سائين ڪڏهن ڪڏهن اسان سان انهيءَ زماني جون
ڳالهيون ڪندو هو. ڪراچيءَ ۾ 1938ع واريءَ آل انڊيا
مسلم ليگ جي اجلاس جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل
ڪانفرنس جو ذڪر ته وڏيءَ دلچسپيءَ سان ڪندو هو،
چوندو هو ته،”اسان جناح صاحب جو لارين، موٽرن،
ٽانگن، اُٺَ گاڏين، گهوڙي سوار ڪارڪنن ۽ هزارين
پيادل ماڻهن سان اهڙو ته شاندار جلوس ڪڍيو، جهڙو
ڪراچيءَ نه اڳي ڏٺو هو ۽ نه هاڻي ڏسندي. ماڻهن جو
جوش خروش ڏسڻ وٽان هو. هڪڙو هوائي جهاز، سمورو
وقت، جلوس جي مٿان گل ڇٽي رهيو هو.“
هت هيءَ اهم ڳالهه نوٽ ڪرڻ کپي ته 1936ع ۾ سنڌ
آزاد ٿي. ٻه سال پوءِ 1938ع ۾، ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا
مسلم ليگ وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهو ٺهراءُ پاس
ٿيو، جيڪو ٻه سال پوءِ لاهور واري پاڪستان ٺهراءَ
PAKISTAN RESOLUTION
جو بنياد بنيو. وري انهيءَ کان ٽي سال پوءِ، سائين
جي.ايم.سيدَ ”الاتوهار“ ڪري، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٽين
مارچ 1943ع تي پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو.
جو هيءُ آهي:
This house recommends to Government to convey to
His Majesty’s Government, through His Excellency
the Viceroy, the sentiments and wishes of this
province, who have religion, philosophy, social
customs, literature, traditions, political and
economic theories of their own, quite different
from those of the Hindus.
They are justly entitled to the right as a
single “Separate Nation”, to have “National
States” of their own, carved out in the zones,
where they are in majority, in the subcontinent
of India.
Therefore, they emphatically declare that no
constitution shall be acceptable to them, that
will place the Muslims under the central
Government dominated by another nation, in order
to play their part freely on their own distinct
lines, in the order of things to come. It is
necessary that they have national independent
status of their own.
Hence, any attempt to subject the Muslims of
India under one central Govt. is bound to result
in civil war, with grave and unhappy
consequences.
مون کي ائين سمجهڻ لاءِ ڪافي سبب آهن ته اهو
”پاڪستان
-
ٺهراءُ“ سائينءَ کي پير علي محمد راشديءَ لکي ڏنو
هو. راشدي صاحب ”پڪو مسلم ليگي“ هو. هندن جو دلي
دشمن هو. عمر جي پوئين حصي ۾ سندس سوچ ۾ ڦيرو آيو.
”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪتاب ۾ اڳوڻي دور جو تجزيو
ڪندي، اعتراف ڪيو اٿس ته، ”اسان جي دور ۾ صحيح
سياسي سوچ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ئي هئي پر،
اسان کيس سڃاڻي ڪونه سگهياسون.“
سندس اهي لفظ مسلم ليگ واري سندس اڳوڻي مَسلَڪ جي
نفي ڪن ٿا.
عبيدالله سنڌي هميشه مسلم ليگ کان پري رهيو. تازو،
مٿس ”ڊان“ اخبار ۾
“Dream of A Sindhi”
”سنڌيءَ جو خواب“ عنوان هيٺ هڪ مضمون ڇپيو آهي،
جنهن ۾ سندس ”سياسي تخيل“ بابت حيرت انگيز ڳالهيون
ڪيل آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو بين الاقوامي
ليول جو عظيم انقلابي اڳواڻ هو. ليڪن، هند ۽ سنڌ
جي مسلمانن سندس قدر ڪونه ڪيو.
بهرحال، سائين جي.ايم.سيد سڄي هندستان ۾ پهريون
پهريون مسلم ليگي اڳواڻ، هو، جنهن سنڌ جي چونڊيل
صوبائي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان
-
ٺهراءُ پاس ڪرايو. هن تاريخي حقيقت مان انهيءَ
زماني ۾ سندس سياسي طاقت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو!
زمانو، بهرحال، هڪ حال تي قائم ڪونه آهي. سائين
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ وٽ
معتوب ٿيو. ان ڪري بي يارو مددگار ٿي ويو هو.
”حيدر منزل“ تي هڪ دفعي پير حسام الدين شاهه
راشديءَ دوستن جي وڏيءَ محفل ۾ کيس چيو ته، ”سيد،
توئي سنڌ جي هندن کي دڙڪا ڏنا هئا، ته اسان توهان
جو سنڌ مان ٿڏو پٽي، سک جو ساهه کڻنداسون.“
سائينءَ پير صاحب کي ڪو به جواب ڏئي ڪونه سگهيو.
14 آگسٽ 1947ع تي، پاڪستان ٺهيو. سنڌ جي هندن جو
ٿڏو پٽجي ويو. هو پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي، اکين ۾
ڳوڙها کڻي، هندستان روانا ٿيا. هڪڙو نظارو مون کي
اڃا ياد آهي.
