سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ماڻهو شهر ڀنڀور جا

 

صفحو :17

اديبن جي محاذ آرائي وئي زور وٺندي. 1965ع واري جنگ لڳي، سرڪار پرست اديبن اياز تي درخواستون ڪرائي، کيس هندستاني ايجنٽ قرار ڏيئي، جيل ۾ وجهايو. قدرت جي غيبي هٿن جون آڱريون هميشه جنبش ۾ آهن. ٿيو ائين ئي، جيئن ڀٽائيءَ فرمايو آهي:

سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾.

اياز جي ”مخالف اديبن“ جي انهن ئي ”ڪارنامن“ ۽ ”مهراڻ“ ۽ ”عبرت“ اخبارن جي وچ ۾ پوڻ ڪري، سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه شهر ڪونه رهيو، جتي اياز جو نالو نه پهتو. بلڪ، سنڌيت جي تحريڪ سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي وئي. سوين هزارين چراغ روشن ٿي ويا. فتح آخر سنڌ - دوست اديبن جي ٿي!

هاڻي، اياز جا اهي ٻئي بندش پيل ڪتاب ٻيهر ڇپيا آهن. پر، ڪنهن کي مجال آهي جو اڄ انهن تي اعتراض ڪري!

گهڻا گهڻا سال پوءِ جنرل ضياءَ جي حڪومت ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽ سائين سردار علي شاهه جي گروهه جو هڪ اهم سنڌي سٻاجهڙو شخص مون سان اسلام آباد ۾ اچي مليو. مان ايڪيڊميءَ جو چيئرمن هُئس. ندامت سان چوڻ لڳو ته، ”سائين اسان کان غلطيون ٿيون، معافي ڏيو.“

اياز جي شهرت ته آسمان تائين وڃي پهتي. هو پاڻ گهري نه گهري، سندس مخالفن کيس ”سنڌ جي اهم سياسي شخصيت“ بنائي ڇڏيو. اياز پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته:

”مون کي شهيد ڀُٽي سان گڏ، ساڳئي وارنٽ هيٺ نظربند رکيو ويو هو. ابراهيم جويي جا منهنجن ڪتابن تي لکيل مهاڳ، انهيءَ ڳالهه جا گواهه آهن ته ان دؤر ۾ منهنجي ڪيتري سياسي اهميت هئي.“

ساهيوال جيل ۾ اياز ۽ ڀُٽي جي ميل ملاقات نالي ماتر هئي، پر جڏهن ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو ته اياز کي ”سندس سياسي اهميت“ سببان، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر مقرر ڪيائين. ڀٽو سياسي ذهن هو. ائين ڪرڻ ۾ سندس هڪ خاص مصلحت هئي. ڳالهه هيئن هئي، ته پيپلس پارٽيءَ جي ٺهڻ کان اڳ، سنڌ ۾ (SINDHI NATIONALISTS) سنڌي قومپرستن جي تحريڪ زور تي هئي، جنهن جي قيادت سائين جي.ايم. سيد جي هٿ ۾ هئي. پيپلس پارٽي ٺهي، ته هڪ ”ڪل پاڪستان سياسي جماعت“ سنڌ جي ماڻهن جي اکين اڳيان آئي، جنهن جو اڳواڻ به هڪ سنڌي هو. اياز سنڌي قومپرستن جي تحريڪ ۾، سائين جي.ايم. سيد کان پوءِ ٻيو نمبر حيثيت رکندو هو. اها ڳالهه ڀُٽي صاحب کان مخفي ڪانه هئي. سنڌ يونيورسٽي، سائين جي.ايم. سيد جي ”جيئي سنڌ تحريڪ“ جو ڳڙهه هئي. ڀُٽي صاحب جي هڪ مخالف سياسي اڳواڻ پريس بيان ڏنو ته، ”پاڪستان ۾ هڪ هنڌ اهڙو به آهي، جتي پير پائڻ جي ڀُٽي صاحب کي به جرئت ڪانهي.“ سندس اشارو سنڌ يونيورسٽيءَ ڏانهن هو.

هن پسمنظر ۾، ڀُٽي صاحبَ هڪ هوشيار سياستدان وانگر، اياز کي وائيس چانسيلر مقرر ڪيو. سندس مصلحت، گرهوڙي فقير جي ٻوليءَ ۾ اها هئي ته، ”هيءَ مڙهي ڀڳي، ته به فتح فقير جي ۽ جي هُوءَ مڙهي ڀڳي ته به فتح فقير جي.“ يعني جيڪڏهن شيخ اياز جيئي سنڌ جي شاگردن کي قابو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، تڏهن به مون کي فائدو ٿيندو ۽ جيڪڏهن جيئي سنڌ جي شاگردن شيخ اياز کي هيڻو ڪري وڌو، تڏهن به سندس سنڌي قومپرستيءَ واريءَ  شاعريءَ مان منهنجي جند ڇٽي پوندي.

اياز پنهنجيءَ مقرريءَ بابت پاڻ مون کي هيئن ٻڌايو ته سکر ۾ گهر رات جي ماني پئي کاڌم ته فون جي گهنٽي وڳي. چيائون ته پنڊيءَ مان ڀُٽو صاحب ڳالهائيندو. ڪجهه دير کان پوءِ ڀٽي صاحب جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:

چيائين ته، ”اياز، تو ۾ هڪڙو ڪم پيو آهي.“

مون چيو ته، ”سائين، ڪرڻ جهڙو هوندو ته ضرور ڪندس.“

چيائين ته، ”سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلري وڃي سنڀال.“

مون چيو ته، ”سائين، مون کي تجربو ته ڪوبه ڪونهي.“

چيائين ته، ”مون کي تجربو هو، جو سڄي ملڪ جي حڪومت سنڀالي اٿم؟“

اياز چيو ته ان کان پوءِ ساڻس ڳڙهي خدا بخش ۾ وڃي مليس. چيومانس ته، ”سائين، ڪو حڪم هدايت؟“

چيائين ته، ”ڪرسيءَ جو خيال رکجانءِ، منجهس نشو آهي. جيسين ڪرسيءَ تي هوندين، تيسين ماڻهو توکي چوندا ته، ”صاحب! سج اڀري به تو تي ٿو، لهي به توتي ٿو.“

اياز ڀٽي صاحب جي نصيحت هڪ ڪن مان ٻڌي، ٻئي مان ڪڍي ڇڏي. ڄامشوري پهتو. شام جي مهل هئي. بسترا - بند ۽ بئگ، سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس اڳيان ڇٻر تي رکي، ڏاڪڻ تي چڙهي، اچي مليو. ڪرسيءَ تي وهڻ سان چيائين ته، ”چاءِ ٺهراءِ.“ چاءِ جو ڪوپ آيو، تنهن کان اڳ ئي پاڻ حال احوال ڏيڻ شروع ڪيائين. ڳالهه پوري ڪيائين، ته مون چيس ته، ”اياز، تو ڪم ته چڱو ڪونه ڪيو آهي. يونيورسٽي سک جي سيج ڪانهي.“

