اسان جي ڳوٺ ۾ اڪرم موالي نالي هڪ شخص هوندو هو.
مون ڏٺو. اڃا ٻار هئس، ته هو اڇيءَ ڏاڙهيءَ سان
هو. ٿورو گهڻو ٻني ٻارو هئس، جو وڪڻي، پئسو ڀنگَ
ڀڳڙي ۾ کپائي ڇڏيائين. ڳوٺ ۾ کيس ”اڪرم موالي“
ڪوٺيندا هئا. سکر ۾ مسجد منزل گاهه وارن فسادن جي
خبر ٻڌي اوڏانهن ويو. موٽ تي ڳالهه ڪيائين، ته
هڪڙي واڻئي تي گاسليٽ هاري، باهه ڏنائونس. مون به
مٿس گاسليٽ سان ڀريل ڪُپو
هاريو. باهه جو ڀڀڙ واڻئي کي وڪوڙي ويو. ٻين به
گهڻن ئي عام ماڻهن اڪرم مواليءَ وانگر ڪيو هوندو.
پر، اصل ڏوهي اهي ٿيا، جن سازش ڪري، سنڌ ۾ اهو
”سياسي زلزلو“
آندو.
سندن اصل مقصد اهو هو ته الله بخش سومري جي وزارت
ڪيرايون. سنڌي ماڻهوءَ جو ساڙ ۽ حسد مشهور آهي.
انهيءَ فساد جو نتيجو اهو به نڪتو ته سنڌ ۾ مسلم
ليگ زور ورتو.
سائين جي.ايم. سيد ان وقت
سنڌ جو
مکيه سياستدان هو. سو، کيس
سڄي
خبر هوندي، ته لنڪا کي باهه ڏيڻ وارا ڪير ڪير هئا؟
پر، انهن
جا نالا ڪونه کنيا اٿس.
پاڪستان ٺهڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ
سائين جي.ايم.سيد
پاس ڪرايو هو.
ليڪن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سرڪار کيس ٽيهه سال
نظر بند رکيو.
رحيم بخش سموري مون کي
ٻڌايو
ته نظر بنديءَ مان عارضي مهلت وٺي شڪارپور آيو.
مون وٽ ٽڪيو. بابا جي تربت
تي هليو. دعا گهري،
چيائين ته،
”الله بخش تون درست هئين اسان غلط
هئاسون!“
مان پنهنجي گناهه جي معافي وٺڻ آيو آهيان.“
مان جڏهن ويهن پنجويهن ورهين جو ٿيس، ته ڪراچيءَ
نوڪري ڪرڻ ۽ پڙهڻ ويس. ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هئس،
جيڪا سياسي ذهن رکندڙ شاگردن جو مرڪز هئي. ڪڏهن
ڪڏهن مسجد منزل گاهه جي سکر وارن فسادن جو ذڪر
نڪرندو هو. اسان کان وڏيءَ عمر ۽ پختي ذهن جا
شاگرد، ڪن سنڌي سياسي اڳواڻن ڏي آڱريون کڻندا هئا.
ايترو چٽيءَ طرح سان ياد اٿم، ته انهن ۾ سر حاجي
عبدلله هارون، سر غلام حسين هدايت
الله
۽ سر شاهنواز ڀٽي جا نالا ڪڏهن به ڪونه کنيائون،
توڙي جو انهن مان ڪن جو سنڌ جي مسلم ليگ کي زور
وٺائڻ ۾ وڏو رول هو.
هر ڪنهن کي اهو معلوم هو ته مسجد منزل گاهه وارا
فساد مسلم ليگي ذهنيت وارن اڳواڻن
الله
بخش سومري جي وزارت کي ڪيرائڻ لاءِ رٿيا هئا. شهيد
الله
بخش سومرو، انگريزن جو ڪٽر دشمن هو. سندن پرواهه
ڪونه ڪندو هو.