سنه 1953ع ۾ مان ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هئس. سنڌي ادبي
سنگت ٺهي هئي، جنهن جو سرگرم ڪارڪن هئس. پر، منجهس
مکيه ماڻهو ٻه هئا: نورالدين سرڪي ۽ دادا موتيرام،
جنهن ”رتن جوت“ نالي هڪ يادگار ڪتاب لکيو هو.
منجهس سيٺ هرچند راءِ جي خاندان جو احوال آهي.
دادا موتيرام پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪدم هندوستان
ڪونه ويو. ڪجهه سالن کان پوءِ لڏپلاڻ جي تياري
ڪيائين. اول بمبئيءَ ويو. پوءِ شولاپور ۾ گهر ڪري
وڃي ويٺو. هاڻي گذاري ويو آهي. سندس روانگيءَ کان
اڳ مان ڪراچيءَ ۾ کانئس موڪلائڻ ويس. سندس گهر
ڪچهري ڪئيسون. مون کيس چيو ته، ”اوهان کان موڪلائڻ
۽ يادگار تصويرون ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا کڻي آيو آهيان.“
اسان سندس گهر مان نڪتاسين، سمنڊ جي ويجهو نيٽيءَ
جيٽيءَ وٽ تصويرون ڪڍي، گهر موٽي آياسين. دادا
موتيرام مون کان وڏي عمر وارو شخص هو. پر، جڏهن
مون کان ڀاڪر پائي موڪلايائين، ته اوڇنگارون ڏئي
رُنو.
سنڌ جا هندو، اهڙيءَ طرح، هزارن ورهين کان به وڏو
عرصو سنڌ ۾ رهڻ کان پوءِ، پاڙون پٽيل وڻن وانگر
هيءَ ڌرتي ڇڏي ويا.
تاريخ جو وهڪرو هر هنڌ ۽ هميشه ڏاڍو پيچيده رهيو
آهي. سنڌو درياهه جي ورن وڪڙن سان ان کي تشبيهه
ڏئي سگهجي ٿي، جنهن جو صحيح اندازو، فوڪر فرينڊشپ
هوائي جهاز جي سفر ۾ دريءَ واري سيٽ تي ويهي سکر
ايئرپورٽ جي ويجهو جهازن جي هيٺ لهڻ مهل، درياءَ
جي ورن وڪڙن کي جاچڻ سان ٿيندو آهي. مون گهڻا دفعا
ڏٺو آهي. ڏاڍو دلچسپ آهي. انهيءَ منظر ۾، سنڌو
نديءَ جي ورن وڪڙن سان گڏ خود سنڌ جي تاريخ جو
نقشو پڻ ذهن ۾ ايندو آهي.
انگريزيءَ ۾
Rise and fall of nations
عنوان تي اهم ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته
قومن جي عروج ۽ زوال جا ڪيئي ڪارڻ ٿين ٿا. عام طرح
ميدانن جا رهاڪو صلح ۽ سانت وارا سڏبا آهن ۽ پهاڙن
جا رهاڪو، ويڙهاڪ ۽ جنگجو. پر، سنڌ ۾ هندن جي
حڪومت جو بنياد وجهندڙ، چچ ته ڪنهن به جنگجو قبيلي
مان ڪونه هو، پنڊت سيلائج جو پٽ هو. قلم، ڪاغذ،
پستڪ ۽ پوٿين سان واسطو هئس. تير ۽ ترار کان پري
هو. شڪل شباهت ۾ سو ٺاهوڪو هو. سنڌ جي ٻڌ ڌرم جي
تڏهوڪي راجا جي راڻي سونهن پري (يا ديوي) مٿس مست
ٿي پئي. اول مڙس کي زهر ڏئي ماريائين. پوءِ پنهنجي
يار چچ کي تخت ۽ تاج وٺي ڏنائين. آخر ۾ ساڻس شادي
ڪيائين.
چچ جون فوجون اتر ۾ پنجاب فتح ڪري وڃي ڪشمير وٽ
پهتيون. جنهن کي هن سنڌ جي سلطنت جي اترئين سرحد
قرار ڏنو. اولهه ۾ بلوچستان جي چڱي علائقي کي فتح
ڪيائين. پير علي محمد راشديءَ جي لکيل انگريزي
ڪتابڙي ”Story
of sufferings of Sindh“
”سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي“ ۾ سلطنت سنڌ جي سرحدن جو
احوال ڏنل آهي. بلوچي اڪيڊميءَ جي ڇپايل تاريخ ۾
به ٿورو گهڻو آهي. بهرحال، سلطنت سنڌ جو وڏو دٻدٻو
هو. عربي تاريخن ۾ ”السنڌ
والهند“
لفظ بي سبب ڪونه آيا آهن.
