهي. ان ۾ بيشمار ڪتابن ۽ مصنفن جو احوال آهي. ابن نديم جو هڪ ڪنيت ابوالفراح ٻڌايل آهي. ابن نديم هارون رشيد جي درٻار ۾ موسيقار به رهيو. 995ع ۾ فوت ٿي ويو.

(10) البيروني: ماللھند جو مصنف ابوريحان محمد بن احمد البيروني 5 سيپٽمبر 973ع ۾ ڄائو ۽ 13 ڊسمبر 1048ع ۾ وفات ڪري ويو، محقق ۽ سائنسندان جي حيثيت سان شھرت مليس، اصل وطن خوارزم جو خطو بيرون هو. عراقي حڪومت جي پڄاڻيءَ تي جرجان ويو جتي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪندو رهيو، وطن وريو ته بوعلي سينا سان سندس ميل ملاقات ٿي، غزنيءَ ۾ پنجھتر ورهين پڄاڻان موت سان ملاقي ٿيو.

(11) بزرگ بن شهريار: اصل ايراني ملاح هو، کيس ناخد سڏيو ويو آهي. هو سامونڊي سفرنامه نگار هو، سمنڊ جي ڪناري تي قائم ملڪن متعلق سندس ڪتاب ”عجائب الھند“ اهميت رکي ٿو. بزرگ بن شھريار (900ع) ۾ ڄائو ۽ (950ع) ۾ فوت ٿي ويو.

(12) ابن حبان البستي: محمد بن حبان البستي ابوحاتم 884ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 19 آڪٽوبر ۾ وفات ڪري ويو، تاريخ ۽ حديث جي علمن ۾ ماهر هو. ”روضيت العقلا و نزهة الفضلاء“ کان سواءِ ”صحيح ابن حبان“ مشھور ڪتاب آهن، ”الحافظ الامام“ جي لقب سان پڻ مشھور هو.

  1.  موئن جي دڙي جي صوري لکت

 

 

 

ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

تاريخِ بزمِ صوفياءِ سنڌ

َٺين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس اڀن شاهه)

 

بزمِ صوفياءِ سنڌ جون ست ڪانفرنسون ڏکڻ سنڌ جي مختلف درگاهن تي منعقد ٿيون. سيد صاحب جي پوري ڪوشش هئي ته اپر سنڌ ۾ سکر يا خيرپور جي ڪنھن درگاهه تي به اهڙو پروگرام ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ سيد صاحب ذاتي طرح روهڙيءَ وارن موسوي سيدن، سکر جي شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي ۽ خيرپور جي تنوير عباسي صاحب سان ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جو اهڙو پروگرام ڪرائڻ جي سلسلي ۾ رابطو ڪيو پئي، پر ڪو جوڳو انتظام ڪونه پئي ٿي سگهيو.

ان سلسلي ۾ سيد صاحب 28 ڊسمبر 1966ع تي شيخ اياز کي لکيو:

”اپر سنڌ ۾ ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي مجلسن سڏائڻ جو بار اوهان ۽ رشيد ڀٽي تي رکيل هو. رشيد لکي موڪليو هو ته شوال ۾ روهڙيءَ ۾ مجلس جو انتظام ڪندا، پر تاريخ اڃان ڪانه موڪلي اٿس، کيس خط موڪليو اٿم، تاڪيد سان کيس ياد ڏياريندا ته جنوري جي تاريخ مقرر ڪري اطلاع ڏئي.“

(آزاد، 2004ع، ص 149)

ساڳي تاريخ تي ساڳي نوعيت وارو خط سيد صاحب، ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب کي پڻ لکيو، جنھن ۾ کيس لکيائين: ”اپر سنڌ جي خيرپور ضلعي ۾ بزمِ صوفياءِ سنڌ ڪانفرنس سڏائڻ جو انتظام ٿيڻ گهرجي، اوهان ان لاءِ ڪوشش ڪري بندوبست ڪندا.“

ان سلسلي ۾ تنوير عباسي 10 مارچ 1967ع تي سيد صاحب کي لکيو:

”هتي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي ڪوشش ڪريان پيو، سچل تي ڪبي، ماڻھو ڪلچر ۽ ثقافت کان مڙيوئي گهٽ واقف آهن. بھرحال مان به پنھنجي آهر پاڻ پتوڙي رهيو آهيان. اميد ته ضرور ۽ جلد ڪانفرنس ڪوٺائبي. ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي شھر جي ڪن بااثر معزز ماڻھن کي صلاح لاءِ سڏيو اٿم. اتي فيصلو ڪري، پوءِ سائينجن کي اطلاع عرض رکيو ويندو.“ (سيد، 1977ع، ص 484)

سڀني مھربانن پنھنجي پنھنجي حال سارو ڪوششون ورتيون هونديون، پر مارشل لا جو دور، سرڪاري دٻدٻو ڪوبه اهڙو انتظام ٿي ڪونه سگهيو ۽ پوءِ ڀٽائي چواڻي:

”جڏهن سائين سبب ڪيون، ته ستڙ ٿيا سيد چئي.“

هن نيڪ ڪم لاءِ خيرپور جو وڪيل محترم الھه بخش عباسي جيڪو پاڻ ڪائونسل مسلم ليگ جو ميمبر هو، بظاهر ان نيڪ ڪم سرانجام ڏيڻ جو ڪارڻ اهوئي بڻيو.

زندگيءَ جي ڊگهي سفر ۾ اڪيچار فردن سان پالو پوندو آهي. پر انھن مان ڪي ٿورا شخص، ڪنھن خاص عمل ۽ ڪارڪردگيءَ جي ڪري يادگار واقعي واري حيثيت جا مالڪ ٿي پوندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي سمورين سياسي وابستگين کي پاسي تي رکي، ذاتي تعلق خاطر، ذاتي حيثيت ۾ ڪو اهڙو ڪردار ادا ڪري ويندا آهن، جنھنڪري اهي پنھنجي ان قابلِ تحسين ڪارنامي سبب تاريخ جي ورقن ۾ پنھنجا يادگار نقش ڇڏي ويندا آهن. اهڙوئي ڪردار خيرپور جي نامور وڪيل محترم الھه بخش عباسيءَ جو هو. جنھن دور ۾ ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جون ڪانفرنسون ٿي رهيون هيون، وڪالت جي پيشي سان وابسته الھه بخش عباسي صاحب سياسي طور تي سيد سان لاڳاپيل ڪونه هو، پر هڪ سمجهدار باشعور شخص جي حيثيت ۾ پاڻ ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي عنوان سان هلندڙ تحريڪ کان بخوبي واقف هو. ون يونٽ جو قھري دور مارشل لا جي مارا ماري، پوءِ به ڪنھن نه ڪنھن درگاهه تي بزم ۾ ڪم ڪندڙ صوفي پنھنجون صدائون بُلند ڪندا پئي رهيا. جن جو سرواڻ سائين جي.ايم.سيد جھڙو شخص هو. اها ڳالھه به اُتساهه پيدا ڪندڙ هئي.  حفيظ قريشي، جيڪو سيد سان ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ واري ڪلچرل سفر جو هڪ باوقار ساٿي هو ۽ قريشي صاحب نامور ڪيل پڻ هو، قريشي صاحب ڪنھن ڪم سانگي لاهور ريل رستي پئي ويو، ته سندس بقول خيرپور مان هڪڙو سفيد پوش شخص چڙهيو ۽ اتفاق سان سندس ڀر ۾ اچي ويٺو، سفر دوران حال احوال ڪندي، هو صاحب کيس ٻڌائي ٿو ته: ”آءٌ وڪيل آهيان ۽ مسلم ليگ ۾ آهيان، لاهور ۾ مسلم ليگ جي ميٽنگ آهي، اوڏانھن پيو وڃان.“ ٻنھي وٽ گهر جي ماني هئي، جيڪا گڏجي کاڌائون. لاهور اچڻ تي هرڪو پنھنجي مُنھن هليو ويو. لاهور مان واپس ٿيڻ تي قريشي صاحب کي خيرپورميرس جو ڪو ڪيس مليو. اتي وري کيس ساڳيو وڪيل عباسي صاحب مليو، جنھن کيس مانيءَ جي صلاح هنئي، قريشي صاحب کيس جوابن چيو: ”ماني ته کائيندس پر هڪڙي توکان ونگار به وٺندس.“ عباسي صاحب وراڻيو ته: ”ماني کاءُ پوءِ ونگار وهنداسون.“

