مد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد پڻ اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا. سندن ايڊيٽر شيخ علي محمد ته اسان جو دوست هو. ”عبرت“ اخبار ”سنڌ دوست“ اديبن جي ترجمان بنجي وئي.

”مهراڻ“ اخبار، سنڌ دوست اديبن کي هندستاني ايجنٽ، ڪميونسٽ ۽ ڪارا ڪافر ڪوٺيندي هئي. ان جو ايڊيٽر سائين سردار علي شاهه هو، جو ڊاڪٽر بلوچ جو پڪو دوست هو! حيدر بخش جتوئيءَ جي ڏنل نعري ”جيئي سنڌ“ لاءِ چوندو هو ته اهو ”جئه سنڌ“ آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

  f="../../help.html">

سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ماڻهو شهر ڀنڀور جا

 

صفحو :16

مان اياز کي وڏو عرصو گهڻو ويجهو رهيو آهيان. زندگيءَ جي پوئين پهر ۾ هو جسماني طرح هيڻو ۽ ذهني طرح اٻاڻڪو ٿي ويو هو. سندس پراڻا دوست کيس ڇڏي ويا هئا. نوجوان نسل ته سنڌ يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ ئي کانئس دور ٿي ويو هو. سو، انهيءَ مايوسيءَ واريءَ ذهني ڪيفيت ۾ هن مذهب جو سهارو ورتو هجي، ته عجب ڪونهي. پر، شرعي لحاظ کان دين اسلام جي پيروي پوءِ به ڪونه ڪندو هو. نماز ڪونه پڙهندو هو. روزو ڪونه رکندو هو، زڪوات ڪونه ڏيندو هو ۽ غريب غربي کي خيرات ڪونه ڏيندو هو. حج تي ڪونه ويو.

فيض ته پنهنجي آبائي شهر ۾ پاڙي واريءَ مسجد جي مرامت ڪرائي. اياز ته شڪارپور ۾، پنهنجي پاڙي واري اسڪول يا اسپتال جي به سار سنڀال ڪانه لڌي. تاهم، اسان کي سندس دعائيه شاعريءَ جي معاملي تي انصاف سان سوچڻ گهرجي. مُلن وانگر امالڪ فتويٰ جاري ڪرڻ نه کپي.

سيرت جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته حضرت عليءَ عه جو ڪنهن ڪافر سان مقابلو ٿيو. کيس دسي، سندس سيني ۾ خنجر هنيائين، ته هن ڪلمو پڙهيو. جڏهن حضور پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم کي اهو اطلاع مليو ته حضرت عليءَ عه کان پڇا ڪيائون. هن چيو ته، ”حضور، هن ڊپ کان ڪلمو پڙهيو.“

حضور صلي لله عليه و آله وسلم جن فرمايو ته: ”علي، تو سندس سينو چيري ڏٺو هو؟“

نيتن جو مالڪ فقط خدا آهي. سو، جيڪڏهن شيخ اياز خلوص دل سان مذهب ڏانهن مائل ٿيو هجي، ته ان ۾ حيران ٿيڻ نه گهرجي. اياز جي فرزند، ڊاڪٽر سليم مون کي ٻڌايو ته، ”چاچا، هڪ ڀيري بابا کي دل جو دورو پيو. اسان کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو. ELECTRO-CARDIOGRAM (ECG) تي هلندي هلندي، ڊگهي ليڪ اچي وئي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو، ته دل پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. اهو ڏسي مان روئندي، ڪمري مان ٻاهر نڪتس. مون سان گڏ جيڪو ٻيو ڊاڪٽر بيٺو هو، سو ڊوڙندو ٻاهر آيو ۽ مون کي ٻانهن مان جهلي، واپس ڪمري ۾ وٺي ويو. ELECTRO-CARDIOGRAM وري نارمل نموني هلي رهيو هو. جڏهن بابا چاڪ ٿيو، ته اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو متاثر ٿيو.“

مان اياز جي فرزند ڊاڪٽر سليم کي تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن هو اڃا ٻار هو. سليم گفتار توڙي ڪردار ۾، نهايت مهذب انسان آهي، هن جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، سا، سورنهن آنا صحيح هوندي. مان ڀانيان ٿو ته پنهنجي پٽ کان اهو واقعو ٻڌڻ ۽ ٻيا اهڙا مشاهدا ماڻڻ کان پوءِ اياز مذهب ڏي مائل ٿيو هجي، ته ان ۾ حيرت ٿيڻ نه گهرجي.

بهرحال، وقت جي گذرڻ سان جڏهن مستقبل جو نقاد، اياز جي ڪلام ۽ پيغام کي معروضي (OBJECTIVE) انداز سان پرکيندو، تڏهن هو صحيح رايو ڏئي سگهندو، ته اياز وقت ۽ واءَ کي ڏسي، پنهنجا خيال ۽ نظريا قائم ڪندو هو پر، پوءِ به اياز جو هر عقيدتمند اها راءِ قائم ڪرڻ ۾ حق بجانب هوندو، ته هر مفڪر کي اهو حق حاصل آهي ته هو ڪنهن به داخلي يا خارجي واردات کان متاثر ٿي، پنهنجا خيال ۽ رايا بدلائي ته پوءِ اياز کي به اهو حق حاصل آهي، ته هو پنهنجا سياسي ۽ نظرياتي عقيدا بدلائي، مثال طور، علامه اقبال، پنهنجي شاعريءَ جي ابتدائي دور ۾ ترانو لکيو:

سارے جہان سے اچھا ہندستان ہمارا

هن اڳتي هلي، انهيءَ نقطي نگاهه کي رد ڪري لکيو ته:

چین و عرب ہمارا، ہندستاں ہمارا

مسلم ہیں ہم، وطن ہے سارا جہاں ہمارا

ابوالڪلام آزاد جيڏو وڏو ليڊر هو، اوڏو عظيم انسان هو. هن پڻ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز هڪ مسلمان مبلغ وانگر ڪيو، ليڪن، آخر ۾ هندستاني قومپرستيءَ جو نقيب ٿي ويو.