اسلام جي اڪابرن ۾ امام محمد باقر پڻ قرآن ڪريم جي
ڪن آيتن جي معنيٰ سمجهائڻ لاءِ ”سنڌ
۽ هند“
لفظ استعمال ڪيا آهن. حوالي لاءِ ڏسو ڪتاب ”Early
Shi’I thought: the teachings of imam Muhammad Al
- baqir: By arzina lal wani-london“
”سيرت
ابن هشام“
۾ لکيل آهي ته يمن جو هڪ سردار ايران جي ڪسريٰ وٽ
دانهن کڻي ويو. تن ڏينهن ۾ ايران ”سپر
پاور“
هو. شهنشاهه کي
ڪسريٰ
ڪوٺيندا هئا. يمن جي سردار ادب سان چيس ته، ”سائين
منهنجي ملڪ تي غير ملڪي قبضو ڪري ويا آهن. اسان جي
واهر ڪريو!“
ڪسريٰ پڇيس ته، ”ڪهڙا غير ملڪي؟ سنڌي يا حبشي؟“
يمن جي سردار چيس ته ”سائين، حبشي.“
اهي ڳالهيون تاريخي لحاظ کان اهم آهن. پر، انهن
کان به اهم ڳالهه هِيءَ آهي ته سنڌ جڏهن اسلام جي
روشنيءَ کان منور ٿي ته پوءِ ڇا جي ڪري سنڌين
فتوحات ڪونه ڪيون؟ عرب مسلمان ٿيا ته جاڏي ڪاڏي
فتوحات ڪندا ويا. پر، سنڌي مسلمان ٿيا، ته پنهنجو
دفاع به ڪري ڪونه سگهيا! ڪڏهن کين ڪو ڪٽيندو رهيو،
ته ڪڏهن ڪو. ست سئو سال اڳ، ملتان جو حاڪم قباچه
سڄيءَ سنڌ تي حڪومت ڪندو هو. انگريزن جي حڪومت ۾
ته سنڌ بامبي پريزيڊنسيءَ ۾ مدغم ٿي وئي. جدا صوبي
واري حيثيت به ڪانه رهيس!
هن ڏکوئيندڙ حقيقت جو آخر ڪهڙو سبب آهي ته اڳوڻي ”سلطنت
سنڌ“
آهستي آهستي سڪڙبي اچي ڏهرڪيءَ جي ڀرسان، ريتيءَ
وٽ بيٺي ۽ بيٺل پاڻيءَ جي دٻي وانگر، هڪڙو صوبو ٿي
وئي؟... افسوس آهي ته سنڌ جي اڳواڻن ۽ هاڻوڪن
تاريخ نويسن هن اهم سوال تي نه سوچيو آهي ۽ نه وري
جواب ڏنو آهي.
هاڻي ته سنڌ جو جيڪو رعب تاب آهي، سو، هر ڪنهن جي
اکين اڳيان آهي!
بهرحال، 1947ع ۾، سنڌ جا هندو رهاڪو پنهنجو وطن
ڇڏي ويا. قدرت ڪنهن به قوم سان بي انصافي ڪانه
ڪندي آهي. شايد، انهيءَ تاريخي
حقيقت جو اصل
سبب اهو هو، ته هندن مان قومي ڪردار ختم ٿي ويو
هو. منهنجي دوست، سيٺ منگهن مل جو چوڻ آهي ته،
”رات ڏينهن پئسي ڪمائڻ جي لوڀ ۽ لالچ ۾ هئا. ائين
کڻي چئجي، ته پئسي جا پٽ ٿي ويا هئا.“
تازو، ”روشني پبليڪيشن“ ”سنڌ ورڪين“ تي هڪ اهم
ڪتاب شايع ڪيو آهي. سنڌ ورڪي سيٺيون پرديس ۾ پئسو
ته جام ڪمائيندا هئا، پر، رڳو پيا پئسو ڪمائيندا
هئا. ٻيو ٿيو ڀلو. ورهين جا ورهيه گهرن کان پري
رهندا هئا، ته بشري ڪمزورين ڪري ڪيترن هنڌن تي،
مثلاً سنڪيانگ جي پاسي، رَنون ويهاريندا هئا، جن
مان کين حرامي ٻار به ٿيندا هئا. سنڌ ۾ شڪارپور
جهڙن شهرن ۾ سندن پنهنجون پرين جهڙيون سهڻيون
زالون زالاڻيءَ ضرورت جي پورائيءَ لاءِ نرا کنيون
وتنديون هيون.
سنڌي ادبي بورڊ لطف الله گجراتيءَ جو هڪ ننڍو پر
ڏاڍو اهم ڪتاب ڇپيو آهي، جيڪو انگريزن جي حڪومت ۾
سنڌ ۾ آيو هو. ترجمو قادر بخش نظاماڻيءَ ڪيو آهي.
منجهس شڪارپور جي هندو حسينائن جي شغل ۽ شوق جا
احوال ڏنا اٿس. اهو به لکيو اٿس ته هڪ هندو عورت
ايڏي ته سهڻي هئي، جو افغانستان جو بادشاهه ڀڄائي
ويس.
1857ع کان وٺي 1947ع تائين، پورن 100 سالن جو عرصو
هندن توڙي مسلمانن لاءِ سياسي جدوجهد جو تمام اهم
زمانو آهي. ٻنهي ڌرين جي جدوجهد آخرڪار جنهن نقطي
تي وڃي منتج ٿي، اهو پير علي محمد راشديءَ مختصر
ليڪن معنيٰ خيز لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. لکيو اٿس ته:
هند کي سؤراج ۽ سنڌ کي پاڪستان نصيب ٿيو.