چيائين ته، “DIE IS CAST… DIE IS CAST”

ڊاڪٽر بلوچ کي پنهنجيءَ آمد جو اطلاع ڏنائين، جو تن ڏينهن ۾، يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر هو. هن چيس ته، ”مون کي چارج ڏيڻ ۾ ڏينهن اڌ لڳندو ۽ ڏينهن ٻن لاءِ سرڪاري ڪار به کپي.“

اياز پنهنجن ڪتابن ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۽ ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ بندش واري بيان ڪيل پسمنظر ۾ ڊاڪٽر بلوچ تي رنج هو. مون سان صلاح ڪيائين. مون کي به ڊاڪٽر بلوچ جي عجيب مزاج ۽ طبيعت جو چڱو تجربو ٿيو هو، پر چيومانس ته، ”ڊاڪٽر بلوچ کي اهي رعايتون ملڻ کپن ۽ جيترا ڏينهن به ڪار رکي، تنهن ۾ ڪيٻائڻ نه گهرجي. وائيس چانسيلر ٿي رهيو آهي. رواداري ۽ لحاظ وڏيون ڳالهيون آهن.“-  اياز منهنجي ڳالهه مڃي.

ڊاڪٽر بلوچ اسلام آباد ۾ مرڪزي ثقافتي سيڪريٽري ٿيو ته اياز کي خوش ڪرڻ لاءِ کيس روس جي دوري تي موڪليائين. پر، اياز پوءِ به سندس باري ۾ پنهنجي راءِ ڪانه بدلائي. هميشه کانئس پري رهيو.

اياز، سائين جي.ايم. سيد جو معتمد ساٿي هو. سو، ڪن ماڻهن جو رايو هو، ته کيس ٻيو نه ته به مصلحت خاطر ئي سهي، ڀٽي صاحب وٽان وائيس چانسيلر جو عهدو قبول ڪرڻ کان اڳ، سائينءَ کان دعا وٺڻ کپندي هئي، پر، سائينءَ کي سراسر نظرانداز ڪيائين. ليڪن، سائين کيس نظرانداز ڪرڻ وارو ڪونه هو. هن جا قائداعظم سان اختلاف ٿيا هئا، ته ساڻس به الجهي پيو هو. سو، اياز بابت به کليل لفظن ۾ پنهنجيءَ راءِ جو اظهار ڪرڻ لڳو. هفتيوار ”پرهه ڦٽي“ رسالي جي 23-مارچ 1977ع واري پرچي ۾، اياز بابت هي لفظ اهم آهن:

”... شيخ اياز به ڪوششون ڪري رهيو آهي، ته سنڌ تي چار شعر لکي، هاڻي انهن جي قيمت وصول ڪري. اسان وٽ پاڻ کي وڪڻڻ وارا ماڻهو پيدا ٿي  پيا آهن. ڪنهن کي ليسن کپي، ڪنهن کي سفير جي ڪرسي کپي، ته ڪنهن کي وائيس چانسيليري کپي.“

سائينءَ جي اهڙيءَ گفتگوءَ جو نتيجو ”نوشته ديوار“ وانگر، هر ڪنهن جي اکين اڳيان هو. جيئي سنڌ جي شاگردن هڪ رات، پنهنجا ڪي مطالبا مڃائڻ لاءِ، انبوهه ڪري، وي.سي. هائوس تي ويا. اياز ساڻن ملڻ بدران، وي.سي. هائوس جا دروازا بند ڪرايا ۽ چوڪيدارن کي هوائي فائر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شاگرد ڊپ ڊاءَ ۾ ٽڙي پکڙي ويا. ستت اياز وي.سي. هائوس جون ڀتيون بلند ڪرايون ۽ مٿن خاردار لوهي تارن جو لوڙهو ڏياريو. بنگلي جي حفاظت لاءِ چوڪيدار هئا، پر، پوليس به طلب ڪيائين، ٻاويهه پوليس وارا وي.سي. هائوس جي گيٽ جي ٻاهران، رات ڏينهن لڏو لاهيون ويٺا هوندا هئا. پاڻ اندر قابو ٿي، ويهي رهيو.

ڀٽي صاحب جي سياست ڪامياب ٿي. شاگردن، ڪئمپس جي در و ديوار تي چاڪنگ ڪري ڇڏي ته، ”قيدي وائيس چانسيلر“ ڪونه کپي. ان موقعي تي جويي صاحب عقل واري ڳالهه ڪئي ۽ هڪ بيان ڏنائين ته:

”يونيورسٽي جا شاگرد ٻار ڪونه آهن. عاقل بالغ مرد هن. ساڻن انهيءَ ئي ليول تي مسئلا طئه ڪرڻ گهرجن.“

اياز جي اديب دوستن، بهرحال، کيس اڪيلو ڪونه ڇڏيو. ڪڏهن پاڻ سندن دعوت ڪندو هو، ڪڏهن هو ڪندا هئا. ائين ٻنهي ڌرين جي ميل ملاقات ٿيندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن نعيم دريشاڻيءَ سندس دعوت ڪئي. هو ايل.ايم.سي. ۾ ڊاڪٽر هو. تن ڏينهن ۾ پرو-وائيس چانسيلر جون پوسٽون نڪتيون هيون: هڪ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ، ٻي انجنيئري ڪئمپس لاءِ، ٽين ٽنڊي ڄام واري زرعي ڪئمپس لاءِ ۽ چوٿين خيرپور ڪيمپس لاءِ.

