حقيقت اها ئي آهي. بابا فريد، بلي شاهه، وارث شاهه
يا شاهه حُسين جي عظمت کان ڪوبه انڪار ڪونهي.
خيرپور ۾ سچل سيمينار ٿيو، جنهن لاءِ مون خيرپور
يونيورسٽيءَ کي ايڪيڊميءَ مان ٻه لک رپيا ادبي
امداد ڏني. سيمينار جي خاتمي تي، ”سوالن ۽ جوابن“
وارو اجلاس ٿيو. مون پنجاب مان آيل وفد جي اڳواڻ
شفقت تنوير مرزا کان ساڳيو سوال ڪيو. مُنجهي پيو.
اسٽيج تي آيو. ائين چئي جان ڇڏايائين ته، ”انهيءَ
سوال جو جواب ته آگري صاحب کي اسان کي سمجهائڻ
کپي. هُو وري الٽو اسان کان پڇي رهيو آهي.“
ٻئي موقعي تي مون ساڳيو سوال جسٽس جاويد اقبال کان
ڪيو. هن چيو ته، ”علامه اقبال
شوڪتِ اسلام
جو قائل هو.“
بهرحال، اسان ائين ڳالهيون ڪندا، ڪينجهر ڍنڍ وٽ
اچي پهتاسين. ڪلچر کاتي
VIP
ريسٽ هائوس بدران، هڪ
HUT
۾ بندوبست ڪيو هو. جنهن ۾ پلنگ ٻن پاون ۽ ٻن پٿرن
تي بيٺل هو ڇو ته ٻه پاوا ڀڳل هئس. ٽي.وي. ڪيس
موجود هو. ليڪن، منجهس ٽي.وي. غائب هئي.
HUT
جو حال
بيوس جي شعر جو عڪس هو: الا، جُهري مَ شال، غريبن
جي جهوپڙي!
صبر کان سواءِ ٻيو رستو ڪونه هو. هٿ منهن ڌوئي،
مانيءَ جا ٻه گرهه
جهڙا تهڙا
وجهي ڪينجهر ۾ مائيءَ نوريءَ جي تربت،
مڪليءَ
۾
پير صاحب جي مزار تي حاضري ڏئي،
حيدرآباد هليا آياسين.
مون حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان جي ٽڪڻ لاءِ
”انڊس هوٽل“ ۾ وي.آئي.پي. ڪمرا ورتا. مهانگا پر
سٺا هئا. معزز مهمانن جي
رهڻ
لائق هئا.
ڊاڪٽر شمل صبح سان اوچتو چيو ته، ”رباني، شاهه
سائينءَ جي مزار تي حاضري ڏئي اچون.“ سو، ڀٽ شاهه
هليا وياسين. شاهه سائينءَ جي مزار مبارڪ تي حاضري
ڏيئي، ريسٽ هائوس ۾ اچي لنچ کاڌيسون.
اتي مسٽر حميد
آخوند، تڏهوڪو سيڪريٽري ڪلچر پاڻ به اچي ڊاڪٽر شمل
سان مليو. اڃا اٿيو، ته ڊاڪٽر شمل اوچتو مون کي
هالا هلڻ لاءِ ڪَنَ ۾ سرٻاٽ ڪيو.
مان منجهي پيس. ڊاڪٽر شمل کان ڪلاڪ کن جي اجازت
ورتم. فون تي وٺ وٺان ڪري، هالن ۾ پنهنجي
دوست
منگهن مل جي مائٽن
کي ڄاڻ ڪيم، جن سڄو بندوسبت ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر شمل
هالين پهتي، ته گلن جي هارن ۽ دهلن دمامن سان سندس
استقبال ٿيو. شاهي بزار گهميائين، ته کيس ڏسڻ لاءِ
ماڻهن جا هجوم گڏ ٿي ويا. دڪانن تي چڙهي، ته
منهنجن دوستن سندس اڳيان سنڌي سوکڙين جا ڍير ڪري
ڇڏيا.
حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شمل جي دوري جا مکيه پروگرام ٻه
هئا: هڪ ليڪچر ۽ ٻيو ڪل سنڌ خواتين مشاعري جي
صدارت. ٻنهي جو انتظام، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪلچر
کاتي گڏ ڪيو هو.
حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شمل جو دورو پورو ٿيو، ته اسان
ڪراچيءَ موٽياسين. سڌو وڃي نواب يوسف ٽالپر جي
بنگلي تي لٿاسين. سندس بيگم صاحبه ڪجهه سال اڳ
ڊاڪٽر شمل سان متعارف ٿيل هئي، سو، هيئن جو
جرمنيءَ جو صدر، پاڪستان جي دوري تي آيو هو، ته
حڪومت پاڪستان، جرمن صدر جي اهليه جي
LADY IN WAITING
جا فرائض بيگم يوسف ٽالپر کي سونپيا هئا. ڊاڪٽر
شمل به ان موقعي تي پنهنجي صدر جي وفد ۾ شامل هئي.
اسان
يوسف ٽالپر صاحب
جي بنگلي تي پهتاسين. هن
۽ سندس بيگم مرحبا ڪئي ۽ خوش خير عافيت ڪري، ميز
تي ماني رکائي. جهڙي شاندار لنچ کارايائون، اهڙي
ئي يادگار ڪچهري ڪيائون. موڪلائڻ مهل نواب يوسف
ٽالپر، ڊاڪٽر شمل سان پنهنجي بيگم صاحبه جي هڪ
تصوير
AUTOGRAPH
ڪرائڻ لاءِ ڏني، جا مون
ڊاڪٽر شمل کان،
هوٽل تي ڪرائي، کين
بر وقت
گهر موڪلي ڏني.
ڊاڪٽر شمل
اتان
سڌو شيرٽن هوٽل تي هلڻ لاءِ چيو.
مسز زمان موڪلائي، پنهنجي گهر رواني ٿي. مان ڊاڪٽر
شمل کي سندس ڪمري ۾
پهچائي
صبح جو پروگرام پڇيو.
چيائين ته، ”اقبال ايڪيڊميءَ جي جلسي لاءِ صبح جو
سوير پهرينءَ فلائيٽ ۾ لاهور وڃڻو اٿم. سو، تون
ڀلي حيدرآباد وڃ.“
ڊاڪٽر شمل سان اها منهنجي آخري ملاقات هئي ۽ سنڌ
جو اهو سندس آخرين ديدار هو.
ڊاڪٽر شمل ڪراچيءَ مان لاهور وئي. اتان اقبال
ايڪيڊميءَ جو جلسو ڪري جرمنيءَ وئي. پر، قدرت خدا
جي جو پنهنجي گهر ۾ پهتي، ته پير ترڪي ويس. ڍاڪ جو
هڏو ڀڄي پيس، هوش ۾ آئي ۽ چاق ٿي ته ايران سرڪار
جي دعوت
تي
تهران هلي وئي.