سو، جيڪڏهن اياز جي سوچ به ارتقائي مرحلن مان گذرندي رهي، ته ان ۾ حيرت جي ڳالهه ڪانهي. نه وري ڪنهن کي مٿس لقب لڳائڻ ۽ فتويٰ ڏيڻ جو حق آهي. هر باشعور انسان جي سوچ ارتقائي مرحلن مان گذرندي آهي.

اياز جي رومانوي (ROMANTIC) ادب ۾ دلچسپي پاڪستان ٺهڻ کان اڳي توڻي پوءِ قائم رهي. ان ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو. اياز جي سوچ کي سمجهڻ لاءِ اها ڳالهه به اهم آهي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس پهريون ڪتاب ”پنهل کان پوءِ“ سکر مان”حبيب پبليڪيشنس“ شايع ڪيو، جنهن جو روح روان شيخ عبدالرزاق راز هو. اياز سان گڏ ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هو. اياز سان سندس معاصرانه نوڪ جهوڪ مڙئي هلندي رهندي هئي. هونئن، سندس دوست هو ۽ پري جو مائٽ پڻ. مان جڏهن به سکر ويندو هئس ته دعوت ڪندو هو، جنهن ۾ اياز، ڀَٽِي ۽ تنوير به شريڪ ٿيندا هئا. جڏهن ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ ملازم هئس، ته مٿس زور وجهي، کانئس سنڌي ادبي سنگت جي پاڪستان کان اڳ واري ابتدائي دؤر بابت مضمون لکائي، رسالي ۾ قسطوار شايع ڪيم.

اياز جي ڪتاب ”پنهل کان پوءِ“ ۾ خط آهن، جيڪي اختر شيرانيءَ جي خطن وانگر، ڪنهن خيالي محبوبه ڏانهن لکيل ڪونه آهن. انهن جي مخاطب شڪارپور جي هڪ خاتون هئي. مون هڪ دفعو، ڪراچيءَ جي ايس ايم لا ڪاليج ۾ ڏٺي هئي. ڪنهن شاگرد سان ڳالهائي رهي هئي. منهنجي ساٿيءَ ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو: ”روشن اها ٿئي.“ شڪل صورت ۽ قد بت جي لحاظ کان روشن هڪ وجيهه ۽ باوقار خاتون هئي. پر، خالص نسوانيت جي خيال کان منجهس ڪابه غير معمولي ڳالهه ڪانه هئي. کيس ڏسي پراڻو پهاڪو ياد ٿي آيو ته: ”ليليٰ کي مجنونءَ جي اکين سان ڏسجي.“

چڱو عرصو ٿيو، جو مرحومه روشن جي هڪ رشتيدار جو هڪ مضمون پڙهيم، جنهن مان ائين ٿي لڳو ته اياز پنهنجي پيار ۾ سچو ڪونه هو. حقيقت ائين ڪانهي. اهو اياز تي بهتان آهي. اياز انهيءَ خاتونءَ جو هميشه ڏاڍيءَ سڪ سان ذڪر ڪندو هو. سندس نالو وٺي، هڪ غزل به چيو اٿس، جنهن جو هيءُ شعر ته خاص طرح توجهه طلب آهي:

ائين ڇو دور ۽ مجبور آهيون، گرچه ڄاڻون ٿا،

ته مان هان زندگي تنهنجي ۽ تون آن زندگي منهنجي.

اياز کي انهيءَ خاتونءَ سان دلي پيار هو، پر، حــق جي ڳالهه ڪبي ته سنڌ ۾، مڊل ڪلاس جي محدود پڙهيل ڪڙهيل عورتن وانگر، روشن کي به اول موٽر ۽ بنگلو کپندو هو، جيڪو اياز جهڙي تڏهوڪي سُڃي سِرَ وٽ ڪونه هو. عشق بعد جي ڳالهه هئي. اياز ”پنهل کانپوءِ“ ڪتاب ۾ پاڻ روشن کي اهي ميارون ڏنيون آهن.

سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي پڙهيل ڪڙهيل ۽ خوبصورت ۽ ذهين خواتين سان شاديءَ جي خواهشمند مردن جي ڪمي ڪانهي، ان ڪري، هو ان ڳالهه جو پورو پورو فائدو وٺنديون آهن. اول کين پاڻ ڏي مائل ڪنديون آهن. ذاتي مطلبن لاءِ استعمال ڪنديون آهن. کانئن سڀ ڪم وٺڻ کان پوءِ، هٿن جون ليڪون ڏسڻ بدران سندن ”بئنڪ بئلنس“ ڏسنديون آهن ۽ اهو به پڇي پڪ ڪنديون آهن ته، ”اوهان کي ڪو ٻنيءَ ٻارو يا باغ به هوندو؟“

انهن ڳالهين جي پڪي خاطري ڪري، ڪنهن ڊگهي قد واري مرد جي ڳچيءَ ۾ لوڪ ڪهاڻيءَ جي ”حسن پريءَ“ وانگر وڃي هار پائينديون آهن- اياز اهڙو خوشنصيب ڪونه هو!

