سائين 1960ع واريءَ نظربنديءَ جي دوران رڳو ڪتاب
لکندو رهندو هو، ڇو ته سنڌي وڏيرا ۽ سياستدان کيس
مسلم ليگ جي مخالفت ڪرڻ کان پوءِ ڪڏهوڪو اڪيلو ڇڏي
ويا هئا. فقط سنڌي ترقي پسند اديبَ (جيڪي مُٺ
جيترا ماڻهو هئا) ساڻس رابطي ۾ هوندا هئا. سائين
اسان جو امامُ هو. سائينءَ پاڻ به ”جنب گذاريم جن
سين“ ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته،
”مون کي ملڪ ۽ قوم جي مستقبل لاءِ وري به ترقي
پسند اديبن ۽ عوام ۾ اميدون آهن.“
چوٿين مارچ واري واقعي کان پوءِ اول سنڌ
يونيورسٽيءَ ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ جا نوجوان شاگرد پڻ
سائينءَ جي جهنڊي هيٺ جمع ٿي ويا. سندن نعرو
”جيئي سنڌ“
هوندو هو. اهو نعرو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ
هنيو هو. پر، قافلي جو سپهه سالار ته سائين جي ايم
سيد هو.
سنڌي اديبن، شاعرن ۽ شاگرن سالن جا سال سنڌ جي
شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جلسا جلوس ڪيا. نيٺ، سنڌ ۾ ته ون
يونٽ جي خلاف باهه پکڙجي وئي. سنڌي ٻوليءَ واريءَ
تحريڪ ان تي پيٽرول هارڻ وارو ڪم ڪيو. هڪڙو ڏينهن
اهڙو به آيو، جو سڄيءَ سنڌ ۾ ”سن جو سائين، جيئي
سدائين“ نعرو شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عام ٿي ويو.
اهو ڏسي، ملڪ تي حڪمران يحييٰ خان جي فوجي ٽولي جا
ڍَڍَرَ ڍرا ٿي ويا. بنگالي اڳي ئي باهه ٿيا ويٺا
هئا. ماڻهوءَ کي هميشه پنهنجا ڪُڌا ڪرتوت اڳيان
ايندا آهن. سو، فوجي ٽولي سمجهي ورتو ته هاڻي ”ون
يونٽ“ ڊاهڻ ۽ ”عام چونڊون ڪرائڻ“ کان سواءِ ٻيو
ڪوبه رستو ڪونهي.
يحييٰ خان جي فوجي ٽولي کي اهي ٻئي ڪم مجبوراً
ڪرڻا پيا.
عام چونڊن جو اعلان ٿيو، ته ملڪ جي مڙني مکيه
سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي ريڊيي تي قوم کي خطاب
ڪرڻ ۽ پنهنجو پنهنجو پروگرام ۽ منشور پيش ڪرڻ جي
دعوت ڏنائون.
سائين جي. ايم. سيد ملڪ جي ڪنهن به سياسي جماعت جو
اڳواڻ ڪونه هو. پر، سنڌ ۾ ون يونٽ جو مخالف
ناميارو ليڊر هو. ان ڪري يحييٰ خان جي فوجي ٽولي
کيس به ملڪ جي ٻين وڏن ليڊرن وارو مانُ مرتبو ڏنو.
سائينءَ به قومي پارٽين جي اڳواڻن وانگر قوم کي
ريڊئي تان خطاب ڪيو.
انهيءَ پسمنظر ۾ حيدرآباد شهر ۾ هالن جي مخدوم
صاحب جي سول لائينس واري بنگلي نمبر 3 ۾ وڏو ۽ اهم
جلسو ٿيو، جنهن ۾، سنڌي وڏيرن ۽ سياستدانن، پنهنجي
طرفان، توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن طرفان، ون يونٽ جي
فائدي ۾ ووٽ ڏيڻ ڪري، سنڌ جي عوام کان معافي گهري!
جلسي جي صدارت سائينءَ ڪئي. سڄيءَ سنڌ جا وڏيرا ۽
سياستدان سندس پيرن ۾ پيا هئا. هو پاڪستان ٺهڻ کان
پوءِ هڪ دفعو وري سنڌ جو بي تاج بادشاهه ٿي ويو!
اسان تڏهوڪا نوجوان ترقي پسند اديب، شاعر ۽ سمورا
نوجوان شاگرد اڳواڻ به وڏيءَ لئه ۾ آياسين.
سنڌي محب وطن اديب ۽ ناميارا شاگرد نوجوان اڳواڻ
انهن ڏينهن ۾ مون سان ڏاڍا گهرا گهاٽا هوندا هئا.
رات ڏينهن اسان جون ميل ملاقاتون ٿينديون هيون.
مخدوم صاحب جي بنگلي تي جلسي واريءَ رات ته اڪثر
دوست ۽ ساٿي گاڏي کاتي ۾ منهنجي ئي ”امين منزل“
واري گهر اچي سمهيا هئا. ڪنهن کي کٽ ملي، ته ڪو پٽ
تي ليٽيو. ڪنهن کي رلهي ملي، ته ڪنهن چادر کنئي.
ڪنهن کي ڪمبل نصيب ٿيو. مان دير دير سان گهر
موٽيس. ڏٺم ته منهنجي سمهڻ لاءِ هنڌ بسترو ڪونه
هو. سڀئي ٿڪل ۽ ستل هئا.
صبح سان گهر جي ٻاهران سائي رنگ جي موٽر اچي بيٺي.
منجهس پير الاهي بخش آيو هو. کيس سفيد سلوار قميص
۽ ڳاڙهي ترڪي ٽوپي پاتل هئي. مون کيس چيو ته اسان
تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي سائينءَ وٽ اچون ٿا.
جلسي ٿيڻ کي گهڻو عرصو ڪونه گذريو هو ته ٻڌڻ ۾
آيو، راشدي صاحب اچي سائينءَ کي پاسو ڏنو آهي! اول
ته ڪنهن کي به انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪونه آيو،
ڇو ته سائين کليو کلايو چوندو هو ته،
”ون يونٽ ٺاهڻ جو ڏوهه کهڙي کي ته بخش ڪري سگهجي
ٿو پر راشديءَ کي ڪونه ڪبو.“
جڏهن راشدي صاحب سان سائينءَ جي ٺاههَ جي ڳالهه
گهڻي مشهور ٿي، ته حيدرآباد ۾ رئيس غلام مصطفيٰ
خان ڀرڳڙيءَ جي رهائشگاهه تي تاريخي ميٽنگ ٿي. هڪ
طرف سائين هو ۽ ٻئي طرف سندس عقيدتمند سمورا مکيه
سنڌي ترقي پسند اديب، شاعر ۽ سنڌي ناميارا نوجوان
شاگرد اڳواڻ هئا. مان به ساڻن گڏ ميٽنگ ۾ موجود
هئس. نوجوانن کي ”ون يونٽ“ جي معمارن کهڙي صاحب ۽
راشدي صاحب تي باهيون هيون، سو انهن بابت ته ڪابه
ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هئا.
