مون کيس تڏهن وڌيڪ ويجهو ڏٺو، جڏهن حيدرآباد ۾
”لساني
جهڳڙن“
جي ڪري، ڪرفيو لڳو هو. لطيف آباد ۾ گهر ورتو
هئائين. شام جو ڪلاڪ ٻن لاءِ ڪرفيو لهندو هو، ته
ڪار کڻي، باز وانگر اڏامندو
مون وٽ گاڏي کاتي ۾ ايندو هو.
پنهنجي گهر وانگر، منهنجي گهر لاءِ به سايون
ڀاڄيون، بصر، پٽاٽا ۽ ٽماٽا وٺيون ايندو هو. چاءِ
جو ڪوپ به ڪونه پئندو هو. خير خيريت جو حال احوال
ڏيندو وٺندو هو. ڪرفيو شروع ٿيڻ کان ويهه پنجويهه
منٽ اڳ اٿندو هو ۽ وري باز وانگر اڏامندو پنهنجي
گهر پهچندو هو.
اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهندو آهي. ڪجهه عرصو، اڳ،
منهنجي گهر واري بيمار ٿي پيئي. سندس علاج لياقت
نيشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾ ٿيندو هو. سو، اچڻ وڃڻ جو
مسئلو هوندو هو، پر شوڪت مون کي ڪراچيءَ مان
پنهنجي ايئرڪنڊيشنڊ ڪار موڪليندو هو. سو، مون کي
ڪابه ڏکيائي ڪانه ٿي. منهنجي گهر واري صحتمند ٿي،
ته اسان جي اعزاز ۾ پنهنجي گهر
وڏي شوق سان
ڊنر ڪيائين. ڀاڄائيءَ ناهيد، کاڌي جي ميز تي طرح
طرح جا طعام رکايا. ديسي به، ولائتي به، پر، جڏهن
اسان ماني کائي، ڍءُ ڪيو ۽ کاڌي جي ميز تان اٿڻ
وارا هئاسين، ته شوڪت جي اندر ۾ ”ستل سنڌي“ ڪر
موڙي جاڳيو.
سو،
بورچيءَ کي چيائين ته، ”هاڻي اسان کي بُسري پچائي
ڏي.“
سنڌ ۾ بُسري سياري ۾ نيرن تي کائيندا آهن. ان مهل
رات جا ٻه اڍائي پئي وڳا. مون گهر واريءَ جي صحت
جي ڪمزوريءَ
ڪري کانئن
موڪل ورتي.
تنوير، جڏهن اسلام آباد ۾ بيمار ٿيو، ته شوڪت ئي
سڀ کان اول مون کي اهو اطلاع ڏنو. پوءِ جيئن ڪنهن
VIP
جي باري ۾ ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ بليٽن جاري ٿيندي
آهي، تيئن مون کي مسلسل سندس طبيعت بابت واقف ڪندو
رهيو. پوئين فون ڏاڍي ڏکاري لهجي ۾ ڪيائين:
”سانجهيءَ جو اسلام آباد ۾
اسپتال جي ڀرسان مسجد وٽ
جنازي نماز ٿيندي. جهاز جون ٻه ٽڪيٽون وٺي ڇڏيون
اٿم. سگهو ڪراچي پهچ. مان ايئرپورٽ تي تنهنجي
انتظار ۾ اُڀين پيرين بيٺو هوندس.“
وڌيڪ ڳالهائي ڪونه سگهيو.
سندس گلو ڀرجي آيو. اسلام آباد ۾ اسان ٻنهي کان
سواءِ سنڌ مان تنوير جو ٽيون دوست ڪير ڪونه
آيو.
هاڻي، سندس ياد ۾ جيڪي جلسا ٿين ٿا، تن ۾ انهن کي
صدارت لاءِ سڏين ٿا، جن تنوير کي زندگيءَ ۾ ڏاڍا
ڏک ڏنا.
اسلام آباد ۾
جنازي نماز کان پوءِ جڏهن تنوير جو منهن
ڏيکاريائون، ته شوڪت اوڇنگارون ڏئي رنو. مون ۾ همت
ڪانه هئي جو تنوير جو منهن ڏسي سگهان. ڏک ۾ پري
بيٺو رهيس. دوستن ۾ قرب جو ايڏو جذبو ته ڪو
غيرمعمولي ماڻهو جاڳائي سگهي ٿو. تنوير جيڏو وڏو
شاعر هو، انهيءَ کان گهڻو،
تمام گهڻو
وڏو انسان هو.
تنوير جو شوڪت کان به اڳ پيارو دوست رشيد ڀٽي هو،
جيڪو پوءِ شوڪت جو به پيارو دوست ٿي ويو. ٻنهي ڄڻن
۾ تنوير جي دوستيءَ جو اولين شرف ڀٽيءَ کي آهي.
هونئن ڪيئي دوست هئس. شعوري طرح هر ماڻهوءَ کي
”موتي جو داڻو“ سمجهندو هو. پر، حقيقت ائين ئي آهي
جيئن شاهه سائينءَ بيان ڪئي آهي:
”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“
هرڪو ماڻهوءَ موتيءَ جو داڻو ڪونهي. وفات کان اڳ
تنوير کي به ان ڳالهه جو احساس ٿيو. حيدرآباد
ايندو هو ته مون وٽ ئي مهمان هوندو هو. هڪ دفعي
رات جي ماني کائي، گلاس پيئندي،
ڪچهري ڪندي، ڪن ويجهن دوستن جي شڪايت ڪيائين ته
هنن سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندس هڪ ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾
ڄاڻي واڻي، ورهين جا ورهيه رنڊڪون وڌيون.
