سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ماڻهو شهر ڀنڀور جا

 

صفحو :2

ڪنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گهوگهاري جا چانور ڏاڍا مشهور هوندا هئا- ”سڳداسي“ سڏبا هئا. هڪ گهر ۾ رڌبا هئا، ته اوڙي پاڙي ۾ سرهاڻ پکڙجي ويندي هئي. هاڻي به باسپتي چانور سٺا آهن، پر، منجهن اها ڳالهه ڪانهي. ڪنهن شخص سان ڳالهه ڪيم ته چيائين ته، ”سڳداسي چانور لهن ٿا ٿورا، ٻيو ته کين ڪيڙو لڳي ٿو ۽ آسپاس پوکيل ردي جنسن جو به مٿن اثر پوي ٿو. سو، هاڻي ماڻهن جو لاڙو  اهڙين جنسن ڏانهن ٿيو آهي، جن جي پوکڻ مان کين مالي فائدو ٿئي ٿو. سو، سڳداسي چانور ڪو ٿورڙو پوکجي ٿو.“

لاڙڪاڻو ساريال علائقو آهي. اسان جو نوابشاهه ضلعو (هاڻي نوشهروفيروز) وري ڪڻڪ، ٻاجهر ۽ جوئر جو علائقو آهي. ٽئي اَنَ - پوکون آهن. پر، ڪمند ۽ ڪپهه ۾ جو مالي فائدو گهڻو آهي، ان ڪري جوئر ۽ ٻاجهر جو ته نالو ئي نڪري ويو آهي. سياري ۾ ڪڻڪ سو اڃا پوکجي ٿي.

اڳي اسان وٽ ڪڻڪ جون ٻه مکيه ديسي جنسون هونديون هيون: هڪ ڪَهڻي ۽ ٻي ٺوڙهي. ڪهڻيءَ جي ماني ڏاڍي نرم، پر، ٺوڙهيءَ جي مانيءَ ۾ اهو ساءُ ڪونه هو. تڏهن به ٺوڙهي زور وٺي وئي، ڇو ته انهيءَ جي پوک مان حقدار ۽ هاريءَ ٻنهي کي مالي فائدو گهڻو ٿيندو هو. آهستي آهستي ڪهڻي ته غائب ٿي وئي، پر، ٺوڙهيءَ جو به نالو نشان ڪونه رهيو. پوءِ ته ڪيئي نيون ولائتي جنسون آيون، جن جا نالائي عجيب آهن:  مثلاً سوناريڪا.

ڳوٺ ۾ هڪڙي هاريءَ سان ڳالهه ڪڍيم. وڏيءَ ڄمار وارو شخص هو. چيائين ته، ”ڪهڻيءَ ۽ ٺوڙهيءَ کان به اڳي ڪڻڪ جي هڪ ديسي جنس هوندي هئي، جنهن کي ”ڪونج“ ڪوٺيندا هئا. ڪونج جي ماني صبح جو پچائي رک، ته سانجهيءَ تائين جهڙي پٽ پٽيهــر. مجال آهي جو سندس سواد ۾ ڪو فرق اچي!“ ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته، ”ڪڻڪ جو اهو ٻــِج بهشتي ميوو هو.“

پڇيومانس ته، ”پوءِ اهڙي سٺي جنس ڇو ختم ٿي وئي؟“

چيائين ته، ”لهندي هئي ٿوري. ٻيون رواجي جنسون جام لهنديون هيون، سو، خلق انهن ڏي ڪاهي پئي. ڪونج آهستي آهستي ائين ختم ٿي ويئي، جو نالي ڪاڻ به ڪانه بچي. هاڻي ته ماڻهن کان اهو نالو ئي وسري ويو آهي.“-

مون سندس ڳالهه مان ائين محسوس ڪيو ته قدرت جو قانون هيءُ آهي ته:

خوبيءَ واري جنس هميشه محدود ٿيندي. مقدار يا تعداد (QUANTITY) ۾ واڌارو ڪبو، ته خوبي (QUALITY) خود بخود گهٽجي ويندي.

هيءُ معاملو هونئن ته علم اقتصاديات ۽ معاشيات جو ڪو ماهر ئي مؤثر لفظن ۾ سمجهائي سگهندو پر، اهلِ دل انسان ته ائين ئي چوندو ته:

دنيا ۾ مٺن ميوَن ۽ سٺن ماڻهن جي هميشه ڪمي هوندي.

