سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ماڻهو شهر ڀنڀور جا

 

صفحو :9

قدرت سندس ساهُه سنڌ جي ڌرتيءَ سان سنهيءَ سئيءَ سان سبي ڇڏيو هو. سيم سان ڀريل جتيون، ميراڻيون ٽوپيون، ململ جا پٽڪا ۽ ٺٽي جون لونگيون شؤق سان پائيندو هو. ڪـِريون - اي (CRAVEN-A) سگريٽ بدران پن جون ٻيڙيون ڇڪيندو هو. انگريزي طرز تي ڪانٽن ۽ ڇرين بدران، سنڌي نموني، هٿن سان ماني کائيندو هو.

متيرن جو آچار، سرنهن جو ساڳ، ڪڪڙ جو پلاءُ، تتر جو ٻوڙ ۽ پڪل تلور کي بهشت جون نعمتون ڀائيندو هو. شراب ڪباب کي سڄي عمر ويجهو ڪونه ويو، نه وري رنڊين جو راڳ ٻڌائين، پر سنڌ سان ايڏي عشق هوندي به ”ون يونٽ“ جهڙي ڪُڌي ڪم ۾ هٿ وڌائين، ته پنهنجو دامن هميشه لاءِ داغدار ڪري ڇڏيائين. اهو داغ سڄي عمر ڌوئي ڪونه سگهيو. اهو ئي سبب آهي، جو پاڻ به پوءِ کهڙي صاحب وانگر سنڌ جي سياست ۾ وري اُپڙي ڪونه سگهيو.

سائين جي.ايم. سيد ڏانهن پنهنجي خطن ۾  ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ جيڪو دليل ڏنو اٿس، اهو تمام ڪمزور آهي. حفيظ قريشيءَ صحيح چيو هو ته، ”رڳو فردَ مظلوم ڪونه ٿيندا آهن، قومون به مظلوم ٿينديون آهن. راشدي صاحب جون وڏيرن تي باهيون هيون. پر، ون يونٽ ٺاهي، هن رڳو وڏيرن کي لاهور جا ڌڪا ڪونه کارايا. سڄيءَ سنڌي قوم کي مظلوم ڪري ڇڏيو!“

سائين جي.ايم سيد مون سان ڳالهه ڪئي ته پيرزادي صاحب، خانصاحب ڪيهر، راشدي صاحب ۽ قاضي محمد اڪبر کي پنهنجيءَ وزارت مان ڪنهن سياسي سبب ڪري ڪڍي ڇڏيو. راشدي صاحب جي ”انا“ مجروح ٿي هن انهيءَ بيعزتيءَ جو انتقام وٺڻ لاءِ سٽون سٽڻ شروع ڪيون. موقعي جو انتظار ڪندو رهيو. جڏهن کڻڪ پيس ته ڪي پنجابي سياستدان بنگالين کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ ٻنهي پاسي ٻه صوبا ٺاهي، سڄو قصو برابريءَ (PARITY) جي بنياد تي هلائڻ گهرن ٿا ته راشدي صاحب وڃي ساڻن شامل ٿيو.

سنڌ صوبي کي اولهه پاڪستان جي يڪي صوبي ۾ مدغم ڪرڻ لاءِ  پنجابين کي ٻيو مؤثر مددگار خانبهادر کهڙو نظر آيو، هن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. لياقت عليءَ وارن چونڊيل سنڌي وزير اعليٰ هوندي به کيس ڊسمس ڪيو ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو. کهڙي صاحب سنڌ لاءِ ايڏي قرباني ڏني. پر، سنڌي وڏيرن ان جو قدر ڪونه ڪيو. وڏيرو هميشه سرڪار پرست ٿيندو آهي. کهڙو صاحب دلي طرح مجروح ٿيو ويٺو هو. موقعي جي انتظار ۾ هو. جڏهن پنجابي سياستدانن خاطري ڏنس ته اسان سنڌين کي ون يونٽ ۾ سڀ حق ڏينداسين تڏهن هو ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ آماده ٿي ويو. ائين ون يونٽ جي معمارن کي پنهنجي مرضي جا گهربل ماڻهو ملي ويا ۽ کهڙي صاحب ۽ راشدي صاحب کي به پنهنجن وڏيرن کان انتقام وٺڻ جو موقعو ملي ويو. سنڌ ۾ پيرزادي صاحب جي وزارت ختم ٿي وئي. راشدي صاحب، خانبهادر کهڙي سان گڏ پاور ۾ آيو.

سائين جي.ايم. سيد انهيءَ ڳالهه تي تبصرو ڪندي چيو ته، ”کهڙي کي ون يونٽ جو گناهه بخشي سگهجي ٿو، ليڪن راشديءَ کي نه.“

ون يونٽ جي مخالفت ڪري، سائين جي.ايم.سيد سالن جا سال نظربند هو. جڏهن ون يونٽ ٽُٽو، ته لئه ۾ آيو. سنڌ جي نوجوانن ئي ورهين جا ورهيه محنتون ڪري، کيس سنڌ جو هيرو ڪيو هو. وڏيرا ۽ سيد سڳورا ته ڪڏهو ڪو ڇڏي ويا هئس. پر، حيرت آهي ته جڏهن راشدي صاحب پاسو ڏنس، ته نوجوان اديب، شاعر ۽ شاگرد اڳواڻ وسري ويس. بلڪه، ون يونٽ ٺاهڻ ۾ راشدي صاحب جو ڏوهه به وسري ويس. جيئن راشدي صاحب چيس، تيئن ڪيائين.

سائينءَ کي ائين آسانيءَ سان نوجوانن کان ڦيرائي وڃڻ واقعي راشدي صاحب جو ڪمال هو!

راشدي صاحب جي ”انا“ ۽ ”ارڏائيءَ“ جا ڪيئي داستان ٻڌا اٿم. ڪي خود کانئس، ڪي سائين جي. ايم. سيد کان، ڪي سائين حسام الدين شاهه کان، ڪي حاجي مولابخش سومري کان، ڪي رحيم بخش سومري کان ۽ ڪي سندس فرزند حُسين شاهه کان. پر، انهن ۾ هڪڙو به ڪتاب ۾ لکڻ جهڙو ڪونهي! ڏاڍا ڏکوئيندڙ آهن. راشدي صاحب وڏي آفت هو. صحيح معنيٰ ۾ ”ٻرندڙ جبل“ (Volcano) هو.

