بمبئيءَ کان ڪراچيءَ جو سامونڊي سفر چوماسي جي مند
۾ ڪيائين، جو سندس چوڻ موجب نهايت اڻ وڻندڙ هو.
ڪراچيءَ جو شهر به کيس اهڙو ئي اڻ وڻندڙ لڳو. لکي
ٿو ته، ”مٽيءَ جي ڪچن گهرن ۽ ڪوٺڙين جو هڪ ميڙ
آهي.“ البت، ميل ٻه پرڀرو انگريزن جي ڇانوڻي آهي،
جيڪا وري به ڪنهن حال ۾ آهي.
پر، پاڻ ڪراچيءَ جي شهر ۾ ئي رهيو. سندس گهر وٽ
وڏو بڙ جو وڻ هو، جنهن جي هيٺان هندو فقير گڏ
ٿيندا
هئا. رات ڏينهن دهلن دمامن سان هل هنگامو مچائيندا
هئا ۽ ڀنگ پيئندا هئا. اهي ”هنگلاج“ جا ياتري
هوندا هئا، جيڪو مڪران ۾ هندن جو قديم تيرٿگاهه
آهي.
هنگلاج جي
ڊگهي سفر ۾، ڪراچيءَ ساهي پٽي، اڳتي ويندا هئا.
منجهن ڪي مسلمان به رؤنشي خاطر شريڪ ٿي ويندا هئا.
سنڌ جي فاتح سر چارلس نيپئر، مستقبل ۾ ڪراچيءَ جي
وڏي شهر ٿيڻ ۽ يوروپي ۽ ايشيائي تجارت ۽ آمد و رفت
جو مرڪز بنجڻ جي پيشن گوئي ڪئي هئي، پر جڏهن
ارنيسٽ ٽرمپ ڪراچيءَ پهتو، ته ان بابت نيپئر جي
پيشن گوئي اڃا هڪ خواب خيال هئي.
ٽرمپ لکيو آهي ته ڪراچي شهر تمام ردي هو، منجهس اڌ
لک ماڻهو هئا. پر، آبهوا خراب هئي ۽ پاڻي اهڙو ته
کارو هو، جو پيڻ شرط ماڻهو سوريءَ جي مرض ۾ ڦاسي
ويندو هو. ازانسواءِ، گرميءَ ۽ مڇرن جو آزار هو.
ماڻهو منگهي پير تي آسائش لاءِ ويندا هئا، جتي هڪ
وڏو تلاءُ هو، جنهن ۾ سؤ کن مانگر مڇ هوندا هئا.
کين ڏسڻ سان ٽرمپ کي ڪراهت ايندي هئي.
سنڌ ڏسي ٽرمپ کي ڪابه فرحت ڪانه آئي. لکيائين ته
سخت ڪاڙهو تتو آهي. سڄو ملڪ هڪ سُڃو
بُٺُ
آهي، جنهن ۾ هر هنڌ، بيشمار بلائون ۽ نانگ آهن.
ڪراچي، ٽرمپ جهڙي نوجوان محنتي محقق لاءِ موزون
ڪانه هئي. کيس وري وري يورپ جو علمي ماحول ۽
ڪتبخانا ياد آيا. سنڌ جو قديم علمي شهر ٺٽو سؤ سال
اڳ اجڙي ويو هو. حيدرآباد جو بنياد
غالباً
1768ع
۾ پيو. پر، عربي سمنڊ کان ايتري ته پري هئي، جو
انگريزن جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ سامونڊي تجارت ۾
ڪوبه رول ادا ڪري ڪونه سگهي. چوڌاري بمبئيءَ جو
ڌڌڪو هو، جيڪا برطانوي تجارت جو مرڪز هئي (سڄي سنڌ
به انهيءَ جي تسلط هيٺ هئي). ڪراچي آهستي آهستي اُسري
رهي هئي.
