جڏهن سائينءَ هي جهان ڇڏيو، ته سندس خاڪي جسم
تدفين کان اڳ، سَن شهر جي ٻاهران شيشي جي تابوت ۾
آڻي، ماڻهن جي ديدار لاءِ رکيائون. مون کي ٻاهران
ئي ٻاهران شاهه محمد شاهه ملي ويو. ماڻهن جي هجوم
۾ حفاظت خاطر ٻانهن کان جهلي، وٺي هليو ۽ شيشي جي
تابوت جي ڀرسان بيهاريائين! غمزده ماڻهن جا الائي
ته ڪيڏا هشام هئا. منهنجي اکين جا ڳوڙها ته خبر
ٻڌڻ کان پوءِ الائي ته ڪيڏيءَ مهل سُڪي ويا هئا.
اداس اداس نظرن سان سائينءَ جي چهري جو طواف ڪندو
رهيس.
غالباً، 1980ع واري ڏهاڪي ۾، حڪومت مون کي پاڪستان
جي اديبن جي وفد جو اڳواڻ ڪري، چين جي ادبي ۽
ثقافتي دؤري تي موڪليو. دؤري پوري ٿيڻ کان پوءِ،
چيني ميزبان اسان جي وفد کي ملڪ جي گاديءَ بيجنگ
۾، چيئرمن مائوجي ”يادگار هال“ ”Memory
Hall“
۾ وٺي هليا. هال جي ٻاهران بيشمار ماڻهو، هڪ وڏيءَ
ڊگهيءَ قطار ۾ پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺا هئا،
پر، غير ملڪي مهمانن هئڻ ڪري، اسان کي ٻين کان اول
اندر موڪليائون. هال جي وچ ۾، شيشي جو تابوت رکيو
هو ۽ انهن ۾ چيئرمن مائوءَ جو خاڪي جسم خلق جي
ديدار لاءِ رکيو هو.
مون کي پنهنجي عظيم انسانن جو آخرين ديدار ائين ئي
نصيب ٿيو. ٻئي جبل جيڏا انسان هئا. تاريخ ساز هئا.
زندگي پنهنجن اصولن موجب ئي گذاريائون. ايندڙ نسلن
لاءِ مثال ڇڏيائون.
مون جڏهن شيشي جي تابوت ۾ سندن خاڪي جسم ڏٺو، ته
ائين محسوس ڪيم ته
”هو ابدي آرام ۾ هئا.“
هاڻي جڏهن به اهي ٻئي نظارا ياد ايندا اٿم، ته سنڌ
جي شاعر جا شيرين شعر چپن تي ايندا آهن:
مون ڇا ڇا مڙس مٿير ڏٺا،
مون ويندي
تن جا پير ڏٺا،
جي ڪيئي سج اُڀاري ويا،
جي ڪيئي سج سمائي ويا.
---
مون ڌرتي تنهن جا ڌِڱ ڏٺا،
مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني،
سي وارو ويرَ وڄائي ويا.
پير علي محمد راشدي
پير علي محمد راشدي ويهينءَ صديءَ ۾ سنڌ جي
هڪ
منفرد
۽ مشهور
شخصيت هو. سڄي عمر قلم، ڪتاب،
اخبار
۽ صحافت
سان گڏ گذاريائين. هڪ دفعي مون کي چيائين ته،
”ڪڏهن
ڪڏهن سوچيندو آهيان ته
”زندگيءَ
۾ گهڻا مَڻَ
مَسُ
استعمال ڪئي هوندم؟“
سڄي عمر اخبار نويسيءَ سان ڪنهن نه ڪنهن طرح دل جي
تار ڳنڍيل رکيائين. هڪ دفعي مون کانئس سوال ڪيو
ته، ”اوهان اخبار نويسيءَ ۾ ڪنهن کان متاثر ٿيا؟“
جواب ڏنائين ته، ”ابوالڪلام آزاد کان.“
پر، اصل دل سياست سان هئس. سياست سولو ڪم ڪونهي.
راشدي صاحب جي شخصيت کي سمجهڻ به سولو ڪونهي. اياز
هڪ لافاني شعر
۾ اهڙيءَ
پيچيده
شخصيت جي تصوير هيئن ڪڍي آهي:
مان ئي بڙڇي، مان ئي گهاءُ، مان ئي وار وجود تي
مان ئي هان پڇتاءُ، مان ئي پيار پرينءَ جو
1952ع
۾، مان ۽ تنوير عباسي حيدرآباد جي ڦليليءَ
واري ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين. تنوير جو ڪو دوست هو،
جنهن کي ”عاربي“ ڪوٺيندو هو. ڪاليج ۾ پڙهندو هو،
پر غريبي حال سببان نوڪري به ڪندو هو. چوندو هو
ته،
”آفيس
۾ ڪڏهن ڪڏهن واندڪائي ملندي اٿم، ته پير علي محمد
راشديءَ جو پرسنل فائيل ويهي پڙهندو آهيان، جيڪو
چڱي موچاري جاسوسي ناول کان وڌيڪ دلچسپ هوندو آهي.
مون کي سندس ڳالهه ٻڌي ياد آيو ٿه
انگريزن جي حڪومت ۾ رچرڊ برٽن نالي هڪ
اعليٰ
عملدار سنڌ ۾ آيو
هو.
وڏي آفت هو. ڪيئي ڪارناما ڪيائين. قدرت کيس غير
معمولي ذهن ڏنو هو.
اهڙن عملدارن کي
(BUILDERS OF THE BRITISH EMPIRE)
”برطانوي سلطنت جا معمار“ ڪوٺيندا هئا.
پير علي محمد راشدي رچرڊ برٽن جي جوڙَ جو مَلههُ
هو.
مون
سندس نالو
انگريزن جي
بادشاهيءَ
۾ ٻڌو هو.
تڏهن ٻار هئس.
ڪنڊياري تعلقي ۾، ڀئونرن جي سنڌي اسڪول ۾
سنڌي
چوٿون درجو پڙهندو هئس. والد صاحب کي ڪتابن
پڙهڻ
جو شوق هوندو هو.
سو، مان به اسڪول مان ايندو هئس ته سندس ڪتابن مان
ڪونه ڪو کڻي پڙهندو هئس.
هڪ
دفعي هڪڙو
ڪتاب آندائين،
جنهن تي ستت، بندش پئجي وئي ڇو ته منجهس پنجاب
پرڳڻي تي ٽوڪ ٽهول هئي. مثال طور، ڪتاب جي هڪ باب
جو عنوان هو: ”آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي“.
