اڳوڻن دوستن تي طنز ڪئي، ته هو مٿس رڳو ان ڪري چڙيا آهن، جو هاڻي پاڻ دين ايمان جي روشنيءَ سان منور ٿيو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

  lways be placed right AFTER the BODY tag-->

سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ماڻهو شهر ڀنڀور جا

 

صفحو :15

سندس فرزند، ڊاڪٽر سليم، سندس هاضمي جي ڪمزوريءَ جي تصديق ڪندي، مون کي اهو به ٻڌايو ته اسان جڏهن بابا کي اسپتال کڻي وياسين ته کيس ساهه جي نظام ۾ ڪجهه تڪيلف هئي. علاج وسيلي بهتر ٿيو. ايتري قدر، جو سندس ڊاڪٽر کيس چيو ته سڀاڻي اوهان کي اسپتال مان گهر وڃڻ جي اجازت ڏيندس. اها خوشخبري ٻڌي، ٻين سڀني ڀاتين کي وڃڻ جي موڪل ڏنائين، فقط گهر واري وٽس رهي. پر، کيس به اڌ رات جو ائين چئي گهر موڪليائين، ته صبح جو موٽر موڪلي ڏجو، ته مان گهر اچان.

پر، اسر مهل کيس تڪليف محسوس ٿي. بستري جي ڀرسان لڳل گهنٽي وڄايائين، ته اسپتال جو ملازم هڪدم وٽس پهتو. ساڻس ڳالهائي ڪونه سگهيو. رڳو هٿ سان دل ڏي اشارو ڪيائين. ڊاڪٽر ڪا دوا آڻي ئي آڻي، تنهن کان اڳي هميشه لاءِ اکيون ٻُوٽي ڇڏيائين. ڪيئن چئجي ته ان مهل سندس تاثرات ڪهڙا هئا؟

حيدرآباد ۾ جان آئزڪ نالي ڏندن جو هڪ عيسائي ڊاڪٽر آهي، کلڻو ملڻو، سڀاءَ جو سلڇڻو. ڄائو نپنو حيدرآباد ۾، سو سنڌ سان محبت اٿس. هڪ دفعي مون کي ٻڌايائين ته، پهرين پهرين سنڌي - انگريزي ڊڪشنري هڪڙي انگريز ٺاهي. ڏاڍي محنت ڪيائين. آخر سلهه ٿي پيس، سو واپس وطن هليو ويو. اتان پنهنجن ناناڻن وٽ جرمنيءَ ويو، جتي دم ڏنائين. مرڻ مهل ٻه ٽي اکر سنڌيءَ ۾ ڳالهايائين. شايد، اهي پهريائين پهريان سنڌي لفظ هئا، جيڪي جرمنيءَ جي سرزمين تي ڳالهايا ويا. ڳوڙهن ڀريل اکين سان، آسمان ڏي نهاري، خداوند ڪريم کان دعا گهريائين ته:

”سفر پورو ٿيو، در ُ پٽِ پنهنجو.“

اياز به پنهنجيءَ زندگيءَ جو سفر پورو ٿيڻ مهل، خداوند ڪريم کي اهڙي ڪا التجا ڪئي يا نه، سا ته خبر ڪانهي، ڇوته سندس ويجهو اوڏو ڪير به ڪونه هو. پر، ڀانئجي ٿو، ته هن اوڏيءَ مهل ائين ڪونه چيو هوندو ته:

اڳتي سڀ ڪافر جو ڪوڙ

جيڪي آهه هتي آ هاڻ.

اميد، انهيءَ ذهني ڪيفيت جو نالو آهي، جيڪا موت جي ڪارن ڪڪرن مٿان به چانديءَ جي لڪير وانگر چمڪندي آهي.

هڪ دفعي ڊاڪٽر شمل اسلام آباد آئي. جرمن سفير وٽ ٽڪي. جنهن سندس ماني ڪئي ۽ مون کي به دعوت ڏني. سفير ڳالهيون ٻوليون ڪندي، مون کي چيو ته اوهان جي ملڪ جا اتريان علائقا، سهڻن سرسبز قدرتي نظارن ڪري ڏاڍا وڻندڙ آهن. پر، ڪوهه پيما زالن ۽ مردن کي وري اهي قراقرم ۽ همالا جبلن جي ڪري، وڌيڪ وڻن ٿا.

ائين ڳالهيون ڪندي، ٻڌايائين ته، هڪ سال جرمنيءَ مان هڪ ڪوهه پيما ٽولي آئي، جنهن جي اڳواڻ کي نانگا پربت جي سڀ کان اتاهينءَ چوٽيءَ کي سَرِ ڪرڻ جو شوق هو. شروع ۾ کيس وڏي ڪاميابي به ٿي. ڪافي مٿي چڙهي ويو. پر، اوچتو پير ٿـڙڪي ويس. هزارن فوٽن جي بلنديءَ تان، پهاڙ جي پاڇي ۾ اچي ڪريو. ساهه ئي ڪونه کنيائين. سندس وصيعت موجب، لاش انهيءَ ئي هنڌ دفن ڪري، باقي زالون ۽ مرد واپس موٽيا. سندس قبر تي جيڪو ڪبتو لڳل آهي، تنهن ۾ فقط ٽي لفظ آهن، پر وڏيءَ معنيٰ وارا آهن.

مون جرمن سفير کان پڇيو ته: ”اهي ڪهڙا لفظ آهن؟“ جواب ڏنائين ته: ONE TO ONE

اياز، وفات کان پوءِ، ڀٽائيءَ جي پاڇي ۾ دفن ٿيو. اها تجويز، سندس اهليه، محترمه زرينه صاحبه ڏني. چيائين ته اياز انهيءَ خواهش جو اظهار ڪندو هو. تنوير ٻڌايو ته اياز جي وفات واري ڏينهن، حيدرآباد ۾ اديبن جي تعزيتي اجلاس ۾ به مڙني جي متفقه راءِ اها ئي بيٺي هئي. ڀٽ شاهه ۾ تدفين مان هر ڪنهن جو مقصد ڀٽائيءَ جي روضي وارو قبرستان هو.