مانيءَ جي ٽيبل تي عباسي صاحب پاران احوال وٺڻ تي، قريشي صاحب کيس چيو: ”ونگار اها آهي ته تون خيرپور ۾ ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جو جلسو ڪراءِ.“ هن صاحب وراڻيو: ”خيرپور شھر ۾ منھنجي اهڙي هلندي پڄندي ڪانھي، منھنجي زمينداري ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ آهي، اتي ”اڀن شاهه جا ٽڪر“ آهن ۽ درگاهه به آهي اتي کڻي ٿا جلسو ڪريون.“

قريشي صاحب کيس چيو ته: ”پوءِ وڃي سائين جي.ايم.سيد کي دعوت ڏئي اچ.“

قريشي صاحب پاڻ به سيد کي لکيو:

”خيرپورميرس ۾ الله بخش عباسي ايڊووڪيٽ ڪانفرنس ڪرڻ گهري ٿو. صرف اوهان جو شفقت نامو کيس پھچڻ گهرجي، ته اوهان شريڪ ٿيندا يا نه؟ مون فون تي ميان امداد شاهه کي دادوءَ مان ٻڌايو هو. مون يار محمد شاهه کي چيو هو ۽ مون ميان نورمحمد پليجي کي به چيو هو.“

(سيد، 1983ع، ص 334)

عباسي صاحب جلسو ڪرائڻ جي حوالي سان آمادگي ظاهر ڪندي، سيد صاحب کي خط ۾ لکيو:

”هت ٻه درگاهون ويجهو آهن، هڪ سلطان ’ادهم بادشاهه‘، ٻيو ’اڀن سائين‘ .

ان خط جي جواب ۾ سيد صاحب کيس لکيو: ”’ادهم سلطان‘ ۽ ’اڀن شاهه‘ مان ’اڀن شاهه‘ ”پسند ڪندس.“

(آزاد، 2021ع، ص 25)

مٿي ذڪر ٿي آيو آهي ته، قريشي صاحب پاڻ به اهڙو اطلاع سيد صاحب کي ڏياري موڪليو هو. قريشي صاحب واري موڪليل اطلاع جي روشنيءَ ۾، سيد صاحب، تنوير عباسي کي 29 اپريل 1967ع تي لکي موڪليو: ”ميان حفيظ قريشي ايڊووڪيٽ کان پيغام پھتو ته ڪوٽ ڏجيءَ  ۾ ميان الھه بخش عباسي ايڊووڪيٽ خيرپور 11 جون 1967ع تي ڪنھن به هڪ درگاهه جي موقعي تي بزمِ صوفياءِ سنڌ جي سھڪار هيٺ ڪانفرنس سڏائڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ چيو اٿس ته کيس هائوڪار جو جواب موڪليون. جيئن ته اوهان ان طرف ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جا ميمبر آهيو، مھرباني ڪري، دوستن سان ملي، ميان باقر شاهه ۽ شيخ اياز سان مشوري بعد تاريخ مقرر ڪري (بزم جي) سيڪريٽري رسول بخش پليجي کي اطلاع ڏئي، اهڙا دعوت نامه تيار ڪرائي سگهو ٿا. (خطن جو فائيل جي.ايم.سيد لائبريري)

ان وچ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي سان به الھه بخش عباسي صاحب پڻ، پروگرام ڪرائڻ جو ذڪر ڪري چڪو هو، انڪري سيد صاحب طرفان مليل اهڙن احڪامن جي روشنيءَ ۾ تنوير عباسي صاحب مختلف دوستن سان صلاح مصلحت بعد سائين جي.ايم.سيد کي هن ريت خط لکيو:

”عرض ته بزمِ صوفياء جي ڪانفرنس لاءِ 11 جون 1967ع تي، اڀن شاهه تي اهتمام ڪيو ويوآهي ۽ ان لاءِ جناب الھه بخش عباسي جن دعوت ڏني آهي. اڀن شاهه ڪوٽ ڏيجيءَ کان 4 ميل کن آهي. جيئن ته اُتي ريل جو رستو ناهي، ان ڪري سڀني مھمانن کي هتي (خيرپور) پھچڻو پوندو ۽ هِتان جيپن ذريعي ڪوٽ ڏيجيءَ هلبو. منجهند جي ماني خيرپور ۽ رات جي ماني ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ڪئي ويندي.

اميد ته اوهان هاڻي اسان جي طرفان ٿيل گهٽتائيءَ کي معاف ڪندا ۽ قدم رنج فرمائيندا.“

(سيد، 1977ع، ص 484)

تنوير عباسي صاحب ٿيل فيصلي کان واقف ڪرڻ لاءِ پنھنجي هم ڪار دوست غلام رباني آگري کي لکيو: ”ادا بزمِ صوفياءِ جي ڪانفرنس لاءِ آخري طرح فيصلو ڪيو ويو آهي. اها 11 جون تي اڀن شاهه (ڪوٽ ڏيجيءَ کان 4 ميل پري) ٿيندي. مھمانن کي هتي خيرپور ۾ پھچڻو پوندو. منجهند جي ماني هُتي ۽ رات جي ماني خيرپور ۾ ٿيندي.

مھرباني ڪري سيڪريٽري بزمِ صوفياءِ کي، چوندا ته اهڙا دعوتناما ڪڍي ڇڏي ۽ مون کي اطلاع ڏيندا ته ٻاهران ايندڙ مھمانن جو تعداد ڪيترو ٿيندو.“ (خطن جو فائيل جي.ايم.سيد لائبريري)

تنوير عباسي، اهڙو تفصيلي اطلاع پھچائڻ لاءِ غلام ربانيءَ کي ڌار فون به ڪئي، جنھن وري وقت ۽ حالتن جي نزاڪت کي نظر ۾ رکندي ماني ۽ رهائش بابت ٿوري تبديلي سان سائين جي.ايم.سيد کي احوال کان هن ريت آگاهه ڪيو:

”سائين،

رات تنوير فون ڪئي هئي، چيائين ته پليجي لاءِ هي نياپو آهي:

1.               ڪانفرنس جو انتظام مڪمل ٿي چڪو آهي.

2.             دعوتناما، پليجي جي طرفان ٿيندا (سندس نالي ۾)

3.             ڪانفرنس جو انتظام ڪندڙ: بزمِ صوفياءِ سنڌ جي خيرپور برانچ.

4.             راڳ جي مجلس لاءِ هڪ سٺو ڳائيندڙ (سندس لفظن ۾ ريڊيو آرٽسٽ) پاڻ سان ضرور آڻيندا.

5.              ڪانفرنس جي صدارت الھه بخش عباسي وڪيل ڪندو.

6.             ڪانفرنس رات جو 9 بجي شروع ٿيندي.