ڪتاب جو
نالو هو:
”فرياد سنڌ.“
۽ ان جو لکندڙ پير
علي محمد راشدي
هو.
سنه 1954ع ۾،
حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾ سال ٻه تعليم وٺي، مان
ڪراچيءَ هليو ويس. تيسين راشدي صاحب جي شخصيت جا
منهنجي ذهن تي گهڻئي پاڇا پيا هئا.
اسان جي پاسي
هالاڻيءَ جي
شهر ۾
اسماعيل نالي تپدار هو.
تنهن
ڳالهه ڪئي، ته ڪنڊياري ۾ مختيارڪار جي آفيس ۾ ويٺا
هئاسين، ته وڏي پڳڙ سان هڪ ڳوٺاڻو ڄٽ آيو ۽ لڳو
هِـِن هُن کي منٿون ڪرڻ ته، ”مون کان مٺائيءَ جا
ڏهه ويهه رپيا وٺو، پر، ڀلائي ڪري هيءُ ڪم ڪري
ڏيو.“
تپدارن ڇڙٻون ڏئي ڀڄائي ڪڍيس، ته وڃي آفيس جي
ڪمپائونڊ وال تي ويٺو. پوءِ خبر پئي، ته اهو
ڳوٺاڻو ڄٽ ڪونه هو، پر،سنڌ سرڪار جو روينيو وزير
هو.
جيڪو پنهنجي
موٽر
ڪار
آفيس کان ٿورو پرڀرو
بيهاري،
لڪي،
ويس مٽائي، رشوتي ڪامورن جو شڪار ڪرڻ آيو هو.
وزير صاحب جو نالو هو پير علي محمد راشدي.
ڪراچيءَ ويس.
ته
اتي سڀ کان اول
مون کي
ڊئريڪٽر انڊسٽريز جي آفيس ۾ ڪلارڪي ملي
۽ پوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ جي فنانس کاتي ۾. مون وانگر
ٻيا به گهڻئي سنڌي شاگرد تڏهن ائين ڪندا هئا.
ته
نوڪري به ڪندا هئا ۽ پڙهندا به هئا. رهندا هئا
ميٺارام هاسٽل ۾ يا وري جناح ڪورٽس ۾.
مثال طور:
مان ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هئس
ته سائين
سيد غوث علي شاهه جناح ڪورٽس ۾.
سنڌي شاگردن جي تڏهن به سياست ۾ دلچسپي هوندي هئي.
اولهه پاڪستان جي سڀني صوبن
کي
ختم ڪري،
يڪو هڪ صوبو ”ون يونٽ “ ٺاهڻ جون رات ڏينهن
ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آهيون. سنڌ جو
وڏو وزير پيرزادو عبدالستار صاحب هو. ون يونٽ جي
خلاف هو. انهيءَ آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻارنهن وزير
کنيا هئائين،
ته گهڻا اسيمبلي
ميمبر حمايتي هجن.
پر، ون يونٽ جو طوفان ڏاڍو ڪو زوردار
هو. ايڏي
طاقتور
وزارت به
هڪ ڏينهن
وڏي وڻ وانگر اوچتو
اچي پٽ تي پئي!
ٻه ماڻهو سنڌ جي سفيد ۽ سياهه جا مالڪ ٿي ويا: هڪ
خانبهادر کهڙو ۽ ٻيو پير علي محمد راشدي.
کهڙو صاحب ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ محتاط هوندو هو. پر،
راشدي صاحب جي زبان اگهاڙي ترار هئي،
جنهن جا هڪ ٻه مثال
ڏيان ٿو:
راشدي صاحب وزارت جو قسم کڻي، ڪار تي جهنڊو هڻي،
وڏيءَ ڪروفر سان پنهنجيءَ آفيس وٽ موٽر
ڪار
مان اچي لٿو. مٿي ۾ ميراڻي ٽوپي ۽ ڪلهن تي ٺٽي
واري لونگي پيل هئس.
چيلهه تي هَٿَ رکي،
ٻارنهن ئي وزيرن جي خالي آفيسن ڏانهن نهاري چيائين
ته: ”مار، هيءُ سڄو چڪلو کڄي ويو!“
سنڌ سرڪار جي پريس کاتي ۾، منهنجو هڪ دوست هو،
نوڪري ڪندو هو. راشدي صاحب مٿس ڪم رکيو هو ته سنڌي
اخبارن ۾
ون يونٽ جي باري ۾ جيڪي بيان ۽ مضمون ڇپجن، سي گڏ
ڪري مون کي ڏي، ته توکي ڪو سٺو عهدو ڏيندس.
هو يارُ
خوش ٿيو ۽
مواد
گڏ ڪندو رهيو. تان ته چڱو عرصو گذري ويو. اوچتو هڪ
ڏينهن ٻڌائين ته راشدي صاحب
ته
صوبائي وزارت ڇڏي، مرڪز ۾ ٿو وڃي. سو، تـڙ تڪڙ ۾
فائيل ڪڇ ۾ کڻي، سڌو سندس بنگلي تي پهتو. راشدي
صاحب ان مهل پنهنجو سامان ٽرڪن ۾ رکائي رهيو هو.
هن يار کيس فائيل پيش ڪيو ۽ ياد ڏياريو ته، ”اوهان
سٺي عهدي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.“
راشدي صاحب چيس ته، ”بابا،
بروقت ڪم پورو ڪري تون ڪونه آئين، هاڻي مان ڪهڙا ڪُچا
پٽيان؟“
سنه
1956ع،
حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح
ٿيو. مان مهمانن جي ٽينءَ صف ۾ ويٺل هئس. پهرينءَ
صف ۾ تقريب جو مکيه مهمان وڏيءَ لئه سان ويٺو هو.
اطلاعات ۽ نشريات
جو وفاقي وزير
عزت مآب پير علي محمد راشدي.
مون کيس
پهريون دفعو
ڏٺو. رنگ جو ڪجهه سانورو، قد جو بندرو،
عمر پنجاهه سٺ ورهين جي وچ ۾، خاڪي رنگ
جي سلوار قميص ۽ خاڪي پٽڪو. ڪلهن تي اهائي ٺٽي
واري لونگي. پن جي ٻيڙي پِي رهيو هو، جيڪا گهڙيءَ
گهڙيءَ وسامي ٿي وئي ۽ ريڊئي پاڪستان جو هاڪارو
ڊائريڪٽر جنرل، مسٽر بخاري، پنهنجي وزير باتدبير
کي خوش ڪرڻ لاءِ، پٻن تي هلندو، ادب ۽ نياز سان
سندس اڳيان اچي، ماچيس جي تيلي ٻاري ٿي بيٺو.