سندس جيئري مسلم ليگ زور ڪانه وٺي ها. انگريز به
سندس شهادت تي خوش ٿيا.
رحيم بخش خان سومرو، شهيد
الله
بخش سومري جو وڏو فرزند
منهنجو
چاليهن سالن
جو دوست هو.
سو، پاڻ ۾ گھرا گهاٽا هئاسين. ڪراچيءَ کان شڪارپور
ويندي ۽ موٽندي، مون وٽ ٽڪندو هو. پراڻي دؤر جي
اهم واقعن جو ذڪر ڪندو هو.
هڪ دفعي مون سان ڳالهه ڪيائين ته، ”جن بابا کي
ماريو هو، تن پوءِ پڇتايو هو. هر سال انهيءَ تاريخ
تي بابا
جي
تربت تي اچي، توبهه تائب ٿيندا هئا ۽ قرآن شريف جو
ختمو ڪڍندا هئا. ختمو ڪڍي، امان کي پيرين پئي، هر
ڀيري معافي وٺي، واپس ويندا هئا. ڪل چار ڄڻا هئا.
هڪ مري ويو، ته ٽي ايندا هئا، ٽيون مري ويو، ته ٻه
ايندا هئا. آخر ۾ هڪڙو ڄڻو بچيو. جيسين جيئرو هو.
تيسين ايندو هو.
سوڀو گيانچنداڻي
سنڌ ۽ هند ۾ گذريل اڌ صديءَ جي اهم واقعن ۽ سياسي
لاهن چاڙهن جو معتبر شاهد آهي.
هن
لکيو آهي ته: ”جنهن وقت ڪنور ڀڳت شهيد ٿيو، ان وقت
مان ٽئگور جي
شانتينڪيتن
۾ پڙهندو هئس. اتي خبرون پهچنديون هيون ته سنڌ ۾،
خاص ڪري
سکر ضلعي ۾ قتلِ عام ٿي رهيو آهي. جن شهرن ۾ هندن
جي گهڻائي آهي، اتي مسلمان ماريا وڃن ٿا، جتي
مسلمانن جي گهڻائي آهي، اتي هندو ماريا وڃن ٿا.
سوڀي لکيو آهي ته مسلم ليگ، جو بنياد 1906ع ۾ پيو
هو. جنهن جو هڪ وفد ان وقت جي هندوستان جي
وائسراءِ ”لارڊ منٽو“ سان مليو ۽ زور ڏئي، اها
ڳالهه ڪيائين ته، ”مسلمان هڪ جدا قوم آهن مسلمانن
جا ووٽ جدا ڪيا وڃن.“
ان زماني ۾ سياسي تحريڪون ايڏيون طاقتور نه هيون،
پر، ڪانگريس جي اڳواڻيءَ ۾،
1881ع
کان جنهن تحريڪ جي شروعات ٿي هئي، سا، ويهين صدي
جي شروعات تائين طاقتور ٿي وئي هئي.
سوڀي ان دؤر جي سياسي منظر جو ذڪر ڪندي چيو آهي
ته: ”1921ع
۾ گانڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ”عدم تعاون“ جي تحريڪ
هلي، جيڪا اهنسا تي ٻڌل هئي. اهنسا جو مطلب آهي ته
”رتوڇاڻ نه ڪريو.“ ساڳئي وقت،
”خلافت
تحريڪ“
هلي. خلافت تحريڪ ۾ هزارين مسلمان شريڪ ٿيا.
مسلمان علمائن ڳوٺن اندر پرچار ڪيو ته حڪومت سان
تعاون ڪرڻ ڪفر آهي. اسلام جي خلاف آهي. فوج جي
اندر جيڪي مسلمان آهن سي ڪِريل
آهن، منڪر آهن. انهن کي کپي ته انگريزن جي حڪمن کي
مڃڻ کان انڪار ڪن. مهاتما گانڌيءَ به خلافت تحريڪ
جي پٺڀرائي ڪئي. هندن ۽ مسلمانن جي انگريزن جي
خلاف گڏيل تحريڪ جيتوڻيڪ هلي صرف ٽي سال، پر
انگريزي سلطنت جا بنياد لڏي ويا.
