مون مولانا تي بعد ۾ جيڪو لٽريچر پڙهيو آهي، تنهن
مان معلوم ٿيو ته جڏهن مرحوم الله بخش سومري اهو
احوال مولانا سنڌيءَ سان ڪيو ته هن کيس چيو ته،
”مان پاڻ ئي انهيءَ ڳالهه جو پهه ڪريان ٿو.“ ڪجهه
ڏينهن رکي مولانا انگريز گورنر سان پاڻ وڃي ملاقات
ڪئي ۽ کيس خاطري ڏنائين ته، ”منهنجي موجودگي اوهان
لاءِ ڪوبه مسئلو پيدا ڪانه ڪندي.“ انگريز گورنر
ڪجهه عرصو انهيءَ ڳالهه جي خاطري ڪئي. تڏهن
اطمينان ٿيو.
دهليءَ ۾ انگريزن جي خلاف هندستان جي هندن ۽
مسلمانن جي ”اتحاد ڪانفرنس“ جي صدارت ڪئي
۽ سندن
ڏنل لقب،
ورائي کين منهن ۾ هنيائين. انگريزن وزيراعليٰ جي
عهدي تان برطرف ڪيس، ته ان کي ليکيائين به ڪونه.
پنهنجو ڪنڌ مٿي رکيائين. آخر،
شهادت جو درجو
پاتائين.
محمد ايوب کهڙو به
لاڙڪاڻي واري پَٽَ جي پيداوار هو.
سنڌ جو چيف منسٽر هو ته پاڪستان ٺهيو. هندستان مان
مهاجر لڏي آيا.
ڪراچيءَ ۾ هندن جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لاءِ فساد
ڪيائون. کهڙي صاحب
ڪن ڪلاڪن اندر ڪراچيءَ ۾ امن امان قائم
ڪري
ورتو.
اهو ڏسي سازشين
ماڳهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪٽي ڌار ڪرڻ جي سـِٽ سٽي،
ته کهڙو صاحب انهيءَ
سازش جي خلاف به سخت مؤقف ورتو ۽ چيائين
ته،
”ڪراچي
شهر
اسان
سنڌين پنهنجي خون پسيني سان تعمير ڪيو آهي.“
لياقت عليءَ جي
مرڪزي حڪومت
جمهوريت جي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي، کيس ڊسمس ڪيو ۽
قانون ٺاهيو ته ڪوبه سنڌي، پنجابي پٺاڻ يا بلوچ يا
ٻيو ڪوبه پاڪستان جو اصلوڪو رهاڪو سنڌ جي ڪنهن به
شهر ۾ ڪنهن به هندوءَ جي ڏهن هزارن کان مٿي واري
جاءِ خريد ڪري ڪونه سگهندو. پر، ڪوبه مهاجر، اچي
ٻه شاهد پيش ڪري ته کيس لکنو ۾ باغ هئا، جن جي
قيمت هڪ ڪروڙ کان مٿي هئي ، ته هندوءَ جو اهو محل
انهيءَ مهاجر کي الاٽ ٿيندو ائين سنڌ جا شهر راتو
رات مهاجرن کي ملي ويا. ڪيترن ڪوڙن ڪليمن جا
گهڻائي ڦاٽ ڦاٽا پر، ڪوبه داد فرياد ڪونه ٿيو. چون
ٿا ته نيٺ ڪن پنجابي سياستدانن لياقت علي کي هٽائي
پاور هٿ ڪرڻ جي سازش ڪئي. کيس راولپنديءَ ۾ جلسي ۾
گولي هڻي ماريو ويو. اقتدار مهاجرن جي هٿن مان
نڪري، پنجابين ڏي ويو. جن 1955ع ۾ ننڍن صوبن ۾
پنهنجي ڦر لٽ لاءِ ون يونٽ ٺاهيو.
پيرزادي عبدالستار سنڌ جي مفاد لاءِ ون يونٽ جي
مخالفت ڪئي ته پاڪستان جي مرڪزي حڪومت کيس به ڊسمس
ڪيو. پيرزادي صاحب وڏ وزارت وڃائي ليڪن پيش ڪونه
پيو. هو به ساڳئي پَٽَ جو هو. سکر جو رهاڪو هو.
سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي وارا شهر ساڳئي پٽ ۾ آهن.
لاڙڪاڻي جي پَٽ پير علي
محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي جهڙا ذهين اهل
قلم پيدا ڪيا.
ويجهي دور ۾
ذوالفقار علي ڀٽو پيدا ڪيو، جنهن جي
ته اڄ به
سڄيءَ دنيا
۾
ڌاڪ آهي.
لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور واري پَٽ جا مڙئي
مشاهيرَ
بيٺل طبقي مان هئا. پر، سندن ئي قد قامت جو ٻيو هڪ
شخص به لاڙڪاڻي واري تَرَ
پيدا ڪيو، جنهن وچولي درجي جي هڪ هندو خاندان ۾
جنم ورتو. وڏو ٿيو، ته عمر جو ڪجهه عرصو
بنگال ۾
ٽئگور جي
”شانتي نڪيتن“
۾ تعليم ورتائين.
ڪڏهن ڪڏهن اتان جون ڳالهيون ڪندو هو ته وڻن هيٺ
ڪلاس ٿيندا هئا. ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئا.
وڏا وڏا پروفيسر پڙهائيندا هئا. هڪ دفعي ساليانو
جلسو ٿيو. ٽئگور آيو. پر، ٻڍو ٿي ويو هو. جلسي
هلندي، اهڙو ڪو ڪلام ٻڌائين، جو اچي روئڻ
۾
پيو. سندس وڏو ادب ۽ احترام هوندو هو. چوطرف سناٽو
ٿي ويو ۽ جلسو ختم ٿي ويو.
سنڌ ورهاڱي کان پوءِ گهڻي قدر هندن کان خالي ٿي
وئي، پر،
سوڀو گيانچنداڻي
پاڪستان ۾ رهيو
۽
سوشلزم جي سياست ڪندو رهيو. هاڻي ڪو شخص هندو هجي
۽ سياست ۾ به سرگرم رهي، ته چئبو ته شينهن جو جگر
اٿس.
