هڪڙي ڏينهن شام جو بورڊ جي بنگلي جي اڳيان ڇٻر ۾
اڪيلو ئي اڪيلو پير پسار پئي ڪيم، ته پري کان ڊئوڊ
کي ايندي ڏٺم. هميشه شلوار قميص پائيندو هو.
انهيءَ ڏينهن به هلڪي هيڊي رنگ جي شلوار قميص پيل
هئس. هڪ هٿ ۾ شاپر هئس ۽ ٻئي ۾ ننڍڙي بئگ. سڪ سان
ملياسين. مون کيس چيو ته، ”تون گيسٽ هائوس ۾ هل ته
مان تنهنجي وهنجڻ لاءِ گرم پاڻيءَ جي بالٽي ۽ چاءِ
ٺهرائي ٿو موڪليان. ڪلاڪ کن آرام ڪري گهر اچ، ته
رات جي ماني کائون ۽ حال احوال به ڏيون وٺون.“
ڊئوڊ رات جي مانيءَ تي آيو. چيائين ته ”ٻه گلاس،
برف ۽ ٿڌو پاڻي گهراءِ، تو لاءِ وسڪي آندي اٿم.“
مون چيس ته، ”ڊئوڊ ورهيه ٿيا، جو مون وسڪي ڇڏي
ڏني. مون کي ڪڏهن به ڪانه وڻي. دوستن جي ڪمپنيءَ ۾
لاچار ڍُڪ ڀريندو هوس، پر موقعو ڏسي، ٻاهر هاري،
گلاس پاڻيءَ سان ڀري، اچي ساڻن گڏ وهندو هئس.
تنهنجي ڳالهه ٻي آهي. تون پنهنجي معاشري جي رسم ۽
رواج تي هريل آهين. هاڻي، پنهنجي سفر جا حال احوال
ڏي.“
ڊئوڊ چيو ته، ”هتان ويس ته لاهور ۾ هفتو کن ٽڪيس،
جو لنڊن کان دوست آيل هو.“
مون چيو ته، ”ڇا ڪندو آهي؟“
چيائين ته، ”بي.بي.سي. جو نمائندو آهي، پي.اين.اي.
جي تحريڪ جي ڪوريج لاءِ آيو آهي.“
مون چيو ته، ”ڪهڙي خبر ڪيائين؟“
چيائين ته، ”جنرل ضيا جي حڪومت ڀٽي صاحب کي ڦاسي
ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي. مٿس وطن سان غداريءَ جو
الزام مڙهي، کانئس ڪاغذن تي زوريءَ صحيحون وٺندا.“
انهيءَ زماني اهڙو ڪو چوٻول ڪونه هو. سو، مون کيس
چيو ته، ”تنهنجي دوست کي ڪا پڪي خبر آهي، يا ٻڌ سڌ
تي اندازو اٿس؟“
چيائين ته، ”هن جا برطانيه جي فارين آفيس سان لڳ
لاڳاپا آهن.“
ٻئي ڏينهن مون وٽ ڪراچيءَ مان ڪو دوست آيو، جنهن
سان مون ڀٽي صاحب بابت ڊئوڊ جي ٻڌايل ڳالهه ڪئي.
هن يارَ بنا سوچ ويچار ۽ ڳڻ ڳوت جي ڪراچيءَ وڃي هڪ
اعليٰ عملدار وٽ اها ڳالهه ڦهڪائي! جنهن هڪدم اسان
کي سرڪاري ليٽر لکي پڇا ڳاڇا ڪئي.
اسان کيس سنئون سڌو جواب موڪليو ته هن طرح هڪ
انگريز محقق اسان وٽ سنڌ تي تحقيق ڪرڻ آيو. اسان
احتياط ڪري کيس شاگردن سان گڏ هاسٽل ۾ ڪونه رهايو.
سندس کاڌي جو انتظام به الڳ رکيو. مقامي پوليس
عملدار کي به اطلاع ڪيو، جنهن چيو ته مون کي سندس
باري ۾ ڪا به غلط رپورٽ ڪانه ملي آهي. پر، جيڪڏهن
ملي، ته اوهان کي ٻڌائيندس. وٽانئس ڪابه غلط خبر
ڪانه آئي.“
اسان جو جواب پڙهي، سرڪاري عملدار ته مطمئن ٿي ويو
۽ ڳالهه ختم ٿي وئي. پر، مون کي ڊئوڊ سان ملڻ جو
موقعو ڪونه مليو هو، جو مهينو ماسو ڪراچيءَ هليو
ويندو هو. سو ساڻس ڪابه ڳالهه ڪري ڪونه سگهيس.
جڏهن اهو ليٽر آيو هو، تڏهن به پاڻ ڪراچيءَ ۾ هو.
اتي ٽڪندو سدائين ڄام صادق عليءَ جي بنگلي تي هو.
مان ٻئي دفعي ڪراچي ويس، ته ڪم ڪار لاهي، رات جي
ماني کائي، ڊئوڊ وٽ هليو ويس. ڄام صاحب جو بنگلو
هل پارڪ وٽ هو. ڊئوڊ موجود هو. چيومانس ته،
”ويجهو اوڏو ڪا چڱي جاءِ هجي، ته آئيس ڪريم هلي
کائون.“
چيائين ته، ”هل پارڪ تي شيزان ريسٽارنٽ آهي.“
اتي وڃي آئيس ڪريم کاڌيسون. بل ڏئي، ٻاهر نڪتاسون،
پاڻ ئي چيائين ته، ”هل پارڪ ۾ چڪر ڏيون.“
ڳالهيون ڪندي، مون کيس چيو ته، ”ڊئوڊ تون هت ڪنهن
جي مالي امداد تي ريسرچ ڪرڻ آيو آهين؟“
اهو سوال ٻڌي، هُو وائڙو ٿي ويو.
مون کي ياد آهي ته هل پارڪ ۾ هلندي هلندي، هڪ هنڌ
بيهي رهيو. آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي رهيو هو.
ڊئوڊ جي مٿي جا وار سونهري ۽ ڊگها هوندا هئا. ٻنهي
هٿن سان وارن کي پوئتي ڇڪي، ڪا دير آسمان ۾ چنڊ
ڏانهن نهاريندو رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ، مون ڏي
نهاري ڏکويل آواز ۾ چيائين ته، ”لنڊن ۾ هڪ سوسائٽي
آهي، جا تاريخي تحقيقي پروگرامن لاءِ مالي مدد
ڏيندي آهي. پر، تون اهو ڇو ٿو پڇين؟“
مون کي خبر هئي ته هن جي مون سان ڪيتري سڪ آهي.
سو، ڳالهه ٺاهڻ لاءِ مون کيس چيو ته، ”ملڪ ۾ مارشل
لا آهي. ڄام صادق علي ملڪ مان کسڪي ويو آهي. تون
پرديسي آهين. سندس بنگلي ۾ اڪيلو ٽڪيو پيو آهين.
اهو تو لاءِ مناسب آهي؟“
اهو ٻڌي ڇرڪ ڀريائين ۽ چيائين ته، ”ترس، مون کي
هينئر ئي هلي
Y.M.C.A
جي هاسٽل ۾ لاهه.“
بنگلي ۾ ويو. پنهنجو سامان ڪپڙا، ڪتاب وغيره لوهه
جي پيتيءَ ۾ وجهي، ان کي گهليندو گينداڙيندو ٻاهر
آيو. ڊرائيور پيتي کڻي گاڏيءَ ۾ رکي.
مون ڊئوڊ کي
Y.M.C.A
جي هاسٽل ۾
وڃي لاٿو. موڪلائڻ مهل چيائين ته، ”هفتي کن ۾
حيدرآباد ايندس، ڪراچيءَ اچڻ مهل اوهان جي بورچيءَ
ٽفن باڪس ۾ لنچ ڏني هئي. اهي ٿانوَ به کنيو ايندس
۽ تو کان هڪ ڪتاب ورتو هئم، اهو به کنيو ايندس.
ڪچهري به ڪنداسين.“
هو واعدي موجب هڪ ڏينهن کان پوءِ حيدرآباد آيو.
پر، مان ميٽنگ ۾ هئس. سو، خط ڇڏي ويو، ته توکي
ٻڌايو هئم، ته فلاڻي تاريخ لنڊن وڃڻو آهيان.
جيڪڏهن تون اڳي ڪراچيءَ اچين، ته ضرور ملجانءِ.
ٻيءَ صورت ۾ تنهنجو ڪتاب، هاسٽل ۾
Reception
وٽ ڇڏي ويندس. ٿانوَ بورچيءَ کي ڏنا اٿم.“
مان جڏهن ڪراچيءَ ويس ته هاسٽل جي آفيس وارن مون
کي ڪتاب ۽ ڊئوڊ جا سلام ڏنا ۽ ٻڌايائون ته هو مقرر
تاريخ تي لنڊن روانو ٿي ويو.
مهينو ٻه مهينا گذريا هوندا، ته مون کي لنڊن مان
سندس خط پهتو. مختصر پر محبت ڀريو. وري ٻيو خط
لکيائين ۽ ميار ڏنائين ته، ”تو جواب ڪونه موڪليو.“
مهيني ٻن کان پوءِ وري ٽيون خط لکيائين. تمام وڏو.
منجهس پنهنجا سڀ احوال لکيا هئائين. اهو به ٻڌايو
هئائين ته، ”سٺي نوڪري ملي اٿم. شادي به ڪئي اٿم.
پر، سنڌ تي تحقيقي ڪم پورو ڪري ڪونه سگهيو هئس. ان
جو ارمان اٿم. تون ڪو بندوبست ڪري سگهين، ته اچي
پورو ڪريان. خط جي آخر ۾ تاڪيد ڪيو هئائين ته جواب
جلد ۽ ضرور موڪلجانءِ.“
مون کي ياد آهي ته اهو خط ٽن چئن صفحن تي مشتمل ۽
ٽائيپ ٿيل هو. اڳيان خط هٿ سان لکيائين.
مون سوچيو ته ملڪ ۾ مارشل لا آهي. پر، اي.ڪي.
بروهي مرڪزي وزير آهي. سنڌي آهي. شايد هو انهيءَ
ناتي سان سندس ڪا مدد ڪري سگهي! پر، ڪجهه ڪونه ڪري
سگهيس.
سال کن گذري ويو. پر، ڊئوڊ جي ڪابه خبر چار ڪانه
ملي. يونيورسٽيءَ مان هڪ خاتون رفيعه محمد علي
سرڪاري اسڪالر شپ تي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن پئي
وئي. مون کيس ڊئوڊ جي ايڊريس هٿ ڪري موڪلڻ لاءِ
چيو. لنڊن جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ هڪ دوست تي به
ڪم رکيم. پر، ٻنهي مايوس ڪيو.
سال کن کان پوءِ لنڊن مان هڪ مهاجر پروفيسر
حيدرآباد آيو منهنجو واقف هو. پاڻ اچي مليو. ساڻس
ڊئوڊ جو ذڪر ڪيم. چيائين ته، ”منهنجو شاگرد ٿي
رهيو آهي. نهايت محنتي ۽ شريف انسان آهي. صحيح
معنيٰ ۾ محقق آهي. ٻڌو اٿم ته هاڻي لنڊن آرڪائيوز
۾ کيس سٺي نوڪري ملي آهي. شادي ڪئي اٿس. خوش آهي.“
مون چيو ته، ”منهنجا سلام ڏجانس.“
وقت گذري ويو. ورهين جا ورق وري ويا. مون کان ڊئوڊ
وسري ويو.
هڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪتابن جي هڪ دڪان تي سبز
رنگ جي جلد سان سنڌ تي انگريزي ڪتاب نظر آيم. نظر
پوڻ سان ڄڻ ته دل کي ڌڌڪو آيو. ڊئوڊ جو لکيل هو.
ڪتاب پڙهيم، ته ڊئوڊ جي چهري جو ٻيو خوبصورت روپ
نظر آيو. هو ايڊورڊ برائون جهڙن اعليٰ محققن جي
قبيلي مان هو، جنهن ايران جي باري ۾
LITERARY HISTORY OF PERSIA
جهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو هو. ايڊورڊ برائون جو موضوع
ايران هو، جتي عالمن جو قدر آهي. ڊئوڊ جو موضوع
”سنڌ“ هئي. سنڌ جي جاگيردارانه معاشري ۾ اديبن ۽
عالمن جو قدر ڪونهي. هڪ دفعي مان هڪ وڏي سنڌي
وڏيري وٽ مهمان هئس. مون سان ڏاڍو گھرو گهاٽو هو.
ميز تي ماني لڳي ته مون شوڪيس ۾ رکيل سندس بندوقون
پئي ڏٺيون. چيائين ته، ”اچ ته ماني کائون. بندوقن
۾ تنهنجو ڪهڙو ڪم؟ تنهنجو ڪم قلم ۽ مَسُ ڪُپڙيءَ
سان.“
قلم سان محبت قرآن جي تعليم آهي. پر، سنڌ جي وڏيري
کي ان ۾ دلچسپي ڪانهي. البت، رڇ ڪُتي جي بَڇ تي
اٿس.
ڊئوڊ ڪتاب جي منڍ ۾ پنهنجن محسنن جي لسٽ ڏني آهي،
جنهن ۾ ويهارو کن نالا هئا، منجهن مسٽر الاهي بخش
سومري ۽ ڄام صادق علي ۽ ٻين جا نالا به شامل آهن.
پر، پاڻ پهرئين نمبر تي ڪراچيءَ جي هوٽل ”اواري
ٽاورس“ جي پارسي مالڪ جو نالو رکيو اٿس ۽ ٻئي نمبر
تي منهنجو نالو. مون کي رڳو اهو اعزاز ڪونه ڏنو
اٿس، پر ڪتاب ۾ اندر پڻ سنڌ جي جاگيردارانه طبقي
بابت پنهنجيءَ ڳالهه جي پٺڀرائيءَ ۾ منهنجي هڪ
افساني مان اقتباس ڏنا اٿس.
ڊئوڊ سنڌ جي روز بروز ڪرندڙ حالتن ۽ مفلوڪ الحال
ماڻهن جي مفلسيءَ ۽ مسئلن جو سبب ”سنڌ جو
جاگيردارانه نظام“ قرار ڏنو آهي.
ڪتاب ۾ انگن اکرن سان وڏي معلومات ڏني اٿس. ويهين
صديءَ جي سنڌ تي اهم تاريخي دستاويز تيار ڪيو اٿس.
ڪتاب پڙهي پورو ڪيم، ته ڊئوڊ ڏاڍو ياد آيو. پر،
ايڊريس ڪانه هئم، سو، ڪجهه ڪري ڪونه سگهيس.
هڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ ورهين کان پوءِ وري اهو ئي
ساڳيو پاڪستاني مهاجر پروفيسر لنڊن مان آيو ۽
مليو، جنهن جو ڊئوڊ شاگرد ٿي رهيو هو. چيائين ته،
”انگلستان ۾ اڄڪلهه نئون رواج پيو آهي، ته ننڍا
ننڍا پروجيڪٽ ٺاهن ٿا ۽ ذهين ۽ محنتي شاگردن کي
اسڪالرشپ ڏئي ڪنهن نه ڪنهن پروجيڪٽ تي ڌارين ملڪن
۾ تحقيق لاءِ موڪلن ٿا. ڊئوڊ اهڙي ڪنهن پروجيڪٽ تي
آفريڪا جي ڪنهن ملڪ ۾ ريسرچ ڪرڻ ويو آهي. وڌيڪ
ڪابه خبر ڪانهي ۽ نه وري سندس ايڊريس معلوم آهي.“
گهر آيس، ته ڊئوڊ کي ياد ڪري احساس ٿيم، ته کيس
سنڌ تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو وڏو شوق هو. انگريزن سنڌ
تي سؤ سال حڪومت ڪئي هئي. شايد هن ان بابت ڪي ڪتاب
پڙهيا هئا، سو، سنڌ ۾ اچڻ جو سوچيائين. ولايت مان
ته ڪنهن طرح مقرر مدي لاءِ مالي مدد وٺي هت پهتو.
معاملي ۾ ڪوبه مونجهارو ڪونه هو. پر، منهنجي مرحوم
دوست سنڌ سرڪار جي عملدار کي خواهه مخواه ڇرڪ ڏنو
ته اهو انگريز ڪا وڏي آفت آهي! لارينس آف عريبيا
جي قبيلي مان آهي. خبر ناهي ته ڪهڙو خُلم ڪرڻ لاءِ
سنڌ ۾ آيو آهي؟ اسان سرڪار کي خاطريءَ وارو جواب
موڪليو. سو انهيءَ يار جو اٿاريل افواهه ته اتي ئي
ختم ٿي ويو، پر هو هت ڄام صادق عليءَ جي ٽيڪ تي
هو، جيڪو ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ بعد کسڪي لنڊن هليو
ويو هو. سو، پاڻ ئي ڪم کي مختصر ڪيائين ۽ لنڊن
هليو ويو. ائين سونهاري سنڌ اعليٰ پايي جي هڪ
انگريز محقق جي تحقيقي ڪم جي تڪميل کان محروم رهجي
وئي.
هڪ مغربي محقق جي ڪتاب ۾ ڊئوڊ جو ذڪر ڏٺم. اهو
ڪتاب ”سنڌ ورڪين“ تي لکيل آهي. لکندڙ جو نالو
ڪلارڊو مارڪو وٽس آهي. ڪتاب جو سنڌي ترجمو حسين
بادشاهه ڪيو آهي. روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، جي
مالڪ ان کي سهڻي نموني ۾ ڇپائي شايع ڪيو آهي.
مون کي گهڻي عرصي کان سنڌ ورڪين تي مستند معلومات
هٿ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. پر، ڪٿان به ڪانه ٿي ملي.
”سنڌ ورڪي سنڌ جا اهي ئي واپاري هئا، جن کي شاهه
سائينءَ جي زماني ۾ وڻجارا ڪوٺيندا هئا. پنهنجي
آفاقي ڪلام ۾ هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته:
وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پلئين،
ته پڻ آيو هاڻ، ٿو وڃڻ جون وايون ڪري.
خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر نيلوفر شيخ ”موهن جي
دڙي“ جي واپار بابت تحقيق ڪئي آهي. ايامن کان سنڌ
جو واپار ڏيساورن سان هلندو هو. سنڌ جا وڻجارا
الائي ته ڪاٿي ڪاٿي واپار ڪرڻ ويندا هئا.
ڪلارڊو مارڪو وٽس پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هو
نيپلز، جبرالٽر قاهره (مصر) الجزائر، يوڪوهاما،
سينگاپور، منيلا، اليگزينڊريا، چين، هانگ ڪانگ،
سيرالون، پورٽ سعيد، جاوا، ڪولون، تيونس، مالٽا،
پاناما، شڪارپوري سنڌورڪي تاشقند ۽ بخارا ته گهڻو
ايندا ويندا هئا. ڪي ته عربي، اسپئنش، لاطيني ۽
ٻيون ٻوليون به ڄاڻندا هئا.
هندستان مان هڪ سنڌ ورڪي فيملي سائگان وئي ۽ اتان
لڏي اول فرانس ۽ پوءِ وري بمبئيءَ آئي. انهيءَ
فيمليءَ جي ڪا پروفيسر پونا يونيورسٽيءَ ۾
پڙهائيندي هئي. مون کي اسلام آباد ۾ اوچتو هڪ
ڏينهن سندس خط اچي مليو ته، ”مس مس اوهان جي
ايڊريس ملي اٿم.“ ڳالهه هيءَ آهي ته اوهان سان ڪا
واقفيت ته ڪانهي. پر، عرض آهي ته ڪيئن به ڪري مون
کي سنڌي پهاڪن تي ڪتاب وٺي موڪليو، جو منهنجي ماءُ
پيءُ جو زور آهي ته سنڌي پهاڪن تي فرينچ ۾
پي.ايڇ.ڊي ڪريان. چون ٿا ته اوهان پڪا سنڌي
(SOLID SINDHI)
آهيو. (خط انگريزيءَ ۾ لکيو هئائين).
مون کيس ڪجهه ڪتاب هٿ ڪري موڪليا. ائين اسان جي
غائبانه دعا سلام شروع ٿي. ڪجهه گھرا گهاٽا ٿياسين
ته مون کانئس پڇيو ته، ”سنڌ ورڪي ڪير آهن؟ کين
”سنڌ ورڪي“ ڇو ٿا ڪوٺن؟“
جواب ۾ پنهنجي تصوير موڪليائين ۽ لکيائين ته،
”اجهو هي آهن. عجائب گهر ۾ رکڻ جهڙي ڪا عجيب مخلوق
ڪانه آهن. مان پاڻ هڪ سنڌ ورڪي فيمليءَ جي آهيان.
سائگان ۾ ڄاوس. ماءُ پيءُ اتي واپار ڪندا هئا.
اتان پئرس آيا. مون فرينچ ۾ تعليم ورتي ۽ ايم.اي
ڪيم. ڀائرن شاديون ڪري وڃي ڪئنري ٻيٽن ۾ دڪان
کوليا. اهي ٻيٽ سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ۽ مهانگا آهن.
منهنجا ماءُ پيءُ بمبئي هليا ويا. مون کي
يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملي.“
اسان جي دعا سلام ڏينهون ڏينهن گھري گهاٽي ٿي ۽
خطن مان ڦري، ٽيليفون تي پهتي. پوءِ ته هوءَ
پنهنجي ذاتي معاملن ۾ به مون کان مشورو وٺڻ لڳي.
سندس تصوير مان ٿي لڳو، ته هوءَ نوجوان ۽ خوبصورت
خاتون آهي، پر چهري مان ڏاڍي غمزده ٿي لڳي.