انگريزن وري ان جو ٽوڙ اهو ڳوليو، جو هنن به مذهبي
تحريڪون شروع ڪرايون. مثال طور هندن ۾ شڌي ۽ سنگٺن
جون تحريڪون، مسلمانن ۾ انگريزن جي ڪن وظيفي خور
مولوين تحريڪ شروع ڪئي. اهڙيءَ ريت ساري هندوستان
۾ ننڍا وڏا فساد ٿيا. اخبارن غلط پروپيگنڊا ڪئي.
سو، هندن ۽ مسلمانن ۾ نفرت وڌندي ويئي. هندوستان
جو جيڪو ماحول هو تنهن جو اثر سنڌ جي سياست تي به
پيو. سنڌ اسيمبليءَ جي سٺ ميمبرن مان ستاويهه هندو
۽ ٽي خاص چيمبر آف ڪامرس يا زميندارن جا نمائندا
هئا. سنڌ جي هڪ مستحڪم حڪومت بنائڻ
توڙي ڊاهڻ ۾
سنڌ جي انگريز گورنر جو
وڏو
هٿ هوندو هو.
الله
بخش سومري کي ڪانگريس جي ميمبرن جي سپورٽ هئي.
هن انگريزن کان مليل لقب ساڻن نفرت ڪري واپس ڪيا
هئا، سو، سندن مٿس وڏي ڪاوڙ هئي، ٻيا به ڪيئي ڪارڻ
هئا. مثال طور هن انگريزن جي حڪومت ۾ سندن مرضيءَ
جي خلاف مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي جلاوطني
ختم ڪري کيس
غالباً ڇٽيهن سالن کان پوءِ واپس سنڌ ۾ آندو. هن
پسمنظر ۾ تڏهوڪيءَ سنڌ
مسلم ليگ کيس ڪيرائڻ ۽ هندو-مسلم ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ
لاءِ، رٿ ڪئي ته هندن جو ڪو معتبر ماڻهو ماريو
وڃي. پُکو ڪنور جي نالي نڪتو.
سنڌ ۾
ائين
فساد ٿيا. هاسارام پمناڻيءَ جو قتل هندن ۽ مسلمانن
کي ويڙهائڻ جي پاليسيءَ جو منطقي نتيجو هئو، الله
بخش سومري کي شهيد ڪيو ويو. ڪنور جوقتل به ان
ئي
سلسلي جي هڪ مکيه ڪڙي هو.
”بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائي“ جي تحريڪ ڪري به سنڌ ۾
هندو مسلم ڇڪتاڻ
گهڻي
وڌي
ڇو ته
هندن سنڌ جي آزاديءَ جي مخالفت ڪئي.
سوڀي
گيانچند چنداڻيءَ سياسي منظر بيان ڪرڻ کان پوءِ
پنهنجو رايو ڏنو آهي ته،
صوفين جو اثر سنڌ ۾ گهڻي وقت کان وٺي آهي ۽ اڃا
گهڻو وقت رهندو. انهن صوفين ۾ اسان جا امر شاعر
لطيف، سچل ۽ سامي اچي وڃن ٿا. انهن سان گڏ اسان جي
ڳائڻن ۽ ڪلاڪارن به وڏو رول ادا ڪيو. جيڪي صوفيانه
ڪلام ڳائيندا هئا. صوفين جو اثر ايترو ٿيو، جو
هندو ۽ مسلمان گڏجي ويا. ڪيترن ئي هندن مسلمانن
جون درگاهون ساڳيون ۽ مرشد ساڳيا هئا. شاهه لطيف
سڀني سنڌين لاءِ اکين جو نُور هو. هندن ۽ مسلمانن
کي هڪجهڙو پيارو هو. هندن ۽ مسلمان محققن سندس
ڪلام تي عشق ۽ عقيدت سان ڪم ڪيو. پر، پوءِ به سڄي
هندستان جي سياست جو اثر سنڌ تي پوندو رهيو.