وصل ۽ وڇوڙو مجاز جا ٻه پاسا آهن. هڪڙو باغِ بهشت مان ٿڌي واءَ جو جهوٽو آهي، ته ٻيو دوزخ جو شعلو. پر، وڇوڙو به فن جي شهپارن کي جنم ڏيندو آهي. هر عظيم فنڪار، شاهه ڀٽائيءَ وانگر خوشقسمت ڪونهي! وارث شاهه کي مجازي راهه ۾ محرومي نصيب نه ٿئي ها، ته ”هير“ جهڙو شاهڪار ڪيئن تخليق ٿئي ها؟ ڀٽائي ائين ڇو چوي ها:

مون کي ماءُ مجاز، پڃاري جيئن پڃيو.

ماڻهوءَ جو ذهني سانچو ٺاهڻ ۾ ننڍپڻ جا نقش ڏاڍي اهميت رکن ٿا، اياز کان پنهنجو پهريون عشق ڪڏهن به ڪونه وسريو. مون اياز جي هيءَ مصرع جڏهن به پڙهي، تڏهن ائين ڀانيم، ته هو روشن سان مخاطب آهي:

مون پرهه جي هير کي، ساجهر ڏنا تولئه سلام

ليڪن، ائين به ڪونهي، ته اياز سڄي عمر روشن جي درد ۽ فراق ۾ گذاري ڇڏي! هن نوان نوان عشق ڪيا ۽ روسي ڪلاسيڪي اديب، ليو ٽالسٽاءِ جي نصيحت تي عمل ڪيائين:

MY BOY, YOU WILL FALL IN LOVE, AGAIN AND AGAIN

اياز پاڻ ئي آتم ڪهاڻيءَ ۾ الائي ته ڪيترن ”افيئرس“ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پنهنجي سوانح نگار، مسٽر انور فگار هڪڙي کي هدايت ڪئي اٿس،“ ته ”مارل موچياڻيءَ واري ”افيئر“ جي گهڻي کوٽ کوٽان نه ڪري، ڇو ته پاڻ اصلي شخصن جا نالا ڦيرائي ڇڏيا اٿس.“

1955ع ۾ ”مهراڻ“ رسالو وڏي آب تاب سان شايع ٿيو. ايڊيٽر جويو صاحب هو، تنهن اياز کي ”اسان جو شاعر“ (يعني مهراڻ جو شاعر) ڪوٺيو. اهو خطاب اياز لاءِ ئي مخصوص هو. جويو صاحب سياسي سجاڳ ذهن رکندڙ شخص آهي، پر، 1955ع واري ”مهراڻ“ جي پهرئين پرچي ۾ اياز جو ڇپيل ابتدائي ڪلام پڙهي ڏسبو، ته منجهس سياسي رنگ سهڻيءَ اک ۾ سرمي جي لڪير برابر به نظر ڪونه ايندو. البت، رومانوي رنگ سو ڏاڍو گھرو گهاٽو بيٺو آهي، پري کان پڌرو آهي:

سڄڻ جو ساريوم، ته آيون هيرون هنج ۾،

جيڏانهن نهاريوم، چوڏهينءَ جي چانڊاڻ هئي.

پر، جي کوٽ کوٽان ڪبي، ته تصوف جو ڪو اولڙو به نظر اچي ويندو:

اچي اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي،

سندم روح ربابُ، سڪي پيو ڪنهن سر لئه.

هن شعر ۾ اياز جنهن شراب جو ذڪر ڪري رهيو آهي، سو ، ”ڊمپل“ يا ”شواز ريگل“ جي بوتل ۾ بند ڪونهي. اهو ته ڪنهن ٻئي ميخاني مان ملندو آهي، جنهن جو حافظ شيرازيءَ جي هڪ شعر ۾ به ذڪر آهي. اهو شعر مون وانگر  اياز کي به ڏاڍو وڻندو هو:

دوش دیدم کہ ملائک در میخانہ زدند

گِلِ آدم بسر شتند و بہ پيمانہ زدند

(ڪالهه رات ڏٺم، ته ملائڪ ميخاني جو دروازو کڙڪائي رهيا هئا، آدم جي مٽيءَ کي ڳوهي، منجهائس ميءِ جو پيمانو ٺاهي رهيا هئا.)

سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري صوفيانه سوچ سان اڻيل آهي. جيڪڏهن ان جو اونهو اڀياس ڪبو، ته منجهس ”وحدت الوجود“ واري فلسفي جو رنگ جان تان چٽو نظر ايندو. سنڌ جي صوفين ان کي ڪمال ڪاميابيءَ سان سنڌي ٻوليءَ جي سانچي ۾ پلٽيو ۽ سنڌ جي سوچ جي ارتقائي عمل کي اڳتي وڌايو. مڙني جو امام ڀٽائي هو.

اسلامي تصوف سنڌ جي سرزمين ۾ سائي سلي وانگر ڦُٽو. سُتت گؤنچ، گُل، پن، شاخون ۽ ڏار ڪڍيائين، وڌي وڻ ٿيو. ڦل ڦول جهليائين. اسلامي تصوف سنڌ ۾ هندن ۽ مسمانن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ بي مثال ڪرشما ۽ ڪارناما ڪري ڏيکاريا، جنهن جو مثال ڪاٿي ڪونهي.