نعيم دريشاڻيءَ اياز کي چيو ته، ”تون ڄامشوري واريءَ مکيه ڪيمپس لاءِ ربانيءَ کي پرو-وائيس چانسيلر ڇو نٿو ڪرائين؟“

مان اياز واري ئي صوفي تي ساڻس گڏ ويٺو هوس. سڪ سان ڇڪي، ڀاڪر پاتائين ۽ چيائين ته، ”مون کي ڀاءُ ته ڪونهي. رباني مون کي پرو وائيس چانسيلر ٿي ملي، ته باقي ڇا کپي!“

رڳو ٺلهي ڳالهه ڪانه ڪيائين، پر، ڀٽي صاحب کي چئي، مڙسان مڙسيءَ منهنجو آرڊر ڪرايائين. بعد ۾، مون سان ڳالهه ڪيائين ته اسان جي ٻن ٽن سينئر دوستن به انهيءَ عهدي تي تنهنجي مقرريءَ جي مخالفت ڪئي هئي. مون وٽ ئي وسڪي پي رهيا هئا. رات جو يارهين بجي جو ٽائيم هو. هڪڙي ڄڻي ته ان مهل ئي فون هٿ ۾ کڻي چيو ته، ”هينئر جو هينئر چيف منسٽر کي چئه ته مون کي رباني صاحب پرو وائيس چانسيلر ڪونه کپي.“

مون اياز کان پڇيو ته، ”ان جو سبب؟“

چيائين ته، ”سنڌي سٻاجهڙي جو ساڙ ۽ حسد.“

اياز جي سنڌي ماڻهوءَ جي مزاج متعلق پڪي پختي راءِ هئي ته منجهس ساڙ ۽ حسد آهي. ٻئي سنڌيءَ کي مٿي چڙهندو ڏسي نه سگهندو آهي.

ٻئي دفعي پير علي  محمد راشديءَ سان ويٺو هئس. مون سان به سائين حسام الدين شاهه جي ڪري، قرب جو پير هئس. مون کيس چيو ته، ”هي روسي ته ڪي وڏا نالائق آهن؟“

چيائين ته، ”ڇو؟“

مون چيو ته، ”اسان سنڌ ۾ ون يونٽ جي ڪري باهيون ٻاريون ويٺا آهيون. اسان کي پڇن به ڪونه ٿا. رات ڏينهن ويٺا ٿا ٻروچن جي مٿي تي هٿ گهمائن.“

راشدي صاحب مون ڏي نهاري تمام نرمائيءَ سان چيو ته، ”بلوچ سنڌيءَ کان وڌيڪ بهادر ۽ ڀروسي جوڳو شخص آهي.“

اياز ۽ شاگردن جو جهيڙو ٿيو ته چڱو عرصو يونيورسٽيءَ جا معاملا تعطل ۽ مونجهاري ۾ پئجي ويا هئا. مون پرو - وائيس چانسيلر ٿيڻ شرط پهريون ڪم اهو ڪيو، ته ”جيئي سنڌ“ جي شاگردن وٽ هاسٽلن ۾ هليو ويس. سندن ڪي جائز شڪايتون هيون. اهي دور ڪيم، ته منهنجي سرڪاري آفيس توڙي گهر ۾، اچي ڪچهري ڪرڻ لڳا. حجت ڪندا هئا ته چاءِ پياريو، ماني کارايو. مون سندن قرب جو فائدو ورتو. آهستي آهستي ڪري، ساڻن ڳالهه چوريم ۽ سندن ئي رضامندي سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڀتين تي اياز جي خلاف ڪيل چاڪنگ صاف ڪرايم. اياز سان ڳالهه ڪيم ته ڏاڍو خوش ٿيو.

هڪ ڏينهن سائين امير حيدر شاهه سن مان ڪنهن ڪم سان آيو. مون سان يونيورسٽيءَ جي سرڪاري گهر ۾ اچي مليو. مون ان مهل ئي سندس مرضيءَ موجب ڪم ته ڪري ڇڏيو. پاڻ، خوش ٿي، چيائين ته ”جيئي سنڌ جي شاگردن ۾ ڪو ڪم؟“

   مون چيو ته، ”سائين، اسان جا پنهنجا ٻچا آهن.“

مسٽر پيار علي الانا سنڌ جو وزير تعليم هو. سو، هڪ ڏينهن حيدرآباد آيو، اسان کي سرڪيٽ هائوس ۾ سڏيائين. ڊاڪٽر ايس.ايم. قريشي، عبدالقادر انصاري صاحب ۽ مان ٽئي پرو-وائيس چانسيلر وٽس گڏ وياسين. مون کي چيائين ته، ”اسان کي خفيه رپورٽون مليون آهن، ته تون شاگردن وٽ هاسٽل ۾ ويو آهين، سندن مسئلا حل ڪيا اٿئي. اسان ڏاڍا خوش ٿيا آهيون.“ انگريزيءَ ۾ چيائين ته؛

“YOU HAVE BROKEN THE ICE”

اسان موٽي اچي اياز کي اها خبر ٻڌائي. پر، کيس ڪابه خوشي ڪانه ٿي. چيائين ته، ”مون سمجهيو ته مان جو جيئي سنڌ جي شاگردن سان جنگ لايون ويٺو آهيان. سو، سرڪار مون کي وڌيڪ پاور ڏئي، ”پاور هائوس“ ڪندي!“

اياز جا اهي حال ڏسي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي انجنيئرنگ ڪيمپس جو پرو - وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ۽ ٽنڊي ڄام جي زرعي ڪيمپس جو پرو-وائيس چانسيلر ڊاڪٽر انصاري پس پرده مسٽر پيار علي الانا وزير تعليم سنڌ سان ملي ويا ۽خاموشيءَ سان پنهنجا پنهنجا ڪيمپس سنڌ يونيورسٽيءَ کان جدا ڪرائي، پنهنجون الڳ يونيورسٽيون ٺهرائي، وائيس چانسيلر ٿي ويا. اهو ڏسي، اياز وائڙو ٿي ويو! مون کي ۽ خيرپور جي پرو-وائيس چانسيلر مسٽر بخاريءَ کي وڌيڪ محبت سان قابو ڪرڻ بدران اسان جون پوسٽون ختم ڪرائڻ جي سـِٽ سٽيائين ۽ اسلام آباد جا پنڌ شروع ڪيائين.

اسان کي سندس چرپر جون اسلام آباد مان ئي اهڙيون رپورٽون ملنديون رهيون. ابراهيم شاهه بخاري ۽ مان ڏاڍا منجهياسين. مون کي خبر هئي، ته اياز هر ڪنهن ۾، توڙي ويجهن دوستن ۾ به شڪ ڪندو آهي. ستت، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بداخلاق ماڻهن کي ويجهو ڪيائين ۽ جڏا ڪم ڪيائين. مون اعتراض ڪيو ته چيائين ته، ”پوءِ ڀلا تون ٻه ٽي مهينا موڪل تي هليو وڃ.“