هڪ دفعي ڪنهن سنڌي تنظيم جي
دعوت
تي آمريڪا ويو. اتي سندس هڪڙو ميزبان کيس ريهي
ريبي، ڪنهن اهڙيءَ ڌر سان ملائڻ لاءِ وٺي ويو،
جيڪي سقراط ۽ بقراط
جي قبيلي مان
هئا. گفتگوءَ ۾ کيس حرفت بازيءَ سان گهڻئي لَمَ
ڏنائون ته، ”اوهان سنڌي پاڪستان ۾ ڏاڍي عذاب ۾
آهيو. اوهان کي ڇا گهرجي؟“
هي يار سڄي ڳالهه کي سمجهي ويو. سو، کين چيائين
ته، ”سنڌي برابر مظلوم آهن. پر، کين جيڪي ڪجهه
گهرجي، سو پنهنجي ملڪ پاڪستان اندر گهرجي. سنڌي
غيرن جي غلامي قبول ڪونه ڪندا.“
سوڀوگيانچنداڻي
ڏوڪري تعلقي جي ٻنڊيءَ نالي ڳوٺ جو ويٺل آهي
مون اهو ڳوٺ ڏٺو آهي.
موهن جي دڙي کان گهڻو پري ڪونهي. سوڀي جي ضمير جي
۾
گويا
پنجن هزارن سالن جي سنڌي تهذيب جي سرهاڻ آهي.
هاڻي لاڙڪاڻي
لڏي آيو آهي. سندس وڏو ڀاءُ ڪيول، خاندان جو ٻني
ٻارو سنڀاليندو هو ۽ پنهنجي گهر سان گڏ، سوڀي جي
گهر جي به سار سنڀال لهندو هو، ڇو ته سوڀي عمر جو
وڏو عرصو
سياست ڪئي ۽ اڪثر
جيلن ۾ گذاريو.
1958ع
۾ ايوب خان واري زماني کان ڪجهه عرصو اڳ، منهنجي
ساڻس
ملاقات ٿي. ڪڏهن ۽ ڪاٿي ٿي، اهو ياد ڪونه اٿم. ڪو
گهڻو عرصو ڪونه گذريو، ته گھرا گهاٽا ٿي وياسين.
ڪو عرصو هو
ڪراچيءَ جي
”سوامي
نارائڻ مندر“
جي فلئٽ ۾ رهندو هو. پاڻ ته ستت گرفتار ٿي ويو.
پر، سندس ٻار ٻچا پوءِ به ساڳئي فلئٽ ۾ رهندا هئا.
مان ڪراچيءَ ۾
ايس. ايم. ڪاليج ۾
پڙهندو هئس ۽ گذر سفر لاءِ
نوڪري به ڪندو
هئس.
شهر جي
گهميل آبهوا مون کي سنڌن جو سور ڪري وڌو، اهڙو جو
هلڻ چلڻ کان چڪتو ٿي ويس ۽ بستري داخل ٿي ويس.
سوڀي جي دوست ڊاڪٽر خورشيد (جيڪو ڪراچيءَ جي مشهور
معروف ڊاڪٽر سعيد جو پٽ هو) جي علاج سان اٿڻ، وهڻ
۽ رڙهي، آفيس وڃڻ جهڙو ٿيس. پر، ڊاڪٽر منع ڪئي ته،
”گوشت کي هٿ نه لائجانءِ. فقط پاڻيءَ ۾ اُٻاريل
ڀاڄيون کائجانءِ.“
ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هئس. کاڌي جي سمورن ڪلبن ۾
رڳو ڇيلي ۽ ڪڪڙ جا طعام تيار ٿيندا هئا. سڀ شاگرد
انهن تي هري ويا هئا. انهيءَ صورتحال ۾ سوچيم ته
ڪاڏي وڃان؟ سوڀي جي گهرواريءَ ليلان سان احوال
ڪيم. خاطري ڏنائين ته، ”مان بندوبست ڪريان ٿي.“
پئسا مان ڏيندو هوس.
ليلان
اُٻاريل ڀاڄيون ٺاهي مهينن جا مهينا منهنجي
پٽيوالي هٿ بورڊ جي آفيس ۾
موڪليندي هئي.
سوڀو خوشقسمت آهي جو وڏيءَ ڄمار ۽
گهڻن ئي
سورن سهڻ کان پوءِ به سندس صحت هڪ حد تائين ٺيڪ
آهي. ان جو هڪ سبب ته اهو آهي ته هو ذهني طرح دلير
آهي. مون اڳي ئي چيو آهي ته کيس شينهن جو جگر آهي.
پير سائين حسام الدين شاهه راشدي
NERVES
جي اهميت ٻڌائڻ لاءِ اڪثر چوندو هو ته،
”ماڻهو رڳو آهي رڳون.“
سندس مطلب هو ته
بهادري هڪ
”ذهني
لاڙي“
جو نالو آهي. بَدن ذهن جي هٿ هيٺ آهي. ماڻهو
”ذهني
طرح“
جنهن ڳالهه جو جيترو اثر وٺندو، اوترو اثر
سندس
بدن تي پوندو.
ڪنهن جنگ ۾ ترڪن
جي
فوج
دشمن جي چنبي ۾ اچي وئي.
سندن اڳواڻ
مصطفيٰ ڪمال پاشا کي اطلاع مليو. هو ان مهل بُڪيءَ
جي سور ڪري، ڦٿڪي رهيو هو. پر خبر ٻڌي، فوجي
يونيفارم پاتائين ۽ گهوڙي تي سوار ٿي، جنگ جي
ميدان تي پهتو. ترڪ فوج کيس ڏٺو، ته منجهس بجليءَ
جي لَهَر
ڊوڙي وئي. دشمن تي ايڏيءَ دليريءَ
سان حملو ڪيائين، جو هارايل جنگ کٽي ورتائين.
بهادر ماڻهو پاڻ ته شينهن آهي، پر
ٻين
لاءِ به وڏي ٽيڪ آهي.
سوڀي جي سٺيءَ صحت جو ٻيو سبب هي آهي ته سندس
رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو طور طريقو مقرر
نيمن
تي ٻڌل آهي يعني انگريزي محاوري ۾ سندس زندگي
ORGANIZED
آهي. کيس ڪا به اڻ وڻندڙ عادت ڪانهي. شراب ڪونه
پئي. سگريٽ ڪونه ڇڪي. پان ڪونه کائي. البت، سياسي
سببن ڪري، جيلن ۾ وڃڻ ڪري، سندس پيٽ سدائين ٺيڪ
ڪونه رهيو آهي،
چوندا آهن ته
جيلن ۾ (پوءِ اهي سياسي قيدي ڇو نه هجن) پٿرين
مليل دال کارائيندا آهن.
