نورجهان جي مڙس، علي قلي بيگ ۽ جهانگير جو پاڻ ۾
ڪو به تڪرار ڪونه هو. اڪبر بادشاهه علي قلي بيگ کي
مهرالنساء سان پرڻائي بنگال جي پاسي پنهنجو نواب
ڪري موڪليو. کيس مهرالنساء مان هڪ نياڻي به هئي.
زال مڙس جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هو. پر، اڪبر بادشاهه
وفات ڪئي ۽ پٽس جهانگير بادشاهه ٿيو، ته علي قلي
بيگ کي نياپو موڪليائين ته، ”پنهنجيءَ زال کي طلاق
ڏي، ته شادي ڪريانس، جو ننڍپڻ ۾ ڏاڍي وڻندي هئم.“
علي قلي بيگ اهو ٻڌي هڪ غيرتمند مرد وانگر مياڻ
مان تلوار ڪڍي پر، پاڻ اڪيلو هو ۽ قاصد وٽ شاهي
لشڪر هو. تلوارن سان ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏيائونس.
الزام رکيائونس ته بغاوت ڪري رهيو هو. بغاوت اها
ڪيائين ته بادشاهه کي پنهنجي شوق پوري ڪرڻ ڪاڻ،
پنهنجي زال پيش ڪانه ڪيائين.
مهرالنسا پنهنجي مڙس جي قتل جي پاڻ ئي اکين ڏٺي
شاهد هئي. سو، جڏهن شاهي محلات ۾ پهتي، ته حالي ته
صدمي جي ڪري، ڪي ڏينهن بيحال هئي. محل جي ڪنهن ڪنڊ
۾ پاسيري ٿي ويئي، پر هڪ ڏينهن
آرس
ڀڳائين.
عروسي لباس پاتائين. جڏهن شاهي سيج پلنگ تي
جهانگير سان ڀاڪر پاتو هوندائين، تڏهن
علي قلي بيگ
ته
ياد آيو هوندس. شايد، دل ۾ ائين ئي چيو هوندائين
ته:
آسماں
ڈوبے
ہوئے
تاروں
کا ماتم کب تلک
مٿيان مثال، عورت ذات جي مزاج جا آهن. انهن مان
ڀائنجي ٿو، ته رڳو مرد جي ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن
عورت به اهڙيءَ پوزيشن ۾ آهي، جو پنهنجي اثر جو
فائدو وٺي سگهي، ته پوءِ پنهنجو مطلب حاصل ڪرڻ
ڪاڻ، کيس ڪابه لڄ ليهه ڪانهي. اڳي به ائين هو،
هاڻي به ائين آهي.
تاهم، تاريخي حقيقت اها آهي ته جيئن ته دنيا ۾
اڪثر ملڪن ۾ مرد جي برتريءَ
(MALE DOMINATION)
وارو معاشرو آهي، ان ڪري عورت کي ”ثانوي حيثيت“
حاصل آهي. کيس مرد جيترا حق حقوق حاصل ڪونه آهن.
ٻڌيءَ ڇوڙيءَ جو سڄو اختيار مرد وٽ آهي. هر هنڌ،
مرد ئي وڏيرو، رئيس يا سردار آهي. سنڌ جي اتر،
وچولي ۽ لاڙ ۾ اهڙو ڪو ننڍو وڏو ڳوٺ يا شهر مشڪل
ملندو، جنهن ۾ چڱمڙسيءَ جي پڳ، مرد جي بدران ڪنهن
عورت جي مٿي تي هجي.
پاڪستان، بنگلاديش،
هندستان
۽ سري لنڪا (اڳوڻي برٽش انديا جي) چئني ملڪن ۾
عورت
پنهنجي پارٽين ۾ پڳ ٻڌي،
وزيراعظم يا صدر جي عهدي تائين ته پهتي آهي پر، اڄ
تائين، ڪنهن به عورت کي فوج جي سربراهه جو عهدو
ڪونه مليو آهي.
نالي ۾ ته هر جمهوري ملڪ ۾ اصولي طرح طاقت جو
سرچشمو عوام آهي پر، جيڪڏهن مائوءَ جو چوڻ صحيح
آهي ته، ”طاقت بندوق جي ناليءَ مان نڪرندي آهي.“
ته پوءِ اصل طاقت جو سرچشمو فوج آهي.
ليڪن تاريخ ۾ اهڙو ڪو مثال ئي ڪونه ٿو سُجهي، جو
ڪنهن به ملڪ جي عورتن زالن جو لشڪر وٺي، ٻئي ملڪ
جي عورتن سان جنگ ڪئي هجي. دنيا ۾ جنگيون هميشه
مردن جوٽيون آهن. خون خرابُ مردن ڪيو آهي. ڪٿي به
زور زبردستيءَ ۽ ظلم سان ڏاڍاين هيڻن کي پيڙيو
آهي، ته اهي ”ڏاڍا“ مرد ئي هئا: عورتون ڪونه هيون.
تاريخ جي ورقن ۾ اهڙن خونخوار مردن ۾ سڀ کان مشهور
مثال چنگيز خان جو آهي جيڪو پاڻ کُليو
کلايو چوندو هو ته، ”مان ماڻهن تي خدا جو قهر
آهيان.“ اڄ کان ست سؤ ورهيه اڳ مشرق ۾، چين پاسي،
گوبيءَ جي رڻ پٽ ۾ ساماڻو. لُــچُ
لوفر هو. پاڻ جهڙن ٻين بدمعاش جو ٽولو ٺاهيائين،
ويو زور وٺندو، نيٺ گوبيءَ جي سڄي رڻ پٽ تي قبضو
ڪري ويو. پوءِ چين تي حملو ڪيائين ۽ ان کي فتح
ڪيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ اولهه طرف اک کنيائين
۽ خوارزم شاهه جي سلطنت تي حملو ڪيائين. انهيءَ کي
به فتح ڪيائين. انهيءَ جنگ ۾ اسي لک قيدي ترار سان
قتل ڪرايائين. سندس سپاهي جيڪو شهر فتح ڪندا هئا،
ان جي سمورن، مردن، زالن ۽ ٻارن کي ترارن سان رڍن
۽ ٻڪرين وانگر زمين تي ليٽائي، ڪهي ڇڏيندا هئا. ڍُڪين
زالن جا پيٽ چيري، ٻار کي ٻاهر ڪڍي، ترار سان، اڌو
اڌ ڪندا هئا. رڳو سهڻيون زالون ڇڏيندا هئا، جيڪي
ورهائي کڻندا هئا. سڀ ماڻهو ماري پوءِ ڍور، ڍڳا ۽
ڪتا ٻلا ڪهندا هئا. اهو ڪم ڪري، شهر کي باهه ڏئي،
خاڪ جو ڍير ڪري ڇڏيندا هئا. ويجهو اوڏو ڪنهن واهه
جو وهڪرو ڦيرائي، خاڪ جي ڍير مٿان وهائيندا هئا،
ته شهر جا نشان به مٽجي ويندا هئا.