پر، سائينءَ کين صاف صاف چيو ته:
(1)
مون کي ڇڏيو ته مان پنهنجيءَ سياسي مصلحت موجب
کهڙي ۽ راشديءَ کي پاڻ سان گڏ کڻان.
(2)
جيڪڏهن اها ڳالهه اوهان کي پسند ڪانهي، ته مون کي
ڇڏي وڃو.
ڪنهن زماني ۾ ريشمان نالي هڪ ڳائڻي
(Gipsy Girl)
هڪ ڪلام ڳائيندي هئي، جنهن جي هڪ مصرعه هوندي هئي
ته:
میں
تو گلیاں
دے
ککھاں
نال رل گئی
سائينءَ جو سُڪو جواب ٻڌي، سڀ سنڌي قوم پرست اديب،
شاعر ۽ نوجوان شاگرد اڳواڻ به گهٽين جي ڪکن وانگر
رلي ويا. ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. سڀني جو سالن جو پورهيو
خاڪ ۾ ملي ويو! سائينءَ جي
مخالفت
ته ڪير به ڪري ڪونه سگهيو، پر اسان جو محاذ ٽٽي
ويو.
سائينءَ سان جويي صاحب ۽ منهنجي نيازمنديءَ ۾ پوءِ
به ڪو
فرق
ڪونه آيو. پر، مون سنڌ جي آسمان تي گهرا گهاٽا
ڪارا ڪڪر ڏٺا.
سائين تمام آرام ۽ اطمينان سان پنهنجي رٿيل
پروگرام موجب، قومي اسيمبليءَ واريءَ سيٽ تي بيٺو
۽ هيٺ صوبائي سيٽ تي
راشدي صاحب کي بيهاريائين ڀٽي صاحب پيغام موڪليس
ته، ”اوهان
جي
مقابلي ۾ پنهنجو ماڻهو ڪونه بيهاريندس، پر اوهان
راشدي صاحب مان هٿ ڪڍو.“
سائينءَ اها ڳالهه به قبول ڪانه ڪئي.
هڪ ڏينهن، مان سائينءَ وٽ ويٺو هئس، ته راشدي صاحب
ڪنهن ڳوٺ ۾ اليڪشن جي ورڪ ڪري، رات جو جيپ ۾ آيو ۽
سائينءَ کي پري کان وڏي واڪي پٻو ٻَڌائين:
“G.M. WE ARE WINNING!”
جڏهن چونڊن جو نتيجو نڪتو ته سائينءَ ۽ راشدي صاحب
ٻنهي هارايو.
ڀٽي صاحب کٽيو ۽ اڳي پوءِ پاور ۾ آيو. راشدي صاحب
اهو ڏسي، ماٺڙي ڪري، سائينءَ کي اڪيلو ڇڏي، وڃي
ڀٽي صاحب جي ويجهو ويٺو، جنهن وزارت اطلاعات ۽
نشريات ۾ پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيس. سائين
جي.ايم.سيد سن ۾ نظر بند ٿيو.
تاريخ جو هڪ ورق وري ويو.
سائين جي.ايم.سيد هونئن ته جڏهن کان وٺي جناح صاحب
سان سامهون ٿيو هو، تڏهن کان ئي سرڪاري عتاب هيٺ
آيو هو. پر، جيڪڏهن حالتن جو
OBJECTIVE ANALYSIS
معروضي جائزو وٺبو ته نظر ايندو ته جناح صاحب سان
”اختلاف“ ته ٻين به گهڻن ڪيو هو، جن ۾ سندس ڪن
مکيه ساٿين جا نالا به کڻن ٿا. ذوالقرنين زيديءَ
لکيو آهي ته هو خود لياقت علي خان مان ايڏو ته
مايوس ٿي چڪو هو، جو چيائين ته ”وزيراعظم ٿيڻ جي
لائق ڪونه هو.“ زيدي صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته خود
لياقت علي خان به چيو ته، ”بڙي ميان، مون کي
وزيراعظم جي عهدي تان هٽائي، بنگال جو گورنر ڪري
موڪلي رهيو هو.“
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جناح صاحب ۽ لياقت عليءَ جا
اختلاف عام مشهور ٿي چڪا هئا.
جناح صاحب وفات ڪئي ته لياقت علي پاور ۾ آيو. سندس
حڪم موجب ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان محترمه فاطمه
جناح جي تقرير اڌ مان ڪاٽي وئي. چون ٿا ته جناح
صاحب ۽ لياقت عليءَ جي اختلافن جو حقيقي سبب
محترمه فاطمه جناح ۽ بيگم رعنا لياقت عليءَ جا
اختلاف هئا.
جڏهن مرڪزي حڪومت ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪٽڻ ۽ الڳ
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، تڏهن سنڌ جي چونڊيل چيف
منسٽر خانبهادر کهڙي ان جي مخالفت ڪئي هئي ۽ مرڪزي
حڪومت جي سامهون ٿيو هو، ته کيس به ڊسمس ڪيو ويو
هو.
سو، قائداعظم سان اختلاف ته ٻين به گهڻن ڄڻن ڪيو
هو. پر، اهي سائينءَ وانگر هميشه لاءِ معتوب ڪونه
ٿيا هئا. انهيءَ جو اصل سبب اهو هو ته پاڻ سمورو
وقت سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو.
”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ محمد امين
کوسي جي احوال ۾ لکيو اٿس ته:
(1)
جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪيو ويو ته مون کي سن
۾ نظر بند ڪيو ويو.
(2)
ون يونٽ ٺاهڻ وقت اول قيد ڪيائون، پوءِ سن ۾
نظربند ڪيائون.
(3)
ايوب خان واري مارشلا وقت مون کي وري نظربند
ڪيائون.
(4)
مون سمگلنگ ڪانه ڪئي هئي. عهدا ڪونه گهريا هئم،
پرمٽون وٺي ملڪيت ڪانه وڌائي هئم. وطن سان غداري
ڪانه ڪئي هئم.