حيرت آهي ته انهن مڙني مشڪلاتن جي باوجود، ٽرمپ
جلديءَ ۾ سنڌي ڪيئن سکي ويو؟ فقط هڪ سال جي عرصي
اندر، سنڌي ڪتابُ ”سنڌي ريڊر“ لکي ورتائين. نه رڳو
ايترو، پر، پنهنجيءَ اورچائيءَ سان انگريزن ۽
سنڌين ۾ مشهوري حاصل ڪري ورتائين ۽ سنڌيءَ تي
سموري توجهه جي باوجود، هڪ منشيءَ کان فارسي به
سکي ورتائين، ڇو ته هندوستان جي دانشورن جي تصنيف
۽ تاليف جي زبان اڃا به فارسي هئي. ستت، ٽرمپ جي
محنت رنگ لاتو ۽ بمبئيءَ جي گورنر، ايلفنسٽن (جنهن
جي نالي تي اڄ به ڪراچيءَ جي صدر ۾ مکيه بزار
”ايلفنسٽن اسٽريٽ“ سڏجي ٿي) کيس ”بمبئي شهر جي
آزاديءَ جو تمغو“ عطا ڪيو.
ٽرمپ کي ڪراچيءَ جي آبهوا جو بيمار ڪري وڌو هو،
سو، عيسائين جي سوسائٽيءَ کيس علاج لاءِ فلسطين
موڪليو. اتي هن عربيءَ ۾ وڌيڪ مهارت حاصل ڪئي.
2
-
آڪٽوبر
1856ع
تي صحتياب ٿيڻ بعد ٽرمپ سئزرلئنڊ جي هڪ نوجوان
خوبصورت خاتونءَ سان شادي ڪري، ڪراچيءَ موٽيو، ته
سونپيل ڪم وڃي پورو ڪريان. انهيءَ زال مان هڪ پٽ
ڄائس. پر، سندس گهر واري ڏاڍي ڪا نازڪ ۽ نفيس هئي،
سا، ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي آبهوا برداشت ڪري ڪانه سگهي.
آقي باقي جو هندوستان ۾ بلوي جي خبر ٻڌائين، ته ٻن
ٽن ڏينهن ۾ دم ڏنائين. ٽرمپ لاءِ ننڍڙي ٻار کي
پالڻ به مسئلو ٿي پيو. سو، ولايت مان وري ٻي شادي
ڪري آيو.
ٽرمپ پنهنجي تحقيقي اشاعتن جو سلسلو سنڌي ٻوليءَ
سان شروع ڪيو، سنڌيءَ سان
سندس
سدائين اُنس
رهيو، توڙي جو بعد ۾ هن ٻين ٻولين جو اڀياس به ڪيو
۽ انهن تي ڪتاب لکيا. هندوستاني زبانن ۾ سندس
پهريون پهريون ڪتاب ”سنڌي ريڊر“ هو، جيڪو ”عيسائي
تبليغي سوسائٽيءَ“ عربيءَ ۽ سنسڪرت ٻنهي ٻولين جي
اکرن ۾، لنڊن مان
1858ع
۾ ڇپايو. ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجا رايا اول
”سنڌي ريڊر“ ۽ پوءِ پنهنجي ٻئي ڪتاب ”سنڌي گرامر“
۾ ظاهر ڪيا. سندس گرامر جي ڪاپي ته اڃا به شايد
ڪٿان نه ڪٿان ملي وڃي، پر، ”سنڌي ريڊر“ جرمنيءَ ۽
يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به اڻلڀ آهي.
سنڌي ٻوليءَ بابت
سندس راءِ هئي
ته، ”سنڌي ڪا سولي زبان ڪانهي. ڏاڍي ڏکي آهي بلڪ
پنهنجين ٻين پراڪرت ڀينرن کان به ڏکي آهي. پر،
زبانن جي ماهر
PHILOLOGIST
کي سندس محنت جو ڀرپور اجورو ڏئي ٿي.