خوارزم شاهه جي سلطنت کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ سندس
اولاد هڪ طرف روس ۽ ٻيا ڪيئي ملڪ فتح ڪيا، ته ٻئي
طرف پاڻ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي اچي پهتو، پر،
اوچتو پنهنجي وطن ۾ بغاوت جي ڪا خبر مليس، سو،
اوڏانهن موٽيو. ائين سنڌ ۽ هند سندس باهه کان بچي
ويون! البت، واپس ويندي، پشاور کي جهڙپ ڏيندو ويو.
سندس لشڪر جتان لنگهندو هو، ان جو پتو هيئن پوندو
هو ته آسمان ۾ ڳجهون لامارا ڏيندي نظر اينديون
هيون، جو زمين تي هِت هُت انساني لاشا هوندا هئا،
ڪاٿي ماڻهن جون ٽنگون ٻانهون ته ڪاٿي منڍيون پيون
هونديون هيون.
چنگيز خان کان پوءِ سندس پوٽو هلاڪو خان ساماڻو.
اول اسماعيلين جي قلعي ”الموت“ کي تهس نهس ڪيائين.
ان کان پوءِ بغداد تي ڪاهه ڪيائين. ”اسلامي خلافت“
کي ختم ڪيائين. مسلمانن جي خليفي کي مارايائين.
پوءِ عام ماڻهن جي
”ڪوس“
جو حڪم ڏنائين. بغداد وارو دجلو درياهه پاڻيءَ جي
بدران ماڻهن جي رت سان وهڻ لڳو. ايران جي هاڪاري
شاعر شيخ سعديءَ هيءُ دردناڪ مرثيو انهيءَ موقعي
تي چيو هو؛
آسمان راحق بود گر خون ببارد بر زمين
بر زوال ملک معتصم اميرالمومنين
اے
محمدصہ
گر قيامت می
بر آري بر
زخاک
سربر آورويں
قيامت درميان
خلق بين
آسمان کي حق آهي ته زمين تي رت جو مينهن وسائي
معتصم امير المؤمنين جي ملڪ جي زوال تي. محمدصه،
جي قيامت جي ڏينهن اٿندين، ته اٿ ۽ خدا جي خلق تي
هيءَ قيامت ڏس!
هلاڪو خان کان پوءِ تيمور لنگ ساماڻو. جنهن جي ظلم
جي داستانن جو به ڇيهه ئي ڪونهي. سندس خاص شوق اهو
هوندو هو ته ماڻهو مارائي سندن منڍين جا منارا
ٺهرائيندو هو.
ايران ۾
وري
نادر شاهه ساماڻو. ڦرمار ڪري، اول جاگيردار ۽
سنڌين وانگر پوءِ
پاٿاريدار بڻيو.
آخر ۾ سردار بڻيو.
ويو زور وٺندو، تان ته
وڃي
ملڪ جو بادشاهه ٿيو. ايران مان لشڪر وٺي، هندستان
تي ڪاهه ڪيائين، دهليءَ ۾ عام ماڻهن جو ايڏو ته
ڪوس ڪرايائين، جو شهر جي جاين جي نيسارن مان برسات
جي پاڻيءَ وانگر ٽي ڏينهن انساني رت جا ڦوهارا
وهندا رهيا.
افغانستان مان شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه ڪري
آيو. ڄام نظام الدين جهڙو بهادر بادشاهه فوت ٿي
چڪو هو. سندس نڪمو
پٽ ڄام فيروز ڀڄي ويو. شاهه بيگ ارغون ٺٽي ۾ داخل
ٿيو ته ايڏو ته خون خرابو ڪرايائين، جو شهر ۾
اوندهه انڌوڪار ٿي ويو. ڏينهن جا ڏينهن، قاضي قاضن
جهڙا عالم وائڙن وانگر پنهنجن مٽن ۽ مائٽن کي
ڳوليندا رهيا.
اهي سمورا مثال انساني تاريخ جا حقيقي ورق آهن، جن
مان ماڻهوءَ جي مزاج جو
پتو پوي
ٿو. رڳو اسان وٽ ائين ڪونه هو. نام نهاد متمدن
مغربي ملڪن ۾ به هني بال، هٽلر ۽ مسولنيءَ جو شغل
۽ شوق رڳو جنگ ڪرڻ ۽ ماڻهو مارائڻ هو. سڪندر
بادشاهه سنڌ ۾ ارڙنهن هزار ماڻهو مارايا.
اها سوين هزارين ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي.
پر،
هن دؤر ۾ به اهڙن قاتلن جي ڪمي ڪانهي، جيڪي
پاڻ ست سمنڊ پار
مغربي ملڪن ۾ ويٺا آهن،
پر پنهنجي مطلب ڪاڻ مشرقي ملڪن
۾ ماڻهو پيا مارائن
۽ چون ٿا ته، ”اسان هي ڪم امن خاطر ڪريون ٿا.“
هاڻي ته ايٽم
بم
ايجاد ڪيو
اٿن.
جنهن کي آمريڪا استعمال به ڪيو آهي. پهريون بم
1945ع
ڌاري ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جپان جي شهر هيروشيما
کي هنيائين، ته ڏيڍ لک ماڻهو ٿڏي تي مري ويا. ٻيو
بم ناگاساڪي شهر تي هنيائين ته ٽيهٺ هزار اٺ سؤ
چوراسي انسان مري ويا ۽ سٺ هزار زخمي ٿيا.
هڪ طرف ماڻهوءَ جا اهي افعال آهن، ٻئي طرف، ماڻهو
ئي
ڌرتيءَ تي هڪڙو
اهڙو ساهوارو آهي، جو عقل جا پر پائي، ڀڙڪي ڏئي
اڏاڻو، ته چنڊ
تي وڃي لٿو. زمين تان بيهي چنڊ ڏي نهارجي، ته اها
ڳالهه اعتبار ۾ ئي نٿي اچي، ليڪن ماڻهو نه رڳو چنڊ
تي چهل قدمي ڪري آيو، پر، اتان ننڍا وڏا پٿر به
ميڙي آيو آهي، جي هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهن.