(5)
سنڌ ۾ مسلم ليگ کي زور وٺايو هئم ۽ سنڌ اسيمبليءَ
۾ پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪرايو هئم.
(6)
منهنجو ٻيو ڪوبه قصور سواءِ هِنَ جي ڪونه هو ته،
”مان سدائين سنڌ جي حقن جو آواز اٿاريندو هئس.“
انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ لارڊ ويول هندستان جو
وائسراءِ هو. سائينءَ انٽرويو گهريس. منظور
ڪيائين. مون ان جو احوال پڙهيو آهي.
WAVELL THE VICEROY’S JOURNAL
۾ لکيل آهي ته،
”انٽرويو مونولاگ هو“
يعني هڪ طرفي گفتگو هئي.
سائين جي.ايم. سيد سمورو وقت سنڌ جي حقن جي ڳالهه
ڪندو رهيو. هندستان جو وائسراءِ خاموشيءَ سان
ٻُڌندو رهيو. هاڻي جيڪو شخص هندستان جي وائسراءِ
سان ائين ڳالهائي ٿي سگهيو، سو ٻين سان به ائين ئي
ڳالهائيندو.
پر هت اهم ڳالهه اها آهي ته سائين انهيءَ سنڌ جي
ڳالهه ڪري رهيو هو، جنهن تي وڏيرا ڇانيل هئا.
منجهن دم خم ته هئو ئي ڪونه. اڳڙين جا گڏا هئا.
سي، ڏکيءَ مهل، سندس پٺڀرائي لاءِ اڳتي ڪونه آيا.
پويان پير ڪري ويا. سائين بي يار و مددگار رهجي
ويو.
سائينءَ کان اها ڳالهه مخفي ڪانه هوندي، ته سنڌي
سٻاجهڙن جي اها پراڻي روش آهي، ته ڏکيءَ ويل
پنهنجي ساٿيءَ جي مدد ڪونه ڪندا آهن. هيڪاري کيس
نقصان رسائيندا آهن. ڀلا ٻيو نه ته کانئس پاسو
ضرور ڪندا آهن. پر، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به پاڻ سنڌ
جي وڏيرن ۽ خاص ڪري سيدن سڳورن لاءِ سُورَ سهندو
رهيو! هنن اشرافن ته ڪڏهوڪو اهو رستو ئي ڇڏي ڏنو
هو، جتان ٻارنهن ڪوهن تي به سَنَ شهر ڏي ڪو گس
پيچرو ويندو هو. اهو ڏسي، دل تي جيڪا واردات گذري
هوندس، تنهن جو ڪجهه اظهار پنهنجي ڪتاب ”جنب
گذاريم جن سين“ ۾، هنن لفظن ۾ ڪيو اٿس:
مون پنهنجي ايامِ سياست ۾، ناپخته دماغيءَ ڪري
ڪيئي غلطيون ڪيون هونديون. سو، جڏهن پوئتي نظر
ڪريان ٿو ته سِرُ ندامت کان هيٺ ٿيو وڃي، پر ان
ساري معاملي ۾ مون کي جي ڪابه ڳالهه آٿت ڏيندي رهي
آهي، اها هيءَ آهي ته مان هميشه خود مطلبيءَ، قوم
فروشيءَ، بزدليءَ ۽ وڪامي وڃڻ کان پري رهيو آهيان.
اجتماعي خطائون گهڻيون ٿيون هونديون، پر اهڙيون
خطائون ته دين جي بزرگن ۽ سياستدانن کان به ٿيون
آهن. ڏک هن ڳالهه جو اٿم ته پراوا ته ٺهيو، ليڪن
پنهنجن به جيڪو ورتاءُ ڪيو، تنهن جو مستحق ڪونه
هئس.
ڪنهن به سنڌي اخبار
کي جرئت ڪانه ٿي، ته منهنجيءَ ڊگهيءَ نظربنديءَ جي
سڄي عرصي ۾ پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ منهنجو نالو کڻي.
سنڌ جي ڪنهن به شخص
کي خيال ڪونه آيو ته ڪنهن به سياسي جلسي ۾،
منهنجيءَ نظربنديءَ تي احتجاجي ٺهراءُ پاس ڪرائي.
ڪيترا ڏسڻا وائسڻا دوست مون سان ملاقات ڪرڻ ڪونه
آيا، بيماريءَ ۾ طبيعت پڇڻ ڪونه آيا، قضين تي عذر
خواهيءَ لاءِ ڪونه آيا. ڊپ ٿين ته متان ملڪ جا
حاڪم مٿن ناراض ٿين.
ڪهڙا قصا بيان ڪري ڪهڙا ڪريان؟ هڪ
عزيز عملدار، (اهو به سنڌ جو سيد سڳورو هو) جنهن
کي مون، ڊپٽي ڪليڪٽر ڪرايو هو، سو ساڍن ستن سالن
جي عرصي ۾، (منهنجي ڳوٺ جي ويجهو رهڻ جي باوجود)
بيماريءَ ۾ به پڇڻ ڪونه آيو.
ٻئي سنڌي روينيو عملدار، اسان تي غيرواجبي ڍل مڙهي
ڇڏي. کيس معقول سبب ڏئي اپيل ڪئيسون، ته رد ڪري
ڇڏيائين. ڪمشنر کي اپيل ڪئيسون، پر جيستائين ان جو
فيصلو ٿئي، تنهن کان اڳ مختيارڪار کي گهرائي
چيائين ته، ”ضبطي ڪئي وڃي.“
هڪ دفعي علاج لاءِ ڊاڪٽر جي اجازت سان ڪراچيءَ
ويس. اڃا بيماريءَ جي حالت ۾ هئس، ته ان ساڳئي
سنڌي عملدار
ڳوٺ موٽڻ لاءِ مجبور ڪيو، ته پاڻ پنجابي حاڪمن وٽ
سرخرو ٿئي.
هڪ سنڌي ڊاڪٽر
منهنجيءَ بيمار والده کي ڏسڻ لاءِ سن آيو، ته هزار
روپيا في گهريائين، پر
هڪ غير سنڌي ڊاڪٽر
ڪيئي دفعا بنا اُجوري جي سن آيو ۽ والده جو علاج
ڪري ويو.
هِڪُ پيرُ سائين مون سان محبت جو اظهار ڪندو هو،
پر، بيماريءَ ۾ مون وٽ لڙي ڪونه آيو، ته متان
سي.آءِ. ڊي. مٿس رپورٽ ڪري.