تنوير ۽ رشيد ڀَٽيءَ سان به صلاح ڪيم، جن چيو ته، ”اسان ته توکي پهرئين ئي ڏينهن جهليو هو ته اياز سان گڏ نوڪري نه ڪر. هو بي ڀروسو ماڻهو آهي.“ جويي صاحب سان ڳالهه ڪيم. سندس مشوري موجب اياز کي ٻن مهينن جي موڪل جي درخواست ڏنم. خوش ٿيو. پر، وري ڪو ريچڪ آيس، سو، ٻئي ڏينهن سنئون سڌو استعيفا گهريائين. جويي صاحب سان اها ڳالهه به ڪيم. چيائين ته، ”هيءُ ته ٿيو، ڪنهن کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي، ڦرهو ڪڍڻو.“ (موڪل جي درخواست توڻي استعيفا، ٻنهي جا ڊرافٽ جويي صاحب تيار ڪري ڏنا). مراد علي خان نظاماڻي عارضي سيڪريٽري تعليم وٽ ويس. منهنجو يار هو. وڙهي پيو، ته استعيفا نه ڏي! پر، مون منٿ ميڙ ڪيس. لاچار، جنرل ايس.ايم. عباسيءَ، سنڌ جي گورنر کان استعيفا جي منظوريءَ ۽ بورڊ واپس مقرريءَ جو آرڊر ڪرائي ڏنائين. گورنر عباسيءَ اهو به ٻڌايو ته اياز مون وٽ آيو هو ته پرو-وائيس چانسيلر جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ٻه پوسٽ آهي، سي ختم ڪريو، پر، مون سُڪو جواب ڏنس ته، ”مان ڪنهن سنڌيءَ جي نوڪري ڇو ختم ڪريان!

اياز ڏينهن ٻن کان پوءِ اسلام آباد مان موٽيو ته کانئس موڪلائڻ ويس. چوڻ لڳو ته، ”بورڊ ۾ ظفر حسن شاهه ويٺو آهي. ڪيئن ڪيان؟“

مون چيس ته، ”تون ڳڻتي نه ڪر، مان پاڻ سرڪار کان استعيفا منظور ڪرائي بورڊ ۾ واپس وڃڻ جو آرڊر ڪرائي آيو آهيان.“

اهو ٻڌي پيرن هيٺان زمين نڪري ويس! سندس خيال هو ته بورڊ مان سيد ظفر حسن (مرحوم) کي پاڻ ڪونه گهرائيندو. سو، مان سندس رحم ڪرم تي هوندس!

مان موٽي بورڊ ۾ آيس. سائين قاسمي صاحب چيئرمن هو. اعليٰ انسان هو. آرڊر وٺي چيائين ته، ”ادا، سيڪريٽري به تون، ته چيئرمن به تون.“ جيڪي چيائين تنهن تي، حرف بحرف عمل ڪيائين. عظيم انسان هو.

اياز پٺيان اڪيلو ٿيو ته اهي ئي ڏينهن موٽي آيا، جڏهن هن شاگردن تي هوائي فائرنگ ڪرائي هئي ۽ پاڻ مهينن جا مهينا وي.سي. هائوس ۾ در بند ڪري ويٺو هو. اهو لقاءُ ڏسي، مون کي ملڻ لاءِ نياپن مٿان نياپا موڪليائين. ليڪن، سائين حسام الدين شاهه جهليو ته، ”متان سندس ويجهو ويو آهين. تون سندس افعال ڏسي چڪو آهين.“ مون پير صاحب جي چوڻ تي عمل ڪيو.

يونيورسٽيءَ ۾ حالتون جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ خراب ٿينديون ويون. پوليس آئي ۽ شاگردن تي ڳوڙها گئس استعمال ڪيائين. يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان گڏ استاد به اياز تي بگڙيا. سينيٽ هال ۾ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سوڙهو گهٽيائونس. برگيڊيئر مسعود، ايس.ايم.ايل.اي. حيدرآباد پڻ اجلاس ۾ موجود هو، تنهن اياز کي چيو ته، ”الزامن جا جواب ڏيو.“

اياز خاموش رهيو. برگيڊيئر مسعود مٿي رپورٽ موڪلي ڏني. اياز جو يونيورسٽيءَ ۾ مدو ستت پورو ٿيڻ وارو هو، پر، ملڪ جا فوجي حاڪم، ساڻس سياست ڪندا، کيس آسري ۾ رکندا آيا. آخرين ڏينهن تي، يونيورسٽيءَ جو هڪ استاد، (مسٽر ايلياس ابڙو) جنهن کي اياز پاڻ نوڪريءَ مان ڪڍايو هو، تنهن کي ئي سندس جاءِ تي نئون وائيس چانسيلر ڪري آندائون، ته اياز کي بڇڙو ڪري! پر، هن وڏي اشرافت ڏيکاري ۽ سنڌ جي لڄ رکيائين.

اياز، پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ۾ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي نوڪريءَ متعلق هيئن لکيو آهي:

”مان اسلام آباد ايئرپورٽ تي وي آئي پي لائونچ ۾ ويس، ته جنرل ضياءَ جو لامنسٽر، مسٽر اي ڪي بروهي ۽ هن جي رفيقهءِ حيات اڳي ئي اتي ويٺا هئا. مان بروهي صاحب کي چوان ها ته منهنجي نوڪري بچائي سگهي ها! مون سان ڏاڍو ريڌل هو ۽ ڀٽائيءَ جي ورسيءَ تي مهمان خاص هو. جتي انگريزيءَ ۾ لکيل پنهنجو خطبو مون کي ڏئي چيائين ته، ”اياز هن جو اردو ۾ ترجمو ڪري، سنڌالاجيءَ مان ڇپائجانءِ!“        مون ائين ڪيو.پر، جڏهن هن کي اهو سنڌي ڇپيل ڪتابڙو ڏيڻ ويس، تڏهن جنرل ضياءَ منهنجي نوڪري اڳي ئي ختم ڪري ڇڏي هئي.“

اياز جا اهي اکر شاهد آهن، ته کيس نوڪريءَ وڃڻ جي ڪيڏي حسرت هئي!

پاڻ اڳي ئي اهو اعتراف ڪيو هئائين ته خود ڀُٽي صاحب به کيس نوڪريءَ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو هو.