سنڌ جي تاريخ جي هن نئين باب ٺاهڻ ۾ جيڪي نهايت
نمايان آهن، تن مڙني ۾ سائين جي.ايم.سيد جو نالو
مٿي آهي. پر، پاڪستان ٺهيو، ته سندس بخت پاسو
ورايو. مٿي عرض ڪيو اٿم ته مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ
يعني پاڪستان جي باني، قائداعظم محمد علي جناح سان
اختلاف ٿيس. چون ٿا ته مکيه سبب هي هو ته سائينءَ
عام چونڊن ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽن لاءِ جن اميدوارن
جا نالا ڏنا هئا، تن مان ڪن کي مليون، ته ڪن کي
ڪونه مليون. اهي سڀ وڏيرا هئا ۽ وڏي ڳالهه ته ڪي
سيد سڳورا به هئا. ان باري ۾ سيد ذوالقرنين زيديءَ
پنهنجي ڪتاب ۾ خانبهادر کهڙي جي انٽرويوءَ ۾ هيئن
لکيو آهي ته:
کهڙي صاحب جناب جي.ايم.سيد بابت انٽرويوءَ ۾ چيو
ته هن 1945ع ۾ جناح صاحب کي ڇڏي ڏنو هو. سبب اهو
هو، ته سيد صاحب چونڊن ۾ پنهنجيءَ پسند جي ماڻهن
کي ليگ جون ٽڪيٽون ڏياريڻ ٿي گهريون. جناح صاحب
چيو ته ائين مناسب ڪونهي. سو ٻنهي ۾ اختلاف ٿي
پيو.
جيڪڏهن کهڙي صاحب جي راءِ صحيح آهي ته پوءِ ائين
چئبو، ته سائينءَ ليگ جي صدارت قربان ڪئي، پر،
سيدن ۽ وڏيرن سان ياري نڀائي.
سائينءَ جي خاص معتمد، پير علي محمد راشديءَ جو
چوڻ اهو آهي ته سيد صاحب جو تن ڏينهن ۾ سڄيءَ سنڌ
جي ٻين سياستدانن کان جناح صاحب سان گهرو لڳ
لاڳاپو هو، انهيءَ ڪري ئي سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو
صدر هو. في الحال خاموشي اختيار ڪري ها ۽ جناح
صاحب سان اختلاف نه ڪري ها. پوءِ مهل ۽ موقعو ڏسي
جناح صاحب کان ڪي وڌيڪ اهم ڳالهيون مڃائي ها، جن
مان سنڌ کي وڏو فائدو پهچي ها.
پر، پاڻ وري ردعمل جي چڪر ۾ آيو!
جناح صاحب جي سامهون ٿيو. جناح صاحب جي طاقت توڙي
مزاج جي کيس خبر هئي. هن ڪاوڙ ۾ مسلم ليگ مان ڪڍي
ڇڏيس. راشدي صاحب ائين به لکيو آهي ته، ”سيد جي
مسلم ليگ مان پاڙ پٽڻ ۾ سر غلام حسين به وڏو رول
ادا ڪيو.“
بهرحال، ٽڪيٽون ورهائڻ بعد چونڊون ٿيون. مسلم ليگ
جي ٽڪيٽ تي، جناح صاحب جي مرضيءَ موجب، قاضي محمد
اڪبر سائينءَ جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ في الحال
کٽيائين، پر، سائينءَ عدالت ۾ اپيل وڌي، ته قاضي
محمد اڪبر جي پَتِ وائکي ٿي پئي. هن ڪوڙن ووٽن ڪري
نه رڳو هارايو، پر، سندس عزيز پير الاهي بخش مرحوم
جي وزارت به هلي وئي.
سائين ڪامياب ٿيو. هونئن، سنڌ ۾ پير الاهي بخش
تعليم جي وزير جي حيثيت ۾ ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو هو.
سندس نالو اڃا پيو ڳائجي. سنڌ کي تعليم کاتي جو
اهڙو وزير وري ڪونه مليو. سنڌ ۾ بالغن جي تعليم به
پير صاحب شروع ڪئي هئي. ماڻهو ان ڪري اڃا سندس
نيڪي ڪندا آهن.
ليڪن، اليڪشن ۾ سائينءَ جي اها ڪاميابي، سنڌ جي
بدليل سياسي صورتحال جي منظرنامي ۾، ”بي
وقعت“
هئي. سن واريءَ هڪڙيءَ سيٽ جي ڪهڙي اهميت هئي؟
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ته اقتدار انهن وٽ هو،
جيڪي مسلم ليگ جا ڪرتا ڌرتا هئا. سو، سائينءَ جي
سياسي اوج ۽ اقبال جو سج لهڻ لڳو، ليڪن، افسوس آهي
ته سائين پوءِ به بدليل سياسي صورتحال تي غور ڪونه
ڪيو. اڳي وانگر، ردعمل جي چڪر ۾ رهيو. مسلم ليگ جي
مخالفت ڪيائين. پاڻ کي هيڪاري هيڻو ڪيائين، ڇو ته
مسلم ليگ جي مخالفت معنيٰ جناح صاحب جي مخالفت!
مسلم ليگ ۾ ته قائداعظم جو فرمان ”قولِ
فيصل“
جي حيثيت رکندو هو.
سائين وري وري چوندو رهيو آهي ته مون ”ردعمل“
جي چڪر ۾ ائين ڪيو. دراصل، کيس صاف چوڻ کپندو هو
ته، ’مون ضد ۾ اچي هيئن ڪيو.‘ مٿس ڪا به ميار ڪانه
اچي ها، ڇو ته ضد سندس مزاج جو ”اهم انگ“ هو.
ڪو به ماڻهو پنهنجو مزاج يا فطرت بدلائي نٿو سگهي.