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڇڪتاڻ وڌندي وئي. نيٺ
هندستان ٻن حصن ۾
ورهائجي ويو.
سنڌ ۾، هندو ۽ مسلمان اڄ به ڪنور کي ياد ڪن ٿا،
ڇوته پنهنجي ملڪ سان محبت ۽ پنهنجن ماروئڙن ۽
سانگيئڙن سان پيار ڪرڻ سنڌ جي قديم ڪلچر جي شاندار
روايت آهي.
ڪنور جو قتل 1857ع واريءَ بغاوت کان پوءِ
انگريزن جي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واريءَ
پاليسيءَ
جو نتيجو هو. سنڌ ۾ ڪي مسلم ليگي اڳواڻ انهيءَ
پاليسيءَ تي عمل ڪري رهيا هئا. انگريز سرڪار کين
سر، خانصاحب ۽ خانبهادر جا لقب بي سبب ڪونه ڏيندي
هئي.
الله
بخش جي وزارت مضبوط هئي، سو،
انهيءَ
کي ڪيرائڻ لاءِ فساد ضروري هو. ڪن به ٻن ڌرين ۾
نفرت پئدا ڪرڻ جو مؤثر طريقو هي آهي ته کين پاڻ ۾
ويڙهائجي.
حُسين
شاهه راشدي
حسين شاهه ۽ منهنجيءَ دوستيءَ جو عرصو پنجاهه سال
آهي. انهيءَ عرصي ۾ ڪيئي لاها چاڙها آيا، پر، دلين
کي درياهه جون سيرون به ڌار ڪري ڪونه سگهيون.
ٻئي ڄڻا سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهندا هئاسون.
عمر چوويهه پنجويهه ورهيه هوندي.
اسان جو ٽيون دوست علي محمد گمبواڻي هوندو هو، جو
آمريڪن سفارتخاني ۾ ملازمت ڪندو هو ۽ پڙهندو سنڌ
مسلم ڪاليج ۾ هو. اڳتي هلي، سندس سنگت ڪري، حسين
شاهه به آمريڪن سفارتخاني ۾ نوڪري ورتي جتي
ڪرسٽافر ۽ ورنر نالي ٻن آمريڪين سان دوستي رکيائين
۽ کين مون سان به متعارف ڪرايائين. ٻئي آمريڪي
گهرا گهاٽا يار ٿي ويا. ايتريقدر جو ٻه سال پوءِ
بورڊ جون آفيسون بدلي ٿي حيدرآباد آيون، ته ٻئي
آمريڪي دوست پنهنجين زالن ۽ حسين شاهه سان گڏ مون
وٽ هر آچر ڏينهن حيدرآباد ايندا هئا. حيدرآباد اچڻ
مان سندن مکيه مقصد
WEEK-END
تي ڪراچيءَ جي گوڙ گهمسان مان نڪري،
OUTING
ڪرڻ لاءِ ٺٽي واري رستي سان ڳوٺن، باغن، پوکن ۽
ڍنڍن جو نظارو ڪرڻ ۽ حيدرآباد اچي ٻه ٽي ڪلاڪ مون
سان گڏ گذارڻ هوندو هو. حيدرآباد ۾ تڏهن سٺي ۾ سٺي
هوٽل ”رٽز“ هوندي هئي منجهس کاڌي جو هڪ
ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو به هوندو هو. جنهن ۾ بيئر ملندو
هو. آمريڪي دوست لنچ کان اڳ ٻه ٽي گلاس پيئندا
هئا. پر، حسين شاهه ان کي هٿ به ڪونه لائيندو هو.