جيل جو ماحول اهڙو آهي، جو خدا جي پناهه! اخبارن
۾ اڪثر خبرون اينديون رهنديون آهن. سائين جي.ايم.
سيد جو ’مهراڻ‘ رسالي ۾ مضمون ”بنديخاني جا
ڏينهن“ ان سلسلي ۾
پڙهڻ وٽان
آهي.
سوڀي جا سنگتي سڀ بااخلاق آهن. چوندا آهن ته ماڻهو
سڃاپندو آهي پنهنجي سنگت مان يا ڪتابن مان، جيڪي
شوق سان پڙهندو هجي.سوڀي جي سنگت مان فقط هڪ شخص
جو هڪ مثال ڏيان ٿو.
سوڀي جو هڪ يار هوندو هو، نالو هئس حسن ناصر.
حيدرآباد دکن مان هجرت ڪري آيو هو. هڪ وڏي خاندان
جو ٻار هو. پر، سوڀي وانگر سوشلسٽ خيالن جو هو.
ايوب خان جي مارشل لا ۾ سوڀي سان گڏ گرفتار
ڪيائونس. سبب ڪوبه ڪونه هو. بس، ”انڌير نگري، چرٻٽ
راجا.“ سوشلسٽ جو ٿيا، سو پڪ ئي پڪ فسادي هوندا.
بس، انهيءَ الزام هيٺ
ٻنهي کي لاهور
واري
قلعي
جي
بدنام جيل ۾ وڃي واڙيائون،
جنهن جي
تهخاني ۾ خاص خاص قيدي رکندا هئا. سوڀي ٻڌايو ته،
”تهخانو ايترو ته ٿڌو هوندو هو، جو سانوڻيءَ ۾ به
ڏڪندا رهندا هئاسين. شام جي ٽائيم تي قيد جي
ڪوٺيءَ مان ڪڍي ڪجهه دير پنڌ ڪرائيندا هئا، ته هڪ
هنڌ ويهي ويهي اتي ئي سُڪي
ٺوٺ ٿي، مري کپي نه وڃن. حسن ناصر کي اتر کان ڏکڻ
پنڌ ڪرائيندا هئا، ته مون کي
وري
اوڀر کان اولهه. پر، اسان وکون اهڙي حساب سان
کڻندا هئاسين، جو هڪٻئي کي ڪراس ڪرڻ جو موقعو ملي.
اهو موقعو وڏي غنيمت هوندو هو. پاڻ ۾ هڪ ٻه ڀڻڪو
ڪري وٺندا هئاسين.
”اٺين اٺين ڏينهن هڪ فرعون مزاج شخص اسان کي پاڻ
وٽ
جدا جدا
گهرائيندو هو ۽ سخت لهجي ۾ پڇا ڳاڇا ڪندو هو. غصو
ته ڏاڍو ايندو هو. پر، ڪجي ته ڪجي ڇا؟ نيٺ، مان
سندس ذهن کي سمجهي ويس. سو، کيس مناسب جواب ڏيندو
هئس.
سوڀي ٻڌايو ته مون کان هڪ دفعي پڇيائين ته، تون
روسي سفارتخاني جي عملدار سان ڪار ۾ هئين ۽ مئڪلوڊ
روڊ تي لٿين؟ مون سمجهيو ته ايتري ته خبر کيس آهي
سو، ٻڌايومانس ته، ”روزانيءَ ”نئين سنڌ“ اخبار جو
ايڊيٽر هئس. اخبار لاءِ پنو کپندو هو پر پئسو ڪونه
هو. سو، ڇپائيءَ جو ڪم
وڃي
گهريومانس. ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ منهنجي حيثيت ڪري
منهنجو لحاظ رکيائين ۽ ڇپائيءَ جو جاب ورڪ ڏنائين
مان سندن سفارتخاني کان ساڻس ڪار ۾ آيس ۽ روزاني
”نئين سنڌ“ جي آفيس وٽ مئڪلوڊ روڊ تي لٿس.“
حسن ناصر
انهيءَ فوجي عملدار کي
ماڻهو ئي ڪونه سمجهندو هو. سو،
سدائين سندس اڳيان
خاموش رهندو هو. تنهن ڪري اهو فرعون مزاج شخص
به
حسن ناصر تي سدائين ڪاوڙيل هوندو هو. آخرڪار، غريب کي عذاب ڏيئي ماري
ڇڏيائين.
غالباً سنه 1954ع ڌاري
ڪراچيءَ ۾
ٿورو عرصو
منهنجي به حسن ناصر سان مختصر ملاقات ٿي هو
حيدرآباد دکن جي نظام يا مير لائق عليءَ جي سکئي
ستابي خاندان مان هو، ڪپڙي لٽي جو شوقين، وجيهه ۽
ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾
ڏاڍو
مهذبُ هو، مون کان عمر ۾ ٿورو وڏو هو. جڏهن ٻڌم ته
هيئن بيگناهه ماريو ويو، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيم. فيض
احمد فيض
ياد آيم:
ہم جو تاریک
راہوں
میں
مارے
گئے!
حسن ناصر ”ترقي پسند اديبن جي تحريڪ“ جي پيداوار
هو، سجاد ظهير جي مرضي هئي ته ترقي پسند اديبن جي
انجمن جي ڪا شاخ حيدرآباد دکن ۾
به
ٺهي. مسز سروجني نائيڊو سڄي هندستان ۾ ممتاز شخصيت
هئي. آل انڊيا ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر
هئي. حيدرآباد دکن جي حڪمران طبقي سان سٺا تعلقات
هئس. انگريزي زبان جي مشهور اديبا ۽ شاعره پڻ هئي.
مخدوم محي الدين حيدرآباد دکن جو سڀني کان ممتاز
ترقي پسند اردو
شاعر هو.