جنرل ضياء، جڏهن ڀُٽي صاحب کي ڦاسي ڏني ته اسان ٻئي اڃا يونيورسٽيءَ ۾ گڏ هئاسين. هڪ ڏينهن رازداريءَ ۾ چيائين ته، ”وائيس چانسيلرن جو ڪو وفد ٻاهرين ملڪن جي دوري تي پئي ويو. ڀٽي صاحب ڳاڙهي ليڪ ڏئي رڳو منهنجو نالو ڪاٽيو.“ ائين به چيائين ته، ”هُو ته منهنجي نوڪري به ختم ڪرڻ وارو هو، پر پاڻ اڳ ۾ ئي اقتدار تان لهي ويو.“

بهرحال، جڏهن پنهنجي نوڪري بچائي ڪونه سگهيو، ته يونيورسٽيءَ مان دلشڪستو ٿي نڪتو ۽ هر ڪنهن کان ڌار ٿي ويو. خاص ڪري، نئين نسل کان ته بلڪل ڪٽجي ويو. سوڀي گيانچنداڻيءَ ان موقعي تي، هڪ تاريخي جملو چيو:

”شيخ اياز عظيم ٿيو، پوءِ عظيم تر ٿيو، پوءِ اڪيلو رهجي ويو.“

شيڪسپئير انگريزن جو قومي شاعر آهي. شيڪسپيئر جي هاڪارن نقادن جي فهرست ڊگهي آهي. پر، انهن ۾ به اي سي برئڊلي ۽ ولسن نائيٽ وڏا نالا آهن. هنن سوال اٿاريو آهي ته شيڪسپيئر پنهنجيءَ ذاتي زندگيءَ ۾، پنهنجن ناٽڪن جي ڪردارن مثلا ليئر بادشاهه (KING LEAR) يا مئڪبيٿ يا هئمليٽ کان وڏو ماڻهو هو، يا نه؟

اهو سوال هر ڪنهن وڏي اديب ۽ شاعر سان لاڳو ٿئي ٿو. شيخ اياز سان به لاڳو ٿئي ٿو ته ڀٽائيءَ وانگر اياز به پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ عظيم شخص هو يا نه؟

اياز مسڪين ماءُ ۽ پيءُ جو اولاد هو. پر، سنڌ جي جاگيردارانه معاشري جي ڪريل قدرن کي خيال ۾ رکي، آتم ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجيءَ غربت تي پرده پوشيءَ کان ڪم ورتو اٿس. بعضي ته ان کي ”زيبِ داستان“ جو پوش پارايو اٿس. مثال طور، هڪ هنڌ لکيو اٿس ته، ”سندس والد بلغاري حقو ڇڪيندو هو، جنهن جي نڙ کي “چانديءَ جا ڇلا“ پيل هوندا هئا.“

پر، ٻئي هنڌ لکيو اٿس ته ”بابو بيمار هو، شيشي کڻي، ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ هليو، ڊاڪٽر شيشي موٽائي ڏني ۽ چيائين ته، اوهان اڳينءَ دوا جا پئسا ئي ڪونه ڏنا آهن.“

هڪ دفعي مون کي چيائين ته، ”مان پنهنجي آتم ڪهاڻي پنهنجي ڏاڏي جي احوال سان شروع ڪندس، جو شڪارپور جي سنڌ واهه تي سير ڪرڻ ويو. گهر موٽيو، ته پنهنجن ڪپڙن تي ڪـول ڏٺائين. سو اها ڪول ڪلهي تي ويهاري، وري ان کي سنڌ واهه تي ڇڏي آيو.“

اهي سڀ ”زيب داستان“ واريون ڳالهيون هيون. حقيقت انهن جي برعڪس هئي، جا سندس ڪن ٿورن دوستن کي معلوم آهي. اياز جي فرزند مونس جي والده کي گهڻي کان گهڻي معلوم آهي. ڪجهه مون کي ٻڌائي اٿس. بهرحال، چڱو ٿيو، جو اياز پاڻ پڏائڻ کان پاسو ڪيو. اهڙي قسم جون ڳالهيون، اڳتي هلي سندس ”بد-باطن نقادن“ کي مسالو مهيا ڪن ها. تاريخ جي ورقن ۾ اڄ هو عظيم شاعر آهي. پر، ائين ڪري ها، ته ماڻهن جي نظرن ۾ ڪري پوي ها.

اياز جي ”حقيقي عظمت“ اها هئي، ته غريب جو ٻار هو. کيس ننڍپڻ ۾ ئي غربت جا ڏنگ لڳا. پر، هن حوصلو ڪونه وڃايو. پنهنجيءَ محنت، سمجهه ۽ ڏاهپ سان پنهنجي زندگي ٺاهيائين.

اياز به ڪاليج واري زماني ۾ تنگدست هوندو هو. مينڌري سعادتيءَ وارن خطن جي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته جڏهن وڪالت پاس ڪيائين، ته وٽس ڊگري وٺڻ لاءِ پئسا ڪونه هئا. ٻنيءَ جو ٽڪر هئس، جو وڪيائين. جويي صاحب کيس پي ڊبليو ڊيءَ ۾ ڪلارڪي وٺي ڏني. اياز، ائين هڪ محنت ڪش ماڻهوءَ وانگر، ڪلارڪيءَ سان پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو. وڪالت ڪراچيءَ ۾ شروع ڪيائين، پر، اتي پوري ساري هليس، ته سکر هليو آيو جتي پنهنجيءَ ذهانت ۽ محنت سان، سنڌ جي ڪامياب وڪيلن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

غريب ماڻهو ڏکيا سکيا ڏينهن گذاري جوان ٿئي ٿو، ته کيس ”دل گهريي“ جِيوَن ساٿي“ جي آرزو ٿئي ٿي. اياز کي به ٿي. پر، کيس ”محروميءَ“ جي تلخي ڏسڻي پئي. سندس ڪتاب ”پنهل کانپوءِ“ جو ورق ورق سندس دل جي پڪار آهي ۽ هن حقيقت تي شاهد آهي ته اياز کي ”غمِ دوران“ سان گڏ، ”غمِ جانان“ جو ”دو آتشه“ جام به پيڻو پيو.

اصل ڳالهه آهي ته آسمان جا ستارا جڏهن انسان جي قسمت ٺاهيندا آهن، تڏهن اڳواٽ ساڻس صلاح مشورو ڪونه ڪندا آهن. انگريزي زبان جي مشهور چوڻي آهي ته:

“MARRIAGES ARE MADE IN HEAVENS”

اياز جي پهرين شادي ڪيئن ٿي؟ سو، ڪجهه قدر معلوم اٿم. کيس هڪ پارسا، وفا شعار ۽ نيڪوڪار گهر واري نصيب ٿي، جنهن هر ڏک سک ۾ سندس ساٿ ڏنو. اياز کي منجهانئس پٽڙا به ٿيا ۽ نياڻيون به، جيڪي هاڻي سڀ شادي شده ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل آهن. اياز پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ جي آخرين حصي ۾، پنهنجيءَ گهرواريءَ، محترمه زرينه صاحبه جي تعريف ڪئي آهي ۽ لکيو آهي ته، ”منهنجي شاعري، منهنجي وڪالت ۽ منهنجي ڪامياب زندگي سڀ هن جي سبب آهن.“

مان پاڻ ان حقيقت جو شاهد آهيان، ته سکر ۾ هُوءَ نيڪ بيبي، تهه سياري ۾، اڌ رات جو اٿي، اياز ۽ مون لاءِ تازي ماني پچائيندي هئي.