تڏهن مان بورڊ ۾ ڪونه هئس. اسلام آباد ”پاڪستان
ايڪيڊمي آف ليٽرس“ ۾ هئس. ائين
ڳالهيون ڪندي،
دوستن ۽ عام ماڻهن متعلق هڪ ”عجيب تاثر“ ڏنائين.
دوستن جو ذڪر ڪري،
ڏاڍي ڏک سان چوڻ لڳو ته، ”هو دوستيءَ جي لائق نه
هئا. مون وٽ خيرپور ۾ راتين جون راتيون اچي ٽڪندا
هئا. مان سندن
الائي ته ڪيتريون
خدمتون ڪندو هئس.“
پوين ڏينهن ۾ ته
خيرپور ۾ رهندي، پنهنجي
هڪ تمام پراڻي
ادبي
دوست سان سخت اڻبڻت ٿيس. ان حقيقت جي گهڻو
ڪري، سندس سمورن دوستن
کي خبر آهي. انهيءَ دوست جي همنام هڪڙي اڻ-پڙهيل،
ليڪن سنڌ
سرڪار
جي هڪ ڪاموري
سان ته سخت نفرت هئس.
پر، ڪي دوست پڇاڙيءَ تائين ساڻس سچا رهيا. انهن
مڙني ۾ رشيد ڀٽيءَ جو نالو نمايان آهي. تنوير ۽
ڀٽيءَ جي سنگت ساٿ ۾ مون کي هڪ به اهڙو واقعو ڪونه
ٿو سُجهي، جو هڪٻئي کان رنج ٿيا هجن. جيئن وقت
گذرندو ويو، تيئن سندن سنگت ۾ صندل جي سرهاڻ وانگر
واڌارو ٿيندو ويو. تنوير ڪيترا دفعا، مون سان
پرپٺ، ڀٽيءَ جي اخلاق جي ڏاڍي نيڪي ڪئي. ڀٽي سکر
رهندو هو ۽ تنوير خيرپور. پر، ملندا روزانو هئا.
ڀٽي جاگيراڻي محلي ۾ رهندو هو. ڳالهه ڪيائين ته هڪ
ڏينهن ڪورٽ ٿي ويس، ته هڪ مائيءَ چڙ سان اچي چيو
ته، ”ادا ڀٽي اهو ڪير آهي، جو روزانو اڃا شام مس
ٿئي ٿي، ته اڇا لٽا پائي، موٽر کنيو، ”پان“ ”پان“
ڪندو، پمپ وڄائيندو، سڌو تو وٽ ٿو اچي؟“
”پان“ ”پان“ تي ياد آيم ته هڪ دفعي
مان ۽ تنوير
نو لکي واهه جي ڪپ سان صوڀي ديري کان منهنجي ڳوٺ
پئي وياسين ته ڪئنال پاٿ تي مينهون ويٺيون هيون.
رستو بند هو. ميهار ڇوڪري ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر، اُٿن
ئي ڪونه. جڏهن
وسَ ڪري
ٿڪجي پيو ته ڪار ڏي اشارو ڪري، تنوير کي چيائين
ته، ”دانهن ڪرائينس.“
تنوير مس مس ڳوٽ ڀڳي ته چوي ٿو
ته،
” هارن ڏي.“
تنوير ۽ ڀَٽيءَ
۾ گهڻيون ڳالهيون هڪ جهڙيون هيون. ٻئي
”سنڌ
دوست“
هئا. غريبن جا همدرد هئا. ٻئي خيالن ۾
PROGRESSIVE
هئا. ڀَٽي
تنوير کان وڌيڪ
LEFTIST
هو. ٻنهي کي مُلن
واريءَ مذهبي تنگ نظريءَ توڙي
ڪامريڊن واري پاڻ کي ”عقلِ ڪُل“ سمجهڻ واريءَ
ذهنيت کان بڇان ايندي هئي. هونئن ٻئي ڄڻا، هر ڪنهن
جي عزت ڪرڻ وارا، انتهائي اشراف، يارويس، مهمان
نواز ۽ دل جا کليل هئا. اندر ۾ هڪڙي ته ٻاهر ۾ ٻي
يعني
سنڌ جي مثالي عالمن جي
منافقيءَ
واري پاليسيءَ کي عملي طرح
ننديندا هئا.
ڀٽي دشمن کي معاف ڪرڻ وارو نه هو، تنوير دشمن کي
به درگذر
ڪرڻ وارو هو. سندس زندگيءَ ۾ ”لحاظ“ (GRACE)
کي سڀ کان وڏي اهميت هئي.
مان ورهين جا ورهيه علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جي قدمن
۾ ويٺو آهيان. هن ئي مون کي اهو سبق ڏنو هو ته
انساني تهذيب ۽ تمدن جو روح هڪڙي لفظ ۾ سمايل آهي.
اهو آهي: لحاظ
(GRACE).
الله
سائينءَ، تنوير کي انهيءَ نعمت سان نوازيو هو.
هندستاني اديبه، سندريءَ به مون کي اهو تاثر ڏنو
هو. هوءَ
غالباً
سنه
1964ع
۾، اتم سان گڏ سنڌ گهمڻ آئي هئي. ٻئي سنڌ جو دؤرو
پورو ڪري، لاهور وڃي رهيا هئا. سکر ۽ خيرپور جي
اديبن جو چڱو هجوم، کين روهڙي ريلوي اسٽيشن تي
خداحافظ چوڻ هليو.