7.             لاڙ کان ايندڙ مھمان ۽ ٻيا سمورا مھمان خيرپور لھندا، ڪراچي ايڪسپريس موزون آهي. شام جي چانھن تنوير وٽ ٿيندي، جتان موٽرن ۾ سوار ٿي ڪانفرنس جي هنڌ ويندا، رات جي ماني اتي (ڪانفرنس جي هنڌ) آهي. رهائش جو انتظام به اتي ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ آهي،  سائين يا ٻيو ڪو صاحب جيڪڏهن سويرو موٽر ۾ وڃي ته پوءِ منجهند جي مانيءَ لاءِ تنوير کي اطلاع ڪيو وڃي، ته ڪل ڪيترن ماڻھن جي ماني ڪري.“

8.             8 بجه ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ رات جي ماني.

9.             ڪانفرنس مقالا، تقريرون ۽ مشاعرو

10.      محفل سماءُ، (جي.ايم.سيد لائبريري خطن جو فائيل).

غلام رباني کي مٿي ذڪر ڪيل خط تنوير صاحب، مختلف دوستن جي صلاح مصلحت کانپوءِ گڏيل طور لکرايو هو، انڪري خط جي هيٺيان لکرايو ويو.

اسين آهيون توهان جا نيازمند:

ڊاڪٽر تنوير عباسي، سيد باقر شاهه (ايڊوڪيٽ)، الھه بخش عباسي (ايڊوڪيٽ)، هادي بخش لاڙڪ (ايڊوڪيٽ)، عبداللطيف ميمڻ (ايڊوڪيٽ خيرپور)، مطاهر جعفري (ايڊوڪيٽ خيرپور)، غلام رسول صديقي (ايڊوڪيٽ خيرپور)، قائم علي شاهه (ايڊوڪيٽ وائيس چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي خيرپور).

ڪاپي: رسول بخش پليجو، سيڪريٽري بزمِ صوفياءِ سنڌ.

نوٽ: مھرباني ڪري اچڻ جو اڳواٽ اطلاع ڊاڪٽر تنوير عباسي خيرپور جي ائڊريس تي موڪلڻ کپي.“

(خطن جو فائيل جي.ايم.سيد لائبريري)

اهڙو اطلاع ملڻ تي سائين جي.ايم.سيد 2 جون 1967ع تي ڊاڪٽر تنوير عباسي کي لکيو:

”انشاءالله آءٌ 11 جون 1967ع تي ٻنپھرن جو موٽر رستي خيرپور پھچي ويندس. جنھن صورت ۾ اوهان جاءِ جو پتو نه لکيو آهي ته ڪٿي ٻپھرو  ڪبو؟ انڪري اوهان وٽ پھچي وينداسون، پوءِ جتي انتظام هوندو، اتي ڏينھن ٺاري شام جو ڪوٽ ڏيجي هلبو.

مون برادرم محمد ابراهيم وارن کي اطلاع ڏنو آهي، پر بھتر آهي ته اوهان کين سڌو خط لکي ڇڏيندا. اخبارن ۾ اطلاع ڏياريندا ۽ محمد ابراهيم کي لکندا، ته ميان رسول بخش پليجو جي نالي سڀني اديبن کي دعوتنامه موڪلي ڇڏين.

راڳيندڙن لاءِ ڪھڙو انتظام ڪرايو اٿو، بھتر ائين ٿيندو ته اوهان مڪاني چند دوستن جي صحيحن سان ساري سنڌ جي اديبن کي دعوتنامه ڇپائي ٽپال رستي ڏياري موڪليندا، ان ۾ ڪانفرنس جو پروگرام به هجي ته بھتر.

بزمِ صوفياءِ سنڌ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي جملي ميمبرن کي دعوتنامه موڪلڻ گهرجن، انھن جا نالا ڪتاب ۾ آهن، آغا غلام نبي پٺاڻ شڪارپور وارو، رٽائرڊ ڪمشنر هن دفعي حيدرآباد جي ميٽنگ وقت تحريڪ ۾ شامل ٿيو آهي. ان کي ۽ حيدرآباد ۾ مسٽر عبدالله چنا کي دعوت موڪليندا ٻئي شامل ٿيا آهن.“ (خطن جو فائيل جي.ايم.سيد لائبريري)

سائين جي.ايم.سيد پنھنجي دسترخوان تي ته مھمانن جي پرگهور لھندو ئي هو، پر ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي سربراهه هئڻ جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر تنوير وارن کي پڻ هدايت جاري ڪندي لکيائين:

”ڪوٽ ڏيجي ڪانفرنس بعد دير ٿي وڃڻ ڪري مھمانن جي رهائڻ جو ڪٿي انتظام ڪيو اٿو، ٻئي ڏينھن ته صبح جو سڀ واپس روانا ٿي ويندا. اپر سنڌ ۾ پھرين ڪانفرنس آهي، انڪري انتظام ٺيڪ هئڻ گهرجي.“

(خطن جو فائيل جي.ايم.سيد لائبريري)

سيد صاحب جي ڏنل هدايتن جي روشنيءَ ۾ تنوير عباسي صاحب 6 جون 1967ع تي سيد صاحب کي لکيو:

”اوهان جو خط مليو، اوهان يقين ڪريو ته اسين اوهان کي ۽ ٻين مھمانن کي آرام پھچائڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين. اڄ دعوتناما پوسٽ ڪريون پيا ۽ محترم عبدالنبي ۽ عبدالله چنا ڏي به موڪليون پيا.

جيئن ته ٻيا مھمان ڪراچي ايڪسپريس ۾ ايندا، ان ڪري صرف اوهان لاءِ مون وٽ منجهند جي مانيءَ جو انتظام آهي. مھرباني ڪري لکندا ته گهڻا ماڻھو اوهان سان گڏ هوندا ۽ اوهان جي پرهيز متعلق پڻ منھنجي بيگم کي خبر ناهي، جو اڳئين دفعي اوهان پوريءَ ريت نه کاڌو هئو. ان ڪري مھرباني ڪري پرهيز جي باري ۾ پڻ لکندا.

اميد ته 11 تاريخ روبرو نياز حاصل ڪندس.

ڳائڻ وارا هڪ ٻه هن تر جا آهن، جي حيدرآباد مان، هڪ ٻه اچي سگهن ته ڏاڍو سٺو، رات رهڻ جو پروگرام ۽ ناشتو ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ آهي.“ (سيد 1977ع، ص 485).

اهڙي ريت مختلف دوستن جي گڏيل ڪوششن سان آخرڪار ’اڀن شاهه‘ وارو پروگرام منعقد ٿيو، جنھن لاءِ حفيظ قريشي جو چوڻ آهي ته: ”ڏهه هزار ماڻھن جو بندوبست ڪيو ويو هو، ان پروگرام جو سمورو خرچ عباسي صاحب پاڻ ڪيو. جلسو اهڙو ٿيو، جو ڏسندڙن جون اکيون چرخ ٿي ويون.“ (آزاد، 2017ع، ص 146)

ان پروگرام ۾ سکر، خيرپور جي مقامي اديبن، استادن ۽ ٻين معزز شخصيتن کانسواءِ، محمد ابراهيم جويو (جيڪو ان وقت سزا طور ڪوهاٽ بدلي ڪيو ويو هو) غلام رباني آگرو، محمد عثمان ڏيپلائي، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، سيد يارمحمد شاهه، شيخ اياز، شمس الدين شاهه، ارباب نورمحمد پليجو، آغا غلام نبي پٺاڻ شريڪ ٿيا هئا. ان پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ، سائين جي.ايم.سيد ڏانھن سيد غلام رسول شاهه، غلام حيدر شاهه موٽر موڪلي ڏني هئي. سيد صاحب طئه ٿيل پروگرام موجب ڊاڪٽر تنوير وٽ مانجهاندو ڪري، آرام ڪري، 8 بجه اڀن شاهه پھتو. ان تقريب جي صدارت الھه بخش عباسي ڪئي هئي.