اياز جي وفات جو اطلاع مون کي صبح سان ڪراچيءَ جي ميٽروپول هوٽل ۾ فون تي پهريائين مسز اڪبر راشديءَ ۽ پوءِ جمال ابڙي ڏنو. مان تڏي تي پهتس ته ڪي ٿورڙا ماڻهو هئا. ستت جويو صاحب به حيدرآباد مان پهچي ويو. جويي صاحب مون کي حميد آخوند سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ٺٽي موڪليو جو هو مهمانن سان ڪينجهر تي ويو هو. پر، موٽ تي رستي تي ملي ويو. مون حال احوال ڏنومانس. چيائين ته، ”اتي جاءِ ملڻ مشڪل آهي.“

حميد آخوند، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي ايراضيءَ ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي، اياز جي ابدي آرامگاهه لاءِ جاءِ ڏني. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، دوستن جو رايو بيٺو، ته جيسين ڪا پڪي پختي مزار تعمير ٿئي، تيسين ڪا ڪچي قبر ٺهرائي ڇڏجي. سو، هڪ ڏينهن وري جويو صاحب، جمال رند ۽ مان حميد آخوند سان صلاح ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ وياسون، ڇوته پڪي پختي قبر ۽ مٿس ڪوبه سائبان، بهرِ صورت، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي ايراضيءَ ۾ ئي ٺهڻو هو. ڪراچيءَ ويندي، رستي تي مون ۽ جمال صلاح ڪئي ته، ”اياز يادگار ڪاميٽي يا ڪائونسل ٺاهجي.“

ڪراچيءَ ۾ حميد آخوند سان ملاقات ٿي. چيائين ته، ”مزار جي پڪيءَ اڏاوت لاءِ سرڪاري ڪاميٽيءَ کان اجازت وٺڻي پوندي، جنهن جو صدر سنڌ جو چيف سيڪريٽري آهي. باقي ٺاهڻو اٿَوَ، ته اڳو پوءِ ڪو فائونڊيشن ٺاهيو.“

اسان حميد آخوند کان موڪلائي حيدرآباد آياسين. پوءِ اسان جا روزانو ڀٽ شاهه تي پنڌ هئا. جمال رند سڀني کان سرگرم هو. هڪ ڏينهن، ڀٽ شاهه تي وياسين، ته هو مون کي ريسٽ هائوس ۾ ويهاري، پاڻ ڪچيءَ قبر جي تعمير لاءِ پنهنجي دوست، مولابخش مير بحر (ڊي.جي.ڊرپ) سان ملڻ ويو. اڪيلائيءَ ۾ مون کي ريسٽ هائوس ۾ آرام ڪونه آيو، سو، اٿي اياز جي مٽيءَ پنوڙي ڏي ويس.

نماشام جي مهل هئي. سانت ۽ سناٽو اهڙو هو، جو وڻ جو پن ئي ڪونه ٿي لڏيو. اياز جي مٽيءَ پنوڙي تي گلن جا ڍير ڪڏهوڪو ڪومائجي ويا هئا. مان چڱيءَ چڱيءَ دير تائين اتي اڪيلو ئي اڪيلو اڀين پيرين بيٺو رهيس. زندگيءَ جا چاليهه ورهيه اياز سان گڏ گذريا هئا. سو، الائي ته ڪيتريون ڳالهيون ياد آيون. مان اياز سان مخاطب ٿيس ۽ کيس اهي ڳالهيون ياد ڏياريم، جيڪي ٻڌي، هو کلي ڏيندو هو. دل ۾ چيم ته جيڪڏهن ڪنهن وڻ تان ڪو پکي اڏامندو ۽ مٺي لات لنوندو، ته ان جو مطلب اهو ٿيندو، ته اياز منهنجون ڳالهيون ٻڌي خوش ٿيو آهي. پر، ائين ڪونه ٿيو. منهنجي اڪيلائيءَ ۽ اداسائيءَ جو احساس جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. هونئن ته سانت ۽ سناٽي کي به پنهنجي زبان ٿئي ٿي، ليڪن روح تي بار وجهي ٿي. جڏهن ڀانيم، ته هاڻي روح ماندو ٿئي ٿو، تڏهن لاچار ڳورين وکن سان پوئتي ريسٽ هائوس ڏي موٽيس.

جمال رند به موٽي آيو ۽ اسان حيدرآباد ڏانهن واپسيءَ جي تياري ڪئي. موٽر، ريسٽ هائوس مان ٻاهر نڪتي، ته سانجهيءَ جا اونداها پاڇا ڏاڍا گهاٽا ۽ گھرا ٿي ويا هئا. انهيءَ منهن - اونداهيءَ ۾، مون وري به اوڏانهن نهاريو، جتي اياز، اڪيلوئي اڪيلو، مٽيءَ جي مڻن هيٺان پوريو پيو هو. پر، ڪوبه آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. البت، پنهنجي اندر ۾ هڪ آواز ٻڌم: ONE TO ONE

اهي ٽي لفظ وڏي وزن وارا لڳن ٿا. زندگيءَ جي اصلي حقيقت ته الائي ڇا آهي؟ ماڻهو هڪ مختصر مدت  لاءِ هن دنيا ۾ اچي ٿو. هتان ڪاڏي وڃي ٿو، سو معلوم ڪونهي. هت ڇو اچي ٿو، اهو به معلوم ڪونهي. مذهب، فلسفي ۽ سائنس جا پنهنجا پنهنجا تعبيرَ آهن. انسان جڏهن هن ڌرتيءَ تي شعور جون اکيون کوليون، ته سڀ کان اول شايد پنهنجي خالق جو سوچيائين، سو، مذهب جو بنياد تڏهن ئي پيو. پر، فلسفو ۽ سائنس گهڻو گهڻو پوءِ اسريا، نسريا ۽ زور ورتائون.

موجوده دور ۾، سائنس وڏا وڏا ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن. خوردبينيون آهن، جي خاموشيءَ سان رت جي ڦڙي ۾ انسان جي تخليق جو عمل پيون ڳولن. ٻئي طرف ديوَن جيڏيون دوربينيون آهن، جيڪي جاسوسن وانگر، سج، چنڊ ۽ تارن جا پيرا کنيون پيون هلن. رات ڏينهن ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ راڪيٽن جي گجگوڙ آهي. آسمان ۾ رستا ٺاهي ڇڏيا اٿن. ڪي چنڊ تي وڃي لٿا آهن، ته ڪي مريخ تي. رات جو آسمان جو نظارو ڏس، ته قدرتي تارن جي وچ ۾ ماڻهوءَ جا ڇڏيل تارا پيا هلن. پنهنجين ئي اکين تي اعتبار ڪونه  ٿو اچي. پر، آهي سڀ سچ، تنهن ڪري مڃڻو پوي ٿو. سڄو ڪمال سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ترڪيءَ ۾ مصطفيٰ ڪمال جي مجسمي جي هيٺان لکيل آهي ته، ”هن دور ۾ ماڻهوءَ جو مرشد، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي.“ مغرب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا ته ڌڌڪا آهن. پر، شعر ۽ ادب جو اڳيون قدرُ ڪونهي. البت، اسان وٽ، شعر شاعريءَ جون شمعون اڃا اڳي وانگر روشن آهن.