سنڌ ۾ ڪيترا هندو، مسلمان درويشن جا مريد هوندا هئا. منهنجي محسن ۽ مهربان دوست، نواب نور احمد خان لغاريءَ جا وڏا، جهوڪ جي صوفي بزرگ، شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جا خليفا هئا. نواب صاحب مون کي ٻڌايو، ته ڪيترا هندو پنهنجي مسلمان مرشد کان ذڪر فڪر وٺندا هئا، جنهن ۾ قرآن ڪريم جون آيتون ۽ رب پاڪ جا نالا هوندا هئا. مراقبي ۾ انهن جو ورد ڪندا هئا. ڪي ته پاڻ کي مرشد جي پيرن ۾ پورائيندا هئا.

منهنجي دوست، رحيم بخش خان سومري ڳالهه ڪئي ته، ”اليڪشن ۾ بيٺس. ووٽرن کي پارت سُفارت ڪرائڻ لاءِ جهوڪ شريف وڃڻو پيم. سجاده نشين بزرگ جو ٻڌو ته شهيد الله بخش سومري جو وڏو پُٽُ آيو آهي، سو، وڏيءَ سڪ سان اچي مليو. عين ان مهل مسجد مان بانگ آئي. ڪجهه دير کان پوءِ سجاده نشين انهيءَ بانگ ڏيندڙ شخص کي سڏ ڪري چيو ته، ”ٽيئون مل، حويليءَ تي پيغام موڪليو ته، شهيد الله بخش سومري جو وڏو پُٽ آيو آهي. ماني خاص اهتمام سان تيار ڪري موڪلن.“

رحيم بخش چيو ته مون حيران ٿي، بزرگ کي چيو ته، ”سائين، مسجد مان بانگ آئي. اندران ٽيئون مل ڪيئن نڪتو؟“

بزرگ چيو ته، ”ڇو، ادا، ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي؟ ماڻهن کي نماز لاءِ سڏڻ چڱو ڪم آهي. ٽيئون مل ته چڱو ڪم ڪيو.“

سنڌ ۾ اسلامي تصوف جي اهڙن ڪرشمن جا اسباب معلوم ڪرڻ لاءِ تاريخ جا ڪيئي ورق پوئتي ورائڻا پوندا، جنهن جي هن مضمون ۾ گنجائش ڪانهي. فقط هڪ ڳالهه ڏي اشارو ڪريان ٿو.

LEIDEN 1989ع ۾ هڪڙو ڪتاب شايع ڪيو آهي. نالو اٿس: RELIGION AND SOCIETY IN ARAB SIND ڪتاب جو لکندڙ D.N.MACLEAN آهي. هو جڏهن سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن مون سان به مليو هو ۽ گھرو گهاٽو ٿي ويو هو، سو، ڪتاب ۾ منهنجو نالو به وڌو اٿس. هڪ دفعي، ٻئي ڄڻا گڏجي، روڊ رستي سکر وياسين. رستي تي ڪن تاريخي جاين جون تصويرون ڪڍيائين. مون ۾ سيرت جي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ڏسي، هڪ ڪتاب پڙهڻ جو مشورو ڏنائين. پر، ائين به چيائين ته، ”يهودين جو لکيل آهي. احتياط سان پڙهجانءِ.“

مئڪلين پاڻ جيڪو ڪتاب لکيو آهي تنهن ۾ اسلامي تصوف جي اوسر جو جائزو وٺڻ لاءِ، عربن جي فتح کان اڳ، سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي اثر جو اونهو اڀياس ڪيو اٿس ۽ چيو اٿس ته سنڌ ۾ تصوف جي اوسر لاءِ محبت جو ماحول ”ٻڌ مت“ اڳي ئي تيار ڪيو هو. قرآن ڪريم ۾ ”ذوالقفل“ مان مراد ڪپل وستوءَ وارو آهي، جيڪو گوتم ٻڌ جي ڄمڻ جو هنڌ هو. اها ڳالهه مون سان مولانا قاسميءَ ڪئي هئي. پر، ساڳي ڳالهه هاڻي موجوده دور جي عظيم سيرت نگار ڊاڪٽر حميدالله جي ڪتاب ۾ پڙهيم. سندس انگريزي اکر هي آهن:

The name of Prophet of ‘Dhil-kifl’ (literary meaning of kifl), which has been, Arab-cized, in surt 95 of Holy Quran, we read:

“By the fig-tree, and by the olive-tree and by the Mount sina, and by this protected city…”

There is unanimity of commentators that “this city” is Mecca, “Mount Sina” is Sina of Moses, olives refers to Jesus. As to fig-tree every body knows the “Bodi tree”. Fig-tree had importance in the life of no other prophet.

(Source: Muhammad Rasulullah (P.B.U.H) by Muhammad Hamidullah “Muzfia publication”, 3-A Afendi Manzil Arambagh Road, Karachi, - page 107.)

اياز اسلامي تصوف جو فقط مٿاڇرو مطالعو ڪيو هو. سندس گفتگو ۾ اها ڳالهه پڌري ٿي پوندي هئي. مون کي چوندو هو ۽ پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ۾ به لکيو اٿس ته مان ”دهريو صوفي“ آهيان. ”دهريو“ معنيٰ زماني جو ماڻهو.“ ليڪن، صوفي زماني جو ماڻهو ڪونهي. صوفي ”لاڪوفي“ آهي.