سروجني نائڊو کانئس متاثر هئي. هن ۽ سيد سبط حسن
جي ڪوششن سان مسز نائيڊو
حيدرآباد جي انجمن ترقي پسند مصنفين جي سرپرست ٿيڻ
قبول ڪيو هئائين، حيدرآباد ۾ انجمن ترقي پسند
مصنفين قائم ٿي، جنهن اڳتي هلي
سبزه زار، گل ڦل ۽ وڻ ٽڻ وجود ۾ آندا جن
گل گؤنچ ۽ ڏار ڪڍيا. حسن ناصر انهيءَ
ئي چمن جو
“گل سر سبد“ هو.
هو
هندستان ۾ ڪيترو عرصو رهيو ۽ هـِتِ (پاڪستان)
ڪيترو، سو ٻڌائڻ
غير ضروري آهي، پر، وڏن وڏن سوشلسٽ اڳواڻن مثال
طور ڊاڪٽر اڌيڪاريءَ سان به گھرو گهاٽو هو.
هت آيو ته
محمودالحق عثمانيءَ، غوث بخش بزنجي ۽ سائين
جي.ايم. سيد
جيڪا
نيشنل عوامي پارٽي ٺاهي هئي.
انهيءَ جو سيڪريٽري ٿيو. سائين جي.ايم.سيد وٽ ئي
اسان جي ميل
ملاقات ٿي.
سنه
1952ع
۾،
حسن ناصر
لاهور ۾ سينٽرل جيل ۾ هو، سو، سندس پيٽ
به سوڀي وانگر خراب
ٿي پيو هو.
ليڪن،
هو لاپرواهه هو. ڊاڪٽرن کيس ڳاڙهي مرچ کائڻ کان
منع ڪئي، پر ڪونه مڙندو هو.
خوبصورت نوجوان هو.
صحت جي پرواهه نه ڪرڻ ڪري،
جوانيءَ ۾ ئي
اجڙي ويو.
سوڀو جڏهن روزاني ”نئين سنڌ“ جو ايڊيٽر هو. تڏهن
هُو به پيٽ جي خرابيءَ ڪري ڳاڙها مرچ ڪونه کائيندو
هو. بلڪه هميشه لاءِ ڇڏي ڏنائين.
حسن ناصر جي موت جي خبر سڀ کان اڳ، نومبر
1960ع
۾، ميجر اسحاق کي پئي.
ميجر اسحاق اهو ساڳيو شخص هو، جنهن فيض جي ”زندان
نامي“ جو مقدمو لکيو آهي. راولپنديءَ واري ڪيس ۾
سيد سجاد ظهير، ميجر جنرل اڪبر خان ۽ فيض سان گڏ
ملوث هو. ٻڌايائين ته
قلعي وارن
حسن ناصر کي
ايڏو
ته بيدرديءَ سان
ماريو،
جو اتي ئي سندس
دم پرواز ڪري ويو.
ميجر اسحاق
ئي وڃي
هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو، جنهن حسن ناصر کي پيش ڪرڻ
جو حڪم ڏنو. تڏهن لاچار سرڪاري وڪيل کي مڃڻو پيو
ته هو زنده ڪونهي. ڪورٽ حڪم ڏنو ته لاش سندس ماءُ
کي ڏنو وڃي. هوءَ هندستان مان لاش وٺڻ
لاءِ
آئي
هئي.
چيائين ته قبر کوٽيائون، جنهن ۾ هڪ ننڍي قد جو
ماڻهو پوريل هو. پر، پوءِ به مون سندس پير کولي
ڏٺا، اتي حسن ناصر کي هڪ نشان هوندو هو. پر، قبر
مان ڪڍيل بندري ماڻهو کي ڪوبه نشان ڪونه هو. مون
لاش وٺڻ کان انڪار ڪيو.
حسن ناصر مٺو ماڻهو هو. سوڀي جو
ته
يار هو.
سوڀي
سالن جي سنگت ۾
مون کي ڪڏهن به
سوشلزم
تي ليڪچر ڪونه ڏنو. البت، ڪڏهن ڪڏهن لانڍيءَ جي
پاسي ليبر يونين جي ميٽنگن ۾ وٺي ويندو هو. پاڻ
ليڊر هو. سو، يونين جا سڀ مسلمان ميمبر سندس وڏو
ادب ڪندا هئا. وڏي قدڪاٺ وارا، محنتي مزدور هوندا
هئا. مون ڪوبه ڪمزور ۽ ڳريل مزدور ڪونه ڏٺو.
سڀ مذهبي طرح مسلمان هئا ۽ سوڀو نالي ۾ هندو هو.
پر،
سندس اڳيان
پنهنجا پنهنجا مسئلا نهايت
ادب سان
پيش ڪندا هئا. سوڀو کين ”لائين“ ڏيندو هو، ته هيءُ
طور طريقو اختيار ڪريو.
کين
هميشه عقل واري ڳالهه ڏسيندو هو. اجائي گوڙ ۽ وڳوڙ
کان جهليندو هو.
مون ڏٺو ته
انهن ميڙن ۽ ميٽنگن ۾ سوڀي جي روش وڏي پروقار
هوندي هئي. پاڻ پيدائشي ليڊر
(BORN LEADER)
هو. منجهس آڪڙ يا وڏائيءَ جي بوءِ به ڪانه هئي.
جڏهن
پاڻ روزانه ”نئين سنڌ“ اخبار جو ايڊيٽر هو
ته
مان
صبح جو سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪي ۽ شام جو اخبار ۾
سب ايڊيٽر
جو ڪم ڪندو
هئس.
غريب ماڻهو ڀلا ايمانداريءَ سان گذارو ڪيئن ڪري.
هڪ دفعي
خبر ناهي ته
سوڀي
ڪهڙي ڳالهه ڪئي.
مون کيس جواب ڏنو ته
“YES, BOSS”.
سوڀو اهي اکر ٻڌي
ايڏو ته
ڏکوئجي ويو، جو مون کي معافي وٺي، کيس پرچائڻو
پيو. هو مون کي ”ماتحت“ ڪونه سمجهندو هو. دوست،
ساٿي ۽ سڄڻ
سمجهندو هو. عزت، قرب ۽ سچائيءَ وارا پير کڻندو
هو. منافقي ۽ سچائي پري کان پڌريون آهن.
سوڀو
سنئون سڌو، سچو، ۽ ڀروسي جوڳو ساٿي
آهي.