راشدي صاحب آسمان مان ”من وسلويٰ“ جي نازل ٿيڻ جي اُميد ڪانه رکندو هو. چوندو هو ته ”جَوَ پوکبا ته ڪڻڪ ڪانه لڻبي.“ پاڻ پنهنجيءَ پتيءَ جو ڪم وڏي محنت سان سرانجام ڏيئي، نتيجي لاءِ قسمت جي فيصلي جو انتظار ڪندو هو. هميشه چوندو هو ته،  ”ڳوٽ ڀڄندي آهي عقل سان.“

سندس ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾، شاهڪار آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ وڏيرڪي زندگيءَ جي جيڪا تصوير ڪڍي اٿس، انهيءَ تي، ٽي.وي. لاءِ شاندار فلم ٺهي سگهي ٿي. پر ايڏي صلاحيت هوندي به، هن سائين جي.ايم.سيد وانگر ڪوبه ادبي ادارو يا ’ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز‘ جهڙو ادارو قائم ڪونه ڪيو، توڙي جو پڪي راڳ جو شوقين به هو. سنڌ سندس پايي جو صحافي نه اڳي پيدا ڪيو هو ۽ نه وري کانئس پوءِ ڪيو آهي، پر پاڻ سنڌي زبان ۾ ڪا روزاني اخبار به جاري ڪري ڪونه سگهيو. ورندو سنڌ جي اڪيليءَ قومي اخبار ”الوحيد“ کي به ”ون يونٽ“ ٺاهڻ لاءِ بند ڪيائين، جا ان جي مخالفت ڪري رهي هئي. ”اهي ڏينهن اُهي شينهن“ ڪتاب ۾، قيصر خان بوزدار جي قصي ۾ اخلاقي قدرن ۽ قدرتي انصاف جي موضوع تي دلچسپ گفتگو ڪئي اٿس. ان ۾ سندس پنهنجي سڀاءَ جو اولڙو به نظر اچي ٿو.

شيڪسپيئر جي نقادن جو هڪ دلپسند موضوع اهو آهي ته انگريزي زبان جو هي هاڪارو شاعر قدرتي انصاف جو قائل هو يا نه؟

راشدي صاحب پڻ ساڳيو سوال اٿاريو آهي ۽ پنهنجو مشاهدو ٻڌايو آهي ته: ”ظاهر ته اهو ئي نظر اچي ٿو ته چور ڇٽو وڃي ٿو ۽ ڀاڳيو ٻڌو وڃي ٿو.“

سنڌي زبان ۾ ورلي ڪي اهلِ قلم هوندا، جن جي نگاهه راشدي وانگر انساني سوچ جي بنيادي مرڪزن تائين پهتي هوندي. زندگيءَ جا بنيادي مسئلا ڇيڙيندو ته هو، پر اونهو ڪونه ويندو هو. سرسري طور سماپت ڪري ڇڏيندو هو.

راشدي صاحب دنياداريءَ جي معاملن کي ”آئيڊيلسٽ“ (IDEALIST) انداز سان ڏسڻ، بدران ”پريڪٽيڪل“ (PRACTICAL) نقطه نگاهه کان پرکيندو هو. منهنجو خيال آهي ته:

”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ“ بدران، ”ڇن جو ڇانورڙو پسند ڪندو هو.

هيڪر ڪراچيءَ مان مون کي پيغام موڪليائين ته، ”مانيءَ جو بندوبست ڪر، هوٽل ۾ ڏينهن ٺاري، دادوءَ هليا وينداسين.“ مون ڳوري ماني ڪرائي. آيو ته کائي ڍؤ ڪري، سمهي پيو. گرميءَ جي مند هئي. وري شام جو ملياسين، ته دادوءَ وڃڻ جو ارادو بدلايائين ۽ مون کان پڇيائين ته، ”ڪاڏي گهمڻ هلون؟“

مون سوچي چيو ته، ”علامه قاضي صاحب وٽ هلون.“ فورا جواب ڏنائين ته، ”انهيءَ وٽ پنهنجو وقت ڪير وڃائيندو؟“

پر، جڏهن علامه صاحب وفات ڪئي، ته مٿس ”جنگ“ اخبار ۾ جيڪو مضمون لکيائين، اهو جويي صاحب سنڌيءَ ۾ ”عبرت“ اخبار ۾ ترجمو ڪري ڇپايو ۽ نوٽ هنيو ته، ”هن مضمون مون کي بار بار روئاريو.“

مائٽن سندس نالو علي محمد رکيو هو. پاڻ پنهنجي اولاد جا جيڪي نالا رکيائين، سي سندس مذهبي لاڙي ۽ حُسنِ ذوق جا آئينه دار آهن، مثلاً حَسن، حُسين، حُسنا، محسن، عادل، عنادل ۽ ٻيا.

راشدي صاحب اخلاقي قدرن جي شڪست کي مڃڻ ۽ آئيڊيلسٽ نه هجڻ جي باوجود روحانيت جو قائل هو. مون کيس ڪڏهن به نماز يا تسبيح پڙهندي ته ڪونه ڏٺو، پر هڪ دفعي جڏهن ساڻس روحانيت بابت بحث ڪيم، ته پڇيائين: ”تون ايٽم بم جي قوت کي مڃين ٿو؟“

مون چيو ”هائو.“

پاڻ چيائين ته، ”چڱو، مان توکي ايٽم بم جو نسخو آڻي ڏيان ۽ مسالو به موجود ڪري ڏيان، ته ايٽم بم ٺاهي سگهندين؟“

”نه“ مون کيس صاف جواب ڏنو.

چيائين ته، ”روحانيت جو مثال به ائين آهي. اها ڳالهه تنهنجي ۽ منهنجي سمجهه کان مٿي آهي، پر حقيقت آهي.“

ٻئي دفعي مون سندس گهر ۾ کانئس نماز پڙهڻ لاءِ مصلو گهريو. نماز پڙهي بس ڪيم، ته مون کي چيائين ته: ”توکي هڪ وظيفو ڏسيان، اهو پڙهي ڇڏيندو ڪر.“ قرآن ڪريم جا ڪي الفاظ هئا.

قرآن ته سڄو ئي نور آهي، پر مان نماز جو قائل آهيان، سو سندس صلاح تي عمل ڪونه ڪيم. پر، ائين سمجهيم ته پاڻ شايد پنهنجي ليکي اهو وظيفو پڙهندو آهي.