جڏهن مان ڪراچيءَ ويندو هئس ته ڪڏهن ورنر ته ڪڏهن
ڪرسٽافر ڊنر ڪرائيندا هئا. ورنر ۽ سندس زال سخي
هئا. هڪ دفعي ڪراچيءَ مان منهنجي
BIRTH-DAY
تي، گهر ۾ وڏو نهايت وڻندڙ ”فروٽ ڪيڪ“ ٺاهي، ان کي
هڪ خوبصورت باڪس ۾ وجهي کڻي آيا. مان سندن قرب کان
ڏاڍو متاثر ٿيس. حجاب کان کين اهو ڪونه ٻڌايم ته
مون ته پنهنجي فيملي ميمبرن سان به ڪڏهن
BIRTH DAY
ڪونه ملهايو هو. اسان وٽ اهو رواج ئي ڪونهي.
حسين شاهه جو والد سائين علي محمد شاهه راشدي
مرڪزي وزير اطلاعات هو. سو، مون کي ائين سمجهڻ
لاءِ واجبي سبب هو، ته حسين شاهه سنڌ جي ”حڪمران
خاندانن“
“RULING FAMILIES”
سان تعلق رکي ٿو. پر، هڪ دفعي چيائين ته، ”ادا،
اسان لوئر مڊل ڪلاس جا ماڻهو آهيون“ مان اها ڳالهه
ٻڌي، منجهي پيس. سو، وضاحت لاءِ ٻه ٽي ڳالهيون
ٻڌايائين. چيائين ته، ”هاڻي ته خوشحال آهيون پر،
پاڪستان ٺهڻ وقت جڏهن بابا ”سنڌ آبزرور“ (SIND
OBSERVOR)
جو ايڊيٽر هو ۽ سندس وڏو ٺٺ ٺانگر هو، تڏهن هڪ
ڀيري امان موڪليو ته، ”پيءُ کان ڏهه روپيا وٺي اچ،
جو گهر ۾ ٻوڙ ڀاڄيءَ لاءِ پيسو ڪونهي“. بابا وٽ
آفيس وڃڻ لاءِ بس جو ڪرايو ڪونه هو سو، پيادل
جمشيد روڊ کان گهڻو پري سندس آفيس ۾ ويس. ڳالهه
ٻڌي، تڙ تڪڙ ۾ سڪو جواب ڏنائين، ”مون وٽ پئسا
ڪونهن.“ موٽي اچي، امان کي احوال ڏنم.
حسين شاهه جي والده صابرين خاتون هئي. سائين حسام
الدين مون سان ڳالهه ڪئي ته، ”منجهند جي ماني
پچائي، بورچيخاني ۾، ڀر پاسي سان تڏي وڇائي، اُتي
ئي آهلي پوندي آهي.“
حسين شاهه ننڍپڻ جو ڪو ٿورو عرصو والد سان گڏ
گذاريو. سائين حسام الدين راشدي کي اولاد ڪونه هو.
سو، حسين شاهه ۽ ڀيڻس حسنا بيبيءَ کي پٽ ۽ ڌيءُ
ڪري، ناز ۽ نعمت سان پاليائين. سندن والده به حسام
الدين راشديءَ جي گهر ۾ رهڻ لڳي تڏهن حسام الدين
شاهه ۽ علي محمد شاهه جي والده گوهر بيبي به ساڳئي
گهر ۾ رهندي هئي. ٻڍڙي عورت هئي. هڪ دفعي مون کي
حيدرآباد مان سڏائي ڪو ڪم چيائين. سندن مقعطيدار
کين پورو فصل ڪونه ٿي ڏنو.
حسين شاهه جو ننڍپڻ سڄو ئي ڪراچيءَ ۾ گذريو هو.
