|
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

ڪوٽ مير گل
سنڌ جي قديم ڪوٽن جي آثارن ۾ ڪوٽ ’مير گل‘ جا آثار
گهڻن لحاظن کان گهڻو دلچسپ ۽ اهم آهن، هن ڪوٽ جي
موجود آثارن ۾ ڪوٽ ۽ ٻين اڏاوتن جون ڊٺل ديوارون،
ڪمرن ۽ وڏي هال جي پٿرن سان پيڙهه، اوڀر ۽ اولھه
وارن اڃا تائين بچيل پٿر مان گهڙي ٺاهيل درن جي
موجود چوکٽن، ٻنڀن وغيره کي ڏسي، نه رڳو ڪاريگرن
جي ڪاريگري پر ڪوٽ ڌڻين جي سھڻي ذوق جي سُڌ به ملي
ٿي. هن نموني جي ڪوٽن ۽ ٻين آثارن مان شاهوڪار سنڌ
جي نه رڳو تھذيبي، تاريخي ۽ معاشي شاهوڪاريءَ جي
پرک پئي ٿي، پر جاگرافيائي سُکيائيءَ سان گڏ فني
شهوڪاريءَ جي پروڙ پوي ٿي.
هيِ ڪوٽ
مير گل
ڪڏهن ٺھيو، ان جي درست تاريخ ۽ دور
جي
ته
سڌ نه
ٿي ملي
پر ملندڙ
تاريخي رڪارڊ ۾ به هن نالي
سان
ڪنھن ڪوٽ جو ذڪر نه
ٿو ملي.
هن ڪوٽ بابت
رڳو ڪجهه مقامي روايتون ملن ٿيون، انھن روايتن
موجب: ”مير گل نالي ميرن جو
هڪ
شھزادو هو، جيڪو هن علائقي ۾ مقرر ٿيل هو، جيئن هو
هتان ڍل، ٻيڙين جو محصول ۽ ٻيلن مان پَن چَري وصول
ڪري.“ هلندڙ
سڀ روايتون هتي ڏيڻ ضروري ناهن. ھتي انھن مان فقط
ھيٺين ھڪ روايت ڏجي ٿي:
”ڪوٽ
ميرگل“
وارو ھنڌ گھڻا زمانا سنڀري. شروع ۾ ھتي ھڪ
وڏو
شھر آباد ھو، ھاڻوڪي ڪوٽ واري پٽ تي ئي اڏيل ھڪ
شاندار ڪوٽ به ھو،
پر اهو ڪوٽ
هن ڪوٽ کان گهڻو وڏو
هو. ھتي ملڪ جي بادشاهه جو ھڪ وزير رھندو ھو. وزير
سان گڏ سرڪاري عملدار ۽ فوجي به رھندا ھئا. تڏھن
سنڌ ملڪ جو تختگاهه ٺٽو ھو. زمانا گذرندا ويا. تن
زمانن ۾ سنڌ گھڻو شاھوڪار ملڪ ھو. سنڌ ملڪ جو
اناج، ڪپڙو، مال
(چوپايو)
کير، مکڻ، ڀلا اُٺ،
گھوڙا،
هتي جي ٻيلن جي
بھڻ
۽ ساڳ
(وڻ)
جي پڪي ڪاٺ مان ٺھيل سامان ۽ ٻيون شيون دنيا جي
ملڪن ۾ مشھور ھيون .
ڪابل-
قنڌار ۽ ٻين گھڻن ئي ملڪن جون بدنظرون ھن ملڪ تي
سدائين رھيون. ھندستان جي دھليءَ جي حڪومت به گھڻا
ئي حملا ڪيا پر ڦٻي نه سگھيا. ھڪ ڀيري دھليءَ جي
بادشاهه ھڪ وڏو فوجي حملو ڪيو،
پر ھتان لنگھندي ھن ڪوٽ جي اوڀرپاسي ڪجهه ميلن جي
فاصلي تي پھتو،
ته اتي وڏي جنگ لڳي جنھن ۾ دھليءَ جو
بادشاهه مارجي ويو. جنگ بند ٿيڻ جو اعلان ٿيو.
دھليءَ جي فوج بادشاهه جو مڙهه کڻي، دھليءَ واپس
ٿي. دھليءَ جو اھو پلاند رھيل ھو، سو گھڻي وقت کان
جنگ جون تياريون ڪندا رھيا. نيٺ دھليءَ جي حڪومت
پاران هڪ ڀيرو وري به هڪ وڏي ڪاهه ڪئي وئي.