ليڪن، انهن خيالن ۽ عقيدن جي باوجود، تاريخي واقعن جو نتيجو ڪڍڻ ۾ بيباڪ هوندو هو. هڪ دفعي مولانا قاسميءَ ۽ مون سان ڪچهري ڪندي، چين جي سوشلسٽ اڳواڻن جي وفات کان پوءِ سندس ڏاڍي تعريف ڪيائين.

مون ساڻس اختلاف ڪندي چيو ته، ”مائوءَ جي گهر واريءَ جو ڪهڙو حشر ڪيائون؟“

اهو ٻڌي، ٺهه ٺهه چيائين ته، ”تو وارا پاڻ ۾ ڪونه وڙهيا هئا؟“

هڪ دفعي سندس ڀاءُ سائين حسام الدين شاهه مون کي چيو ته، علي محمد شاهه جهڙن ماڻهن جي سوچ ڌرتيءَ ۾ زلزلا آڻيندي آهي.

ٻئي دفعي، سندس گهرواريءَ، مسز ممتاز راشديءَ مون کي چيو ته:

   MY HUSBAND IS A COLD-BLOODED POLITICIAN

راشدي صاحب هڪ دفعي پاڻ مون کي چيو ته، ”سنڌ جا ماڻهو ان ڏينهن کان ڊڄن، جڏهن دشمن، منجهن ڦوٽ وجهڻ لاءِ، ٻروچ ۽ سماٽ جو سوال اٿاريندو.“

ٻئي دفعي مون کي صلاح ڏنائين ته، ”ماڻهن تي سوچي ڀروسو ڪجانءِ،  غلام فريد چيو آهي ته:   

”بيوفا ڀــِرا ڪنون، ڪُتا يار ڪريجي.“

اهي ڳالهيون ورلي ڪندو هو. گهٽ ڳالهائيندو هو. سدائين سوچيندو رهندو هو. پائيپ ڇڪيندو رهندو هو.

هڪ دفعي ٻڌايائين ته جڏهن اطلاعات جي وفاقي وزارت ڇڏي هئم، تڏهن استعفيٰ لکي، ڪاري صاحب وٽ کڻي ويو هوس. جڏهن ساڻس مليس، ته پنو پادر مان ڪڍي، سندس سامهون ميز تي رکيم.

پاڻ موج ۾ هوندو هو ته سندس ڪچهري ڏاڍو  مزو ڏيندي هئي. هڪ دفعي مان ۽ محترم اسدالله شاهه حسيني، سرڪاري ڪم سان اسلام آباد هئاسين. پاڻ به اتي هو. اسان کي رات جي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. ماني کائڻ کان پوءِ ڪچهري شروع ٿي. الائي ڪهڙو ريچڪ آيس، سو اچي ٿو غريب اسدالله سان چرچا گُهٻا شروع ڪري. جيترو مون کي قرب ڏنائين، اوترو ئي اسدالله شاهه کي پٽايائين. پر، سندس چرچو گهٻو نهايت شگفته ۽ شائسته هو.

ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ جڏهن پاڻ اسلام آباد ۾ مشير هو، تڏهن ڪنهن شخص مون سان ڳالهه ڪئي ته، ”راشدي صاحب دلي طرح خوش ڪونه آهي.“

ستت، منهنجو سرڪاري ڪم سان اسلام آباد وڃڻ ٿيو. سندس ئي گهر ۾ رات جو ماني کاڌيسون. اڪيلا ٿياسون ته ڪنڌ ورائي، مون ڏي نهاري، غمگين لهجي ۾ چيائن ته: ”رباني، جلاوطنيءَ جا هي ڏينهن به گذري ويندا.“

اسلام آباد ۾ مولانا ڪوثر نيازي منهنجي پاڙي ۾ رهندو هو. گهرو گهاٽو ٿي ويو. اطلاعات جووزير هو. راشدي صاحب سندس ئي وزارت ۾ ڀٽي صاحب جي مشير جي منصب تي هو. هڪ دفعي مون ۾ ڪم پيس. مون سندس ڪم بروقت ڪيو، چاءِ گهرائي ۽ کانئس راشدي صاحب بابت راءِ ورتي. چيائين ته:

”راشدي صاحب جيڏين اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو، ايڏيون سازگار حالتون کيس ڪونه مليون.“

صوبي سرحد جي هاڪاري اڳواڻ، خان عبدالغفار خان جي وڏي پٽ غني خان پنهنجي ڳوٺ ”ناڙي“ ۾ منهنجي دعوت ڪئي. شاندار ماني کارايائين ۽ اڌ رات تائين اهڙي ئي يادگار ڪچهري ڪيائين. ڪنهن ڳالهه تي گفتگو ڪندي چيائين ته:

”ويهينءَ صديءَ جي سنڌ چار غير معمولي ذهين شخص پيدا ڪيا: هڪ لله بخش سومرو، ٻيو جي.ايم. سيد، ٽيون پير علي محمد راشدي ۽ چوٿون ذوالفقار علي ڀٽو.“

ملتان جو مخدوم، سجاد حسين قريشي صاحب پنجاب جو گورنر هو. مون سان محبت هئس. هڪ دفعي مان وٽس گورنر هائوس لاهور ۾ ٽڪيل هئس. راشدي صاحب جي ڳالهه نڪتي، مخدوم صاحب چيو ته:

”پير علي محمد راشدي، نيپولين بوناپارٽ جي ليول جو ماڻهو هو. پر، سندس پُٺ مضبوط ڪانه هئي. ننڍي صوبي جو ماڻهو ٿي پيو.“

مون ساڻس زندگيءَ جو جيڪو عرصو گذاريو، ان ۾ اهو مشاهدو ڪيم ته راشدي صاحب زمين تي وک سوچي سمجهي وجهندو هو. ڪنهن به معاملي تي جيڪا راءِ ڏيندو هو، سا، پڪي پختي هوندي هئي. اهڙي ئي پڪي پختي جهڙا رُڪ مان ٺهيل ريلوائي پٽا. جنهن ڳالهه ۾ پڪو ارادو ڪري، هٿ وجهندو هو، ان کي توڙ تي پهچائيندو هو.

هڪ دفعي منهنجي اڳيان ڪنهن شخص فون تي چيس: ”دمادم مست قلندر“، اهو ڀٽي صاحب جو مشهور نعرو هوندو هو.