يورپ ۾ ملعون سلمان راشدي
ساڻس اٽڪيو،
ته اسلام جي ايتري ثنا خواني ڇو ٿي ڪرين! پر،
ڊاڪٽر شمل ماري مڃايس. سو، ايراني حڪومت
ڏاڍي خوش ٿي.
تهران پهتي ته
تمام
وڏي
عزت
ڪيائونس. موٽي جرمنيءَ پهتي ته دوستن کي خوشيءَ جا
خط لکيائين. پر، ستت وري غلسخاني ۾ پير ترڪي ويس.
ٻيو آپريشن ٿيس. پر، ڪامياب ڪونه ٿيو. بيهوشيءَ ۾
ئي
دم ڏنائين.
چَون
ٿا ته سڪرات ۾ هئي ته فقط هڪ لفظ سندس چپن تي آيو:
”امان.“
سندس ماءُ ڪي سال ٿيا جو فوت ٿي وئي هئي. ڪئرن کان
اها ڳالهه ٻڌي، دل ۾ چيم ته مرڻ مهل به ڪير ياد
اچي ٿو؟ ماءُ ڪيڏي نه عظيم هستي آهي!
هاڻي، جڏهن ڊاڪٽر شمل هن جهان ۾ موجود ڪانه آهي،
تڏهن سندس ڳالهيون ياد اينديون اٿم. سڀ کان اول
هيءَ ته سندس وطن جرمني هئو، پر پاڪستان گويا سندس
ٻيو وطن هو ۽ سنڌ ٻيو گهر. هونئن، ملڪ جي چئن ئي
صوبن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سندس بيشمار مداح موجود
هئا. سنڌ جي ماڻهن سان بي پناهه محبت هئس. ڀٽائيءَ
جي ٻوليءَ ۾ چئبو ته:
”سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون مارن سين ساهه.“
هڪ ڀيري لاهور ۾ گورنر هائوس مان ايئرپورٽ وڃي
رهيا هئاسون. چيائين ته، ”رباني، جهاز ۾ اڃا ڪجهه
ٽائيم آهي. پاڻ جيڪر ميان مير جي درگاهه تي حاضري
ڏئي اچون.
پنهنجو سنڌي آهي.“
سندس اها ڳالهه ياد
ايندي اٿم، ته سوچيندو آهيان
ته سنڌ جي گهڻن ماڻهن کي اهو احساس آهي ته
”ميان مير، اسان جو
پنهنجو سنڌي
آهي.“
ميان مير، ٽن مغل بادشاهن جهانگير، شاهجهان ۽ دارا
جو مرشد هو. دارا سندس حياتيءَ جو احوال فارسيءَ ۾
لکيو آهي، جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيو آهي. مير
محمد نالو هئس. سادگي پسند هو. گهڻو وقت عبادت ۽
رياضت ۾ گذاريندو هو. سيوهڻ ۾ رهندو هو. قلندر لعل
شهباز جو عقيدتمند هو. سنڌ مان علم جي تحصيل لاءِ
ملتان ۽ لاهور ويو، اتي ئي ٽڪي پيو ۽ وفات ڪيائين.
دارا سندس مقبري جي تعمير شروع ڪرائي، جيڪا
اورنگزيب مڪمل ڪرائي. انگريزن جي حڪومت ۾
”لاهور جي ڪئنٽ ريلوائي اسٽيشن“
۽
”جمخاني“
کي ميان مير جي نالي تي سڏيندا هئا. مان
لاهور ويندو آهيان ته ڪڏهن ڪڏهن
لاهور ۾ سندس مزار تي حاضري ڏيندو آهيان.
هڪ دفعي مون ڊاڪٽر شمل کان
پڇيو
ته سنڌ ۾ ”تصوف“ جيڪا غير معمولي ڪاميابي حاصل
ڪئي، اهڙو مثال اوهان ٻئي ڪنهن هنڌ به ڏٺو؟ مثلاً،
سنڌ ۾ ڪي هندو مريد پنهنجي مسلمان مرشد کان وظيفا
وٺي، انهن جو ذڪر ڪندا،
ڪي ته وفات کان پوءِ پاڻ کي مرشد جي قدمن ۾
پورائيندا آهن. سچل جي پيرانديءَ ۾ نماڻي فقير جي
تربت آهي، جيڪا هندو عورت هئي ۽ سچل سائينءَ جي
مريد هئي.“
جواب ڏنائين ته، ”ڪٿي به نه.“
ڊاڪٽر شمل عقيدي جي لحاظ کان عيسائي هئي يا
مسلمان؟ ان باري ۾ منهنجو خيال آهي ته صوفي مزاج
جي هئي. تصوف هر مذهب ۾ موجود آهي، پر هوءَ اسلامي
تصوف ڏانهن مائل هئي. مولانا روميءَ، شاهه ڀٽائيءَ
۽ علامه اقبال سان وڏي دل هئس. روميءَ تي ته گهڻا
ڪتاب لکيا اٿس.
هميشه کيس ”اسان جو مولانا“ ڪوٺيندي هئي.
ڊاڪٽر شمل جي ڪوشش اها هئي ته عيسائي ۽ اسلامي
تهذيبن جي وچ
۾ پل ٺاهيان، ته جيئن ٻنهي مذهبن جا پوئلڳ هڪٻئي
جي ويجهو اچن. ان معاملي ۾ به پاڻ روميءَ جي
پيروڪار هئي، جنهن جي روضي تي هڪ قول درج ٿيل آهي
ته، ”تون عيسائي آهين يا مسلمان، منهنجا دروازا تو
لاءِ کُليل آهن.“
ڊاڪٽر شمل به ”احترام آدميت“ کي اوليت ڏيندي هئي.
رب پاڪ کي ”رب العالمين“ ئي سمجهندي هئي.
هڪ دفعي چيائين ته، ”رباني، هر انسان وانگر مان به
ڪڏهن ڪڏهن اوکيءَ ۾ هوندي آهيان، ته تسبيح تي، رب
پاڪ جي ”اسماءُ الحسنيٰ“ جو ذڪر ڪندي آهيان. ڀلا،
توکي خبر آهي ته تسبيح کي انگريزيءَ ۾ ڇا چوندا
آهن؟
مون چيو ته، ”نه“.
چيائين ته:
“ROSARY”.
پاڪستان جي عالمن ۽ اديبن سان محبت هئس. ليڪن، پير
سائين حسام الدين راشديءَ سان ٻٽيهه دليون هئس.