سنڌُ، پنهنجيءَ سموريءَ تاريخ ۾، جيڪو وڏي ۾ وڏو شاعر پيدا ڪيو، سو شاهه ڀٽائي هو. شخصي اخلاق توڙي شاعرانه ڏات جي لحاظ کان، عظيم انسانُ ۽ عظيم شاعرُ هو. کيس هيءُ جهان ڇڏئي، ڀريون ٽي صديون گذريون آهن، پر، ايڏو ڊگهو عرصو به سندس مڃتا ۾ ڪو فرق آڻي ڪونه سگهيو آهي. مون هندستان ۾ امير خسرو، سرمد ۽ غالب جي مزارن تي حاضري ڏني آهي ۽ ايران ۾ حافظ، سعديءَ ۽ فردوسيءَ، پنهنجي ملڪ ۾، علامه اقبال، خوشحال خان خٽڪ، رحمان بابا ۽ وارث شاهه جي ابدي آرامگاهن تي حاضري ڏني اٿم. پر، ماڻهن جا ميڙا رڳو شاهه سائينءَ جي روضي تي آهن. سو، ائين ئي چئبو ته، ”سنڌ ۾ هر دؤر ڀٽائيءَ جو دؤر آهي.“

هونئن، ويهينءَ صديءَ ۾ به سنڌُ وڏا وڏا شاعر پيدا ڪيا. شيخ اياز انهن وڏن نالن ۾ به وڏو نالو هو. کيس سنڌي زبان تي وڏو مَلڪو هو. اڳتي هلي، جڏهن پنهنجي ڪلام ۾ ڀٽائيءَ جو اصطلاح ۽ استعارو استعمال ڪيائين ته سونَ تي سهاڳي وارو ڪم ٿي پيو. سندس هڪ مشهور ڪافي آهي:

ٽڙي پوندا ٽارئين،

جڏهن ڳاڙها گـُلَ!

تڏهن ملنداسين.

علڻ فقير جڏهن اها وائي، ڀٽائيءَ واري راڳ جي رنگ ۾ ڳائيندو هو، ته اياز جو ڪلام نج سونَ وانگر تجلا ڏيندا هو. ڪنهن به ڪلام ۾ رنگ شاهه ڀٽائي جو هوندو ۽ پيغام سنڌ جو، ته ٻڌندڙ موهجي ويندو. اياز به سنڌ جي ماڻهن کي موهي ڇڏيو. خاص ڪري، نئون نسل سندس پرستار ٿي پيو. هڪ دفعي سکر ۾ جيل مان آزاد ٿيو ۽ پيادل گهر روانو ٿيو. موٽر ۾ ڪونه چڙهيو، جو سندس اردگرد نوجوانن جو وڏو گروهه کيس جلوس جي شڪل ۾ وٺي وڃي رهيو هو. جڏهن اياز وک اڳتي ٿي کنئي، ته انهن نوجوان پرستارن سندس قدمن جي مٽي کڻي، عقيدت طور، پنهنجي نرڙ تي پئي مَلِي.

هاڻوڪي دور ۾، سنڌ جي نئين نسل ايڏيءَ عقيدت جو اظهار ته ٻئي ڪنهن به عالم، اديب، محقق يا شاعر سان ڪونه ڪيو آهي. اها ڳالهه اياز جي غير معمولي ڪاميابيءَ جي نشاني آهي.

اياز جي وفات تي عام ماڻهن به جنهن ڏک جو اظهار ڪيو، تنهن جو به ڪو مثال ڪونهي. البت مٿيون طبقو، يعني زميندار، پير ۽ مير بلاشڪ انهيءَ غم ۾ عوام سان شريڪ ڪونه هئا. پر، انهن جو عوام سان ڪهڙو واسطو؟ سنڌ سان ڇا سندن واسطو؟ انهن کي ته هميشه پنهنجو ڀڀُ ڀرڻو هوندو آهي.

جنرل ايوب جي حڪومت ۾، جڏهن اديبن، شاعرن ۽ نوجوان شاگرد اڳواڻن ون يونٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ واريون تحريڪون هلايون، ته سائين جي.ايم. سيد، پير حسام الدين راشديءَ، هالن جي مخدوم صاحب ۽ ڀٽي صاحب کان سواءِ سنڌ جا زميندار، پير ۽ مير، انهن ۾ شامل ڪونه ٿيا، ڇو ته هو سنڌي اديبن، شاعرن ۽ شاگرد اڳواڻن کي جيتامڙا سمجهندا هئا. ٻئي طرف، جنرل ايوب خان سان پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ وڏا وَسَ ڪندا هئا. سندس دعوتون ڪندا هئا. شڪار ڪرائيندا هئا ۽ لکين رپيا لُٽائيندا هئا. جڏهن اسان جون اهي تحريڪون ڪامياب ٿيون ۽ جنرل ايوب خان جي حڪومت جيتامڙن جي اڳيان اچي گوڏا کوڙيا، تڏهن سنڌ جا وڏيرا، پير ۽ مير وائڙا ٿي ويا. اياز جو هي شعر انهيءَ دور جو ترجمان آهي:

اڄ لال لهوءَ جي سرگرم تي، ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري،

منهن هيڊ ٿيا غدارن جا، بيشرم وڏيرن پيرن جا.

ون يونٽ جي خاتمي وقت، ته انهن مڙني ڀوتارن، حيدرآباد ۾ هالن جي مخدوم صاحب جي سول لائينس واري بنگلي نمبر: 3 تي پنهنجي منهن تي دانگي گهمائي ۽ سنڌ جي ماڻهن کان پنهنجن ابن ڏاڏن پاران به ون يونٽ جي حمايت جي معافي ورتي هئي. جلسي جي صدارت سائين جي.ايم. سيد ڪئي هئي. پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو اٿس، ته:

سردارن، وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ سيدن جو مطلب ذاتي اقتدار ۽ مفاد کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي.

سنڌ ۾ قوميت جي تحريڪ جو روح روان سائين جي.ايم. سيد هو. پر، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حيدر بخش جتوئي، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، قاضي فيض محمد ۽ ٻين سمورن قومپرست اڳواڻن جو لڏو به ساڻس گڏ هو. اديبن، شاعرن ۽ شاگرد اڳواڻن جو به سائينءَ سان ساٿ هو. پر منجهن سرفهرست نالو اياز جو هو. جلسن ۾ نعرو لڳندو هو: ”شيخ اياز - سنڌ جو آواز“.

1955ع ۾ ون يونٽ به ٺهيو ۽ ”مهراڻ“ رسالو به نڪتو. اياز سنڌي ادب جي آسمان تي اڀريو. جيڪو شعر چيائين، تنهن سوين چراغ ٻاري ڇڏيا.

اياز سان منهنجي غائبانه ملاقات گهڻو اڳي ٿي هئي. تڏهن سنڌ ۽ هند تي اڃا انگريزن جي بادشاهي هئي. مان ڏهن ٻارنهن سالن جو ٻارُ هوندس. منهنجي والد بزرگوار کي سنڌي ۽ فارسي ڪتابن ۽ رسالن جو شوق هوندو هو. هڪ دفعي ”مهراڻ“ رسالو آندائين. منجهس شيخ اياز جو گيت؛ ”هاءِ پرين ياد آيا“ ڇپيل هو. ان باري ۾ اياز پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ جي ٻئي جلد ۾ هيئن لکيو آهي:

”مون کان اڳ هوندراج ”دکايل“ ڪجهه گيت لکي چڪو هو ۽ ڪجهه گيت هري دلگير به لکي چڪو هو. مون پهريون گيت ”هاءِ پرين ياد آيا“ ڪراچيءَ جي سنڌي سرڪل جي ڪنهن محفل ۾ پڙهيو هو. لعل چند امرڏنو مل، جيڪو ميڙ جي صدارت ڪري رهيو هو، جهومي اٿيو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ اهو گيت سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيو. تن ڏينهن ۾ پاڻ ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر هو. عثمان علي انصاري بورڊ جو سيڪريٽري هو. گيت هن ريت آهي:

رات انڌيري، واءُ ٿڌيري، اڀ تي تارا ڇايا،

هاءِ پرين ياد آيا.