ٽرمپ ڪراچيءَ مان پشاور ويو. ريل گاڏيءَ جي سهوليت
رڳو ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين هئي. پوءِ لاهور
تائين ست سو پنجاهه ميلن جو سفر درياهه رستي
ڪيائين، جيڪو ڏاڍو ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ هو. ايڏو ته ڪڪ
ٿي پيو، جو پويان ڏيڍ سو ميل سفر ڍڳي گاڏيءَ ۾
ڪيائين. اڳتي ته سفر هيڪاري ڏکيو هو، پر، پشاور
پهتو، ته ڏاڍو خوش ٿيو. پشاور ۾ کيس رونق ۽ رنگيني
نظر آئي. قصه خواني بزار ته ڏاڍي وڻيس.
پشاور ۾ هن پشتو گرامر تي ڪم ڪيو ۽ ان کي مڪمل
ڪيائين. ٽرمپ جي صحت هندوستان جي ڪنهن به شهر ۾
سلامت ڪانه رهي. کيس ٻيڙُ
تپُ
ايندو هو، جنهن سندس صحت کي لوڏي ڇڏيو. پر، انهيءَ
ڪمزور صحت هوندي به هو هندوستاني ٻوليون سکيو ۽
انهن جا گرامر لکيائين.
ڪمال ڪري ڇڏيائين.
سنڌيءَ، پنجابيءَ، پشتو، گجراتيءَ، مرهٽيءَ،
هنديءَ ۽ ٻين ٻولين جي گرامر تي تحقيقي ڪم ڪيائين.
کانئس اڳ ڪئپٽن اسٽئڪ سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنري ٺاهي
هئي. ٽرمپ وري سنڌي گرامر ٺاهيو.
ٽرمپ، شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام گڏ ڪرڻ ۽ ڇپائڻ جو ڪم
سنڌ جي محسن ۽ هردلعزيز ڪمشنر سربارٽل فريئر جي
همٿائڻ تي هٿ ۾ کنيو. سربارٽل فريئر جو نالو تاريخ
۾ سونن اکرن ۾ لکڻ لائق آهي. پر، سنڌ ۾ سياسي طرح
بااثر ماڻهو
وڏيرا
آهن،
جيڪي
انهن
چڱن
ڪمن کان بي نياز آهن. سوڍا بي ميار آهن.
ٽرمپ، شاهه جي رسالي ايڊٽ ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻڻ کان
اڳ سورٺ راءِ ڏياچ جي ڪهاڻيءَ تي جرمن زبان ۾
تحقيقي ڪم ڪيو هو، جيڪو هڪ طرح خود شاهه جي رسالي
تي به سندس ”تعارف“
چئي سگهجي ٿو.
رچرڊ برٽن جو ذڪر ڪيائين ته:
رچرڊ برٽن، مشهور سياح، جنهن سنڌي زبان جو اڀياس
ڪيو هو، ۽ ”سنڌ ۽ ان جي ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“
ڪتاب لکيو هو، تنهن هڪ رمارڪ ڏنو هو (جنهن تي
اختلاف به ٿيو هو) ته، ”انگريزن جي فتح وقت
هندوستان ۾ ڪوبه اهڙو ملڪ ڪونه هو، جنهن ۾ سنڌي
زبان کان وڌيڪ اصلوڪو ادب (ساهت) هجي!
ٽرمپ
جو خيال هو ته
هندوستاني ٻولين تي اڳتي هلي جيڪو علمي اڀياس ٿيو
آهي، ان جي روشنيءَ ۾ برٽن جو رمارڪ صحيح ثابت ٿيو
۽ بيشمار اصلوڪا ڪلام هٿ آيا
آهن.
هن مثال ٻڌايو ته مون پاڻ جتن جي ٻوليءَ تي تحقيقي
ڪم ڪندي سوين هزارين ناياب بيت هٿ ڪيا آهن ۽ سنڌ
جي ڀٽن فقيرن وٽان به قديم تاريخ بابت اهم بيت
حاصل ڪيا اٿم.
ٽرمپ سنڌ جي سائينءَ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو
ذڪر ڪندي لکيو آهي ته:
”شاهه جي باري ۾ مشهور آهي ته
1161
هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. هاڪارو صوفي هو ۽ پنهنجي
رياضت ۽ پرهيزگاريءَ لاءِ مشهور هو. کيس صوفياءِ
ڪرام جي عظيم مشائخن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
چون ٿا ته ڪنهن به ملا ۽ مڪتب وٽان ظاهري تعليم
ڪانه ورتائين. پر، بلاشڪ پاڻ باڪمال شخصيت هو.