هن دنيا ۾ بقاءَ واري ۽ پائدار حقيقت فقط هڪ آهي:
اها هيءَ ته ته
”هن جهان جو ڪارخانو سدائين بدلبو رهي ٿو.“
اسان جي ننڍڙيءَ دنيا ۾ انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي
ڌرتي ۽ آسمان اهو ئي هو، جيڪو هاڻي آهي. پر، حاڪم
۽ رعيت جي ريتِ نيتِ نرالي هئي. عام ماڻهو انهيءَ
نظام ۾ خوش آهي، جنهن ۾ قاعدي ۽ قانون موجب ڪم هلي
ٿو. مشهور مسلمان مفڪر شاهه
ولي الله
دهلويءَ چيو آهي ته، ”ماڻهو
ڪفر سان ڀريل معاشري ۾
ته
رهي سگهي ٿو. پر، ظلم سان ڀريل سماج ۾ بغاوت ڪندو.“
انگريزن جي ڏينهن ۾ امن امان هوندو هو. هاڻي
ڏوهه
عام آهي.
ڳوٺن ۾ مسلمان
عورتن کي ”ڪارو ڪاريءَ“ جي الزام هيٺ ڪهڻ
ته ڄٽ ڄاموٽ جو فئشن ٿي پيو آهي.
سنڌ ۾ هندو به رهندا هئا، ته مسلمان به رهندا هئا.
پوءِ ائين ڇو آهي، ته هندن ۾ ”ڪاري ڪاريءَ“ جي رسم
ڪانه
هئي. هندو زالن ۽ مردن کي جنسي خواهشون ڪونه
هونديون آهن ڇا؟ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ته اسان وٽ
”اجتماعي زوري زنا“
(GANG RAPE)
جو به فئشن پيو آهي.
پنجاب ۾ منهنجو دوست آهي.
اڄڪلهه لاهور ۾ آهي. ڳالهه ڪيائين ته لاهور شهر ۾
ڏينهن ڏٺي، جو گهرن ۾
گهڙڻ
چوري
ڪرڻ ۽ چوريءَ جو سامان کڻي وڃڻ کان اڳ
۽
گهر جي نوجوان مالڪياڻيءَ سان زوري زنا ڪرڻ عام
رواج ٿي ويو آهي.
”ڊان“ اخبار جي
23
مارچ واري پرچي ۾ خبر پڙهيم ته لاهور جي فلاڻي
محلي ۾ ٽي ڄڻا گهر ۾ گهڙي ويا. گهرجو مالڪ دڪان
هلائڻ ويو هو.
ٽن لکن جي ڦر ڪيائون ۽ وڃڻ مهل، واري واري، سان
ٽنهي ڄڻن دڪاندار جي گهر واريءَ سان زنا ڪئي. ان
جو مطلب اهو ڪونهي ته هندستان ۾ اهو ڏوهه ڪونهي.
خدا جي پناهه! دهليءَ جي شهر ان معاملي ۾ ايڏي ته
شهرت حاصل ڪئي آهي جو ان کي ڏکڻ ايشيا ۾ ”زنا جو
شهر“ (Rape
City)
جو درجو حاصل آهي. هونئن، هندستان جي ٻين ڪن وڏن
شهرن ۾ به زوريءَ زنا جا ڏوهه ستر سيڪڙو وڌي ويا
آهن.
انگريزن جي زماني ۾، سنڌ ۾، پڪو رستو رڳو هڪڙو
هوندو هو، جيڪو ڪراچيءَ مان لاهور ويندو هو. ٻيا
رستا جيڪي ننڍن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کي ڳنڍيندا هئا،
سي ڪچا هوندا هئا. مٿن مٽي ۽
سَرَ
يا ڪک وجهندا هئا. جيڪي ڳري ويندا هئا، ته رستو اچ
وڃ لاءِ
ڄڻ ته پڪو
ٿي ويندو هو. رستي جي ٻنهي پاسن سان ڇانوَ
وارا وڏا وڻ هوندا هئا، جن جي سنڀال لاءِ
مالهي مقرر
ٿيل هوندا هئا.
مٿن بيلدار ڇڻڪار ڪندا رهندا هئا. اسان
جي تر ۾ انهن ”ڪئنال پاٿ“ جي ڪنارن سان سـِنجهيءَ،
يا ٽالهيءَ يا شيشم جا وڏا وڻ هوندا هئا. تمام
قيمتي هوندا هئا. هاڻي انهن رستن تان ماڳهن وڻ ئي
غائب آهن.
ڪنڊياري تعلقي ۾ ڀئونرن وٽان سڄو ٻيلو ڪپجي ويو
آهي، هاڻي
قاعدي قانون کي ڪير ليکي به ڪونه ٿو. تعليم تِرين
ڀر اچي پئي آهي.
هاڻي ته سنڌ لاءِ جاٿي ڪاٿي مشهور ٿي ويو آهي ته
تعليم کاتي جهڙي رشوت ڪاٿي به ڪانهي. هونئن به هر
هنڌ
رشوت جو زور آهي. اشراف جو ڪنڌ هيٺ
آهي
لُچ
لوفر جو مٿي آهي. چونڊن ۾ وڏيرا ئي بيهن ٿا، ڪي
کٽن ٿا ته ڪي هارائن ٿا. مسڪين ماڻهو انهن مڙني
ڳالهين کان بي نياز آهن.
پنهنجن ئي سورن ۾ پورا
آهن.
اسان کي انگريزن کان آزادي ڇا ملي،
ڄڻ ته
ڇڙواڳي ملي. ملڪ جو
وڏيرو
طبقو مادر پدر آزاد ٿي ويو.
ويهين صديءَ جي شروع ۾ وڏيرڪي زندگي ڪيئن هئي،
تنهن جي تصوير پير علي محمد راشديءَ ”اهي ڏينهن،
اهي شينهن“ ڪتاب
جي پهرئين جلد جي منڍ ۾ سُٺي
چِٽي آهي. ليڪن،
انگريز ويا ته اها تصوير اڃا به بگڙي وئي. ائين
وڃي بيٺي،
جيئن نوابشاهه جي نور عباسيءَ پنهنجي هڪ شعر ۾
چِٽي آهي:
ڀينگ ٿي وئي آهي دلبر،
ٻيو مڙيو ئي خير آ.
سوشلزم
انهيءَ ئي انڌير ۾ اڀرندو آهي.