هيءَ ڌرتي ماڻهوءَ جو هڪڙو ئي گهرڙو آهي، جنهن ۾ حياتيءَ جا چار پهر گذاري، عدم جي راهه وٺي ٿو. جيڪڏهن گهرڙو اڇو اجرو ۽ صاف سٿرو آهي، ته ڏاڍو سٺو. پر، جي منجهس وک وک تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا هوندا، ته مٺا ميوا ته ڇڏيو، ڪاٿي ساهه پٽڻ لاءِ ٿڌي ڇانوَ به ڪانه ملندي. سٺا ۽ مٺا ماڻهو ته ٿيا خوابَ، سي، ته سڄيءَ حياتيءَ ۾ ملن الائي ڪونه ملن. انهيءَ آس جي دلپذير تصوير هڪ بيت ۾ ڏٺم، جيڪو مون ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جي مقدمي جي آخر ۾ اڳي ئي ڏنو آهي. ڀايان ٿو ته شاهه سائينءَ جو آهي، فرمايو اٿس:

آگم ڪيو اچن، سڄڻ سانوڻ مينهن جيان،

پاسي تن وسن، جي سڀ ڄماندر سـِڪيا.

هونئن، هن ڌرتيءَ تي ماڻهن جي ڪمي ڪانهي. مٿس پنجن اربن کان به وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا، پر انهن ۾ سٺا ۽ سچا ڪي ٿورڙا آهن. اڪثر ڪوڙا آهن، ڳالهه هڪڙي ڪندا ۽ پيــر ان جي ابتڙ کڻندا. شايد ماءُ جي پيٽان ئي ابتا ڄاوا هئا. سندن سڃاڻپ اها آهي ته وڇونءَ وانگر هر ڪنهن کي ڏنگ هڻندا. هر هنڌ فتنو فساد ڪندا. دنيا کي دوزخ  بنائي ڇڏيندا.  ڀٽائيءَ بي سبب ته ڪونه چيو هوندو ته:

ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون

سڀ ساهوارا هن ڌرتيءَ جي مٿان ڪونه ٿا رهن. هڪڙا ان جي مٿان هوا ۾ ته ٻيا وري هيٺ سمنڊ جي تري ۾ رهن ٿا، پر، ڌرتي سڀني کي ساڻ کنيو ورهين ۽ ايامن کان وٺي سج جي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي. چون ٿا ته ڌرتيءَ جهڙا ٻيا به آسماني گولا آهن، جيڪي به ساڳيءَ طرح سدائين سج جو طواف ڪندا رهن ٿا. انهن تي به ڪي ساهوارا آهن يا نه، سا خبر ڪانهي. ائين به چون ٿا ته اسان جي سج وانگر ٻيا به ڪيترائي سج آهن، جيڪي به پنهنجون پنهنجون دنيائون ساڻ کنيون، هل هلان ۾ آهن، هاڻي، ايڏي وڏي جهان ۾ ”ماڻهو“ ته تڏهن ئي ”اشرف المخلوقات“ تسليم ٿيندو، جڏهن خدا جي خلقيل ٻيءَ سموريءَ مخلوق کان اعليٰ ۽ افضل هوندو. انهيءَ ڳالهه جو دارو مدار سندس مزاج تي آهي.

هڪڙو پکيئڙو هو، جيڪو پري کان اڏامندو ٿي آيو. ڏاڍو ڪو اڃايل هو. پاڻيءَ جي تلاءَ تي اچي ويٺو. هيٺ نوڙي، چهنب سان پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو کڻي پيئندو رهيو، پر، هر ڀيري، شڪر ادائيءَ لاءِ، آسمان ڏي نماڻين اکين سان نهاريندو رهيو.

 سو چڻ جي ڳالهه آهي ته انهيءَ پکيئڙي جهڙي شناس گهڻن ماڻهن ۾ آهي؟

ماڻهوءَ جو مزاج معلوم ڪرڻ لاءِ مغربي دنيا ۾ هابس، لاڪ ۽ روسو مڃيل ماهر آهن. اسلامي دنيا ۾ ابنِ خلدون به تمام وڏو درجو رکي ٿو. انهن مان هڪڙي ڄڻي ماڻهوءَ کي وحشي جانورن وانگر هڪ جانور قرار ڏنو. ٻئي ان کي ملائڪن وانگر معصوم ڪوٺيو. ٽئين ان کي جهنگلي جانورن ۽ ملائڪن جي وچ تي رکيو، پر مون کي ذاتي طرح البرٽ آئنسٽائين جي ڳالهه وڌيڪ وزندار لڳي. هو عيسويءَ ويهينءَ صديءَ جو وڏي ۾ وڏو سائنسدان هو ”تقدير جي جبر“ واري نظريي جو قائل هو. ماڻهوءَ جي مزاج تي تبصرو ڪندي لکيائين ته:

”ماڻهوءَ جو قول ۽ فعل سندس اندروني ۽ بيروني مجبورين تي منحصر آهي.“

هنن مڙني مفڪرن، ماڻهوءَ جي مزاج بابت پنهنجا نتيجا پنهنجي ذاتي مشاهدي مان ئي ڪڍيا. سو، اسان به پنهنجي مشاهدي موجب ڏسون، ته شهر ڀنڀور جا ماڻهو ڪيئن آهن؟

پاڪستان ٺهيو ته اردو، ملڪ جي قومي ٻولي ٿي. منجهس ٻه وڏا شاعر ساماڻا: هڪ جوش مليح آبادي ۽ ٻيو فيض احمد فيض. جوش هندستان مان هجرت ڪري آيو هو، جتي رابندرناٿ ٽئگور، جگر مراد آبادي، مخدوم محي الدين ۽ مجاز لکنويءَ جهڙن شاعرن سان ۽ هت پاڪستان ۾ وري پير ذهين شاهه تاجيءَ، فيض احمد فيض ۽ پير حسام الدين راشديءَ جهڙن عظيم عالمن سان قربت ۽ محبت هئس.

   هندستان جي حڪومت سندس (جوش مليح آبادي) ادبي خدمتن جي تسليميءَ طور کيس ملڪ جو وڏي ۾ وڏو قومي ايوارڊ به ڏنو هو، پر، ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪمشنر جي ڳالهين تي لڳي، پنهنجيءَ مرضيءَ سان هندستان مان هليو آيو. اهو ڪمشنر ڪو ٺڳُ هو. سو، چيائينس ته، ”جوش صاحب اوهان کي واعدو ڪيل رعايتون ۽ مراعاتون ڪنهن سبب ڪري ملي نٿيون سگهن.“

اهو ٻڌي، جوش جون ته ٻه به ويون، ڇهه به ويون. سندس آخري ايام، اسلام آباد ۾ ڏاڍي ڏک ۾ گذريا. ”يادون ڪي بارات“ نالي آتم ڪهاڻي لکيائين. منجهس هڪ هنڌ پنهنجي ننڍپڻ جي پياري دوست، مانيءَ جي باري ۾ لکيو اٿس، ته مٿس ڏکيا ڏينهن آيا ۽ معاشي طرح ڏاڍو بدحال ٿي ويو. مان ساڻس سڪ سان ملڻ ويس. مون کي ڏسي، اکين ۾ پاڻي اچي ويس. چيائين ته هندستان- سرڪار جي ”ساهتيه ايڪيڊميءَ (ACADEMY OF LETTERS) کان کيس علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض ڪا پينشن منظور ڪرائي ڏيان. مون کيس تسلي ڏني ۽ سڌو وزيرِ تعليم، ابوالڪلام آزاد وٽ هليو ويس. هن چيو ته، ”مان ته انهيءَ شخص کي شاعر ئي ڪونه ٿو مڃان.“

اهو ٻڌي ڏاڍو مايوس ٿيس. پر، سوچي سوچي وزيراعظم جواهر لعل نهروءَ وٽ هليو ويس. سندس سيڪريٽريءَ چيو ته، ”وزيراعظم هن وقت سخت مصروف آهي. ملي ڪونه سگهندو.“

مون کيس چيو ته، ”تون منهنجي اچڻ جو اطلاع ته ڪر.“

موٽي آيو ۽ چيائين ته، ”جوش صاحب! وزيراعظم اوهان کي فوراً اندر سڏيو آهي.“ مان ڪمري ۾ گهڙيس، ته پنڊت جواهر لعل نهرو، بيٺڙ، هڪ اُچي ڊيسڪ تي ڪجهه لکي رهيو هو. مون کيس مانيءَ سان متعارف ڪرايو ۽ سندس ادبي پينشن لاءِ عرض ڪيو. مانيءَ کي ته ڪونه سڃاڻندو هو. پر، منهنجي ڪري، اتي جو اتي سندس درخواست تي سندس ادبي پينشن جو آرڊر ڪيائين. جوش ڏاڍي ڏک مان لکيو آهي ته:

”مانيءَ کي پينشن ملي، ته پوءِ مون سان ملڻ ڇڏي ڏنائين.“

جنهن ماڻهوءَ زندگيءَ ۾ جيترو ڊگهو سفر ڪيو هوندو، تنهن جو مشاهدو به اتروئي اهم هوندو. مليح آباد هڪ ڳوٺ آهي. جوش ڳوٺان نڪتو. آهستي آهستي، سفر ڪندو، هندستان جي گاديءَ، دهليءَ پهتو. اتي ڏاڪي به ڏاڪي، مٿي چڙهيو ۽ وزيراعظم هائوس تائين وڃي پهتو. جواهر لعل نهرو ۽ ابوالڪلام آزاد ٻئي سندس عزت ڪندا هئا. سو، ماڻهوءَ جي مزاج کي سمجهڻ لاءِ سندس مشاهدو اهم آهي. سندس لفظ ڪيڏا نه اهم آهن ته ”مانيءَ جو مسئلو حل ٿيو ته مون کي وساري ڇڏيائين!“

پر، جوش وانگر خود اسان مان به ڪن شخصن کي ٿورا يا گهڻا اهڙا مشاهدا ٿيا هوندا. مثال طور، مون پنهنجي هڪ ملازم کي اسلام آباد ۾ رهڻ لاءِ سرڪاري گهر وٺي ڏنو. اتي جوءِ ملڻ سولي، پر جاءِ ملڻ ڏکي. سو، مون کي ڏاڍي منٿ ميڙ ڪئي هئائين. گهر وٺي ڏنومانس ته خوش ٿيو. پر، ڪجهه عرصي کان پوءِ وري آيو ۽ چيائين ته پنهنجو پلاٽ ورتو اٿم. قرض وٺي ڏيو، ته پنهنجي جاءِ جوڙايان. قرض وٺي ڏنومانس. هڪ ڏينهن اچي ٻڌايائين، ته جاءِ جوڙائي اٿم، هاڻي ايڪيڊميءَ لاءِ منهنجي جاءِ مون کان مسواڙ تي وٺو، ته قرض لهي. ائين به ڪيم ته چيائين ته هاڻي اها ئي جاءِ ايڪيڊميءَ جي آفيسر جي حيثيت ۾ مون کي ئي رهائش لاءِ ڏيو. اهو به ڪيم. اوچتو هڪ ڏينهن شام جو منهنجي گهر ۾ پنهنجي ماءُ، زال ۽ ٻارڙن کي وٺي اچي پهتو ۽ قرآن شريف کڻي آيو ته هاڻي نوڪريءَ ۾ وڏو گريڊ به وٺائي ڏيو. اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي هئي. پر، منهنجي اکين اڳيان قرآن ڪريم هو. ڪوشش ڪري، وڏو گريڊ به وٺائي ڏنومانس.

هڪ ڏينهن چيومانس ته، ”هاڻي ته اوهان جا سڀ ڪم پورا ٿي ويا؟“

چيائين ته، ”هن سال اوهان مون لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“

اهڙي قسم جا ماڻهو رڳو اسلام آباد ۾ ڪونهن. هر هنڌ آهن. اسلام آباد وانگر، حيدرآباد ۾ به ڪنهن ملازم تي مهرباني ڪيم. کيس وڏي نوڪري وٺي ڏنم ۽ پوءِ کيس ٻيا فائدا به وٺي ڏنم. پر، آخر ۾ احساس ٿيم، ته منجهس ۽ اسلام آباد واري شخص جي مزاج ۾ ڪو فرق ڪونهي. اهو به ڏٺم ته ٻنهي ۾ هڪ ڳالهه ساڳي هئي. ”ٻئي ميسڻا هئا“ ۽ کين ڏسي، مون کي شيخ سعديءَ جو مشاهدو ياد ايندو هو. ”گلستان“ ۾ لکيو اٿس ته هڪ ڏينهن ڏٺم ته وڻ جي هيٺان جهرڪ ۽ ڳيرو گڏ پيا ٿا چُڳن. اهو لقاءُ ڏسي حيرت لڳم، ويجهو وڃي ڏٺم ته ٻئي منڊا هئا.