بيشمار ماڻهو سندس مريد هئا. ڪي ته سندس ايڏا
عقيدتمند هئا، جو جڏهن شاهه صاحب جي رحلت جي خبر
پين، ته صدمو سهي نه سگهيا ۽ پاڻ به هي جهان ڇڏي
ويا. شاهه جي تربت تي هڪ شاندار قبو اڏيل آهي، جتي
هر سال سندس وفات جي ڏينهن ميلو لڳي ٿو.
شاهه صاحب عام مشهور لوڪ داستانن کي کڻي منجهن
تصوف جي تعليم
ڏني آهي. مون کي حيرت لڳندي آهي ته منهنجا منشي
جڏهن شاهه جا بيت نقل ڪندا آهن، ته هُو
ڪن ڪن بيتن ۾ شاهه جي شاعرانه ڏات ڏسي، وجد ۾ اچي
ويندا آهن.“
ٽرمپ جي حيرت جو سبب غالباً
اهو هو ته پاڻ ”اسلامي علومن“ کان اڻ واقف هو. کيس
عربيءَ جو گرامر ته ايندو هو، پر، قرآن ڪريم جي
تعليم جي ڄاڻ ڪانه هئس ۽ نه وري حضور پيغمبر
جن جي حديث ۽ سنت جي ڪا خبر هئس. اسلامي تصوف کان
ئي سراسر اڻ واقف هو. هوڏانهن، شاهه سائينءَ جي
ڪلام جو تاڃي پيٽو اسلامي تصوف سان اُڻيل
آهي. جيڪو شخص اسلامي تصوف جي ”الف
-
ب“ به ڪونه ڄاڻندو هوندو، سو لازمي طرح شاهه
سائينءَ جي ڪلام جي آفاقي پيغام کان آشنا ڪونه
ٿيندو. جلال الدين روميءَ تڏهن ته فرمايو آهي:
تا نه گردي آشنا زين پرده رمزي نشوي
گوش نامحرم نه باشد، جاي پيغام سروش
شاهه جا شارح ۽ محقق اڄ به پنهنجي اڀياس ۾ ڊاڪٽر
سورلي کي ته وڏيءَ عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪن ٿا ۽
سندس ڪتابن مان حوالا ۽ اقتباس ڏين ٿا. سو ان ڪري
جو سورلي ”اسلامي تصوف“ جو اونهو اڀياس ڪيو هو.
پر، ٽرمپ جو نالو ئي ڪونه ٿا کڻن، ڇو ته هڪ اعليٰ
پايي جي محقق جي حيثيت ۾ سندس ڪشڪول ۾ وري به
ويدانت جي فلسفي جا داڻا ڪڻا ته ملي ويندا. پر،
اسلامي تصوف نالي ماتر به نظر ڪونه ايندو. هن جو
خيال هو ته اسلامي تصوف ويدانت مان نڪتو آهي. ليڪن
اها سندس ڀُلَ
هئي. تصوف دنيا جي سمورن مذهبن ۾ آهي ۽ ان بابت
معياري ڪتاب پڻ موجود آهن. پر پوءِ به خبر ناهي ته
اهڙو غلط نظريو ڪيئن قائم ڪيائين؟
هڪڙو ڪتاب مون به خريد ڪيو هو. هڪڙو سائين
جي.ايم.سيد لاءِ به ورتم. نالو هئس:
CREATIVE IMMAGINATION IN THE PHILOSOPHY OF
IBN-E-ARABI
ليڪن، شاهه جي محققن وٽ ٽرمپ جو نالو هميشه عزت ۽
احترام سان کنيو ويندو، ڇو ته هو ئي اهو شخص هو،
جنهن شاهه جو رسالو وڏيءَ محنت ۽ مشقت سان سڀ کان
اول سهڻيءَ سنڌي ٽائيپ ۾ ڇپايو، جيتوڻيڪ ان ۾
بيشمار غلطيون به ڪيائين. مثلاً ٽرمپ جي رسالي جي
سُر سورٺ ۾ هڪ بيت به پنهنجي صحيح هنڌ تي نظر ڪونه
ايندو.