هندستان جي هاڪاري عالم، مفڪر ۽ سياسي اڳواڻ
ابوالڪلام آزاد هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”عمر
هاڻي انهيءَ منزل تي پهچي چڪي آهي، جو ان کي ٽوڙي
ته سگهجي ٿو، پر موڙي نٿو سگهجي.“
هن پس منظر ۾، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سائينءَ جون
سياسي سرگرميون هڪ مخالف اڳواڻ واريون وڃي بچيون،
پر، شڪر جو پيرزادي عبدالستار جي ايامڪاريءَ ۾
ڏاهپ کان ڪم ورتائين، ساڻس تعاون ڪري، سنڌ جي
ڀلائيءَ لاءِ ڪافي سٺا ڪم ڪري ورتائين.
جڏهن سنڌ ”ون يونٽ“ ۾ مدغم ٿي، ته مخالفت ڌر ۾
هوندي به ٿورڙن اسيمبلي ميمبرن جي ٽيڪ تي اولهه
پاڪستان جي اسيمبليءَ کان ”ون يونٽ“ ٽوڙائڻ جو
ٺهراءُ پاس ڪرايائين. اهو ڏسي حڪمران ٽولو ڊڄي
ويو، ته، ”مار! هي ته ڪو خطرناڪ ماڻهو آهي!“
جنرل ايوب خان مارشل لا هڻي، ”ون يونٽ“ کي بچائي
ورتو. پر، اسيمبليون چٽ ٿي ويون. جمهوريت جي پاڙ
پٽجي وئي. آمريت جو در کلي ويو. تاريخ جو هڪ ورق
وري ويو.
سائين اول قيد ٿي ويو. پوءِ ”سن“ ۾ نظربند ٿيو.
آزاد ٿيو ته ”بنديخاني جا ڏينهن“ نالي مضمون
لکيائين، جيڪو ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل آهي. دلچسپ آهي.
پڙهڻ وٽان آهي.
پوءِ سرڪار جي نظر ۾ معتوب رهيو. ڪڏهن ڪڏهن دل جي
علاج لاءِ، سو، ٿورن ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ اچڻ جي
موڪل ملندي هئس. ليڪن، ورهين جا ورهيه نظربند
رهيو. هڪ دفعي ڪراچيءَ آيو، ته مان ۽ حسام الدين
شاهه وٽس ويٺا هئاسون. ڳالهيون ٻوليون ڪندي چيائين
ته، ”سن ۾ هفتو کن اڳ لئبرريءَ ۾ ڪو ڪتاب پڙهڻ
لاءِ کنيم، ته منجهانئس ’پاڪستان ٺهراءُ‘ جو اهو
مسودو نڪري آيو، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ڪرايو
هئم.“
حسام الدين شاهه چيس ته، ”سيد، اهو پڙهي، تو ڪيئن
محسوس ڪيو؟“
سائينءَ ڏک ۾ چيس، ته قاضي قاضن ياد آيو:
سي ئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاران،
اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.
مون کي اڄ به ياد آهي ته سائين شعر پڙهي ڪا دير چپ
ٿي ويو. نماڻين اکين سان آسمان ۾ گهوريندو رهيو.
ماحول ڏاڍو ڏکوئيندڙ ٿي ويو. سائين
حسام الدين
شاهه جون اکيون آليون ٿي ويون. صورتحال ڏاڍي ڳؤري
ٿي وئي. اسان سائينءَ کان ادب سان موڪلائي، ڪار ۾
ويٺاسون، ته حسام الدين شاهه ٿڌو ساهه ڀريو. پاڻ
به ڏاڍي ڏک سان قاضي قاضن جي مصرع جهونگارڻ لڳو:
اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.
سائينءَ ٽيهارو ورهيه قيد ۽ نظربنديءَ ۾ گذاريا.
پاڪستان ۾ ڪنهن به سياستدان ايڏو عرصو اسيريءَ ۾
ڪونه گذاريو. ملڪ جي ڪنهن به مرڪزي يا صوبائي
حڪومت سندس اڳوڻين خدمت کي ڏسي، ساڻس مهر ۽ محبت
جو سلوڪ ڪري، کيس پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه
ڪئي. ٻيو ته ٺهيو، شهيد ذوالفقار علي خان ڀٽو،
سائينءَ جي فرزند، امير حيدر شاهه سان گهرو گهاٽو
هوندو هو. ٻئي ڄڻا ايوب خان جي ايامڪاريءَ ۾ قومي
اسيمبليءَ جا ميمبر هوندا هئا. ڀٽو صاحب وٽس
ڪراچيءَ گهر ايندو هو، سائينءَ کي ”چاچا“ ڪوٺيندو
هو. پر، جڏهن پاور ۾ آيو ته سياسي مصلحتن ڪري هن
به ٻين وانگر، چاچي کي نظربند رکيو. البت، قاضي
فيض محمد کي آزاد ڪيو. توڙي جو هو بنگلاديش ٺهڻ
کان پوءِ اندرا گانڌيءَ جي مدد سان ڍاڪا ۾ شيخ
مجيب الرحمان سان ملي آيو هو ۽ واپسيءَ تي لنڊن
رستي، ڪراچيءَ آيو هو. اول گرفتار ٿيو هو ۽ ڪجهه
عرصو پوءِ پنهنجي ڳوٺ هالاڻيءَ ۾ نظربند ٿيو هو.