ڪنهن ڀيري مان سرڪاري ڪم سان ڪوئيٽا ويس. اسلام
آباد ۾ سندس خط آيو هو، سو کيس ڪوئيٽا جي سرينا
هوٽل مان فون ڪيم ۽ ساڻس خوش عافيت ڪري چيم ته،
”وري ٻئي دفعي.“
اهو ٻڌي ڪومائجي وئي ۽ ليلائڻ لڳي ته، ”ٻيلي اهو
ته مناسب ڪونهي. مون سان ڪا گهڙي ته ڳالهه ٻولهه
ڪر. اڄ سڄو ڏينهن آسمان جهڙ سان ڀريو بيٺو هو. مان
ڏاڍي اداس آهيان. مون کي معلوم آهي ته تون رڻ پٽ
جي هڪ ڪناري تي آهين ۽ مان ٻئي تي آهيان. تون مون
کي اتان مدد لاءِ هٿ ۾ هٿ ته ڏئي ڪونه ٿو سگهين.
پر، اهڙي ڪا ڳالهه ته ڪر، جو منهنجو من سرهو ٿئي.
اها خاتون به مون کي سنڌ ورڪين تي ڪو مستند ڪتاب
ڏسي ڪونه سگهي. البت، ڪلارڊو مارڪو وٽس جي ڪتاب ۾
گهربل معلومات مليم. لکيو اٿس ته:
”حيدرآباد سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. صوبي جو
انتظامي ڪاروبار عاملن جي هٿن ۾ هو. اهي ٻن آڪهين
۾ ورهايل هئا. خدا آبادي عامل ڪلهوڙن جي گاديءَ
خدا آباد مان لڏي آيا هئا ۽ ٻيا غير خدا آبادي
هئا، جن جو رتبو خدا آبادين کان ٿورو گهٽ هو. شهر
۾ ڀائيبند ۽ واڻيا به هئا. واپاري بينڪار کي سنڌ ۾
ٺهيل سامان جو وڪرو ڪندا هئا. انهيءَ ۾ ننڍِڙا
واپاري ترقي ڪري، مٿي اڀريا.“
ارڙهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ ۾ پنج هزار سنڌ ورڪي
سڄيءَ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ واپار ڪندا هئا ۽ جام
پئسو ڪمائيندا هئا. هڪ سؤ سال پوءِ به يعني
هندستان جي ورهاڱي کان ڪي سال اڳي، سنڌ ۾ هڪ عام
چوڻي هوندي هئي ته، ”جيڪي ويا جاوا، سي وڃي ٿيا
ساوا.“
جاوا ۽ سوماترا ڏور- اوڀر ۾، انڊونيشيا جي پاسي
مشهور ٻيٽ آهن.
سنڌ ورڪين جي آمدني يا پئسي ڪمائڻ جو ذريعو وياج
هوندو هو. مختلف ملڪن ۾ جيڪي فرمون قائم ڪيون
هئائون، تن مان ڪن جو ڪاروبار انهيءَ زماني ۾ لکن
ڪروڙن ڊالرن ۽ پائونڊن ۾ هلندو هو.
ڪتاب ۾ ڪلارڊومارڪو وٽس، چيزمئن جو ذڪر ڪيو آهي ۽
”وڻجارا“ جي عنوان هيٺ لکيو آهي ته:
”ڊئوڊ چيزمئن سنڌ ۾ وياج توڙي ڪاروبار تي تفصيل
سان لکيو آهي. پر، پنهنجيءَ تحقيق جو دائرو
اڻويهينءَ صديءَ تائين محدود رکيو آهي. چيزمئن جو
دليل هي آهي ته واڻيا بنيادي طور واپاري هئا.
ماڻهن کي قرض ڏئي کانئن زرعي پئداوار وياج جي عيوض
وٺندا هئا. وياج جي اصل رقم (مُورَ) ۾ دلچسپي ڪونه
رکندا هئا، ڇو ته کين وڌيڪ فائدو زرعي پئداوار مان
هو. ٻيو ته هو ڦڏن، جهيڙن، ڇڪتاڻ ۽ عدالت کان پري
رهندا هئا.“
ڪلارڊو مارڪو وٽس وڌيڪ لکيو آهي ته:
”ڊئوڊ چيزمئن جي هيءَ ڇنڊ ڇاڻ نيلا دري ڀٽاچاريا
طرفان پنجاب جي صورتحال بابت ڪيل تحقيق سان ٺهڪندڙ
آهي. ڊئوڊ اڻويهينءَ صديءَ جي سنڌ بابت جيڪا تحقيق
ڪئي آهي، تنهن جو بنياد سرڪاري دستاويزن تي آهي،
پر سندس خيال سرڪاري عملدارن کان الڳ آهن.“
مون کي ڊئوڊ چيزمئن ۽ ڪلارڊو مارڪو وٽس ٻنهي جا
ڪتاب وڻيا. يورپي محققن جي خاص خوبي اها آهي ته
جنهن به تحقيقي ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن، ان کي ڪوشش
ڪري، هر طرح مڪمل ڪري، ”شاهڪار“ بنائي ڇڏيندا آهن.
اسان وٽ هينري پاٽنجر، پوسٽنس، ريورٽي، جيمس برنس،
سورلي، لئمبرڪ، ڪئپٽن ايسٽ وڪ، ارنيسٽ ٽرمپ، رچرڊ
برٽن، مڌر ايلسا قاضيءَ، ائنيمري شمل ۽ هاڻي ڊئوڊ
چيزمئن قابلِ قدر اضافو ڪيو آهي.
ڪلارڊو مارڪو وٽس انهيءَ ڳالهه تي افسوس جو اظهار
ڪيو آهي، ته ڊئوڊ چيزمئن پنهنجو ڪتاب
اڻويهينءَ صديءَ جي سنڌ تائين محدود رکيو آهي.
ويهينءَ صديءَ ۾ پير ڪونه پاتو آهي، پر، منهنجو
رايو آهي ته ان لاءِ ڊئوڊ تي ڪا به ميار ڪانهي.
ڊئوڊ جو ڪتاب سنڌ تي تحقيق جو تازه ترين شاهڪار
آهي.
ليڊي ڊايانا
عورت ۽ مرد انساني نسل جا ھڪجهڙا فرد آھن. پر،
مشرق توڙي
مغرب ۾، ايامن کان وٺي ”مرد جي برتري“
(MALE CHAUVINISM)
وارو معاشرو قائم آھي. چون ٿا ته
ويھينءَ صديءَ عيسويءَ ۾ ڪن سوشلسٽ ملڪن ۾ عورتن
کي مردن واريون ذميواريون، رعايتون ۽ اوترائي حق
حقوق مليا ھئا. اھڙن ملڪن ۾ مکيه
مثال چين جو ڏين ٿا، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ
آھي. پر، اتي به
چيئرمن مائوءَ اکيون ٻوٽيون، ته
سندس مخالف طاقت ۾ آيا ۽ سندس زال کي قومي مجرم
قرار ڏئي، ڦاسيءَ جي سزا ڏنائون. سرمايي دار ملڪن
۾ مکيه
مثال انگلستان جو ڏين ٿا. انگلستان ۾ مردن توڙي
عورتن ۾ لڳ ڀڳ سؤ سيڪڙو تعليم آھي. منجهن سياسي ۽
سماجي شعور جي به
ڪمي ڪانهي. سو، چون ٿا ته
اتي مرد ۽ عورتون ھڪجهڙا حق ماڻن ٿا. ملڪ ۾
بادشاھي نظام آھي، پر، پوءِ به
دنيا جي ڪنھن
به
ٻئي ملڪ ۾ انگلستان جيتري جمھوريت ڪانهي. ملڪ جو
تخت ۽ تاج
به
مرد لاءِ مخصوص ڪونهي. شاھي خاندان جو وڏو ٻار تاج
پائي ٿو، پوءِ اھو مرد ھجي يا عورت. مثال طور،
انگلستان ۾ ھن وقت شاھي تاج راڻيءَ ايلزبيٿ جي مٿي
تي آھي. ھونئن، اصل طاقت عوام جي چونڊيل عيوضين
يعني پارليامينٽ جي ميمبرن وٽ آھي.
* * *
شهزادي ڊايانا، راڻيءَ ايلزبيٿ جي ننهن هئي.
راڻيءَ، ساڻس پنهنجي پٽ چارلس جي شادي ايڏيءَ ته
ڌام ڌوم سان ڪرائي، جو ماڻهن کي الف ليليٰ جا
رنگين داستان ياد اچي ويا. 29 جولاءِ 1971ع تي،
لنڊن ۾ ڇهن لکن مردن ۽ عورتن، گهوٽ ڪنوار جو شاهي
جلوس ڏٺو ته دنيا جي پنجهتر ڪروڙ ماڻهن، ٽيليويزن
تي، انهيءَ شاديءَ جا هوشربا منظر ڏٺا. ڏهاڪو سالن
جي عرصي اندر شهزادي چارلس کي شهزاديءَ ڊايانا مان
ٻه پٽ ڄاوا: وڏي جو نالو وليم ۽ ننڍي جو هيري
رکيائون. پر، پوءِ به اها شادي ناڪام ٿي ۽ راڻي
ايليزبيٿ، 1991ع ۾، پاڻ ئي پنهنجي پٽ کي چيو ته،
”هاڻي کڻي شاديءَ جي قصي کي ختم ڪريو.“
شھزادي
چارلس، پنهنجي ماءُ جي چوڻ تي، پنهنجي زال شهزادي
کي طلاق ڏني. شهزادي ڊايانا شاهي محل ۾ ڏاڍي ڪا
ڏکي هئي، سو، ٻاهر نڪتي، ته پنهنجا تاثرات بيان
ڪندي چيائين ته، ”محل جو ماحول اهڙو هو، جو منهنجو
ته ساهه ٿي گُهٽيو.“ راڻيءَ جي به ڪا ساڻس پوري
ساري پوَت هئي. سو سندس بيان پڙهي، سڙي وئي ۽
کانئس شاهي لقب کسي ورتائين.
ڊايانا مٿس ٽوڪ ڪندي ٻيو بيان ڪڍيو ته، ”مون کي
ڪنهن به شاهي لقب جي ضرورت ڪانهي. مان ماڻهن جي
دلين جي راڻي آهيان.“ راڻيءَ تي طنز ڪندي چيائين
ته ”شاهي خاندان“ وٽ هاڻي باقي وڃي رسمون ۽ رواج
بچيا آهن.“
پنهنجي شاديءَ جو ذڪر ڪندي چيائين ته، ”اها ان ڪري
ڪامياب ڪانه ٿي، جو منجهس اسين ٻه زالون ۽ هڪ مڙس
هئاسين. سندس اشارو مڙس جي يارِ، ڪوميلا پارڪر،
ڏانهن هو.
مڙسس
چارلس انهيءَ الزام کان انڪار ڪونه
ڪيو. (ڊايانا جي الزامن ۾ صداقت ھئي، ڇو ته
سندس موت کان پوءِ چارلس نيٺ ڪوميلا پارڪر سان
شادي ڪئي).
شروع شروع ۾ ڳالهه
ھيئن ڦاٽي، جو ڊايانا پنھنجي مڙس وٽ ھڪ قيمتي سوني
چوڙي ڏٺي، جا مڙس پنھنجيءَ يار، ڪوميلا پارڪر لاءِ
خريد ڪئي ھئي. ڊايانا انھيءَ ڳالهه تي ھنگامو ڪيو.