راشدي صاحب ٿڏي تي جواب ڏنس: ”پٽيس پاڙ، قلندر.“

ڀٽي صاحب کيس سفارت تان لهرايو هو. راشدي صاحب، نواب ڪالا باغ سان ملي، ڀٽي صاحب لاءِ کڏون کوٽيون. نيٺ کيس وزارتِ خارجه تان لهرايو. ساڻس سنئون سڌو پلئه ڪيائين. پر، ايڏي دشمنيءَ کان پوءِ به جڏهن ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو ۽ ملڪ جو صدر ٿيو، ته راشدي صاحب کي پنهنجو مشير مقرر ڪيائين ۽ نهايت نازڪ معاملن ۾ ساڻس صلاح ڪندو هو، جن مان ڪن جي مون کي به خبر آهي.

مون کيس پويون دفعو تڏهن ڏٺو، جڏهن اسپتال مان غالباً اڌ رنگي جي بيماريءَ مان صحتياب ٿي نڪتو هو. مان سندس وڏي پٽ، حُسين شاهه سان ملڻ ويو هئس. جو منهنجو دوست هو. راشدي صاحب به پنهنجو گهر ڇڏي،  وٽس ئي ٽڪيل هو. ”علي رضا هائوس“ بنگلي جو نالو هو. آڳر جو هڪ حصو ڇٻر هئي ۽ ٻئي تي سيمنٽ جو پلاستر هو.

سياري جي مند هئي. راشدي صاحب تڙڪي تي، ڪرسي وجهي ويٺو هو. مون کي ڏسي، ڪنڌ مٿي کنيائين. سڃاتائين ۽ کيڪاري، هيڻي آواز ۾ چيائين ته، ”ويهه.“

پاسي ۾ ٻه ٽي خالي ڪرسيون پيون هيون، مان هڪڙيءَ کي ڇڪي ويٺس. بيماريءَ ڪري، ڳري، بت ۾ هلڪو بلڪ ضعيف ٿي ويو هو. پوين ڏينهن ۾، پراڻن دوستن مان فقط علي قطب شاهه سندس سٺو ساٿ ڏنو هو. پر، انهيءَ مهل ته ساڻس ڳالهائڻ ٻولهائڻ لاءِ ڪو به وٽس نظر ڪونه آيو. اڪيلو ئي اڪيلو اداس ويٺو هو. مون کي اهي ڏينهن ياد آيا جڏهن ڇا ته سندس رعب تاب هوندو هو. هڪ ڀيري ساڻس ڪا ڳالهه نڪتي هئي، ته چيائين: ”ڪم ڪيئن نه ڪندو؟“

مون چيو ته، ”سائين افسوس آهي ته اوهان وٽ پاور ڪونهي.“

اهو ٻڌي، چيائين ته، ”پر، ماڻهن ۾ ڏَرُ ته آهي؟“

اها ڳالهه سورنهن آنا صحيح هئي. ماڻهن ۾ سندس ڏاڍو ڏر هوندو هو. پر، هاڻي ته اهو وقت به وهندڙ پاڻيءَ وانگر وهي ويو هو. هونئن به وهندڙ پاڻيءَ ۽ لهندڙ پاڇن تي ڪهڙو ڀروسو؟

انهيءَ ڏينهن مون کيس سراسر اداس ۽ مايوس ڏٺو. سمورو وقت هڪ اڪيلي انسان وانگر، سيمنٽ جي سخت ۽ بي مهر ڪاري فرش ڏانهن تڪي رهيو هو.

زندگي جڏهن نامهربان ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهوءَ کي ان جو عَڪس سيمنٽ جي سُڪل پلاستر ۾ به آئيني وانگر چٽو نظر اچي ٿو.

مون کي سندس مرجهايل چهرو ڏسي، ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ سندس اکر ياد آيا ته، ”منهنجي حياتي ائين پئي گذري آهي، جيئن واچوڙي جي وچ ۾ ڪک. نه واچوڙو ڇڏيس، نه ڪک قرار وٺي.“ ان کان پوءِ ڀٽائيءَ جي هڪ سٽ ڏني اٿس. سڄو شعر هيئن آهي:

هلايو ته هلي هلان، بيهاريو ته بَس،

واڳ ڌڻي تنهنجي وس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي؟

مان چڱيءَ چڱيءَ دير تائين وٽس ويٺو رهيس. هو پنهنجن خيالن ۾ گم هو. الائي ته ڪاٿي هو؟ سو، مانِ آهستي آهستي اٿيس، ته متان سندس خيال ۾ خلل پوي. پٻن تي هلندو هلندو گيٽ مان ٻاهر نڪتس.

صبح جي مهل هئي. چوڌاري چپ چاپ هئي. رات جو رستي تي وڻن جا سڪل پن ڪريا هئا، جن جي مٿان هلڻ ڪري، منجهانئن عجب آواز ٿي نڪتو. اوري پري ڪير به ڪونه هو. سامهون واري بنگلي جي اڳيان هڪڙو سو، پنجابي چوڪيدار حُقو ڇڪي رهيو هو ۽ سلطان باهوءَ جي مشهور ڪافي ڏاڍي ڏک ۾ ڳائي رهيو هو:

تـاڙي مار، اڏار، نـه باهـو، اسان آپ اڏڻ هاري هون.

اسان آپ اڏڻ هاري هون.

اسان آپ اڏڻ هاري هون.

پير حسام الدين راشدي

پير حسام الدين شاهه راشدي عيسوي ويهينءَ صديءَ ۾ سنڌ جو اهو مشهور تاريخ نويس هو، جنهن سنڌين کي ارغونن، ترخانن ۽ مغل حاڪمن جي ظلمن کان واقف ڪيو. ڌارين کان نفرت ڪرڻ ۽ پنهنجن سان پيار ڪرڻ جو درس ڏنو. سندس پورهيو سجايو ٿيو. ڪيترائي سنڌي نامور اديبَ، شاعر ۽ دانشور پيدا ٿيا، جن وطن سان محبت جي واٽ ورتي. نياز همايونيءَ هڪ دفعي مون کي ٻڌايو ته، هن پير صاحب کان ئي متاثر ٿي، هي لافاني لفظ لکيا هئا:

حـق موجود، سدا موجـود

سنڌ موجود، سدا موجود

شيخ اياز پڻ پنهنجي هڪ ڪتاب جو انتساب پير صاحب جي نالي ڪيو ۽ لکيو هو ته، ”سندس روح مان مون کي اروڙ جي مٽيءَ جي خوشبو ٿي اچي.“ جڏهن مينهن وسندو آهي ته مٽيءَ مان عجب خوشبو نڪرندي آهي. ايازُ ڪيترائي دفعا مون سان گڏجي پير صاحب وٽ حاضري ڏيڻ هليو هو.