ٽرمپ، شاهه جو رسالو جرمنيءَ جي ليپزگ شهر مان سنه
١٨٦٦ع ۾ هيٺئين عنوان سان شايع ڪرايو:
Sindhi Literature. The Divan of Shah Abdul Latif,
known by the name of ‘Shah-Jo-Risalo’. 739
Pages, Printed by F.A.B. Brockhus, Leipzig,
1866.
]سنڌي
ادب: شاهه عبدالطيف جو ديوان (جيڪو ”شاهه جي رسالي
جي نالي سان مشهور آهي)،
739
صفحا، ڇپيندڙ: ايف. اي. بي. بروڪحس، ليپزگ، سنه
1866ع[
آخر ۾ هڪ اهم سوال
هيءُ آهي
ته ٽرمپ کي آخر ڪهڙو لاچار پيو هو، جو شاهه جو
ڪلام گڏ ڪري، ان کي ترتيب ڏئي، ڇپائيءَ لاءِ ولائت
۾ وڃي، سنڌي ٽائيپ ٺهرائي ۽ ڪيئي ڏک ڏاکڙا سهي؟
رسالي جي ڇپائي عيسائين جي تبليغي پروگرام ۾ ته
شامل ڪانه هئي.
منهنجي خيال موجب سوال جو جواب هيءُ آهي، ته ٽرمپ
بااخلاق شخص هو. اخلاقي لحاظ کان اها ڳالهه هن
لاءِ روحاني تقويت جو باعث هئي ته مان شاهه جهڙيءَ
برگزيده شخصيت جو رسالو ڇپائي، هڪ مقدس ۽
غيرمعمولي ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهيان. هن انهيءَ
ئي جذبي هيٺ پنجاب ۾ سک ڌرم وارن جي گرنٿ صاحب تي
به تحقيقي ڪم ڪيو هو، جنهن جي اڄ به وڏي تعريف ڪئي
وڃي ٿي. البت، سکن کي انهيءَ ڳالهه تي سخت چڙ
ايندي هئي، ته هو سندن مقدس ڪتاب، گرنٿ صاحب تي
تحقيقي ڪم ڪندي، سگريٽ به ڇڪيندو رهندو هو.
سنڌ ۾ جڏهن کيس سربارٽل فريئر جهڙو محسن ۽
هردلعزيز ڪمشنر مليو، جنهن چيس ته ”شاهه جي رسالي“
جي اشاعت جو ڪم هٿ ۾ کڻ، ته مان توکي سموري مالي
مدد ڏيندس، ته پوءِ ته ٽرمپ لاءِ هڪ غيرمعمولي
ڪارنامو سرانجام ڏيڻ لاءِ خدا جي رحمت جا سڀ
دروازا کُلي پيا. اهڙيءَ ريت، سنڌي زبان جو لافاني
شاهڪار،
”شاهه سائينءَ جو رسالو“
پهريون دفعو جرمنيءَ مان ڇپجي شايع ٿيو.
ڪنهن به سنڌي محبِ وطن عالم
۽ اديب اڄ ڏينهن تائين
ارنيسٽ ٽرمپ جو اهو احسانُ
ڪونه وساريو آهي.
ڊئوِڊ چيزمئن
انگريزن سنڌ تي سؤ سال حڪومت ڪئي. پر، سندن نئين
نسل جي پوءِ به سنڌ ۾ ڪا دلچسپي رهي يا نه؟ اها
ڳالهه مون کي ڊَئوِڊِ چيزمئن سان ملاقات کان پوءِ
معلوم ٿي.
انگريءَ ۾ دائود کي ڊئوڊ چوندا آهن. مون سان سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ 1976ع ڌاران مليو. ڊاڪٽر حميده کهڙو
تاريخ جي پروفيسر هئي، سا هڪ ڏينهن کيس پاڻ سان
مون وٽ وٺي آئي هئي. مان ان زماني ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ جو پرووائيس چانسلر هئس. ڊئوڊ جو
تعارف ڪرائيندي چيائين ته، ”هي نوجوان سنڌ جي
تاريخ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ انگلستان مان آيو آهي.