بخاري صاحب جو
ريڊيو اسٽيشن تي وڏو رعب ۽ دٻدٻو هو. ڪامورا سندس
ڊپ ۾ ڪَنن جي پاپڙين ۾ هَٿَ وجهندا هئا، پر راشدي
صاحب جي اڳيان سندس پنهنجا هوش حواس به خطا هئا.
راشدي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات
1958ع
ڌاري ٿي.
مان آڪٽوبر 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾
اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيس. سندس ننڍو
ڀاءُ پير حسام الدين راشدي
عالم هو ۽ بورڊ جو ناليوارو ميمبر. منهنجي ساڻس
گهري گهاٽي ٿي وئي. پير علي محمد راشدي تن ڏينهن ۾
مرڪزي حڪومت جي وزارت ڇڏي، فلپائينس ۾ پاڪستان جو
سفير مقرر ٿيو هو. اوچتو ڀاڻس سائين حسام الدين
شاهه کي دل جو دورو پيو. سو، ڪراچيءَ آيو ته ڀاءُ
کي علاج لاءِ ولايت وٺي وڃان.
مان حسام الدين شاهه جي طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ سندس
گهر ويس، ته راشدي صاحب لئبرريءَ ۾ ويٺو هو. ٻنهي
ڀائرن جا مهانڊا
ڏاڍا
ملندڙ هئا.
مان ڀلجي پيس، سو، حسبِ دستور
ساڻس
سڪ سان ڀاڪر پائي مليس. هو
پڻ
منجهي پيو، ته هيءُ اوپرو شخص
مون کي
ايڏو حُجائتو
ڇو
ٿو پوي!
ستت مون کي پنهنجيءَ ڀل جو احساس ٿيو. ٻه چار سال
پوءِ کيس وڌيڪ ويجهو ٿيس، ته پنهنجيءَ ڀُل جو پختو
يقين ٿيو. پير علي محمد راشدي پنهنجي ننڍي ڀاءُ
پير حسام الدين راشديءَ کان سراسر مختلف ماڻهو هو.
ڪنهن زماني ۾ پاڻ ”مشرق و مغرب“ جي عنوان سان
”جنگ“ اخبار ۾
ڪالم لکندو هو. منهنجي خيال موجب، ٻنهي ڀائرن جي
مزاج ۾ به
”مشرق
۽ مغرب“
جيڏو مفاصلو هو. پنهنجيءَ راءِ جي تصديق لاءِ هڪ
دفعي پنهنجي دوست رحيم بخش سومري کان سوال ڪيم، جو
ٻنهي ڀائرن سان سندس تمام پراڻا دوستانه لڳ لاڳاپا
هئس. چيائين ته:
”سائين حسام الدين شاهه
وڏيءَ
ڳڻ
ڳوت
وارو
مڙس هو. هروڀرو ڪنهن سان ڪونه ڦٽائيندو هو. پر،
راشدي صاحب ڏاڍو ڏکيو ماڻهو هو. بدلجندي دير ڪونه
ڪندو هو، سوچي سمجهي کيس ويجهو وڃبو هو.“
راشدي صاحب سان منهنجي پهرين ڪچهري تڏهن ٿي، جڏهن
پاڻ
فلپائينس مان
چين ۾ سفير ٿي ويو هو. ڪراچيءَ آيل هو ۽ سائين
حسام الدين شاهه
جي جمشيد روڊ واري گهر تي ٽڪيل هو. سانجهيءَ جي
مهل هئي.
لئبرريءَ جي اڳيان ٻاهر ٿلهي تي رکيل آرام ڪرسين
مان هڪڙيءَ تي ويٺو هو. سيم سان ڀريل سنڌي جُتي،
بوسڪيءَ جو پهرياڻ ۽ هرک جي سلوار پاتل
هئس.
پائيپ ڇڪي رهيو هو.
اها ڪچهري عمر ڀر ياد رهندي. ڪيئي قصا ٻڌايائين.
رات جي ماني گڏ کارايائين ڏاڍو قرب ڏنائين. تن
ڏينهن ۾ هندستان مان ”ڪونج“
نالي هڪ سنڌي رسالي جي ايڊيٽر مون کان سنڌ جي
اديبن وٽان ”ڪُونج“
تي مواد وٺي موڪلڻ جي مدد گهري هئي. راشدي صاحب کي
موڊ ۾ ڏسي، مون کانئس ”ڪونج“ تي مضمون گهريو.
چيائين ته، ”صبح جو اچجانءِ.“ ڀانيم ته مڙئي آسرو
ڏنائين. پر،
ٻئي ڏينهن
صبح جو وٽس ويس، ته مضمون اڳيئي تيار هو. رات جو
الائي ڪيڏيءَ مهل سمهيو هو ۽ ڪيڏيءَ مهل اٿي، قلم
هٿ ۾ کنيو هئائين!
پر، ڪو مضمون لکيو هئائين! جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ
جو ”مقدمه لطيفي“،
الله
بچائي سمي جو ”سَير ڪوهستان“ ۽ محمد اسماعيل
عرساڻيءَ جو ”بدنصيب ٿري“، سدائين سنڌي ادب جا
’لافاني يادگار‘ رهندا، تيئن راشدي صاحب جو اهو
مضمون به هر دور ۾ سنڌي نثر جو شاهڪار تسليم ڪيو
ويندو. ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل آهي.
سائين جي.ايم. سيد چوندو هو ته،
”قدرت
راشدي صاحب کي دل ۽ دماغ جي وڏي ڏات ڏني هئي. هڪ
مثال ڏنائين ته جناح صاحب ڪراچي آيو
هو.
مون کي
چيائين ته، ”سيد، فلاڻي سياسي مسئلي تي بيان ٺاهي
اچ ته اخبارن کي جاري ڪريان.“
تن ڏينهن ۾، سائين جي.ايم. سيد، سنڌ مسلم ليگ جو
صدر هو ۽ راشدي صاحب
آفيس
سيڪريٽري.
ڪراچيءَ ۾ سائينءَ جي بنگلي ”حيدر منزل“ ۾ رهندو
هو.
پاڪستان اڃا گهڻو پري هو.