پوئين پهر فضا گهوماٽي، جهلڪي تي ٿي سرد ڏياٽي،

ڪاريون ڪاريون هو گهرايون، وٽ کائيندي جئن لهرايون،

دور ڦٽي تئن باک ڀليري، گرجا گهنڊ وڄايا،

هاءِ پرين ياد آيا.

ستت، ”مهراڻ“ جي ٻئي ڪنهن پرچي ۾ سندس ٻيو گيت پڙهيم:

منهنجا پرين!

او بانورا! او سانورا

گهر ۾ گهڙين،

چوري ڪرين، کلندو ورين،

مان لک چوان، پيرين پوان،

پر جو مڙين، اوشل جڙين!

منهنجا پرين!

او بانورا! او سانورا!!

   ”مهراڻ“ جو اهو رسالو سنڌي ادبي بورڊ جي 1941ع کان 1951ع واري شروعاتي دؤر ۾ نڪتو هو. ضخامت جي لحاظ کان ننڍو پرچو هوندو هو. انهيءَ ڪلام کان پوءِ اياز جا ٻه نثر جا ڪتاب پڙهيم: هڪ ڪهاڻين جو مجموعو ”سفيد وحشي“ ۽ ٻيو خطن جو مجموعو ”پنهل کان پوءِ.“ ڪهاڻين جي ڪتاب مان برطانوي سامراج کان نفرت جي بوءِ ٿي آئي ۽ خطن جي ڪتاب ۾ رومانيت جي رنگيني چمڪي رهي هئي. ”سفيد وحشي“ ڪتاب تڏهن ڇپيو هو، جڏهن اياز اڃا ڪاليج ۾ پڙهندو هو. سندس سڀ سنگتي ترقي پسند خيالن جا هئا. گهڻا هندو هئا، ڪي ٿورڙا مسلمان به هئا. ليڪن سڀئي سياسي طرح سرگرم هئا ۽ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ شامل هئا. اياز ان زماني ۾ انقلابي گيت چيا، جيڪي شيخ عبدالرزاق راز جي چوڻ موجب، نوجوان شاگردن ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا. هن گيت ۾ لفظ ”لوڏ سامراج کي“ ان دؤر جا يادگار آهن:

ڌوڏ هن سمــاج کي،

لوڏ ســامراج کي،

ٺاهه سو نئون نظـام،

جو چڱو چوي عوام،

هي نظام آ خـراب، انـقـلاب،

انــقلاب! انــقلاب! ڳاءِ انـــقلاب ڳاءِ.

ڊاڪٽر جانسن انگريزي ادب جو هڪ نامور اديب ۽ محقق ٿي گذريو آهي. باسويل سندس حياتيءَ جو سربستو احوال لکيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جو لائق ۽ فائق استاد، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، هاڻي باسويل واريءَ عقيدت ۽ محنت سان، اياز جي سرگذشت لکي رهيو آهي. هو جيڏو محنتي محقق آهي، اوڏو ئي نيڪ انسان آهي. سندس تحقيق موجب، اياز جي ڪهاڻين جو ڪتاب باغي منڊل شايع ڪرايو هو، جيڪو هن موهن پنجابيءَ سان گڏ قائم ڪيو هو ۽ انهيءَ اداري، سندس ٻيو ڪتاب ”اسان جي سنڌ“ جون 1948ع ۾ ڇپايو، جيڪو سياسي نوعيت جو هو.

 مون لاءِ اها حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته مون اهو ڪتاب نه پڙهيو آهي، نه ڏٺو آهي ۽ نه وري ڪڏهن اياز ئي ان جو ذڪر ڪيو. البته، ”اڳتي قدم“ رسالي جي ٿوري گهڻي خبر آهي. ان جو هڪ ٻه پرچو ڏٺو هئم. ترقي پسند ادب جو ترجمان هو. جويي صاحب ٻڌايو ته رسالي جو نالو پاڻ ئي اياز کي تجويز ڪيو هئائين. چيائين ته اصل حقيقت هيئن آهي ته: مان ۽ منهنجو دوست، احمد جيواجي، ٻئي ڄڻا، ايم اين راءِ کان متاثر هئاسين. احمد جيواجيءَ ”آگي قدم نالي سان ڪراچيءَ ۾ پريس قائم ڪئي هئي. مون انهيءَ ئي نسبت سان اياز کي صلاح ڏني، ته اوهان به پنهنجي رسالي جو نالو ”اڳتي قدم“ رکو.

مان سنه 1957ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيس ته ستت احمد جيواجيءَ جو ديدار ٿيو هو. جويي صاحب جو ويجهو دوست هو. بورڊ جا ڪيترائي ڪتاب سندس پريس ۾ ڇپيا هئا. احمد جيواجي گجراتي هو، ٻين ڇاپيندڙن وانگر تجارتي مفاد کي مقدم ڪونه رکندو هو. اهميت هميشه صحيح ڇپائيءَ کي ڏيندو هو. شريف ماڻهو هو. اهڙا بااصول انسانَ هاڻوڪي معاشري ۾ ڪي ورلي ملندا. گهڻو گهڻو پوءِ خبر پيم ته هو وڏو انقلابي هو ۽ گجراتي کانئس اهڙو ته بيزار هئا، جو کيس پنهنجيءَ برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو هئائون. پڻس به کيس ملڪيت مان حق ڏيڻ کان انڪار ڪيو. پر، احمد جيواجي انهن ڳالهين جي پرواهه ڪانه ڪئي.ترقي پسند خيالن ڪري احمد جيواجي اسان سان گھرو گهاٽو ٿيو.

اياز به انهن ڏينهن ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ کان متاثر ٿيو هو، جيڪا سنه 1932ع ۾ لکنؤ ۾ شروع ٿي ۽ سڄي هندستان تي اثر وڌائين. سيد سبط حسين پنهنجي ڪتاب ”شهرِ نگاران“ ۾ لکيو آهي ته:

”ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو مقصد پڙهندڙ کي زندگيءَ جي حقيقتن کان واقف ڪرڻ هو. ترقي پسند ادب زندگيءَ جي ترجماني به ڪندو هو ۽ ان تي تنقيد به ڪندو هو.“

سنڌ ۾ به روس جي سوشلسٽ انقلاب جو اثر پيو. مون ڏهاڪو سالن جي عمر ۾ 1943ع ڌاران سنڌيءَ ۾ هڪڙو ننڍو ڪتابڙو پڙهيو هو. مٿس پيلي رنگ جي سنهي ڪاغذ جو ڪور هو. ڪتابڙو جتي پورو ٿيو، اتي ”انقلاب زنده باد“ ۽ ”دنيا جي مزدورن جو اتحاد - زنده باد“ جا نعرا ڇپيل هئا.