الله سائينءَ، پير صاحب کي گهڻين ئي خوبين سان نوازيو هو، پر هڪ عالم ۽ محقق جي حيثيت ۾ سنڌ جي تاريخ جو احوال گڏ ڪرڻ ۽ ڇپائڻ سندس دلپسند شغل هو. محنتي ۽ ايماندار شخص هو. پنهنجي ڪم ۾ وڏي محنت ڪندو هو. ڪا به ”غير مستند ڳالهه“ لکڻ کان پاڻ بچائيندو هو... مستند معلومات سونَ جي ذرڙن وانگر گڏ ڪري، پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪندو هو. سندس همعصر گهڻن عالمن ۾ اها خوبي ڪانه هئي. ڪي ته ڄاڻي واڻي سنڌ جي تاريخ کي مسخ ڪندا هئا. مثال طور سنڌ جي اڳوڻيءَ عظمت واريءَ تهذيب جي نشانن، ڪاهوءَ جي دڙي، ۽ لوهم جي دڙي وغيره کي ته سندن نالن سان سڏيندا هئا، پر ”موهن جي دڙي“ کي تعصب جي ڪري ”مئن جو دڙو“ ڪوٺيندا هئا! ڄڻ ته ڪاهوءَ جو دڙو ۽ لوهم جو دڙو جيئرن جاڳندن ماڻهن جا شهر آهن. تعصب ماڻهوءَ جي اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏيندو آهي. هو انڌو ٿي ويندو آهي، پر جيڪي تعصب کان آجا هوندا آهن، سي سچ لکندا آهن. مثال طور ”موهن جو دڙو“ ڪوٺيندا هئا.

   ڪنڊياري تعلقي ۾، اسان جي ڳوٺ جي ڀر سان بهليمن جو دڙو هوندو هو، جو ڪنهن زماني ۾ بهليم قوم جا ماڻهو اتي رهندا هئا. بهليم قوم اڃا سنڌ ۾ گهڻن هنڌن تي آباد آهي ۽ نهايت مهذب آهي. ممتاز محقق، حڪيم خليفي عبدالمجيد خان چانڊيي پنهنجي تازي لکيل لاجواب ڪتاب سوانح حيات غيبي خان چانڊئي ۾ ته ڪيترائي اهڙا پراڻا ڦٽل شهر ڏسيا آهن، جيڪي پنهنجن پراڻن نالن سان سڏجن ٿا، جيئن هاڪڙي جو دڙو، سماگر جو دڙو ۽ شاهه نندل جو دڙو وغيره.

پير صاحب ۾ به تعصب ڪونه هو ته پاڻ موهن جي دڙي کي انهيءَ ئي نالي سان ڪوٺيندو هو ۽ فخر سان چوندو هو ته:

”موهن جو دڙو سنڌ جي اڳوڻيءَ عظمت جو روشن نشان آهي!“

مان زندگيءَ جو وڏو عرصو پير صاحب سان گڏ گذاريو. ڪتاب لکڻ جو سندس طريقو اهو هو ته اول پنهنجي پراجيڪٽ جو نقشو ٺاهيندو هو. پوءِ بسم الله ڪندو هو. گويا، تحقيقي ڪم سائنٽيفڪ نموني ۾ ڪندو هو. جيڪي لکندو هو، تنهن تي بار بار نظرثاني ڪندو هو. جيڪي غلطيون نظر اينديون هئس، تن جي درستيءَ ۽ مسودي جي صاف ڪاپي اتارڻ جو ڪم، فارسي ڪتابن جي صورت ۾، مولوي اعجاز الحق قدوسيءَ يا حبيب الله راشديءَ کي ڏيندو هو. ٻئي ڄڻا سنڌي ادبي بورڊ ۾ نقل نويس هئا. ٽيون نقل نويسُ مولوي محمد صديق ”ماعر“ هوندو هو، جيڪو سنڌي هو ۽ عربي نسخن جي نقل نويسيءَ جو ماهر هو. سندس سنڌي، توڻي فارسي ۽ عربي اکرَ موتيءَ جا داڻا هوندا هئا. جڏهن جويي صاحب کيس بورڊ مان فارغ ڪري ڇڏيو، ته ڊاڪٽر الانا فوراً کيس سنڌالاجيءَ ۾ روزگار سان لاتو، غريب ڏکين ڏينهن ڏسڻ کان بچي ويو.

پير صاحب نقل نويسيءَ جي، ڪم ۾ چڪ اصل برداشت ڪونه ڪندو هو. هڪڙو مثال مون کي ياد آهي. هڪ دفعي مولوي اعجازالحق قدوسيءَ سندس ڏنل مواد جا ويهه پنجويهه صفحا اتاريا مون کان پڇيائين ته، ”ڪاڏي ٿا وڃو؟“

مون چيو ته، ”پير صاحب وٽ، ڪو ڪم چيو هئائين.“

چيائين ته، ”مان به هلان ٿو، جو هي اتاريل ڪاغذ کيس ڏيڻا اٿم ۽ نوان ڪاغذ کانئس وٺڻا اٿم.“

اسان ٻئي ڄڻا ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ تي بورڊ جي آفيس مان سرڪاري جيپ ۾ چڙهي پير صاحب جي رهائشگاهه ”بيت الضيا“ جمشيد روڊ ڪراچي روانا ٿياسين. ڀانيان ٿو يارهين، ساڍي يارهين بجي صبح جو ٽائيم هوندو. اُتي پهتاسين ته نوڪر پير صاحب وٽ وٺي هليو. پاڻ پنهنجيءَ لئبرريءَ ۾ ڪو ڪتاب ويٺي لکيائين. اسان سندس ميز جي سامهون ڪرسين تي وڃي ويٺاسون. هن اسان کي ڏٺو پر خاموشيءَ سان لکندو رهيو. جڏهن سڄو صفحو لکي پورو ڪيائين، ته ڪنڌ مٿي کڻي، اسان ڏانهن نهاريائين ۽ مولوي صاحب کان پڇيائين ته، ”جيڪي ڪاغذ ڏنا هئم، سي نقل ٿي ويا؟“