جنين لاءِ مياس، سي ڪانڌي ڪين ٿيا.
سائينءَ
”سنڌي سٻاجهڙن“
جا پرڪار پڌرا ڪيا آهن، مان به سندس ڳالهه کي اڳتي
وڌائڻ لاءِ هڪڙو مثال ڏيان ٿو ته سائينءَ زندگيءَ
۾ ڪيڏو ڏکُ ڏٺو.
سنڌ يونيورسٽي اهم ادارو آهي، سو گهڻن ئي سببن ڪري
سرڪار مٿس نظر رکندي آهي. هاڻي ته ڄامشورو به ضلعو
ٿيو آهي. پر، اڳي دادو ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ۽
ايس.پي مسلسل يونيورسٽيءَ جو چڪر لڳائيندا هئا.
سنه 1976ع ۾ اياز وائيس چانسيلر هو ۽ مان پرو-
وائس چانسلر. اياز پنهنجيءَ پڪائيءَ لاءِ مشهور
هو. جڏهن سکر ۾ وڪالت ڪندو هو، تڏهن مقبول صديقي،
حنيف، رشيد ڀٽي ۽ سندس ٻيا دوست کيس ”شائلاڪ“ ڪوٺي
چيڙائيندا هئا.
دادوءَ جو ڊپٽي ڪمشنر يا ايس.پي ۽ ايس.ڊي.ايم،
جڏهن يونيورسٽيءَ جي چڪر تي ايندا هئا، تڏهن کين
اياز وٽ چاءِ جي ڪوپ جي به اميد ڪانه هوندي هئي،
سو، سندن ٿاڪ منهنجي آفيس هوندي هئي، جتي سدائين
سندن خاطر تواضع ٿيندي رهندي هئي.
هڪڙو ايس.ڊي.ايم. ته مون سان ڏاڍو گهرو گهاٽو ٿي
ويو. مون سان گڏجي اڪثر اياز وٽ به سرڪاري ڪم سان
ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هلندو هو. هڪ دفعي اياز وٽ وياسين
ته هو صوف کائي رهيو هو. ايس.ڊي.ايم سان ڪم ڪار جي
ڳالهه ٻولهه ڪيائين. پاڻ سڄو وقت صوف کائيندو
رهيو. پر، کيس چاءِ جي ڪوپ جي سکڻي صلاح به ڪونه
ڪيائين. سو پوءِ جڏهن به اهو ايس.ڊي.ايم ملندو هو،
ته کِلي پڇندو هو: ”صوفن واري ماڻهوءَ جي خبر ڪر؟“
بهرحال، اهو ايس.ڊي.ايم. به اڳي پوءِ بدلي ٿي ويو.
هڪ دفعو سڪرنڊ ۾ سندس آفيس ۾ ساڻس ملاقات ٿي، جو
مان حيدرآباد مان ڪنڊياري جي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ وڃي
رهيو هئس. پوءِ ڪيئي ورهيه وري ڪونه ملياسين. جڏهن
اسلام آباد ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر هئس،
ته هڪ ڏينهن آفيس ۾ اچي مليو. اسان جي آفيس جي
پاسي ۾ ”گريٽ وال“ نالي هڪ سٺي چيني هوٽل هوندي
هئي، کيس ان ۾ لنچ کارايم. ماني کائيندي، ”سنڌ
يونيورسٽي“
۽ ان سان گڏ
”جيئي سنڌ تحريڪ“
جو ذڪر نڪتو. ايس.ڊي.ايم ٻڌايو ته، ”مان
ايس.ڊي.ايم جي عهدي تان پروموٽ ٿي، دادوءَ جو ڊپٽي
ڪمشنر ٿيس. سائين جي.ايم.سيد اهو ئي سن ۾ نظربند
هو. ٻارهين ٻارهين مهيني پنهنجيءَ سالگرهه جي
موقعي تي وڏو جلسو ڪندو هو، جنهن ۾ جيئي سنڌ سان
وابسته نوجوان اديب ۽ شاگرد اڳواڻ سياسي تقريرون
ڪندا هئا. سرڪار تي ڇوهه ڇنڊيندا هئا. اها ڳالهه
سرڪار کي ڏکي لڳندي هئي.
چيائين ته هڪ ڀيري سائينءَ جي سالگره کان ڪجهه
ڏينهن اڳي چيف منسٽر هائوس ڪراچيءَ مان فون آئي،
ته وزيراعليٰ سنڌ اوهان سان ڳالهائيندو. مان کڙو
تڙو ٿي ويٺس. اوچتو وزير اعليٰ جو ڪڙڪو ڪن تي پيو:
”سن ۾ سالگره جون سڀ رپورٽون منهنجي اڳيان آهن.
سڀاڻي وري سالگره جو جلسو ٿيندو ۽ اهي ئي ساڳيون
تقريرون ٿينديون. پوءِ تو انهيءَ بڪواس کي بند ڪرڻ
لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“
”سائين مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
”مان ڇا ٿو ڪري سگهان!“ چيف منسٽر ميز تي مڪ هڻي
واڪو ڪيو: ”هينئر دادوءَ مان نڪر. سڌو سن وڃ.
پوڙهي کي گرفتار ڪري دادوءَ وٺي وڃ.“ وزير اعليٰ
صاحب غصي ۾ اهو حڪم ڏئي، زور سان فون بند ڪري ڇڏي.
ايس.ڊي.ايم. چيو ته مان ته حڪم ٻڌي، وائڙو ٿي ويس!
پر، بيماريءَ جو بهانو ڪري، اوڏيءَ مهل درخواست
ڏئي، موڪل تي هليو ويس.
اها ڳالهه ٻڌي، منهنجا به هٿ پير ٺري ويا.
مون واري دوست چيو ته، ”توکي خبر آهي ته سائين سنڌ
جي سيدن سڳورن تان قربان پيو ويندو هو؟“
مون چيو ته، ”هائو“
کِلي چيائين ته،
”اهو وزيراعليٰ به سنڌ جو هڪ سيد سڳورو هو.“
ٻيو اهڙو مثال ياد ٿو اچيم، پر اهو سائينءَ جي هڪ
غير سنڌي عقيدتمند جو آهي. ليڪن، ماڻهوءَ جو مزاج
معلوم ڪرڻ لاءِ توجهه جوڳو آهي.
هڪ دفعي سائينءَ جي اصرار تي پير حسام الدين شاهه
راشديءَ رني ڪوٽ ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو. پاڻ دل جو
بيمار هو، سو جناح اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر، ڪرنل
ڊاڪٽر خواجه عبدالرشيد سان دوستي رکي هئائين، محمد
حسين پنهور، جويي صاحب ۽ مون کي به گڏ وٺي هليو.