پير صاحب اسان کي ٻڌايو ته ارڙنهن ٻوليون ڄاڻندي
هئي. جرمن ته سندس مادري زبان هئي، پر انگريزي
تمام آسانيءَ ۽ روانيءَ سان ڳالهائيندي هئي ۽ ڪجهه
فرينچ پڻ. هڪ حد تائين عربي به ڳالهائي ويندي هئي.
عربي پڙهڻ تي مڪمل عبور هئس. ترڪي سٺي ڄاڻندي هئي.
فارسي تي به وڏو عبور حاصل هئس. اردو ۽ سنڌي لکي
پڙهي ويندي هئي ۽ ڪي ڪي جملا به ڳالهائي ويندي
هئي.
سنڌ سان محبت پير صاحب جي ڪري ٿيس. پير صاحب سان
ايڏي ته دل هئس جو هڪ ڀيري خواهش ظاهر
ڪئي هئائين ته، ”مُئي پڄاڻان مون کي پير صاحب جي
پاسي ۾ دفن ڪجي.“
پر، قسمت سندس اها خواهش پوري ڪانه ڪئي. جرمنيءَ ۾
ئي بيهوشيءَ جي حالت ۾ دم ڏنائين.
ڊاڪٽر شمل ڪراچيءَ ۾، گهڻو ڪري، پير صاحب جي گهر
ٽِڪندي هئي ۽ ڪڏهن پيار علي الانا جي گهر. لاهور ۾
جسٽس جاويد اقبال جي گهر ۽ اسلام آباد ۾ جرمن سفير
وٽ رهندي هئي. ڪوشش ڪري، سٺيءَ کان سٺيءَ هوٽل ۾
به ٽڪڻ کان پاسو ڪندي هئي. پر، جي هوٽل ۾ ٽڪڻو
پوندو هئس، ته ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط اول
ايئرڪنڊيشنر بند ڪندي هئي، جو کيس ڀانءِ ڪونه
پوندو هو.
صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي سرڪاري دعوتن ۾ يورپي
لباس پائيندي هئي. مثال طور، محمد خان جوڻيجي،
وزيراعظم پاڪستان جي ڊنر ۾ مون سان گڏ هلي هئي.
نيوي بلو رنگ جي اسڪرٽ ۽ جئڪيٽ پاتو هئائين،
هونئن، پاڪستان ۾ عام طرح
شلوار
قميص پائيندي هئي. اسلام آباد ۾ مسز ثريا فرمان
شاهه، مسز قيصرا علوي ۽ حيدرآباد ۾، ڊاڪٽر نسرين
جوڻيجو کيس
شلوار
قميص سبي ڏينديون هيون.
حڪومت پاڪستان کيس سنه
1966ع
۾”ستاره قائداعظم“ ڏنو ۽ سنه
1997ع
۾ ”بين الاقوامي اقبال ايوارڊ“ ۽ سون جو تمغو ڏنو.
اسي ورهين جي ٿي، ته جرمنيءَ جي بون شهر ۾،
(GOLDEN-BOOk)
۾ سندس نالو درج ڪيائون، جيڪو اتان جو غير معمولي
اعزاز آهي.
هڪ ڀيري سبيءَ ۾ هئاسين ته ڪنڌ مٿي کڻي، تارن ڀرئي
آسمان ڏي نهاري، ٿڌو ساهه ڀريائين.
مون چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحبه، خير؟“
ڏک مان چيائين ته، ”رباني، منهنجا سڀ پيارا دوست
هاڻي آسمان
تي
آهن!“
ڊاڪٽر شمل جنوري
2003ع
تي هي جهان ڇڏيو. (سندس ڄم جي تاريخ
7-
اپريل سنه
1922
آهي.) سندس مان ۾، آڪٽوبر
2003ع
تي لنڊن ۾ اقبال ايڪيڊميءَ جي تعاون سان هڪ بين
الاقوامي سيمينار ٿيو، جنهن ۾ سندس عقيدتمندن ۾
اردن جو هز رايل هاءِ نيس، پرنس حسن بن طلال، جرمن
عالم هبهم، مسز پاڪيزه بيگ- وچ ايشيا جي هڪ عالم
خاتون، ازبيڪستان جو پروفيسر رضا سلطانوف، ڊئوڊ
ميٿيوز ۽ بين الاقوامي شهرت جا ٻيا ڪيترائي عالم
شريڪ ٿيا ۽ کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيائون.
انهيءَ بين الاقوامي سيمينار ۾ پروفيسر برزائين
واگمار نالي، اسڪول آف آفريڪن ۽ ايشين اسٽيڊيز
يورنيوسٽي آف لنڊن جي مشهور محقق، اسلاميات جي
ماهر، مصنف ۽ مترجم ڊاڪٽر شمل جي علمي خدمتن تي
جيڪو مقالو پڙهيو، تنهن ۾ سندس تصنيفات جو ذڪر
ڪندي چيائين ته:
”هوءَ پاڪستان سان علامه اقبال جي تصنيف ”جاويد
نامه“ جي جرمن ۽ ترڪي ترجمن ڪري متعارف ٿي. اها
سنه
1938ع
جي ڳالهه آهي.
سنه
1958ع
۾ هوءَ پهريون دفعو پاڪستان وئي ته سنڌي ٻوليءَ ۽
ادب ۾ دلچسپي ورتائين، جنهن جو مکيه سبب، سنڌي
محقق پير حسام الدين راشديءَ سان سندس دوستي هئي.
ڊاڪٽر شمل هندستان ۾ مغل دور جي ٻن وڏن صوفي شاعرن
يعني سنڌ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ (ولادت
1689ع
۽ وفات
1752ع)
۽ دهليءَ جي خواجه مير درد (ولادت
1721ع
۽ وفات
1785)
تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب
PAIN AND GRACE
جي نالي سان لکيو. جنهن جو انتساب پير حسام الدين
راشديءَ ڏانهن ڪيائين.“
ڊاڪٽر واگمار پنهنجي مقالي ۾ ”مڪلي ٽڪريءَ“ تي
ڊاڪٽر شمل جي ڏنل ”پير حسام الدين راشدي ليڪچر“ جو
پڻ ذڪر ڪيو، جيڪو يوروپي زبانن ۾ پنهنجيءَ نوعيت
جو پهريون پهريون علمي اڀياس هو.
اهڙيءَ ريت، ڊاڪٽر واگمار منهنجيءَ تجويز تي سنڌي
ادبي
بورڊ طرفان
سنڌ تي
ڇپيل ڊاڪٽر شمل جي
ڪتاب
PEARLS FROM THE INDUS
جو پڻ ذڪر ڪيو.