پر، خالص ادبي حوالي سان ڏسبو، ته سنڌي زبان ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو ڪتاب ”هارين جون ڪهاڻيون“ صحيح معنيٰ ۾ ترقي پسند ادب جو پهريون پهريون اهم ڪتاب ليکبو. محمد امين کوسو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ حشو ڪيولراماڻي سنڌ ۾ ترقي پسند خيالن جا مکيه مبلغ هئا. پر، سوشلسٽ نظريي جو بنياد وجهندڙ شخصن ۾ سرفهرست نالو غالباً جمشيد نسروانجي آهي، جيڪو پارسي مذهب جو هو. ڪراچي شهر جو معمار هو. سنڌ ۾ هاري پارٽيءَ جو آغاز ڪيائين.

محمد امين کوسي سان، جڏهن منهنجي گھري گهاٽي ياري ٿي، تڏهن تمام سخت مذهبي ماڻهو هو. عمر ۾ مون کان گهڻو وڏو هو. پر، مون سان اهڙي سڪ ٿي ويس، جو ڏهن ويهن صفحن جا خط لکندو هو، جن ۾ مولانا عبيدلله سنڌيءَ ۽ شهيدالله بخش سومري جو سدائين ذڪر  ڪندو هو. ڦوهه جوانيءَ واري زماني ۾ سندس پير ۽ مرشدُ بلوچستان جو مشهور انقلابي اڳواڻ يوسف علي خان مگسي هو، جيڪو مذهبي ۽ انقلابي ماڻهو هو، پر اسلامي اشتراڪيت جو مبلغ هو. ڪوٽيا واري 1935ع جي زلزلي ۾ فوت ٿيو.

محمد امين کوسو، پوئين دور ۾، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي به ويجهو هو. ڀٽي صاحب کيس بلوچ سردارن ڏي سياسي مقصد سان موڪليو هو. مولانا مودوديءَ سان به حجائتو هو. محمد امين جي چوڻ تي مان به هڪ دفعو لاهور ۾ مولانا مودودي صاحب سان سندس رهائشگاهه تي مليس ۽ ٽپهريءَ جي نماز گڏ پڙهيم. وٽس ٻيا ماڻهو به اڳي ئي موجود هئا. سندس گفتگوءَ جو انداز عالمن وارو ڪونه هو. سمورو وقت پيپلس پارٽيءَ ۽ ڀٽي صاحب جي خلاف ڳالهائيندو رهيو ته، ”سنڌ ۾ کيس ڪير ڪونه ٿو پڇي، پنجابي احمق آهن، جيڪي سندس پٺيان هلن ٿا.“ تڏهن اڃا يحييٰ خان واريون چونڊون ڪونه ٿيون هيون، سو، کيس سنڌ ۾ پيپلس پارٽيءَ جي طاقت جو اندازو ڪونه هو. محمد امين کوسو ساڻس ڏاڍي طنزيه انداز ۾ ڳالهائيندو هو، تڏهن به پاڻ سخت مذهبي ماڻهو هوندو هو، پر هندستان جي مشهور سوشلسٽ شاعر اسرارالحق مجاز سان پوءِ به محبت هئس. سوشلسٽ انقلاب بابت مجاز جي هيءَ مصرع سڀ کان اول کانئس ئي ٻڌم:

گذر بھی جا کہ تیرا انتظار کب سے ہے

سنڌ جي تڏهوڪن ترقي پسند اديبن ۾ حشو ڪيولراماڻي وڏو نالو هو. حشو مون ڪونه ڏٺو، پر، سندس ڪيئي ڳالهيون سائين جي.ايم. سيد کان ٻڌم. 1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو. حشو سنڌ ڇڏي، هند نٿي ويو. زور زبردستيءَ سان تڙي ڪڍيائونس. هندستان ۾ دهليءَ ۾ گهر ڪري ويٺو ۽ روزانه انگريزي اخبار ”هندستان ٽائمز“ ۾ سٺي عهدي تي هو. سنڌ جا چونڊ سنڌي افسانا انگريزيءَ ۾ ڇپايائين، منجهن منهنجو افسانو ”بري هن ڀنڀور ۾“ به شامل ڪيائين، جيڪو پوءِ چينين پنهنجي  رسالي ”شرجئي ويڻشو“  ۾ ترجمو ڪري ڇاپيو ۽ ان کي دنيا جي چونڊ ادبي شهپارن ۾ شامل ڪيو. ”شرجئي ويڻشو“ چيني زبان جو لفظ آهي، معنيٰ اٿس ”دنيا جو چونڊ ادب.“ حشوءَ کي افسانو اهڙو ڪو وڻي ويو، جو مون سان پرپٺ ياري رکيائين. دهليءَ مان خط پٽ لکندو هو. منهنجو يار ٿي ويو.

ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ته اسان سڀني جا بزرگ هئا. منهنجو ڳوٺائي، هالاڻيءَ وارو قاضي فيض محمد، قادر بخش نظاماڻي ۽ ارباب نور محمد پليجو به ساڳئي چمن جا ٻوٽا هئا. قادر بخش نظاماڻي بنيادي طرح ”بلوچ قومپرست“ هو. مياڻيءَ جي جنگ تي ڪتاب لکيو هئائين. انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ لطف الله گجراتيءَ جي روزنامچي تان سنڌ جو احوال ترجمو ڪيائين، جو پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ”سنڌ جو سفر“ نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو، جيڪو ننڍو پر اهم ڪتاب آهي.

قادر بخش مون سان چڱو گھرو گهاٽو هو. هڪ ڀيري ڪراچيءَ ۾ بلوچ قومپرست شاعر، گل خان نصير جي دعوت ڪيائين، جنهن ۾ فقط مون کي سڏيائين. اسان کي روسي بدڪون کارايائين ۽ ريڊ وائين پياريائين. گل خان وري اسان کي ”اي بلوچان هوشيار، اي تيره روچان هوشيار“ نظم ٻڌايو. قادر بخش ننڍپڻ ۾ ماسڪو مان ٿي آيو هو. ڪميونسٽ خيالن جو هو. پر، انتها پسند ڪونه هو. اڪبر بگٽيءَ سان گڏجي لنڊن ويو. مون کي سفر دوران بغداد مان خط لکيائين. پوءِ لنڊن مان لکندو هو. لنڊن ۾ ڪافي وقت رهيو. پوين ڏينهن ۾ محمد امين کوسي وانگر سخت مذهبي ماڻهو ٿي ويو هو. ٻه ٽي سال ٿيا ته وفات ڪري ويو آهي.

هاڻي اهو سڄو چمن اهڙو ته اجڙي ويو آهي، جو ائين کڻي چئجي ته ”پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“ وارو حال اٿس. هن وقت سنڌ ۾ ان دؤر جو معتبر شاهد فقط هڪڙو بچيو آهي، سوڀو گيانچنداڻي. پنهنجي ڪتاب ”وڏي وٿ هئام“ ۾، محمد امين خان کوسي بابت لکيو اٿس ته:

”محمد علي جوهر جو شاگرد، ڪميونسٽ ۽ ڪانگريسي هو. منهنجي ساڻس واقفيت 1941ع ۾ ٿي. سنڌ زميندار هوٽل، ڪراچيءَ ۾، مستقل مهمان طور رهندو هو. مون ان زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪنهن معمولي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. سو، حڪم مليو، ته محمد امين کوسي وٽ حاضر ٿيان. نومبر جي هڪ شام جو مان هوٽل ۾ سندس ڪمري ۾ پهتس. پيار ۽ عزت سان اٿي مليو. هڪ ٽيبل تي رکيل چانهه جي سامان طرف وٺي هليو، جتي ڪيڪ، بسڪوٽ ۽ مختلف قسمن جا سُڪا ميوا پليٽن ۾ موجود هئا. مان اڃا ويٺس ئي مس، ته پروفيسر آصف جاهه ڪارواڻي، قادر بخش نظاماڻي، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ ۽ ٽهلراماڻي به اچي وارد ٿيا.