سن ۾ سائينءَ جي درياهه واري بنگلي تي ٻه ٽي ڏينهن
وڃي ٽڪياسين.
سائين وڏو مهمان نواز هو. اسان جون ڪي خذمتون
ڪيائين! سن ۾ نوڪرياڻيءَ کي مانيءَ جي خاص ٽريننگ
ڏياري هئائين. سا، روزانو نوان نوان طعام تيار
ڪندي هئي، ٻوڙ، پلاءَ ۽ چاشني ته هر ڪو ڄاڻي. هوءَ
ته الائي ڪيترن طعامن جي ڪاريگر هئي! ڪڪڙيون روسٽ
ڪرڻ ۽ انهن جي پيٽ ۾ چانور ۽ خشڪ ميوا ڀرڻ ۾ خاص
مهارت هئس. قسمَ قِسم جا ڪوفتا، ڪباب ۽ مڇيءَ جا
نمونا ٺاهيندي هئي. منجهند جو هڪڙا ته رات جو ٻيا.
آئيس ڪريم ٺاهڻ تي ته خاص ملڪو هُئس. پستن جي هڪ
خاص پڊنگ ٺاهي، نارنگيءَ ۾ وجهندي هئي، ٻاهران
ائين لڳندو هو، ته نوڪرَ مانيءَ کان پوءِ ٻئي ميوي
سان گڏ، نارنگين جي ڊِشِ پڻ ڀري کڻي آيا آهن.
نارنگي ڪپ ته اندران پڊنگ نڪرندي هئي. ايڏي ته
لذيذ هوندي هئي، جو مون کان ان جو ذائقو اڃا ڪونه
وسريو آهي.
اسان صبح جو نيرن ڪري جيپن ۾ سن کان رني ڪوٽ
وياسين پوءِ اتان ميريءَ تائين اُُٺن تي وياسين،
ڇو ته تڏهن ميريءَ تائين جيپن جو رستو ڪونه هو.
سائينءَ وڏي خيال سان اسان جي گهمڻ گهتڻ جو اڳواٽ
سڄو بندوبست ڪيو هو. رني ڪوٽ ڏسي، سن موٽياسين،
رات جي ماني کائي سائينءَ جي درياهه واري بنگلي جي
ٿلهي تي موڙا وجهي، ڪچهري ڪرڻ ويٺاسين. تارن ڀرئي
آسمان هيٺان ٿڌيءَ هير ۾ ڪچهري ڪندي ڏاڍو مزو آيو.
مکيه موضوع ”رني ڪوٽ“ هو. اسان سڀني پهريون ڀيرو
ڏٺو هو.
مون کي ان کان پوءِ گهڻئي دفعا رني ڪوٽ ڏسڻ جو
موقعو مليو. آخرين دفعو ته سال ٻه اڳ، جرمن سفير،
پنهنجيءَ مسز ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي قانصل جنرل جرمن
خوبصورت خاتونءَ کي ساڻ وٺي اچي حيدرآباد ۾ مون وٽ
ڪڙڪيو ته، ”اسان کي رني ڪوٽ ڏيکار.“
”مان
نہ مان میں
تیرا
مہمان!"مان
ڦاسي ويس، ڄڻ ته رني ڪوٽ آڳرا قوم جي ماڻهن ٺهرايو
هو ۽ هاڻي مان ئي ان جو والي وارث آهيان.
جرمن سفارتخاني سان منهنجو پري جو لڳ لاڳاپو هو،
جيڪو پندرنهن سال اڳ، ڊاڪٽر شمل جي ڪري ٿيو هو.
تڏهن اسلام آباد ۾ رهندو هئس. بهرحال منهن ڏيڻو
پيو. هٿ پير هنيم. دوست ۽ مهربان ڪم آيا.
سڪيورٽيءَ جو سڄو انتظام ته پوليس جي ذمي هو جنهن
جي مٿان ملٽري انٽيليجنس جي نظر هئي. غير ملڪي
مهمان رني ڪوٽ ڏسي خوش ٿي ويا. الله سائينءَ
منهنجي عزت ۽ آبرو رکي.
رني ڪوٽ ڏسڻ کان پوءِ سن ۾ سائينءَ جي بنگلي تي
رات جو گهڻي گفتگو ڪرنل رشيد ۽ سائينءَ جي وچ ۾
ٿيندي هئي. ٻئي ڄڻا وري اهو سوال اٿاريندا هئا، ته
رني ڪوٽ ڪڏهن ۽ ڪنهن ٺهرايو هوندو؟ چوندا هئا ته
اڳئين زماني ۾ جڏهن آمد رفت جي سهولت ڪانه هئي ۽
ٽرڪون ڪرينون ۽ بار ڍوئڻ جون ٻيون وڏيون گاڏيون
ڪونه هيون، تڏهن پنجن هزارن مزورن گڏجي ڪم ڪيو
هوندو، ته مس مس وڃي ”ديوارِ چين“ جهڙو هيءُ
هيبتناڪ قلعو ٺهيو هوندو. سنڌ تي جن گهراڻن حڪومت
ڪئي، تن ۾ ايتري طاقت ته ڪنهن وٽ به ڪانه هئي! سو،
ٻنهي ڄڻن جو متفقه رايو ٻيٺو ته رني ڪوٽ ايران جي
”هخامنشي حڪمرانن“ يا وري ان کان به اڳ ڪنهن ٻيءَ
طاقتور حڪومت ٺهرايو هوندو.
ميرن سان منسوب روايت بابت سندن متفق رايو اهو هو
ته، ”ميريءَ جي مرامت ڪرائي هئائون، جا اڃا به پري
کان پڌري بيٺي آهي. منجهس شڪار لاءِ وڃي ٽڪندا
هئا.“
محمد حسين پنوهر کِلي چيو ته، ”ميرن پنهنجي
تختگاهه لاءِ به حيدرآباد ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي واري
ٺهرايل قلعي ۾ اک وڌي. منجهس به ڪو قابلِ ذڪر محل
ماڙي ٺهرائي ڪونه سگهيا. عام خاص ماڻهن سان ملڻ
واسطي ڪو ”ديوانِ عام“ ۽ ”ديوانِ خاص“ ٺهرائڻ ته
سندن سوچڻ کان مٿڀري ڳالهه هئي! بلوچستان مان آيا
هئا. جبل ۽ جهنگ جا ماڻهو هئا، جتي محل ماڙيون
ڪونه هونديون هيون. لانڍين ۾ گذر بسر ڪندا هئا.