ڊاڪٽر شمل جي وفات تي، سنڌ ۾ ٻه تعزيتي جلسا ٿيا ۽
ٻئي حيدرآباد ۾ ٿيا: هڪ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي آڊيٽوريم ۾ ۽ ٻيو سنڌ
ميوزيم ۾، جنهن ۾ گل محمد عمراڻي صاحب وڏو بهرو
ورتو، ڀٽ شاهه سينٽر ڪوبه جلسو ڪونه ڪيو، توڙي جو
ڊاڪٽر شمل، شاهه سائينءَ تي تحقيقي ڪم ڪيو هو.
ٽيون تعزيتي جلسو پنجاب ۾ اقبال ايڪيڊميءَ لاهور ۾
ڪيو. مون کي ”خاص مهمان“ طور سڏيائون. صدارت جسٽس
جاويد اقبال ڪئي. سندس بيگم جسٽس ناصره صاحبه به
موجود هئي، تنهن مون کي چيو ته:
”مڪليءَ تي جتي کيس دفن ٿيڻ جي خواهش هئي، اتي
سندس ياد ۾ جيڪڏهن ڪو خوبصورت ڪتبو لڳل هجي، ته
ڏاڍو سٺو.“
تعزيتي جلسي کان پوءِ جسٽس جاويد اقبال جي گهر ۾
رات جو ميٽنگ ٿي ۽ مڪليءَ ۾ ڪتبي هڻڻ لاءِ تاريخ
مقرر ٿي. ڊاڪٽر شمل جي فقط
خاص خاص قريبي
احبابن کي اطلاع ڏنائون. مرڪزي وزيرِ ثقافت کي سڄي
انتظام لاءِ چيائون. لاهور مان جسٽس ناصره ۽ مسٽر
سهيل عمر هوائي جهاز رستي آيا ۽ ڊاڪٽر شمل جي ٻين
ڪن عقيدتمند دانشورن کي به وٺي آيا. حيدرآباد مان
جويو صاحب، اعجاز قريشي، رياض آگرو، محمد علي
ڏيپلائي ۽ ڪراچيءَ مان آغا نور محمد پٺاڻ، محبوب
صادق ۽ حضور بخش آزاد جتوئي ٺٽي آيا. لنڊن مان
حيدرآباد دکن جي نواب جو عزيز شهزادو محسن علي خان
آيو. جرمن سفارتخاني جي نمائندگي هڪ اعليٰ عملدار
ڪئي. آثار قديمه جا عملدار ۽ ٻيا ڪافي دوست آيا.
ائين ڊاڪٽر شمل جا چڱا عقيدتمند مڪليءَ تي گڏ ٿي
ويا.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مزار جي برڪت ڀرئي
احاطي ۾ سندس ياد ۾ تقريرون ٿيون. آثار قديمه کاتي
سنگ مرمر جو سٺو ڪتبو ٺهرايو هو، جنهن جي نقاب
ڪشائي ٿي ۽ مٿس گل پاشي ٿي. اسان مخدوم
محمد
هاشم ٺٽويءَ، پير سائين حسام الدين راشديءَ ۽ شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي مزارن تي به حاضري ڏني.
مڪليءَ ۾ اهو ڪتبو ڊاڪٽر شمل جي سنڌ سان محبت جو
هڪ سهڻو تاريخي يادگار آهي. اقبال ايڪيڊميءَ
انهيءَ نيڪ ڪم جو آغاز ڪيو ۽ ان کي مڪمل ڪيو. ان
سان گڏ ٻيو به سٺو ڪم ڪيائين. سو هيءُ ته ڊاڪٽر
شمل جي لکيل سمورن ڪتابن جي ببليوگرافي شايع
ڪيائين. گويا، وري به اصل ڳالهه وڃي ٿي، ماڻهوءَ
جي مزاج ۽ اخلاق جي، ته ڪير ڪنهن سان مُئي جيئري
نڀائي ٿو!
ڊاڪٽر شمل هاڻي پنهنجي آبائي وطن جرمنيءَ جي بون
شهر ۾ هڪ قبرستان جي سناٽي ۾ ابدي آرام ۾ آهي. هر
غم ۽ هر خوشيءَ کان بي نياز! آسمان ۾ چوڏهينءَ جو
چنڊ چمڪي ته ڇا ۽ جي اڻٽيهينءَ جي اوندهه هجي ته
ڇا! ڪڪر ڪارونڀار ڪري اچن ۽ وڏ ڦڙا وسن ته ڇا ۽
جيڪڏهن مينهن موٽي وڃن ته ڇا!
ڌُريان
ئي ڌارَ،
جي قضا ڪپي اڌ ڪيا،
تن
سُڪن
ڪهڙي سارَ،
ته
اُٺا
مينهن ملير ۾.
هـِتِ ”بقا“ فقط ”فنا“ کي آهي، ڇو ته هر ”وجود“
اڳي پوءِ ”عدم“ ۾ بدلجي وڃي ٿو، ڄڻ ته ڪڏهن هوئي
ڪونه. قرآن ڪريم جو ارشاد آهي:
جيڪي به (زمين تي) آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي ۽ رڳو
تنهنجي پالڻهار جو منهن قائم رهندو، جيڪو جلال ۽
ڪرم وارو آهي.
هن جهان جو معمو ته نه اڳي ڪنهن کي سمجهه ۾ آيو
هو، ۽ نه وري هاڻي ڪنهن کي ڪا ڪل آهي. سراسر راز ۽
اسرار آهي. گذريل ويهينءَ صديءَ ۾، ڊاڪٽر شمل جي
ئي هڪ جرمن هم وطن سائنسدان، آلبرٽ آئنسٽائين جي
دنيا تي ڌاڪ هئي. پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب ۾ هڪ
هنڌ لکيو اٿس ته:
”هن جهان ۾ هر انسان فقط هڪ مختصر مسافريءَ لاءِ
اچي ٿو. پر ڇو اچي ٿو ۽ ڇالاءِ اچي ٿو، تنهن جي
ڪابه خبر ڪانهي؟“
اڪثر مسافر زندگيءَ جو بار، پنهنجن ڪلهن تي کڻي،
دنيا جي صحرا ۾،
هلندي هلندي گمناميءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، پر ڪي
پنهنجيءَ مختصر مسافريءَ کي به معنيٰ ڏين ٿا:
مغربي محاوري موجب ”وقت جي واريءَ تي پنهنجن قدمن
جا نشان ڇڏي وڃن ٿا.“ ڊاڪٽر شمل انهن ئي عظيم
انسانن جي قبيلي مان هئي. هن زندگيءَ جي رهگذر تي،
هلندي هلندي،
قدم قدم تي پنهنجا يادگار ڇڏيا. يورپ جي تجلا
ڏيندڙ شهرن مان هزارين ميل سفر ڪري اسان وٽ آئي ۽
هتان جي ٿَرن
۽ بَرن
سان دل لاتائين، سنڌ جي ٻولي سکي، سنڌ جي شاعر،
شاهه سائينءَ ۽ سنڌي علم ۽ ادب تي ڪتاب لکيائين.