چون ٿا ته مٿن تحقيق ڪرڻ سان چنڊ جي
سڄيءَ
عمر ۽ ننڍپڻ کان
وٺي
هاڻوڪيءَ ڄمار تائين سندس سفر جو سڄو احوال معلوم
ٿيندو. هڪڙو پٿر اسان جي ملڪ کي به مليو آهي.
ڪراچيءَ جي قومي ميوزيم ۾ رکيل آهي.
مون ڏٺو آهي. اسڪولي شاگردن جي سليٽ جيتريءَ ڪاٺ
جي هڪ تختيءَ ۾ ڪڪڙ جي آني جيترو هڪ شفاف شيشو کتل
آهي، جنهن ۾ اندر قابو آهي. سنگ مرمر يا سنگ سياهه
وانگر لَسو
۽ سخت ڪونهي، ڀُرڪڻو
لڳي ٿو. رنگ اهڙو اٿس جهڙو ڪاريءَ ۽ واڱڻائيءَ رنگ
جي مس ملائڻ سان ٺهي. آسمان ۾ چنڊ کي ڏسڻ سان
منجهس ڪارا نشان نظر ايندا آهن، جيڪي چون ٿا ته
جبلن ۽ سڪل ماٿرين جا آهن.
هيءُ پٿر به
شايد ڪنهن اهڙي هنڌ جو آهي.
چوڏهينءَ جو چنڊ جڏهن آسمان ۾ چمڪي ٿو، ته ماڻهوءَ
جي روح کي ڪيڏو نه قرار اچي ٿو، پر، پاڻيءَ تي وري
ان جي ابتڙ اثر ٿئي ٿو. سمنڊ جو نظارو ڏسڻ وٽان
هوندو آهي. پاڻيءَ ۾ ايڏي ته بيقراري ٿيندي آهي،
جو ڇوليون هڪٻئي جي مٿان پيون سٽبيون آهن.
چوڏهينءَ جو چنڊ، آسمان مان اثر وجهي هيٺ ڌرتيءَ
تي سڄي دنيا جي سمنڊن ۾ بي قراري ۽ اٿل پٿل آڻي ٿو
ته، پوءِ ائين سمجهڻ لاءِ واجبي سبب آهي ته هن
جهانَ ۾ هڪڙو وجودُ ٻئي وجود سان ڪنهن نه ڪنهن
حساب ۾ ڳنڍيل آهي. ماڻهوءَ جو حال ته هيڻو آهي.
هوا نه هجي،
ته ساهه به کڻي نه سگهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته
هن جهان جو ڪارخانو ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪونه
ٿو هلي. تڏهن ته مير تقي مير چيو آهي:
لے
سانس بھی
آہستہ کہ نازک ہے
بہت کام
آفاق کی
اس کارگه شیشہ
گری
میں
ماڻهوءَ جي
ايندڙ
منزل ”مريخ“ آهي، جتي پاڻي ملڻ جو امڪان آهي، ڇو
ته نه رڳو انساني زندگيءَ
بلڪ سموريءَ حياتيءَ جو دارومدار پاڻيءَ تي آهي.
ماءُ جي پيٽ ۾ به جڏهن پيءُ جو پاڻي پوي ٿو، تڏهن
ٻارڙو پيدا ٿئي ٿو، پوءِ آهستي آهستي سندس نقش
نگار ٺهن ٿا. ڄمڻ کان اڳ ئي قدرت ماڻس جي اُرهه ۾
کير جا چشما پيدا ڪري ٿي. جڏهن ٿڃ ڌائي، مٺيءَ مرڪ
سان ماءُ ڏي نهاري ٿو، ته معصوميت جو ڪيڏو نه
شاهڪار لڳي ٿو. ڪنهن شاعر اها منظر نگاري هنن لفظن
۾ ڪئي آهي؛
دھن عیسٰ
پہ ہو جیسی
دودہ مریم
کی
لکیر
اهو ئي معصومڙو، جڏهن جوان ٿئي ٿو ته کيس ننڍپڻ
کان
وٺي
جيڪي تلخ ۽ شيرين واقعا پيش اچن ٿا، تن جي آڌار تي
هو پنهنجا رويا ٺاهي ٿو. ڪَسُ
ڪَسَر کائي، هر ڪنهن سان گڏجي رهڻ تي هري وڃي ٿو،
يا وري نفرت ڪري ٿو ۽ ڪرڻ سکي ٿو ۽ منتقم مزاج ٿئي
ٿو.
منتقم مزاجي مايوسيءَ جو ٻيو روپ آهي. مايوسيءَ ۾
مبتلا ماڻهو ڪنهن به مهل ڪوبه خُلمُ
ڪري سگهي ٿو. منتقم مزاج ماڻهو سدائين پاڻ به عذاب
۾ ته ٻيا به سُورن ۾. شريف شخص منتقم مزاج
ماڻهوءَ کان پري رهڻ چاهيندو آهي. ڪَسُ ڪَسَر کائڻ
وارو ماڻهو هر دلعزيز ٿيندو آهي ۽ معاشري ۾ کيس
مقبوليت ملندي. قرآن شريف جو به ارشاد آهي ته،
”احسان جو بدلو احسان آهي.“
پر، ماڻهوءَ جي من ۾ خودغرضي ايڏي ته ڪا اونهي
آهي، جو، هو احسان فراموش به ٿئي ٿو. ڳالهه ڪندا
آهن ته هڪ نيڪ شخص کي ڪنهن ماڻهوءَ اچي چيو ته،
”فلاڻي توهان کي گهٽ وڌ پئي ڳالهايو.“
هن حيران ٿي چيس ته، ”خبر ناهي ته ڇا جي ڪري؟ مون
ته مٿس ڪو احسان ڪيو ئي ڪونهي.“
عبدالحميد
”عدم“
اردوءَ جو وڏو شاعر هو. سندس دل تي به اهڙي ڪا
واردات ٿي هئي، جو چيو هئائين ته:
وہ جو تیرے
فقیر
ہوتے
ہیں
آدمی
بی
نظیر
ہوتے
ہیں
تیری
محفل میں
بیٹھنے
والے
کتنے
روشن ضمیر
ہوتے
ہیں
ای
عدم احتیاط
لوگوں
سے،
لوگ منکر نکیر
ہوتے
ہیں۔
ماڻهوءَ
جي مطلب پرستيءَ، خودغرضيءَ ۽ احسانِ فراموشيءَ
کي ڏسي، ڏاهن
شخصن
انساني معاشري کي جانورن جي عجائب گهر
(ZOO)
سان ڀيٽيو آهي، جنهن ۾ رڇ، بگهڙ، باندر، چراخ ۽
چيتا، ممون، ممڙا، ڏائڻيون ۽ ڏائڻ، ويس بدلائي،
ماڻهن واري پوشاڪ پائي، گهمندا، ڦرندا وتن ٿا.