اهي ڳالهيون هر ڪنهن کي معلوم آهن.“
سن واريون اهي تاريخي ڪچهريون مون کي زندگيءَ ڀر
ياد رهنديون. سٺي سنگت، سٺو کاڌو، سٺيون ڳالهيون،
علم ۽ عقل جا نُڪتا، چرچا گهٻا، کل ڀوڳ، نقل نظير،
سنڌ جون ڳالهيون ۽ سنڌ جون روايتون، سنڌ جي ثقافتي
ورثي جا داستان ۽ انهن جا راوي وري سائين
جي.ايم.سيد ۽ پير حسام الدين راشديءَ جهڙا اعليٰ
انسانَ... زندگيءَ ۾ موسم بهار جا اهڙا ڏينهن
ٿورڙا نصيب ٿيا.
ڪراچيءَ موٽياسين، ته ڪرنل خواجه عبدالرشيد ريسرچ
ڪري، اقبال ايڪيڊميءَ جي تحقيقي رسالي ۾ ”رني ڪوٽ“
تي انگريزيءَ ۾ مضمون ڇپايو، جو بعد ۾ هنڌين ماڳين
ان جي شهرت جو باعث بنيو. تيسين رني ڪوٽ ڪنهن کي
ياد به ڪونه هو.
وقت بادشاهه آهي. صبح جو جيڪو سج اڀري ٿو، اهو
الائي ته ڪيڏي اُٿل پُٿل آڻي ٿو. سنڌ به انهيءَ
قدرتي قانون جي تابع آهي. سائين جي.ايم.سيد، پير
حسام الدين راشدي ۽ محمد حسين پنوهر هاڻي هي جهان
ڇڏي ويا آهن. سو، منهنجيون هي ڳالهيون به ماضيءَ
جا داستان آهن. پر، انهن ۾ ”عبرت جا سامان“ به
آهن. سو هيئن، ته سنڌ جي محب وطنَ، محترم احمد علي
قريشيءَ سنه 2003ع ۾، سائين جي.ايم.سيد جي ياد ۾
سئو سوا سو، صفحن جو انگريزيءَ ۾ هڪ سٻنڌڙو ڪتاب
ڇپايو آهي. جنهن ۾ سائينءَ جي هنن عقيدتمندن جا
مضمون وڌا اٿس: (1) سيد غلام مصطفيٰ شاهه (2)
ڊاڪٽر جي.ايم.مهڪري (3) محمد حسين پنوهر (4) محمد
ابراهيم جويو، (5)يوسف هارون، (6) مظهر يوسف (7)
قمرالزمان شاهه ۽ (8) غلام رباني آگرو.
پنوهر صاحب پنهنجي مضمون ۾، سائينءَ جي دعوت تي سن
وڃڻ ۽ رني ڪوٽ ڏسڻ جو ذڪر ڪيو آهي. لکيو اٿس ته:
مان محمد ابراهيم جويي، حسام الدين شاهه راشديءَ،
غلام رباني آگري ۽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد سان گڏ سن
ويس. ڪرنل خواجه عبدالرشيد رني ڪوٽ بابت پنهنجي
مضمون ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اهو گهڻي قدر اهو ئي
آهي، جيڪو اسان سان گڏ سائينءَ کان سن ۾ رهائش
دوران ٻڌو هئائين.
سائين ڪجهه عرصي کان پوءِ دل جي تڪليف ڪري، سرڪاري
اجازت سان ڪراچيءَ آيو. گهڻي عرصي کان انهيءَ
بيماري جي علاج لاءِ، ڊاڪٽر سان ملڻ لاءِ ڪراچيءَ
ايندو رهندو هو.
پنوهر صاحب لکيو آهي ته ڪرنل خواجه عبدالرشيد اڃا
جناح اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر هو. ڪراچيءَ ۾ سائينءَ
جي آمد جو ٻڌي، خوش ٿيو ۽ سندس مانَ ۾ دعوت
ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ مون کي ۽ پير حسام الدين
راشديءَ کي به سڏيائين. اسان سندس دعوت ۾ شريڪ
ٿياسين. هو چڱو وقتُ، سائينءَ جي ساراهه ڪندو
رهيو. پر، جڏهن سائينءَ پنهنجيءَ دل جي بيماريءَ
جو ذڪر ڪيو ۽ جناح اسپتال ۾ علاج لاءِ کيس چيو، ته
هن انڪار ڪيو ۽ چيو ته، ”مان اسپتال ۾ ملڪ جي دشمن
جو علاج ڪري نٿو سگهان!“
پنوهر صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته، ”خواجه صاحب جي
ڳالهه ٻڌي، پير سائين حسام الدين شاهه جي دل کي
ڌڌڪو آيو.“
ائين ئي هوندو. ڪتاب ۾ ڳالهه پڙهي، مان به وائڙو
ٿي ويس! ليڪن پنوهر صاحب ائين به لکيو آهي ته،
”مان ڀايان ٿو ته خواجه صاحب تي سندس اعليَ
عملدارن جو دٻاءُ هوندو، تڏهن هن ائين چيو هوندو.“
مان به ائين ئي سمجهان ٿو. هونئن ڀلا، خواجه صاحب
پنهنجي ئي دعوت ۾ سائينءَ کي ائين ڪيئن ٿي چئي
سگهيو ته، ”تون ته ملڪ جو دشمن آهين، سو، تنهنجو
جناح اسپتال ۾ علاج ڪونه ڪندس!“
هن ان مهل ائين چيو هوندو، ته مان جاچ جوچ ڪيان،
ته اسپيشل وارڊ يا پرائيويٽ وارڊ ۾ ڪي ڪمرا خالي
آهن وغيره وغيره. پوءِ ٻئي ڏينهن پنهنجي ڪنهن
بالادست کي اها ڳالهه ٻڌائي، کانئس منظوري گهري
هوندائين، جنهن چيو هوندس ته، ”تون پاڪستان جي
مخالف سياستدان کي پاڻ وٽ علاج لاءِ ڪيئن داخل
ڪندين؟ سرڪار ان ڳالهه جو الائي ڪهڙو اثر وٺندي!“
اهو ٻڌي، هو ڊڄي ويو هوندو ۽ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ پير
حسام الدين يا ٻئي ڪنهن سان پنوهر صاحب جي بيان
ڪيل ڳالهه، ڪنهن رمز سان ڪئي هوندائين جنهن کي
بهرحال صدمو رسيو هوندو.