سيد صاحب پنھنجي ڏنل خطبي ۾ سنڌي قوم جي پٺتي پوڻ جي ڪارڻن تي غور فڪر ڪري هيٺ ذڪر ڪيل نقطا بيان ڪيا:

(1) خود مطلبي، (2) قومي شعور جي عدم موجودگي، (3) نفرت ۽ نفاق، (4) بزدلي ۽ بي همتي.

اهي اهڙا بنيادي ۽ اهم نقطا آهن، جن جي اصلاح سان قومي مقصد کي سمجهڻ ۽ ان جي حاصلات لاءِ شعوري سجاڳيءَ واري لھر پيدا ٿي پئي سگهي.

ان ئي مقصد جي مدِنظر ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جھڙو پليٽ فارم جوڙي عام و خاص کي مٿي ذڪر ڪيل نقطن کي پرجهڻ، پرائڻ ۽ ان مان سبق حاصل ڪري قوم جو مستقبل سڌارڻ واري عمل جي شروعات ڪئي ويئي هئي. غور ڪري ڏسبو ته ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ واري سڄي تحريڪ، مٿي ذڪر ڪيل مکيه نُقطن جي بنيادي ڪارڻن ۽ انھن مان قوم ۾ پيدا ٿيل روڳ کان نجات حاصل ڪرڻ وارين ترڪيبن ۽ تدبيرن جي وضاحتن ۽ سمجهاڻين تي مبني نظر ايندي. بظاهر هر ثقافتي ڪانفرنس ڌار ڌار موضوعن تي ٿيندي هئي، پر سڀني جو بنيادي مقصد ساڳيو ئي هوندو هو. جن تي سيد صاحب مختلف وقتن تي ڏنل خطبن ۾ سمجهاڻي ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.

حڪمرانن پاران ون يونٽ جوڙڻ واري حڪمت جو بنياد ئي ان ڳالھه تي رکيل هو، ته جدا جدا قومي تصورن، ڌار ڌار ثقافتي اِڪائين ۽ ٻولين واري حيثيت ختم ڪري، هڪ اڪائي وارو تصور ظاهر ڪيو وڃي. ائين ڪرڻ سان قومن جي قديم تاريخي حيثيت کي نيست نابود ڪرڻ وارو مقصد ڪارفرما هو. ان عمل ۾ ڪجهه ماڻھو شعوري ته ڪجهه لاشعوري طور شامل هئا. محترم جي.ايم.سيد جيڪو پھرئين ڏينھن کان ان عمل جو مخالف هو ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ مختلف محاذن تي آواز بلند ڪندو پئي رهيو، پاڻ ان ئي مقصد سان قومي شعور پيدا ڪرڻ، واسطي ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ نالي تنظيم بغير ڪنھن جماعتي نظرياتي، مذهبي تفاوت جي، صرف ۽ صرف سنڌين مان پست حالي وارن روڳن کي ختم ڪرڻ واري مقصد سان جوڙي هيائين.

سنڌين جي پٺتي پوڻ وارن مٿي ذڪر ڪيل چئن مکيه نُقطن منجهان ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي اڀن شاهه واري هن اَٺين خطبي ۾، سيد صاحب پاران ٻئي نمبر نُقطي يعني، ’قومي شعور جي عدم موجودگي‘ بابت تفصيلي سمجهاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.

جڏهن قومي شعور جو ذڪر ايندو ته ان لاءِ سڀ کان اول قوم جو ذڪر ٿيندو ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ قوم جي مروج نظرين (Definition) بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري ٿيو پوي. ڇاڪاڻ ته قوم بابت جڏهن ذهن واضح هوندو، تڏهن ئي قومي شعور جو تعين ڪرڻ ۾ آساني ٿي پوندي. ان حوالي سان سيد صاحب جو چوڻ آهي ته: ”اسان کي ان مسئلي تي ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي مقصدن، سنڌين جي صحيح تعليم، سندن اخلاقي درستي ۽ نفسياتي اصلاح جي نقطه نگاهه کان نظر ڪرڻي آهي، جيئن ته قومي شعور جو واسطو تعليم سان رهي ٿو، انڪري اسان کي هن مسئلي بابت ذهن صاف ڪري، ملڪ ۾ مروج قومي تخيلن مان هڪ ۾ اعتماد رکڻو آهي.“

مٿي بيان ڪيل مقصد جي مدِنظر، سيد صاحب هن خطبي ۾  پاڪستان اندر رائج هيٺ ذڪر ڪيل ٽن قومي تخيلن بابت علمي بحث ڪيو آهي:

(الف) مسلمانن جي جداگانه قوم جو تخيل.

(ب) پاڪستان جي متحده قوم جو تخيل.

(ٻ) وطن، زبان، ڪلچر، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي علائقائي قوم جو تصور (سيد، 2013ع، ص 144)

اهو ون يونٽ وارو دور هو، سياسر چُرپُر تي پابندي هئي. وڏن ماڻھن جي اڪثريت سرڪار جي سلامي هئي، ٻين لفظن ۾ ائين چئجي، ته قومي سوچ رکندڙ سمجهدار فردن لاءِ گهُٽ ٻُوسٽ وارو ماحول هو، انڪري ئي ته ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جھڙو غير مضرر پليٽ فارم جوڙيو ويو هو، جنھن جي ذريعي قومي شعور ۽ ساڃاهه پيدا ڪرڻ واري ڪوشش ڪئي پئي ويئي. اهڙي ماحول جي مدِنظر سيد صاحب پنھنجي هن افتتاحي خطبي ۾ ان ڳالھه طرف اشارو ڪندي اظھار ڪيو ته: ”جڏهن ڪي قومون حوادث زماني ڪري سياسي محاذ تي شڪست کائي، پست ٿي وڃن ٿيون ۽ منجهن اخلاقي ڪمزوري ۽ نفسياتي بي همتي گهر ڪري وڃن ٿيون، ته انھن کي سياست ملڪ کان علحده ٿي ڪلچرل ۽ روحاني طريقن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت ٿئي ٿي.“

مٿي ذڪر ڪيل بنيادي اصول سنڌي قوم جي حال سان لاڳو ڪندي، سيد صاحب وڌيڪ چوي ٿو: ”سنڌي موجوده دور ۾ قومي ادبار جي حد کي پھچي چڪا آهن. سندن سياسي وجود ختم ٿي ويو آهي، زبان جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون پئجي چڪيون آهن ۽ قومي شيرازو منتشر ٿيڻ کي نزديڪ آهي.ظاهري يعني سياسي رستا، ان پست حاليءَ کي دور ڪرڻ لاءِ آزمائجي چڪا آهن. ان حالت ۾ اسان لاءِ اسان جي درويشن جو طريقھء علاج باقي وڃي رهيو آهي. سو اِهو آهي ته اسان هن بيماريءَ جو ڪارڻ ٻين کي بڻائڻ جي عيوض، اندر ۾ جهاتي پائي، پنھنجن عيبن کي سڃاڻي، انھن جي دور ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪريون.“ (سيد، 2013ع، ص 143)

جيءَ ۾ جهاتي پائڻ ۽ پنھنجي عيبن ۽ اوڻاين جي اوک ڊوک ڪري ان جا ڪي تسلي بخش علاج ڳولي ڪڍڻ ئي ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ وارن پروگرامن جو بنيادي مقصد هو.

اڀن شاهه واري ان اَٺين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ۾ رياست اندر مروج قومي نظرين جو ڇيد ڪندي، ان حوالي سان پنھنجي قوم جي ناسمجهي ۽ سادگي بابت تفصيلي سمجهاڻي ڏني ويئي آهي.