هالاڻي اسان جي ڳوٺ کان ڇهه ميل پري آهي. مان ساڻس
گهر وڃي مليس. پنهنجي سفر ۽ مجيب سان ملاقات جا
حال احوال ذري پرزي ڏنائين. قاضي صاحب نهايت مخلص
ماڻهو هو.
قيد، بند ۽ مسلسل نظربندي وڏو ذهني عذاب آهي. سنڌ
گريجوئيٽس جي اڳواڻ، سليمان شيخ مون سان ڳالهه ڪئي
ته هڪ دفعي اسان سائينءَ سان سن کان ڪراچيءَ پئي
آياسين. پوليس به گڏ هئي. کيس دل جي علاج لاءِ
ڪراچيءَ وڃڻ جي موڪل ملي هئي. سخت گرمي هئي. سن
کان پهاڙي پوٺو لتاڙي، حيدرآباد ٽپي، ڪراچيءَ واري
رستي تي چڙهياسين، ته کيس اڃ لڳي. سليمان شيخ چيو
ته بس اسٽاپ تي گاڏيون جهلي، ڪوڪا ڪولا جي بوتل
لاءِ ڊوڙياسين جو صاف پاڻي پيڻ لاءِ ساڻ ڪونه هو.
ڪوڪاڪولا ڪانه ملي. سائين ڪراچيءَ تائين اڃارو
هليو. سخت گرميءَ ۽ دل جي دوري ڪري پگهر ۾ شل ٿي
ويو. بلڪ، ماندو ٿي ويو. ڏاڍي ڏکوئيندڙ صورتحال
هئي. جڏهن ڪراچيءَ حيدر منزل تي پهتاسين، تڏهن مس
مس وڃي کيس ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس نصيب ٿيو.
جنرل ايوب خان مارشل لا ذريعي پاور ۾ آيو هو. پر،
جڏهن ڏهه سال لاڳيتي حڪومت ڪيائين، ته ماڻهن کي
ڪَڪ ڪري وڌائين. حالتون خراب ٿيون، ته ملٽريءَ ۾
جنرل يحييٰ خان به سندس خلاف سازش ڪئي. سو، جنرل
ايوب پاڻ ئي کيس اقتدار سونپي، پاسيرو ٿي ويو.
جنرل يحييٰ اقتدار ۾ آيو ته سندس عام شهرت ٿي ته
شراب ۽ عورت جو شوقين آهي. ايوب خان جي پٽ گوهر
ايوب پنهنجي تازو ڇپيل يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکيو
آهي ته هڪ ”فوجي انٽرويو ٽيم“ جي ميمبر کيس چيو
ته، ”عام تاثر آهي، ته اوهان جي عورتن سان گهڻي
رغبت آهي؟“
جنرل يحييٰ خان جواب ڏنس ته، ”جيڪڏهن مڙس پاڻ ئي
پنهنجون زالون آڻي، مون کي پيش ڪن، ته منهنجو ان ۾
ڪهڙو قصور؟“
سنه 1958ع وارو مارشل لا عام طرح، جنرل ايوب خان
جي نالي سان مشهور آهي. پر، درحقيقت، سڪندر مرزا
هنيو هو، جيڪو هڪ اعليٰ عملدار جي عهدي تان ترقي
ڪري، وڃي صدر ٿيو هو. ملڪ ۾، مارشل لا هڻي جيڪا
وزارت ٺاهيائين، تنهن ۾ سنڌ مان ذوالفقار علي ڀٽي
کي وزير ڪيائين. هو تڏهن بلڪل نوجوان هو. انگلنڊ
مان تازو تازو بئريسٽر ٿي آيو هو. سنڌ ۾ اڃا مشهور
ڪونه ٿيو هو. پر، منجهس سنڌ سان محبت هئي، چون ٿا
ته کيس وزارت ۾ کڻڻ جو هڪ مکيه سبب سندس والد
بزرگوار، سر شاهنواز ڀٽي جو سياسي اثر هو ۽ ٻيو
سبب بيگم نصرت ڀٽو هئي، جيڪا به سڪندر مرزا جي
بيگم ناهيد مرزا وانگر اصل نسل ۾ ايراني هئي ۽
سندس ساهيڙي هئي.
ناهيد مرزا ڪوٽيا ۾ هڪ ايراني سفارتڪار جي بيگم
هئي. سونهن توڙي سمجهه ۾ تمام تيز هئي. سندس
مداحن، پرستارن ۽ عاشقن جي لائين لمبي هئس. انهن ۾
هڪڙو شخص ملڪ
جي ٻاويهن امير خاندانن مان هو. مان به کيس
سڃاڻان. ٻيو شخص سڪندر مرزا هو. هوءَ ٻنهي کي خوش
رکندي هئي پر، آخرڪار مڙس کان طلاق وٺي، سڪندر
مرزا سان شادي ڪيائين.