دھليءَ جون فوجون سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿي، جنگيون
ڪنديون وڌنديون آيون. ٻنھي پاسن جا لکين فوجي قتل
ٿيا. دشمن فوجن واٽ ايندي جيڪو ڳوٺ يا شھر ٿي ڏٺو،
اھو تباهه ڪري ٿي ڇڏيائون. نيٺ ٺٽي کان اوريان
(اوڀر طرف)
چليا واري ھنڌ تي اچي پھتا. ٺٽي جي فوجن به اتي
اچي ساڻن مقابلو ڪيو، اتي وڏي جنگ لڳي، جنھن ۾ سنڌ
جون فوجون رڪ وانگر سامھون
بيھي
وڙھڻ لڳيون. جڏھن دھليءَ جون فوجون اڳتي وڌي نه
سگھيون تڏھن دھليءَ جو بادشاهه ڳالھين تي لھي آيو.
ڳالھين ۾ سنڌ تي ڪجهه رقم رکي وئي سا وٺي واپس
ٿيو. ويندي ويندي
وري به دوکو ڪري،
ھن شھر ۽ ڪوٽ کي تباهه ڪندا ويا. ھتي جو سارو
سون، چاندي، پئسا ۽ ٻي
سموري
ملڪيت به پاڻ سان کڻي ويا. انھيءَکانپوءِ ھي ڪوٽ
تباهه ٿي ويو. گھڻي زماني کانپوءِ ڪلھوڙا بادشاھن
جي زماني ۾ ھن ڪوٽ جي
وري
مرمت ڪرائي وئي. ڪلھوڙن جو ھڪ ڪوٽار ھن ڪوٽ ۾
رھندو ھو. جيڪو ھتي جي پتڻ ۽ آسپاس جي زمينن جو
محصول وصول ڪندو ھو.
جڏهن سنڌ جي حڪومت ميرن هٿ ڪئي تڏهن وري
ميرن پاران ھتي مقرر ڪيل عملدار ميرگل ھي ھاڻوڪو
ڪوٽ ور ي نئين سري سان ٺھرايو .
تنھن زماني ۾ به
ھن ڪوٽ ۽ آسپاس جي وڏي ڀل-
ڀلان ھئي. آسپاس واريون زمينون به گھڻيون آباد
ھيون. چوپايو مال گھڻو ھئڻ ڪري کير، مکڻ به جام
ھو. درياهه جي پتڻ تي ھر وقت ھڪڙيون ٻيڙيون
اينديون ھيون ته ٻيون پيون
وينديون ھيون. ھڪڙا ماڻھو ۽ سامان پيا ٻيڙين تي
چڙھندا ھئا ته ٻيا پي لھندا ھئا. تڏھن ھن علائقي
جي وڏي اپت ھئي. تنھن زماني ۾ ئي مير محمد خان
ٽالپر درياهه جي ٻنھي پاسن کان ٻٻرن جا وڏا ٻيلا
پوکيا، تنھن ڪري وڻڪاري به وڌي وئي. حڪومت پاران
ٻيلن تي راکا رکيا ويا جيڪي ٻيلن جي سارسنڀال
رکندا ھئا. ان کا ن اڳ ۾ ھتي رڳو بھڻ، ساڳ
(وڻ)
ليون ۽ ٻيا وڻ ٿيندا ھئا.
ڪلھوڙن جي بادشاھي واري زماني ۾ انگريزن ڪلھوڙن جي
اجازت سان سنڌ ۾ اچي ٺٽي، ڪراچي ۽ شاهه بندر ۾
پنھنجون واپاري ڪوٺيون لڳايون. انگريز وڏا بدنيت ۽
ڪوڙا ھئا. ڳالھيون واپار ڪرڻ جون ڪري، رٿون حڪومت
کسڻ جون رٿيائون. نيٺ انگريز ڪراچيءَ
تي قبضو ڪري، بھانا ڪندا آھستي آھستي سنڌ تي قبضو
ڪرڻ لڳا.
انھيءَ سلسلي ۾ ھڪ ڀيري ٺٽي کان ٿيندا جڏھن ھتي
پھتا تڏھن ھتي کان درياهه اُڪري ٻئي پاسي وڃڻ جي
مقصد سان ڪوٽ جي عملدار کي ٻيڙي ڏيڻ لاءِ چيائون.
عملدارن اھو چئي انڪار ڪيو ته حڪومت پاران کين
ڪنھن به
ٻاھرئين ماڻھوءَ
کي پتڻ پار ڪرائڻ لاءِ منع