ياد رهي ته آڪٽوبر 1955ع ۾ مغربي پاڪستان ۾ شامل چئني قومن پنجابي، پٺاڻ، بلوچ ۽ سنڌين جي جداگانه تاريخي حيثيت ۾ ختم ڪري سڀني کي هڪ قوم ظاهر ڪرڻ لاءِ ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو. جنھن جو بنيادي مقصد مسلمان قوم ۽ پاڪستاني قوم جھڙين جوڙيل قومي نظرين تي رکيو ويو هو. شامل قومن جڏهن پنھنجي تاريخي حيثيت واضح ڪندي مسلم قوم ۽ پاڪستاني قوم جھڙن مفروضن تي مشتمل نظرين کي رد ڪرڻ چاهيو، ته شامل قومن جي آواز کي دٻائڻ ۽ پنھنجي جوڙيل نظام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ، ملڪ سان مارشل لا هنئي وئي هئي، ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جون ڪانفرنسون اهڙي ئي ماحول ۾ ٿيڻ شروع ٿيون هُيون، اڀن شاهه واري هي اَٺين ڪانفرنس به ان ئي سلسلي جي ڪڙي هئي.

مٿي ذڪر ڪيل نظرين جي اصليت، حقيقت ۽ اهميت بابت ئي هن خطبي ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي.

1)  مسلمان قوم وارو تخيل:

مسلمانن جي جداگانه قوم واري تخيل بابت سمجهاڻي ڏيندي سيد صاحب چوي ٿو: ”هن قومي تخيل جو بنياد، مذهبي اعتقادن تي رکيو وڃي ٿو، جنھن موجب مذهب اسلام ۾ اعتماد رکندڙ ماڻھو، چونڊيل ۽ مثالي قوم بڻجن ٿا. جن کي انسانذات جي رهبري ڪرڻي آهي.“                                               (سيد، 2013ع، ص 144)

سيد مٿي ذڪر ڪيل راءِ جي رد طور تاريخ جي روشنيءَ ۾ ان ڳالھه جو اظھار ڪري ٿو ته: ”اهڙي قسم (مذهبي اعتقاد واري قوم) جي دعويٰ قريباً هر مذهب جي پوئلڳن پئي ڪئي آهي. انھيءَ قسم جي قومن جو، وطن، زبان، ڪلچر مخصوص سياسي ۽ اقتصادي مفاد سان واسطو ڪونه هوندو آهي، اُهي بين الاقوامي قسم جون جماعتون آهن، انھيءَ ڪري اهي جماعتون ڪن مخصوص ايراضين ۾ محدود ٿي نه ٿيون سگهن.“                                                                (سيد، 2013ع، ص 144)

رياست اندر مروج قومي تصورن کي نظر ۾ رکندي سيد صاحب تاريخ جي روشنيءَ ۾ بيان ڪري ٿو ته: ”گذريل ٻن هزارن ورهين جي تجربي بعد مذهبي قومن جو تصور، سياست عمل جي دنيا ۾ بيڪار ۽ فرسوده ثابت ٿيو آهي.“

(سيد، 2013ع، ص 145)

ان سلسلي ۾ پاڻ ماضيءَ جي اشوڪا واري ٻڌمت، وڪرماجيت واري هندو مت ۽ پوپن واري عيسائيت، انھن سڀني کي مسلمانن واري خلافتي تصور سان ڀيٽيندي اظھار ڪري ٿو ته: ”اهي سڀ زماني جي ڪسوٽيءَ تي پرکجي، ماضيءَ جا يادگار وڃي رهيا آهن، انڪري سڀني جديد حڪومتن مذهب کي سياست ملڪ کان علحده ڪري ڇڏيو آهي.“                                                                     (سيد، 2013ع، ص 145)

اهڙي طرح سيد صاحب مسلمانن جي جداگانه قوم واري تخيل بابت، تاريخي حوالن سان رد پيش ڪندي برصغير هندستان ۾ ’اشوڪا‘، ’وڪرماجيت‘، ’اڪبر‘ ۽ انگريزن طرفان سياسي يڪجھتي پيدا ڪرڻ وارن ڪوششن ۽ مختلف مذهبي درويشن ويدانتي ۽ صوفي بزرگن پاران ٿيل ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيڻ جو ذڪر ڪندي، اها حقيقت بيان ڪئي آهي ته: ”هندستان جا رهاڪو علائقائي، طبقاتي، نسلي ۽ مذهبي اختلافن ڪري هڪ قوم بڻجي نه سگهيا.“

(سيد، 2013ع، ص 145)

مٿي ذڪر ڪيل بيانيي کان وڌيڪ غور طلب ڳالھه اها آهي ته سيد جي لفظن ۾: ”ڪي خوش فھم ماڻھو (مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن کان ڪن لاٽار ڪندي) باوجود اختلافن جي، هندستانين جي متحده قوم جو آواز ڪڍندا رهيا. انڪري متحده قوم (هندستاني) جي دعويٰ مان جن گروهن جي طبقاتي مفاد کي نقصان ٿي پھتو، تن مان مسلمان مکيه ڌر هئا، جن پاڻ کي مذهب جي نالي ۾ جدا قوم ڪوٺائي ملڪ جي ورهاست ڪرائي.“ (سيد، 2013ع، ص 145)

دراصل اهوئي مسلمانن جي جداگانه قوم واري تخيل جو بنيادي ڪارڻ آهي، جيڪو برصغير جي مخصوص صورتحال ۾ ڪن ڌرين طرفان غير فطري متحده قوم وارو نعرو بلند ڪرڻ ڪري وجود ۾ آندو ويو.

ابتدا ۾ محمد علي جناح پڻ وقتي مصلحتن خاطر مسلم قوم هئڻ واري تخيل جي بنياد تي جدوجھد ڪئي، پر کيس علم هو ته اهو تصور دنيا ۾ ڪٿي به رائج ناهي، انڪري ورهاڱي کانپوءِ پاڻ ان اثر کي جهڪو ڪرڻ لاءِ ڪي قدر ڪوششون پڻ ڪيائين. جيئن 11 آگسٽ 1947ع تي پھرين آئين ساز اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقرير ۾ ان نظريي کي نظرانداز ڪندي، سڀني نسلن، فرقن ۽ مذهبن کي برابريءَ جي بنياد تي هن ملڪ جو شھري ظاهر ڪيو اٿس، پر سندس اها راءِ پروان چڙهي ڪانه سگهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ته پاڻ گهڻو عرصو زنده ڪونه رهيو ۽ باقي جيڪي پويان هئا، انھن جو قديمي تعلق جيئن ته مقامي سرزمين سان بنھه ڪونه هو، انڪري انھن ان ڳالھه ۾ ئي پنھنجو مفاد پئي سمجهيو ته شامل قومن واري جداگانه تصور کي قبول نه ڪندي، ان راءِ کي اُڀرڻ ۽ اُسرڻ ئي نه ڏجي. سيد صاحب جي خيال ۾ انھن وٽ ائين ڪرڻ جا هيٺيان بنيادي سبب هئا.

(الف) جيئن ته ملڪ جو ورهاڱو مسلمانن جي جداگانه قوميت جي بنياد تي ٿيو هو، تنھنڪري ڪن ماڻھن کي خدشو ٿي پيدا ٿيو ته ان نظريي کي ترڪ ڪري، جديد نظريي قوميت کي اختيار ڪرڻ ڪري، مغربي پاڪستان ۽ مشرقي پاڪستان جي هڪ ٻئي کان هڪ هزار ميل پري جدا جدا زبانن ۽ ڪلچرن ۾ ورهايل هئا ۽ ملڪ جي ٻنھي حصن ۾ سياسي ۽ اقتصادي چٽا پيٽي هلندڙ هئي، تنھنڪري سندن خيال هو ته پاڪستان جي يڪجھتي، مذهبي عصبيت کانسواءِ رهي نه سگهندي.