اياز اهڙيون ترڪيبون ِ رڳو ”زيبِ داستان“ خاطر استعمال ڪندو هو. هڪ دفعي سکر ۾ مان، ڀَٽِي ۽ تنوير، سندس آفيس ۾ ويٺا هئاسين. گرميءَ جي مند ۽ ٽاڪ منجهند جي مهل هئي. اياز آفيس پهتو، ته پگهر ۾ شل هو. کيس فل سوٽ پيل هو. اسان چيس ته، ”هن گرميءَ ۾ فل سوٽ ڇو پاتو اٿئي؟“

اسان کي جواب ڏنائين ته، ”مان گرميءَ ۾ گرم ۽ سرديءَ ۾ سرد لباس پائيندو آهيان.“

اهڙيون ڳالهيون لکندو به هو. مثال طور، پنهنجي هڪ ڪتاب ۾، ابنِ عربيءَ جي ڪتابن جا نالا هِتان هُتان گڏ ڪري، لکي ڇڏيو اٿس ته، ”مون هي سڀ پڙهي ڇڏيا آهن.“ پر، سندس ڪنهن به ڪتاب يا ڪلام ۾ ڪٿي به ابنِ عربيءَ جي فڪر جو پاڇو به ڪونهي!

ابنِ عربي ايڏي وڏي علمي ۽ ديني شخصيت هو، جو، ڀٽائيءَ جو يار، مخدوم معين ٺٽوي، سندس فلسفي کي سمجهڻ لاءِ ٺٽي مان دهليءَ ويو هو ۽ کيس ورهين جا ورهيه شاهه ولي الله جي قدمن ۾ وهڻو پيو.

ابن عربيءَ جي مغرب توڙي مشرق ۾ اڄ به ڌاڪ ۽ هاڪ آهي. گائي ايٽن لکيو آهي ته، ”هن حضور پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي هڪ حديث قدسيءَ جو حوالو ڏئي، سڄي يورپ جو الاهيات تي اعتراض ختم ڪري ڇڏيو.“

تازو، مصر ۾ ابنِ عربيءَ جي هڪ ڪتاب جي اشاعت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪيائون. عالم ۽ اهل قلم اٿي کڙا ٿيا، ته حڪومت ڊڄي وئي ۽ پنهنجو حڪم واپس ورتائين.

علامه اقبال گولڙي شريف واري سيد مهر علي شاهه کي خط لکي پڇيو آهي ته، ”مون کي انگلنڊ وڃڻو آهي ۽ ابن عربيءَ تي ليڪچر ڏيڻو آهي. اوهان جي ڪريمانه اخلاق ۾ اميد اٿم ته هنن سوالن جا جواب عنايت ڪندا: (1) ابن عربيءَ ”وقت جي حقيقت“ بابت ڪهڙي تعليم ڏني آهي. ان باري ۾ متڪلمين کان ڪيئن مختلف آهي؟ (2) ابن عربيءَ مذڪوره تعليم ڪهڙن ڪهڙن ڪتابن ۾ ڏني آهي؟ ]حوالي لاءِ ڏسو ڪتاب اقبال نامو: مرتب: شيخ عطاالله، علي ڳڙهه[

يورپ جي مختلف ملڪن ۾ اڄ به ابن عربي جي فڪر جي هاڪ آهي. سندس سوچ کي سمجهڻ لاءِ ڪيئي سوسائٽيون قائم ٿيون آهن پر، خود سنڌ ۾ اياز جي سوچ کي سمجهڻ لاءِ گهڻيون سوسائٽيون قائم ٿيون آهن، سا به لڪل ڳالهه ڪانهي. اسان ڀڄ ڊڪ ڪري هڪ ”اياز فائونڊيشن“ ٺاهيو، تنهنجو حال به پڌرو پيو آهي! هاڻي ته ان جو نالو به ميسارجي ويو آهي.

سو، ڏک سان چوڻو پوي ٿو ته اياز کي ابن عربيءَ جهڙن اڪابرن لاءِ هلڪڙيون ڳالهيون ”زيب داستان“ خاطر ڪرڻ نه کپنديون هيون.“

ابن حيات پنوهر، اياز جو وڏو عقيدتمند هو. سندس ڪتاب ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۽ ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ جا پروف عشق ۽ عقيدت سان پڙهڻ کان پوءِ هڪ دفعي مون کي ڏاڍي ڏک سان چيائين ته، ”مستقبل جو نقاد ته اياز جي کَلَ لاهي ڇڏيندو.“

اياز جي سوچ جو بنيادُ ”اسلامي تصوف“ ڪونه هو. جديد مغربي ادب هو. اها ڳالهه سوڀي گيانچنداڻيءَ ڪيترائي ڀيرا اسان کي ذهن نشين ڪرائي هئي ته: ”اياز مغربي لٽريچر پڙهي، ان کي نچوڙي، ان جو تت، پنهنجن ڪتابن ۾ پيش ڪري ٿو.“

اياز پاڻ به پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته، ”مان بئنڪ ۾ ايل سي کولي، آمريڪا مان ”نوان ڪتاب“ گهرائيندو هوس. تيرنهن ڊالرن جو ڪتاب هڪ ڊالر ۾ ايندو هو. چئن ڪتابن تي هڪ ڪتاب تحفي ۾ موڪليندا هئا.“

”سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد“ سندس خطن جو هڪ ڪتاب ڇاپيو آهي. جنهن جي مخاطب خاتون مينڌري سعادتيءَ کي مغربي اديبن ۽ ڪتابن پڙهڻ جو مشورو ڏيندي لکي ٿو ته:

”توکي فرصت هجي ته ٽي ڪتاب ضرور پڙهه، MOULIN ROUGE جنهن ۾ آرٽسٽ TOLOUSE LAUTREC جي زندگي آهي، هو فرانس جي IMPRESSIONIST SCHOOL OF ART جو نهايت چڱو فنڪار هو، ٻيو ڪتاب آهي SOMERSET MAUGHAM جو MOON AND SIX PENCE ان ۾ به مصور شايد (PAUL CEZANNE) جي زندگي آهي ۽ فن لاءِ هر شيءِ صدقي ڪرڻ جو جذبو نهايت چڱيءَ طرح چٽيل آهي ۽ ٽيون آهي VINCENT VAN GOCH جي زندگي، جا IRVING STONE لکي آهي. ڪتاب جو نالو آهي LUST FOR LIFE.