سائينءَ مون کي ٻڌايو ته، ”مون جسٽس طيبجيءَ کي
جناح صاحب جي بيان جو ڊرافٽ ٺاهي ڏيڻ لاءِ چيو، ڇو
ته جناح صاحب انگريزي زبان جي معاملي ۾ گهڻو محتاط
هوندو هو ۽ طيبجيءَ جي انگريزيءَ جي هاڪ هوندي
هئي. جسٽس طيبجيءَ ڏينهن ٻن جي وڏيءَ محنت کان
پوءِ ڊرافٽ تيار ڪري ڏنو. مان صبح جو سوير اٿيس،
ته راشدي صاحب به ننڊ مان جاڳيو. اکيون مليندو آيو
۽ چيائين ته، ”سيد، اڄ صبح سان ٽاڪوڙا وڌا اٿئي.
ايڏو سوير ڪاڏي ٿو وڃين؟“
مون ڳالهه ٻڌايس. چيائين ته اهو بيان ته ڏيکار.
ايتري ۾ نوڪر سندس چانهه جو ڪوپ
آڻي ڏنو.
ڍُڪ ڀريائين ۽
پن جي ٻيڙي دکايائين. طيبجيءَ وارو مضمون پڙهيائين
۽
ٽائيپ رائيٽر ۾ ڪاغذ وڌائين.
مان
ڪجهه دير کان پوءِ بنگلي مان ٻاهر نڪتس، ته پاڻ به
تڪڙو تڪڙو پٺيان آيو ته، ”مان به جناح صاحب وٽ
هلندس.“
جڏهن جناح صاحب وٽ پهتاسين، ته مون طيبجيءَ جو
لکيل بيان سندس اڳيان رکيو. جناح صاحب بيان هيڪر
پڙهي، ٻيهر پڙهيو ته راشدي صاحب به کيسي مان
پنهنجو ٽائيپ ڪيل پنو ڪڍي چيس ته، ”صاحب! مان به
اوهان جي بيان جو ڊرافٽ ٺاهي آيو آهيان.“
جناح صاحب اول ته ڏانهس حيرت ۾ نهاريو. هو ايڏي
حجت پسند ڪانه ڪندو هو، پر کانئس ڪاغذ وٺي
پڙهيائين.
ته
سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ، طيبجيءَ جو
ڊرافٽ
مون کي موٽائي ڏنائين ۽ راشدي صاحب واري بيان تي
صحيح وجهي، چيائين ته، ”شاهه صاحب! هيءُ بيان جاري
ڪري ڇڏيو.“
مون مٿي
سندس ڪتاب
”فرياد سنڌ“ جو ذڪر ڪيو آهي. راشدي صاحب
انهيءَ
۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”هڪ ڏينهن سنڌ پنجاب جي
ڪالوني ٿي ويندي.“ سائين جي.ايم. سيد ڏي لکيل خطن
۾
پنهنجي اها ئي
ڳالهه دليل دلائل سان کولي بيان ڪئي اٿس.
تڏهن سندس ڳالهه تي ڪنهن به غور ڪونه ڪيو. هاڻي
اها ئي ڳالهه ٿي آهي. ته پنجاب مان به جيڪا بلا
نازل ٿئي ٿي مثال طور ڪارخانن جو زهريلو پاڻي، سو،
پري پنڌ تان پڇندو اچي ٿو ته سنڌ ڏي واٽ ڪٿان
ويندي؟ منڇر ڍنڍ ڪٿان ويجهو ٿيندي؟
انوري فارسي زبان جو شاعر هو. سندس هڪ شعر آهي ته،
”آسمان مان جيڪا بلا نازل ٿئي ٿي، اها پڇندي اچي
ٿي ته انوريءَ جو گهر ڪاٿي آهي؟“
راشدي صاحب کي
سياسي معاملن جو وڏو فهم ۽ ادراڪ هوندو
هو.
سو، جناح صاحب
پنهنجي بيان جي سياسي مقصدن جي خاطري ڪري پوءِ ئي
سندس
لکيل بيان تي صحيح وڌي هوندي.
سائين جي.ايم. سيد ۽ راشدي صاحب
وڏو
زمانو نهايت گهرائپ ۽ گهاٽائپ ۾ گڏ گذاريو. انهيءَ
عرصي دؤران ٻئي ڄڻا
هڪٻئي سان جام- جهٽ هئا. رات ڏينهن
جن سياسي سرگرمين ۾ مشغول هوندا هئا، تن جي باري ۾
هڪٻئي کي خط پٽ لکندا رهندا هئا. اهو سلسلو
راشدي صاحب
جي فلپائينس ۾
سفير
مقرر
ٿيڻ
کان پوءِ به جاري رهيو.
مون مٿي عرض ڪيو آهي ته
سندس
زبان اگهاڙي تلوار هوندي هئي. هو،
سائينءَ ڏانهن پنهنجن خطن ۾ به حرڪت بازيءَ کان
ڪونه مڙندو هو.
جڏهن سائين جي.ايم.سيد پنهنجي ڳوٺ سَنَ ۾ نظربند
هو، ته، هن ڳڻ ڳوت ڪري، سندس انهن پراڻن خطن جا
قلمي نسخا ٺهرايا ۽ ادبي ادارن ۽ خاص خاص احبابن
کي موڪليا. هڪ نسخو مون کي به عنايت ڪيائين. مون
بروقت منڍ کان آخر تائين پڙهيو.
انهن خطن مان اهو ئي تاثر ٿي مليو ته ان دور جو
راشدي صاحب وڏو
”سنڌ دوست“
هو. گهڻن سالن کان پوءِ خطن جو اهو
ئي قلمي نسخو سائين.جي.ايم. سيد،
ڪتابي صورت ۾ ڇپايو.
پر،
ڇپيل
ڪتاب ۾ قلمي نسخي جا ڪي حصا ڪونه هئا. مثل
طور،
ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ
جو ذڪر غائب هو. هُوءَ
سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر هئي. اول
الله
بخش سومري کي ويجهي
هئي. سندس شهادت کان پوءِ سائين
جي.ايم.سيد
سان دعا سلام ٿيس. ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي
وئي. سائين سندس ڳالهيون ڏاڍيءَ سڪ سان ڪندو هو.