مان سمجهان ٿو ته جيئن ساهوارن ۽ جاندارن ۾ بڻ بڻياد کي وڏي اهميت آهي. اصـِيلَ ۽ کارَ جو فرق آهي، تيئن ماڻهن ۾ به آهي. هڪڙا پنهنجي نسلي اثر ۽ پرورش ڪري يا وري ماحول ۽ سنگت ساٿ جي اثر ڪري، بي ڀروسي ۽ دوکيباز ٿين ٿا. ٻيا وري ڀروسي جوڳا سچا، سورهيه ۽ بهادر ٿين ٿا.

خليفي محترم عبدالحميد چانڊئي سال سوا اڳ، هڪ اهم ڪتاب لکيو آهي: ”سنڌ جو اتر ڪاڇو“  منجهس هڪ دلچسپ مثال پڙهيم. حڪيم صاحب لکيو آهي ته، ”مون پنهنجي دواخاني ۾ دواسازيءَ جي ڪم لاءِ پنهنجي پراڻي ڪارڪن عبيدالله ڪنڀر جي چوڻ تي سندس جاءِ تي هڪ ماڻهو رکيو، جنهن مون وٽ ٻه ٽي سال ڪم ڪيو، مون غريب ماڻهو سمجهي مٿس گهڻيون مهربانيون ڪيون. ارادو هو ته کيس علم طب به پڙهائجي. پر، اوچتو سندس پرَ نڪري آيا. مون کي ڇڏي اسان جي ”ماڏي“ شهر ۾ ئي پنهنجو دواخانو کوليائين ۽ ”حڪيم“ ڪوٺائڻ لڳو. همراهه اهڙو ته منهن مٽيو، جو ڄڻ واقف ئي ڪونه هو. سندس دواخانو شهر ۾ هلي ڪونه سگهيو. سو، وري ٻئي شهر ۾ وڃي دواخانو کوليائين.

   مون ان بعد ٻيو ماڻهو پنهنجي شفاخاني ۾ رکيو. هن يار وري فرمائش ڪئي ته، طب سيکاريو. مون کيس فارسي ڪتاب پڙهايو. اهو سندس سمجهه کان زور هو. سو، اردو ڪتاب شروع ڪرايومانس. کيس ڪو خيال آيو، ته دوائون ٺاهڻ ته اڳيئي، سکيون اٿم. باقي طب آهي ڪتابن ۾. سو ماٺڙي ڪري، طب وارو اردو ڪتاب ۽ ٻيا ٻه ٽي سنڌي ڪتاب کڻي ڀڄي ويو! ماڻهن جا اهي افعال ڏسي، منهنجو ته مٿانئن اعتماد ئي کڄي ويو.

حڪيم صاحب لکيو آهي ته، اها ماجرا رڳو ساڻس ڪانه ٿي. ساڳيو اهڙو واقعو حڪيم محمد علي امرتسريءَ سان به ٿيو هو. وٽس هڪ شخص آيو، جنهن چيو ته، ”مان پاڻ وڏو طبيب آهيان، پر، ڊگري ڪانهيم. ارادو اٿم ته اوهان وٽ علم جي تحصيل ڪري، سَنَدَ وٺان. مون سندس ڳالهه وڏيءَ همدرديءَ سان ٻڌي ۽ کيس طب جا ڪتاب پڙهائڻ شروع ڪيم. هڪ ڏينهن ڪنهن نسخي ڏسڻ لاءِ پنهنجو بياض ڪڍيم. هن شخص سمجهيو ته سڄو راز آهي انهيءَ بياض ۾. ڪنهن ڏينهن مان ٻاهر ويس ته پٺيان صندوق کُلي پئي هئي. هو بياض کڻي ڀڳو. ويندي ويندي منهنجي شفاخاني جو بورڊ به غور سان پڙهندو ويو، جنهن تي لکيل هو ته؛

           حڪيم محمد علي

           سنديافته طبيه ڪاليج دهلي

           شاگرد مسيح الملک

           حڪيم محمد اجمل خان مرحوم

هن ڀانيو ته اهو ”مرحوم“ لفظ به وڏي ڪا سَنَدَ آهي. سو، پنهنجو دواخانو کولي، ان جي مٿان ڏهاڪو کن فوٽ موڪري بورڊ تي، پنهنجو نالو هيئن لکيائين؛

           حڪيم غلام رسول مرحوم

           خانداني حڪيم

           هت هر مرض جو علاج ڪيو وڃي ٿو.