(ب) مسلمانن جي هڪ گروهه ۾، گهڻي وقت کان پئن اسلامزم جي بنياد تي مذهبي اثر ويٺل هئا، اهي ان کان آزاد ٿي نه ٿي سگهيا.

(ت) ڪيترن حڪمران طبقي جي مسلمانن ۾ اهو اثر ويھي ويو هو ته مذهب جي نالي ۾ مسلمانن کي منظم ڪرڻ واري اصول کي ڇڏڻ ڪري، جدا صوبن جي رهاڪن جي اختلاف ڪري پاڪستان جي يڪجھتي ٽٽي انتشار پيدا ٿي، مرڪز ڪمزور ٿي پوندو.“

(سيد، 2013ع، ص 148)

هن وقت تائين ته مذهبي بنياد واري قومي تصور کي رد ڏيڻ وارا ڪيئي مثال موجود آهن، پر جڏهن سيد صاحب ان حوالي سان اِهو خطبو ڏنو پئي تڏهن پاڻ ان وقت واضح طور چيو هيائين ته:

”آءٌ تجربي ۽ فڪر بعد ان نتيجي تي پھتو آهيان ته ان نظريي ۾ اعتبار رکڻ ڪري، قومي شيرازو مضبوط ٿيڻ بدران ڪمزور ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان گهڻو وقت انھيءَ نظريي جو راڳ ڳائيندا رهنداسون ته ممڪن آهي، ته ڪجهه وقت بعد مذهب جو موجوده اثر ۽ وقار ماڻھن تان لھي وڃي.“

(سيد، 2013ع، ص 148)

ان سلسلي ۾ سيد صاحب مختلف حوالن سان مسلمانن جي جداگانه قوم واري مفروضي بابت صلاحيت ۽ افاديت واري حوالي سان تفصيلي نظر وجهي ان کي جديد وطن جي بنياد تي ٻڌل قوم جي متضاد ظاهر ڪندي ثابت ڪيو آهي ته ان نظريي ۾ يقين رکڻ ڪري هيٺين نقصانن ٿيڻ جو انديشو آهي:

·                 جديد مسلمان حڪومتون ٻيءَ ايراضيءَ جي مسلمانن کي صرف مسلمان هئڻ ڪري اُهي سھولتون ڏيئي نه سگهنديون، هر ملڪ کي حق رهي ٿو ته ملڪ جي داخلي مفاد کي جذباتي ڳالھين تي ترجيح ڏئي.

·                 ان نظريي ۾ اعتقاد رکڻ ڪري پاڪستان اندر رهندڙ ٻين مذهبن مثلاً هندو، ٻڌ، ڪرستان ۽ پارسي مذهب رکندڙ پوئلڳن جي ڪھڙي حيثيت هوندي.

·                 ان نظريي ۾ اعتقاد رکڻ ڪري، خود اسلام اندر جيڪي مختلف فرقا آهن تڏهن مذهبي قومي تخيل واري عمل ۾ ڪھڙي فرقي واري مذهب کي برتري هجي، ان بنياد تي موراڳو رياستي اقتدار لاءِ مسلمانن ۾ رساڪشي ۽ ويڙهاند ٿيندي، ان مونجهارو پيدا ڪندڙ تصور بابت سيد صاحب، مولانا عبيدالله سنڌي جي ان حوالي جو سھارو ورتو آهي، جنھن ۾ مولانا صاحب مذهبي تصور واري قومي تخيل کي رد ڪندي اظھار ڪيو هو ته:

”اسان ڪنھن زماني کان هڪ اهڙي اسلامي جماعت جو نالو وٺي رهيا آهيون جنھن بابت اسان جي ذهن ۾ نه ڪو صحيح نقشو آهي، نه اُها ڪٿي دنيا ۾ موجود آهي. اسان پاڻ کي هڪ اهڙي خيالي دنيا ۾ محدود ڪري ڇڏيو آهي، جو نه رڳو اسان ٻين مسلمان ملڪن جي تاريخ، ترقيءَ ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجھد کان غير واقف رهجي ويا آهيون، پر خود پنھنجي ملڪ ۾ اسان جي اڳيان ڪو مقرر ٿيل عملي نظريو موجود نه آهي.“

(سيد، 2013ع، ص 150)

مسلمان قوم وارو خيال هڪ عالمي تصور آهي ڇاڪاڻ ته مسلمان سڄي دنيا ۾ رهن ٿا، ان کي ڪنھن مخصوص ايراضي تائين محدود رکڻ وارو عمل ڪيترن ئي حوالن سان نقصانڪار هجي ٿو. ان ڳالھه کي سيد صاحب ٻين عالمي (نظرياتي) مذهبن سان ڀيٽيندي بيان ڪري ٿو:

”سڀ نظرياتي جماعتون (قومون) جھڙوڪ:
’ڪرسچن‘، ’يھودي‘، ’ٻُڌ‘، ’مسلمان‘ ۽ ’ڪميونسٽ‘ بين الاقوامي اصولن تي ٻڌل ٿين ٿيون. انھن جا مفاد جاگرافيائي ۽ حدن جي رهاڪن سان متضاد ٿيڻ جي حالت ۾ ڪابه جديد حڪومت انھن کي سندن ملڪن جي سياسي معاملن ۾ دست اندزي ڪرڻ نه ڏيندي. البت شخصي اعتقاد ۽ عبادتن جي معاملن ۾ هرڪو آزاد رهي سگهي ٿو.“

(سيد، 2013ع، ص 150)

2)  پاڪستان جي متحده قوم جو تخيل:

مٿي ذڪر ڪيل قوم واري تخيل درحقيقت هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ وجود ورتو آهي. اهو به تڏهن جڏهن مسلمانن جي جداگانه قوم واري تصور، جنھن تي برصغير جي ورهاڱي واري تحريڪ جو بنياد رکيو ويو هو. ورهاڱي ٿي وڃڻ کانپوءِ ان کي ملڪ جي باني محمد علي جناح پاڻ رد ڏيندي اظھار ڪيو هو:  ”اوهان جي مذهب يا ترقي ۽ ملڪ جي ڪاروبار سان ڪوبه واسطو نه آهي. اسان انھيءَ بنيادي اصولن سان شروعات ڪريون ٿا ته اسان هن ملڪ جا هڪجھڙا شھري آهيون.“                      (سيد، 2013ع، ص 147)

اهڙي ريت ورهاڱو به ٿي ويو، ڌار رياست به جڙي ويئي ان جي ڪاروهنوار ۽ عالمي ادارن سان تعلقداريءَ لاءِ مسلم قوميت واري تصور ته ڪم ڪونه پئي ڏنو، ڇاڪاڻ ته سواءِ اسرائيل (سو به لفظي طرح) جي باقي دنيا مذهبي تخيل واري قومي تصور کي خيرباد ڪري چڪي هئي. اهڙي صورتحال ۾ دنيا جي ڪاروهنوار ۾ حصيداري خاطر پاڪستاني متحده قوم واري تصور کي پروان چاڙهيو ويو. ان ۾ به خرابي اها پيدا ڪئي ويئي، جو 1940ع واري قرارداد جنھن ۾ ابتدائي طور اظھار ڪيو ويو هو ته: ”ترڪيبي وحدتون (Constituent Units) آزاد ۽ خودمختيار(Sovereign and Autonomoees)   هونديون.“ ان بنيادي نُقطي جي روشني ۾ جيڪو وفاق جڙڻ کپندو هو، ان کان ڪن لاٽار ڪندي هڪ هٽيءَ واري مرڪزيت تي زور ڏنو ويو، جنھن لاءِ 1946ع ۾ دهليءَ ۾ ٿيل مسلم ليگ جنرل ڪائونسل جو حوالو تيار ڪيو ويو، جنھن States لفظ کي State ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، جنھن جي ڪرڻ جو اهو ادارو مجاز ئي ڪونه هو.