راشدي صاحب
پنهنجيءَ حرڪتي طبيعت موجب،
6
جون
1958ع
تي، سائينءَ کي
فلپائينس
مان هڪ خط لکيو
هو
ته، ”ڪالهه ڪراچيءَ جي هڪ اخبار جو پراڻو پرچو اچي
مليو،
جنهن ۾ لکيل هو ته:
”نصيب دشمنان“
اوهان کي دل جي تڪليف ٿي پئي آهي.
هاڻي سر دست، سوال آهي
اوهان جي علاج جو.
سو،
ان باري ۾ هيٺيون صدري نسخو جيڪو سو فيصدي سوديشي
۽ سنڌي ٻوٽين جو مرڪب آهي، استعمال فرمائي ڏسندا،
ته شايد فائديمند ٿئي.
هو الشافي
....... ٻوٽي
جا گل،
6
ماسا، .... گاهه جا پراڻا پن
2
ماسا ..... ڇوڏن جو ٻورو ،
4
ماسا .... عرقِ گلاب 3 ماسا.
انهن کي ڪُٽي، ڇاڻي، عرق ”عشق مجاز“ سان پي
ڇڏيندا، ته دردِ دل دفعي ٿي ويندو.
راشدي صاحب هانگ ڪانگ مان
به
سائينءَ کي
خط لکندو هو.
28
فبروريءَ
1958ع
تي
اتان
لکيل هڪڙي
خط ۾ به ڇيڙخاني ڪئي
اٿس.
شروعات هنن جملن سان ڪئي اٿس:
ديش ڀڳت، سنڌ پوشڻ، ڀاءُ سئد، سدا ڀاشنه.
هت اوهان جي پراڻن مودين يعني شريمتيءَ ڄيٺي
سپاهيملاڻيءَ جي آڪهه جا ڪارونڀار ڪٽڪ ڏسي پنهنجي
اڳوڻي پوتر سڀيتا ۽ شد سنڌي ڀاشا سان محبت وارا
سڙي ويل سلا وري من اندر مورجي پيا آهن. تنهن ڪري
پيارا هن چٺيءَ جو مهڙ ”نمشتي“ سان ڪيان ٿو.
خط
ڊگهو آهي راشدي صاحب انهيءَ
جي پڇاڙي هنن لفظن سان ڪئي
آهي.
”سو، ڀائو اهي آهن حال. هينئر جهاج جو ٽائيم آهي.
منيلا وڃي رهيو آهيان. چٺي پوري ڪريان ٿو. رامي
رام.
اوهان جو شيواڌاري
آئو، للو، ممو، ههو،
ددو، ررو، ڇڇو، ددو.
راشدي صاحب عَجَب
انسان هو! ڇا بهمڻ جي ڳوٺڙي ۾ سندس ننڍپڻ جا
ڏينهن، ڇا سکر ۾ سندس اخبار نويسي ۽ ڏک ڏاکڙا. هڪ
هنڌ لکيو اٿس ته، ”سمهڻ لاءِ کٽ ڪانه هوندي هئي.
ماني کائڻ لاءِ پئسو ڪونه هوندو هو. ساڌ ٻيلي
جي مندرن
مان هندن
جا
خيراتي ڇولا
پرساد
وٺي گذر ڪندا هئاسين.“ انهيءَ حال ۾، ”هفتيوار
سنڌي اخبار“ جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. حياتيءَ جي
سمنڊ ۾، ٽلڪندو ٽلڪندو، زماني جون ٿڦڙون کائيندو،
وڃي ڪراچيءَ جي روزانه انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“
جو ايڊيٽر ٿيو.
چون ٿا ته
اسڪول ۾ انگريزيءَ جا چار درجا به ڪونه پڙهيا
هئائين.
البت، پنهنجي ڳوٺ
بهمڻ جي ڀرسان، نصرت ريلوائي اسٽيشن جي بابوءَ کان
انگريزيءَ جا
ڪي
سبق
ورتا هئائين ۽ کانئس
ٽائيپ ڪرڻ
به
سکيو هو.
شرارتي انهيءَ عمر ۾ ئي هو. هڪ ڏينهن ريلوائي بابو
گهر ويو، ته پاڻ سندس غير موجودگيءَ جو فائدو وٺي،
ٽڪيٽون ٺاهيائين ۽ انهن کي استعمال ڪري، سڄي
هندستان گهمي آيو.
پر، وڏو ٿيو ته،
الائي ڪيئن انگريزيءَ تي ايڏو
عبور حاصل ڪيائين جو ”ڊان“ جي ايڊيٽر الطاف حسين
سان چوٽون کاڌائين، کيس شڪست ڏنائين
۽
سڄي ملڪ جي اخبار نويسن جي انجمن جو صدر ٿيو.
ٻاهرين ملڪن ۾
صحافين جا وفد وٺي ويو.
”هندستان
-
پاڪستان جائنٽ پريس ڪميشن“ جو چيئرمن چونڊيو
ويو.
آخرڪار، حڪومتِ پاڪستان جو وزير اطلاعات ۽ نشريات
وڃي
ٿيو.
جڏهن
انگريزي روزنامه
سنڌ آبزرور(SINDH
OBSERVER)
جو
ايڊيٽر هو، تڏهن منهنجو دوست غلام قادر لاکير وٽس
سب ايڊيٽر هوندو هو. ڳالهه ڪندو هو ته شڪار جو
شوقين هوندو هو. سانجهيءَ مهل، جيپ ۾ موٽندو هو.
ڌڌڙ ۾ لٽيو پيو هوندو هو. آفيس ۾ ايندو هو. لمليٽ
گهرائي ٻيڙي دکائيندو هو ايڊيٽوريل لکي هليو ويندو
هو.
ان جو پروف به ڪونه پڙهندو هو.
راشدي صاحب جو انگريزي ٻوليءَ تي ايڏو عبور، سندس
غير معمولي ذهانت جي باوجود، سوچڻ وٽان آهي! اچرج
جهڙي ڳالهه آهي.
چيني ماڻهو چوندا آهن ته، ”دنيا جي سڀ کان قديم ۽
وڏي ۾ وڏي درسگاهه ’تجربو‘ آهي.“ راشدي صاحب
بلاشبه، وڏو تجربيڪار هو. ننڍيءَ ڄمار ۾ ”الراشد“
اخبار ڪڍيائين. پوءِ سکر ۾ خانبهادر کهڙي جي اخبار
”زميندار“ ۾ ڪم ڪيائين. ”صبح سنڌ“ اخبار ڪڍيائين.