مڙسس
بڇڙو ٿيو، ڇو ته
ڳالهه سچي ھئي. انھيءَ واقعي کان پوءِ زال مڙس جو
وري ٻيو جهيڙو ٿيو. ان جو سبب اھو ھو ته
ڪنھن ھنڌ چارلس جي ڊائريءَ مان ڪوميلا پارڪر جا ٻه
فوٽو اچي پٽ تي ڪريا، جن لاءِ ھو ڊايانا کي ڪابه
سمجهاڻي ڏئي ڪونه
سگهيو. زال مڙس جي انهن جهيڙن تڏھن ھيڪاري زور
ورتو، جڏھن عام پبلڪ جلسن ۾، چارلس جي مقبوليت
ڏينهون ڏينهن ڪرندي وئي ۽ ڊايانا جي شھرت آسمان تي
چڙھندي وئي. سو، نتيجو نيٺ طلاق جي صورت ۾ نڪتو.
ڊايانا شاهي محل جي پابندين کان آجي ٿي، پر ٻاهر
نڪتي ته سک جو ساهه پوءِ به کڻي ڪانه سگهي. سندس
مثال انهيءَ ڊنل هرڻي وارو ٿي پيو، جيڪا عجائب گهر
جي پڃري مان نڪري ڪنهن جهنگل ۾ اچي ڦاسي پئي. هر
وقت شڪارين جي اک ۾ هجي. سندس ساهيڙيءَ، روزا
مانڪٽن، ”ڊايانا منهنجي دوست“ نالي سان هڪ مضمون
لکيو آهي، جنهن جا شروعاتي اکر هي آهن:
”روزا، هي شڪار آهي شڪار! تون مون تي مضمون لکي
خلق کي ٻڌاءِ ته شڪاري مون اڀاڳيءَ کي ڪيئن شڪار
ڪري رهيا آهن.“
روزا لکيو آهي ته اهي (ڏکويل) لفظ منهنجي پياري
دوست شهزادي ڊايانا جا هئا، جيڪا انگلستان جي ولي
عهد جي ماءُ ۽ ويلس جي شهزادي هئڻ کان پوءِ به سڄي
دنيا جي اکين اڳيان، هڪ ڊنل هرڻيءَ وانگر شڪارين
کان لڪي رهي هئي، پر شڪارين کي جهلڻ پلڻ وارو ڪير
ڪونه هو. اهي شڪاري گهڻا ئي هوندا پر، سرفهرست ست
اخبارن جا مالڪ ۽ سندن فوٽو گرافر هئا.
ولايت ۾، هڪڙا فوٽوگرافر آهن، جن کي انگريزي ۾
“PAARAXI”
(پاپارازي) ڪوٺيندا آهن. اهي هر هنڌ ڊايانا جون
تصويرون ڪڍندا هئا. اخبارون اهي تصويرون وڏي ملهه
سان خريد ڪري ڇاپينديون هيون، ڇو ته جنهن به اخبار
۾ ڊايانا جي ڪا نئين تصوير ڇپبي هئي ته اها ڏاڍي
وڪامندي هئي.
پاپارازي فوٽوگرافرن جو هونئن به ڌنڌو ئي اهو آهي
ته نالي واري مردن ۽ عورتن جون خاص خاص تصويرون
ڪڍي، اخبارن ۽ رسالن کي وڪڻن. ماڻهو ڪڏهن ڪيئن
ويٺو آهي ته ڪڏهن ڪيئن! ڪڏهن مناسب لباس ۾ آهي ته
ڪڏهن بي خيالي ۾ ويٺو آهي. هاڻي جي ڪو فوٽوگرافر
هميشه موقعي جي تلاش ۾ هجي ۽ گاهه بيگاهه ڪنهن
عورت جون اهڙيون تصويرون ڪڍندو رهي، جيڪي
زيبائتيون نه هجن، ته انهن جي ڇپجڻ سان مسئلو
ٿيندو، ڀلا جي اها عورت وڏ گهراڻي هجي، جوان هجي ۽
حسين هجي ته هيڪاري وڏو مسئلو ٿيندو. پر جي اها
عورت ماڳهين شهزادي هجي ۽ ڪنهن ملڪ جي ولي عهد جي
ماءُ هجي ته پوءِ اهڙي تصوير انهيءَ عورت لاءِ
باهه ٻاري وجهندي! پاپارازي فوٽوگرافرن به ڊايانا
لاءِ باهه ٻاري وڌي.
ڊايانا جتي به ويندي هئي، پاپارازي فوٽوگرافر، نوس
نوس ڪندا، کانئس اڳي ئي اتي پهچي ويندا هئا. هو
ڪارن، ريل، هوائي جهاز، هيلي ڪاپٽر رستي سفر ڪندا
هئا. ڊايانا ڪنهن باغ ۾ سهيلين سان گڏ گهمڻ ويندي
هئي، ته باغ جي وڻن جي پنن ۾ لڪي، پنهنجون
ڪئميرائون بندوقن وانگر سڌيون جهليون ويٺا هوندا
هئا. ڪلبن ۽ هوٽلن ۾ ويندي هئي، ته ڀتين جي اوٽ ۾
ڇپيا ويٺا هوندا هئا.
پر حقيقت اها آهي ته ڊايانا جي اوچتي موت سڄيءَ
دنيا کي اداس ڪري ڇڏيو آهي. ڪن لکيو آهي ته ماڻهن
کي ان ڪري به ڊايانا سان عقيدت هئي، جو هوءَ خير
خيرات جي ڪمن ۾ دل کولي حصو وٺندي هئي. ڪن لکيو ته
ڊيانا کي ماڻهن جي شعور تي مسلط ڪرڻ ۾ پريس جو وڏو
هٿ هو، جنهن کيس هڪ اهڙي طلسمي شهزادي بنائي ڇڏيو،
جنهن جي حسن ماڻهن جو عقل چرخ ڪري ڇڏيو.
پر اڪثر مغربي مبصرن جو خيال آهي ته سڀني راين جو
تجزيو ڪرڻ کان پوءِ ڊايانا جي جيڪا شخصيت اڀري ٿي،
سا هيءَ آهي ته هو ايڏي ته سهڻي هئي، جو هڪڙي ئي
مرڪ سان ڪنهن به ڏاڍي کان ڏاڍي مرد کي ڊاهي، ڍير
ڪري ڇڏيندي هئي.
ڊايانا جون آخرين رسمون ”ويسٽ منسٽر ايبي“ ۾ ادا
ڪيائون، غمزده ماڻهن جو هجوم ايڏو ته وڏو هو جو
ديول کان ٽپي، هائيڊ پارڪ ۽ هارتس گارڊنس پئريڊ
تائين وڃي پهتو هو. برطانيا جي اخبارن لکيو ته
1945ع واري ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ جرمني جي شڪست ۽
انگريزن جي فتح واري جشن واري هجوم کان پوءِ هي
وڏي ۾ وڏو هجوم هو. ٻنهي ۾ فرق رڳو اهو هو ته اهو
خوشي جو هجوم هو ۽ هي ڏک جو.
هر طرف درياءُ جي لهرن وانگر ماڻهو ئي ماڻهو هئا.
ڊايانا جي ياد ۾ گلدستا کڻي آيا هئا. انهي کان
علاوه انهن لکين ڪروڙين ڏکويل انسانن جو ڳاڻاٽو ته
ڏاڍو مشڪل آهي. جيڪي ڌرتيءَ جي گولي تي، ڊايانا جي
جنازي ٽي. وي جي پردي تي ٽمندڙ اکين سان ڏي رهيا
هئا.
هن پسمنظر ۾، انگلستان جا اخبارن وارا شاهي خاندان
تي ڪاوڙجي پيا ۽ کين دڙڪو ڏنائون ته، ”پنهنجون
رسمون ۽ رواج ختم ڪريو.“
ڳالهه هيئن ته ”بڪنگهام پئليس“ وارن ڊايانا جي
وفات تي شاهي محلات تان جهنڊو لاهڻ کان انڪار ڪيو
چيائون ته:
”تاجدار راڻي ايلزبيٿ محلات ۾ موجود آهي هي جهنڊو
رڳو برطانيا جو قومي جهنڊو ”يونين جيڪ“ ته ڪونهي.
هي ته تاجدار راڻيءَ جو جهنڊو به آهي“
پر جڏهن پبلڪ ۽ پريس جو دٻاءُ وڌيو، ته شاهي محلات
وارن جا حوصلا خطا ٿي ويا، نه رڳو بڪنگهام پئليس
تان جهنڊو ويو، پر انگلستان جي تاجدار راڻي
ايليزبيٿ سهڪندي، سهڪندي ٽي وي تي آئي ۽ ڊايانا جي
ياد ۾ تقرير ڪري، سندس ساراهه ڪري، ماڻهن جي ڏکويل
دلين تي ٿڌو ڇنڊو وجهڻ جي ڪوشش ڪيائين.
سيپٽمبر مهيني جو هڪ تابناڪ صبح هو. شهزادي
ڊايانا جو جنازو ھڪ توب گاڏيءَ تي شاھي اعزاز سان
کنيائون. توب گاڏيءَ کي گهوڙا ڇڪي رھيا ھئا.
ڪنگسٽن محلات کان ويسٽ منسٽر ايبيءَ تائين مفاصلو
ساڍا ٽي ميل آھي. ڊايانا جو جنازو ڪاريءَ پيتيءَ
جي تابوت ۾ ھو، جيڪا ڳاڙھي ۽ سونھري شاھي جھنڊي
سان ويڙھيل ھئي. تابوت جي مٿان فقط ٽي گلدستا رکيل
ھئا: ھڪ سندس وڏي پٽ وليم جو، ٻيو سندس ننڍي پٽ
ھيريءَ جو ۽ ٽيون ڊايانا جي پيڪن واري خاندان
اسپينسر جو، جيڪي پاڻ ادب سان توب گاڏيءَ جي پويان
پيادل پئي آيا. رستي جي ٻنھي پاسن کان، برطانيا جا
غمزده باشندا، قطار در قطار بيٺا ھئا. توب گاڏي
آھستي آھستي سندن وچ مان اڳتي ھلندي رھي. چؤطرف
سناٽو ھو. انھيءَ سناٽي ۾ رڳو گهوڙن جي سنبن جو
آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، يا وري، رکي رکي، ماڻهن جا
سڏڪا!
ويسٽ منسٽر ايبي ديول ۾ ڊايانا جي ياد ۾ غم جا
گهنڊ وڄي رھيا ھئا. ديول ۾ غم جا گهنڊ ته ڪنهن جي
موت تي وڄندا آھن، ان ڪري ھيمنگوي لکيو ھو:
FOR WHOM THE BELL TOLLS
جنازي جي پھچڻ کان اڳ ئي ويسٽ منسٽر ايبيءَ جي
ديول ماڻهن سان ڀرجي ويئي ھئي. انهن ۾ برطانيا جي
شاھي خاندان سان گڏ ٻاھران آيل مهمانن ۾، ملڪن جا
صدر ۽ دنيا جا ڪيئي مشاھير موجود ھئا.