منجهن اياز، تنوير، ڀٽي ۽ ٻيا شامل هئا.
پليٽ فارم تي بيٺا هئاسين،
گاڏي آئي ته سندري اوچتو مون کي ٻانهن کان جهلي،
پاسيرو وٺي وئي ۽ چيائين ته:
”رباني، ڪي ماڻهو ننڍا آرٽسٽ پر وڏا انسان هوندا
آهن.
۽
ڪي ماڻهو وڏا آرٽسٽ، ليڪن ننڍا انسان هوندا آهن.“
تنوير جي ”لحاظ“ ۽ اياز جي
”ڪلام“
کيس ڏاڍو متاثر
ڪيو هو. پر اياز جي شخصيت کان
اوترو ئي
مايوس ٿي. خود اياز کي به ان ڳالهه جو احساس هو.
مون کي پاڻ ئي ڪي رازدارانه
ڳالهيون ٻڌايون
هئائين،
جي
مان هت لکي نٿو سگهان.
ليڪن، پاڻ
ئي
پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو
اٿس،
ته
”هندستان ۾ فلاڻيءَ دعوت ۾ هيٺ لٿاسين، ڏٺم ته
سندري منهنجو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي گهر هلي وئي
هئي.“
ڇو هلي وئي؟ گهر ۾
پاپڙ پچائڻ هلي وئي.
يا
اياز جي بي لحاظيءَ ڪري، سندس روح کٽو ٿي ويو هو؟
ايازَ
پاڻ ئي
مون کي ان جا سبب ٻڌايا هئا ۽ مڃيائين ته،
”ڏوهه
سندس هو.“
اياز جي وفات تي اتم پنهنجي رسالي ”نئين دنيا“ جو
”خاص نمبر“ ڪڍيو، جنهن ۾ مهڙ تي اياز جي تصوير ڏنل
آهي ۽ پٺ تي سندري ۽ اتم سان گڏ رشيد ڀٽي، مغل
ستار ۽ منهنجي تصوير آهي. اندر رسالي ۾ هند سنڌ جي
اديبن ۽ شاعرن جا مضمون ڏنل آهن، پر رسالي ۾ ڪاٿي
به سندريءَ جو ڪو مضمون ته ڇا، رڳو ٻه سٽون
به
تاثر طور ڏنل ڪونهن. ان ڳالهه جو ڪو ته سبب هوندو؟
سندري معمولي لکندڙ
ته
ڪانهي.
سنڌي زبان جي
اعليٰ اديبه آهي. غالب چيو آهي ته:
بے
رخی
بے
سبب نہیں
غالب۔
ڀٽيءَ ۽ شوڪت وانگر، تنوير جو مون سان به وڏو قرب
هو. هڪ اڌ مثال
ڏيان ٿو. هڪ
دفعي، حيدرآباد ۾
بُڪيءَ
جي سور جي
سخت
تڪيلف ٿيم.
حيدرآباد ۾ سٺا ڊاڪٽر هئا ۽ منهنجا يار هئا، پر
فون
تنوير کي خيرپور ڪيم. ان مهل، رات جا ٽي وڄي رهيا
هئا. چيائين ته صبح سان تو وٽ پهچي ويندس.
بعد ۾ خيرپور ۾ سندس اسپتال جي نرس ٻڌايم ته،
”ابا، تنهنجي فون آيس، ته اکين مان ننڊ اڏامي ويس.
چوڻ لڳو ته، ”ماسي دعا ڪر، منهنجو ڀاءُ چاق ڪونهي،
وڏيءَ فجر جو توڏي آيو.“
حيدرآباد آيو ته
ڏينهن جو ته ڪاڏي ڪونه ويندو هو،
پر رات
جو به
آڌيءَ تائين بعضي اسر تائين
جيسين مون کي ننڊ اچي، تيسين پاسي ۾ ڪرسي وجهي
ويٺو هوندو هو. مان چاق ٿيس، ته هفتو
ڏهه ڏينهن کن پوءِ به
مون وٽ هو. حيدرآباد ۾
بيشمار
دوست هئس، پر ڪنهن ڏي ڪونه ويو.
اسلام آباد ۾ به مون کي اهڙو ڪو صحت جو مسئلو ٿيو،
ته اتي به پهتو. چاق ٿيس، ته بيماريءَ جي ڪري،
ڪجهه ڏينهن ضعيف هئس، سو، روز شام جو هٿ کان وٺي
مون کي پنڌ ڪرائيندو هو.
قدرت جي ڪارخاني ۾ عجب اسرار آهي.
ڪهڙي خبر ته مان پندرنهن سالن کان پوءِ اسلام آباد
مان سنڌ ۾ موٽي ايندس، ته پاڻ سنڌ ڇڏي، اتي ئي
ويندو ۽ هميشه لاءِ قبر جي لحد ۾ ليٽي پوندو!
سندس
پٽڙو سرمد آمريڪا مان موٽيو، ته قائداعظم
يونيورسٽيءَ ۾ سٺي نوڪري مليس.
خيرپور ۾، ٻيا به ڪي ڊاڪٽر
آيا
هئا. چار مريض انهن وٽ به ويندا هوندا. سو، تنوير
جي آمدنيءَ تي اثر پيو.
سندس گهر جي آمدنيءَ جو مکيه ذريعو وڃي اديءَ قمر
جي ڊاڪٽري پريڪٽس بيٺي!
اسلام آباد سندس لڏي وڃڻ جو
ظاهري
سبب سرمد جي قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ مقرري
ٿي.