حڪيم غلام رسول، جنهن ڳوٺ ۾ وڃي دواخانو کوليو، اتان جي زميندار کي هڪڙو ئي پٽ هو، جو ڏاڍو بيمار هو. غلام رسول ڳوٺ ۾ وڃڻ شرط سندس علاج ۾ هٿ وڌو ۽ هڪدم پنهنجي هٿ شفا ڏيکارڻ لاءِ، کيس جمال گهوٽي جو جلاب ڏنائين- غريب ٿڏي تي مري ويو. زميندار اهو سور ڪيئن پي ويو، سو ته معلوم ڪونهي، پر غلام رسول اهڙو ٻيو ڪو ڪـِيس ڪري، تنهن کان اڳئي کيس ڏاڍي مار ڏئي، ڳوٺ مان ڀڄائي ڇڏيائين

حڪيم محمد علي امرتسريءَ ان کان پوءِ ماڻهن کي علم طب پڙهائڻ کان توبهه ڪئي.

خليفي صاحب جي فرزند اعجاز حسين چانڊئي ماڻهوءَ جي مزاج متعلق پنهنجو ذاتي تجربو بيان ڪندي مون کي ٻڌايو ته مان هڪڙي وڏيري کي ادب جي ڪري، چاچا ڪوٺيندو هئس. هڪ دفعي چاچو هڪ عملدار کي مون وٽ علاج لاءِ وٺي آيو. چيائين ته، ”صاحب، منهنجو دوست آهي، کانئس ڏوڪڙ پئسو وٺڻو ناهي.“

مون چيو ته، ”چاچا، حاضر، جيئن اوهان جو حڪم.“

مهينو کن ته اهو عملدار ۽ چاچو مون وٽ گڏ ايندا رهيا، پوءِ چاچو ڪونه ايندو هو. عملدار اڪيلو دوا وٺي ويندو هو. ٻن ٽن مهينن کان پوءِ آيو چيائين ته،”هاڻي، منهنجي بدلي ٿيڻ جو امڪان آهي، سو، اڳو پوءِ آخرين دوائون ڏئي ڇڏيو.“

مون چيومانس ته، ”دوا اڃا ڪجهه وقت هلندي، پر اوهان فڪر نه ڪريو، ته دوا مفت ۾ ملي ٿي، سا، الائي فائدو ڪندي الائي ڪونه؟“

منهنجا اهي اکر ٻڌي صاحب موصوف کان ڄڻ ته ڇرڪ نڪري ويو. ڪا دير ته چپ هو. پوءِ دٻيل زبان سان چيائين ته، ”اوهان جو چاچو، وڏيرو صاحب ته مون کان هن مهل تائين دوا جي لاءِ چاليهه هزار روپيا وٺي چڪو آهي.“

حڪيم اعجاز حسين چيو ته، ”اهو ٻڌي مان حيران ٿي ويس. ڏاڍو ڏک ٿيم. دل ۾ چيم ته ماڻهو ڏاڍا اٽڪلي آهن. ظاهر ۾ اوهان کي پيا ڪوٺيندا: ”منهنجا مٺڙا“ - ”منهنجا منڙا“ پر، اندر ۾ هوندن اٽڪلن جا انبار. اٽڪلون به اهڙيون، جو ڄڻ ته ڪي ڇُريون آهن، جيڪي هاڻي هاڻي سيراڻ تان لٿيون آهن، جن سان ڪنهن کي به ڪُهي ڪباب ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه لڳندي.“

حڪيم اعجاز حسين جو اهو چوڻ ته ماڻهو مطلب ڪاڻ پنهنجن کي به ڪُهي ڪبابُ ڪري ٿو، ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي. چون ٿا ته انهيءَ جي شروعات ڏاڏي آدم جي پٽن ئي ڪئي هئي: قابيل، ڪنهن مطلب ڪاڻ، پنهنجي ڀاءُ هابيل کي ڪهي ڪباب ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي، حضرت يعقوب جي پٽن به انهيءَ روايت کي تازو ڪيو. پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ حضرت يوسف کي ڪنهن سُڃي ۽ سُڪل کوهه ۾ ڦٽي ڪري آيا ته مري کپي ويندو. هنن ته سوچي سمجهي پڪو ڪم ڪيو، پر، هن جا به ڪي بخت ڀلا هئا، سو، بچي ويو.