مون کي خيال آيو ته هي سمورا شخص شايد (UNDER-GROUND) زيرِ زمين ڪميونسٽ پارٽي آف سنڌ جا اڳواڻ آهن. ڳالهه جي شروعات پروفيسر ڪارواڻيءَ ڪئي، ته تو شاگرد فئڪشن اندر حشو ڪيولراماڻيءَ سان دوستي ٽوڙڻ کان نابري واري آهي، ان ڪري توکي جواب ڏيڻ لاءِ پارٽي ٽربيونل آڏو گهرايو ويو آهي.

مون چيو ته مان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو باقاعده ميمبر ناهيان. پاڻ کي توهان جي آڏو جوابدار مڃڻ کان انڪار ٿو ڪريان. مان صرف پارٽيءَ جو هڪ همدرد آهيان ۽ شاگردن جي تحريڪ ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جي ڪردار ۽ پيش رفت کان متاثر آهيان. مان سمجهان ٿو ته حشوءَ سان وڙهي توهان پنهنجي تحريڪ کي هرج پهچائيندؤ.

مان بعد ۾ محمد امين کوسي سان ست مهينا سکر جي جيل ۾ گڏ رهيس، ته معلوم ٿيو ته محمد امين کوسو خود به ڪميونسٽ پارٽيءَ جو تابعدار قسم جو رڪن نه هو. آزاديءَ سان ان وقت جي ناميارن آل انڊيا ليڊرن، جوشيءَ ۽ ڊاڪٽر اڌيڪاريءَ سان بحث مباحثا ڪري چڪو هو. شاعرن ۽ دانشورن ۾ سندس دوستي مخدوم محي الدين (حيدرآباد دکن) ۽ اسرار الحق مجاز (لکنويءَ) سان هئي.

سکر جيل ۾ تقريبن چار پنج سؤ سياسي قيدي ۽ اٽڪل ٽي چار سؤ اخلاقي قيدي موجود هئا. اسان کي جيل ۾ گهمڻ ڦرڻ جي آزادي هئي. جيل ۾ موجود اڳواڻن جيڪي اسٽڊي سرڪل ورتا، تن ۾ محمد امين کوسي پڻ ڪميونسٽ تحريڪ تي هڪ ٻه ليڪچر ڏنا.“

سوڀي جو ڪتاب تمام ڪارائتو آهي، پر مختصر آهي. ”اديبن جي ترقي پسند تحريڪ“ جو ته منجهس احوال ملي ئي ڪونه ٿو. سوڀي کي انهيءَ تحريڪ بابت هڪ جامع (COMPREHENSIVE) ڪتاب لکڻ کپندو هو، ڇو ته هاڻي فقط هو ئي هن ملڪ جي گهڻن اهم تاريخي واقعن جو معتبر شاهد آهي، پر، افسوس آهي جو ڪافي عرصي کان زندگي مٿس نهايت نامهربان رهي آهي. اهو سندس ئي بلند حوصلو آهي، جو هو وقت سان گڏ اڳتي رڙهندو رهي ٿو. خدا کيس وڏي ڄمار ڏئي! ”وڏي وٿ آهين، ٻاروچا ڀنڀور ۾.“

”ترقي پسند ادب جي تحريڪ“ جو بنياد سيد سجاد ظهير وڌو هو. بلڪ، کانئس به اڳ، اختر راءِ پوريءَ اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي افسانن جي ڪتاب ۾ ڪيو هو.

سيد سجاد ظهير ان جو منشور لنڊن مان شايع ڪيو هو. روس ۾ آڪٽوبر 1917ع واري ”سوشلسٽ انقلاب“ جي اثر ڪري، گهڻن ئي ملڪن ۾ ”آڪٽوبر ڪلب“ ٺهيا. سيد سجاد ظهير هڪ آسودي گهر جو فرد هو. لنڊن ۾ پڙهندو هو، اتي ”آڪٽوبر ڪلب“ جو ميمبر ٿيو. 1936ع ۾ جڏهن هندستان موٽيو، ته بئريسٽر به هو ۽ سوشلسٽ به هو. سندس ڪتاب ”روشنائي“  مشهور آهي.

هن سنه 1935ع ۾، لنڊن ۾ پنهنجن ڪن ساٿين سان گڏجي ”ترقي پسند اديبن جي تحريڪ“ جو بنياد وڌو. 24 نومبر 1934ع تي شام جو پهرين ميٽنگ لنڊن جي نانچنگ هوٽل ۾ ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر جيوتي گهوش، ڊاڪٽر ملڪ راج آنند، پرمودسين گپتا، ڊاڪٽر دين محمد تاثير ۽ سيد سجاد ظهير شامل ٿيا. ان باري ۾، فيض احمد فيض پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته، ”منهنجي سوشلزم سان شناسائي ٿي ته لينن ۽ ٻين جا ڪتاب پڙهيم. انجمن ترقي پسند مصنفين ٺهي، ته ان ۾ شريڪ ٿيس.“

سيد سجاد ظهير ترقي پسند تحريڪ جو صحيح معنيٰ ۾ باني هو. سندس والد سر سيد وزير حسين هڪ ڪامياب بيريسٽر هو. اَوَڌَ جي چيف ڪورٽ جو چيف جج ٿيو. سندس سڀ ٻار لنڊن ۾ پڙهندا هئس. سجاد ظهير به بئريسٽري لاءِ اتي ويو هو.

سبط حسن فيض جو ساٿي هو. سوشلست هو. منهنجي ساڻس ملاقات، سٺ واري ڏهاڪي ۾، لاهور ۾ ٿي، فيروز سنز جي مال روڊ تي ڪتابن جي دڪان ۾ ملازم هو. پنهنجي ڪتاب ”شهرِ نگاران“ ۾ لکيو اٿس ته: ”ورهاڱي تائين، علي سردار جعفري، حيات الله انصاري، احمد نديم قاسمي، قتيل شفائي، پروفيسر احتشام حسين چغتائي، ظهير ڪاشميري، راجندر سنگهه بيدي، خواجه احمد عباس، پروفيسر ممتاز حسن، ساحر لڌيانوي، مجنون سلطانپوري ۽ مرزا اديب پڻ تحريڪ سان وابسته ٿي چڪا هئا.“

ائين به لکيو اٿس ته، ”مولوي عبدالحق، حسرت موهاني، رابندر ناٿ ٽئگور، منشي پريم چند، سروجني نائڊو، قاضي عبدالغفار، نياز فتحپوري، جوش مليح آبادي، عبدالمجيد سالڪ، صوفي غلام مصطفيٰ تبسم، مولانا چراغ حسن حسرت، غلام رسول مهر، فراق گورکپوري ۽ مجنون گورکپوريءَ به ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو خيرمقدم ڪيو هو. بلڪ، اديبن جي انهيءَ صف ۾ ڊاڪٽر رشيد جهان ۽ سعادت حسن منٽو به شامل هئا.“