اياز ٻي شادي به ڪئي، جنهن منجهان به کيس پٽڙا ۽ نياڻي ٿي. پر، اياز ۽ سندس ٻي اهليه، محترمه اقبال بيگم اڳتي هلي هڪٻئي کان علحده ٿيا. هن مينڌري سعادتيءَ واري ڪتاب ۾ پنهنجي ٻيءَ اهليه جي به تعريف ڪئي آهي. مون سان به هڪ اڌ دفعو ملي آهي. زماني جا ڏک ڏسڻ کان پوءِ به منجهس کل ڀوڳ جو ذوق آهي. تمام ذهين خاتون آهي.

اياز  ”مخصوص مزاج“ وارو شخص هو. سندس ياري دوستي تمام محدود هئي. سنڌ ۾ سندس نالي جي شهرت ته گهڻي هئي، پر، سندس حقيقي دوست آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هئا. هڪ دفعي سخت بيمار ٿيو. جناح اسپتال ۾ داخل ٿيو. کيس واتان رت ايندو هو. گهر جي ڀاتين مان ڪنهن کي به ڪونه سڏيائين. سو، جويي صاحب، جمال رند ۽ مون سندس تيماداريءَ جو ڪم ورهائي کنيو. انهيءَ بيماريءَ جو به پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ۾ ذڪر ڪيو اٿس:

”مون زرينا کي پاڻ وٽ رهائڻ نه چاهيو، ڇو ته مون نه پئي چاهيو ته هوءَ منهنجي اذيت ڏسي. سو، مون فون ڪري حيدرآباد مان غلام ربانيءَ کي گهرائي ورتو. اها ساري رات منهنجي وات مان رت اچي رهي هئي ۽ صبح تائين غلام رباني منهنجي مٿي کان ويٺو هو. ممڪن هو ته ان رات مان مري وڃان ها. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ غلام ربانيءَ چيو ته هاڻ مان هلان ٿو ۽ جويي صاحب کي موڪليان ٿو. جويو به ساڳئي ڏينهن شام جو مون وٽ هليو آيو.“

دراصل، اياز ڪا طاقت جي انجيڪشن هڻائي هئي، جنهن جو ردعمل اها بيماري هئي. اسان مان ڪنهن سان به سچي ڳالهه ڪانه ڪيائين. ڊاڪٽر هڻي هڻي ٿڪجي پيا، پر، سندس بيماريءَ جو پتو ئي نه پوي. انهن ڏينهن ۾ مون سندس جيڪا خدمت ڪئي، سا کانئس ڪڏهن ڪانه وسري.

پر، جڏهن پاڻ جيل ۾ هو، تڏهن مون ان کان به گهڻي ڀڄ ڊڪ ڪئي هئي. سندس آزاديءَ لاءِ حيدرآباد کان ڪراچيءَ، اتان سکر ۽ اتان وري حيدرآباد، هلي هلي ٿڪجي پيو هوس. جويي صاحب کان سواءِ منهنجو ٻيو ڪو به مددگار ڪونه هو. ”حافظ“ مبارڪ علي شاهه ته اسان ٻنهي- جويي صاحب ۽ مون کي مرچ هڻي ويو. پير علي محمد شاهه راشدي ۽ اي ڪي بروهي رڳو دم دلاسا ڏيندا رهيا. بروهي صاحب توڻي راشدي صاحب ۾ اياز کي وڏيون اميدون هيون. اياز پاڻ راشدي صاحب جو هڪ خط مون کي ڏيکاريو هو، جو هيئن آهي: اصل انگريزيءَ ۾ آهي: غالباً ناشاد وٽ هجي! پڙهڻ وٽان آهي:

منهنجا پيارا شيخ صاحب!

سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ جي تازي پرچي ۾ جپاني شعر بابت تنهنجو مضمون پڙهيم. اها ڳالهه وري وري چوڻ بيسود آهي ته جيڪي ڪجهه تنهنجي قلم مان نڪري ٿو، سو آفاقي (DIVINE PRODUCTION) آهي ۽ تخليقي امنگن جو لازوال سرچشمو. مون کي توکي هيءُ چوڻو آهي ته جيسين مان هتي آهيان، تيسين تون جپان ۽ هانگ ڪانگ گهمڻ لاءِ لازمي طور- ڪجهه وقت ڪڍي اچ. مان هتي تنهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ موجود آهيان. منهنجي شايد اها خودغرضي هجي، ڇو ته ان طرح سان مون کي توسان ڪجهه وقت گڏ گذارڻ جو موقعو ملندو، پر ايتري خودغرضي معاف ڪري سگهجي ٿي.

آءٌ سچ پچ توکي سڪ سان دعوت ڏيان ٿو ۽ اها دعوت يقين رک ته بي فائدي نه هوندي. منهنجا هتي هر هنڌ دوست ۽ احباب آهن. سو، هن پاسي جيڪي ڏسڻ جهڙيون شيون آهن، سي تون ڏسي سگهندين. تنهن وچ ۾، جيڪڏهن توکي هتان ڪابه شيءِ، مثلاً ڪو ڪتاب وغيره گهرجي، ته تون ڇڙيون ٻه سٽون لکي موڪلجانءِ.

توکي هيءُ ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانه اٿم، ته مون کي تولاءِ نهايت احترام ۽ عقيدت آهي. ممڪن آهي، تنهنجي ڪلام مان اسان کي رهنمائي ملي وڃي.

نئين سال لاءِ نيڪ تمنائن سان

هانگ ڪانگ              تنهنجو مخلص

31 - 12-1963ع         علي محمد راشدي

راشدي صاحب جو هي خط اياز سان سندس سڪ جو آئينه دار آهي. پر، جڏهن اياز جيل ۾ پيو، تنهن کان اڳ هو مون سان گڏ وٽس ڪراچيءَ ملڻ هليو ۽ منٿون ڪيائينس ته، ”سائين جنگ اخبار ۾ پنهنجي ڪالم ”مشرق ۽ مغرب“ ۾ منهنجي باري ۾ ٻه ٽي دعا جا لفظ لکو، جو سکر جا اردو اخبار نويس، ورائي ويا اٿم. متان سڀاڻي سرڪار سندن چوڻ تي مون کي اندر ڪري.“ راشدي صاحب کيس دم دلاسو ته ڏنو. پر، هڪ اکر به ڪونه لکيو.