حقيقت اها آهي ته پاڪستان جي متحده قوم واري راهه ۾ وٺڻ مرڪزيت واري سوچ ئي وڏي رڪاوٽ ۽ نفرتن جي پروان چڙهڻ جو ڪارڻ پئي ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي عمل سان رياست ۾ شامل قومن جي قديم تاريخي حيثيت ڪلچر ۽ قومي روايات کي ملياميٽ ڪرڻ وارو رجحان نظر پئي آيو. جيڪڏهن مستقل مفاد (Vestage Interest) رکندڙ قوتون اهڙو عمل ڪرڻ کان پرهيز ڪن ها ته گهربل عالمي معيارن وارو پاڪستاني قوم جو تصور پروان چڙهي پئي سگهيو. ان حوالي سان سيد صاحب پاڪستان جي متحد قوم واري تخيل کي دنيا جي تسليم ڪيل جديد قومي نظريي پٽاندڙ قبول ڪندي، هن خطبي ۾ اهو خيال پيش ڪيو آهي ته:

”پاڪستاني قوم جي تخيل کي تقويت وٺائڻ لاءِ مختلف صوبن جي مڪاني قوميتن ۾ هيٺين ڳالھين تي سمجهوتي جو هئڻ لازمي آهي:

(1) صوبائي آٽوناميءَ جو حق، هرهڪ قديم لساني صوبي کي هئڻ گهرجي.

(2) صوبائي زبانن کي حدن اندر پرائمريءَ کان اعليٰ تعليم تائين تسليم ڪري مڪاني سرڪاري زبان طور ڪتب آڻجي.

(3) صوبائي زمينن، نوڪرين، واپار، ڪارخانن وغيره ۽ اقتصادي معاملن ۾ مڪاني ماڻھن کي ترجيح ڏيڻ.

(4) مڪاني ڪلچر ۽ روايات جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ.

مٿي ذڪر ڪيل خيالن جو نچوڙ سيد صاحب هن طرح بيان ڪيو آهي ته: ”ساري پاڪستاني قوم جي ترقيءَ لاءِ باهمي قبوليت سان منصوبه بندي ڪرڻي پوندي.“

(سيد، 2013ع، ص 153)

3)  لساني وطنن جي بنياد تي، علائقائي قوميت جو تخيل:

موجوده دنيا ۾ جديد قوميت جو بنياد جن ڳالھين تي رکيل آهي، سيد صاحب انھن نُقطن جي پاسداري ڪندي علائقائي قوميت واري تصور کي به وڏي دانائي سان، پاڪستان جي متحده قوم واري تخيل سان جوڙيندي بيان ڪري ٿو ته: ”ان تخيل مطابق: سنڌي، پنجابي، بلوچ، بنگالي ۽ پختون قوميتون پاڪستاني قوم لاءِ ترڪيبي مواد پيدا ڪندڙ قومون ٿين ٿيون، جن ڪن تحفظن جي بنياد تي، هڪ متحده قوم بڻجڻ جو ارادو ڪيو آهي.“                                                         (سيد، 2013ع، ص 154)

ان عمل کي سيد صاحب سوويت يونين واري اتحاد سان تعبير ڪندي انتھا درجي واري قومپرستي (شاونزم) پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ، سنڌين جي حقن، زبان، واپار، زمين ۽ نوڪرين جي معاملي ۾ پوري حفاظت نه ٿيڻ (نظرانداز ڪرڻ) ۽ اسلام ۽ مسلم قوم جي نالي ۾، سنڌين جي جائز گُهرن کي، علائقائي ۽ انتشار پيدا ڪندڙ ذهنيت سڏي، سخت رويو اختيار ڪرڻ واري عمل کي تصور ڪري ٿو.“           (سيد، 2013ع، ص 154)

ڪھڙي سبب ڪري انتھاپسندي وارو شاونزم پروان چڙهي ٿو، ان کي صحي ۽ صحتمند رخ ڏيڻ لاءِ سيد صاحب فرمائي ٿو:

”سنڌين ۾ جديد قومي تخيل جو احساس پيدا ٿيڻ سٺي ڳالھه آهي، پر اسان کي هيءَ ڳالھه ذهن نشين ڪرڻي آهي ته دنيا ۾ ننڍا ننڍا ملڪ گڏجي باهمي مفاد خاطر، يونينن جي صورت اختيار ڪري ويا آهن. (انڪري) سنڌين جي حقن جي حفاظت لاءِ ڪوشش ڪرڻ سان گڏ اسان کي ’پاڪستاني قوم جي گڏيل مفاد‘ کي نظرانداز نه ڪرڻو آهي.“                (سيد، 2013ع، ص 154)

اهڙي طرح سيد جي هن خطبي ۾ سندن مطمع نظر جديد قومي نظريو، جنھن جو بنياد وطن زبان، ڪلچر، روايات، ڪردار سياسي ۽ اقتصادي مفادن تي رکيل هجي ٿو. ان جي سمجهاڻي ڏيندي دنيا اندر مشترڪه مفادن جي بنيادن تي جڙندڙن فيڊريشن جي حوالي سان پاڪستان کي هڪ اهڙي فيڊريشن جي بنياد تي پاڪستاني متحده قوم واري تخيل جي پٺڀرائي پڻ ڪري ٿو. پر ساڳي وقت سيد صاحب سنڌين  ۾ پيدا ٿيل ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي نشاندهي ڪندي اظھار ڪري ٿو ته: ”اسان کي پنھنجي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کي دور ڪرڻ لاءِ، هيٺين ڳالھين کي خيال ۾ رکڻو پوندو:

1)              اسان جو تعليم يافته طبقو، ڪيستائين سنڌين ۾ سنڌيت جي بنياد تي هم خيالي ۽ هم جنسيت جو احساس پيدا ڪرائي سگهيو آهي؟

2)            اسان جيڪڏهن مذهبي قوميت ۾ اعتبار نه ٿا رکون ۽ مذهب کي سياست کان عليحده ڪرڻ جا حامي آهيون ته ردِعمل جي جوش ۾ اچي، مذهب جي بنيادي اصولن تي جرح ڪري، عوام جي جذبات کي ڏکوئڻ نه گهرجي.

3)            مٿانھين طبقي جي خودمطلبيءَ، بزدليءَ ۽ ابن الوقتيءَ ڪڍڻ لاءِ ڪھڙا طريقا اختيار ڪري سگهيا آهيون.

4)            اسان کي هنسا (تشدد) کان هر طرح پاسو ڪرڻ گهرجي پوءِ اهو تشدد جسماني هجي، يا ذهني. (سيد، 2013ع، ص 155)

مٿي بيان ڪيل سموري علمي سوچ ويچار ڪندي سيد صاحب سنڌين جي هم جنسيت ۽ هم آهنگي واري ارتقائي عمل ۾ هيٺيون رڪاوٽون بيان ڪيون آهن:

(الف) بلوچ، سماٽ، سيد، پير، مھاجر، پنجابي، هندو، غريب ۽ شاهوڪار جا تفاوت

(ب)      زبان جو مسئلو پوري طرح حل نه ڪري سگهڻ، گهرن ۾ مختلف ٻوليون ڳالھائڻ جي باوجود سنڌيءَ جي جاءِ تي زوريءَ اردو کي مسلط ڪرڻ واري ڪوشش.

(ت)       قومي مفاد خاطر، شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي قربان ڪرڻ جو مادو سنڌين ۾ پيدا ڪري نه سگهيا آهيون.