فيض احمد فيض، اڳتي هلي، شاعر جي حيثيت ۾ ڏاڍو چمڪيو. هندستان ۽ پاڪستان جي ادبي حلقن ۾ سندس سحر اڃا تائين قائم آهي. جيڏو وڏو شاعر هو اوڏو وڏو انسان هو. ايڪيڊمي آف ليٽرس جو پهريون چيئرمن ايڊمرل شفيق الرحمان سندس دوست هو. فيض سان ٻيءَ مهاڀاري لڙائي ۾ فوج ۾ شامل ٿيو هو. مون سان سندس ڳالهيون ڪندو هو. سوشلسٽ نظريي وارو ماڻهو عام طرح مذهب کان پرڀرو سمجهيو ويندو آهي، پر، فيض وفات کان اڳ پنهنجي پاڙي واريءَ مسجد جي مرامت ڪرائي هئي.

فيض کي مون پهريون ڀيرو 1945ع ۾ ڪراچيءَ جي اسلاميه ڪاليج ۾ ڏٺو هو. مون کي نورالدين سرڪي ساڻ وٺي ويو هو. محفل ۾ پهريائين حبيب جالبَ سندس هڪ غزل ترنم سان پڙهيو، پوءِ فيض سامعين کي پاڻ پنهنجو ڪلام ٻڌايو.

گهڻا گهڻا سال پوءِ، پير سائين حسام الدين راشديءَ جي چوڻ تي حيدرآباد جي مرڪزي اردو بورڊ جي آفيس ۾، مون ئي فيض جي مانَ ۾ جلسو ڪرايو هو، جنهن ۾ پليجي سندس ڏاڍي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته، ”سائين، اوهان اسان وٽ هلي آيا، ته زندگيءَ جو هڪ خواب پورو ٿيو.“

مان فيض کي مير صاحب جي گهران ئي جلسي ۾ وٺي آيو هئس. فيضُ، مير علي احمد خان ٽالپر جو گھرو دوست هو، جيڪو پاڻ به ادب جو نهايت نفيس ذوق رکندو هو. مون سان محبت ٿي ويس. ڊفينس منسٽر هو، تڏهن به خط پَٽُ لکندو هو. حيدرآباد ايندو هو ته آسپاس وارن دوستن جي دعوتن ۾ به گڏ وٺي ويندو هو.

جڏهن فيض وفات ڪري ويو، ته مان اسلام آباد ۾ هئس. سندس تڏي تي حاضري ڏيڻ لاءِ مرڪزي سيڪريٽري تعليم، سعيد قريشيءَ کان لاهور وڃڻ جي موڪل گهريم. چيائين ته، ”اوهان ضرور وڃو ۽ سندس تدفين ۾ سرڪار جي نمائندگي ڪريو.“

مان اسلام آباد منجهان رات جو لاهور فيض جي گهر پهتس. ٻئي ڏينهن فيض جي اهليه، ايليس مون کي فيض جي هڪ پياري تصوير پنهنجي نالي جي پئڊ - پيپر تي پيسٽ ڪري، تحفي طور ڏني، جيڪا مون وٽ اڃا محفوظ آهي.

ايليس فيض جرمن نسل جي هئي. سندس ڀيڻ ڊاڪٽر تاثير سان پرڻيل هئي. مون ايليس پهريون دفعو ڪراچيءَ ۾ فيض سان گڏ، ”راڪ هائوس“ واريءَ راڳ جي ماهيانيءَ محفل ۾ ڏٺي، جتي ڪراچيءَ جا ڪيئي ممتاز ماڻهو ايندا هئا. سائين جي.ايم. سيد به انهيءَ محفل ۾ شريڪ ٿيندو هو. سشيلا مهتاڻي ڪافيون ڳائيندي هئي. جوان ۽ خوبصورت خاتون هئي. شهيد حسين سهروردي مٿس مست هو.

فيض جي جنازي نماز لاهور جي هڪ پارڪ ۾ ٿي. بيشمار اديب، شاعر ۽ صحافي آيا هئا. پنجاب جا وڏا وڏا سياسي اڳواڻ پڻ ادب ۽ احترام سان صفون ٻڌي بيٺا هئا. نماز پوري ٿي. سلام ورايوسون. ڏٺم ته منهنجي ساڄي پاسي پنجاب جو مشهور اڳواڻ، ميان ممتاز دولتانه بيٺو هو.

اياز جي جنازي نماز ڀٽائيءَ جي روضي جي ويرانڊي ۾ ٿي، پر، سنڌ جو ڪوبه ننڍو وڏو ليڊر، وڏيرو يا پيرُ ۽ ميرُ ان ۾ شريڪ ڪونه ٿيو.

سنڌ ۽ پنجاب جي شعور ۾ ايترو فرق آهي!

اياز فيض کان تڏهن ئي متاثر ٿيو هو، جڏهن اڃا مئٽرڪ ۾ پڙهندو هو. آتم ڪهاڻيءَ جي ٻئي جلد ۾ لکيو اٿس ته، ”مان مئٽرڪ کان پوءِ فيض جو ”نقشِ فريادي“ پڙهي چڪو هوس ۽ ڪافي متاثر ٿيو هوس.“

   فيض جي شاعريءَ ۾ ڏاڍي نرمي آهي. ڄڻ ته گلاب جي گلن تي ماڪ جا ڦڙا. پر، اياز ترقي پسند خيالن جو شعله نوا شاعر هو، توڙي جو پاڻ نڪي ته ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل هو ۽ نه وري ڪانگريس ۾. هو سياسي لحاظ کان ايم اين راءِ کان متاثر هو، جنهن جي پوئلڳن جو ٽولو شروع ۾ ”ليگ آف ريڊيڪل ڪانگريس مين“ ڪوٺبو هو. ليڪن، ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي سوال تي ڪانگريس سان اختلاف ٿي پين، ته پوءِ ”ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ ٺاهيائون. سنڌ ۾ جويو صاحب ۽ شيخ اياز ٻئي ڄڻا ايم اين راءِ جا پوئلڳ هئا. اياز انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪندي لکيو آهي ته:

”آگي قدم پريس ڪامريڊ احمد جيواجيءَ جي هئي، جو مون ۽ جويي سان گڏ، ايم اين راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو ميمبر هو. سنڌ ۾ صوبائي اليڪشن هئي، ڪامريڊ عبدالغفور عمرڪوٽ مان وساڻ جي خلاف بيٺو هو.