ٿيل آھي. انگريزن کي اھا ڳالھه ڏکي لڳي پر ماٺ ڪري
اوڀر طرف روانا ٿي ويا. جڏھن انگريزن سنڌ ملڪ تي
وڏو حملو ڪري قبضو ڪيو، ۽ ميرن کان بادشاھي
کسيائون، تڏھن انگريزن پاران پنھنجي ڪمانڊر کي فوج
سان ھتي موڪليو ويو. اھو عملدار ھتي پھچي، ڪوٽ جي
مالڪن کي گرفتار ڪري،
ڪراچي وٺي ويو جن مان ڪيترائي جيلن ۾ مري ويا.
تنھن زماني کانپوءِ ھي ڪوٽ سدائين لاءِ اجڙي ويو.
آسپاس جا ماڻھو به آھستي آھستي ھتان لڏي ٻين ھنڌن
ڏانھن ھليا ويا.(1)
مقامي قصن ۾ ھڪ اھا ڳالھه به ٻڌائي وڃي ٿي ته:
”ڪنھن
زماني ۾ ھن ڪوٽ جي محصول وٺندڙ ھڪ بزرگ کان محصول
گھريو ويو. پئسا نه ھئڻ ڪري سندس گھڻي دل آزاري
ڪئي وئي. تڏھن ان بزرگ جي زبان مان ھي لفظ نڪتا:
’نه
ھي ڪوٽ رھندو، نه عملدار رھندا، نه ئي محصول لاءِ
ڪو پريشان ٿيندو.‘
انھيءَ پٽ
(بددعا)
جي ڪري ھي ڪوٽ سدائين لاءِ اجڙي ويو ۽ پوءِ ڪڏھن
به نه اسريو.“(2)
مٿئين قصي مان ھيٺيون ڳالھيون معلوم ٿين ٿيون:
1.
دھليءَ جو بادشاهه جيڪو قتل ٿيل ڄاڻايل آھي،
منھنجي خيال ۾ اھو دھليءَ جو بادشاهه محمد شاهه ئي
ٿي سگهي ٿو.
تاريخي ڪتابن ۾ جنھن جو موت سونڊا ويجهو ڄاڻايل
آهي ۽ هي ڪوت سونڊا کان 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي
آهي.
ان جي نتيجي ۾ ٻيو حملو دھليءَ جي حاڪم فيروز
شاھه
پاران ڪرايل ٿي سگھي ٿو. هن ڳالھه مان هيءَ
پڻ
ظاهر ٿئي ٿو ته ھي ڪوٽ سومرن جي دور ۾
به
موجود ھو.
ڇاڪاڻ ته اهي حملا ۽ جنگيون سومرن ۽ پوءِ سمن جي
شروعاتي دور ۾ لڳيون هيون.
2.
آڳاٽي ڪوٽ اجڙڻ جي ڪري، ساڳئي ھنڌ تي وري نئون ڪوٽ
اڏايو ويو.
3.
انگريزن پاران ھتان گرفتاريون ڪرڻ ۽ ڪراچي وٺي وڃڻ
بابت ڳولا باوجود ڪو رڪارڊ نٿو ملي.
4.
ھن علائقي جي گھڻي زماني کان اُپت
تمام گھڻي رھي آھي.
هيءَ
به حقيقت آهي ته مير
گل
جي نالي سان ميرن ۾ ڪو ڪردار نه
ٿو ملي، نه ئي ڪنھن تاريخ جي ڪتاب ۾ ڪو اهڙو ذڪر
ٿيل
آهي. البت آثارن مان ملندڙن شاهدين مان ڪي نتيجا
ڪڍي سگهجن ٿا. گهڻن سالن کان لڳاتار هتي اچڻ ۽
جانچڻ کان پوءِ آءٌ
هن نتيجي تي پھتو آهيان ته ’ڪوٽ مير
گل‘
ميرن جي دور کان آڳاٽو آهي.
آءٌ
ڀانيان ٿو هي ڪوٽ سومرن جي دور جو آهي، جيڪو پوءِ
وري ڪلھوڙن جي دور ۾ استعمال ٿيو آهي، ٿي سگهي ٿو
ته ميرن به هن
ڪوٽ
کي
نئين سِري سان ٺھرايو هجي، ڇاڪاڻ ته ڪوٽ جي بنياد
۾ پراڻيون نشانيون به ملن ٿيون. هيءَ به حقيقت آهي
ته
ڪوٽ جي آثارن ۾
هيٺين سطح تي آڳاٽو پر