اهي سڀ اخبارون هيون ته سنڌيءَ زبان ۾، پر صحافت ۾
ته تجربو ٿيس. خانبهادر کهڙي جي سکر واريءَ اخبار
۾ آغا نظر علي ايڊيٽر سان گڏجي جيڪو عرصو ڪم
ڪيائين، تنهن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي
شينهن“ ۾ ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان ڪيو اٿس ۽ انهن
ڏينهن ۾، سکر شهر ۾، هندڪي ۽ مسلمانڪي سياست جي
ڇڪتاڻ جو به چٽن لفظن ۾ ذڪر ڪيو اٿس، جو، سندس
ذاتي تجربي ۽ مشاهدي تي مبني آهي.
هاڻي به ننڍن ننڍن شهرن ۾، هفتيوار سنڌي اخبارن جا
ايڊيٽر ڏاڍا ڏاها هوندا آهن. عام ماڻهن سان لهه
وچڙ ۾ اچڻ ڪري، ماڻهوءَ جي مزاج جا ماهر ٿي ويندا
آهن.
راشدي صاحب سنڌي اخبارن جي تجربي پرائڻ کان پوءِ ”Muslim
Voice“
۽ روزانه ”Sind
Observor“
جو ايڊيٽر ٿيو. ٻئي انگريزي اخبارون هيون، ان ڪري
ذهن ۾ سوال اٿي ٿو، ته هن بهمڻ جي ڀر مان ”نصرت
ريلوائي اسٽيشن جي بابوءَ کان رڳو ڪجهه انگريزي
سبق وٺڻ جي آڌار تي ايڏو عبور حاصل ڪري ورتو، جو
روزانه انگريزي اخبارون ايڊٽ ڪيائين؟ ائين ته
ڪونهي ته ڪنهن اسڪول ۾ به باضابطه انگريزي پڙهيو
هو؟“
تازو، مون کي ان سلسلي ۾ ڪجهه ”معتبر معلومات“ ملي
آهي، جنهن مان انهيءَ شڪ کي وڏي تقويت ملي ٿي، ان
ڪري انهيءَ ڳالهه جو البت تفصيل سان ذڪر ڪريان ٿو.
انگريزن جي حڪومت ۾ ”ضلعو“ مکيه انتظامي يونٽ
هوندو هو. ضلعي جي وڏي عملدار کي ”ڪليڪٽر“ ڪوٺيندا
هئا. سو، ان ڪري جو سندس مکيه ڪم زمين جي ڍل وصول
ڪرڻ هوندو هو. ڍل سان قانوني معاملا به واسطو رکن
ٿا، ان ڪري ڪليڪٽر کي ”ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ“ (D.M.)
جا اختيار به حاصل هوندا هئا. نه فقط ايترو پر،
کيس ضلعي ۾ ٻين سڀني کاتن جي عملدارن تي به سبقت
حاصل هوندي هئي. هونئن ته تعليم کاتي جو ضلعي
عملدار پنهنجا فل اختيار استعمال ڪندو هو. صحت
کاتي، ٻيلي کاتي ۽ انجنيري کاتن جا ضلعي عملدار به
ائين ڪندا هئا. پر، ڪليڪٽرُ، سندن کاتن ۾ به دخل
ڏيڻ جو اختيار رکندو هو.
سڀ ڪليڪٽر
I.C.S
يعني انڊين سول سروس جا عملدار هوندا هئا. ڪي
انگريز هوندا هئا، پر ڪي ڏيهي ماڻهو به هوندا هئا.
البت، انهيءَ عهدي لاءِ جيڪو به ڏيهي ماڻهو رکندا
هئا، تنهن جي رڳو ڊگري ڪانه ڏسندا هئا. سندس
خانداني درجي ۽ حيثيت جو به خيال رکندا هئا. اڪثر
ڪري، وڏن خاندانن جا ماڻهو انهيءَ عهدي لاءِ
چونڊيندا هئا. انگريزُ ذاتي لياقت سان گڏ، ماڻهوءَ
جو بڻ بنياد به ڏسندو هو.
ڪليڪٽرَ، پنهنجي ضلعي جا حاڪم هوندا هئا. چرندڙ
پرندڙ ماڻهوءَ تي نگاهه رکندا هئا. هر ڪليڪٽر اهڙن
شخصن بابت پنهنجا تاثرات قلمبند ڪندو هو، ليڪن،
ٽائيپ ڪونه ڪرائيندو هو. پين سان لکندو هو، ته ٻئي
ڪنهن کي به خبر نه پوي. ڪليڪٽر اهي تاثرات جنهن
ڪتاب ۾ لکندا هئا، تنهن کي عام طرح
Blue Book
ڪوٺيندا هئا. هر ڪليڪٽر جڏهن هڪڙي ضلعي مان بدلي
ٿي، ٻئي ۾ ويندو هو، تڏهن ”بِلُو بُڪُ“ هڪ خفيه
دستاويز وانگر، ٻئي ڪليڪٽر کي هٿ ۾ ڏئي ويندو هو،
ته کيس جن ماڻهن سان ضلعي ۾ واسطو پوندو، تن جي
باري ۾ مستند معلومات مليس.
انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ جتي ٻيو انتظام ڍلو ٿي
ويو، اتي ضلعن جا گزيٽيئر ۽ ”بلُو بُڪَ“ به رلي
ويا. اڳتي هلي، بلُو بُڪَ لکڻ جو رواج ئي ختم ٿي
ويو. ملڪ ملير ٿي ويو.
تازو، مون کي لاڙڪاڻي ضلعي جي بلُو بُڪَ جي فوٽو
اسٽئٽ ڪاپي مومن بُلي نالي دوست کان ملي آهي، جو
ماهوار انگريزي رسالي ”The
Reporter“
جو ايڊيٽر آهي.
”بلو بڪ“ جا پنا جو اٿلايم، ته هڪڙي صفحي جي مٿان
راشدي صاحب جو نالو نظر آيو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جيڪي
ڪليڪٽر هڪٻئي کان پوءِ مقرر ٿيا هئا، تن مٿس
پنهنجا تاثرات درج ڪيا آهن. ليڪن، مان انهن منجهان
فقط هڪڙي ڪليڪٽر جو نوٽ هت ڏيان ٿو، جنهن پنهنجيءَ
صحيح هيٺان تاريخ ڪانه وڌي آهي، پر، کانئس پوءِ
جيڪو لاڙڪاڻي ۾ ڪليڪٽر آيو آهي، تنهن پنهنجيءَ
صحيح جي هيٺان، پهرين مارچ 1931ع تاريخ وڌي آهي.