ليڪن اهي ٿيا هزارين ورهيه پراڻا، پيغمبر زادن جا قصا، ڀلن جو اولاد هئا. سندن باري ۾ سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، متان ڀُل چُڪ ۾ به ڪا بي ادبي ٿي وڃي. سو عقل جي ڳالهه اها آهي ته زمان توڙي مڪان جي لحاظ کان اورتي اچون ۽ پنهنجي ئي آسپاس ڪي مثال وٺون.

سنڌ جي تاريخ ۾، هونئن ته گهڻائي مثال موجود آهن.  پر، سڀني کان دلچسپ مثال، سنڌ جي راڻيءَ سونهن پريءَ (ديويءَ) جو آهي. چون ٿا ته جهڙو نالو هئس، تهڙي چوڏهينءَ جو چنڊ هئي. ٻُڌ ڌرم جي راجا جي مهاراڻي هئي. سنڌ، تن ڏينهن ۾ آزاد ملڪ هو، جنهن جو جهنڊو ديبل کان ملتان تائين جهولندو هو. راجا ته ٿيو راجا. پر، راڻيءَ جي رعب تاب جي به ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ويتر سندس سونهن جا تجلا اهڙا ته ڪي تکا هئا، جو خبر ناهي جو پکين کي به سندس محلات جي مٿان اڏامڻ جي همٿ ڪانه ٿيندي هئي.

هڪڙي ڏينهن محلات ۾ راجا سان گڏ ويٺي هئي ته ڪو منشي دروازي تي آيو. کيس راجا کان ڪاغذ صحيح ڪرائڻا هئا. راجا راڻيءَ کي پاسيرو ٿيڻ لاءِ چيو، پر، هن لنوائي ڇڏيو. منشي ڪاغذ کڻي راجا وٽ آيو، ته شڪل شباهت ۽ ڳالهائڻ ٻولائڻ ۾ راڻيءَ کي وڻي ويو. سو، مهل ۽ موقعي تي ڏانهس مرڪي نهاريائين. پر، منشيءَ جي ڪهڙي مجال، جو راجا جي محل ۾ ميري اک کڻي سگهي. هونئن به پڙهيل پنڊت هو. چچ نالو هئس. سمورا ويد ۽ شاستر پڙهي پڄايا هئائين. سو، پاڻ پري رکڻ جي ڪوشش ڪيائين، ليڪن، سونهن پريءَ جي هڪڙيءَ ئي مرڪ ننڊ ڦٽائي ڇڏيس. ستت ويد ۽ شاستر به وسرندا ويس. تان جو مهل ۽ موقعو ڏسي، پاڻ به راڻيءَ ڏانهن اڃايل اکين سان نهارڻ لڳو.

سونهن پري کيس مڪمل طرح مطيع ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجن پيارن هٿن سان پنهنجي ”پتي – ديوتا“ يعني سنڌ جي راجا کي زهر جي هلڪي هلڪي ستي ڏيڻ شروع ڪئي. راجا گهڻو جٽاءُ ئي ڪونه ڪيو. سگهو وڃي بستري تي ڪريو.

اهو ڪم ڪاميابيءَ سان ڪري، راڻيءَ درٻار ۾ اعلان ڪيو، ته راجا پنهنجيءَ بيماريءَ جي ڪري، چچ کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو آهي، سو، سرڪاري ڪمن بابت، راجا جي پاران حڪم احڪام جاري ڪندو.

راجا ته پنهنجي هوش ۾ ئي ڪونه هو. ڏينهون ڏينهن ويو ڳرندو. جڏهن سرڳواسي ٿيڻ جي منزل تي پهتو، تڏهن راڻيءَ ويجها مٽ مائٽ سندس درشن لاءِ گهرايا. کين محلات ۾ مختلف جاين تي ويهاري، هڪڙن کي ٻين جي خلاف ڀڙڪايائين، ته فلاڻي معاملي ۾ هنن اوهان سان هيئن ڏاڍائي ڪئي هئي. کانئن پلوَ وٺڻ جو مهل موقعو هي اٿوَ. هنن کي ته اهڙو وجهه کپندو هو. پاڻ ۾ ائين اٽڪيا، جو هڪٻئي کي ڪهي ڪباب ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪيائون.