چين دنيا جو وڏي ۾ وڏو سوشلسٽ ملڪ آهي ۽ هاڻي ته
دنيا ۾ ان جو ڌڌڪو آهي. خود آمريڪا به ان کان ڊنل
آهي.
چيني سفارتخاني ۾ يانگ ينگلن، محڪمه ثقافت جو
سربراهه هو ۽ منهنجو دوست هو. مون کي ٻڌايائين ته
ٿٻيٽ ۾ چيني تسلط کان اڳ وڏيرن ۽ ٻڌ مذهب جي پيرن
جو زور هو، پر هاڻي اتي پير يا وڏيري نالي ڪو
جانور ٻيو ته ٺهيو، پر جانورن جي باغ ۾ پڃري ۾ رکڻ
لاءِ به ڪونه ملندو.
سنه
1962ع
۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچيءَ مان حيدرآباد آيو، ته
سوڀي کان جدائي ٿي. منهنجون ساڻس مجلسون وري تڏهن
ٿيون، جڏهن سنه
1963ع
۾ سندري ۽ اتم سنڌ گهمڻ آيا. سندن ميزبانيءَ ۾ مان
۽ حميد سنڌي اڳيان هئاسين. هو سکر ۾ اياز جي پراڻي
گهر ۾ ٽڪيا. سوڀو لاڙڪاڻي مان آيو. هڪ ڏينهن مجلس
۾
مهاڀارت
۾ ڪرشن جي ڪردار تي ليڪچر ڏنائين.
سندس سڀ ويس لاهي، کيس اگهاڙو ڪري بيهاريائين.
چيائين ته مهاڀارت جي جنگ هندستان کي صديون پوئتي
ڌڪي ڇڏيو ۽ انهيءَ تباهيءَ لاءِ جوابدار ڪرشن هو.
اهو ڪهڙو هندو هوندو
جيڪو
سوڀي وانگر تاريخ جي واقعن جو ايڏيءَ
دليريءَ ۽
سچائيءَ سان
(OBJECTIVE ANALYSIS)
معروضي انداز ۾ تجزيو
ڪندو!
عام هندو ته ڪرشن کي ڀڳوان ڪوٺيندا آهن. خود
مولانا حسرت
موهاني کيس پهتل سمجهندو هو. اردوءَ وارا حسرت
موهانيءَ کي پنهنجو ڪعبو قبلو سمجهندا آهن.
پاڪستان ٺهيو ته ڪراچيءَ آيو. پر، کيس ڪنهن ليکيو
به ڪونه سو، پوئين پيرين هندستان هليو ويو. اتي ئي
وفات ڪيائين. هاڻي، اردوءَ وارا ڪراچيءَ ۾ مٿس
سيمينار پيا ڪن ۽ لک پيا لٽائن.
ٽي چار سال ٿيا، ته سوڀو حيدرآباد آيو. مون وٽ
هفتو کن ٽڪيو. مون کيس البت، لانجهو ڏٺو. سو،
دوستن کي اشارو ڏنم ته سندس دل وٺڻ لاءِ دعوتون
ڪريو. ٻه چار ڏهاڙا ائين کل خوشيءَ ۾ گذريا. هڪ
ڏينهن نيرن ڪري، مون کيس آماده ڪيو ته ”پنهنجون
يادگيريون رڪارڊ ڪراءِ.“ منهنجو ارادو مٿس مفصل
مضمون لکڻ جو هو. تقريباً،
اڌ ڪلاڪ کن ڳالهائيندو رهيو. پوءِ چيائين ته
”هاڻي، ٿڪجي پيو آهيان. وڌيڪ ڳالهائي نٿو سگهان.“
ان کان پوءِ اسان چاءِ پيتي ۽ هِتان هُتان جي هلڪي
سلڪي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بعد ۾ هو وڃي
بورڊ جي
ريسٽ هائوس ۾ آرامي ٿيو، ته مون ٽيپ رڪارڊر هلايو.
سندس ڳالهيون توجهه سان ٻڌڻ ۽ لکڻ لاءِ قلم ڪاغذ
هٿ ۾ کنيم. پتو پيو، ته ايترو ته آهستي ڳالهايو
اٿس، جو ڪو اکر ئي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي!
سال ٻه اڳ مان پنهنجيءَ نياڻيءَ کي موهن جو دڙو
ڏيکارڻ وٺي ويس. رات ماڏي ۾ اعجاز چانڊئي وارن وٽ
ٽڪياسين. مکڻ ماکيءَ جهڙا مٺا ماڻهو آهن. صبح جو
اعجاز پنهنجين ٻن ڀينرن کي منهنجي نياڻيءَ سان گڏ
وٺي موهن جي دڙي هليو. عينيءَ سان سندس خاوند حيدر
نظاماڻي به گڏ هو. اعجاز ۽ مان کين موهن جي دڙي جي
ريسٽ هائوس وٽ لاهي لاڙڪاڻي وياسين جو مون کي سوڀي
سان ملڻ جو شوق هو. شهر پهچي فون ڪئي مانس. جواب ۾
چيائين ته، ”ڇو آيو آهين؟“ مون پنهنجيءَ سڄيءَ عمر
۾ ڪنهن به دوست کان آجيان جي اهڙي کيڪار ڪانه ٻڌي
آهي. بهرحال، سندس گهر پهتاسين، منجهند جي مهل
هئي. پاڻ ان مهل غسل ڪري آيو هو ۽ ڪپڙا بدلائي
رهيو هو. تازو، شايد هندستان جي سير تي ويو هو.
اتان جا احوال ڏنائين ۽ سيد مشاهد حسين جي چوڻ تي
سرڪار کيس ادبي انعام ڏنو هو، اهو پڻ ٻڌايائين.
چاءِ جو ڪوپ پياريائين. مون سندس گهر جي ننڍي
ٻارڙي کي سؤ رپيا خرچي ڏني. سوڀي مهاڀارت جو سنڌي
ترجمو منهنجي گهُرَ تي تحفي طور ڏنو. اعجاز چانڊيو
ذهين شخص آهي، سو مون کي صلاح ڏنائين ته سوڀو صاحب
ٿڪل آهي. منجهند جي مهل آهي، آرام ڪندو. اسان سوڀي
کان موڪلائي، شهر ۾ هڪ عمديءَ هوٽل تان ماني خريد
ڪئي. موهن جي دڙي جي ريسٽ هائوس ۾ آياسين. اسان جا
ٻار دڙو ڏسي، گهمي ڦري ريسٽ هائوس ۾ آيا هئا. گڏجي
ماني کاڌيسون ۽ پوئتي موٽياسون. اعجاز وارن کان
ميهڙ وٽ موڪلائي حيدرآباد روانا ٿياسين.