تنوير سوچيو ته پٽڙي سان گڏ ساڳئي گهر ۾ رهبو. پاڻ
۽ ادي قمر
خانگي
اسپتالون کوليندا، ته چار مريض وٽن به ايندا
رهندا. خير جو وقت پيو گذرندو. هو اها ڳالهه صفا
وساري ويٺو ته کيس ڪجهه سال اڳ دل جو دورو پيو هو
۽ ڦڦڙن تي به سگريٽ نوشيءَ جو خراب اثر پيو هو.
لنڊن مان علاج ڪرائي آيو هو.
اسلام آباد جو سيارو تمام سخت ٿئي ٿو. کيس ڀانءِ
ڪونه پوندو.
ڪيترو عرصو اسلام آباد ۾ رهيو، سو ياد ڪونه آهي،
پر سال کن کان وڌيڪ ڪونه هوندو. مان
اوچتو
ڪنهن دوست جي سڏ تي ٻن ڏينهن لاءِ اتي ويس. منهنجو
دوست منسٽري آف ايڊيوڪيشن ۾ جائنٽ سيڪريٽري هو.
ٽئين ڏينهن
واندو ٿيس ته
تنوير کي موٽر موڪليم، ڇو ته پهرئين ڏينهن
اطلاع ڪيانس
ها، ته ان مهل ئي گهر وٺي وڃي ها. دوست جو ڪم رهجي
وڃي ها. آيو ته پنهنجي دوست سان متعارف ڪرايومانس.
ٻئي شاعر هئا. ٻنهي جي شعر شاعريءَ ۽ ڪيف و سرور
جي محفل اڌ رات تائين هلي. زور ڀريائين ته، ”گهر
هل“.
مون چيو ته، ”اڌ
رات ٿي وئي آهي. سخت
سيءُ آهي. صبح جو ايندس.“
صبح جو منهنجي دوست جو ڊرائيور نئون هو، جنهن کي
تنوير جي گهر جي خبر ڪانه هئي. مون کي سڌو آڻي
هوائي اڏي تي لاٿائين.
لاچار
حيدرآباد
هليو آيس.
وچ تي ڏهاڙو ئي هڪڙو گذريو، جو مائٽ شوڪت اطلاع
ڏنو، ته تنوير اسپتال ۾ آهي ۽ سخت بيمار آهي. مان
توکي ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ فون ڪندو رهندس. اديءَ
قمر بعد ۾ ٻڌايو ته تنوير منجهند جو گهر جي پاسي
نانوائيءَ وٽان
نان خريد ڪرڻ ويو. موٽيو، ته ٿڪاوٽ جي
دانهن
ڪيائين. ڌيڻس چيو ته، ”الشفا“ اسپتال پاسي ۾ آهي.
اتي هلون. ڊاڪٽرن تنوير کي تپاسي، اديءَ قمر کي
تشويشناڪ رپورٽ ڏني.
هُوءَ گهٻرائجي وئي ۽ اسلام آباد جي
PAKSITAN INSTITUTEE OF MEDICAL SCIENCES
اسپتال ۾
کڻائي ويس.
دل ته اڳي ئي زخمي هئس. پر، ڦڦڙن تي به سگريٽ
نوشيءَ جو تمام خراب اثر پيو هئس. اسپتال ۾ ڏينهن
ٻه ٺيڪ هو. پوءِ هيڻي حال ٿيو ۽ جان انهيءَ جي
حوالي ڪيائين، جو ”جان آفرين“ آهي. هاڻي انهيءَ ئي
قبرستان ۾ ابدي آرام ۾ آهي، جتي منهنجو ٻيو پيارو
يار صديق سالڪ ستل آهي. آسپاس، جوش مليح آبادي ۽
پروين شاڪر جون تربتون آهن.
خاک میں
کیا
صورتیں
ہونگیں
کہ پنہاں
ہوگئیں
تنوير مکڻ ماکيءَ جهڙو مٺو ماڻهو هو.
الله
سائينءَ جو نوازيل ٻانهو هو. سنگت ساٿ ۾ حقيقي
خوشي ۽ لطف محسوس ڪندو هو. سندس اصول هو. ”همه
ياران بهشت“.
اسلام آباد ۾ پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ هئس ته
هڪ نه ٻئي سال ملڪ جي اديبن جو وفد چين جي دؤري تي
ويندو هو. هڪ ڏينهن تنوير مون وٽ آفيس ۾ موجود هو.
مون کي چيائين ته، ”ڇڏ انهيءَ فائيل کي. اٿ ته
ڪنهن دوست سان ملي اچون.“
مون چيو ته، ”بس، پنج منٽ ترس. اديبن جو وفد چين
وڃي رهيو آهي. ان باري ۾
ڪا
صلاح سباب به ڏي. سنڌي اديبن شاعرن مان تنهنجو
لکان؟“
جواب ۾ چيائين ته، ”تون هلندين؟“
مون چيو ته، ”مان ٻه دفعا چين گهمي آيو آهيان. تون
ڏسي اچ. چين ڏسڻ وٽان آهي.“
چيائين ته، ” شرط آهي، ته تون به هلندين، ته مان
به هلندس. اڪيلو وڃي ڇا ڪندس؟“ مون کيس گهڻو
ئي سمجهايو ته من ”هائو“ ڪري. پر، سندس ”نه“ کي نوَ
ڪوٽ هئا.