مٿئين سطح تي پوءِ جو ٺڪراٺو ملي ٿو.
بيهڪ:
ڪوٽ مير
گل
وارو هنڌ جاگرافيائي لحاظ کان هڪ اهم ۽ بِنھه
سهڻن منظرن جي وچ ۾ گهيريل هنڌ آهي. سنڌوءَ مان
آڳاٽي وقت نڪرندڙ ڪلري وهڪري جي ويجهو، تڏهوڪي
تمام وڏي ٻيلي ’ لوئان‘ جي اتر
اوڀر واري هيٺين ڪنڊ تي جابلو ٽڪريءَ سان، ڪچي
واري علائقي ۾ آهي. ڏکڻ طرف کان ويندي، ڏکڻ-اولھه
تائين لوئان ٻيلو، اوڀر ۾ هيلايا ٻيلو
۽ هيلايا پتڻ/شھر
هو. اتر پاسان اڌ ڪلوميٽر تائين
هيٺاهين زمين،
جيڪا لڳ ڀڳ
3
ڪلوميٽر
(اوڀر
کان اولھه)
ڊگهي پٽي آهي. اتر ۾ ان ٿورڙي ڪچي سان
لڳ خوبصورت جابلو علائقو ۽ ان جابلو علائقي جي
ڪنڌيءَ سان قديم قبرستان
’پليجاڻو‘
آهي. ان قبرستان ۾ تاريخ کان اڳ واري دور کان وٺي
ويجهڙ
(ماضي
قريب)
واري دور جون قبرون موجود آهن.
هيءُ
ڪوٽ جابلو پٽيءَ سان لڳ ڪچي واري علائقي ۾ آهي.
زميني سطح کان اٽڪل ٽيھارو کن فوٽ اوچي ڀٽ تي آهي.
اها ڀٽ اوڀر کان اولھه ۾ اٽڪل ٽي ڪلوميٽر آهي،
پر
1968ع ۾
ڏکڻ واري ڀاڱي مان بئراج نڪرڻ جي ڪري، اتر
کان ڏکڻ واري ماپ يقيني لکي نه
ٿي سگهجي. آسپاس ۾ رهندڙ جهونن جي چوڻ موجب
ڪوٽ واري
ڀٽ اتر کان ڏکڻ اٽڪل اڍائين کان ٽي
ڪلوميٽر پکيڙ ۾ هئي. هڪ پاسي جابلو علائقو ۽ ٽن
طرفان کان گهاٽا ٻيلا هئڻ ۽ ٻيلن کان اڳيان اوڀر
کان اولھه
تائين گولائيءَ ۾ وهندڙ سنڌو ۽ جنھن مان نڪرندڙ
ڪلريءَ وارو وهڪرو وهندو
رهندو
هو، وڏو وهڪرو بگهاڙ اولھه ڏکڻ ويندو هو .هاڻي به
ڪوٽ وارن آثارن تي بيھي اهو آڳاٽي دور جي منظرن جو
تصور ڪجي ٿو،
ته ڪجهه گهڙين لاءِ وڃائجي وڃبو آهي. اڄ
(3
مارچ
1996ع)
کان ٽيھارو سال اڳ جي منظرن ۽ چانڊوڪين جو ذڪر
ڪندي، هتي جا جهونا ٿڪبا ئي ناهن.
ڏٺو وڃي ته ’ڪوٽ مير
گل‘
اهڙي هنڌ تي هو، جتان پري پري تائين وڃڻ لاءِ
اتر طرف کان خشڪيءَ جا رستا موجود هئا.
هتان کان رستا نڪري اُتر طرف افغانستان ڏانھن
ويندڙ قديم رستي سان وڃي ملندا هئا/آهن ته اُتر
اولھه طرف وارو رستو اڳتي وڃي بلوچستان جي علائقن
کان ٿيندو ايران ٻين ملڪن تائين وڃڻ لاءِ موجود
هوندو هو. اولھه طرف ڪراچيءَ تائين ته سڌو ۽
سَھنجو رستو موجود هو.
ويجهو ئي
ڏکڻ پاسان سنڌو درياهه رستي به
اچ وڃ جي وڏي سھوليت
موجود هئي. درياهه وسيلي ملتان ۽ اڃا به اڳتي
لاهور تائين به وڃڻ لاءِ سنڌو موجود هو ته وري ٻئي
طرف سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين پھچي
پوءِ ڏور ڏيھن
تائين به وڃڻ جي وڏي سھوليت
موجود
هئي.