اهي محروميون ۽ مايوسيون ماڻهوءَ جي مزاج تي اثر وجهن ٿيون. اياز جي ذهن تي به پيا هوندا. شايد اهو سبب آهي جو سندس هڪ وڏو مسئلو ماڻهن ۾ شڪ هو. چوندا آهن ته شڪ ۽ وهم جو علاج ته لقمان حڪيم وٽ به ڪونه هو. مون 1958ع ۾ ميٽروپول هوٽل ۾ ساڻس پهرينءَ ملاقات ۾ ئي اهو تاثر قائم ڪيوهو، جنهن جو اڳ ۾ ذڪر ڪيو اٿم، پر بعد ۾ ساڻس دوستي گهاٽي ۽ گھري ٿي ته پڪو پختو ٿيو.

مينڌري سعادتيءَ جي فرضي نالي سان هڪ ڇوڪرو سندس دل ۾ ديد پائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، هڪ خط ۾ اهو ڇوڪر لکي ٿو ته:

”اياز جي طبيعت ۾ شڪ ۽ غلطفهميءَ کي وڏو دخل آهي، هر مسئلي کي شڪ جي نظرن سان ڏسندو آهي، ايتريءَ حد تائين جو کانئس ڪوئي واقف پڇندو آهي ته، ”خوش آهين؟“ ته اياز سندس سوال کي ئي شڪ شبهي جي نظر سان ڏسندو آهي.“

ڪنهن زماني ۾، ساهيوال ۾، جيل ۾ هو، تڏهن وٽس ڪو قيدي جيل جي قانون موجب خدمت چاڪريءَ لاءِ هو، جنهن ڏاڍي خدمت ڪيس. اياز خوش ٿي لکي ڏنس ته، ”بابا مان جڏهن ٻاهر نڪران ۽ ڪنهن چڱيءَ منزل تي هجان،ته تنهنجي مدد ڪندس.“

اياز وائيس چانسيلر ٿيو، ته اهو غريب شخص وڏيون اميدون رکي، پنجاب ۽ سنڌ جون سرحدون لتاڙي، اچي وي.سي. هائوس ڄامشوري پهتو. چوڪيدارن سان مليو. ٿڌو پاڻي پيتائين. ساهه پٽيائين ۽ ساڻن حال احوال ڪيائين. هنن اياز کي اطلاع ڏنو. اياز چيو ته، ”مان ڪونه سڃاڻانس.“

هُو غريب اهو ٻڌي، ڏاڍو پريشان ٿيو. آخر ۾ اياز کي سندس جيل واري تحرير اندر موڪلي ڏنائين ۽ ڪنهن غريباڻي روزگار جو عرض ڪيائين. پر، اياز پوءِ به ڪونه مليس. لاچار، هو مايوس ٿي، پنهنجي وطن موٽي ويو.

اهو ته ٿيو هڪ اجنبي، پر، اياز جو ماڻهوءَ جي مزاج متعلق روح ايڏو ته کٽو ٿي ويو هو، جو بعضي ته پنهنجي سڄيءَ عمر جي دوستن تي به شڪ ڪندو هو. آتم ڪهاڻي جي جلد پهرئين ۾ هيئن لکيو اٿس ته:

”مرحوم اسد الله شاهه حسيني ”بيخود“، مخدوم ”طالب الموليٰ“ جي ڪافي قريب هو ۽ مون وٽ يونيورسٽيءَ ۾ فارسي شعبي جو ائسوسيئيٽ پروفيسر هو. هڪ دفعي، اسان وي.سي. هائوس ۾، ڪچهري ڪري رهيا هئاسين. اسدالله شاهه مون کان ڪنهن ”دوست“ جي باري ۾ پڇيو ته: ”اوهان جو هن جي باري ۾ ڇا رايو آهي؟“

”ڪرست وانگر سڄي عمر پنهنجي صليب ڪلهن تي گھلي اٿائين.“ مون جواب ڏنو.

اسدالله شاهه نهايت صاف گو انسان هو. مون کي چيائين ته، ”اوهان ڪنهن کي ڪرست ٿا ڪوٺيو؟ ڪيڏا نه سادا آهيو اوهان!“

ڪيترو عرصو پوءِ مون جڏهن ان ”ڪرست“ جو اصلي روپ ڏٺو، ته پنهنجي مردم شناسيءَ مان ويساهه ئي نڪري ويو.“

اياز ”ڪرست“ جو لقب پنهنجي هڪڙي قريبي دوست کي ڏيندو هو. اسان سڀني کي انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو ڏک ٿيو، ته هن اهو طنزيه جملو انهيءَ شخص لاءِ موزون سمجهيو، جنهن کان وڌيڪ زندگيءَ ۾ سندس ڪوبه دوست ڪونه هو.

ليڪن، اياز پنهنجي شڪي مزاج جي باوجود، ڪڏهن ڪڏهن بردبار به ثابت ٿيندو هو. ان جا ڪي مثال ڏيان ٿو:

پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر هو ۽ مان پرو وائيس چانسيلر. ملڪ ۾ مارشل لا لڳي چڪو هو. جنرل جهانزيب سنڌ جو گورنر ۽ يونيورسٽيءَ جو چانسيلر هو. هڪ ڏينهن اياز ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ ويو. شام جو موٽيو ۽ اڃا مون کي حال احوال پئي ڏنائين، ته فون جي گهنٽي وڳي. گورنر هائوس ڪراچيءَ مان ڪال هئي ته، ”وائيس چانسيلر صبح جو ڏهين بجي اچي گورنر سان ملي.“

اياز ايڏو ته ٿڪل هو، جو مرضي هئس، ته مون سان حال احوال ڪري، سگهو وڃي سمهي پوي. نياپو ٻڌي، چيائين ته، ”ڪهڙي صلاح آهي؟“

مون چيو ته، ”صبح جو سوير هلنداسين.“

سوچي سوچي چيائين ته، ”نه، اهو جوکو ڪير کڻندو؟ رستي تي ڪار جو پنچر ٿي پوي، ته ڏهين بجي ڪراچيءَ ڪيئن پهچنداسين؟ هل ته هينئر ئي هلون.“

ڪار ۾ ويٺاسين،ته مون کي اهو احساس ٿيو ته اياز اڄ ڏاڍو ٿڪل آهي. ڪراچيءَ ۾ نثار ميمڻ (جيڪو معين قريشيءَ واري مرڪزي وزارت ۾ وزير ٿيو.) منهنجو دوست هوندو هو. پنهنجيءَ هوٽل ۾ ٽڪائيندو هو. وسڪي شاعر جي ڪمزوري ٿيندي آهي. اياز جي به هئي. نثار ميمڻ پوئين ڀيري ڊمپل جي بوتل آندي هئي، جيڪا اڌرڪ بچي پئي هئي. مون، ڪار ۾ وهڻ مهل، ڊرائيور کي ڏني ته اياز کي ڪراچيءَ ڪم ايندي. هن ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏي. ڪراچيءَ ويندي، رستي تي مون کي ننڊ کڻي ويئي. منهنجي اک تڏهن کلي، جڏهن ڪار بيهي رهي. ڏسان ته اوندهه ٿي ويئي آهي، پر، چوڌاري بجليءَ جون بتيون چمڪي رهيون آهن. ڊرائيور کان پڇيم ته، ”ڇاهي؟“