تنوير جي ڀيٽ ۾ لاهور جو هڪ جغادري اردو اديب ۽
شاعر
۽ ناٽڪ نويسُ،
جنهن جو نالو ٻڌي هتِ اسان جا گهڻا سنڌي اديب ۽
شاعر
سندس دهشت ۾
بيهوش ٿي ويندا آهن.
سو، ڀَٽَ فقير وانگر منهنجي درَ تي صبح
شام سئن هڻي
بيٺو هجي، ته
”مون کي چين موڪل.“ مون چيو ته وفد تشڪيل ڏئي ڇڏيو
اٿم.
ليڪن
جِنُ ڇڏي، ڀوت ڇڏي، پر جغادري
اردو اديب
نه ڇڏي. لاچار چيني سفير کي چيم،
جنهن
سندس نالو اضافي اديبَ طور وفد ۾
شامل ڪيو.
ون يونٽ جي خلاف مهم هلائڻ مذاق ڪانه هئي. شينهن
جو جگر کپندو هو. پر، انهيءَ مهم ۾ توڙي سنڌي
ٻوليءَ جي بحاليءَ واريءَ تحريڪ ۾ تنوير جو رول
سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي. هڪ دفعي تنوير مون وٽ
مهمان هو. ان دؤر جون ڳالهيون نڪتيون. چيائين ته،
”تون اهو سڄو داستان لک، ته اسان ڪيڏي جدوجهد
ڪئي.“ پر، تنوير وانگر مون کي به احساس هو ته، سنڌ
جي تاريخ ”ابتو پاسو“ ورائي چڪي آهي. بيشمار ٻگهه
پکي، نقلي
پَرَ پائي، هنج بنجي ويا آهن. ڪاري ۽ ڪميڻي ڪنڌ
مٿي کنيو آهي. ماٺ ڀلي آهي. سو، وقت جو انتظار
ڪجي. ڀٽائيءَ بي سبب ته ڪونه چيو هو:
اَڇو
پاڻي لڙ ٿئو، ڪالوڙيو ڪنگن،
ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا.
ون يونٽ واري ئي زماني ۾ خبر ناهي ته ڪنهن چيو ته
اسان رات ڏينهن ”سنڌ سنڌ“ پيا ڪيون. پر سنڌ گهمي
ڏسون ته سهي. ائين سنڌ گهمڻ جو پروگرام ٺهيو.
اونهاري ۾ سول ڪورٽن کي وئڪيشن ملندي آهي. اياز ۽
ڀَٽي
وڪالت ڪندا هئا. سي سکر مان ايندا هئا. تنوير
خيرپور مان. جويو صاحب ۽ مان حيدرآباد مان. جمال
ابڙو جتي به هوندو هو، اتان ايندو هو. سڀ
ڄڻ ته
هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي هوندا هئاسين. هڪ نئون ساٿي به
پاڻمرادو اچي اسان سان شريڪ ٿيو. ارباب نور محمد
پليجو. اسان کي جاتيءَ جي پاسي گهمائڻ وٺي ويو.
رستي تي مومل جي پيءُ، راجا نند جي ”ڪوٽ“ جا قديم
آثار ڏٺاسين. سخت گرمي هئي. واپسيءَ تي ٺٽي وٽان
درياهه ٽپي، ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي اچي منزل انداز ٿياسين. اتي هڪ
HUT
۾ رات رهياسين، جيڪا نواب ڪالا باغ گورنر اولهه
پاڪستان واسطي سينگاريل هئي. پر، هو
ڪينجهر تي اچڻ بدران سڌو
ڪراچيءَ هليو ويو هو. ٿڌي ٿڌي هير پئي لڳي. ڪينجهر
جي ڪپ تي گذاريل اها رات عمر ڀر ياد رهندي.
ٻئي سال ”کارو ڇاڻ“ ڏٺوسون. اتي ئي سنڌو درياهه
سمنڊ ۾ پوي ٿو. پر، سمنڊ ۾ ڪرڻ کان اڳ هٿ جي تريءَ
مان نڪتل آڱرين وانگر، شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. هر
شاخ جو الڳ الڳ نالو آهي. کاري ڇاڻ ۾ رات رهي،
ٻيڙيءَ رستي، حجامڙي درياهه جي شاخ ڏئي، ڪيٽي بندر
روانا ٿياسين. ڪيٽي بندر ۾، سيٺ نور محمد جي اوطاق
تي رات ٽڪياسين. اوطاق سادي سودي هئي. ڪاٺ مان
ٺهيل هئي. چانئٺ ٽي فوٽ اوچي هئس. لانگ ورائي
اندر گهڙندا هئاسين. ٻڌايائون ته سامونڊي پوسل
وارو علائقو آهي. آهستي آهستي ڪاٺ جون ڀتيون زمين
۾ هيٺ ٿينديون وينديون. ڪجهه سالن کان پوءِ چائٺ
نظر به ڪانه ايندي.
سيٺ نور محمد وارن ٻڌايو ته ڪيئي سال ٿيا جو اوهان
جي آرين پارين هڪڙو پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو هن اوطاق ۾
رهي ويو آهي، پر اهو سياسي ڪم سان آيو هو، نالو
هئس: پير علي محمد راشدي.
ڪيٽي بندر ۾ درياهه مان پيئڻ جو ڇُڙيو
پاڻي ٻيڙين تي ايندو هو. مٽيءَ جهڙو ميرو، اوطاق ۾
به اهو ئي ڦٽڪي هڻي استعمال ڪندا هئا. پر، ڪيٽي
بندر وٽ سمنڊ
جي بيچ جو نظارو ڏاڍو سهڻو هو. تنوير ۽ مان
سانجهيءَ جو سمنڊ جي ڪناري تي وياسين. مون
بنگلاديش ۾ ڪاڪس بزار واري
دنيا جي مشهور
بيچ به ڏٺي آهي، پر، ڪيٽي بندر واري بيچ
(BEACH)
پڻ
سهڻي آهي.