مولوي صاحب جي وات ۾ پان هو. سو، جواب ڏيڻ بدران ساڻ آندل ڪاغذ سندس اڳيان رکيائين. پير صاحب اهي ڪاغذ پڙهڻ شروع ڪيا. پهرئين ئي صفحي ۾ ڪا چُڪَ نظر آيس، سو، اول ته مولوي صاحب ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين... پوءِ، پينَ کڻي چُڪ درست ڪيائين. ٻيو صفحو ورايائين، ته ان ۾ به ڪا هڪ اڌ چُڪ نظر آيس، نرڙ ۾ گُهنج وجهي، اها به درست ڪيائين. ٽين چُڪ نظر آيس، ته غصي ۾ باهه ٿي ويو. ڪاغذ ڦاڙي، چار ٽڪر ڪري، ردي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايائين ۽ مولوي صاحب کي چيائين ته: ”چلي جائو.“

مولوي صاحب ڪرسيءَ تان اٿيو، ته مان به اٿيس. ٻئي ڄڻا موٽي بورڊ جي آفيس ۾ پهتاسون. رستو ڊگهو هو. پر، مولوي صاحب ويچاري کان ٻيو پان کائڻ به وسري ويو.

هونئن، پير صاحب کي مولوي صاحب سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. پاڻ مولوي صاحب کان سواءِ منجهند جي ماني ڪونه کائيندو هو. مولوي صاحب پاڻ وقت تي نه پهتو، ته پير صاحب روزانو کيس موٽر موڪلي، بورڊ جي آفيس مان پنهنجي گهر گهرائي وٺندو هو.

جويي صاحب پنهنجي هڪ مضمون ۾ پير صاحب کي ”محنت ڪش محقق“ ڪوٺيو آهي. پير صاحب جي باري ۾ صحيح راءِ اها ئي آهي. مان ان ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. خاص ڪري، ٽن ڪتابن ”مقالات الشعراء“ ۽ ”تذڪره شعراءِ ڪشمير“ توڙي ”تحفته الڪرام“ (فارسي) جي ايڊٽنگ تي وڏي محنت ڪئي هئائين! اهي ٽئي ڪتاب سندس علمي عظمت جا يادگار آهن. ’مقالات الشعراء‘ جو ڌڪ ته پچائي ويو، پر ”تذڪره شعراءِ ڪشمير“ تي رات ڏينهن جيڪا هڻ هڻان ڪيائين، تنهن جي نتيجي طور کيس دل جو دورو پيو.

   ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ به اوڏيءَ ئي محبت سان ايڊٽ ڪيائين. انهن ڏينهن ۾، اٿي ويٺيءَ، اها ڳالهه سندس زبان تي هوندي هئي ته، ”مغلن جي حڪومت ۾ سنڌ تي ڏاڍو ظلم هو.“ هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته ”ڪتاب ۾ راڻيءَ نورجهان جو شجرو ڏيئي، ڏيکارڻ گهران ٿو ته سندس مٽ مائٽ، سڄي هندستان ۾ اهم سرڪاري عهدن تي قابض ٿي ويا هئا. سندس پنهنجا اکر هي هئا: ”نورجهان جو خاندان سڄي مغل هندستان ۾ ڪينسر وانگر پکڙجي ويو هو.

   جڏهن نورجهان جو شجرو ٺاهڻ شروع ڪيائين ته پڻس جو جدا ٺاهيائين ۽ ماڻس جو جدا. ٻئي شجرا هاڻي سندس ايڊٽ ڪيل ڪتاب ”مظهر شاهجهاني“ ۾ موجود آهن. انهن شجرن لاءِ الائي ته ڪٿان ڪٿان معلومات گڏ ڪيائين ۽ آخر ۾ انهن کي انهيءَ نقطي تي وڃي پهچايائين، جتي ملڪه نورجهان جو جسماني پيڪر، هن دنيا ۾ تشريف آوريءَ لاءِ، اڃا سندس وڏڙن جي رت ۾، ابتدائي جزن جي صورت ۾ به ظهور پذير ڪونه ٿيو هو.

پير صاحب ڪتابن وانگر، انهن جا مقدما به وڏيءَ محنت ۽ ايمانداريءَ سان لکندو هو. ”سير العارفين“ جو مقدمو سندس محنت ۽ اورچائيءَ جو هڪ سهڻو مثال آهي. اهڙو ئي ٻيو مثال مير علي شير قانع جي سوانح حيات وارو مضمون آهي، جو ”تحفته الڪرام“ جي اردو ايڊيشن ۾ ڇپيل آهي. سنڌ جي هاڻوڪن موجوده محبِ وطن اديبن کي انهن تي تبصرا لکڻ گهرجن، ته اسان جو نئون نسل پنهنجي تاريخي ورثي کان واقف ٿئي.

اسان کي نئين نسل کي سمجهائڻ گهرجي ته ”مخلص انسان آسمان مان نازل ڪونه ٿيندا آهن. هن ڌرتيءَ تي ئي جنم وٺندا آهن.“ پير صاحب جي وفات کان پوءِ موجوده دور جو سچو پچو عالم ۽ محقق قريشي حامد علي خانائي آهي، پر سندس قدر ڪونه ٿيو آهي. سائين قاسمي صاحب کي ان ڳالهه جو پورو پورو احساس هو. قريشي صاحب جي ڪم جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو.

پير صاحب جي لکيل مقدمن ۾ اڃا به هڪ مکيه مثال ”حديقته الاولياء“ جو آهي. جنهن ۾ سيوهڻ جي مشائخن جي باري ۾ معلومات ڏني اٿس. انهيءَ مقدمي ۾، هن اهڙن تذڪرن جي فهرست مختصر جائزي سميت ڏني آهي، جيڪي سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ لکڻ لاءِ بنيادي ماخذ (BASIC SOURCES) جي حيثيت رکن ٿا.