مذھبي رسمون شروع ٿيون، ته
برطانيا جي وزيراعظم ليڊي ڊايانا کي خراجِ عقيدت
پيش ڪئي. ھن انجيل مقدس مان ڪي ٽڪرا پڙھيا ۽ جيڪي
چيائين تنهن ۾ پيغام اھو ڏنائين ته:
”پيار جهڙي دنيا ۾ ٻي طاقت ڪانهي. ماڻھن کي ڊايانا
سان پيار ھو.“
ڊايانا جي ڀاءُ ارل اسپينسر نهايت مؤثر تقرير ڪئي.
چيائين ته:
”ڊايانا زندگيءَ جي پوين ڏينھن ۾ انگلستان کان پري
رھڻ لڳي، جو کيس پاپارازي
فوٽو
گرافرن ۽ اخبارن تنگ ڪري وڌو ھو.“
ھن سندس طلاق جو ذڪر ڪندي چيو ته،
”ڊايانا پنهنجي ڏک، اڪيلائيءَ ۽ اداسائيءَ ۾،
غريبن سان پيار ڪيو، جيڪي سدائين ڏکن ۾ ھوندا آھن.
ڊايانا انهن اجڙيل گهرن ۾ ھمدرديءَ جا ڏيئا ٻاريا،
جن ۾ مردن، پنھنجيءَ برتريءَ
(MALE - CHAUVINISM)
جي غرور ۾، پنھنجين عورتن کي طلاقون ڏئي، گهرن مان
ڪڍي ڇڏيو ھو.
ڊايانا ڪينسر ۽ ڪوڙھه جي بيمارن وٽ ھلي ويئي. ھيرن
۽ جواھرن سان مڙھيل، پنھنجا قيمتي ڪپڙا وڪيائين ۽
سندن مدد ڪيائين. ٻيو ته
ٺهيو، پر، ايڊز جي مريضن کي آٿت ڏيڻ لاءِ جڏھن کين
ھٿ ۾ ھٿ ڏنائين، ته
خود اسپتالن جا ڊاڪٽر به
سندس جرئت ڏسي، وائڙا ٿي ويا.
ھوءَ دنيا جي ڏورانھن ڏيھن ۾ وئي، جتي ماڻھو جنگ
جي تباھيءَ ڪري، زخمي ٿي، معذور ماڻھوءَ وانگر
زندگي گذاري رھيا ھئا.
ھوءَ ھر قسم جي تنگ نظريءَ ۽ تعصب کان پاڪ ھئي.
بوسنيا ويئي، جتي عيسائي ڪروٽن اتان جي مسلمان
ڪروٽن تي ظلم ڪيو ھو.
ھن غريبن جا ڳوڙھا اگھيا، اڃايل ۽ بکايل ماڻھن کي
پنھنجن ھٿن سان کاڌو کارايو.
ڊايانا پاڻ ته
سڄي زندگي ڏکويل انسان وانگر گذاري، پر معصوم ٻارن
کي پنھنجن ٻچن وانگر پيار ڪيو.“
ارل اسپينسر جي تقرير کان پوءِ برطانيه
جي سڀ کان مشھور موسيقار، ايلٽن جان، ڊايانا جي
ياد ۾ ”الوداعي گيت“ ڳايو، جنھن جو عنوان ھو:
”انگسلتان جا گلابي گُل، الوداع!“ سندس گيت جا لفظ
ڏاڍا دل کي ڇھندڙ ھئا:
YOU LIVED YOUR LIFE LIKE A CANDLE IN THE WIND
تو پنھنجي زندگي ائين گذاري، جيئن طوفان ۾ ڪا شمع
ٻرندي ھجي!
AND YOUR FOOT-STEPS WILL AWYAS FALL HERE,
ALONG ENGLAND’S GREENEST HILLS.
تون سدائين ھتي ئي پير رکندينءَ
انگلستان جي سڀ کان سرسبز ٽڪرين تي.
ايلٽن جان جو الوداعي گيت ٻڌي، ماڻھن جا ھيانءَ
ڦـِسي پيا. کليل فضا ۽ تيز ھوا ۾ ھزارين شمعون جلي
رھيون ھيون! حد نگاھه تائين، ماڻهن جي ھجوم جي ھٿن
۾ گلدستا
ھئا ۽ اکين ۾ ڳوڙھا. ديول جي اندر، ڊايانا جو
ننڍڙو پٽڙو ھيري، سڏڪا ڀري رھيو ھو. ايلٽن جان ڏک
ڀرئي آواز ۾ ڳائي رھيو ھو:
YOUR CANDLE’S BURNT OUT,
LONG BEFORE YOUR LEGEND WILL LIVE.
تنھنجي (زندگيءَ جي) شمع ٻري وئي،
پر تنھنجون ڳالھڙيون ياد رھنديون.
YOU LIVED YOUR LIFE
LIKE A CANDLE IN THE WIND.
LIKE A CANDLE IN THE WIND.
تو پنـھنجي
زندگي ائين گذاري،
جيئن طوفان ۾ ڪا شمع ٻرندي ھجي،
جيئن طوفان ۾ ڪا شمع ٻرندي ھجي!
ڊايانا جي زندگيءَ جو آخري سفر لنڊن کان ستھتر ميل
پري، سندس پيڪن واري اسپينسر خاندان جي رھائشگاھه
تي پورو ٿيو. اتي ھڪ ننڍڙي ڍنڍ ۾، ھڪ ننڍي ٻيٽ تي،
گھاٽن وڻن جي ٿڌيءَ ڇانو ۾، کيس دفن ڪيائون. سندس
قبر تي جيڪو ڪتبو
ھنيائون، تنھن ۾ ايلٽن جان جي لفظن ۾ کيس
”انگلستان جو سونھري ٻار“ لکيائون.
ڊايانا جي پيڪن واري اسپينسر خاندان، سندس تدفين
کان پوءِ سندس آخرين آرامگاھه تي حاضري ڏيڻ جي
واسطي ماڻهن جي سھولت لاءِ ٻه
سؤ ٽيليفون لائينون لڳايون ته
واري واري تي نمبر وٺي اچن. حاضري ڏئي وڃن. پر،
ٽيليفون لائينن جي کلڻ جو اعلان ٿيو، ته
ستت ٽيليفون آپريٽرن اعلان ڪيو ته،
”پھرئين ڪلاڪ جي اندر ئي ھڪ لک ٻاونجاھه
ھزار ماڻھن بڪنگ ڪرائي ورتي آھي. سو، جڏھن اھي
ڊايانا جي ابدي آرامگاھه تي حاضري ڏيئي موٽندا، ته
پوءِ ٻين کي وارو ملندو.“
پر، جن ماڻهن کي پھرئين ڪلاڪ ۾ وارو مليو، سي به
انھيءَ ٻيٽ تي وڃي ڪونه
سگهندا، جتي ڊايانا جي تربت آھي. البت، ھو پري کان
انھيءَ ٻيٽ تي بيٺل سرسبز وڻن ٽڻن جي جھڳٽي جو
ديدار ڪري سگھندا، جن جي ٿڌيءَ ڇانوَ ھيٺ، ڊايانا
ھينئر قدرت جي ھنج ۾ ابدي آرام ۾ آھي.
اسپينسر خاندان وارن تدفين کان پوءِ ٻئي ڏينھن ئي
پنھنجي ڪمپائونڊ وال جو ٻاھريون دروازو بند ڪري
ڇڏيو. تاھم، روزانو بيشمار ماڻھو ڊايانا جي ياد ۾
رنگ برنگي گلدستا کڻي اچن ٿا ۽ بند ٿيل دروازي جي
ڄارين ۾ چنبڙائي وڃن ٿا. ڪن گلدستن تي اھڙا ته
دل کي ڇھندڙ ”الوداعي لفظ“ لکيل آھن، جن کي پڙھي
ماڻھن جون اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي وڃن ٿيون.
ڀڳت ڪنوَر رامُ
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، سنڌ
جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن
۾ ”ڀَڳَتِ“
جو عام رواج هوندو هو.
ڇو ته
ڀَڳَتَ
سڀ هندو هوندا هئا. مون ڪنهن به مسلمان ڀَڳَتَ
جو نالو ڪونه ٻڌو. پر، ڀَڳتِ
۾
راڳ روپ جو مزو وٺڻ لاءِ
هندو توڙي مُسلمانَ
سَڀُ
شريڪ ٿيندا هئا. راڳ روپ جون مجلسون ته اڃا به
اسان جي ڳوٺن ۾
ٿين ٿيون پر، اهي ڀڳتِ کان نرالي نوع جون آهن.
”ڀڳتِ“ جو خاص مقصد اهو هوندو هو ته راڳ روپ
وسيلي، عام ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، محبت ۽ ميٺاڄ
سان نيڪ ڪمن جي نصيحت ڪئي وڃي.
هاڻوڪين راڳ جي مجلسن جو مکيه مقصد رڳو وندر
ورونهه آهي.
ڀڳتن جو لباسُ
به نرالو هوندو هو.
گيڙو رنگ پسند ڪندا هئا.
ڊگها جاما ۽ پڙا پائيندا هئا. مٿي سان پڳڙي ٻڌندا
هئا.
ڀڳت ۾ ڪانه ڪا ڳالهه کڻندا هئا
جا سر ۽ لئه سان ٻڌائيندا هئا. سندن آواز مٺو ۽
سريلو هوندو هو، ساز جو استعمال ان ۾ هيڪاري دلڪشي
پيدا ڪندو هو. ڳالهه بيان ڪندي ڪلام چوندا هئا.
جيڪي
اڪثر مسلمان صوفي شاعرن جا هوندا هئا.
مون
به ننڍپڻ ۾
هڪ ڀڳتِ ڏٺي. عمر ڏهه ٻارنهن سال هوندي. ”قومي
شاهراهه“ تي ساهتيءَ پرڳڻي ۾، هالاڻي نالي
ننڍو شهر آهي. جيڪو اسان جي ڳوٺ کان ڇهه ميل پري
آهي.
سڄيءَ سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو عاليشان مندر
هالاڻيءَ ۾
آهي، جتي ويساکيءَ جو ميلو لڳندو آهي.
مون کي اهو مندر گهمڻ جو موقعو مليو. ٻاهران عمارت
عاليشان آهي، پر، اندر منجهس ڪو گهڻو ڪجهه ڏسڻ
لاءِ ڪونه آهي. البت ٺهيل سٺو آهي. غالباً منجهس
گرو نانڪ جو گرنٿ هڪ سهڻي ننڍي هندوري ۾ پڙهڻ لاءِ
رکيل آهي. ڪن ڀتين تي مورتون ٺهيل آهن، جي ڌرمي
شخصيتن جون آهن. مندر جي ٻاهران ڪجهه هندو خاندان
رهن ٿا. پر، ٿورو پرڀرو، الڳ ايراضيءَ ۾ ڪن مسلمان
خاندانن جا گهر به آهن. سموري ايراضي مندر جي
ملڪيت آهي.
اهو مندر هندو ڌرم جي هڪ مهاپرش ٺهرايو هو، جو
ٽنڊي الهيار جي باني ميرَ
صاحب سان گڏجي، غزنيءَ (افغانستان) مان سنڌ ۾ آيو
هو. مير صاحب جي ساڻس ايڏي ته عقيدت هئي، جو ٽنڊي
الهيار ۾ سندس رهائش ۽ عبادت لاءِ منڊلي ۽
ننڍو
مندر ٺهرايائين. گهڻن سالن کان پوءِ انهيءَ سنت کي
سنڌ گهمڻ جو شوق ٿيو. ٽنڊي الهيار مان پيادل نڪتو.