سوڀي هڪ پورو پرآشوب
دؤر
ڏٺو آهي. هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ٺهڻ
۽ الائي ته ٻين ڪيترن اهم واقعن جو اکين ڏٺو
شاهد آهي ڪي ڪتابڙا لکيا اٿس. ليڪن، هو ته معلومات
جي کاڻ آهي. گذريل چڱي زماني جي سڄي تاريخ سندس
سيني ۾ بند آهي.
جڏهن اسان ٻئي ’نئين سنڌ‘ اخبار ۾ هئاسين، تڏهن
هڪ دلچسپ واقعو ٻڌايو هئائين، ته سرڪار ڪو انڌو
اونڌو قاعدو ڪڍيو. مون نوجوانن کي احتجاج لاءِ
تيار ڪيو. مقرر تاريخ تي هڪ هنڌ گڏ ٿياسين. سنگتين
کي سمجهايو هئم، ته اڳيان مان ٿيندس. نعرو هڻندس
پر، پوليس مون ۾ هٿ وجهي ته اوهان به پٺيان ڪاهي
پئجو ته پوليس کي من مستي ڦٻي نه وڃي!
هنن يارن ”هائو“ ڪئي. اسان گڏ ٿياسين، ته پوليس،
جون لاريون به اچي پهتيون. پوليس وارا لٺيون کڻي
هيٺ لٿا. هوڏانهن انسپيڪٽر اڳتي وڌيو ته هيڏانهن
مان. جڏهن آمهون سامهون ٿياسون ته مون پوليس جي
ڏاڍائيءَ خلاف نعرو هنيو. پٺيان جو سنگتين جو کڙڪو
ڪونه ٻڌم، ته کين آڀارڻ لاءِ، پوئتي نهاريم. اڃا
جو ڏسان، ته ڪاريءَ وارا ڪک!
سڀ ڀڄي ويا.
مون کي
اڪيلو
ڏسي، انسپيڪٽر ٻانهن کان وٺي، پوليس جي لاريءَ ۾
وهاريو ۽ چيو ته، ”شور
کرتا ہے،
دماغ خراب ہے.“
حافظ شيرازيءَ جو هڪ شعر آهي ته:
موجیم
کہ آسودگیٔ
ما عدم ما است
ما زندہ ازانیم
کہ آرام نہ گیریم۔
اسان سمنڊ جي موج وانگر متحرڪ آهيون، قرار آيو ته
ختم ٿي وينداسون. اسان زنده ان ڪري آهيون، جو آرام
ڪرڻ ڪونه ڄاڻون.
پر، انسانُ بلڪ هر جاندارُ سڄي زندگي وقت جي ڇانوَ
۾ گذاري ٿو. مقرر وقت تي ڄمي ٿو ۽ مقرر وقت تي
هيءَ دنيا ڇڏي ٿو. وقت ئي هن دنيا ۾ سندس زندگيءَ
جي راهه گهڙي ٿو. وَقِتَ جون پنهنجون
تقاضائون
(DEMANDS)
آهن.
وڏي عمر ۾ رڳا وار اڇا ڪونه ٿا ٿين. کائڻ پيڻ ۽
اٿڻ وهڻ ۾ به کيس احتياط ڪرڻو پوي ٿو. سوڀو به
انهيءَ قدرتي قانون جي تابع آهي. چڱي عرصي کان
گوشه نشين آهي. هڪ ته عمر وڏي ٻيو ته پوئتي نگاهه
ڪري ٿو ته
رُڳو ڪاريءَ وارا ڪک آهن.
چوندا آهن ته ننڍيءَ عمر ۾ ڪنهن جي ماءُ نه مري.
پيريءَ ۾ زال نه مري. پر، موت ڏاڍو بيرحم آهي.
سوڀي کان گهر واريءَ ليلان سان گڏ، وڏو جوان پُٽُ
ڪنعيو کسي ورتائين.سوڀو
سڀ سورَ سهي ويو. ذهين ۽ حساس ماڻهو آهي. سو انهن
ڳالهين جو مٿس وڏو اثر پيو هوندو.
سوڀي سڄي زندگي سوشلزم جي تعليمَ ڏني ۽ ان کي
انسانذات جي سورن ختم ڪرڻ جو سچو نسخو قرار ڏنو.
سوشلزم ئي سندس دين ايمان هو. جنهن جو ڪعبو ماسڪو
۾ هو، پر، اڄ اهو ڪعبو قبلو ڊهي ڍير ٿي پيو آهي.
روسُ سوشلزم تان هٿ کڻي ويو آهي. سرمايي داريءَ جي
واٽ ورتي اٿس. تازه ترين اطلاع هي آهن ته سڄيءَ
دنيا جي سرمايي دار ملڪن ۾ روس ٻيو نمبر ملڪ آهي،
هتي گهڻا ارب پتي سرمايي دار آهن. دنيا ۾ گهڻي ۾
گهڻا ارب پتي سرمايدار آمريڪا ۾ آهن. انگلنڊ به
ٽئين نمبر تي آهي، يعني روس ان کان به اڳتي وڌي
ويو آهي.
چين ۾ سوشلزم کي اهڙو پترو ۽ لچڪدار ڪيو اٿس جو
پتو ڪونه ٿو پوي ته کير ۾ پاڻي آهي يا پاڻيءَ ۾
کير آهي.
سوڀي انهيءَ صورتحال کي ڪيئن قبول ڪيو آهي ۽ سندس
رد عمل ڪهڙو آهي، انهيءَ باري ۾ مون کي ڪجهه به
معلوم ڪونهي.
تازو، اخبارن ۾ سندس بيان آيو ته، ”مان ڪميونسٽ
آهيان ۽ سڄي عمر ڪميونسٽ رهندس.“
ڪميونزم جي تعليم موجب ”عَمَلُ“ ڪميونسٽن جي عقيدي
جو بنيادي اصول آهي. عمل کان پري رهڻ ڪفر آهي، پر
سوڀو ته عملي سياسي زندگيءَ کان سالن جا سال پري
ٿي ويو آهي. گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو
آهي. اهم ملڪي مسئلن تي به بيان ڪونه ٿو ڏئي،
سراسر خاموش آهي.