راشدي صاحب تي جنهن ڪليڪٽر نوٽ لکيو آهي، تنهن جو
نالو حامد علي آهي، هيئن لکيو اٿس:
Ali Muhammad Shah Rashdi of Bahman
Has passed Cambridge junior examination from
Deiradun. Traveled a good deal in India, Iraq
etc. Intellegent, cunning, un-scrupulous,
Treacherous and unreliable, as a friend. Chief
Editor of Rashdi organ “Al-Rashid”, which is a
bio-monthly, written in a very ornate style.
Mr. Rashdi has many irons in the fire.
Sd:/- Hamid Ali
هن ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته راشدي صاحب ”ديران
دون“ ۾ جونئر ڪئمبرج تائين تعليم ورتي هئي. هاڻي
ڏسجي ته انگريزن جي ڏينهن ۾ ديرادون ڇاجي ڪري
مشهور هو؟
اهو شهر نه تمام وڏو هو ۽ نه وري ننڍڙو هو. ڪلڪتي
جي پاسي هو. هندستان جي نوابن ۽ راجائن جا ناراض
ڪٽنبَ پنهنجي شاهي خاندان سان اختلافن ڪري لڏي
ويندا هئا ۽ منجهس رهائش اختيار ڪندا هئا.
راشدي جو ڏاڏو پير شاهه وڏو داناءُ ۽ دور انديش
شخص هو، سکيو ستابو هو. راشدي صاحب توڙي سائين
حسام الدين شاهه هميشه سندس ڳالهيون سڪ سان ڪندا
هئا. جناح صاحب کي سندس والد بزرگوار هڪ انگريز
دوست جي مشوري تي ئي اعليٰ تعليم لاءِ انگلنڊ
موڪليو هو. ممڪن آهي ته مرحوم پير شاهه به پنهنجي
وڏي پوٽي پير علي محمد راشديءَ کي به ڪنهن انگريز
ڪليڪٽر جي صلاح تي يا پاڙيسري ڀٽن زميندارن جي
ڪنهن بزرگ جي مشوري تي انگريزي تعليم لاءِ ديرادون
تعليم لاءِ موڪليو هجي.
جيڪڏهن راشدي صاحب ديرا دون ۾ تعليم ورتي، ته
انگريزي محاوري تي سٺي دسترس حاصل ٿي هوندس، ڇو ته
هڪ ته انگريزن جي حڪومت ۾ تعليم جو وڏو معيار هو.
ٻيو ته راجائن ۽ نوابن جا ٻارَ، جنهن شهر
۾ (جونئر
ڪئمبرج) تائين تعليم پرائيندا هوندا، انهيءَ جي
اسڪولن ۾ جيڪي انگريز مرد يا زالون پڙهائينديون
هونديون، سي به وڏيون ماهر هونديون، انهيءَ
پسمنظر ۾ معاملي کي ڏسبو ته چئبو ته راشدي صاحب
ننڍپڻ ۾، اعليٰ درجي واري ڪنهن اسڪول ۾ تعليم
پرائي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس پيڙهه پڪي ٿي.
هاڻي جڏهن صفا سڃ ٿي وئي آهي ۽ سنڌ ۾ ته تعليم جو
ڪم ئي لهي ويو آهي. تڏهن به ڪانوينٽ اسڪول ۾ پڙهيل
۽ او- ليول يا –
A Level
پاس ڪيل شاگردَ انگريزيءَ ۾ وڏي مهارت رکن ٿا.
اهڙن ٽن ڄڻن کي مان سڃاڻان. ٽئي عورتون آهن. پهرين
هڪڙي پروفيسر رفيعه محمد علي، جيڪا اڄڪلهه سنڌ
يونيورسٽيءَ جي پرو-وائيس چانسيلر آهي. انگريزي
زبان جي وڏي ماهر آهي. ٻي مسز شيرين خان، جنهن
منهنجي چوڻ تي سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو انگريزي ترجمو
ڪيو هو. سا به انگريزي زبان تي وڏو ملڪو رکي ٿي،
ايتريقدر جو ڪراچيءَ ۾ آمريڪي ڪلچرل سينٽر وارا
جڏهن ثقافتي پروگرام ڪرائيندا هئا، ته شيرين خان
کي پروگرام هلائڻ لاءِ عرض ڪندا هئا. مسز شيرين
خان جو ڪٽنب افغانستان جي شاهي خاندان مان هو ۽ ڪن
اختلافن ڪري، ديرادون ويو هو. پاڪستان ٺهڻ کان
پوءِ هجرت ڪري ڪراچيءَ آيو.
ٽين خاتون خود راشدي صاحب جي بيگم، ممتاز راشدي
هئي، جا ڊاڪا
۾ ڪانوينٽ اسڪولن ۾ تعليم پرائي، انگريزيءَ جي
ماهر ٿي هئي. غالباً ڪجهه عرصو پئرس جي پاڪستاني
سفارتخاني ۾ پريس اتاشي به هئي. راشدي صاحب سان
شاديءَ کان پوءِ ”ڊان“ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪالم لکندي
هئي. ڪجهه عرصو اڳ گذاري وئي. کيس انگريزي زبان تي
وڏو ملڪو هو.
راشدي صاحب اول فلپائنس ۽ چين ۾ سفير ٿيو. سندس
سياسي فهم ۽ ادراڪ ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونهي. ظاهر آهي
ته ڌارين ملڪن جي سفارتخانن ۾ کيس رڳو انگريزي ڪم
ايندي هوندي. ڀٽو صاحب وزير خارجه ٿيو، ته راشدي
جي نوڪري سندس سٺي ڪم کان پوءِ به (وزير خارجه سان
اڻبڻت ڪري) لوڏن ۾ آئي. نيٺ نوڪريءَ تان لٿو.
ڪجهه عرصو هانگ ڪانگ ۾ رهيو.
اتان
”جنگ“ اخبار لاءِ ”مڪتوبات مشرق بعيد“ عنوان سان
ڪالم لکندو هو.
جن ۾
اڪثر ڪري صدر ايوب خان جي حڪومت تي نڪته چيني ڪندو
هو.
هڪ دفعي،
قاضي محمد اڪبر
صاحب، راشدي صاحب
جي
وڏي فرزند حسين شاهه ۽ مون کي شاديءَ جي دعوت تي
سڏيو. دعوت پنهنجي گهر ۾ ڪيائين.