سانجهيءَ جو اولهه طرف سڄو آسمان شفق جي ڪڪرن سان
ڍڪيل هو،
سج
سونيءَ ٿالهيءَ وانگر، آهستي آهستي سمنڊ جي ڇولين
کي ڇُهي
رهيو هو. رات ۽ ڏينهن جي ميلاپ جو عجيب منظر هو.
قدرت جو هڪ شاهڪار هو. تنوير ۽ مان
دير دير تائين
اهو منظر
ڏسندا
رهياسين!
ٻئي سال تنوير اسان کي دادو ضلعو گهمائڻ وٺي هليو.
سندس وڏو ڀاءُ ادا عبدالنبي، اُتي
انجنيئر هو. اسان جي سير سفر جو سڄو بندوسبت
پرفڪيٽ رکيو
هئائين.
انهيءَ سفر ۾ اسان پهريون پهريون
دلچسپ
نظارو
بوبڪن ۾ ڏٺو، جتي ڀنگ پوکيندا آهن. رستي جي پاسن
سان بيشمار طوطا وڻن جي هيٺيان ڪريا پيا هئا.
ڀايونسون ته مُئل
آهن. چيائون ته، ”نشي ۾ آهن. جاڳندا، ته اڏامي وڻن
تي ويهندا. بُک لڳندن ته هيٺ لهي ايندا ۽ ڀنگ چُڳندا.
پوءِ وري وڻن تي وڃي ويهندا. نشو جو چڙهندن، ته
ٻٽڪو ڏئي اچي پٽ تي ڪرندا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ائين ئي
پيا هوندا. جيئن هينئر ڏسو ٿا. پڪا موالي ٿي ويا
آهن.“
تنوير کِلي چيو ته، ”پوءِ ته پڪا سنڌي آهن.“ سندس
ڳالهه ٻڌي مون سنڌ تي نگاهه وڌي: ڏٺم ته واقعي
منهنجيءَ مٺيءَ سنڌ جا مٺا ماڻهو، بوبڪن جي طوطن
وانگر صدين کان وٺي، ڪنهن نشي ۾ ٻُٽيا
پيا
هئا.
ڪي ميرن ته ڪي پيرن ۽ ڀوتارن جي اوطاقن ۾،
بوبڪن جي طوطن وانگر
بُکُن ۽ بيمارين
۾
سٽيا
پيا
هئا.
سندن ڌڻي سائين ڪير به ڪونه هو.
انهيءَ سفر ۾، اسان نئينگ وياسين. اتي سائين صالح
شاهه پنهنجيءَ اوطاق تي قربائتي ڪچهري ڪئي. نئينگ
جي خصوصيت هڪ قدرتي چشمو آهي. اسان سڀ ان ۾
وهتاسين. تنوير جي ننڍي ڀاءُ الطاف اسان جي تصوير
ڪڍي. نئينگ جي باغات، وڻڪار، سونهن ۽ ساوڪ انهيءَ
چشمي جي ڪري ئي آهي. الائي ته ڪيتري زماني کان اهو
علائقو انهيءَ چشمي
جي ڪري آباد
آهي. ايتريقدر جو آثار قديمه به آهن. اسان انهن ۾
رڳو لاکي لکمير جي ماڙي ڏسي سگهياسين. ٻيو
سندس نياڻيءَ جو ديدار ڪيوسون، جيڪا ايامن کان پنڊ
پاهڻ آهي، ڇو ته منع جي باوجود ڪنڌ ورائي پوئتي
ڏٺو هئائين.
سنڌ جي ڳوٺن ۾ هاري ناري ڳالهيون کڻندا آهن. چوندا
آهن ته پوءِ سبز پريءَ چيس ته، ”ڪنڌ پوئتي ورائي
ڏسندين ته پنڊ پاهڻ تي ويندين.“ سنڌي ڏاهن جو مطلب
آهي ته پوئتي نهارڻ بدران، اڳتي مستقبل تي نگاهه
رکڻ کپي.
منڇر جو ديدار به انهيءَ ئي سفر ۾ ٿيو. چون ٿا ته
سنڌ ۾ انساني تهذيبي سفر جو آغاز جن آڳاٽن هنڌن
ماڳن تي ٿيو هو، تن ۾ منڇر اهم آهي. منڇر جي ڪناري
تي اسان شاهه حسن واري بنگلي ۾ منزل انداز ٿياسين.
تڏهن منڇر پنهنجي عروج تي هئي. هاڻي پنجاب جي
ڪارخانن
جي زهريلي
پاڻيءَ سان ڀريل آهي اتان اهو زهريلو پاڻي سنڌ جي
ماڻهن جي
پيٽ ۾ وجهن ٿا. ڊاڪٽر دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهن.
ٻڌڻ وارو ڪير ڪونهي! سنڌ ۾ وڏيرن جي حڪومت آهي.
اهي ته غسل لاءِ به منرل واٽر استعمال ڪندا آهن.
نئين گاجَ
واري بنگلي تي به ڪي ڪلاڪ لٿاسين، جتي ون يونٽ جي
گورنر، نواب ڪالاباغ جي حڪومت ۾ بلوچستان تي هميشه
وانگر ڏاڍو ظلم ٿيو هو. سو، مينگل قبيلي جا ماڻهو
انهيءَ بنگلي تائين ڪاهي آيا هئا ۽ ڦر ڪري ويا
هئا.