سونهاريءَ سنڌ کي مشرق ۽ مغرب ۾ اُجاري
سوين چراغ ٻاري ڇڏيائين.
ڊاڪٽر شمل هاڻي هن جهان ۾ ڪانه آهي. پر، مبارڪ آهن
اهي اکيون، جن کيس ڏٺو ۽ وڏا ڀاڳ تن جا، جن سندس
گفتگو ۽ گفتار ٻڌي، ليڪن،
سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ هوءَ،
مصر جي اهرامن وانگر، هيمشه پراسرار عظمت جو هڪ
لافاني يادگار ٿي رهندي.
ايلسا
قاضي
28 مئي 1967ع تي سنڌ جي مايه ناز مفڪر ۽ هر دلعزيز
شخصيت علامه آءِ. آءِ. قاضي (مدظله) جي رفيقه حيات
محترمه ايلسا قاضيءَ حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه
بنگلي نمبر 37، سول لائين ۾ وفات ڪئي، مرحومه گهڻن
ڏينهن کان عليل هئي، ملڪ جا بهترين ڊاڪٽر سندس
علاج ۾ مصروف هئا، پر جڏهن حياتيءَ جا ڏينهڙا پڄي
اچن ٿا، تڏهن ڪنهن به ويڄ جو دارون ڪارگر نٿو ٿئي،
تنهن ڪري آچر جي رات، آڌيءَ ڌاري هن پنهنجي لائق ۽
فائق رفيق حيات علامه قاضي صاحب ۽ مڙني عقيدتمندن
کان جي احترام ڪري کيس ’مدر‘ (امڙ) ڪوٺيندا هئا،
هن جهان مان موڪلاڻيون ڪيون.
ولادت ۽ ننڍپڻ:
’مدر‘
جو پورو نالو هو ايلسا گرٽروڊ لائش
(Elsa Gertrude Loesch)،
هوءَ جرمن نسل جي هئي، سندس ولادت جرمنيءَ جي روڊل
اسٽاٽ
(Rudel Stadt)
نالي هڪ ننڍي شهر ۾ 13 آڪٽوبر 1884ع تي ٿي. سندس
والد محترم اعليٰ پايي جو موسيقار هو. هن جي مرضي
هئي ته پنهنجيءَ نياڻيءَ کي به موسيقيءَ جي سکيا
ڏئي. پر ’مدر‘جو ذهني لاڙو مصوريءَ ڏانهن هو، سو
هن موسيقيءَ کان وڌيڪ تصويرڪشيءَ ۾ دلچسپي ورتي.
ننڍڙيءَ ڄمار ۾، هن سڀ کان اول پنهنجي ئي هڪ تصوير
آئيني ۾ عڪس ڏسي، تيار ڪئي. ستت
پوءِ
شعر ۾ دلچسپي ورتائين ۽ جرمن زبان ۾ ننڍڙا ننڍڙا
نظم ٺاهڻ لڳي. (موسيقيءَ سان هن جو شغف بهرحال
ننڍپڻ کان وٺي پيرسنيءَ تائين قائم رهيو. درحقيقت،
آخري عمر ۾، هن جو چاهه موسيقيءَ ۾ گهڻو وڌي ويو
هو.) جيئن جيئن تصويرڪشيءَ ۽ نظمن ٺاهڻ ۾ سندس مشق
وڌندي ويئي، تيئن تيئن سندس نالو مشهور ٿيندو ويو.
علامه صاحب سان ملاقات ۽ شادي:
19 صديءَ جي آخر ۾، هنن جو خاندان جرمنيءَ مان
لڏي انگلنڊ آيو. هو لنڊن جي پسگردائيءَ ۾ ڊلوچ (Dulwich)
۾ گهر ڪري اچي ويٺا. اتي ئي علامه صاحب جي پنهنجي
آئينده-رفيقه حيات سان پهرين ملاقات ٿي. علامه
صاحب جن تن ڏينهن ۾ لنڊن ۾ بئريسٽريءَ لاءِ ويل
هئا. سندن رهائشگاهه پڻ ڊلوچ ۾ هئي. هڪ ڏينهن جيئن
پاڻ بَس ۾ سوار ٿيڻ لاءِ بس اسٽاپ تي آيا، ته کين
سامهون هڪ نوجوان ڇوڪري نظر آئي. انگلنڊ ۽ ٻين
مغربي ملڪن ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا عام جام پيا هڪٻئي
سان ملن ڳالهائن؛ تنهن ڪري بس اسٽاپ تي هڪ ڇوڪريءَ
سان ملڻ سندن لاءِ هڪ رواجي ڳالهه هئي، پر قبله
علامه صاحب جن جو چوڻ آهي ته، ” جيئن ئي اسان ٻنهي
هڪٻئي کي ڏٺو ته الائجي ڇو مون کي انهيءَ گهڙيءَ
ئي دل ۾ ويهي ويو ته اسان ٻنهي کي زندگي گڏ گذارڻي
آهي.“ اڳتي هلي ٿيو به ائين. ان ملاقات کان پوءِ
سندن ٻي ملاقات ڊلوچ جي ريلوائي اسٽِشن تي ٿي،
جنهن کان پوءِ هنن جي هڪٻئي سان ڏيٺ ويٺ گَهرَي ٿي
۽ آخر ڪار هنن شادي ڪئي.
انگريزي زبان ۾ تصنيف تاليف:
شاديءَ کان پوءِ علامه صاحب پنهنجي رفيقهءِ حيات
کي مشورو ڏنو ته جيئن ته اڳتي هلي کين سنڌ ۾ رهڻو
آهي، جتي جرمن نه پر انگريزي زبان مروج آهي، ان
ڪري هُوءَ جرمن بدران انگريزيءَ ۾ تصنيف تاليف
ڪري. قبله علامه صاحب جو چوڻ آهي ته، ”انهن ڏينهن
۾ ايلسا کي انگريزي زبان ايتري به ڪانه ايندي هئي،
جو ان ۾ آسانيءَ سان گفتگو ڪري سگهي، پر ذهين ۽
شوق واري ماڻهوءَ اڳيان ڪابه ڳالهه مشڪل نه آهي.
سو هن ستت ئي انگريزيءَ تي ايترو عبور حاصل ڪيو،
جو ان ۾ شعر چوڻ لڳي.“- سنه 1910ع ۾، لائيپزگ جي
هڪ مشهور ناشر ’مدر‘ جا پنج ڪتاب: هڪ ناٽڪ جو، ٻه
شعر جا، هڪ نثر ۾ رومانس ۽ هڪ سوانح جو ڪتاب شايع
ڪيا. اهي سڀئي ڪتاب سندس اوائلي جرمن تحريرن جا
هئا.