ولايت مان  جيڪو لٽريچر اچي ٿو، تنهن ۾ جديد دؤر جي مغربي اديبن ۽ شاعرن جي سوچ ۽ جدت آهي. زندگيءَ جا نوان نوان دلڪش عڪس آهن. اياز جي سوچ انهن مغربي اديبن ۽ شاعرن کان متاثر ٿي. منجهس ڪلام ۾ تازگي هئي. هونئن به، سندس شعر چوڻ جو انداز ئي اَور هو. منجهس شاعرانه حُسن هو:

جتي برج بادل ڪڍي ڳاءِ تون،

اتي آءٌ هوندس، نه گهٻراءِ تون.

اياز تقليدي قسم جو شاعر ڪونه هو، احساسِ محروميءَ ۾ مبتلا ڪونه هو. اردو شاعرن جي ذهني غلامي قبول ڪري، پاڻ کي ”غالب سنڌ“، ”ذوق ِ سنڌ“ ۽ ”داغ ِ سنڌ“ ڪوٺائڻ ۾ فخر ڪونه وٺندو هو.

اياز کان اڳ ويهينءَ صديءَ جي پوئين دور جي سنڌي شاعري گهڻي قدر روايتي ۽ تقليدي بلڪ دقيانوسي هئي. منجهانئس ڪفن ۽ ڪافور جي بوءِ ايندي هئي. هڪڙا پراڻيءَ صوفيانه روايت جي پٺيان هلندي، جهنگ جهر ۾ ”الو ميان“ ڪندا وتندا هئا. ٻيا وري اردو غزل جي طرز تي ”گونزل“ هڻندا هئا. لکنوي انداز ۾ مشاعرا ڪندا هئا. هڪ دفعي ڪراچيءَ ۾ اهڙو ڪو مشاعرو ٿيو. مان ته ڪونه ويس، حُسين شاهه راشدي ويو. موٽيو ته ٻڌايائين ته، جيڪو شاعر اچي، سو، لکنوي انداز ۾، چيلهه کي لوڏي، چوي ته:

لطف اندوز ڪرم، بند قبا هو، مان نه هَسِ.

اياز جو ڪلام ان ڳالهه تي شاهد آهي ته سندس اندر ۾ هڪ عظيم فنڪار هو. هو صحيح معنيٰ ۾ ”ڏات ڌڻي“ هو:

کڻي کانڀاڻي ٺڪاءُ ڪرايئه، پيئه نه ڪو ڪهڪاءُ،

ننڍڙا نينگر، هن ڳيري کي، تو وانگر آ ماءُ.

اياز جي شاعرانه ڏات جو ٻيو هڪ مثال ”دودي سومري جو موت“ نالي اوپيرا آهي، دودو پنهنجيءَ ڀيڻ ٻاگهيءَ کي چوي ٿو ته، علاؤ الدين تنهنجي ٻانهن گهري ٿو يا جنگ، ته ٻاگهي کيس چوي ٿي:

جي تون وڙهندي ماريو ويندين،

هن وستيءَ تان واريو ويندين،

دودا، تنهن جو ساهه ته ويندو،

ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.

اياز جي فن ۽ پيغام تي تحقيق جي ضرورت آهي. هو تمام وڏو شاعر ۽ باڪمال نثر نويس هو. سنڌ جي علمي، تعليمي ۽ ادبي مرڪزن ۾ اهڙيءَ تحقيق لاءِ ڪو به شوق ذوق ڪونه آهي. اميد آهي ته مٿس، اڳتي هلي، ڪيئي ڪتاب لکيا ويندا.

اياز جڏهن سنڌ جي آسمان تي اڀريو هو ته چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪيو هو. مولانا غلام محمد گراميءَ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ ۾ لکيو آهي ته: ”اڄ هر طرف اياز جي عظمت جا جهنڊا ڦڙڪي رهيا آهن.“

مون سندس ڪلام ننڍپڻ ۾ پڙهيو هو، جو ايڏو ته وڻيو هو، جو مون کي تڏهن کان وٺي ساڻس ملڻ جي سڪ هئي. پر، اسان جي رسمي - ملاقات 1950ع واري ڏهاڪي جي پوئين اڌ ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي. ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ مان سندس ڪلام ڇاپيندو هئس. هڪ دفعي پاڻ مون سان ملڻ لاءِ ميٺارام هاسٽل ۾ آيو. مان هاسٽل جي فرسٽ فلور تي 30- نمبر ڪمري ۾ رهندو هئس، جنهن جي اوڀر طرف ٻه وڏيون دريون هونديون هيون. شام جا ڇهه ست وڳا هوندا، جو هيٺان ڪنهن منهنجو نالو وٺي، سڏ ڪيو. دريءَ مان نهاريم ته اياز بيٺو هو. هيٺ لٿس ۽ ساڻس سِڪ سان مليس. پاڻ ٽڪيل ته ڪنهن ٻيءَ هوٽل ۾ هو. پر، ڊرائيور کي ميٽروپول هوٽل هلڻ جو چيائين، جيڪا ان زماني ۾ ڪراچيءَ جي وڏي ۾ وڏي هوٽل هئي. ميٽروپول ۾ گهڙياسين، ته سڌا ”بار“ ۾ وياسين. اياز بيئر گهرايو يا وسڪي، سو ياد ڪونهيم، پر، ٻه چار گلاس پي، ڊائننگ هال ۾ ماني کائڻ وياسين. ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي به ماني کائڻ ۾ مشغول هئا. اسان به ماني کائڻ شروع ڪئي. اياز رکي رکي هيڏي هوڏي پيو تڪي، نيٺ، مون کي چيائين ته، ”هي بيرا اسان ڏانهن گهوري رهيا آهن.“ مون کي ته منجهن اهڙي ڪابه ڳالهه نظر ڪانه آئي، پر، اياز کان رهيو ڪونه ٿيو، سو، نيٺ هڪڙي بيري کي آڱر جي اشاري سان سڏيائين. جڏهن هو وٽس آيو، ته اوسي پاسي وارين ميزن تي ويٺل ڏيهي مردن ۽ زالن ڏي اشارو ڪري، مٿن ٽوڪ ڪري چيائينس ته، ”هنن ماڻهن جا ماءُ پيءُ لنڊن ۽ روم ۾ پيدا ٿيا هئا، جو ڇرين ۽ ڪانٽن سان کائن ٿا. اسان سنڌي آهيون. اسان جي پنهنجي تهذيب آهي. اسان هٿن سان ماني کائيندا آهيون.“