پهچڻ لاءِ رستو
ٺٽي کان
20
ڪلوميٽر اوڀرطرف ٺٽي _حيدرآباد شاهراهه تي ڪِنجهر
بس اسٽاپ کان
5
ڪلوميٽر پھرين،
ٻروڙي چاڙهي لھڻ
سان، پليجاڻي قبرستان جي اولھه ڀرمان ڪچو رستو ڏکڻ
طرف نڪري ٿو، جيڪو قبرستان جي اولھه کان ڦرندو،
جابلو ٽڪريءَ تان هيٺاهينءَ ۾ لھندو،
ڪوٽ جي آثارن تائين پھچي
ٿو. گاڏيءَ
رستي وڃڻ
لاءِ چڱو رستو ٻروڙي چاڙهيءَ کان پھرين
آهي. اهو رستو ڳوٺ خميسي جاکري کان ٿيندو، بئراج
واري پٽڙيءَ سان وٺي، ٿورو ئي اوڀر طرف وڃبو،
ته ڪوٽ جي آثارن جي وچ ۾ وڃي رسبو.
آثا ر
ستر واري ڏهاڪي يعني بئراج ٺھڻ
کان اڳ هن ڪوٽ ۽ ٻين اڏاوتن جا آثار گهڻي پکيڙ ۾
ٻڌايا وڃن ٿا. هن وقت جڏهن ڪوٽ جي صورتحال کي ڏسجي
ٿو ته چڱيءَ طرح اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اولھه ۽
اوڀر وارين ديوارن جا نشان چٽا
موجود
آهن،
ائين
اتر واري ديوار جا نشان به باقي وڃي بچيا آهن، پر
ڏکڻ وارو چڱو پاسو بئراج ۾ اچي چڪو آهي. بئراج پار
ڪري ٻئي طرف وڃبو ته اتي به ڳاڙهين سِرن ۽ پٿرن جا
ڍير ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنھن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو
ته بئراج آثارن جي وچ مان گذاريو ويو آهي. بئراج
سان ٺاهيل رستو/پٽڙيءَ کي جانچي ڏسڻ سان به معلوم
ٿئي ٿو،
ته موجود آثارن کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر ۽ ڏيڍ
ڪلوميٽر اولھه ۾ به ٺڪر ۽ پٿر پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندا.
ائين
وري ڪوٽ جي
اُترين
ديوار کان ويندي ٽڪريءَ تائين سِرن
جا ٽڪر ۽ ٺڪراٺو ملي ٿو. هتي چٽيءَ طرح اهو به
ڏسڻ ۾ اچي ٿو،
ته آثارن واري هنڌ تان مٽي کڻي بئراج جي پٽڙي ٺاهي
ويئي آهي. اتر واري ڀاڱي ۾ ڪن هنڌن تي زمين کيڙي
پوکڻ جي ڪري به آثارن کي
گهڻو
نقصان رسيو آهي.
ذڪر ٿي چڪو آھي ته هن وقت ڪوٽ جي ٻاهرين ديوارن ۾
فقط اولھه، اوڀر ۽ اُتر وارا آثار ڏسي سگهجن ٿا،
۽
ڏکڻ وارو ڀاڱو مڪمل ختم ٿي چڪو آهي. اوڀر کان
اولھه واري ديوار
135
فوٽ ۽ اُتر کان ڏکڻ
115
فوٽ ماپ
بچيل
آهي. ڪوٽ جي وچ ۾ ڪمرن جا جيڪي آثار ملن ٿا، انھن
جي صورتحال هن ريت آهي:
اوڀر ۽ اولھه طرف هڪ هڪ در آهي. هاڻي درن جا رڳو
گهڙيل پٿرن جا چوکٽ
موجود
آهن. هر هڪ چوکٽ جي ماپ،
اوچائي 7
فوٽ ۽ ويڪر
3
فوٽ آهي. مک در ڏکڻ طرف هو ،جيڪو بئراج جي کاڄ ٿي
چڪو آهي. اُتر پاسي
6
دريون ٻڌايون وڃن ٿيون، پر اُتر پاسي کان اسان کي
ڪو به اهڙو نشان نظر نه آيو. ڇاڪاڻ
ته اُتر
واري ديوار به ڊهي چڪي آهي، هاڻي ان
جو فقط بنياد کان ٿورو مٿي،
يعني هيٺيون ڀاڱو ڏسجي ٿو. ڪمرن جي فرش ۾ چئن ئي
پاسن کان پٿر ۽ وچ واري ڀاڱي ۾ ڳاڙهيون سرون
استعمال ٿيل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
اولھه ۽ اوڀر پاسن کان هڪ هڪ ڪمري جا ۽ وچ ۾ وڏي
هال جي ديوارن جا نشان چٽا موجود آهن. ڏکڻ ۾ خاص
ڪري اوڀارئين ڀاڱي ۾ ڪمرن جي ديوارن جا اهڃاڻ اڃا
به آهن. ڪوٽ کان اولھه ۾ ڇھه
هزار فوٽن
جي وڇوٽيءَ
تائين به ڪن ڪمرن جي ديوارن جا آثار ڏسجن ٿا.
انھيءَ مان ظاھر آھي،
ته ڪوٽ کان ٻاھرئين پاسن کان به ڪي اڏاوتون موجود
ھيون .
|