اوهان کيس يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ رهائش لاءِ
ڪمرو ڏيو.“
مون ساڻس ”هائو“ ڪئي، پر ڊاڪٽر حميده جي ڳالهه ۾
عقلمندي ڪانه هئي. نوجوان انگريز شاگرد کي
يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ اڪيلو رهائڻ سراسر حماقت
هئي. ان زماني ۾ يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ رهندڙ ڪي
شاگرد هٿيار رکندا هئا ۽ ڏوهه جا ڪم ڪندا هئا. غير
ملڪي انگريز شاگرد سنڌ بابت غلط اثر وٺي ها.
مون آفيس جا فائيل نيڪال ڪيا. واندو ٿيس، ته ڊئوڊ
لاءِ چاءِ گهرايم ۽ ساڻس حالي احوالي ٿيس. هن
ٻڌايو ته لنڊن ۾ رهندو آهيان. هِت تحقيق ڪرڻ آيو
آهيان. منهنجو موضوع آهي: ”عيسويءَ اڻويهينءَ
صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي سياست ۽ سماج“ هيڏي
اچڻ کان اڳ لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ مسٽر
الاهي بخش سومري سان مليو هئس، جو اتي سفير کان
پوءِ ٻئي نمبر عهدي تي هو. هن ڄام صادق عليءَ کي
پارت ڪئي. ڄام صاحب ڊاڪٽر حميده کهڙي کي چيو، جيڪا
اوهان وٽ وٺي آئي.
مون ڊئوڊ کي آفيس ۾ وهاريو ۽ شيخ اياز وائيس
چانسيلر سان وڃي ڳالهه ڪيم. چيائين ته، ”پاڻ وڃي
معاملي کي منهن ڏي.“
مان آفيس ۾ موٽي آيس ۽ ڊئوڊ کي چيم ته، ”انگريزن
1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي هئي. تنهنجي تحقيق جو موضوع
اڻويهينءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي تاريخ آهي. منهنجي
به ان ۾ دلچسپي آهي. سنڌ سرڪار سنڌ جي تاريخ، تمدن
۽ ادب تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ نالي هڪ
ادارو ٺاهيو آهي. مان انهيءَ جي ڪم کان واقف
آهيان. بورڊ ۾ ننڍو گيسٽ هائوس آهي. اتي تنهنجيءَ
رهائش جو بندوبست ڪريان ٿو، پر، منجهس بورچيخانو
ڪونهي. سو، ٽئي ويلا مقرر وقت تي منهنجي گهران تو
لاءِ ماني ايندي رهندي. اڄ کان تون منهنجو مهمان
آهين.“
ڊئوڊ اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. گيسٽ هائوس ۾ رهندو
هو. نيرن ڪري روزانو لئبررين ۾ هليو ويندو هو. اتي
تاريخ تي ڪتاب پڙهي، نوٽس وٺندو هو. موٽي منجهند
جي ماني کائي ڪلاڪ ٻه آرام ڪندو هو. شامَ گهڻو ڪري
مون سان گڏ گذاريندو هو ۽ رات جي ماني کائي وري
گيسٽ هائوس ۾ ويندو هو.