ڏاڏيءَ جي واتان ڪڻڪ جي فصل جون ڳالهيون ٻڌي، جڏهن
اسان ٻئي ڄڻا سندن گهران ٻاهر نڪتاسين، ته مون کان
پڇيائين ته:
”ڪڻڪ جو وڻ وڏو ٿيندو آ؟“
ڪاليج ۾، حسين شاهه بي.اي. ڪري ”لا“ جو امتحان پاس
ڪيو ۽ چاچي جي مشوري موجب پريڪٽس لاءِ دادوءَ هليو
آيو. علي محمد راشدي اتي ڪرايي تي گهر ورتو هو، جو
ديهه ڦڪن ۾ فارم هئس. حسين شاهه کي چيائين ته،
”مون واري فارم تي به نظرداري ڪجانءِ“
بورڊ جون آفيسون غالباً 1962ع ۾ حيدرآباد ۾ آيون
هيون ۽ گاڏي کاتي جي، ”امين منزل“ ۾ هيون. حسين
شاهه، دادوءَ ۾ رهائش دوران ڏهين پندرهين ڏينهن
حيدرآباد ايندو هو. منهنجي آفيس ۾، لئبرريءَ جي
وڏيءَ ميز تي هنڌ وڇائي سمهندو هو. ماني سدائين
”اورينٽ هوٽل“ ۾ کائيندو هو. مون وٽ رڳو صبح جي
چاءِ پيئندو هو. اسان جا ڪجهه سال ائين گڏ گذريا.
تن ڏينهن ۾ رات جو يارهين بجي هڪ ريل گاڏي ڪراچيءَ
مان دادوءَ ويندي هئي، ان ۾ ويندو هو. هڪ دفعي مان
کيس ڪوٽڙي اسٽيشن تي اماڻڻ ويس. سامان گارڊ جي
ڪمري ۾ رکيائين، جيڪو تمام ننڍو هو. وهڻ لاءِ رڳو
هڪ سوڙهي پر
گدي واري بينچ هئس. بينچ جي اڳيان منجهس فرش کان
ڇت تائين هڪ ٿلهو اسٽيل جي پائيپ جو اڀو ٿنڀو هو.
حسين شاهه بت ۾ تڏهن به ڀريل هو. ٻڌايائين ته،
”بينچ تي پاسو ٽڪائي، ٿنڀي کي مٿان ٻنهي هٿن سان
جهليندو آهيان. ريل گاڏي رڙهندي رهندي آهي. نيٺ
ائين اڌ رات جو وڃي دادوءَ پهچندو آهيان.“
منجهس جفاڪشيءَ جي وڏي صلاحيت هئي. اها ڳالهه ان
جو هڪ مثال آهي.
مون سنه 1969ع ۾ شادي ڪئي تن ڏينهن ۾ ون يونٽ جي
خلاف سنڌ جي تحريڪ ۾ سرگرم عمل دوستن سان گهڻو وقت
گڏ گذرندو هو. دوستن جي قطار اڻ کٽ هئي. ڳوٺ ۾ کين
ٽڪائڻ جو خاطر خواه بندوبست ڪونه هو. سوچي سمجهي
ڪنهن به دوست کي شاديءَ جو ڪونه ٻڌايم. رڳو حسين
شاهه سان ڳالهه ڪيم، شاديءَ واريءَ رات مان ته وڃي
آرامي ٿيس. حسين شاهه بنا ڪنهن اطلاع جي اوچتو
دادوءَ مان جيپ کڻي نڪتو، رات جو اوچتو هڪ ٻي بجي،
الائي ته ڪٿان ڪٿان منهنجي ڳوٺ جي پڇا ڳاڇا ڪندو،
اچي نڪتو. رات جي ماني کائي، اسان جي اوطاق ۾ لت
ڏيئي سمهي پيو. مون کي صبح جو ٻڌايائون. ناشتو
گڏجي ڪيوسون.