تنوير جي ڀاءُ ادا عبدالنبيءَ، انهيءَ بنگلي ۾
اسان جي ضيافت جو خاص اهتمام ڪيو هو: قسم قسم جا
طعام ۽ سڄا پهاڙي ڇيلا پچرايا هئائين.
پهاڙ تي ڪيترن ئي قسمن جون جهنگلي ٻوٽيون ٿين
ٿيون. حيدرآباد ۾ منهنجو بورچي هڪ دفعي گوشت وٺي
آيو. ان جي ٻوڙ ۾ ڪو سواد هو. ٿاڻي بولا خان مان
ڪو ڇيلو مارڪيٽ ۾ وڪامڻ آيو هو. ان جو گوشت هو.
نئين گاج جي پڪل ڇيلن ۾ ساڳيو سواد هو. چيائون ته
اهو ان ڪري آهي. جو ڇيلن ڪي خوشبودار جهنگلي
ٻوٽيون کاڌيون آهن.
تازو مان خليفي حڪيم عبدالحميد
چانڊئي ۽ سندس
فرزند
حڪيم اعجاز
چانڊيي ۽ سندن ٻين احبابن سان گڏ وري ساڳئي بنگلي
تي ويس. ڏپهرو ڪيوسون. نئين گاج جو پاڻي سڄو سال
وهي ٿو. پر، گهڻي ڀاڱي ضايع
ٿئي ٿو. عقل
کان ڪم وٺجي ته جيڪر
سڄو
ڪاڇو سرسبز ٿي وڃي. انگريز سرڪار سکر بئراج ٺاهيو
ته سنڌ سڌري پئي. سو، سکر بئراج کي ”سنڌ - سڌار“
به ڪوٺيندا هئا. انگريز هليو ويو. هاڻي سنڌ جي
سڌارڻ جو
ته
ڪنهن کي
به اونو ڪونهي. سنڌ جا مالڪ وڏيرا آهن ۽ سڀ رڳو
پنهنجو ڀڀُ ڀرڻ وارا آهن
نئين گاج ڏسڻ کان پوءِ، ڪاڇي ۾ هڪ عجيب قبرستان
ڏٺوسون. اسان باتصوير
ڪتاب ۽ رسالا ته گهڻا ڏٺا هئا، پر زندگيءَ ۾
”باتصوير قبرستان“ اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو
هو.
سنڌ ۾ اهڙا قبرستان ٻين هنڌن تي به
ٻڌجن ٿا، پر، سنڌي سٻاجهڙن کي انهن ۾ ڪابه دلچسپي
ڪانهي.
سنڌ جي ڪنهن به مثالي عالم انهن تي مضمون ڪونه
لکيو آهي. البت، ڊاڪٽر شمل سئزرلينڊ مان شايع
ٿيندڙ رسالي ”فڪر و فن“ ۾ انهيءَ قبرستان تي هڪ
سٺو مضمون لکيو آهي.
ڪاڇي واري قبرستان ۾ قبرن تي، گلن ٻوٽن جي رنگين
چٽسالي هئي. اسلامي روايت ۾ قبرن تي ته ڇا، هونئن
به ساهواري
جي تصوير ڪڍڻ جي منع ٿيل آهي. پر، قبن ۾ اندر ته
عجيب نظارا چٽيل هئا. ڪاٿي اُٺ،
گهوڙا، هاٿي ۽ ماڻهن جا انبوهه شڪار تي پئي ويا.
ڪاٿي
رقاصائن جي
راڳ ۽ ناچ جي شاندار محفل پئي هلي. سڀ رنگين نظارا
هئا ۽ ڏاڍا سهڻا هئا.
انهيءَ ئي سير سفر ۾ اسان لڪيءَ جا چشما ڏٺا ۽
انهن ۾ غسل ڪيو. سيوهڻ ۾ قلندر شهباز ۽ باغبان ۾
مخدوم بلال جي روضن جي چانئٺ چميسون. آخر ۾ سن اچي
سائين جي.ايم.سيد جي حاضري ڏنيسون. وٽس رات
رهياسون.
کيس پيرين پئي، روح کي فرحت آئي. ڀٽائي ياد آيوِ:
پسندي ڄام پنهونءَ کي، اچي اکين آرام.
تنوير جي شعر ۽ شاعريءَ جا گهڻا ڪتاب هاڻي ڇپجي
ويا آهن. نصير مرزا مون کي ٻڌايو ته شاهه سائينءَ
تي تنوير جي تحقيق تمام وڏو وزن رکي ٿي. پر، مڃتا
وري
ڪن
مثالي عالمن کي
ملي آهي. مون
ئي
شاهه سائينءَ تي تنوير جي تحقيق جو اهو ڪتاب سائين
غلام مصطفيٰ شاهه جي شاهه لطيف ڪائونسل کان ڇپايو
هو. تنوير کي خوش خير محمد فقير ۽ سچل سائينءَ جي
نانڪ فقير تي تحقيق جو ڪم پڻ بورڊ کان منظور ڪرائي
ڏنو هئم. تنوير
خوش ٿيو.
واقعي وڏو تحقيقي ڪم ڪيائين.