هونئن به هر شخص، مرد توڙي عورت جي چهري تي الائي
ته ڪيترا نقاب پيل آهن. سو،
ماڻهوءَ جو
اصلي چهرو ڏسڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
تنهن ڪري
عجائب گهر
(ZOO)
۾ جيڪو شخص وڏا وڏا ڀاڪر پائي ملي ٿو، تنهن مان سڀ
کان گهڻو ڊپ ٿئي ٿو، ته متان شيوا جيءَ وانگر هٿ ۾
”واگهه - نُک“ لڪل هجيس.
انسان
کي هن دنيا ۾، جياپي جي لاءِ ڏاڍي جدوجهد ڪرڻي پوي
ٿي. انگريزيءَ ۾ ان کي ڪوٺن ٿا؛
“SURVIVAL OF THE FITTEST”
علامه
اقبال،
ان جي روح جو اردو شعر ۾ ترجمو هيئن ڪيو آهي؛
ہے
جرمِ ضعیفی
کی
سزا مرگِ مفاجات
شاهه سائينءَ
وري
اها ڳالهه هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي؛
جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام
جانورن جي عجائب گهر ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي کَلَ
بچائڻ لاءِ هر وقت عقل ڪم آڻڻو پوي ٿو. پر، رڳو
عقل جي آڌار تي تــَڳـــَڻ ُ به ڏاڍو ڏکيو آهي.
سائنس جو سڄو علم عقل تي ٻڌل آهي، آلبرٽ آئنسٽائين
جي هڪ ويجهي دوست ۽ هاڪاري سائنسدانَ، مئڪس پلئنڪ
جو هڪ مضمون آهي:
The Universe in the light of modern physics
هو ان مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”ماڻهوءَ جو عقل قدرت جي قانون تي ڪنهن به طرح اثر
انداز ڪونه ٿو ٿئي، ان ڪري اسان مجبور آهيون، ته
هڪ اهڙي ”حقيقي جهان“ جو تصور ڪريون، جيڪو، انساني
عقل کان مٿي آهي.“
سندس اصل انگريزي اکر هي آهن؛
In physics, however as in every other science,
common sense alone is not supreme. There must
also be a place for reason. Further, the mere
absence of logical contradiction does not
necessarily imply that every thing is
reasonable. Now reason tells us that if we turn
our back upon a so – called object and cease to
attend to it, the object still continues to
exist.
Reason tells us further that both the individual
man and mankind as a whole, together with the
entire world, which we apprehend through our
sense, is no more than a tiny fragment in the
vastness of nature, whose laws are in no way
affected by human brain.
It is considerations of this kind, and not any
logical argument, that compel us to assume the
existence of another
“world of realty”
behind the
“world of senses”,
a world which has existence independent of man.
German essays on science in the 20th
century centinum, New York, U.S.A. 1996, edited
by wolf gang schirmacher.
هيءَ ڳالهه ڳؤري آهي. اڳتي کڻندا سون، ته پاڻ وڃي
ڪنهن ٻيءَ بادشاهيءَ ۾ نڪرنداسون، تنهن ڪري موٽي
اچون پنهنجي موضوع تي يعني
”انسان جو مزاج “.
ڪنهن هاريءَ ڳالهه ڪئي ته، ”اڄ ٽاڪ منجهند جو هڪ
واٽهڙو واٽ وٺيو پئي ويو، پر اوچتو منهنجيءَ
جهوپڙيءَ ڏي مڙيو ۽ اچي پاڻي گهريائين. مون مٽ
ڏانهن اشارو ڪيس. ڏاڍو ڪو اڃايل هو. نئون نڪورو مٽ
به ٿڌي پاڻيءَ سان ڀريل هو. سو، هڪٻئي پٺيان ٻه
گلاس ڀري پيتائين. پوءِ خوش ٿي، مون کان موڪلائي،
پنهنجي واٽ وٺي روانو ٿيو.“
هاڻي
منهنجو ائين
سمجهڻ صحيح ڪونه ٿيندو، ته هاري انهيءَ واٽهڙوءَ
کان ڪڏهن نه ڪڏهن ٿڌي پاڻيءَ جي انهن ٻن گلاسن جو
اجورو
ضرور
وٺندو!
سڀ ماڻهو سنگدل ڪونهن. ڪي انهيءَ هاريءَ وانگر
رحمدل به آهن. ان ڪري اسان کي ماڻهوءَ جي مزاج
بابت راءِ قائم ڪرڻ ۾ اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته؛
دنيا ۾ مٺا ميوا ۽ مٺا ماڻهو آهن، اهي ٿورڙا آهن،
پر آهن. هيءَ دنيا سندن ئي سونهن ۽ سرهاڻ سان قائم
آهي.
مون به اهڙا ڪي ماڻهو ڏٺا. سندن تذڪرو لکيم، جنهن
جو نالو رکيم:
”جهڙا گل گلاب جا“.
مخدوم
طالب الموليٰ
سائينءَ جي خواهش موجب بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏنم. مان
تڏهن اسلام آباد ۾ هئس. ڪتاب ماڻهن کي ڏاڍو وڻيو.
مون کي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن مان الائي ڪيترا
قرب جا خط آيا.
ڪجهه عرصي کان پوءِ
ٻيو ڪتاب لکيم:
”سنڌ جا بر، بحر، ۽ پهاڙ“.
پير سائين روضي ڌڻيءَ، غوث بهاءُالحق ملتانيءَ ۽
قلندر لال شهباز جو تذڪرو آهي. اهو به ماڻهن کي
ڏاڍو وڻيو.
تازو، ٻيو ڇاپو به نڪتو اٿس.