سندس شادي سائين حسام الدين ڪرائي پر، ان معاملي ۾
فقط مون سان صلاحي هو. سائين علي محمد راشدي سان
به ڪا ڳالهه ڪونه ڪندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ پڊ عيدن
جي پاسي به وياسين. بهرحال، بيگم چنا جي معرفت
معاملو راس ٿيو، تڏهن اسان جو مشترڪه دوست حميد
سنڌي به ان معاملي ۾ شريڪ ٿيو، اهڙيءَ ريت حسين
شاهه ۽ حسنا بيبيءَ جون شاديون پير غلام رسول شاهه
جيلانيءَ جي خاندان ۾ ٿيون.
هڪ دفعي ادي شميم جو سڪ سان ذڪر ڪندي مون کي
چيائين ته، ”شميم سان منهنجي شادي ڪونه ٿئي ها ته
منهنجو گهر ڪونه ٺهي ها“.
ادي شميم سنڌي محاوري موجب، صحيح معنى ۾ ”سگهڙ
عورت“ آهي. گهر ته هلائي ٿي. پر، سائين مرحوم حسام
الدين شاهه جا سوين ڪتاب، تاريخي خط ۽ تصويرون
ايڏي ته سليقي سان محفوظ ڪيون اٿس، جو ڄڻ ته پاڻ
سڄي عمر ڪتبخانن ۾ گذاري اٿس. ٻارن کي پڙهايائين ۽
بعد ۾ سندن شاديون ڪرايائين. مون کي ان ڳالهه تي
خاص خوشي ٿي ته علي رضا کي نماز پڙهائڻ تي به
هيرايائين.
حسين شاهه دادو ڇڏي ڪراچيءَ وڪالت ڪرڻ لڳو. سکيو
ستابو ٿيو. نهايت ذهين ۽ محنتي هو. سائين حسام
الدين جي وفات کان پوءِ ”الحمرا سوسائٽي“ وارو گهر
وڪڻي، ڊفينس سوسائٽيءَ ۾ بنگلو ورتائين. اعلى درجي
واري فرنيچر سان آراسته پيراسته ڪيائينس. گذريل
دفعي بنگلي جي پورچ ۾ قيمتي ڪارون هڪٻئي پٺيان
قطار ۾ بيٺل ڏٺم.
حسين شاهه پيءُ ۽ چاچي ٻنهي جي شخصيتن جو اثر
ورتو. علي محمد شاهه سندس والد، سياست ۾ هو. پاڻ
به سينيٽر ٿيو. سائين حسام الدين ادب ۾ هو ته پاڻ
به سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ٿيو. سائين حسام
الدين شاهه مهيني ماسي سنڌي ۽ اردو اديبن جون
پروقار دعوتون ڪندو هو. حسين شاهه، چاچي جي اها
سنت به جياري. والد ۽ چاچي جون ورسيون وڏي اهتمام
سان ملهائيندو هو. هن ڀيري سائين علي محمد شاهه جي
ورسيءَ جي تقريب جو بندوبست ”جيو“
(GEO)
جي آڊيٽوريم ۾ ننڍي ڀاءُ عادل شاهه راشديءَ سان
گڏجي ڪيائين. منهنجو وڏو مانُ ڪيائين جو تقريب جو
”مهمان خصوصي“ ڪيائين. پوءِ رات جو گهر دعوت لاءِ
وٺي هليو. جنهن ۾ فقط سندس خاندان جا مرد ۽ خواتين
هئاسين. ان موقعي تي سندس لئبرري به ڏٺم. نفيس
احمد ناشاد ورسيءَ جي تقريب ۾ ته شريڪ ٿيو. پر،
پوئتي موٽڻو هئس. سو، حسين شاهه جي گهر دعوت ۾ هلي
ڪونه سگهيو.
ستت حسين شاهه سنڌي ادبي بورڊ جي تعاون سان
حيدرآباد ۾ سائين حسام الدين شاهه جي ورسيءَ جي
تقريب رکي ۽ مون کي ان جو تاڪيد ڪيائين. مان ته
هونئن ئي سائين حسام الدين جو عقيدتمند آهيان.