ٺڪراٺو |

ٺڪراٺو |
|


ٺڪراٺو |

ٺڪراٺو |
|

|


ڪوٽ جي ديوار
|
|

ڪوٽ جي ديوار جو ايريگيشن جي عملدارن
پاران ڪيل نقصان جو ڏيک |
|

اولھه وارو درواز و |

اوڀر وارو درواز و |
آثارن مان ملندڙ شيو ن:
ڪوٽ ۽ آسپاس وارين اڏاوتن جي آثارن ۾ پکڙيل ٺڪر جي
ٿانون جا ٽُڪر
تمام گهڻا
موجود آهن.
منھنجي خيال ۾ هي ڪوٽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن دورن تي مشتمل
آهي ۽ ملندڙ شيون به ٻن دورن سان تعلق رکن ٿيون.
ڪجهه اهڙن ڪونڊن ۽ ماٽين جا ٽڪرا به ملن ٿا، جن تي
باهين جا نشان آهن، جيڪي
ٿانوَ اصل ۾
گهڻو ڪري ڳاڙهي رنگ جا لسا آهن. ڪن
ٿانون
تي ڪاري رنگ سان چٽ به آهن. ٿانون جي چٽن ۾ خاص
ڪري وڻ ۽ ٻوٽن جا پن چٽيل آهن. هڪ پاٽ جي ٽڪرن کي
جڏهن گڏي ڏٺو ويو ته ان تي اندرئين پاسي ڪناري کان
گولائي ۾ ٻه لڪيرون ڏنل آهن ۽ لڪيرن جي وچ ۾ پنن
سميت ول چٽيل آهي. پاسي واري ڳوٺ خميسي جاکري جي
هڪ ڳوٺاڻي کي هڪ سالم لوٽو ۽ ماٽي به ملي آهي.
ٺڪر مان نفاست سان ٺھيل
هڪ اهڙو سالم ٿانءَ به مليو آهي(3)،
جنھن جي ڳچي صراحيءَ جھڙي
پر پاسي کان ٽونٽي آهي،
جھڙي
ريت لوٽي
(ڪونري)
کي هوندي آهي، هيٺيون ڀاڱو دلي/مٽڪي جھڙو، پر تري
کان مٽڪي وانگر گول ڪنار سان کُليل آهي. هن نموني
جو ٿانءُ
ٻئي ڪنھن هنڌ تان نه مليو آهي. ڪن ڄاڻن جو چوڻ آهي
ته
مختلف شين کي ڪاڙهي انھن مان عرق ڪڍڻ لاءِ اهو
ٿانءُ استعمال ٿيندو هو، ۽ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته
اهو
ڪلاڙڪو ٿانءُ
آهي،
جيڪو باهه تي چڙهيل ڪُني جي مٿان رکي مڌ چڪائڻ جي
ڪم ايندو هو.ڳاڙهي رنگ جي ٺڪر مان ٺھيل
سمورا
ٿانوَ سَنھا
۽ ڏاڍي نفاست سان ٺھيل
آهن. ٿانوَن کان سواءِ سارين ڏرڻ جي جنڊين جا اڌ
۽ ننڍا ٽڪرا
ته تمام گهڻا
پکڙيل ڏسجن ٿا. هتان هڪ ٻئي ڳوٺاڻي کي ننڍا ننڍا
سڪا به مليا آهن(4)،
گهڻي ڪوشش باوجود اهي پڙهي نٿا سگهجن،