(ث)      جديد قومي تخيل ۽ مذهبي قومي تخيل جي تضاد کي سمجهي ذهن صا ڪري، هڪ نُقطي تي پھچي نه سگهيا آهيون.                               (سيد، 2013ع، ص 155)

مٿي بيان ڪيل رڪاوٽون بيان ڪرڻ بعد سيد صاحب اظھار ڪري ٿو ته ”اسان جا نوجوان جڏهن سنڌين ۾ قومي شعور پيدا ڪرڻ گهرن، ته هنن کي پھرين پنھنجا ذهن صاف ڪرڻ گهرجن ته ڪھڙي قومي تخيل جو شور پيدا ڪرڻ گهرن ٿا، قومي هم جنسيت جي راهه ۾ جي رڪاوٽون آهن، تن جي دور ڪرڻ لاءِ ڇا ٿا ڪرڻ گهرن ۽ هنن کي سنڌ جي جملي رهاڪن سان ’جن ۾ آزاد مھاجر به اچي وڃن ٿا‘ تبادله خيال ڪري، تاليف قلوب ذريعي باهمي مفاد جي بنياد تي هم جنسيت ۽ هم خيالي‘ پيدا ڪرڻ گهرجي.“ (سيد، 2013ع، ص 156)

قومي شعور، قومن جي اتفاق، اتحاد ۽ قومي مفاد جي حاصلات لاءِ بنيادي عمل جو درجو رکي ٿو، قومي شعور جي عدم موجودگي ترقيءَ واري راهه ۾ ڪيئي رڪاوٽون پيدا ڪري نقصان جو باعث ٿئي ٿي. انڪري سيد صاحب پنھنجي هن تاريخي خطبي ۾ قوم سان محبت ڪندڙ فردن کي مشورو ڏيندي فرمائي ٿو:

”اسان جي ذي شعور تعليم يافته قومي ڪارڪنن کي، سنڌين ۾ قومي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن.

1)              ملڪ جي سياسي معاملن کان عليحده ٿي، صرف ڪلچر جي پرچار ۽ سماجي خدمت ذريعي، قومي شعور پيدا ڪرڻ گهرجي.

2)            هر ڳالھه اهنسا (عدم تشدد) جي بنياد تي تاليف قلوب ۽ دوستاڻي ترغيب ذريعي فيصلو ڪرڻ گهرجي، اهنسا، جرئت ۽ همت پيدا ڪري ٿي.

3)            حڪومت وقت ۽ ان جي عملدارن سان تصادم ۾ اچڻ کان گوشو اختيار ڪرڻ گهرجي.

4)            سنڌين جي حقن گهرڻ کان اڳ، منجهن قومي هم جنسيت صلاحيت، اتحاد، خودداري ۽ قربانيءَ جو مادو پيدا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته قومي بيداري ۽ اتحاد کان اڳ حق طلبي مستقل مفاد سان تصادم ۾ آڻي، ناڪاميءَ لاءِ دروازو کوليندي.

هر ڳالھه ۾ جوش کان هوش کي اڳواڻ بڻائجي (ڇاڪاڻ ته) قومون ڏينھڪ نه ٺھنديون آهن، ان لاءِ ڪثير صبر، اڻٿڪ ڪوشش قرباني، صحيح تعليم، همت ۽ استقلال جي ضرورت آهي.

سائين جي.ايم.سيد جي افتتاحي خطبي کانپوءِ حفيظ قريشي، شيخ اياز، آغا غلام نبي خان پٺاڻ، تنوير عباسي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي ثقافت ۽ قومي شاعريءَ جي حوالي سان شاندار تقريرون ڪيون. ڪيترن ئي شاعرن شعر پڙهيا. آخر ۾ مائي زهرائي، ڪامل خان ۽ گويي منظور علي خان راڳ جي محفل مچائي صبح جا پنج ڪري ڇڏيا.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ’جيئي سنڌ، جيئي سنڌ‘ جھڙو روح پرور شعر لکي اڳ ئي عام ڪري چڪو هو. انڪري ڏيپلائي صاحب واري اها اپيل ايتري ته اثرانداز ٿي، جو جيئي سنڌ وارو سلام هر پڙهيل جي زبان تي اچي ويو.

اڀن شاهه ۾ ٿيل ان ڪانفرنس ۾ سائين جي.ايم.سيد جيڪو شاندار خطبو پڙهيو هو، ان لاءِ جويي صاحب جو چوڻ آهي ته: ”مان ان کي صوفياڻي تحريڪ جو نچوڙ تصور ڪندو رهيو آهيان.“ (آزاد، 2004ع، ص 190)

هونئن ته سيد صاحب پاران ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي پليٽ فارم تان پيش ڪيل سڀني خطبن ۾ سنڌي قوم ۾ شعور ۽ ساڃاهه پيدا ڪرائڻ جي سلسلي ۾ وڏو مايدار مواد پيش ڪيو ويو آهي، پر اڀن شاهه واري هِن خطبي ۾ پيش ڪيل مواد جي روشنيءَ ۾ قومي ايڪي جي ضرورت ۽ اهميت واري حوالي سان هڪ انٽرويو ۾ جويي صاحٻ اظھار ڪيو هو ته:

”قومي ايڪي ڏانھن ايندڙ راهه، اسان جي عظيم رهبر سائين جي.ايم.سيد اسان کي پنھنجي انگريزي ڪتابچي National Unitya Plea for Sonity  ]”قومي ايڪو- هڪ ڏاهپ ڀري صلاح“[ ۾ ڏسي آهي، جنھن مسئلي ۾ جيڪي دلچسپي رکن ٿا، اُنھن کي ضروري اهو ڪتابچو پڙهڻ کپي، سمجهڻ کپي. ۽ جو ڪجهه ان ۾ ڏسيو ويو آهي ان تي هلڻ کپي.“ (جويو، 2005ع، ص 106)

جويي صاحب اهو انٽرويو 2005ع ۾ ڏنو، ۽ سيد صاحب جو ذڪر ڪيل خطبو 1967ع جو آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته ان ۾ شامل مواد جي اڄ به اوتري ئي اهميت ۽ افاديت آهي جيڪو ان دور ۾ هئي.

سيد صاحب جو پڙهيل اهو خطاب ايترو ته مايدار هو، جو جويو صاحب ان جي ڪاپي، پاڻ سان ڪوهاٽ کڻي ويو ۽ اتي وقت ڪڍي، ان جو انگريزي ترجمو ڪيائين، جيڪو جي.ايم.مھڪري جي تعارف سان مکيه عنوان G.M.Sayed: National Unity هيٺ پبلشر سيد اينڊ سيد سنز ڪراچي وارن 1978ع ۾ شايع ڪيو هو.

 

ببليوگرافي:

1)              آزاد قاضي، سيد جو ساٿي، حفيظ قريشي، 2017ع روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

2)            آزاد قاضي، سمونڊ سوجهيائون، 2004ع، جي.ايم. سيد فائونڊيشن ڪراچي.

3)            آزاد قاضي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو، 2021ع، صداءِ محبت سيريز راڌڻ.

4)            آزاد قاضي، جي.ايم.سيد ۽ شيخ اياز 2024ع، جي.ايم.سيد فائونڊيشن ڄام شورو.

5)             جويو، تاج، سٻاجهو ساڃاهه وند، 2003ع، ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد.

6)            سيد جي.ايم.سيد، ڪجهه خط قومي ڪارڪنن جا، 1983ع، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي حيدرآباد.

7)            سيد، جي.ايم، اڄ پڻ چڪيم چاڪ، 1977ع، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي حيدرآباد.

8)            سيد، جي.ايم، خطباب سيد، 2013ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

9)            سيد، جي.ايم، ڊائري 1967ع.

10) خطبن جو فائيل، جي.ايم.سيد لائبريري سن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org