پر،
مثالي عالم اهڙن ماڻهن کي اڀرڻ ڪونه ڏيندا. هو کين
ڇوڪرو ۽ شيخ اياز جهڙن
عظيم شاعرن کي
”ڀوڳائي مڙس“
ڪوٺيندا هئا. کين
مرڻ کان پوءِ به ڪونه بخشيو اٿن. تفصيل نصير مرزا
کي معلوم آهي.
تنوير جي پنهنجي ڪلام جو پهريون پهريون ڪتاب ”رڳون
ٿيون رباب“ نالي سان شايع ٿيو هو. ڪلام جو سڄو
مسودو منهنجي حوالي ڪري، چيو هئائين ته،”ڪلام جو
انتخاب تون ڪر.“ اها
1950ع
واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. پيش لفظ ۾ لکيو اٿس ته:
”ڪلام جي چونڊ جو سڄو بار، ربانيءَ تي آهي،
جنهن جي راءِ منهنجي لاءِ ڳريءَ قيمت واري آهي.“
پيش لفظ ۾، اڳتي هلي، شعر شاعريءَ جي مقصد ۽ هن
جهان ۾ انسان جي وجود بابت لکيو اٿس ته:
”هن جڳ ۾ انسان متعلق هڪ تعبير هيءُ به آهي ته ڄڻ
کيس بيهوش ڪري ڪنهن ڪاڪ محل ۾ پهچايو ويو هجي ۽
هوش ۾ اچڻ سان سندس دل تان سموريون گذريل
يادگيريون ميٽجي ويون هجن ۽ هو وائڙو ٿي هيڏي هوڏي
واجهائي، هن ڪائنات جي مانڊاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش
ڪندو هجي. واقعن، تجربن ۽ مشاهدن جڏهن انسان جي
ذهن تي ڪي اڻ مٽجندڙ عڪس وڌا، تڏهن هن چاهيو ته
اهي عڪس هو ٻين جي ذهنن ۾ پلٽائي ۽ ائين شاعري
وجود ۾ آئي.“
مستقبل جو محقق، تنوير جي زندگيءَ تي نگاهه
وجهندو، ته کيس اها ڳالهه نوشته ديوار وانگر نظر
ايندي، ته ”مانجهاندي جي ماڳ“ ۾، تنوير پنهنجيءَ
حياتي
اجري گذاري،
آخر
اوڏانهن ويو، جيڏانهن هر ڪنهن کي هلڻو آهي. پنهنجو
دامن داغدار ڪونه ڪيائين. گلاب جي گل وانگر
سڄي عمر
سرهو رهيو. قدرت مٿس مهربان رهي کيس هر نعمت نصيب
ڪيائين. والدين جو فرمانبردار پٽ هو ۽ پنهنجي
اولاد جو شفيق پيءُ هو. مٽن مائٽن ۽ يارن
دوستن
سان آخر تائين نڀايائين. سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن
سان پيار ڪيائين.
سدائين پاڻ چوندو هئو:
جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير
تيئن مون من ماروئڙن سين!
مون سان سندس دوستيءَ جو عرصو پنجاهه سالن کان به
مٿي هو. ڪيئي ويرا اچن ٿا. ماڻهو
ڪن دوستن سان
عارضي طرح يا هميشه جيئري ئي ڇڄي به ٿو. پير علي
محمد راشديءَ هڪ خط ۾ سائين جي.ايم. سيد کي لکيو
آهي ته، ”دلين کي درياهه جون سيرون به ڌار ڪري
ڪونه سگهنديون.“ قدرت تنوير ۽ منهنجي دلين جي تارَ
به ائين ڳنڍي ڇڏي هئي.
تنوير سنهيءَ کل وارو ماڻهو هو. جڏهن هر شخص کي
”موتيءَ جو داڻو“ سمجهڻ ۽ ڪوٺڻ کان پوءِ به، سنڌ ۾
وک وک تي بي وفائي ۽ حسد ڏٺائين، ته ڀريءَ محفل
مان ماٺ ميٺ ۾ اٿي هليو ويو. الائي ڪاڏي ويو؟
ڏاڍو ڪو پري هليو ويو! انگريزي محاوري ۾ ان کي
چئبو آهي ته
HE – WENT – THAT – FAR - AWAY
مان ته
ڏاڍو اڪيلو ٿي پيو آهيان.
کيس ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن دل ۾
چوندو آهيان ته، ”من، هڪ دفعو کيس ڏسان. خواب ۾ ئي
ڏسان!“ راڻيپور جي سائين صالح شاهه هيءَ ڪافي
الائي ته ڪهڙيءَ ذهني ڪيفيت ۾ چئي هئي:
مٺامارو،
الله
آڻئي، دلين جا داغ وڃ ڌوئي!
حميد
سنڌي
عبدالحميد ميمڻ جو ذڪر ڪبو، ته ماڻهو منجهي پوندو،
پر حميد سنڌي ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي. پاڻ
کي ”سنڌي“ ڇو سڏايائين، ان بابت، مان ته ايترو چئي
سگهان ٿو ته کانئس گهڻو گهڻو اڳ ٻين ڪيترن اڪابرن
به پاڻ کي ”سنڌي“ ڪوٺايو هو، جن جي لسٽ چڱي ڊگهي
آهي. ليڪن، مڙني ۾، مشهور نالو عبيدالله
سنڌي آهي. پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي
ڏينهن اهي شينهن“ ۾ کيس پنهنجي دؤر جي سنڌي
مشاهيرن ۾ اوليت جو درجو ڏنو آهي ۽ اعتراف ڪيو آهي
ته، ”اسان جي دؤر ۾ سندس سوچ ئي سڀني ۾ صحيح هئي.“ |