ڪجهه چيلا (پوئلڳ) ساڻ هئس. درياهه جو اولهه وارو
پاسو گهمندو،
مانجهند ۽
سن
وٽ وڃي پهتو.
ٻيڙين جي وسيلي درياهه پار ڪيائين
ته
دولتپور
جي ويجهو
اچي لٿو. اڳتي وڌيو ڪنڊياري پهتو،
پر،
هالاڻيءَ ويندي، کيس وڏي جهنگ مان لنگهڻو پيو. سو،
پاڻ ۽ سندس چيلا
جهنگ ڪپيندا، رستو ٺاهيندا، اڳتي
هليا
۽
نيٺ
اچي هالاڻيءَ وٽ پهتا. پر، اهڙو ٿڪجي پيا جو اتي
ئي ڪکن پنن کي صاف ڪري، ڇپر ۽ ڇانوَ
لاءِ جهوپڙي اڏيائون. ستت،
هر طرف
هندو مهاپرش جي هاڪ پکڙجي وئي. ماڻهن جا ٽولا سندس
درشن ۽ دعا لاءِ ايندا رهيا. هالاڻي وٽ ئي حياتيءَ
جا باقي ڏينهن گذاريائين. سندس وفات کان پوءِ،
اتي اهو عاليشان
مندر ٺهيو. جنهن ۾ وقت بوقت مختلف سنت شيواداري
ٿيندا رهيا. هڪڙو اسان جي پاسي، ڳوٺَ
ساجن شاهه جو سنت به هو.
”ساجن
شاهه“
اسان جي ڳوٺ کان فقط اڌ ميل جي پنڌ تي آهي.
ڪنڊيارو تعلقو انهيءَ زماني ۾ شايد خيرپور جي مير
علي مراد جي رياست ۾ هوندو هو. مير صاحب هالاڻي
آيو
۽ مندر لاءِ زمين وقفُ
ڪري ڏئي ويو.
سندس پوٽي، وري
اها زمين لکت پڙهت ڪري، شيوادارين کي ڏني ۽ خرچ
پکي لاءِ ٻيا
ڪي
ايڪڙ زمين به ڏني.
هيءَ ننڍڙي ڳالهه
انهيءَ
وڏيءَ حقيقت جي نشاني آهي، ته مير الهه يار خان
۽ مير علي مراد ٽالپر
جي زماني ۾ به سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾، هڪٻئي جي
نيڪ مردن لاءِ ڪيڏي نه محبت ۽ عزت هوندي هئي.
هالاڻيءَ ۾ هر
سال، ويساکي جو ميلو
اڃا به
لڳندو
آهي،
هڪڙي سال، اسان جي ڳوٺ
مان ويهن پنجويهن ورهين جي جوانن جو ٽولو
ميلو
ڏسڻ هليو. مڙئي منهنجا مـِٽ مائٽ هئا. مان ۽ ٻه ٽي
ٻار به ساڻن گڏجي وياسين. ميلي ۾ هر طرف رنگ برنگي
جهنڊين واريون بزاريون هيون.
جن
۾
ماڻهن جي ڏاڍي پيهه هئي. هر طرف
کاڌي پيتي جا دڪان هئا، جن ۾،
کائڻ پيئڻ جو سامان
۽ مٺايون رکيون هيون.
اسان به
ناريل جي مٺائيءَ
جو مزو ورتو.
اسان جي وڏن رات جو”ڀَڳَتِ“
ڏسڻ جو فيصلو ڪيو.
اسان به ساڻن گڏ وياسون. وهڻ لاءِ ڪرسيون رکيون
هيون.
”ڀَڳَت“
رات جو سومهاڻيءَ کان پوءِ شروع ٿي. ٻه ”ڀڳت“ هئا،
واري واري سان ڳالهه کڻي رهيا هئا ۽ ڳالهه ڪندي،
ڪلام ڳائي رهيا هئا.
ڏاڍو
وڻندڙ ماحول هو. سازن جي ڇمڪي ۽ ڌڪڙن جي ڌڌڪي ان ۾
هيڪاري جان وڌي. ڀڳتنِ
سان تيرنهن چوڏهن سالن جو هڪڙو خوبصورت ڇوڪرو به
گڏ هو، جنهن کي
عورتن وانگر سبز رنگ جي
ريشمي ساڙهي پاتل هئي ۽ پنين ۾ ڇير ٻڌل هئي. جڏهن
ڪنهن به شخص ڪنهن ڪلام کان متاثر ٿي، پنجن ڏهن
رپين جو نوٽ ٿي ڏنو، ته اهو ڇوڪرو، نچندو، ڇير
ڇمڪائيندو، انهيءَ شخص کان نوٽ وٺي ٿي آيو ۽ ڀڳتن
جي اڳيان ٿي رکيائين. ڇوڪري کي ”چيهو“ ٿي
ڪوٺيائون. چيهي گهڻي رقم گڏ ڪئي، سا ته خدا کي
خبر. پر، ڀڳتِ سڄي رات هلندي رهي. ماڻهو ڪرسين تي
ويٺا رهيا. اسان جي مائٽن کي فڪر ٿيو، ته متان
ٻارن کي ننڊ اچي. پر، اسان
سڄي رات
ڀڳتِ ڏسندي گذاري.
صبح جو نانوائيءَ جي هوٽل تي وڃي ناشتو ڪيوسون.
کاڌو لذيذ هو.
ڏاڍو مزو آيو.
پر، ڀڳتِ ۾
وڌيڪ
مزو آيو. ڀڳتن جيڪي ڪلام ڳايا، تن ۾ دريا خان ۽
شاهه سائينءَ جا
هئا.
ڪنهن به هندو شاعر جو ڪلام ڪونه ڳايائون. ڀڳت هندو
هئا ۽ ڀڳتِ به مندر جي پاسي ۾ وڌائون. پر، نالي
ڪاڻ کڻي ساميءَ جو ڪو سلوڪ ڳائن، سو به نه.
هاڻي
پنجاهه ورهين کان پوءِ
ان ڳالهه تي سوچيندو آهيان ته ان جو سبب ڪهڙو ٿي
سگهي ٿو؟ سوچي سوچي انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان،
ته ساميءَ جي سلوڪن جي ٻولي اڌ سنڌي ته اڌ هندي
آهي. سو، سندس شاعري سنڌي عوام ۾ عام ڪانه ٿي
سگهي. ڪتابن تائين محدود رهي.
اسان جي ئي ڪن دوستن، شاهه، سچل ۽ سامي ”ٽمورتي“
ٺاهڻ لاءِ پاڪستان کان پوءِ به ڪيئي ڪتاب ڇپايا.
پر، پوءِ به عام ماڻهن ۾ فقط شاهه ۽ سچل ئي مقبول
آهن.
هالاڻيءَ واريءَ انهيءَ ڀڳتِ جهڙيون ڀڳتون
سنڌ ۾
عام جام پونديون هيون. ڪڏهن ڪاٿي ته ڪڏهن ڪاٿي.
ڀڳت به جام هئا.
سنڌ جي مختلف
شهرن ۾ رهندا هئا. آسپاس توڙي پري پنڌ تي به ڀڳتِ
وجهڻ ويندا هئا.
ڪن جو وڏو نالو هو، ته ڪن جو گهٽ هو.
ڪوئل پنهنجيءَ
مٺيءَ
ڪُوڪَ
ڪري مشهور آهي، مورُ
مڙني
پکين
۾ سهڻو سڏبو آهي ڪنور رام به
ڀڳت جي فن ۾
ائين ئي
مشهور
هو.
سندس مٽ ثاني ڪونه هو.
قدرت کيس
سٺو سڀاءُ ۽ مٺو
آواز ڏنو هو.
جنهن ۾ عجب تاثير هو.
ماڻهن تي جادو ڪري ڇڏيندو هو.
اتر سنڌ ۾،
جروار نالي، هڪ ننڍي ڳوٺ جو ويٺل هو، مان هڪ دفعي
الاهي بخش سومري صاحب سان گڏجي، زماني جي ڪنهن ڪم
ڪار سان
ميرپور ماٿيلي جي طرف
لنڊ قوم جي سردار، نورمحمد خان سان ملڻ ويس. تڏهن
الاهي بخش صاحب تجارت ۽ صنعت جو مرڪزي وزير هو.
سانوڻ جي مند هئي.
منجهند جي مهل هئي، پر مينهوڳيءَ جي موسم هئي.
آسمان ۾
اڇا، ڪارا ۽ ڀورا بادل پئي تريا. ٿڌي ٿڌي وڻندڙ
هوا پئي لڳي. الاهي بخش صاحب موٽر هلائي رهيو هو.
منجهس فقط ٻه ڄڻا هئاسون. رستو صاف ۽ سٺو هو، پر
ور وڪڙ هئس، سو ڪنهن مهل ڦرندو گهرندو، هڪ ننڍي
ڳوٺ مان اچي لنگهيو. الاهي بخش
صاحب
چيو ته، ”ڀڳت ڪنور جو ڳوٺ اهو اٿئي. نالو اٿس
جروار.“
مون تي هڪ سمو طاري ٿي ويو! چؤطرف سڪايل اکين سان
نهاريم. ڪچا پڪا گهر. ڪاٿي ڪاٿي لوڙها. بزار جو
نالو نشان ڪونه. ٻيو ته ٺهيو چاءِ پيڻ جي ڪا ننڍي
وڏي هوٽل به ڪانه. البت، هتِ هُتِ
سيڌي جا دڪان نظر آيا. چون ٿا ته ڀڳت ڪنور جو به
هڪ سيڌي سامان جو دڪان هوندو هو. پئسي ڏوڪڙ ۾ غريب
هو،
پر، دل جو امير هو.
وڏو ٿيو، ته پري پري ڀڳتِ وجهڻ ويندو هو. مشهور
آهي ته لڙيءَ سومهاڻيءَ مهل ۽ بعضي اڌ رات کان
پوءِ ڀڳتِ وجهندو هو. آسپاس وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان
ماڻهن جا هشام اچي مڙندا هئا. ڪنور رام به ٻين
ڀڳتن وانگر، ڊگهو جامو پائيندو هو. گيڙو رنگ جو
پٽڪو ٻڌندو هو. نماڻو ۽ درويش صفت
انسان
هو. جهڙو ٻاهر، تهڙو اندر. حَدَ
درجي جو نهٺو هو. ٻئي ٻانهون ٻڌي ڳالهائيندو هو.
سنڌ جي هندن ۾ جيڪڏهن ڪنهن به شخص ۾ مذهبي ڀيد
ڀاءُ ڪونه هو، ته اهو ڪنور هو. ماڻهن جو منجهس
ويساهه ڪونه هو، ساهه هو. ڄڻ ته سندن پيرُ
هو، پر، حق جي ڳالهه اها آهي ته پاڻ مڙني جو فقير
هو. سنڌ ڪنور جهڙا اعليٰ انسان ٿورڙا پيدا ڪيا.