ڀٽو صاحب،
ايوب خان جو
وزيرِ خارجه هو،
سو دعوت ۾ مکيه مهمان هو ۽
اتفاق سان اسان جي اڳيان واريءَ صف ۾ اچي ويٺو.
هال ۾ چاليهارو کن معزز ماڻهو هئا. ڀٽي صاحب ڪنهن
مهل ڪنڌ ورائي
پوئتي اسان ڏي
نهاريو. حُسين شاهه
تي نظر پيس ته
چيائينس ته، ”تنهنجو والد اسان جي حڪومت جي خلاف
مضمون لکي ٿو.“
ائين چئي، جويي صاحب ڏي نهاري چيائين ته، ”سنڌ جي
تاريخ جو برطانوي دور راشدي صاحب کي لکڻ لاءِ ڏيو
۽
انهيءَ جو معاوضو
غير ملڪي سڪي ۾ پنجاهه هزار ڏيوس.“
ڀٽو صاحب ٻه ٽي گلاس ته اڳيئي چاڙهي آيو هو. ٻه ٽي
اسان جي اڳيان به خالي ڪيائين. اسان کي اهو حڪم
ڏئي، حسين شاهه کي ميار ڏنائين
ته،
”ڏس ته مان توهان لاءِ ڇا ٿو ڪريان ۽ توهان جو
والد صاحب اسان جي پاڙ ڪيئن پيو پٽي؟“
راشدي صاحب
اڃا
چين ۾ سفير هو، ته ڪنهن سبب سان ڏينهن ٻن لاءِ
ڪراچي آيو هو. سائين ميران محمد شاهه، مون سان گڏ
ساڻس
ڪچهري ڪرڻ
هليو. ٻنهي کِل ڀوڳ پئي ڪيا، ته ڪنهن مهل، راشدي
صاحب ڪڙڪو ڪري چيو ته، ”ميران محمد شاهه! هماليه
جبل جي مٿان ٺڪا ٺڪيءَ لاءِ بهمڻ ۾ ڄاول ٻارڙي کي
داد نٿو ڏئين!“
انهن ڏينهن ۾ چين ۽ هندستان جون هماليه جبل جي
مٿان
سرحدي جهڳڙي ڪري،
چڪريون لڳيون هيون. راشدي صاحب جو اشارو انهن
ڏانهن هو. چين جي وزيرِ خارجه سان سندس مسلسل
ملاقاتون ٿينديون هيون، جن جو مقصد اهو هو ته،
”پاڪستان
انهيءَ موقعي مان ڪشمير ۾ ڪهڙو فائدو وٺڻ گهري ٿو؟“
مسز ممتاز راشديءَ مون کي ٻڌايو ته راشدي صاحب
اوچتو بيمار ٿي پيو هو، سو ڪڏهن ڪڏهن کيس پيغام
ڏيڻ وٺڻ لاءِ چين جي وزيرِ دفاع وٽ موڪليندو هو.
نڪيتا خرسچوف کي
ڪشمير واريءَ ڳالهه جي
کڻڪ پئجي وئي،
تنهن
راشدي صاحب کي دعوت موڪلي ته،
”روسي
رڇن جي شڪار لاءِ ماسڪو اچو.“
مسز ممتاز راشديءَ چيو ته راشدي صاحب ايوب خان کي
خرسچوف وارو اطلاع ڏنو،
ته هُو ڊڄي ويو.
ڳالهه ٻڌڻ شرط پير پوئتي ڪيائين
۽ چين جي وزيرِ خارجه جي ڏنل اشارن
مان
ڪوبه فائدو ڪونه ورتائين.
بعد ۾ راشدي صاحب جي فرزند عزيزم عادل راشديءَ به
ساڳي اهڙي ڳالهه ڪئي.
راشدي صاحب جڏهن فلپائين ۾ سفير هو ته،
سنڌيءَ ۾
سنڌ جي يادگيرين جو
هڪ
ڪتاب لکيو هئائين. سائين حسام الدين شاهه اسان کي
ان جو مسودو
ڇپڻ لاءِ آڻي ڏنو. ڪتاب جو نالو هو: ”اهي ڏينهن،
اهي شينهن.“
چين ۾ ئي ٻيو ڪتاب لکيو هئائين: ”چين جي ڊائري“.
ٽيون ڪتاب وري انگريزيءَ ۾ لکيو هئائين، جيڪو
آڪسفورڊ پريس، جي ڪراچي برانچ شايع ڪيو آهي.
”چين جي ڊائري“ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ ڇپائي آهي. جيڪڏهن راشدي صاحب منجهس
چين ۾ ان دؤر جي سياسي حالتن جو تذڪرو ۽ تجزيو ڪري
ها، ته اهو ڪتاب اڄ جيڪر وڏو ڪارائتو ٿئي ها، ڇو
ته چين دنيا جو اهم سوشلسٽ ملڪ آهي، پر ڪتاب ۾
گهڻو ڪري، هتان هُتان جون هلڪڙيون ڳالهيون
لکيائين، جن مان ڪي، نموني طور، هي آهن:
انقلاب کان اڳ چين جي مهاراڻي ڊوگر پنهنجيءَ
چمڙيءَ کي تازو رکڻ لاءِ روزانو صبح سان، کير
وارين زالن جي ٿڃ جي پيالي پيئندي هئي، جنهن ۾
موتين جو خاڪو ملايو ويندو هو. ٿڃ جي پڪي پختي
بندوبست لاءِ صحتمند عورتون هر وقت محلات ۾ موجود
هونديون هيون.
اڄ شام جو منهنجي سفارتخاني جو مسٽر ”هو“ آيو.
ڪجهه دير تائين ناس جي دٻلين جي لسٽ ٺاهيسون. اسان
اڄ تائين 126 ناس جون دٻليون گڏ ڪيون آهن.
مسٽر ”هو“ ٻڌايو ته انقلاب کان اڳ چين جو شانگهائي
شهر عياشيءَ جو اڏو هوندو هو. شهر جي آدمشماري اڌ
لک هئي، تن ۾ رنڊين جو تعداد پنجن هزارن کان مٿي
هو.
فرانس جي بادشاهه لوئي پندرهين تي جنهن ماڻهوءَ
حملو ڪيو هو، تنهن کي جڏهن قتل ٿي ڪيائون ته قتل
گاهه جي چوڌاري، گهرن جي بالڪنين مان امير مردن ۽
عورتن تماشي خاطر قتل جو نظارو پئي ڏٺو. |