حاضر ٿيس. انهيءَ تقريب ۾ به مون کي ”مهمان خصوصي“
جو اعزاز ڏنائين. اڄ ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسان ٿو ته
ڪالهوڪو ڏينهن آهي.
حسين شاهه تقريب لاءِ ڪراچيءَ مان اچي ڪونه سگهيو
جو اوچتو عليل ٿي پيو. پر، ٻئي ڏينهن، فون تي جلسي
جو احوال ورتائين. سندس
علالت ڪري،
کيس فون ڪندو رهندو هئس. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ کڙو
تڙو هو. پوئين ڀيري چيائين ته، ”سڀ ٽيسٽون صحيح
آيون آهن اڄ آخرين ڪرائڻ وڃان ٿو.“
ٻن ڏينهن کان پوءِ فون ڪيم ته ٻڌايائون ته، ”علي
رضا لنڊن کان آيو هو سو، اسپتال ۾ کڻائي ويو اٿس.“
اسپتال مان خبر پئي، ته ڏينهون ڏينهن حالت سڌرڻ
بدران بگڙي رهي
آهي. هفتي کان
پوءِ امجد شاهه جيلانيءَ ڪراچيءَ مان اطلاع ڏنو
ته، ”ادا حسين شاهه اڄ آچر ڏينهن صبح جو هي جهان
ڇڏي، انهيءَ جهان ۾ ويو، جيڪو هتان کان بهتر آهي.“
اکيون ڀرجي آيون. ڪراچيءَ جنازي نماز لاءِ روانو
ٿيس.
حسين شاهه 15 جنوري 1938ع تي ڄائو هو. ان حساب سان
لڳ ڀڳ ستر ورهيه عمر ماڻيائين. اهو چڱو وڏو وقت
آهي. وقت نه رڳو ماڻهوءَ جي زندگيءَ جا سڀ معاملا
طئي ڪري ٿو، بلڪه سندس وجود جو ”تسلسل“ برقرار رکي
ٿو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته انسان جي تخليق جو
مقصد پنهنجي نسل جو تسلسل قائم رکڻ آهي. پر، دنيا
جي هاڪاري سائنسدان آئنسٽائين چيو آهي ته اسان
انسان مختصر مسافريءَ لاءِ هِن گپ چِڪ جي جهان ۾
اچون ٿا. پر، اها خبر ڪانهي ته ڇو اچون ٿا؟“
ڏاهن انسانن جو چوڻ آهي ته ماڻهوءَ جي مسافري، موت
سان ختم ڪانه ٿي ٿئي. اها جاري رهي ٿي. موت ته هڪ
”مرحلو“ آهي. اها سوچ اڄ ڪلهه جي ڪانهي. پنج هزار
ورهيه اڳ، مصر ۾ ٺهيل هڪ بادشاهه جي اهرام (مقبري)
مان هاڻي هڪ تحرير هٿ آئي آهي، جنهن ۾ لکيل آهي
ته:
THOU HAS DEPARTED BY LIVING
THOU HAS NOT DEPARTED BY DYING
هزارين ورهيه اڳ ڏاهن جون ٻه سٽون به انسان جي هن
دنيا جي زندگيءَ ۽ پوءِ واريءَ زندگيءَ جي تسلسل
جو تصور پيش ڪن ٿيون
اها صورتحال جيڪڏهن هر انسان سان لاڳو آهي ته
سائين حسين شاهه سان به لاڳو آهي. هو سنڌ جي
هاڪاري راشدي خاندان جو چشم و چراغ هو، جنهن جو
موسس اعلى پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله
عليه، ٻنهي جهانن جي سردار، حضور پيغمبر صلي الله
عليه وسلم جي متبرڪ خاندان جي سدا بهار درخت جي سر
سبز شاخ هو. |