قدرت کيس جوانيءَ، سونهن ۽ سمجهه جي نعمتن سان
فياضيءَ سان نوازيو هو. سنڌ ۾ پهتو، ته بَس ۾ چڙهي
سڀ کان اول، ميرپور خاص، خيرپور، سکر، شڪارپور،
لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ جو اڪيلي سر چڪر ڏئي آيو. اتي
ڪنهن شهر ۾ هڪڙي عملدار سندس مانَ ۾ دعوت ڪئي. ٻيا
دوست به سڏيائين. ماني کائي، هٿ ڌوئندي، مهمانن
مان ڪنهن شخص ٻئي کي چيو ته، ”هي انگريز ڇوڪرو ته
ڪيڏو سهڻو آهي؟“
ڊئوڊ اهو ٻڌي انهيءَ مهمان کي اردوءَ ۾ چيو ته،
”هتان روڊ رستي حيدرآباد ڪيترن ڪلاڪن جو سفر
ٿيندو؟“
ڊئوڊ جي واتان اردو ٻڌي، مهمان جي منهن جو پنو ئي
لهي ويو. مون سان جنهن دوست اها ڳالهه ڪئي، سو
انهيءَ دعوت ۾ شريڪ هو. چيائين ته، ”انگريزن جو
اسان تي سؤ سال حڪومت ڪئي، سو لٺ باٺي سان گڏ،
پنهنجي عقل جي زور تي به.“
ٻئي ڏينهن، مون ڊئوڊ کان پڇيو ته، ”سنڌ گهمڻ
ويندين؟“
چيائين ته، ”اڳي ئي گهمي آيو آهيان.“
مون چيو ته، ”توکي ڏکيائين ته ڪانه ٿي؟“
چيائين ته، ”اردو ڄاڻندو آهيان، سو سنڌي سولائيءَ
سان سمجهي ويندو آهيان.“
ستت، پي.اين.اي. سڄي ملڪ ۾ ڀٽي صاحب جي خلاف تحريڪ
هلائي، جنهن جا هر هنڌ جلسا ٿيندا هئا. حيدرآباد ۾
به ٿيندا هئا، جن ۾ اردوءَ توڙي سنڌيءَ ۾ تقريرون
ٿينديون هيون. ڊئوڊ کي چٽيءَ طرح سمجهه ۾ اينديون
هيون. منهنجا دوست ٻڌائيندا هئا، ته ڊئوڊ صبح جو
قلعي وٽ ڪنهن جلسي ۾ بيٺو هو ۽ شام جو هيرآباد
واري جلسي ۾ هو. جلسن ۾ ويندو هو، ته شام جو مون
وٽ چاءِ پيڻ ڪونه ايندو هو. پر، رات جو مانيءَ تي
انهن جلسن جا احوال پاڻ ئي ڏيندو هو.
مون ڊگهي نظر ڪري، ڄامشوري جي صوبيدار کي پاڻ وٽ
سڏيو ۽ اطلاع ڏنو ته، ”هيئن هڪ انگريز اسان وٽ
تاريخ تي تحقيق ڪرڻ آيو آهي. شام جو شهر چڪر تي
ويندو آهي. پرديسي آهي. اوهان سندس خيال رکو. ڪابه
ڳالهه پڇڻي هجي، ته مون سان ملو.“
ڊئوڊ پنهنجيءَ تحقيق جي سلسلي ۾ جيڪي نوٽس وٺندو
هو، تن جا اکر، اهڙا ته سنها هوندا هئا، جو پڙهي
نه سگهجن. مون کانئس سبب پڇيو، ته چيائين ته،
”سنها اکر لکڻ تي هري ويو آهيان. هونئن، هٿ- اکر
ماڻهوءَ جي ڪردار جي نشاني آهن. جيڪو ماڻهو محنتي
۽ ڪفايتي هوندو، سو، سنها اکر لکندو. جيڪو وڏا
ڊانبَڙ اکر لکندو، سو ذهني انتشار ۾ مبتلا هوندو.“
ڪجهه دير رکي چيائين ته، ”هرو ڀرو ائين به ڪونهي.