ڪجهه عرصو اڳ، عمرڪوٽ مان هڪ يار، چنڱاڻي صاحب قرب
جا پير ڀري آيو.
”جهڙا گل گلاب جا“
ڪتاب جي تعريف ڪيائين. موٽي ويو، ته ڪي مضمون ۽ خط
(فوٽو اسٽيٽ
ڪاپيون) موڪليائين، جن مان هڪڙي خط ۾ لکيل هو ته،
”روزانو جيسين
انهيءَ
ڪتاب جا ڪجهه صفحا پڙهي نه سمهان تيسين ننڊ ئي نه
اچي.“
اهڙو ئي
ٻيو
قربائتو خط ٿر مان پلي صاحب لکيو. چيائين ته:
”ادا، صديق سالڪ تي تنهنجو مضمون پڙهي مان ته روئي
ويٺس.“ دراصل، پلي صاحب پاڻ وڏو مٺو ماڻهو آهي.
مون سان فقط هڪ دفعو مليو آهي، ان کي به گهڻا گهڻا
سال ٿيا. پر، سندس قرب وسريو ڪونهي.
سانگهڙ ۾ سورهيه بادشاهه جي ورسيءَ جي تقريب هئي.
مون کي به سڪ سان سڏيائون. مکڻ ماکيءَ جهڙا مٺا
محب ماڻهو هئا. ايڏيون عزتون ڪيائون، جو اڄ به دل
تي نقش آهن. جڏهن کانئن اجازت گهريسون، ته ڪي
مهربان ٻاهر ڪار تائين ڇڏڻ آيا.
هڪڙي
ميزبان موڪلائڻ مهل مون کي چيو ته: ”اوهان ”جهڙا
گل گلاب جا“ ڪتاب لکي سنڌ تي احسان ڪيو آهي.“ سندس
اهي اکر ٻڌي منهنجيءَ دل تي جيڪا ٿي گذري، سا فقط
ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ ئي بيان ٿي سگهي ٿي:
سسئيءَ کي سيد چوي، وڌو قرب ڪهي.
ڪيترائي قربدار وري وري پڇندا رهيا آهن، ته ٽيون
جلد ڪڏهن ٿو اچي؟ مڙني ۾ سرفهرست منهنجو ننڍو ڀاءُ
حڪيم اعجاز حسين چانڊيو آهي. کيس عرض ڪيم
ته، ”ادا سائين ڪوبه جواب ڏيڻ بدران هاڻي ٽيون جلد
ٺاهي پيش ڪندس.“
محترمه زبيده ميتلو
سنڌي ادب جي خواتين لکندڙن ۾ وڏو نالو آهي، مون
سان گهڻي زماني کان سٺي دعا سلام اٿس.
”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جا ٻئي جلد پڙهي، قربائتو
خط لکيائين.
تحسين به ڏنائين،
۽ ميار به ڏنائين
حجت سان لکيائين
ته، ”ٽئين جلد ۾ ڪن خواتين جو تذڪرو ضرور هجي.“
مون
هن ڪتاب ۾
سندس
ڳالهه جي ڪجهه ته
پوئواري ڪئي
آهي.
انگلستان مان
ڪنهن
دوست ڪتاب پڙهي ڏاڍو قربائتو خط موڪليو ته، ”اوهان
کي ڪتاب جي مقدمي ۾ ماڻهوءَ جي مزاج بابت ڳالهه
چٽي ڪرڻ کپندي هئي.“- سندس مطلب هو ته، ”ماڻهوءَ
جي مزاج جو اونداهو رخ به آهي، جنهن کي اوهان نظر
انداز ڪيو آهي ۽ ماڻهوءَ کي رڳو گلابن ۽ رابيلن
سان ڀيٽيو آهي. سڀ ماڻهو اهڙا سرها ڪاٿي آهن؟“
بلاشڪ، اها راءِ صحيح آهي، مون اڳيئن ڪتاب جي
مقدمي ۾، هابس، لاڪ ۽ روسو جي حوالن سان ماڻهوءَ
جي مزاج جي اونداهي رخ بابت اشارا ڏنا هئا. پر، هن
ڪتاب جي
مقدمي ۾
ته
ڪن مشاهيرن جا رايا، ڪي تاريخي مثال ۽ ذاتي مشاهدا
چٽيءَ طرح ڏٺا
اٿم.
ماڻهوءَ جي مزاج متعلق منهنجي پنهنجي راءِ اها آهي
ته، اهو تهدار آهي. جيئن بصر جي هڪ کل لاهه ته ٻي
ظاهر ٿئي ٿي، تيئن ماڻهوءَ جي مزاج تي به تَهن
مٿان تَهه
آهن. هڪڙو لاهه ته ٻيو ظاهر ٿئي ٿو. هڪ حقيقت ته
اها آهي. ٻي هيءَ به آهي ته جيئن ٻيلي ۾
رڳو وڻ ئي وڻ هجن، پر پوءِ به انهن جون
شڪليون، جدا جدا نمونن جون آهن، تئين
هن دنيا جي
ماڻهن
جون شڪليون ۽ سندن
مزاج به جدا جدا نوع جا آهن.
ماڻهوءَ جو مزاج سيمابي آهي، يعني پاري وانگر آهي.
اتي جو اتي بدلجي ٿو.
ان جو بنيادي سبب سندس ذاتي مطلب ۽ مفاد آهي. هڪڙو
مثال
عرض ڪريان ٿو،
جنهن ۾ انهيءَ حقيقت جو
عڪس
نظر ايندو. ڪراچيءَ ۾ ڪاليج ۾ پڙهندو هئس، ته ملڪ
۾ پهريون ”مارشل لا“ لڳو، جو سڪندر مرزا هنيو،
جنهن کي ٻاهر ڪڍي، پوءِ ايوب خان پاڻ ملڪ تي قبضو
ڪيو. خيرپور جو شهداد سيال نالي هڪ پيارو دوست
ڪراچيءَ ۾ گڏ پڙهندو هو. ڳالهه ڪيائين، ته مارشل
لا لڳڻ سان ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سڪندر مرزا جا
وڏا وڏا پوسٽر بزارن ۾ ڀتين تي لڳي ويا، ته خلق ۾
هراس پيدا ٿئي.