ڇاڪاڻ ته اُهي سِڪا گهڻو ڳري وڃڻ جي ڪري مٿانئن
لکت ۽ سمورا نشان ڊهي ختم ٿي چڪا آهن. هڪ ڇُري ۽
سوپارين ڪٽڻ جي سوئڙي ثابت ملي آهي. آثارن جي
اوڀارين ڀاڱي وٽان
ڳوٺاڻن کي
ڳريل شڪل ۾ ٻيڙيءَ جي ناتاري به ملي آهي. مليل اهي
سموريون شيون اسان کي
3 مارچ 1996ع
تي ڏيکاريون ويون.
ڪوٽ جي اولھه طرف ڪجهه فاصلي تي ڳوٺاڻن کي ٻه
اھڙا سڪا مليا آھن جن تي محمد طور لکيل آھي.

آثارن مان ڳوٺاڻن کي مليل سِڪا

آثارن مان مليل نفاست سان ٺھيل
ٺڪر جو لوٽو

ٺڪراٺو ۽ ٺڪراٺي مان مليل ڏيئو

آثارن مان مليل
جنڊيءَ جو نمونو

آثارن واري هنڌ، ڳوٺاڻو شفيع محمد جاکرو محقق سان
گڏ
آسپاس
ڪوٽ مير گل جي اتر ۾ هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي جابلو
ڪنڌيءَ سان هڪ قديم قبرستان ’پليجاڻو‘ جي نالي سان
مشھور
آهي. پليجاڻي ۾ جهوني دور کان وٺي ويجهڙ واري دور
جون قبرون نظر اچن ٿيون. انھن ۾ خاص ڪري ڀر ۾
اوچين ٽڪرين تي ٺھيل
قبرون تاريخ جي
ڳڻپ واري
دور کان آڳاٽيون آهن، قبرن مٿان رکيل پٿرن تي’
مور‘ جون شڪليون سھڻي
نموني سان اُڪريل آهن. اوڀارين هڪ
ٽڪريءَ تي قبرن مان ڪن تي گهوڙيسوار ۽ تيرن جا
نشان به اُڪريل آهن. ٽڪريءَ تي
هيٺاهين قبرستان ۾ اڃا تائين هزارين قبرون موجود
آهن. ڪٿي ڪٿي لڳي ٿو ته ڪي آڳاٽين قبرن مٿا ن وري
ٻيون قبرون به ٺھيل
آهن. قبرستان ۾ هن وقت به
16
اهڙيون قبرون آهن، جن جي سِري وارا لڳل اڀا
پٿر گھڻا ڊگها آهن. جن ۾
8
قبرن جا
8
فوٽ
اُڀا آهن
۽
3
قبرن جي سري وٽان ، زميني سطح کان
10
فٽ مٿي اڀا پٿر موجود آهن. ڪيترين ئي
قبرن تي چٽساليءَ وارا پٿر به رکيل آهن. ڪنھن به
قبر تي سن لکيل نه ٿو ڏسجي. ڪن قبرن تي ذات
’جاکرو‘
ته ڪن ٿورين تي فقط نالا
اُڪريل آهي. هڪ قبرجي پٿر تي
’ناڪ
و‘
شايد
’ناکئو‘
۽
ٽن
قبرن
تي
’ڪندره‘
( گندر و) اُڪريل آهي. ٽن قبرن جي پٿرن تي هيٺيان
اهڃاڻ اڀريل آهن:

ڏٺو ويو آهي ته عام طرح قبرن جي پٿرن تي نشان
ڪنديل يعني پٿر ۾ اندر ڪٽي ڪڍيل هوندا آهن، پر هنن
قبرن جا نشان اڀريل
Emboss
آهن. هتي ٻه اهڙيون قبرون به آهن، جن مٿان پٿر
بدران وڏيون ڊگهيون، ويڪريون ۽ ٿلھيون
(پٿر
جي سليبن وانگر)
ٺڪر جون پڪل ڳاڙهيون سِرون رکيل آهن.
هڪ قبر اهڙي به آهي، جنھن قبر مٿان سيرانديءَ کان
پيرانديءَ تائين ٺڪر مان ٺھيل وڏو جهنگلو (تابوت)
رکيل آهي.
اوڀر طرف ڏيڍ کن ڪلوميٽر جي فاصلي تي بئراج جي
پٽڙيءَ سان هڪ اهڙو
مٿاهون
ٿلھو
به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنھن تي ڪجهه وڏا پٿر ۽ ٺڪراٺو
پيل آهي. ٺڪراٺي جي نموني مان اندازو ٿئي ٿو ته
اتي ڪو مندر وغيره هو.
ڪوٽ جي اولھه طرف پٽڙيءَ جي ويجهو بئراج واري پل
جي سامهون جابلو علائقي ۾ خميسي جاکري جي ڳوٺ جي
آسپاس ڪجهه اهڙا پٿر به پيل آهن، جن تي اُڪريل
گلڪاريءَ کي ڏسي، اندازو ٿئي ٿو ته اهي اڄ کان
گهڻو آڳاٽو گهڙيل آهن. ڳوٺ جي اولھه ۾ ويجهو ئي هڪ
وڏو پٿر اهڙو به پيل آهي، جنھن جي هڪ پاسي بنھه
نفاست سان چٽ اُڪريل آهن ۽ باقي پاسا
لسا آهن، جنھن مان لڳي ٿو ته اتي ئي ڪاريگر پٿر
گهڙيندا ۽ مٿن اُڪر جو ڪم ڪندا هئا يا
ائين کڻي چئجي،
ته اهوئي سندن ڪارخانو هو. هاڻي اهي
ڪاريگر ته نه رهيا آهن، پر سندن ڇڏيل فن اڃا به
ڏسندڙن ۽ محققن لاءِ موجود آهي.
زباني روايتو ن
1.
بصر ڀنڀرو عمر 45 سال بتاريخ 7 جنوري 1996ع ڳوٺ
بصر ڀنڀرو ويجهو چليا پيپرمِل.
2.
شفيع محمد جاکرو، عمر
60
ورهيه، بتاريخ
3
مارچ
1996ع
ويٺل ڳوٺ خميسو جاکرو.
3.
محمد ابراهيم جاکرو، عمر
40
ورهيه، بتاريخ
3
مارچ
1996ع
ويٺل ڳوٺ وڏيرو جاکرو.
4.
آدم مير بحر، عمر
58
ورهيه، ويٺل ڳوٺ ساريجي.
5.
نوٽ: ڪوٽ مير گل وارو علائقو
آءٌ
گهڻي زماني کان مختلف وقتن تي ڏسندو رهيو آهيان
.پوئين دور ۾ گهڻو ڪري هر ڀيري منھنجو شاگرد
/ڀاءُ يونس شورو مون سان گڏ اچي، آسپاس جي ڳوٺاڻن
سان ملائيندو ۽ ڪچھريون ڪرائيندو رهيو آهي. |