سنڌ ۾ اچڻ:
سنه 1911ع ۾ علامه صاحب ۽ ’مدر‘ سنڌ ۾ آيا. علامه
صاحب جن جي والد بزرگوار رئيس مرحوم قاضي امام علي
صاحب پنهنجي پياري پٽ ۽ نُنهن جي رهائش لاءِ
حيدرآباد جي لائينس علائقي ۾ 3 نمبر بنگلو اڳي ئي
خريد ڪري ڇڏيو هو. چنانچه، هو ٻيئي ان ۾ ئي اچي
رهيا.
حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ بعد ’مدر‘ پهريون
دفعو پنهنجو انگريزي شعر اشاعت لاءِ اخبارن ڏانهن
موڪلڻ شروع ڪيو، جو ان زماني جي مکيه اخبارن ۽
رسالن ’ڊيلي گزيٽ‘، ’ايسٽ ائنڊ ويسٽ‘، ڊي. جي. سنڌ
ڪاليج مخزن ۽ ’ڊيلي آبزرور‘ ۾ شايع ٿيڻ لڳو. ’ڊيلي
گزيٽ‘ جي ايڊيٽر ته ’مدر‘ جي شعر لاءِ پنهنجيءَ
اخبار ۾ هڪ خاص جاءِ مقرر ڪري ڇڏي. ’ايسٽ ائنڊ
ويسٽ‘ ۾ ’مدر‘ جو پردي بابت هڪ مضمون پڻ شايع ٿيو.
1914ع ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته علامه
صاحب ۽ ’مدر‘ انگلنڊ هليا ويا ۽ 1914ع کان 1920ع
تائين اتي رهيا. انهيءَ عرصي ۾ ’مدر‘ انگريزيءَ ۾
ايترو شعر لکي ويئي، جو ان جو هڪ قابل اشاعت
مجموعو تيار ٿي ويو. بعد ۾ اهو حيدرآباد جي
اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس جي مسٽر آر. ايڇ. آڏواڻيءَ
سهڻي نموني ۾ ڇپي پڌرو ڪيو.
ڪتاب جو نالو: ”AEOLIAN
NOTES OF AN OVER-STRUNG LYRE
“
رکيو ويو. اهو ’مدر‘ جو انگريزيءَ ۾ پهريون ڪتاب
هو. ڪتاب جي منڍ ۾ هيءُ نظم ڏنل آهي:
LOVE AND FEAR
The Crimson Secret of the rose,
Did make my heart with passion bleed;
The hoary mystery of the moon,
Did pale my heart with fear indeed.
And since I kissed the rose at morn,
And felt at night moon`s eerie ray-
I love and fear, and fear and love
Until their Secrets they may say.
۽ ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هيءَ دعا آهي:
PRAYER.
Thou spirit of the infinite;
Thou great, eternal, beauteous Light;
To Thee I call; I thee implore.
O give me ‘Love’ to love ‘Thee’ more.
To love all things that ‘Thou’ hast made;
The modest violet in the shade;
The brilliant tulip in the sun,
The shaggy thistle loved by none.
The lorn, the wretched and the old;
The stone, with heart so hard and cold.
The rose`s softness and her thorn;
Life`s sweetness, and life`s bitter scorn.
O grant me ‘Love’; aye, Love so great
That wooing turn to ‘Love’ all ‘Hate’:
That ever serves; that ever kneels;
And thus enthralled ‘Thy’ presence feels.
ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان ۽ خيرپور ۾ رهائش:
1921ع ۾، علامه صاحب ۽ ’مدر‘ موٽي سنڌ ۾ آيا.
علامه صاحب کي سندس عزيزن ۽ احبابن مشورو ڏنو ته
ذريعه معاش لاءِ ڪانه ڪا مشغولي اختيار ڪريو.
علامه صاحب جن کي ڪنهن به پورهئي ڪرڻ کان عار ڪونه
هو، پر وڪالت ڪرڻ تي سندن دل اصل ڪانه هئي. ساڳئي
وقت ڪنهن به ملازمت لاءِ ’درخواست ڏيڻ‘ واسطي پاڻ
تيار نه هئا. سندن دوست عزيز ۽ احباب اهو ڏسي
هميشه سندن لاءِ دلپسند مشغوليون پيدا ڪندا هئا.
چنانچه، علامه صاحب جن ڪجھه وقت ٽنڊي محمد خان ۾
سب جج رهيا، ان کان پوءِ خيرپور ۾ اول ڊسٽرڪٽ جج ۽
بعد ۾ ميرعلي نواز خان جي اصرار تي رياست جي
ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ هوم ميمبر جي عهدي تي رهيا،
۽ ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي عهدي تي
رهيا. انهيءَ عرصي ۾ ڪيترائي دفعا انگلنڊ آيا ويا
۽ سالن جا سال اتي رهيا. اهو سمورو عرصو بهرحال
’مدر‘ ۽ پاڻ هر هنڌ_ٽنڊي محمد خان ۾، خيرپور ۾،
حيدرآباد ۾، ڪراچيءَ ۾ ۽ لنڊن ۾ گڏ گذاريائون.
’مدر‘ جا ڪيترا اهڙا نظم آهن، جن ۾ هن انهن شهرن
جا نالا آندا آهن ۽ انهن جو ذڪر ڪيو آهي.__انهيءَ
وقت تائين ’مدر‘ انگريزي زبان جي هڪ مستند شاعره ۽
اديبه تسليم ٿي چڪي هئي. ملڪ جي ڪا اهڙي مکيه
اخبار ڪانه هوندي هئي، جا کانئس تحرير نه گهرندي
هئي. ڪلڪتي جي مشهور اخبار ’اسٽيٽسمن‘ هيڪر سندس
هڪ نظم ’مسلم آئوٽ لڪ‘ تان کڻي شايع ڪيو ۽ ادارتي
نوٽ ڏنو ته ”هن نظم جي اشاعت لاءِ اسان هڪ ننڍيءَ
اخبار جو شڪريو مڃڻ ضروري نٿا سمجھون.“ اڪثر
اخبارن جا ايڊيٽر ’مدر‘ کي پنهنجي ادارتي نوٽن ۾
”اسان جي شاعر“ ڪري لکندا هئا.