ڪنور جڏهن ڀڳتِ وجهندو هو ته راڳ عبادت جو روپ
وٺندو
هو.
اول
رب پاڪ جو مٺو نالو
وٺندو هو
”شل ڪا ٻاجهه پويئي“
جي
اکرن سان ڳائڻ شروع ڪندو هو:
نالي الک جي، ٻيڙو تار منهنجو
نڌر آهيان نماڻي، تون آڌار منهنجو
نالي الک جي، ٻيڙو تار منهنجو
ڪنور گهڻو ڪري شاهه ڀٽائيءَ ۽ درياخان جا ڪلام
ڳائيندو هو. ڪلام ڳائيندي، سندس پنهنجون اکڙيون
به
مينگهه ملهار ٿي وينديون هيون. جڏهن شاهه ڀٽائيءَ
جو نالو کڻندو هو ته عقيدت جي ڪري بيحال ٿي ويندو
هو. سندس اکين مان ڳوڙها مينهن وانگر وسندا هئا ۽
چپن تي آلاپ هوندا هئا:
ڪين وڻن، او ڪين وڻن،
تنهنجون ماڙيون بنگلا.
ڪين وڻن، او ڪين وڻن
سون، ڪڙيون، ڪٺمال.
آ، ڪانگا ڪر ڳالهه
مون سان تن ماروئڙن جي
ماروئڙن جي، او سانگيئڙن جي،
آ، ڪانگا ڪر ڳالهه
ڪنور ته دنيا جهان کان بيخبر، موج ۽ مستيءَ ۾
ڳائيندو رهندو هو. پر، ماڻهن جا هيانءَ ڦـِسي
پوندا هئا. ڪي سڏڪا ڀريندا هئا، ته ڪي اوڇنگارون
ڏئي روئندا هئا.
جيڪڏهن ڀڳتِ ”ڀڳتي تحريڪ“ جي پيداوار هئي ۽ ان جو
اصل مقصد
الله
جي مخلوق کي محبت جي لڙهيءَ ۾ پوئڻ هو، ته پوءِ
سونهاريءَ سنڌ جي هندن ۾ ڪنور کان وڌيڪ اهو حق ٻئي
ڪنهن به ادا ڪونه ڪيو.
ڪنور
سڄي رات ڀڳتِ وجهي، پرڀات مهل جهولي جهليندو هو.
ماڻهو مٿس فدا هئا. سوين هزارين رپيا سندس جهوليءَ
۾ پوندا هئا.
ليڪن
ڪنور سڄي رقم مسڪينن، بيواهن، محتاجن ۽ غريبن ۾
ورهائي، بوڇڻ ڇنڊي اٿندو هو. حرام جو ڪا
پائي به پنهنجي لاءِ رکي!
جيڪڏهن ڪو مسڪين سيد سڳورو وٽس لنگهي ويندو هو ۽
ساڻس حال ڀائي ٿيندو هو، ته نياڻي اٿارڻي اٿم، پر
پلئه ۾ پائي به ڪانهي، ته ڪنور کيس دلجاءِ ڏيندو
هو. جهوليءَ ۾ پيل رقم مان نوٽن جون مٺيون ڀري
سڀ کان
اول انهيءَ مسڪين سيد کي ڏيندو هو، جيڪو کيس
دعائون ڪندو ويندو هو. سيدن
جو
سدائين
وڏو ادب ۽ احترام ڪندو هو ۽ مسجدن جي اڏاوت لاءِ
به
پئسا ڏيندو هو.
سندس
مذهب انسانيت هو ۽ راڳ سندس عبادت هئي.
سنڌ جا هندو گهڻو ڪري نانڪ پنٿي آهن، يعني گرو
نانڪ جا پوئلڳ آهن. ڪنور
پاڻ به هڪ نانڪ پنٿي هو. گرو نانڪ صوفي هو. نه رڳو
ڪاشي ۽ مٿرا جا تيرٿ ڀيٽي آيو هو، پر مڪي شريف مان
به ٿي آيو هو.
لاهور ۾
جسٽس جاويد اقبال مون سان ڳالهه ڪئي، ته سيالڪوٽ ۾
گرونانڪ جي مزار آهي، جنهن جا مجاور گرو نانڪ کي
مسلمان مڃيندا آهن. سيالڪوٽ جسٽس جاويد اقبال جو
آبائي شهر آهي، جو علامه اقبال اتي ڄائو هو.
گرو نانڪ جو ڇويهون گادي نشين مهندر سنگهه بيدي
هندستان سرڪار جو ٻارنهن ڄڻن جو ادبي وفد وٺي،
پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آيو هو. حڪومت پاڪستان
مون کي وفد جو سرڪاري ميزبان مقرر ڪيو. بيديءَ هڪ
دفعي ٻڌايو ته اسان سک به هڪ خدا کي مڃيندا آهيون.
ٻين به گهڻين ڳالهين ۾ هندن کان وڌيڪ مسلمانن کي
ويجها آهيون. مثلاً،
اسان به اوهان وانگر پنج وقت عبادت ڪندا آهيون.
ڀڳتِي تحريڪ ۾ گرو نانڪ کي ته سک ڌرم جو پيشوا
ليکيو وڃي ٿو پر، ميران ٻائي، ڀڳت ڪبير، خود دادو
ديال به ڀڳتي تحريڪ جا آبدار مڻيا هئا.
شاهه سائينءَ ۽ ٻين عظيم صوفي شاعرن سنڌي مسلمانن
جي ذهن کي متاثر ڪيو، ته هندن کي وري ڀڳتي تحريڪ
ماڻهپي جو سبق ڏنو. سنڌ جا ڪيترا هندو، تعصب ڇڏي،
مسلمان درويشن جا مريد ٿيا.
ڪي مرشد جي سيکاريل ذڪر فڪر موجب، رب پاڪ جي
”اسماءُ الحسنيٰ“ جي تسبيح پڙهندا هئا. هندو زالون
توڙي مرد مرڻ کان پوءِ ساڙيا ويندا آهن. پوربا
ڪونه آهن. ليڪن، سچل سائينءَ جي قدمن ۾ سندس
عقيدتمند هڪ هندو عورت جي قبر آهي.
تاجپور جو نواب نور احمد خان لغاري
به
منهنجو گھرو گهاٽو دوست ۽ محسن هو. اسان ٻئي ايران
سرڪار جي دعوت تي تهران، شيراز، اصفهان ۽ ٻين شهرن
۾ وياسين. ايران جو دورو پورو ڪري، پنهنجي خرچ تي
دبئيءَ وياسين. اتي نواب صاحب جا هندو
الاهي
مريد هئا. نواب صاحب
پاڻ به
گادي نشين هو ۽ جهوڪ شريف جي درگاهه جو پانڌيئڙو
هو. دبئيءَ ۾ نواب صاحب جي مريدن پنهنجي مرشد کي
ڪنهن به سٺيءَ هوٽل ۾ ٽڪائڻ بي ادبي سمجهي. پنهنجي
گهر ۾ ٽڪايائون. مون پنهنجين اکين سان کين نواب
صاحب جي هٿن ۽ پيرن کي چمندي ڏٺو.
ڀڳت ڪنور جنهن سونهاريءَ سنڌ ۾ اکيون کوليون، ان
جو ماحول ائين هو.
منجهس تعصب ڪونه هو.
سندس پيءُ جو نالو ڀائي تاراچند هو ۽ ماڻس جو
شريمتي تيرٿ ٻائي. ڪنور سترام داس نالي هڪ درويش
جي دعا سان ڄائو. سو، ماڻس ۽ پڻس پنهنجو پٽڙو وڃي
درويش جي گود ۾ وڌو. هو ڀڳت هو ۽ ڪلام چوندو هو.
سندس
اثر ڪنور تي پيو هوندو. ڪنور پنهنجي پيءُ جي چوڻ
موجب، هاسارام نالي هڪ شخص کان ”راڳ وديا“ جي
تعليم ورتي، جو ڳوٺ حيات پتافيءَ ۾ هندن جي درٻار
جو شيواڌاري هو.
هندن جي مذهب ۾ راڳ عبادت آهي. هندو ڌرم جا پاڪ
ڪتاب مثال طور؛ ”رگ ويد“
به گهڻي قدر، قدرت جي حمد ۽ ثنا جا گيت آهن:
اسان جي عقيدي موجب پڻ نبين ۾ حضرت دائودعه
جو آواز ڏاڍو مٺو هوندو هو. لحن دائودي حُسنِ يوسف
وانگر مشهور آهي. هندستان جي مسلمانن ۾، چشتي
سلسلي جا بزرگ راڳ ۽ سماع جا شوقين هوندا هئا.
اسان جو شاهه سائين به راڳ جو شوقين هو.
چون ٿا ته
هڪ ڀيري ٺٽي جي مُلنِ
جو هڪ وفد وٽس ويو ۽ ادب سان عرض ڪيائين ته،
”سائين اوهان ته پاڻ هيڏا پرهيزگار بزرگ آهيو.
پوءِ راڳ ۽ ساز جي وندر ورونهن ڪيئن ٿا ڪريو؟“
شاهه سائينءَ کين محبت سان جواب ڏنو ته ، ”ادا،
منهنجي اندر ۾ هڪ وڻ آهي. جڏهن راڳ ٻڌان ٿو، ته ان
۾ گؤنچ ۽ گل ڦل ڦٽن ٿا، پر، جي نٿو ٻڌان، ته گل ڦل
۽ گؤنچ ڪومائجي وڃن ٿا.“
شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ مولانا جلال الدين
روميءَ کي ساراهيو آهي. هو عالمِ
اسلام جو سڀني کان هاڪارو شاعر هو.
راڳ ۽ سماع جو شوقين هو، کيس انهيءَ رنگ ۾ رڱڻ
وارو بزرگُ،
شمس تبريزي هو. ساڻس ملاقات کان اڳ مولانا رومي
شريعت جو جيد عالم هو. جڏهن ٻاهر نڪرندو هو، ته
سوين ماڻهو سندس اڳيان ۽ پويان ادب سان پيادل
هلندا هئا. مولانا رومي عبا ۽ قبا سان وڏي شان
شوڪت سان ايندو ويندو هو. سندس وڏو رعب هو. هڪ
دفعي وعظ پئي ڏنائين، ته ماڻهن جي ميڙ ۾ پراڻن
ميرن ڪپڙن ۾ ويٺل هڪ فقير، کيس چيو ته، ”اوهان
جيڪا ڳالهه هيئن بيان ڪئي، سا ته هونئن آهي.“
روميءَ ڏانهس نهاريو ۽ فرمايو ته، ”فقير هيءَ
ڳالهه تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي.“
اهو ٻڌي، فقير روميءَ جي بي بها قلمي ڪتابن جي ڍير
ڏي نهاريو ته منجهانئن دونهان نڪرڻ لڳا. روميءَ
دانهن ڪئي ته، ”فقير تو هي ڇا ڪيو؟“
فقير جواب ڏنس ته، ”اها ڳالهه وري تنهنجي سمجهه
کان مٿي آهي.“
ٻي روايت هيءَ آهي ته روميءَ ڪنهن چمن ۾، وهندڙ
ڪسيءَ جي ڪناري تي واعظ پئي ڏنو، ته ڪنهن فقير
کانئس ڪو سوال ڪيو.