بيرر سندس ڳالهه سمجهي ڪونه سگهيو، سو منجهي پيو. ڀانيائين، ته مٿي تي نشو چڙهي ويو اٿس، سو، ماٺڙي ڪري موٽي ويو. اها ماجرا ڏسي، مون کي پَرون پيا ته، ”اياز جي مزاج ۾ شڪ جو عنصر مڙئي سرس آهي.“

اياز ۽ منهنجي دوستي ان ملاقات کان پوءِ وڌي وڻ ٿي. اسان اهڙا ته گھرا گهاٽا ٿي وياسين، جو جويي صاحب کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه شخص اياز کي مون جيڏو ويجهو ڪونه هو. رشيد ڀٽيءَ سان گهڻي هوندي هئس. پر، هو به کيس ايڏو ويجهو ڪونه هو. جيتوڻيڪ، ٻئي ڄڻا ساڳيا خيال رکندا هئا ۽ گڏجي ڏک ڏٺا هئائون. جيل ڪاٽيا هئائون. ٻنهي جا دوست دشمن ساڳيا هئا.

اياز پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جي سير ۽ سفر جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي. ان ۾ پاڻ، جويو صاحب، جمال ابڙو، تنوير، رشيد ڀٽي ۽ مان اڪثر گڏ هوندا هئاسون. سير ۽ سفر جا انتظام، ڪڏهن جمال ابڙي، ڪڏهن تنوير ته ڪڏهن ارباب نور محمد پليجي ڪيا هئا. پر، هندستان جي سفر ۾ اياز ۽ ڀٽي گڏجي ويا هئا. اياز پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ۾ کيس سِڪ سان ساري لکيو آهي ته:

”رشيد ڀَٽي سکر ۾ وڪالت ڪندو هو. هن جا نقرئي قهقا اسٽاڪ مارڪيٽ ٿرٿلي ۾ وجهي سگهندا هئا. هو مون سان نه رڳو هندستان واري سفر ۾ ساڻ هو، پر سنڌ جي سفر ۾ به ڪيترا ڀيرا ساڻ هو. راتين جو پورهيو ڪري، هن منهنجي ڪتاب ”خط، انٽرويو ۽ تقريرون“ جي ڀاڱي ٻئي تي، ڊگهو مهاڳ لکي، پاڻ کي ٿڪائي وڌو. اڳ ئي هو ضيابيطش جو مريض هو، پوءِ ته هن جي شگر ليول ايترو ڪري پئي، جو ايمبولينس ۾ ڪراچيءَ پهتو مس، ته گذاري ويو. مان هن جي موت تي ڏاڍو رنو هوس. هو منهنجو، ربانيءَ ۽ تنوير جو گھرو دوست هو.“

اياز ۽ تنوير به گهاٽا يار هئا، پر، ڪڏهن ڪڏهن الجهي به پوندا هئا. اياز پاڻ ئي ان باري ۾ نارائڻ شيام واري نظم جو واقعو آتم ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ تنوير سان پنهنجي ناتي جو ذڪر ڪندي، هنن لفظن ۾ اها ڳالهه ڪئي اٿس:

”ڪڏهن ڪڏهن (خيرپور ۾) ڪيس هلائي، تنوير ۽ سندس بيگم قمر عباسيءَ جو سلام ڀري ايندو هئس. هنن سان منهنجا تعلقات ٿڌا ٿي ويا هئا. ان ۾ سراسر منهنجو قصور آهيم ته تنوير کي ادبي دنيا ۾ منهنجي ايتري پذيرائي پسند ڪانه ايندي آهي.“

اياز جا اڪثر ڪتاب ڇپائڻ جويي صاحب جي ذميواري هوندي هئي. هڪ دفعي جويي صاحب اياز جا ٻه ڪتاب سنڌ يونيورسٽي پريس ۾ ڇپائڻ لاءِ ڏنا: هڪڙو ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۽ ٻيو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.“ پر، مون کي چيائين ته ”ناشر جو فارم تون ڀر“. مون ائين ئي ڪيو. ڪتابن جا پروف پاڻ پڙهيائين ۽ مٿن نظرداري به حسب دستور، ڪيائين. خرچ اياز ڀريو. مون کي ڪا به ڪل ڪانه هئي ته منجهن ڇا لکيل آهي. اڳتي هلي ڪري ڪن سنڌي سٻاجهڙن سرڪار کي چغلي هنئي، ته منجهن اسلامي وحدت يعني ون يونٽ جي خلاف مسالو آهي. سرڪار ٻئي ڪتاب ضبط ڪيا.