راڻيءَ، عقلمنديءَ سان ائين سڄو ميدان صاف ڪري، راجا جي سرڳواسي ٿيڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن ڪريا ڪرم جون رسمون پوريون ٿيون ۽ ساعت سڻائي ڏٺائين، تڏهن درٻار ڪوٺائي چيائين ته، ”راجا جي وصيعت موجب، چچ هاڻي شاهي ڇٽ پائي، سنڌ تي حڪومت ڪندو.“

درٻارين، راجا جي آگيا موجب چچ سان وفاداريءَ جو اعلان ڪيو ته راڻيءَ چچ سان شادي ڪئي. اڳي به راڻي هئي، هاڻي به راڻي ٿي. پر، جوان مڙس مليس.

 چچ هندو هو، سو، راڻيءَ جي ڪارنامي ڪري، ٻُڌ ڌرم وارن جي حڪومت ختم ٿي وئي. سنڌ جي تاريخ ئي بدلجي وئي.

چچ ويدن ۽ شاسترن مان ڪجهه پرايو هو يا نه، پر، سهڻيءَ راڻيءَ جي صحبت ۾ رچي ريٽو راس ٿيو. سگهو برهمڻ آباد تي ڪاهه ڪيائين. اتان جو راجا اگهم لشڪر وٺي، سندس سامهون ٿيو. پر، مقابلي جي طاقت نه ڏسي، قلعي ۾، دروازا بند ڪري ويٺو. چچ به شهر جي چوڌاري نانگ وانگر ڪڙو چاڙهي ويهي رهيو. جت باهه ٻري، اتي سيڪ اچي. راجا اگهم ويو ڳڻتيءَ ۾ ڳرندو. نيٺ سرڳواسي ٿي ويو. ٻه چار مهينا گذريا، ته شهر واسي به اچي پريشان ٿيا، تن چچ سان صلح صفائيءَ جي ڳالهه چوري. هن هائو ڪئي. ڪامياب ۽ ڪامران ٿي، قلعي ۾ گهڙيو. ٿڌي سيني سان فيصلو ڪيائين ته راجا اگهم جي سهڻيءَ راڻيءَ سان شادي ڪريان ۽ پوءِ سندس پٽ سربندَ کي ئي راڄڌانيءَ جي پڳ ٻڌايان.

سربند ڳالهه ٻڌي چيس ته، ”اسان جي شاهي خاندان ۾ ڪيئي ننڍيون نيٽيون زالون آهن، جيڪي هڪٻئي کان سونهن ۾ سرس آهن.“

پر، چچ راڻيءَ سان همبستر ٿيڻ تي هري ويو هو. سو، هاڻي به سيج پلنگ تي راڻي کپندي هئس. سربند جي ڳالهه ڪانه مڃيائين. هوڏانهن، سربند جي ماءُ جي ڪن تي ڳالهه پئي ته هڪدم ”هائو“ ڪيائين ۽ هار سينگار ڪري، پنهنجي مڙس جي قاتل سان لائون لڌائين ۽ پهرينءَ رات ئي ساڻس اهڙي ته ريجهي وئي، جو کيس پنهنجي اڳئين مڙس جي وفادار سرڪش قبيلن جا نالا ٻڌائي، چيائينس ته هنن هنن کي ڪهي ڪباب ڪر، ته پوءِ توکي ڳڻتي ڳارو ڪونهي: مان به تنهنجي ۽ برهمڻ آباد به تنهنجي.

چچ ائين ئي ڪيو. برهمڻ آباد ۾ سڀ ڪم سولا ڪري پنهنجا پير پختا ڪيائين. سڀ انديشا لاهي، سيج پلنگ تي سربند جي ماءُ جي ڀاڪرُ ۾ سڀُ ٿَڪَ ڀڳائين. ائين پنهنجيءَ حڪومت جي پيڙهه پڪي ڪري، ان جون واڳون پنهنجي ويڳي پٽ سربند ۽ پنهنجيءَ راڻيءَ کي سونپي، پاڻ اروڙ ڏانهن واپس وريو، جتي وري راڻي سونهن پري سندس انتظار ۾ آسمان جا تارا ڳڻي رهي هئي.

مٿيان ٻئي مثال سنڌ جي اولين تاريخ ”چچ نامي“ ۾ موجود آهن. انساني مزاج جا آئينه دار آهن. سنڌ وانگر هند جي تاريخ ۾ به اهڙا بيشمار مثال موجود آهن، جن مان ماڻهوءَ جي مزاج جو پتو پوي ٿو. پر، سڀني کان مشهور مثال راڻيءَ نورجهان جو آهي، جنهن پڻ پنهنجي مڙس جي قاتل سان شادي ڪئي هئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org