روميءَ چيس ته، ”فقير، هيءَ ڳالهه تنهنجي سمجهه
کان مٿي آهي.“
فقير ڇا ڪيو، جو رومي جي پاسي ۾ رکيل قلمي ڪتابن
مان هڪڙو کڻي وهندڙ ڪسيءَ ۾ اڇلايائين. روميءَ
دانهن ڪئي ته، ”فقير، توهي ڇا ڪيو؟“
فقير ڪسيءَ ۾ هٿ وجهي، ڪتاب ڪڍي روميءَ جي اڳيان
رکيو. مٿس پاڻيءَ جو هڪ قطرو به ڪونه هو. رومي اها
ماجرا ڏسي، وائڙو ٿي ويو.
اهو ڏينهن ۽ اهو شينهن! روميءَ عبا ۽ قبا ڦٽي ڪئي.
شمس تبريزيءَ جو ٻڌو ٻانهو ٿي ويو. کانئس معرفت جا
سبق ورتائين. اڳتي هلي، شمس تبريزي غائب ٿي ويو.
ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته جلال الدين روميءَ جي
فرزند کيس لڪ چوريءَ مارائي ڇڏيو، ڇو ته روميءَ
اڳوڻو عالمانه ”مخرج“ ڇڏي ڏنوهو. فقيري اختيار ڪري
راڳ ۽ سماع شروع ڪيو هو.
روميءَ
جي راڳ ۽ سماع جو اهو سلسلو
اڄ تائين هلندو اچي ٿو. فارسيءَ ۾ ان کي ”رقصِ
درويشان“ ۽ انگريزيءَ ۾
“Dancing Derveshes”
ڪوٺيندا آهن. روميءَ کي شمس سان عشق ۽ عقيدت هئي.
کيس سڪ سان ساري، فرمايو اٿس:
مولوی
ہرگز نہ شُدِ، مولائی
روم،
تا غلامِ شمس تبریزی
نہ بود.
مان جڏهن ڏهن ٻارنهن ورهين جو ٻار هئس ته بابا
سائينءَ سان گڏ پنهنجي ڳوٺ آڳرن
کان
ڇهن ستن ميلن تي ڪنڊياري جو
شهر گهمڻ ويندو هئس.
تعلقي جو هيڊ ڪواٽر آهي. ضلعو تڏهن نوابشاهه هو ۽
هاڻي نوشهرو فيروز آهي. ڪنڊياري ۾،
چاچي محمد هاشم ميمڻ وٽ
پراڻي پرائمري اسڪول ۾
ٽڪندا هئاسون.
اسڪول وڏي دڙي جي مٿان ٺهيل هو.
ڪچين سرن جي
ٿلهين
ڀتين سان اُڻويهين
صديءَ جي آخر ۾ اڏيو هو.
اڏاوت
جو ڪتبو ڪاشيءَ جي سرن سان ڀت تي لڳل هو. سن 1880ع
هو يا ڪو ٻيو. پر، منو سؤ سال گذرڻ جي باوجود
اسڪول اڃا ڏاڍو بيٺو هو. اسڪول جي اتر ۾ هندن جو
ٽڪاڻو هو. رات جو سومهاڻيءَ مهل ٽڪاڻي ۾ راڳ ۽ ساز
شروع ٿي ويندا هئا. چوندا هئا ته ”اها هندن جي
عبادت آهي.“
راڳ گهڻن ئي قومن ۾ خدا جي عبادت آهي. هن دنيا جا
انسانَ، پوءِ اهي ڪهڙي به دين ڌرم جا هجن،
پنهنجيءَ پر ِ ۾، رب پاڪ کي مٺي آواز ۾ ياد ڪندا
رهن ٿا. بيوس ڪهڙو نه سٺو چيو آهي:
ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو
بيوس سائينءَ ناد وڄي ٿو
نوبت نينهن نقارا
سڀ ڪن تنهنجي ساراهه
پياراقدرت وارا
هندستان جي هاڪاري عالم، ابوالڪلام پنهنجي
مشهور
ڪتاب ”غبارِ خاطر“ ۾ لکيو آهي ته؛
”رگ
ويد جي فڪري زمزمن جو مواد ان وقت تيار ٿيڻ لڳو
هو، جڏهن اڃا تاريخ جو صبح به رات جي تاريڪيءَ مان
ظاهر ڪونه ٿيو هو. مصرين انهيءَ ئي زماني ۾ خدا کي
طرح طرح جي مٺن نالن سان پڪاريو هو، حتين ۽
ريڪيءَ
اعلامين پنهنجي تصوري عبادتگاهن جا نقش و نگار به
ڪونه ٺاهيا هئا. انساني تهذيب ۽ تمدن اڃا جوانيءَ
۾ پيرُ
به ڪونه پاتو هو، ته ڪالڊيا جي ڪاريگرن
مٽيءَ جي ڪچين
سرن تي رب جي حمد ۽ ثنا جا اهي ترانا لکيا هئا،
جيڪي اڳين قومن کان کين ورثي ۾ مليا هئا.“
ابو الفضل ڪشمير ۾ جيڪو عبادتخانو ٺهرايو هو، ان
تي هي ڪتبو هنيو هئائين:
الہٰی
بہ ہر خانہ کہ می
نگرم جو
یائے
توانہ،
و بہ ہر زبان کہ می
شنوم گویائے
تو!
ڪنور جو
راڳُ به انهيءَ رنگ ۽ روپ ۾،
رب پاڪ کي سڪ جا سڏڙا هئا:
نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو!
ڪنور صحيح معنيٰ ۾ هڪ فقير هو.
ليڪن سندس قسمت کي ٻيو ڪجهه منظور هو.
سائين جي.ايم. سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جي ٻئي
جلد، (ڇاپو 1976ع) ۾ لکيو آهي ته؛
”سکر ۾، ڪن ناعاقبت انديش هندن ڀرچونڊي جي ڪنهن
پير صاحب جي وڏي فرزند، جي بيعزتي ڪئي. پير صاحب
جي مريدن فيصلو ڪيو،
ته
هندن جي انهيءَ حرڪت جو
بدلو
سندن ڪنهن پير فقير کان وٺجي. جيئن ته هندن ۾
ڀڳـــَت ڪنور رام کي
هڪڙي پيرَ يا گروءَ
جهڙي عزت هئي. سو، هنن کيس قتل ڪرڻ
جو فيصلو ڪيو.
هندن کي
انهيءَ ڳالهه جي
ڪا ٻاڦور پئجي وئي، تن اختياريءَ وارن وٽ پڪاريو،
جن هڪدم ڀڳت ڪنور جي بچاءَ لاءِ سندس ڳوٺ پوليس
موڪلي. ڀڳت ڪنور جي نالي سرڪاري طرح بندوقن جا
ٻه
ليسن نڪتا،
سو،
ٻه هٿيار بند راکا هميشه
ساڻس
گڏ ويندا هئا.“
هڪ دفعي
ڪنور، دادوءَ ضلعي جي مانجهند شهر ۾ ڀڳت وجهڻ ويو.
اتان، پهرين نومبر
1939ع
جي شام جو پنجين بجي واريءَ گاڏيءَ ۾ دادوءَ روانو
ٿيو، جتان کيس سکر وڃڻو هو ۽
پوءِ روڊ رستي
پنهنجي ڳوٺ جروار
پهچڻو هو.
ساڻس سٺ ماڻهو گڏ هئا. ريل گاڏي دادوءَ کان هلي رڪ
اسٽيشن تي پهتي، جيڪا جنڪشن اسٽيشن هوندي هئي.
مون ننڍپڻ ۾ ڏٺي. تڏهن وڏي لئه هئس. ريل گاڏي چڱو
وقت بيهندي
هئي. ريلوائي اسٽيشن جو بابو،
ڪنور جو
عقيدتمند هو، تنهن کاڌي پيتي جون ڪجهه شيون نذراني
طور اڳيان آڻي رکيس. پر، ڪنور اهو نذرانو پنهنجي
ماڻهوءَ کي ڏنو، ته سڀني کي ورهائي ڏيو.
ايتري ۾ ٻه ماڻهو گاڏيءَ ۾ چڙهيا. ٻنهي کي بندوقون
هيون. ڪنور ان مهل گاڏيءَ جي در وٽ بيٺو هو. ٻنهي
ڄڻن، دستور موجب، هٿ جوڙي کيس سلام ڪيو. هن به هٿ
جوڙي کين سلام ڪيو. انگور جو ڇڳو ۽ ٻه کير پڙا به
کائڻ ڪاڻ ڏنائيِن.
گاڏي هلڻ واري ٿي، ته ٻئي ڄڻا گاڏيءَ مان لهي ويا
۽ ڪنور وڃي بينچ تي ويٺو. گاڏي رڙهي ۽ اڃا آهستي
آهستي هلي رهي هئي، ته ٻئي بندوقن وارا
گاڏيءَ جي
پٺيان ڦري آيا. هڪڙي ڄڻي،
پري کان نشانو وٺي
ڪنور کي ڪنڌ ۾ گولي هنئي. هو ڌڪ لڳڻ شرط ڪري پيو ۽
بيهوش ٿي ويو. ٻئي بندوقن وارا جهنگ ۾ ڀڄي ويا.
ڪنور بندوق لڳڻ کان پوءِ به منو ڪلاڪ کن جيئرو هو.
پر، گاڏيءَ ۾ علاج ممڪن ڪونه هو. باگڙجيءَ اسٽيشن
تائين سندس رت وهندو رهيو. ان کان پوءِ دم ڏنائين.
هندو ڌرم موجب،
سندس اگني سنسار جي رسم جروار ڳوٺ ۾ ادا ڪيائون.
ڪنور سنه
1858ع
۾ ڄائو هو. ان حساب سان ايڪاسي سال عمر ماڻيائين.
هن جهان ڇڏڻ کان اڳ، جو پاڻ مانجهند ۾ ڀڳتِ وجهي
موٽيو هو، تنهن جو مطلب اهو ٿيو، ته صحت سٺي هئس ۽
پنهنجي زندگي جنهن ڪم لاءِ وقف ڪئي هئائين، ان تي
آخري دم تائين پابند رهيو. سائين جي.ايم.سيد سندس
قتل تي راءِ زني ڪندي لکيو آهي ته؛
”هن قسم جا واقعا سنڌ جي صوفياڻيءَ سرزمين تي ڪٽر
پڻي جي شروعات هئا. ستت، سکر ۾ مسجد منزل گاهه
وارا هندو مسلم فساد ٿيا، جن جي نتيجي ۾ عام قتل
ٿيا. پروفيسر پمناڻيءَ ۽
الله
بخش سومري جي شهادت جا واقعا ٿيا.“
مسجد منزل گاهه وارو فساد ۽ عام ماڻهن جو قتلام
ته
هڪ سازش جو نتيجو هو، جنهن ۾
”سنڌي
سياستدان“
شريڪ هئا.
مون سائين جي.ايم.سيد واري مضمون ۾ اهڙو ذڪر ڪيو
آهي.
سندن سازش ڪامياب ٿي ۽ سنڌ ۾
هندو مسلم
فساد ٿيا.
|