هي ٿيون خواجه صاحب جي ڳالهه جون تاويلون. اصل
ڳالهه ته اها آهي ته هن سائينءَ سان پير ڪونه
ڀريو!
خواجه رشيد ته ٿيو هڪ معمولي ملازم. پر، سائين
جڏهن ايڏو عليل ٿيو، جو سندس حياتيءَ جي جدول سالن
۽ مهينن تان لهي، اچي ڏينهن تي بيٺي، تڏهن ملڪ جي
سرڪار کيس ساڳيءَ جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو. ليڪن،
مٿانئس پوليس جو پهرو پوءِ به ڪونه هٽايو! نه وري
ٻاهرئين ملڪ ۾ علاج لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏني. سنڌ تي
سنڌين جي حڪومت هئي. سائينءَ ڪسمپرسيءَ ۾ دم ڏنو.
هاڻي، لاهور واري ”پاڪستان ٺهراءَ“ جا ته رات
ڏينهن دهل پيا ٿا وڄن. پر، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سائين
جي.ايم.سيد جي پاس ڪرايل ٺهراءَ جو ڪير نالو ئي
ڪونه ٿو کڻي، ڄڻ ته اهو ٺهراءُ يو.پي يا سي.پيءَ
جي پاسي ڪنهن اسيمبليءَ پاس ڪيو هو. اهو دردناڪ
منظر ڏسي، گرهوڙي فقير ياد اچي ٿو:
ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾، جوڳي جيڪس ويا جبروت.
اڄ سنڌ تي جيڪي ڪارا ڪڪر آيا آهن، تن ۾ اميد جو
ڪِرڻو (Silver
lining over the dark cloud)
وري به اهو ئي پيغام آهي، جو سائينءَ سنڌ جي
نوجوان نسل کي ڏنو آهي. ڀٽائيءَ جي ڀلارن اکرن ۾
هيئن آهي ته:
جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون مَنُ ماروئڙن
سين.
سائينءَ کي سنڌ جي ڌرتيءَ، سنڌ جي تاريخ، ادب ۽
قدرتي نظارن سان عشق هو. رني ڪوٽ سان محبت به ان
ڪري هئس. عزيزم اعجاز چانڊيي ٻڌايو ته ”گورخ“ به
سائين جي.ايم.سيد جي دريافت آهي. ان جو صحيح نالو
”گورغ“ آهي، يعني ”بوندن جي وسڪاري وارو هنڌ.“
عزيزم منظور پنوهر، قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾
اسٽوڊنٽس افيئرس جو ڊئريڪٽر آهي. هن مون کي ٻڌايو
ته سائين پاڪستان کان گهڻو گهڻو اڳ، راشدي صاحب
سان گڏ، خچرن تي چڙهي، گورغ ڏسي آيو هو. ٻڌايائين
ته ”اونهاري ۾ به ايڏو سيءُ هو، جو اسان سوڙيون
پائي ڪچهري ڪئي.“
سائينءَ سڀ ڳالهيون سوچي، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جي
تحفظ لاءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ٺاهيو ۽ شاهه سائينءَ
جي ڪلام ۽ پيغام تي ذاتي طرح، تحقيق لاءِ ”ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز“ ٺاهيو. ٻيا به ڪيئي اهڙا شاندار ڪم
ڪيائين. جن جا تفصيل هت ڏئي ڪونه ٿو سگهان.
سن ۾ پنهنجي گهر هڪ سٺي لئبرري ٺاهيائين، جنهن ۾
هڪ دفعي اسان کي اهم ڪتابن سان گڏ، جناح صاحب ۽
ابوالڪلام آزاد جا خط ۽ تارون به ڏيکاريائين.
جيڪڏهن جناح صاحب جا سائينءَ ڏانهن اهي تاريخي خط
ڇپبا، ته رتبو اسان جو وڌندو ۽ دوست دشمن کي خبر
پوندي، ته اسان جو سائين بلڪ سڄيءَ سنڌ جو سائين،
ڪيڏي پايي جو ليڊر هو، پر افسوس آهي ته اهي تاريخي
خط هاڻي سڙي، ڳري، ڀُري ويندا، پر ڪڏهن ڪونه ڇپبا!
اسان سائين جا ڪيڏا نه احمق عقيدتمند آهيون!
سائينءَ زندگيءَ جو پويون پهر سن ۾ ڪتابن لکندي
گذاريو. جڏهن اهي سڀ ڪتاب سليقي سان ڇپبا، تڏهن ئي
وڃي اسان جي ايندڙ نسلن کي سائينءَ جي عظمت جو
اندازو ٿيندو. سائينءَ جو پوٽو، سيد جلال محمود
شاهه لائق انسان ۽ وڏو دانشور آهي. مون کي ساڻس
دلي محبت آهي. هڪ دفعي ڪراچيءَ جي جلسي ۾ مون سندس
هڪ لاجواب تحقيقي مقالو کانئس ٻڌو آهي. کهڙي صاحب
جي لائيف تي لکيل ڪتاب جي تقريب هئي. سائينءَ جي
ڪتابن جي اشاعت جي ڪم ۾ هٿ وڌو اٿس. خدا کيس
ڪامياب ڪندو.
سائينءَ جا هن وقت تائين جيڪي به ڪتاب ڇپيا آهن،
تن ۾ ”جنب گذاريم جن سين“ مڙني ۾ اهم آهي. سنڌي
ادبي بورڊ ڇپايو آهي.
مون کي فخر آهي ته انهيءَ ڪتاب تيار ڪرڻ ۽ ڇپائڻ ۾
شروع کان آخر تائين، جويو صاحب ۽ مان ٻئي ڄڻا
سائينءَ جا ٻانهن ٻيلي هئاسين. علامه آءِ.آءِ.قاضي
صاحب ۽ بيگم طاهره آغا جون تصويرون ۽ حياتيءَ جو
احوال ته مون ئي کانئن وٺي، سائينءَ کي موڪليو هو.
علامه صاحب مون کي جيڪو پنهنجو احوال لکايو هو،
تنهن ۾ ٻه ٽي پئراگراف روڪايا هئائين.
”جنب گذاريم جن سين“ ڪتابُ درحقيقت سنڌ جي
زميندارن، پيرن فقيرن، صوفين ۽ سجاده نشينن، عالمن
۽ اديبن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياسي اڳواڻن جو تذڪرو
آهي. سائين جي.ايم.سيد جي سنڌ اها ئي هئي. پاڻ ان
جي تصوير انتهائي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان چٽي
اٿس. انهيءَ ئي سنڌ جي سياست ۽ خذمت ۾ زندگي
گذاريائين.