1937ع ۾ علامه صاحب ۽ ’مدر‘ انگلنڊ مان موٽي آيا،
ته ڪن خاندانن کين گذارش ڪئي ته اسان جي ٻارن کي
تربيت ڏيو. چنانچه، هنن ڪراچيءَ ۾ ’پسٽنجي هائوس‘۾
سڪونت اختيار ڪئي، جتي سنڌ جي گهڻن ئي خاندانن جا
ٻار وٽن رهندا هئا. انهن ٻارن جي ايڏي ته پيار سان
پرورش ڪيائون، جو هنن کي پنهنجي والدين جي جدائيءَ
جو احساس به نه رهيو ۽ ورهيه پوءِ جڏهن اهي ٻار
جوان ٿيا ۽ خود شاديون ڪري ٻارن وارا ٿيا، ته
علامه صاحب ۽ ’مدر‘ کي اڳي وانگر پنهنجي ابي امان
مثل سمجهندا رهيا.
1947ع ۾ جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان
قائم ٿيو، ته علامه صاحب ۽ ’مدر‘ انگلنڊ هليا ويا
۽ اتي وڃي رهيا. سنه 1951ع ۾ انگلنڊ مان موٽيا ۽
حضرت علامه صاحب جن سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس
چانسلر مقرر ٿيا. سنڌ يونيورسٽيءَ کي حيدرآباد
منتقل ڪيو ويو ۽ علامه صاحب جن ان کي هڪ ”مثالي
يونيورسٽي“ بڻائڻ جي ڪم ۾ لڳي ويا. سول لائن جي 37
نمبر بنگلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائون، جتي ’مدر‘ تادم
حيات رهي.
مکيه
شايع ٿيل ڪتاب:
سنڌ ۾ اچڻ بعد ’مدر‘ جيئن جرمن زبان ڇڏي انگريزي
زبان ۾ لکڻ شروع ڪيو ته پوءِ هميشه ان ۾ ئي لکندي
رهي. سندس لکيل ڪتابن، مضمونن، افسانن ۽ شعرن جو
تعداد تمام وڏو آهي. هن جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ مکيه
هي آهن:
جرمن
1.
Das Idol-a drama in verse.
2.
Steigende und fallende Saleen_a romance in prose.
3.
Erhards Leben und Ideal (in verse)
4.
Lyrische und andere Gedichte.
5.
Neue Gedichte.
انگريزي
1. Old English Garden Symphony – a novel
dealing with English life before and through the
two world wars.
2. Temptation – a drama of Sindh Life.
3.
Civilization Through the Ages – dealing chiefly
with History of Muslims in Europe.
4.
Terrestrial and celestial echoes – dealing with
local subjects as well.
5. Risalo
of Shah Abdul Latif – Selections.
سنڌ جي هاڪاري شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي
منتخب ڪلام جو منظوم انگريزي ترجمو سندس آخري شايع
ٿيل ڪتاب آهي، جنهن جو مهاڳ جناب اي. ڪي. بروهيءَ
لکيو آهي. اهو ڪم ’مدر‘ ۽ علامه صاحب، سنڌي ادبي
بورڊ جي استدعا تي گڏجي هٿ ۾ کنيو هو. ان ڪتاب جي
اشاعت بعد سنڌي ادبي بورڊ ’مدر‘ ۽ قبله علامه صاحب
جي سمورن اڻ ڇپيل ۽ ڇپيل پر اڻلڀ ڪتابن کي شايع
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، انهيءَ فيصلي موجب سردست ٻه
ڪتاب پريس ۾ موڪليا ويا.
تصويرون:
تصنيفن
وانگر ’مدر‘ جي ٺاهيل تصويرن جو تعداد پڻ تمام وڏو
آهي. گهڻيون تصويرون ته ’مدر‘ پنهنجيءَ حياتيءَ ۾
ئي پنهنجي لاڳاپي وارن ملڪي ۽ غير ملڪي خاندانن کي
تحفي طور ڏيئي ڇڏيون هيون، پر اڃا ڪي وڏيون (آدم
قد) ۽ ڪي ننڍيون تصويرون بچيل آهن، جن سان سندن
حيدرآباد واري رهائشگاهه بنگلي نمبر 37 سول لائينس
جي ڊرائنگ روم سينگاريل آهي. انهيءَ ئي ڪمري ۾
’مدر‘ جو پيانو به رکيل آهي، جنهن تي هوءَ
موسيقيءَ جي مشق ڪندي رهندي هئي.
سڀاءُ ۽ سيرت:
اڪثر ڪري ذهين ماڻهو ڪنهن هڪڙي ئي فن ۾ ڪمال حاصل
ڪندا آهن، پر ’مدر‘ کي فنونِ لطيفه جي مڙني مکيه
شعبن، شعر، نثرنگاريءَ، مصوريءَ ۽ موسيقيءَ ۾ ڪمال
حاصل هو. اها قدرت جي ڏات آهي، جا ورلي ڪنهن
خوشنصيب کي عطا ٿئي ٿي.
اين سعادت بزور بازو نيست
اهڙو همه صفت فنڪار پنهنجي صلاحيت ۽ حاصلات تي
جيترو فخر ڪري اوترو کيس جڳائي، پر ’مدر‘ جو سڀاءُ
نرالو هو. هوءَ سراپا قرب ۽ نياز هئي ۽ ٻار وانگر
معصوم هئي. غريبن ۽ هيڻن لاءِ هن جي دل سدائين
پيار سان ڀرپور هئي. اخبار ۾ ڪا ڏک جهڙي ڳالهه
پڙهندي هئي، ته ڏينهن جا ڏينهن ڪومايل رهندي هئي.
پنهنجي بنگلي جي صحن ۾ بيٺل وڻن هيٺ پکين لاءِ پاڻ
چوڳو ۽ پاڻي رکندي هئي. هڪ برسات جي مند ۾، صحن جي
ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪو جهنگلي ٻوٽو نڪتو، جنهن گل ڪيا.
نوڪر، پنهنجي منهن، صفائيءَ جي خيال کان ٻوٽو
پاڙان پٽي ڇڏيو.’مدر‘ کي ان ڳالهه ايڏو ته رنج
رسايو، جو هن جي طبيعت ڪيترا ڏينهن ناساز رهي.
مون کي ’مدر‘ ۽ قبله علامه صاحب سان ميل ملاقات جو
شرف سنڌي ادبي بورڊ طرفان سندن ڪتابن جي اشاعت جي
سلسلي ۾ حاصل ٿيو، پر هيڪر ماڻهوءَ وٽن پير پاتو،
ته هميشه لاءِ سندن قرب جي ڏوريءَ ۾ ٻڌجي ويو. ۽
پوءِ سندن خدمت ۾ حاضري ’روح جي راحت‘ ٿي. جي مون
کان ڪڏهن وٿي پئجي ويئي، ته قبله علامه صاحب جن
پاڻ فون تي ياد ڪندا. مدر ته ناراض ٿي ويندي هئي.
هنن جي انهيءَ ئي قرب هر ڪنهن کي سندن گرويدو ڪري
ڇڏيو هو.