شيخ
اياز
مون کي ياد ڪجو جڏهن مان دور هجان،
سدائين دور، ڪنهن خاموش دنيا ۾.
ڪرسٽينا روزريٽي
هن دنيا ۾، هر مهذب انسانُ،
پنهنجي ضمير اڳيان جوابدار آهي. ضمير جو آواز
الهامي ڪونه آهي. اهو انسان جي پنهنجي اندر جو
آواز آهي ۽ سندس ئي اختيار ۾ آهي:
ته
ان کي ٻڌي،
يا
لنوائي ڇڏي.
جڏهن انسانُ
هيءَ دنيا ڇڏي ٿو، تڏهن سندس سڀ اختيار ختم ٿي وڃن
ٿا. هو ڪنهن اهڙي هنڌ پهچي ٿو، جنهن جي اسان کي ڪا
به ڪل ڪانهي. پر، مذهبي عقيدو اهو
ئي
آهي، ته مُئي
کان پوءِ انسان پنهنجي خالق اڳيان جوابدار
آهي ۽
هن دنيا ۾ پنهنجي قول ۽ فعل جو حساب ڏئي ٿو.
ڀٽائيءَ جو چيو آهي ته:
هميرن حسابُ، ڪُهُه
ڄاڻان ڪهڙو
ٿيو؟
شيخ اياز جڏهن اڃا زندگيءَ جي انهيءَ مرحلي ۾ هو،
جو سندس مٿي
جا اڇا وار، سندس ڪارن وارن کان گهڻا گهٽ هئا،
تڏهن هو انهيءَ نظريي جي نفي ڪندو هو. سنڌيءَ ۾
پهاڪو آهي ته ”مئي کان پوءِ سج اڀري ته ڇا، لهي ته
ڇا.“ اياز چوندو هو، ته اها ڳالهه اهم ڪانهي. اصل
ڳالهه هيءَ آهي ته مئي کان پوءِ
چنڊ
اڀري ته ڇا، لهي ته ڇا. انهيءَ ذهني ڪيفيت جو
اظهارهيئن ڪيو اٿس:
اڳتي سڀ ڪافر جو ڪوڙ
جيڪي آهه هتي آ هاڻ
ٻيو سڀ پاڇي جو پيڇو
جاني آءُ جواني ماڻ
پر، جڏهن پاڻ جواني ماڻي پوئتي موٽيو، ته کيس موت
جو احساس
ٿيو،
جنهن جو اظهار ڪندو هو. ”الوداعي گيت“ ڪتاب جي
مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس:
”مان پنهنجن دوستن ابراهيم جويي، جمال ابڙي، غلام
ربانيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ سان گڏ سنڌ گهميو آهيان.
ڪئين سال اڳ اسان ٺٽي جي ويجهو هڪ ٽڪريءَ تي ڪنهن
ريسٽ هائوس ۾ لٿل هياسين (جنهن جو نالو ياد نٿو
اچي) ۽ يوناني فلسفين وانگر ڍَوَ
تي کائي پي، چهل قدميءَ لاءِ نڪتا هياسين. رات
ڀٽائيءَ جي ڪنهن بيت وانگر ٿي لڳي: آسمان ۾ چنڊ هڪ
ازلي مسافر جي ڳٺڙيءَ وانگر وڌي رهيو هو. اوچتو
منهنجي پيرن اڳيان هڪ لُنڊي نڪري وئي.
غلام
ربانيءَ کان رڙ نڪري وئي ۽ هن
پٿر ۾ هٿ وڌو، ته مون هن کي جهليو: ههڙيءَ رات ۾
ڪنهن کي ماري رات جي جادو بتيءَ کي ٽڙڪائي وجهڻ
برابر
آهي. مرڻو آهي ته هيءَ نه ته ٻي ڪا لنڊي ماريندي،
ڇوته هن ٽڪريءَ تي نانگ بي شمار آهن. غلام ربانيءَ
پٿر ڦٽي ڪري ڇڏيو.
اسان بنگلي ۾ موٽي وياسين.
ڪراچيءَ ۾ به مون کي پڪ هئي، ته موت هن ڀيري به
منهنجي پيرن اڳيان ائين ئي نڪري ويندو، جيئن اڳي
لُنڊي نانگ نڪري ويو هو.“
پر، ائين ڪونه ٿيو. لُنڊيءَ
ڪراچيءَ ۾ اياز کي ڏنگي وڌو. وفات کان ٻه ٽي گهمرا
اڳ ته چڱيءَ چڱيءَ دير تائين مون سان رڳو موت جي
موضوع تي گفتگو ڪئي هئائين ۽ چيو هئائين ته، ”مون
موت کي چئي ڇڏيو آهي، ته مون کي اڃا تمام گهڻو ڪم
ڪرڻو آهي:
“NO ADMISSION”
اياز جي
اها آرزو انساني فطرت جي تقاضا موجب هئي. پَرَ،
موت جنهن جاءِ ۾ گهڙندو آهي، اتي
NO ADMISSION
جي تختي ڪونه پڙهندو آهي.
اياز دل جي بيماريءَ ڪري وفات ڪئي. ان کان اڳي کيس
پيٽ جي به ڪجهه تڪليف ٿي پئي هئي. جويي صاحب مون
کي ٻڌايو ته، ”جيئن ڪنهن ماڻهوءَ کي کاڌو ڪونه
جيوري، بار ٿي پويس، تيئن شڪايت ڪندو هو.“ هڪ دفعي
انهن ئي ڏينهن ۾ مان اسلام آباد منجهان ڪنهن ڪم
سانگي ڪراچيءَ آيس. جمال ابڙي سان گڏ اياز سان
ڪچهري ڪرڻ ويس. اٿياسين، ته فيصلو ٿيو، ته رات جي
ماني جمال وٽ کائينداسين. اياز چيو ته شام جو اول
ڏندن جي ڊاڪٽر وٽ ويندس، سو، توهان سان گڏ رڳو سوپ
پي سگهندس. پر، فون تي معذرت ڪيائين، ته اچي ڪونه
ٿو سگهان. |