مون ڪن ماڻهن جي تحرير ڏٺي آهي، جن جا اکر اهڙا
سهڻا جهڙا موتيءَ جا داڻا. وري جو سندن افعال ۽
ارڪان ڏس، ته ڄڻ ابليس جو اولاد آهن.“
مون ڊئوڊ کان پڇيو ته، ”اهي ڳالهيون انگلستان ۾
پنهنجي مشاهدي جي بنياد تي ڪرين ٿو، يا ڪن ٻاهرين
ملڪن ۾ به ويو آهين؟“
چيائين ته، ”فرانس ويو آهيان، اُتان آلجيريا ويو
هئس، جتي چڱو عرصو رهيس.“
مون چيو ته، ”فرانس ۽ آلجيريا ڇو ويو هئين؟“
چيائين ته، ”روزگار جي لاءِ ويو هئس. پر، فرانس ۾
مزو ڪونه آيو، سو آلجيريا هليو ويس. اتي ماستري
ڪيم. انگريزي پڙهائيندو هيس.“
مون چيو ته، ”ڊئوڊ اڃا ته تنهنجيءَ زندگيءَ ۾
چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊاڻ آهي. پر، انهيءَ هوندي
به ٻڌاءِ ته تو پنهنجي آزمودي مان ڪهڙو سبق پرايو
آهي؟“
چيائين ته، ”مسٽر رباني، مون هن عمر ۾ ئي ڏاڍو ڏکُ
ڏٺو آهي، آلجيريا ۾ پگهار مان پورت ڪانه پوندي
هئي. بک تي ويلا گذرندا هئا. پر، مان ڀانيان ٿو
ته، ڪنهن به معاشري ۾ سڀ ماڻهو نڪي ته ڀلا آهن ۽
نه وري بڇڙا- چڱا ۽ برا شخص هر هنڌ موجود آهن. بلڪ
مان ته هن نتيجي تي پهتو آهيان ته ماڻهوءَ جو مزاج
۽ معاشرو هر دؤر ۾ ساڳيو رهيو آهي. اڳي چنگيز خان
اڳرائي ڪري، رتو ڇاڻ ڪندو هو، ۽ هاڻي مغربي ملڪن
مان ڪونه ڪو سندس نقشِ قدم تي هلي ٿو. امن جي نالي
۾ ماڻهو ماري ٿو.
سو، اهو چوڻ اجايو آهي ته اڳي زمانو سونو هو. هاڻي
اسان اچي ڪلجڳ ۾ ڦاٿا آهيون. اڳيون زمانو سونو هجي
ها، ته پوءِ مسيح کي صليب تي ڇو چاڙهن ها؟“
مون چيو ته، ”اها ته تو وڏي ڳالهه ڪئي.“
کِلي چيائين ته، ”عيسائين جي ديول ۾ آچر ڏينهن
ڪنهن پادريءَ واعظ پئي ڪيو. آخر ۾ دعا گهريائين ۽
معاشري جا عيب بيان ڪري چيائين ته، ”او مسيح، جلدي
موٽي اچ ۽ اسان کي وري ڌوئي پوئي، پاڪ ڪري وڃ.“
اهو ٻڌي، پٺيان هڪڙي شخص زور سان دانهن ڪئي ته،
”مسيح، متان موٽيو آهين. هي حرامي توکي وري صليب
تي چاڙهيندا.“
ڊئوڊ ۽ منهنجي سنگت ڏينهون ڏينهن گھري گهاٽي ٿيندي
وئي. هو هر موضوع تي دل کولي ڪچهري ڪندو هو. هڪ
ڏينهن ٻڌايائين ته، ”لنڊن ۾ هڪ بنگالي ڇوڪريءَ سان
گڏ پڙهندو هئس. ساڻس محبت ٿي ويم. هاڻي شادي
ڪنداسين. هفتي کن ۾ لاهور ويندس. اتان وري انڊيا
ويندس، پر، ٽڪندس ڪونه. سڌو ريل رستي بنگلاديش
هليو ويندس.“
مون چيو ته، ”پوءِ هتان سڌو هوائي جهاز ۾ ڇو نه ٿو
وڃين؟“
چيائين ته، ”هوائي جهاز جو سفر مون کي مهانگو
پوندو، پر وڃڻو ضرور اٿم. جو منهنجي بنگالي دوست
چوي ٿي، ته هاڻي اتي آيو آهيان، ته اڳو پوءِ مهيني
کن لاءِ مون وٽ به اچ.“
ڊئوڊ حيدرآباد مان ريل رستي لاهور ويو. مهيني کن
جو چئي ويو هو. ليڪن، ٻه چار مهينا ٻيا گذري ويا.
نڪي ته خط لکيائين ۽ نه وري فون ڪيائين.
|