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه
رڳو!
’مدر‘ جي علالت وارن ڏينهن ۾ ماڻهن جو اچڻ وڃڻ بند
هو. چنانچه، مان به زيارت کان محروم رهيس. اوچتو
28- تاريخ ’مدر‘ جي وصال جي خبر پئي. اکيون اشڪبار
ٿي ويون. شام جو مان ۽ گرامي صاحب بنگلي تي حاضر
ٿياسون. ٻه ٽي عقيدتمند اڳيئي موجود هئا. ڊرائنگ
روم ۾ قبله علامه صاحب جن پنهنجي مقرر صوفي تي
ويٺل هئا. سندن ڀرسان ’مدر‘ جي ويهڻ وارو صوفو
خالي ۽ اداس هو
مون ان صوفي ڏي چتائي نهاريو، اکين اڳيان هڪ صورت
آئي: ساڳيو مانوس دائمي مرڪ وارو چهرو، ساڳيا سونَ
چانديءَ جهڙا اڇا ڀورا وار، سنهڙو فراڪ، پاسي ۾
پکو. آهستي آهستي صورت خلا ۾ تحليل ٿي ويئي. مون
ٿڌو ساهه ڀريو. ڊرائنگ روم ۾ خاموشي ڇانيل هئي.
قبله علامه صاحب ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مون ڏي نهاريو
چيو، ”ابا، رباني، ’ماءُ‘ کي وري نه ڏسندين!“ انهن
اکرن ۾ ڪيڏو درد ۽ سوز سمايل هئو ۽ ان منهنجي دل
تي ڪهڙو اثر ڪيو، سو مون کان ڪڏهن ڪونه وسرندو.
مان خاموش رهيس. قبله علامه صاحب گهڙي رکي چيو،
”پوين ڏينهن ۾ هُوءَ هر ڪنهن کي ايئن چنبڙندي هئي،
جو ڄڻ ته ان کان هميشه لاءِ جدا ٿيڻ واري آهي-
ڪيئن رباني؟“ منهنجي اکين مان لڙڪ وهي آيا. ڊرائنگ
روم ۾ وري خاموشي ڇانئجي ويئي. ڪجهه دير بعد اسان
موڪلائڻ لاءِ اٿياسين ته هڪ ڄڻي قبله علامه صاحب
کي چيو، ”سائين، اڄ پهرين رات آهي، جو اوهان اڪيلا
هوندا. جيڪڏهن اجازت هجي ته اسان مان ڪو هت ٽڪي
پئي.“ پاڻ جواب ۾ فرمايائون، ”ابا، اوهين ته ڪي
ٻار آهيو. مان جڏهن ماڻهن سان هوندو آهيان ته
اڪيلو هوندو آهيان ۽ جڏهن اڪيلو هوندو آهيان ته
ماڻهن سان هوندو آهيان.“ اهي اکر حقيقت جا ترجمان
هئا. قبله علامه صاحب ۽ ’مدر‘ تقريباً سٺ سال گڏ
گذاريا ۽ اهڙيءَ مثالي محبت واري نموني گذاريا، جو
موت جو مفاصلو سندن وچ ۾ وِيرِي وجهي ئي نه
سگهندو.
هونئن به موت ڪڏهن به اعليٰ انسانن کي ماري نه
سگهيو آهي. اهي پنهنجن ڪارنامن ۽ نيڪناميءَ سان
هميشه ياد رهندا. ’مدر‘ ته اعليٰ انسانن ۾ به
ممتاز مقام تي هئي. سندس خوبين، خصلتن ۽ نيڪ
ڪارنامن جي هڪ سهڻي تصوير سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه
اردوءَ جي صدر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان پنهنجي هڪ
قطعه ۾ چٽي آهي، جنهن مان هن جي وفات جي تاريخ پڻ
نڪري ٿي:
قطع تاريخ
آه آن مخدومهءِ ما ’ايلسا‘،
حب،حق هم داشت، حب، مصطفيٰ،
ماهري بوده به هر فنِ لطيف،
در نظافت بي مثال و بي مثيل،
همدم و دمسازِ ”علامه“ چو بود،
رافت و شفقت به هر کس داشته،
”مِثلُهاَلَم يُخلَق“ است از روئي امر،
1387 =1 + 1386
هه
(18- صفر) |
شد به آن دنيا ز دنيائي سقيم،
بود قائم بر صراط، مستقيم،
عالمي بوده به هر علم نعيم،
در لطافت بي همال و بي سهيم،
واقفي بوده ز اسرار عليم،
بود بر خورد و کلان هردم رحيم،
ايلسا قاضي به جنت، شد مقيم.
1967ع
(28
– مئي) |
سوڀو گيانچنداڻي
سنڌي زبان جو هڪ پراڻو پهاڪو آهي
ته:
”لاڙڪاڻو، ساهه سيباڻو“.
لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور واري پَٽَ
تي قدرت
جو
واقعي
وڏو ڪرم آهي. پنج هزار ورهيه اڳ به منجهس اتي
”موهن جي دڙي“ جهڙو عاليشان شهر هو، جنهن تي
دنيا
اڄ به اچرج ۾ آهي.
اهڙا
شهر جـِنَ
ڪونه ٺاهيندا آهن. انسان اڏيندا آهن.
سنڌ جي انهن عظيم انسانن کي جيترو ساراهجي، اوترو
گهٽ آهي. پر ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ به لاڙڪاڻي ۽
شڪارپور واري پٽَ
جان محمد جوڻيجي، پير تراب علي شاهه
۽ شهيد الله بخش سومري
جهڙا
اعليٰ
انسان پيدا
ڪيا.
الله
بخش سومري،
انگريزن جي مرضيءَ جي خلاف مولانا
عبيدالله
سنڌيءَ جهڙي انقلابي اڳواڻ کي ڇٽيهن سالن جي
جلاوطنيءَ کان پوءِ
به رڳو پنهنجي دليريءَ سان
واپس سنڌ
۾
آندو،
توڙي جو انگريز حاڪم ان ڳالهه جي خلاف هئا.
هڪ دفعي مون رحيم بخش سومري کان پڇيو ته، ”اوهان
جو والد صاحب مولانا عبيدالله جي استقبال لاءِ پاڻ
ڪراچي جي بندرگاهه تي ويو هو؟“ چيائين ته، ”هائو،
ڇو ته کيس انٽيليجنس وارن جي رپورٽ ملي هئي ته
انگريز گورنر کيس ڪراچيءَ ۾ لهڻ سان ئي ٻيهر
گرفتاريءَ جي سازش سٽي آهي. سو، بابا کي چيو ويو
ته وزير اعليٰ جي موجودگيءَ ۾ اها سازش ڪامياب
ڪانه ٿي سگهندي.“ |