ڊاڪٽر بلوچ بورڊ جو ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر هو. بورڊ جي ميٽنگ ۾ اعتراض اٿاريائين ته، ”سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ عملدار اهي ٻئي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي پريس مان ڇپائي شايع ڪري، يونيورسٽيءَ تي به حرف آندو آهي. سو، ان معاملي جي انڪوائري ڪري، فيصلو ڪيو وڃي.“

ڪتابن جو ناشر مان هئس. مون ڊاڪٽر بلوچ کي رنجش جو ڪوبه سبب ڪونه ڏنو هو. اسان جي سڄيءَ سنگت مان فقط سراج سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ تي سخت تنقيدي مضمون لکيو هو. ان کان پوءِ وري علي احمد بروهيءَ سندس مرتب ڪيل لوڪ ادب جي هڪ ڪتاب تي هفتيوار اخبار SUNDAY POST ۾ ان کان به سخت مضمون ڇپايو هو. اهي ٻئي مضمون بلاشبه ڊاڪٽر بلوچ تي زوردار حملا هئا. جن سندس شخصيت کي مجروح ڪيو. پر، مان انهن ٻنهي معاملن کان دانسته پري رهيس. ان زماني ۾ بورڊ جون آفيسون ڪراچيءَ ۾ هيون. ڊاڪٽر بلوچ مون کي چوندو هو ته ڪراچيءَ جي صدر ۾ حڪيم نصيرالدين کان دوائون وٺي موڪل. مان سندس اهي ذاتي ڪم به محبت سان ڪندو هئس. بورڊ جي ميمبر ۽ عالم جي حيثيت ۾ هونئن ئي هن لاءِ عزت هئم.

مرحوم محمد اسماعيل نون، ڊاڪٽر صاحب جو پيارو دوست هو. هڪ دفعي، ڊاڪٽر صاحب ملڪ کان ٻاهر هو. نون صاحب سگهڙن جي ڪچهرين ۾ مون کي ئي بدين گڏ وٺي ويو، ڇو ته نون صاحب کي خبر هئي ته ڊاڪٽر صاحب لاءِ منهنجي دل ۾ عزت آهي.

بهرحال، ڊاڪٽر صاحب جي اٿاريل اعتراض تي، مرحوم رحيم بخش ميمڻ، ڊپٽي ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن حيدرآباد يونيورسٽي پريس ۾ ”اياز جي ڪتابن“ جي ڇپائيءَ جو انڪوائري آفيسر مقرر ٿيو. جويي صاحب جو دوست هو، ان ڪري مون کي به ڀائيندو هو. مون کي آفيس ۾ سڏي، اياز جي ڪتابن جي اشاعت بابت کل خوشيءَ ۾ پڇا ڪيائين. مون کيس سڄي حقيقت ٻڌائي. پر، پنهنجيءَ رپورٽ ۾ بچاءُ رڳو جويي صاحب جو ڪيائين. مون تي ڪرم قدرت ڪيو. ٿيو هيئن ته سائين غلام مصطفيٰ شاهه اوچتو سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ٿي آيو.

بورڊ جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ  جي اٿاريل اعتراض وارو اسم به ايجنڊا تي رکيل هو، پر هاڻي ڪنهن جي مجال هئي، جو سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي موجودگيءَ ۾ اکر ڪُڇي!  ميٽنگ ۾ ميمبر ته موجود هئا. پر، هر ڪو هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳو، ڄڻ ته اهو اسم ميٽنگ جي ايجنڊا تي غلطيءَ سان اچي ويو هو. شاهه صاحب جي هڪڙيءَ ئي هڪل سان ڳالهه اتي جو اتي ختم ٿي وئي!

بهرحال، منهنجي جند ته ڇٽي وئي! پر، قدرت جي ڪارخاني ۾ عجب راز ۽ اسرار آهن. اياز جي انهن ڪتابن تي بندش پئي ته سنڌ جا اديب ۽ شاعر ٻن ڪيمپن ۾ ورهائجي ويا: ”سنڌ دوست“ اديب هڪ طرف ٿيا ۽ سرڪار پرست اديب (PRO ESTABLISHMENT) ٻئي طرف هئا، جي ون يونٽ جا به حامي هئا ۽ ان کي ”اسلامي وحدت“ سمجهندا هئا.

سنڌ جي بزرگ اديبن ۽ شاعرن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، پير حسام الدين راشدي ۽ محمد ابراهيم جويو ”سنڌ دوست اديبن“ سان سنئون سڌو ساٿ ڏئي بيٺا. ساڳيءَ طرح، عبرت اخبار جا مالڪ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد پڻ اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا. سندن ايڊيٽر شيخ علي محمد ته اسان جو دوست هو. ”عبرت“ اخبار ”سنڌ دوست“ اديبن جي ترجمان بنجي وئي.

”مهراڻ“ اخبار، سنڌ دوست اديبن کي هندستاني ايجنٽ، ڪميونسٽ ۽ ڪارا ڪافر ڪوٺيندي هئي. ان جو ايڊيٽر سائين سردار علي شاهه هو، جو ڊاڪٽر بلوچ جو پڪو دوست هو! حيدر بخش جتوئيءَ جي ڏنل نعري ”جيئي سنڌ“ لاءِ چوندو هو ته اهو ”جئه سنڌ“ آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org