قدرت الله شهاب، گورنر جنرل غلام محمد جي دؤر کان
وٺي، ”ايوان اقتدار“ جي ”غلام گردشن“ ۾ گهڻو ايندو
ويندو هو. سرڪاري ڪامورو هو. پنهنجين يادگيرين جي
ڪتاب ”شهاب نامه“ ۾ لکيو اٿس، ته ايوان صدر جي
ڪنهن دعوت ۾ مردن ۽ خواتين جي مجموعي ۾ سڪندر مرزا
ڪنهن خوبصورت خاتون سان رازدارانه گفتگو ڪري رهيو
هو، ته اوچتو ناهيد مرزا سامهون آئي. سڪندر مرزا
ته هيڏي هوڏي کسڪي ويو. ناهيد مرزا انهيءَ خاتونءَ
کي اچي سنڱن تي کنيو، جنهن چيس ته،
”هو ته رڳو منهنجي ساڙهيءَ جي تعريف ڪري رهيو هو.“
ناهيد مرزا چهڙ ڏئي چيس ته، ”هائو مون کي به
ساڙهيءَ جي ساراهه ڪري ڦاسايو هئائين.“
سڪندر مرزا وڏو گُرگُ هو. ملڪ ۾ مسلم ليگ جو ڪم
اهڙو لاٿائين، جو وري اڳي وسري ڪانه سگهي.
”ريپبليڪن پارٽي“ ٺاهيائين ۽ پنهنجا پير پختا ڪَرڻ
لاءِ پاڪستان ۾ آمريڪين جو اثر وڌايائين. ملڪ کي
سندن سياسي معاهدي ”بغداد پئڪيٽ“ ۾ ڦاسايائين سو
ملڪ انگريزن کان آزاد ٿيو، ته وري آمريڪين جي
ڪوڙڪيءَ ۾ قابو ٿي ويو، ايتريقدر جو بعضي ته ملڪ
هلائڻ لاءِ وزيراعظم به آمريڪا مان امپورٽ ٿيڻ
لڳا.
ملڪ مان اصولي سياست ته ڪڏهوڪو ختم ٿي وئي هئي.
سڪندر مرزا نام نهاد سياستدانن مشتاق احمد
گرماڻيءَ، چوڌري محمد عليءَ ۽ غلام محمد جهڙن
جغادرين جو به ڪم لاٿائين ون يونٽ ٺاهيو هڪڙن هو.
پر، ان کي استعمال سڪندر مرزا ڪيو. هڪڙو بيان
ڪڍيائين ته ”ون يونٽ اسٽيم رولر آهي، جيڪو به ان
جي مخالفت ڪندو، سو، واريءَ جا ذرڙا ذرڙا ٿي
ويندو.“ اهو بيان ڪڍي، قائداعظم جي ساٿيءَ، قلات
جي خان، احمد يار خان کي سڏائي چيائين ته، ”تون ون
يونٽ جي خلاف بغاوت جو اعلان ڪر، ته مان توکي
تنهنجي رياست موٽائي ڏيان.“
هن ائين ڪيو، ته قلات تي فوجون چاڙهي موڪليائين،
جن احمد يار خان کي قيد ڪيو. سڪندر مرزا انهيءَ ئي
واقعي کي بهانو بنائي، استعمال ڪيو ۽ ملڪ ۾ مارشل
لا هنيو. سندس ارادا ته اڃا به وڏا هئا. پر، قسمت
ساٿ ڪونه ڏنس. جنرل ايوب خان جي خلاف به ڪا سازش
ڪيائين.
سو، پڪڙجي پيو. هن رات جي اونداهيءَ ۾ کيس ۽ ناهيد
مرزا کي جلاوطن ڪري، ڪوٽيا مان هوائي جهاز ۾ چاڙهي
لنڊن موڪليو. پاڻ ڏنڊو کڻي ملڪ جو والي ٿي ويٺو.
سُتت پاڻ کي پروموشن ڏئي، اول فيلڊ مارشل ٿيو ۽
پوءِ صدر ٿيو. سياست جو يونيفارم پائڻ لاءِ، مسلم
ليگ ٺاهيائين. پر، ان کي ته سڪندر مرزا چٽ ڪري ويو
هو. سا، ايوب خان جي زور لائڻ کانپوءِ به ساڳئي
اڳوڻي حال ۾ ڪانه آئي. ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي:
ڪائونسل ليگ ۽ ڪنويشن ليگ. ايوب خان ڪنويشن ليگ جو
سرپرست ٿيو. ملڪ ۾، سرڪاري مسلم ليگ ٺاهڻ جو رواج
ائين پيو.
هونئن ته جناح صاحب پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڻ ئي
انهيءَ راءِ جو هو ته مسلم ليگ جو مقصد پاڪستان
ٺاهڻ هو. هن اهو حاصل ڪيو. هاڻي، مسلم ليگ جي
ضرورت ڪانهي. ٻيون سياسي پارٽيون ٺهن، جيڪي ملڪ جي
مسئلن ۽ معاملن کي نبيرن. پر، گهڻائي اڳوڻا مسلم
ليگي اڳواڻَ ساڻس شامل راءِ ڪونه هئا. لياقت علي
خان مڙني ۾ اڳڀرو هو، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم جي حيثيت
۾ سرڪاري مسلم ليگ جي اڳواڻ ٿيڻ جو اميدوار هو،
سو، مسلم ليگ ختم ڪانه ٿي. پر، اڳيون زور به ڪونه
ورتائين، جيڪي ان کي ”سرڪاري ليگ“ طور قائم رکڻ جي
حق ۾ هئا، تن جو خيال هو ته جيئن هندستان ۾
آزاديءَ کان پوءِ به ”ڪانگريس“ هڪ سياسي جماعت
آهي، بلڪل ائين ئي مسلم ليگ جو وجود به پاڪستان
لاءِ لازم ملزوم آهي.