سنڌ ۾ سومرا خاندان ۽ ڀٽا خاندان قلندر شهباز جا عقيدتمند آهن. انهيءَ پسمنظر ۾، هڪ دفعي رحيم بخش سومري، پير صاحب جي وفات کان پوءِ مون کي چيو هو ته:

”جڏهن سنڌ جا مڙئي موجوده وطن فروش محقق ۽ بي ضمير عالمَ مري ويندا، تڏهن پير صاحب جا ڪتاب ’سونهاريءَ سنڌ جي تعميرِ نو‘ لاءِ نئين نسل کي ڪم ايندا. سنڌ جا اهلِ دل انسان سندس ابدي آرامگاهه تي ريشم ۽ ڪيمخواب جا پَڙَ چاڙهيندا ۽ سنڌي مائرون پنهنجن ٻچن تي دودي سومري وانگر، ”حسام الدين“ نالو سڪ ۽ عقيدت سان رکنديون.“

پير صاحب زندگيءَ ۾ ڏکيا ڏينهن به ڏٺا. کيس 1958ع ۾ دل جو پهريون دورو پيو. پوءِ ته ٻه ٽي دفعا پيو هو، هڪ دفعو لاهور ۾ پيو هو، جتي پاڻ علامه اقبال قومي ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ ويو هو. هڪ مهاجر عالم مون سان ڳالهه ڪئي، ته اسان شام وارو اجلاس پورو ڪري اٿياسين. پرل ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ ٽڪيل هئاسين. ڪانگريس جا ڪي نمائندا مغرب جي نماز لاءِ وضُو ڪرڻ ”سئمنگ پول“ تي وڃي ويٺا ۽ ڪي وري هوٽل ڏي هليا. پير صاحب پنهنجي کِل ڀوڳ واري مزاج موجب، ڪو گفتو ڪڍيو، جو ٻڌي، هڪ ترڪ نمائندي تلاءَ تي وضو ڪندي ڏانهس غصي مان گهُوري، چيو ته ”خيال ڪر! هو سريع الحساب اٿئي!“

پير صاحب گهٻرائجي ويو. هوٽل ۾ وياسين. هو پنهنجي ڪمري ۾ ويو ۽ مان پرڀرو پنهنجي ڪمري ۾ وڃي داخل ٿيس، ته فون جي گهنٽي وڄي رهي هئي. رسيوَر کنيم، ته پير صاحب هو، چيائين ته، ”جلد اچ“. موٽي سندس ڪمري ۾ ويس ته پگهر ۾ شل هو. کيس دل جو سخت دورو پيو هو.

غالباً اهو 1977ع جي موسم سرما جو واقعو آهي. مان تڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو - وائيس چانسيلر هئس. خبر ٻڌم، ته هڪدم هوائي جهاز رستي لاهور پهتس. صبح جا يارهن، ساڍا يارهن ٿيا هوندا، سخت سيارو هو. پير صاحب جي طبيعت ڪجهه سڌري هئي، سو کيس ”انتهائي نظرداريءَ“ جي وارڊ مان ڪڍي، پرائيويٽ روم ۾ منتقل ڪيو هئائون، پر ڪمرو تمام ٿڌو هو. سنگ مرمر جو فرش هڪ ته پراڻو ٻيو ته ڏاڍو ٿڌو هو. پير صاحب پنهنجي ڀائٽئي، ڊاڪٽر شمن شاهه راشديءَ سان گڏ، بجليءَ جي هيٽر جي اڳيان ويٺو هو. مان ساڻس مليس ۽ ڪرسي کڻي گڏ ويٺس. ماحول ڏاڍو افسرده هو. ڪا دير ٽئي ڄڻا خاموش رهياسين. آهستي آهستي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي، ته سڄو ڏينهن ڳالهين ۾ گذري ويو. شام جو مان کانئس موڪلائي حيدرآباد موٽيس. ٻيو ڪوبه سنڌي اديب يا سنڌ مان ڪنهن علمي، تعليمي ۽ ادبي اداري جو نمائندو، پنهنجي عظيم سنڌي تاريخ نويس کان پڇڻ ڪونه آيو. اها ڳالهه ان ڪري اهم آهي جو پير صاحب اول ۽ آخر هڪ سنڌي اديب، عالم ۽ محقق هو. سندس اٿي ويٺي عالمن ۽ اهلِ قلم ماڻهن سان هوندي هئي. سياسي ڳالهين ۾ وڏي دلچسپي هئس ۽ سنڌي سياستدانن ۾ سائين جي.ايم. سيد ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان دل هئس. هڪ دفعي سائين جي.ايم.سيد کي چيائين ته، ”مان اوهان جي سياسي ڪمن ۾ شريڪ ته برابر ڪونه ٿو ٿيان، پر، انهن جو اکين ڏٺو شاهد ته آهيان.“

حقيقت به اها ئي آهي. سياست سندس وڏو ڀاءُ، پير علي محمد راشدي ڪندو هو. پر، جڏهن سائين جي.ايم. سيد ڪراچي ايندو هو، ته پاڻ سائين حسام الدين شاهه”حيدر منزل“ تي روزانو وٽس ايندو هو. ٻيا ڏهه ٻارنهن ڄڻا به ايندا هئا. رات جو يارهين ٻارهين ڌاران محفل برخواست ٿيندي هئي. 1958ع واريءَ مارشل لا کان پوءِ سائين نظربند ٿيو ته ڇهه ست مهينا لاڳيتو پنهنجي ڳوٺ سن ۾ هوندو هو. دل جو مريض هو، سو، مسلسل درخواستن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽرن کي ملڻ لاءِ مس مس موڪل ملندي هئس. انهن ڏينهن ۾ پير صاحب ڪڏهن ڪڏهن سن هلندو هو ۽ وٽس ڏينهن ٻه ٽڪندو هو. سائين مهمانداريءَ ۾ حد ڪري ڇڏيندو هو. جيڏو سخي ۽ سچو انسان هو، اوڏو وڏو ميزبان هو. سنڌي ڪلچر جي شاندار روايتن جو پاسبان هو.

سائينءَ جي چوَڻ تي هڪ دفعي رني ڪوٽ ڏسڻ وياسين. ان ڀيري جناح اسپتال جو ڪرنل خواجه عبدالرشيد به اسان سان گڏ هو، جنهن ان تي پهريون پهريون اهم تحقيقي مضمون لکيو، جو انگريزيءَ ۾ اقبال ايڪيڊميءَ جي رسالي ۾ ڇپيو. انهيءَ مضمون جي ڇپجڻ کان پوءِ ئي وڃي خبر پئي، ته رني ڪوٽ ڪيڏو نه قديم آهي! هونئن، ماڻهو ڌُڪا هڻندا رهندا هئا، ته رني ڪوٽ اڳوڻو نيرون ڪوٽ آهي. ڪي عقل جا اڪابر چوندا هئا ته، ميرن ٺهرايو هو.“

محمد حسين پنوهر هڪ دفعي سٺي ڳالهه ڪئي. چيائين ته ميرن ٻيا ڪهڙا تعميراتي ڪارناما سرانجام ڏنا؟ هنن ته فقط ”ميريءَ جي ننڍڙي قلعي جي مرامت ڪرائي هئي، جو شڪار جا شوقين هئا. اتي وڃي ٽڪندا هئا.