سيال چيو ته مان تن ڏينهن ۾ خيرپور ۾ هئس. هڪ
ڏينهن، ڪو موالي ۽ ملنگ، شهر جي ڪنهن گهٽيءَ ۾
ڀــِتِ
وٽ اچي بيٺو ۽ سڪندر مرزا جي پوسٽر کي چتائي ڏسڻ
لڳو. ڪنڌ ورائي مون کي چيائين ته، ”ابا، اسان ڏا
نيا بادشاهه اي هي؟“
سيال چيو ته، چيومانس ته، ”هائو چاچا، اي هي.“
تڏهن هٿ مٿي کڻي چوڻ لڳو ته،”هائو ڙي جوان،
تيڏي حشمت! چور چڪار بند. ملڪ وچ امن. دڪانان تي
هر شيءِ حاضر. ملهه واجبي. مين تيتون
صدقي وڃان، تيڏي دائي تون صدقي ٿيوان.“
سيال چيس ته، ”چاچا، ٻيا به هڪ حڪم ڏتاهس.“
ملنگ ڪنڌ ورائي پڇيو ته، ”ابا، او ڪهڙا هي؟“
سيال چيس ته، ”چاچا، حڪم ڏتاهس، ته ڀنگ پيوڻ والان
تي پنج هزار رپيا ڏنڊ. ول جيڪو ڀنگ نان گڏ آفيم به
کاوي، اونهان تي ڏهه هزار ڏنڊ.“
اهو ٻڌي مواليءَ ڇرڪ ڀريو! وري سڪندر مرزا جي
پوسٽر ۾ جوهه وجهي ڏسڻ لڳو. گهڙي رکي، سيال ڏي
نهاري چوڻ لڳو ته، ”ابا، شڪل هي ظالمان والي هس.“
ائين چئي پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ لڳس: ”اڙي ڪيون ظلم تي
چڙهياهين. تيڪون قلندر دي مار پوي! تيڏي بادشاهي
چٽ ٿيوي.“
ائين
چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندو اڳتي هليو. جڏهن گهٽيءَ جي موڙ
وٽان مڙيو ته ڪنڌ ورائي، سڪندر مرزا
کي
بجو ڏنائينس ۽ پٽيائينس ته، ”شاهه مراد دي مار
پويس.“
هڪ دفعي قبلا علامه آءِ آءِ قاضيءَ فرمايو ته: ”ڪا
به ٻولي فقط تڏهن ئي زنده رهي سگهندي، جڏهن منجهس
حيات - آفرين خيال پيش ٿيندا.“
سندن ڳالهه جو مرڪزي نُڪتو
وري به
وڃي
”حيات-آفرين-خيال“
بيٺو. دل ۾ چيم ته خيال ته ضرور ڪنهن نه ڪنهن
موضوع متعلق هوندا.
انهيءَ تي ياد آيم.
ته ڏاهن جو چوڻ آهي ته، ”هن دنيا ۾ انسان جي اڀياس
واسطي سڀ کان اهم موضوع خود انسانُ
آهي.“
سوين سال اڳ چين ۾ هي ٻه اکر ٻڌ ڌرم جي هڪ قديم
مندر مٿان لکيل هئا:
”پاڻ سڃاڻ“.(KNOW
THY SELF)
ڪن جو چوڻ آهي ته اهي اکر ڊيلفيءَ ۾ اپولو جي مندر
جي مٿان لکيل هئا. ڪن جو چوڻ آهي ته اهي اکر
يوناني فيلسوفَ
فيثا غورث جا آهن. ڪن
وري
ان کي سياڻي سقراط جو گفتو ڪوٺيو آهي.
اسلامي روايت ۾ به هڪ گفتو مشهور آهي ته،
”جنهن پاڻ سڃاتو، تنهن پنهنجو ربّ سڃاتو“.
انهيءَ جو
مطلب
ته
”خودشناسي“ ۽ ”خدا شناسيءَ“ جو پاڻ ۾ گهرو رشتو
آهي. سو، انسان جي مطالعي واسطي سڀ کان اهم موضوع
واقعي خود ”انسان“ آهي.
مون
هن ڪتاب جو موضوع
”ماڻهوءَ جي مزاج“ کي بنايو
۽ اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ته ماڻهوءَ جي مطالعي جو
موضوع سڀ کان اهم ”خود انسان“ آهي.
منجهس ڪن اهڙن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهو جن
مون کي ته متاثر ڪيو پر، بيشمار ماڻهن کي ڪيو.
مون کي ان ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي. ته
ماڻهوءَ جي هٿ وس رڳو ڪوشش ڪرڻ آهي. سو مون دل جي
سچائيءَ سان ڪوشش ڪئي آهي. نتيجو ته مالڪ جي
اختيار ۾ آهي. بلهي شاهه اها ڳالهه بهتر لفظن ۾
چئي آهي:
مالهِي دا کم پاني دينا
بهر بهر مشکاں
لاوے
مالک
دا
کم، گل پھل دینا
لاوے
یا
نہ لاوے
غلام رباني آگرو
حيدرآباد سنڌ
2- فيبروري 2009
سائين جِي. ايم.
سيد
سائين جي ايم. سيد
عيسويءَ ويهينءَ صديءَ جي وڏن اڳواڻن ۾ به وڏو
نالو آهي.
سنڌ
سندس سڃاڻپ هئي، جنهن سان محبت کيس وڏڙن کان ورثي
۾ ملي هئي. سيد حيدر شاهه سنائي سندس
وڏو ڏاڏو هو، جو سمن جي بادشاهيءَ ۾ هاڪاري
درويش ۽ قومپرست اڳواڻ، مخدوم بلال جو خليفو هو.
چون ٿا ته
سمن جي بادشاهيءَ
جو زمانو 1351ع کان1520ع تائين آهي.
ڄام نظام الدين سمون
مڙني ۾ نامور بادشاهه
هو.
کيس ڄام نندو به ڪوٺيندا هئا.
لڳ ڀڳ پنجاهه ورهيه
حڪومت ڪيائين.
’ڄام‘ سمن بادشاهن جو لقب هو. ائين به چون ٿا ته
سنڌ ۾ مسلمانن جي حڪومت جي سموري زماني ۾، اڄ
ڏينهن تائين،
اهڙو عادل ۽ بهادر بادشاهه وري ڪونه ٿيو.