سنڌ جي وڏن خاندانن ۽ مخلص ماڻهن ۾ حاجي سر
عبدالله هارون پاڪستان ٺاهڻ ۾ وڏو رول ادا ڪيو.
سندس وڏو فرزند، يوسف هارون، پاڪستان ٺهڻ واري
زماني ۾ سنڌ جو چيف منسٽر هو. اڳتي هلي، تڏهوڪي
اولهه پاڪستان يعني هاڻوڪي پاڪستان جو گورنر ٿيو
هو. مٿس غداريءَ جو الزام ته لڳي نٿو سگهي.
سائينءَ جي رحلت تي ”ڊان“ اخبار ۾ پنهنجي تعزيتي
مضمون ۾ سائينءَ کي خراج عقيدت پيش ڪندي، لکيو اٿس
ته:
”سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد
ڪيائين. پنهنجن اصولن تي قائم رهيو. ڪابه لالچ کيس
خريد ڪري ڪانه سگهي. دنيا جي ڪا به طاقت کيس
پنهنجي موقف تان هٽائي ڪانه سگهي. آخرين دم تائين
سنڌ جو ساٿ ڏنائين.
يوسف هارون کي ڪنهن جي به تعريف ڪرڻ جي ضرورت
ڪانهي. ملڪ جي امير ترين ۽ حڪمران خاندانن ۾ شمار
ٿئي ٿو. هن سائينءَ سان سچائيءَ جا جيڪي لفظ لکيا
آهن، سي سندس دل جو آئينو آهن.
1960ع واري ڏهاڪي ۾ سائين سَن ۾ نظربند هو، ته
مهيني ماسي سندس ڪونه ڪو ماڻهو ذاتي ڪمن ڪارن سان
خط پٽ کڻي مون وٽ ئي ايندو هو، توڙي جو حفيظ
قريشيءَ جهڙو سائينءَ جو سچو عقيدتمند به حيدرآباد
۾ موجود هوندو هو. سرڪار نامدار جويي صاحب کي اول
جيڪب آباد ۽ پوءِ ڪوهاٽ جي پاسي جلاوطن ڪيو هو.
مان سائينءَ جا ڪم ڪاريون دل و جان سان سرانجام
ڏيندو هئس، پر، هڪ دفعي مان پاڻ ڪنهن ڪم ۾ پريشان
ٿيس. ”سنڌي سٻاجهڙا“ رڳو هاڻي نه پر هميشه پنهنجن
محسنن لاءِ مسئلا پيدا ڪندا آهن. مولانا قاسميءَ
مون سان ڳالهه ڪئي، ته عربن جي حڪومت ۾ ٻه سنڌي
عالم مديني ۾ رهندا هئا. هڪڙي حاڪمن وٽ چغليون هڻي
ٻئي کي آزار ۾ آندو.
بهرحال، مون پنهنجي مسئلي متعلق سائينءَ کي خط لکي
موڪليو. فوراً جواب موڪليائين. نيري رنگ جي سنهي
پيڊ پيپر تي لکيل هو. جنهن جي آخر ۾، حافظ
شيرازيءَ جو هڪ شعر لکيو هئائين ته:
”غم نه ڪر، زمانو سدائين هڪ حال تي قائم ڪونهي.“
رڳو همدردي ڪانه ڪيائين، پنهنجيءَ نياڻيءَ، سيده
درشهوار کي بيگم دائودپوٽا وٽ موڪليائين، جنهن
سنڌي ادبي بورڊ جي صدر، کهڙي صاحب سان ملاقات ڪري،
منهنجي مشڪلات دور ڪرائي.
گهڻا گهڻا سال پوءِ مان اسلام آباد ۾ هئس، ته
سيده درشهوار(مرحومه)
مون وٽ تشريف
فرما ٿي. مانيءَ گرهه وڌائين ۽ ٻڌايائين ته پاڻ
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ’شاهه لطيف چيئر‘ تي آهي ۽
انهي ئي ڪم جي سلسلي ۾ اسلام آباد آئي آهي. مون
واسطيدار ڪاموري سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وس آهر
سندس مدد ڪئي. سيده نهايت نيڪ خاتون هئي. دعا آهي
ته الله پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏي!
قدرت جا مون تي وڏا ڪرم آهن. منهنجا گهڻا ئي محسن
آهن. انهن مڙني ۾ ڪير به سائينءَ کان وڌيڪ ڪونه
هو. سائين دلير شخص هو. سندس سخن لوهه تي ليڪو هو.
مون جوانيءَ جو وڏو عرصو سندس شفقت جي ڇانوَ هيٺ
گذاريو. سندس اثر هيٺ، پنهنجي جواني بلڪ سڄي زندگي
سنڌ جي ڀلائيءَ واسطي وقف ڪري ڇڏيم. اڀري سڀري حال
آهَرَ هميشه ۽ هر هنڌ سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيس.
سائين سان سن توڙي ڪراچيءَ ۾، سنگت سان توڙي
اڪيلائيءَ ۾، ڪيئي ڪچهريون ڪيم. انهن جون
يادگيريون ۽ عڪسَ دل تي ائين ئي اڪريل اٿم، جيئن
تاج محل جي ديوارن تي سنگمرمر جا گُل.
جڏهن به سائينءَ جي سڪ لڳندي هئم، ته ڪنهن نه ڪنهن
يار سان، ڪار ۾ چڙهي، سن هليو ويندو هئس. ڪڏهن ته
بس ۾ اڪيلو به هليو ويندو هئس. هڪ دفعي سن ويس.
سائينءَ کي اطلاع مليو ته گهر ۾ مانيءَ جو چئي،
هڪدم بنگلي تي هليو آيو. ٽي چار ڪلاڪ ڪچهري
ڪئيسون. پوءِ منجهند جو ماني آئي. کائي ته وياسين.
پر گرميءَ جي مهل هئي. سن ۾ بجلي ڪانه هئي. اهڙو
پگهر آيو، جو سائين ته ململ جي چولي ۾ به وهنجي
ويو.
وقت ڪيڏو نه تيزيءَ سان گذري ٿو. اڄ ڪنڌ ورائي
پوئتي نهاريان ٿو، ته ائين ڀايان ٿو، ته ڄڻ اهو
ڪالهوڪو ڏينهن آهي.
|