پير صاحب، سائين جي.ايم. سيد وانگر، ذوالفقار علي ڀٽي جي سهري، احمد خان ڀٽي کي به ڪو ڏاڍو ويجهو هو. سائين جي.ايم. سيد مون کي کلي چوندو هو ته، ”حسام الدين شاهه، لٽي ڪپڙي، کائڻ پيئڻ، ٻيو ته ٺهيو، شام جو ڪراچيءَ جي صدر بزار ۾ هواخواريءَ جون عادتون سڀ احمد خان ڀٽي کان پرايون اٿئي.“ مون پير صاحب سان اها ڳالهه ڪئي ته پاڻ به کِلِي ڏنائين. احمد خان ڀٽو مون ڪونه ڏٺو، پر، چون ٿا ته اعليٰ درجي جا سُوٽ سبائيندو هو. لٽي ڪپڙي جو ٻيو اهڙو شوقين مير علي احمد خان ٽالپر هو. پر، ذوالفقار علي ڀٽو مڙني کان وڌيڪ هو.

احمد خان ڀٽي جي قرب ڪري، پير صاحب ذوالفقار علي ڀٽي کي به ويجهو هو. ڀٽو صاحب جڏهن پاور ۾ آيو، ته وڏي ڀاڻس، پير علي محمد راشديءَ سان سخت سياسي اختلافن هوندي به، سائين حسام الدين شاهه سان دوستي نڀائيندو آيو. جڏهن پير صاحب جي گهر واري، بيبي زليخا گذاري وئي، ته ڀٽي صاحب جي وڏي گهر واري، يعني احمد خان ڀٽي جي نياڻي امير بيگم، پير صاحب کي سندس ڪراچيءَ واري گهر تعزيت ڏيڻ آئي هئي. انهيءَ موقعي تي پير صاحب مون کي شام جي چاءِ تي حلوو کارايو ۽ ٻڌايو ته ڪرڙ جي ڪوئلن مان ٺهيل آهي. امير بيگم تحفي طور کڻي آئي آهي.

مون چاليهه سال اڳ، پنهنجي ڳوٺ آڳرن کان منو ڪوهه پري، ڀئونرن جي پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙهندڙ هڪ شاگرد کان ٻڌو هو، ته لاڙڪاڻي جي پاسي ڪرڙ جي ڪوئلن مان حلوو ٺهندو آهي، پر، اعتبار ڪونه آيو هو. سو، سندس ڳالهه ڪانه مڃيم. هن چيو ته، تون منهنجيءَ ڳالهه تي اعتبار نٿو ڪرين؟

مون چيو ته اعتبار جهڙي ڳالهه ئي ڪانهي، پر هاڻي جو کائي ڏٺم ته، اعتبار ڪرڻو پيو.

ڀٽي صاحب پير صاحب کي ٽوياٽا ڪار جي پرمٽ به موڪلي هئي. هونئن به ڀٽو صاحب سندس خاص خيال رکندو هو. کيس چاچا ڪوٺيندو هو. ڪنهن شخص شرارت ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن مان پير صاحب جو نالو ڪاٽايو. سنڌي سٻاجهڙا سڀ کان اول انهن جا پير ڪڍندا آهن، جيڪي سنڌ جي خدمت ڪندا آهن. پير صاحب ته بورڊ جو معمار هو ڀٽي صاحب کي انهيءَ شرارت جي خبر پئي، ته فوراً سندس نالو بورڊ جي ميمبرن ۾ شامل ڪرايائين.

پير صاحب جي سنڌ جي سياستدانن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان به ڏاڍي محبت هوندي هئي. ساڻس حُجائتو به هو، پر سندس وڏو ادب ڪندو هو. هاڻي ٻئي ڄڻا مڪليءَ ۾ مخدوم محمد هاشم جي پيرانديءَ ۾ ابدي آرام ۾ آهن. پير صاحب وفات کان اڳ مڪليءَ جا درجن کن دورا ڪيا هئا ۽ آخر ۾ شيخ صاحب جي پاسي ۾ پنهنجي ابدي آرامگاهه پسند ڪيائين. شيخ صاحب وڏي شخصيت هو، پر سنڌ سندس قدر ڪونه ڪيو. سندس آخري ايام سک ۾ ڪونه گذريا. فقط سندس پنهنجن پرگهور لڌس.

پير صاحب، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ ۽ سائين ميران محمد شاهه سان به ڏاڍو حُجائتو هو. سندن ميل ملاقات ۽ ڪچهري اڪثر ڪري، سائين جي.ايم. سيد جي ڪراچيءَ واري بنگلي تي ٿيندي هئي.

هڪ دفعي سائين جي.ايم. سيد وٽان اٿيا ته سندس ئي ڪار ۾ سائين ميران محمد شاهه ۽ پير صاحب بحث مباحثو ڪندي پاڻ ۾ اٽڪي پيا. مان به موٽر ۾ موجود هئس. جڏهن سال ٻه گذريو ته اٽڪل سان ٻنهي جو پرچاءُ ڪرايم. سائين ميران محمد شاهه، منهنجي مشوري تي حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر پير صاحب جي شاندار دعوت ڪئي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جو ايراني سفارتڪار ۽ عالم، آقا ماهيار نوابي پڻ شريڪ ٿيو.

زندگيءَ جي پوئين زماني ۾ پير صاحب جي دوستي تاجپور جي نواب نور احمد خان لغاريءَ سان ٿي، ته پوءِ پير صاحب ڪو عرصو ڊاڪٽرس ڪالونيءَ ۾ سندس رهائشگاهه تي ٽِڪندو هو. پير صاحب جي ئي چوڻ تي، شاهه ايران جي وزيرِ ثقافت، نواب صاحب ۽ مون کي ايران گهمڻ جي دعوت موڪلي هئي. اسان ايران ۾ عالمن ۽ محققن تي پير صاحب جو وڏو اثر ڏٺو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org