نامور تاريخ نويس پير حسام الدين راشدي چوندو هو
ته ڄام نظام الدين سمون صبح سان گهوڙن جي طنبيلي
۾ ويندو هو. سندن پٺيءَ تي هٿڙا گهمائي، چوندو هو
ته، ”ڀٽارا،
الله
اهو ڏينهن نه آڻي، جو مان ڪنهن تي ظلم ڪرڻ لاءِ
اوهان تي سواري ڪريان.“
ڄام نظام الدين سمي کي هاڻي ”سنڌ جي قومي سورمن“
۾،
(National Heroes)
سرفهرست ڳڻيو وڃي ٿو. دولهه دريا خان سندس وزير
هو.
مخدوم بلال سندس ويجهڙو مٽ مائٽ هو
۽ وڏو درويش هو. سندس بزرگيءَ جون تاريخي روايتون
۽ داستان مشهور آهن.
سائين جي.ايم. سيد،
سمن ۽ سومرن جي بادشاهيءَ کي
”سنڌ جي تاريخ جو سونهري دور“
ڪوٺيندو هو.
پير حسام الدين راشدي وري چوندو هو ته سمن ۽ سومرن
جي بادشاهي ختم ٿي ۽ سنڌ تي ڌارين حاڪمن يعني
ارغونن جو قبضو ٿيو، ته
”خرابيءَ جو دور“
شروع ٿيو.
ارغونن جو سنڌ تي قبضو تڏهن ٿيو، جڏهن ڄام نظام
الدين سمي هي جهان ڇڏيو.
هنن پهريون پهريون غير انساني ڪم اهو ڪيو جو مخدوم
بلاول تي ڪوڙيون تهمتون مڙهي، کيس گهاڻي ۾ پيڙائي
مارايو.
سائين جي. ايم. سيد
جو وڏو ڏاڏو سيد حيدر
شاهه
سنائي ارغونن جي انهيءَ قهري ڪارنامي کان واقف هو.
پر، پنهنجي مرشد مخدوم بلاول وانگر سنڌ سان سچو
رهيو. ان کي ڌارين جي غلبي کان بچائڻ لاءِ، محمد
جونپوريءَ جي ٻيڙين تي سن وٽ حملو ڪرايائين ۽ کيس
سنڌ مان نڪرڻ تي مجبور ڪيائين.
هو
پاڻ کي
”امام
مهدي“
ڪوٺائيندو هو.
ماڻهوءَ جي ذهني سانچي ٺاهڻ ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن:
هڪ
خاندان
جو نسلي ۽ نفسياتي اثر، ٻيو آسپاس جو ماحول.
سائينءَ جي.ايم. سيد جي ذهن تي به ننڍپڻ ۾ ئي انهن
ڳالهين جو اثر پيو. سن جو شهرُ
درياهه جي ڪپ تي آهي ۽ شهر جي اولهه طرف ويهارو
ميل پري، کير ٿر جبَل آهي، جيڪو عمر ۾، هماليه جبل
کان به جهونو آهي. سائين وڏو ٿيو، ته سندس مزاج ۾
پهاڙ
جي
سختي ۽ پاڻيءَ واري نرمي ٻئي نظر آيون.
هڪ ٻه مثال ڏيان ٿو: ”ون يونٽ“ واري زماني ۾،
حيدرآباد جي نواب مظفر کي، غير سنڌين
۽ سائينءَ کي سنڌين
جي حمايت ڪري جيل ۾ وڌائون. هڪٻئي جا مخالف هئا
پر، جيل ۾ مليا، ته
پاڻ ۾
دعا سلام ٿين. سائين جيل مان نڪتو، ته سن ۾ نظربند
ٿيو. پر، نواب مظفر آزاد ٿيو،
ته نظربند ڪونه ٿيو. جڏهن جيل ۾ هو، تڏهن سائينءَ
سان ڪا ايڏي سڪ ٿي وئي هئس، جو آزاد
ٿيو ته
حيدرآباد مان موٽر کڻي نڪرندو هو. سڌو سائينءَ وٽ
سن پهچندو هو. ٻه چار ڏينهن وٽس ٽڪي سڪ پوري ڪري
ايندو هو.
اهو ٿيو سائينءَ جي طبيعت ۾ نرميءَ جو مثال. هاڻي
سندس طبيعت ۾ سختيءَ جو به هڪ مثال ڏيان ٿو.
هندستان سان
1971ع
واريءَ جنگ
وقت،
پاڪستان تي يحيٰ خان وارو فوجي ٽولو قابض هو، جنهن
بنگالين کي هيسائڻ لاءِ مٿن
”فوجي ايڪشن“
(Army Action)
ڪيو.
اهو ڪم
جنرل
ٽڪا خان جي ذمي ڪيائون.
فوجي ايڪشن ۾، بيشمار
بنگالي
ماري ڇڏيائون.
سندن ڏوهه رڳو اهو هو، ته آدمشماريءَ جي انگن اکرن
مطابق حق حقوق گهري رهيا هئا. بعد ۾ انهيءَ قهري
ڪارنامي
کي لڪائڻ لاءِ”حمود الرحمان ڪميشن“ وهاريائون،
جنهن جي رپورٽ
تي
ڪوبه
عمل ڪونه
ٿيو.
لنڊن جي روزنامه ”ٽيلي گراف“ جي نامه نگار خاتون
مس ڪليئر هڪ دفعي ٽڪا خان سان آرمي ايڪشن بابت
انٽرويو ڪيو ۽ چيوَ ته، ”اوهان آرمي ايڪشن ۾ ٽي لک
ماڻهو ماريا.“ ٽڪا خان سندس ڳالهه کي رد ڏيندي چيو
ته، ”اسان رڳو ٽيهه هزار ماريا“ روزنامه ٽيليگراف
اها خبر ڇاپي ڇڏي، پر،
B.B.C
بي.بي.سي. پنهنجي اردو ۽ هندي خبرن ۾ چيو ته،
”آرمي ايڪشن ۾ ٽيهه لک بنگالي ماريا ويا.“ بي. بي.
سي. اهو انگ، هر سال 1998ع تائين وري وري بيان
ڪندي رهي. حڪومت پاڪستان جي ڪنهن به ايجنسيءَ ان
جي ترديد ڪانه ڪئي. حوالي لاءِ ڏسو:
Pre- Indepence Indian Muslim Mind- set by Ghulam
Kibrria, 2001, city press Karachi.