سائين جي. ايم. سيد، مسلم ليگ مان خارج ٿيو، ته
اول ان جي مخالفت ڪيائين. اڳتي هلي، ٻين قومپرست
اڳواڻن: مولانا عبدالحميد ڀاشاني (بنگال) ميان
افتخار الدين (پنجاب) عبدالصمد اچڪزئي (بلوچستان)
عبدالغفار (سرحد) ۽ پنهنجي سنڌي ساٿين سان گڏجي،
نيشنل عوامي پارٽيءَ ٺاهڻ ۾ بهرو ورتائين. پارٽي
ٺهي ۽ ڪجهه عرصو ڪم به ڪيائين. پر، ملڪ جي ٻنهي
حصن ۾، پاڪستان کان اڳ واريءَ مسلم ليگ يا ڪانگريس
جهڙي حيثيت اختيار ڪري ڪانه سگهي. اوڀر پاڪستان جي
الڳ ٿيڻ کان پوءِ ته اها اسان وٽ فقط سرحد ۽
بلوچستان تائين رهجي وئي، جا ”نعپ“ جي نالي سان
اڃا مشهور آهي. عبدالغفار خان جي اولاد جي اثر هيٺ
آهي.
سائين انهيءَ نتيجي تي وڃي پهتو، ته ”ڪابه آل
پاڪستان جماعت“ سنڌ توڙي ٻين ننڍن صوبن جي حفاظت
ڪري ڪانه سگهندي، ڇو ته پنجاب سموري ملڪ تي
ڇائنجي ويو آهي. لٺ بانٺو سندس هٿ ۾ آهي. اسان جي
ڪابه حيثيت ۽ وقعت ڪانهي. مثال ڏيئي چوندو هو ته
”سنڌ جا حق پائمال ڪرڻ وارو صوبو پنجاب آهي. پيپلس
پارٽي جي اڳواڻي سنڌين وٽ آهي پر، اها پنجاب کي
ڪڏهن به ناراض ڪونه ڪندي، ڇو ته اقتدار جي طلبگار
آهي، جيڪو پنجاب جي مدد کان سواءِ ڪونه ملندس.“
سائينءَ ۽ ٻين مسلم ليگي اڳواڻن وڏين اميدن سان
پاڪستان ٺاهيو هو. لاهور واري جلسي ۾ ”پاڪستان
ٺهراءُ“ سر فضل حق پيش ڪيو هو، جيڪو بنگالي هو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”پاڪستان ٺهراءُ“ سائينءَ پاس
ڪرايو هو. ٻئي غير پنجابي هئا. ليڪن، پاڪستان
ٺهيو، ته پنجاب جا جغادري سياستدان مشتاق
گرماڻيءَ، ممتاز دولتانه ۽ غلام محمد,
مُلڪ جي سفيد سياه جا مالڪ ٿي ويا. بنگالين کي
سندن اڪثريت کان محروم ڪرڻ ۽ ننڍن صوبن سنڌ ۽
بلوچستان جي زمينن ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ
”ون يونٽ“ ٺاهيائون. ممتاز دولتانه انهيءَ جو هڪ
”خفيه دستاويز“ لکيو، جيڪو ان زماني ۾ ڏاڍو مشهور
ٿيو هو.
هن پسمنظر ۾ اڳتي هلي، اها صورتحال ٿي ته جيڪو
سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جو نالو کڻندو هو، سو،
”متعصب“ ۽ ملڪ جو غدار ڪوٺيو ويندو هو.
هڪ ڏينهن مان شام جو ”حيدر منزل“ تي سائينءَ سان
ملڻ ويس. ڏاڍو اداس ويٺو هو. ٻڌايائين ته، ”اڄ
راشدي صاحب سان ملڻ ويو هئس. پر، ڪونه مليو.“ سندس
اها ڳالهه ٻڌي مون کي حيرت لڳي!
راشدي صاحب جوانيءَ جو وڏو عرصو سائينءَ سان سنگت
۾ گذاريو هو. انهيءَ زماني ۾ ٻئي ڄڻا ڪهڙين ڪهڙين
سياسي سرگرمين ۾ مشغول هوندا هئا، تنهن جو اندازو
سندس خطن جي انهيءَ ڪتاب سان ٿئي ٿو، جيڪو سائين،
سن ۾ پنهنجيءَ نظربنديءَ واري زماني ۾ ڇپايو هو.
اول ڪتاب جون ڪجهه قلمي ڪاپيون ٺهرائي مکيه علمي ۽
ادبي مرڪزن ۽ پنهنجن خاص خاص احبابن کي موڪليون
هئائين، ڇو ته تن ڏينهن ۾ فوٽو اسٽئٽ ڪاپين جو
رواج ڪونه هو.
راشدي صاحب پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هميشه انهن سان
گڏ رهيو جيڪي پاور ۾ هوندا هئا. جڏهن سائين معتوب
ٿيو ته هو کيس ڇڏي ويو هو. ايتريقدر جو ون يونٽ
ٺاهڻ جي قهري ڪارنامي ۾ شريڪ ٿيو هو. پر، خبر ناهي
ته پوءِ به ڪهڙي سبب ڪري سائينءَ کي منجهس وڏيون
اميدون هيون؟ تڏهن ته ساڻس ملڻ ويو هو؟ اها ڳالهه
اهم آهي سو، ان جي وضاحت لاءِ هيٺ ڪجهه احوال عرض
ڪريان ٿو.
|