اسان تن ڏينهن ۾ دنيا ڦيرائڻ جا خواب لهي رهيا هئاسين. ايم اين راءِ جيتوڻيڪ اسٽالن کان مايوس ٿي چڪو هو، پر، اسان به هن وانگر جاگيرداريءَ، ۽ سرمايه داريءَ جا سخت دشمن هئاسين، ان ڪري مان، ابراهيم جويو ۽ ڪامريڊ وياس عمرڪوٽ وياسين ۽ سڄو ڏينهن هارين ۾ تقريرون ڪيوسين. مون هنن کي پنهنجو نظم ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ وري وري ٻڌايو.“

1947ع ۾ انگريز هليا ويا. هندستان ۽ پاڪستان ٻه آزاد ملڪ ٺهيا. انهيءَ کان پوءِ ڪيترا سال اياز جي ڪابه سياسي تحرير سنڌ جي عوام جي اڳيان ڪانه آئي. ان دؤر ۾ پاڻ پنهنجيءَ ادبي دلچسپيءَ ۽ سرگرميءَ بابت هيئن لکيو اٿس:

1949ع ۾، مان ڪراچيءَ کان سکر آيس، ته منهنجون ادبي سرگرميون اردوءَ ۾ وڌي ويون، ڇو ته منهنجا سنڌي دوست، جي شاعر ۽ اديب هئا، سڀ هندو هوندا هئا. سوڀي کان سواءِ سڀ هندستان هليا ويا.“

اياز جون اردوءَ ۾ دلچسپيون وڌي ويون ته پنهنجي اردو ڪلام جو ڪتابڙو پنهنجي خرچ تي ڇپايائين، جنهن جو نالو هو: ”بوئے گل نالئہ بلبل“ پر، اردو ادبي حلقن ۾ ان جو ڪوبه قدر ڪونه ٿيو. اياز مايوس ٿيو. سو، گهڻو گهڻو، اڳتي هلي، جيڪو نظماڻو نثر لکيائين، تنهن ۾ اردوءَ تي طنز ڪندي لکيائين ته: ”عيد جو ڏينهن آهي، منهنجو پٽ منهنجيءَ قبر تي اردوءَ ۾ دعا گهري رهيو آهي.“

جڏهن وائيس چانسيلر ٿيو، ته اڳوڻي تلخ تجربي ۽ مٿئين نظماڻي نثر لکڻ کان پوءِ به وري پنهنجي چونڊ سنڌي ڪلام جو اردوءَ ۾ پاڻ ترجمو ڪرائي، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ڪتابُ ڇپايائين. ليڪن، اردو ادبي حلقن ۾ ان جي به پذيرائي ڪانه ٿي. مون کيس مشورو ڏنو، ته ”ڪن چونڊ سنڌي شاعرن جو ڪلام پڻ پنهنجي ڪلام سان گڏ ڇپاءِ.“ ڀانيم ته جيڪڏهن هو ائين ڪندو ته شايد ڪتاب کي انهيءَ ڪري اهميت ملندي، ته ”اهو سڄيءَ سنڌ جي موجوده برک شاعرن جو چونڊ ڪلام آهي.“ پر، هن انهيءَ ڳالهه تي توجهه ڪونه ڏنو. وري به فقط پنهنجو ئي چونڊ ڪلام پنجابي زبان ۾ ترجمو ڪرائي، يونيورسٽيءَ کان ڪتاب ڇپايائين. ليڪن، انهيءَ جو به ڪو قدر ڪونه ٿيو. البت، سندس سمجهدار دوستن کي سندس مزاج جو پتو پئجي ويو.

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، اياز جو ڇپيل نثر يا نظم ترقي پسند ادب جي نظرين جو ترجمان هوندو هو، پر پاڪستان کان پوءِ اياز جي پهرئين ”اردو ڪتابڙي“ ۾ به ترقي پسند ادب جو ڪو اولڙو نظر ڪونه ٿو اچي.

سوڀو هندو آهي، اياز کان وڌيڪ سندس هندو ساٿي هندستان لڏي ويا. سوڀو ۽ محمد ابراهيم جويو پاڪستان کان اڳ به ترقي پسند خيالن جا هئا ۽ هاڻي به آهن. اياز جا جهونا دوست به آهن. هو ئي ان ڳالهه جا شاهد آهن، ته اياز پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ته ترقي پسند ادب ۾ ايڏي دلچسپي وٺندو هو، جو اليڪشن جي جلسن ۾ ويندو هو ۽ انهن ۾ انقلابي گيت ڳائيندو هو. ليڪن، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن سوشلسٽ خيال جا ماڻهو سرڪاري عتاب هيٺ آيا، تڏهن سندس سوچ ۾ سوشلزم جي خلاف اوچتو اهڙو ڦيرو آيو، جو پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ جي ٽئين جلد ۾ سوشلزم تي ٽوڪ ڪندي، لکيو اٿس:

”الهه وڌائي چيو ته: اسان جا دوست جهنگ جا جانور هوندا آهن. هڪ نور مري ويندو آهي ته سڀ نور ڪٺا ٿيندا آهن، پٽيندا آهن ۽ مٿي کي مٽي هڻندا آهن. پوءِ مئل نورُ کي کڏ کوٽي پوريندا آهن، ان ڪري چوندا آهن ته نور ماڻهوءَ جو کريل آهي. نور ماکي لاهيندو آهي. پڇ اڀو ڪندو آهي، ته مکيون ڀڄي وينديون آهن.“

”ڪامريڊ نور“، مون چپن ۾ چيو، ”هو ته بلڪل بالشيوڪ ٿو لڳي.“

درحقيقت، اياز جي سياسي سوچ جو صحيح مطالعو ته مستقبل ۾ سندس ”منصف مزاج“ سوانح نگار ئي ڪري سگهندو. پر، هت اهڙي ئي ٻي ڳالهه به غور طلب آهي، جا پڻ سندس سوچ ۽ ذهني ارتقا سان تعلق رکي ٿي.

اياز، زندگيءَ جي پوئين پهر ۾، نظماڻي نثر ۾، ڪي دعائون لکيون، جن جو مجموعو ”تون ڇپر، تون ڇانو“ نالي شايع ٿيو. انهيءَ کي پڙهڻ سان ماڻهو محسوس ڪري ٿو، ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، هن پنهنجن اڳوڻن انقلابي نظرين، سوشلسٽ ۽ قومي خيالن کي ترڪ ڪري ڇڏيو. ليڪن، 1955ع ۾ ون يونٽ واري زماني ۾ ته پاڻ هڪ سنڌ دوست ۽ ترقي پسند شاعر جي حيثيت ۾ ئي اڀريو هو. سندس مخالفن کيس ”ڪارو ڪافر“، ”پاڪستان جو دشمن“، ”هندستان جو ايجنٽ“ ۽ ”دين جو دشمن“ قرار ڏنو ۽ انهن ئي الزامن هيٺ، مٿس تهمتون مڙهي، کيس ڪيئي دفعا جيل ۾ وجهايو هو. سو، اياز جي زندگيءَ جي پوئين پَهرَ ۾، سندس دعائن جو ڪتاب شايع ٿيو، ته ائين لڳو، ڄڻ ته اياز نئين سر ڪلمو ڀري مسلمان ٿيو آهي. نه رڳو ايترو پر هن پاڻ پنهنجن اڳوڻن دوستن تي طنز ڪئي، ته هو مٿس رڳو ان ڪري چڙيا آهن، جو هاڻي پاڻ دين ايمان جي روشنيءَ سان منور ٿيو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org