هڪ دفعي مقبول سومري سان اوڀر پاڪستان جون ڳالهيون
نڪتيون. هو منهنجو دوست آهي. 1954ع ڌاران ڪراچيءَ
۾ مون سان گڏ ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو. صحافيءَ
جي حيثيت سان ڪئريئر شروع ڪيائين. پر، اڳتي هلي،
صحافت ڇڏي، بئنڪنگ ۾ ويو ۽ حبيب بئنڪ جو سڄي ملڪ
جو صدر ٿيو. چيائين ته، ”يار، هاڻي اسان ڪشمير جي
ڳالهه ته ڪريون ٿا. پر، اوڀر پاڪستان ياد به
ڪونهي، ڄڻ ته ڪروڙين بنگالي اسان جا نڪي ته مسلمان
ڀائر هئا ۽ نه وري پاڪستان جي جدوجهد ۾ اسان سان
شامل هئا!“
ٻئي دفعي وري ”اسلام آباد ڪلب“ جي ڪنهن دعوت ۾
اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۽ هاڻوڪي ”بنگلاديش“ جو سفير
مليو. مان اوڀر پاڪستان واري ڳالهه ياد ڪري، ساڻس
سڪ سان مليس. کانئس پڇيم، ”اوهان اڃا به ٻن قومن
واري نظريي کي مڃو ٿا؟“
جواب ڏنائين ته، ”مڃون ها، ته پوءِ اوهان سان گڏ
هجون ها.“
تڏهن مون چيو ته، ”بنگلاديش معنيٰ بنگالين جو
ديس؟“
چيائين ته، ”هائو.“
مون چيو ته، ”پوءِ اولهه بنگال جا هندو ته اوهان
سان گڏ ڪونهن؟ اُهي به ته بنگالي آهن. مسلم بنگال
اڄ به هندو بنگال کان جدا بيٺو آهي. ائين ڇو آهي؟
آخر، ٻن قومن واري نظريي جو مطلب ڪهڙو آهي؟“
بنگلاديش جي سفير وٽ انهيءَ ڳالهه جو ڪو به جواب
ڪونه هو. منهنجي منهن ۾ تڪيندو رهيو.
فوجي ايڪشن ٿيو ته بنگالين تي. پر، اولهه پاڪستان
۾ به هراس
ڇانئجي ويو.
فوجي ٽولي
سائينءَ
کي سندس ڳوٺ
سن ۾ نظربند
ڪيو.
هڪ ڏينهن پير
حسام الدين راشدي مون کي ساڻ وٺي، ڪراچيءَ ۾ ”حيدر
منزل“ تي سندس حال احوال وٺڻ هليو. نوڪرن چيو ته،
”امير حيدر شاهه سن مان آيو
ته
آهي، پر، ٻاهر نڪري ويو آهي.“
اسان پوئتي موٽياسون. ٽريفڪ ڪانه هئي. بجلي بتين
هوندي به رستن تي
اوندهه
هئي. اوچتو سامهون امير حيدر شاهه
سامهون
آيو
اسان تي نظر پيس،
ته
تڪڙو تڪڙو
سڪ سان اچي مليو. پير صاحب پڇيس ته، ”امير، سيد جي
خبر ڪر؟“
امير حيدر شاهه چيو ته، ”چاچا، بابو خوش آهي. ڊپ
ڊاءُ ڪونهيس. چوي ٿو، ته جنهن کي به هيءُ ڪنڌ ڪپڻو
هجي، سو هـِتِ اچي
هتان
هيئن ڪپي وڃي. هيءُ ڪنڌ هيٺ ڪونه جهڪندو!“
سائين حسام الدين شاهه ٿڌو ساهه ڀريو
۽
چيائينس
ته، ”منهنجا سلام ڏجانس.“ ڪار ۾ ويٺاسون، ته سچل
سائينءَ جو هي شعر
پير صاحب جي چپن تي آيو.
”عاشقن کي سُور
سختيون، مُحبَ
مهمانيون مُڪيون.“
سائين پيدائشي طور سيد به هو ۽ زميندار به. اهي
ٻئي ڳالهيون
پڻ
سڄي عمر سندس سوچ ۽ سياست تي اثرانداز رهيون.
سنڌ جا سيد ٻن شاخن ۾ ورهايل آهن: هڪڙا
’مٽياروي‘
۽ ٻيا
’لڪياروي‘.
اهي
پاڻ کي لڪياري به ڪوٺائيندا آهن، سائين مٽيارين
واريءَ شاخ مان هو. پوين ڏينهن ۾ جڏهن سن ۾ مسلسل
نظربند هو، تڏهن
ڪتابَ لکندو رهندو هو. گهڻائي لکيائين. ڪي ڇپيا ته
ڪي اڃا
به
اڻ ڇپيل آهن. هڪڙو ڪتاب ”مٽياري سيدن جي
شجري
بابت لکي رهيو هو.
نامور تاريخ نويس، پير حسام الدين راشديءَ سان
صلاح مشورو ڪندو رهندو هو. پاڻ ۾ حُجائتا هئا. سو،
ڪڏهن
ته
معلومات ڏيندو هوس، ته ڪڏهن پِٽائيندو هئس
ته، ”سيد، اسان جي وڏڙن ۾ ڪي نالا اهڙا ملن ٿا،
جيڪي عربي ته ڪونهن! مون کي شڪ آهي، ته اسان
ٻاهران ڪونه آيا آهيون. هتان جا ئي اصلوڪا رهاڪو
آهيون.“
سائين حسام الدين شاهه جي
اها
کل ڀوڳ واري ڳالهه الائي ته ڪيئن وڃي پنجاب پهتي!
تڏهن
لائلپور مان هلڪڙيون اخبارون نڪرنديون هيون، جن جو
ڪم ئي هوندو هو مسالي واريون چهريون خبرون ڇپڻ.
هڪڙيءَ هفتيوار اخبار اها خبر وڏيءَ شدمد سان شايع
ڪئي ته ”نامور
تاريخ نويس،
پير حسام الدين راشدي سنڌ جي سيدن بابت هيئن ٿو
چوي!“
سائين ٻن ٽن مهينن کان پوءِ علاج لاءِ سن مان
ڪراچيءَ ايندو هو، ته شام جو ”حيدر منزل“ تي وٽس
وڏي مجلس ٿيندي هئي.
رئيس
غلام
مصطفيٰ ڀرڳڙي سائينءَ جو دوست هو.
کل ڀوڳ جو شوقين هو. هڪڙي ڏينهن اها
اخبار کڻي آيو ۽ اسان سڀني کي وڏي واڪي
کلي
پڙهي ٻڌايائين.
|