   چيائين ته”ڪراچي اچي ويئي آهي.“

مون چيو ته، ”پوءِ ڪار ڇو بيهاري اٿئي؟“

چيائين ته، ”مارشل لا وارا گاڏين جي تلاشي وٺي رهيا آهن.“

اها ڳالهه ٻڌي، ڇرڪ نڪري ويو. هيٺ لٿس، ته هڪ سپاهي اڳي ئي اچي ڪار وٽ پهتو. تلاشي ورتائين ۽ ٿيلهي مان ڊمپل جي بوتل ٻاهر ڪڍي، پڇيائين ته، ”هي ڇاهي؟“

ڪير جواب ڏئي!

بوتل کڻي ڀرسان بيٺل پنهنجي عملدار کي وڃي ڏنائين، جنهن اسان جي ڊرائيور کان چاٻي وٺي چيو ته، ”جيسين اسان جو اعليٰ عملدار اچي، تيسين اوهان جي ڪار اتي ئي بيٺي هوندي.“ ڏهاڪو کن ڪارون اسان کان اڳ ساڳئي ڏوهه ۾ قطار ۾ بيٺيون هيون. اياز پنهنجيءَ سيٽ تان چريو ئي ڪونه، ڄڻ ته اتي ئي پنڊ پاهڻ ٿي ويو. ڪو ڪلاڪ ٻه گذري ويو. نيٺ، فوج جو اعليٰ عملدار آيو. ڊرائيور وڃي ساڻس مليو، پر، هن کيس موٽائي ڇڏيو.

اياز، ڪجهه دير صبر ڪيو. پوءِ ڪار مان لٿو ۽ انهيءَ اعليٰ عملدار وٽ ويو. ساڻس پنهنجو تعارف ڪرايائين ۽ گورنر سان صبح جو ملاقات جو احوال ڏنائين ۽ ڏاڍي ڌيرج سان چيائينس ته، ”هيءَ غلطي ته اسان جي ڊرائيور جي آهي، اسان ته وسڪيءَ تي پيشاب ڪندا آهيون.“

اهو ٻڌي، فوجي عملدار کان کِلَ نڪري وئي! سپاهيءَ کان بوتل وٺي روڊ تي زور سان هنيائين، پرزا پرزا ٿي وئي. اياز کي ڪار جي چاٻي موٽائي ڏنائين ۽ چيائين ته، ”اسان کي معلوم آهي ته سڀ وڏا ماڻهو پيئندا آهن.“

بهرحال، غلطي منهنجي هئي، پر اياز مون کي ميار ڪانه ڏني. ڪراچيءَ وياسين. جمال ابڙي سان ملياسون. ڳالهه ٻڌي، ڏاڍو کليو ۽ ڏينهن جا ڏينهن اياز جي انهيءَ ڳالهه تي کلندو هو ته، ”اسان ته وسڪيءَ تي پيشاب ڪندا آهيون.“

اياز سنگت سان کل ڀوڳ به ڪندو هو. مولوي عبدالواحد سنڌي نئين زندگيءَ جو ايڊيٽر هو. ساٺيڪو سالن جو هو، منهنجو بزرگ هو، پر، ان کان وڌيڪ دوست هو. اياز جو ڪلام شوق سان ڇاپيندو هو. هڪ ڀيري اسان راشدي صاحب جي لارينس روڊ واري بنگلي تي لٿل هئاسين. هو پاڻ ته ڪجهه سالن کان هانگ ڪانگ ۾ هو. اسان جو ميزبان حُسين شاهه هو. رات جي مانيءَ کان پوءِ ڪا ”غير معمولي فلم“ پروجيڪٽر تي لڳايائين. اياز، مان ۽ نثار ميمڻ فلم ڏسڻ ويٺاسين، ته عين ان مهل مولوي عبدالواحد سنڌي آيو ۽ اياز کان نئون شعر گهريائين. اياز چيس ته، ”سائين، مولوي صاحب! گهڙي کن اسان سان گڏ ويهو، رنگين فلم ڏسو، وسڪيءَ جو ڍڪ پيئو، ته نئون شعر هينئر ئي حاضر آهي.“

مولوي صاحب چيس ته، ”زوراور ... ڏيو گلاس.“

مولوي صاحب وسڪي پيتي، ماني کاڌي ۽ اسان سان گڏ رنگين فلم ڏٺي. اياز کيس واعدي موجب نئون شعر ڏنو. مولوي صاحب خوش ٿي روانو ٿيو، ته اياز ان مهل ئي خود مولوي صاحب تي طويل نظم چيو، جنهن جا ڪي شعر اڃا ياد اٿم:

چڻا چور گرم يار،

ڏاڍو مولوي مزيدار،

جيئن سٺ، وٺ وٺ،

وهوا جو وهنوار،

ڏاڍو مولوي مزيدار،

چڻا چور گرم يار.

هڪ دفعي اياز ۽ مان ڪراچيءَ وياسين. اياز اڃا وائيس چانسيلر ڪونه ٿيو هو. جبيز هوٽل ۾ ٽڪياسين، جا نئين نئين ٺهي هئي. سائين جي.ايم. سيد نظربند هو. پر، علاج جي سانگي ڪراچيءَ آيل هو. اسان صبح سان تيار ٿي، ڪچهري ڪرڻ لاءِ سندس بنگلي تي وياسين. اياز ٿري پيس سوٽ پائي هليو ته، سائينءَ کي وڻندو. سائين ته فقير ماڻهو هو. سو، پاجامي ۽ ڪڙتي ۾ ئي اچي مليو. بغل ۾ ٿلهو نوٽ بڪ هئس. اچڻ سان چيائين، ته نئون ڪتاب لکيو اٿم، ”مجازي مرحلا، عرف داستان ِ دل.“ نوڪر کي چاءِ جو چئي، ڪتاب پڙهڻ وارو هو، ته مون کيس ادب سان عرض ڪيو ته”سائين، صدر ۾ ڪتابن جي دڪان تي وڃڻو اٿم. اوهان به هڪ ڪتاب گهريو هو، سو، شايد اڄ ملي وڃي.“

چيائين ته، ”جلد اچ. منجهند جي ماني گڏجي کائينداسين.“

مان ”حيدر منزل“ مان نڪري، صدر پهتس. ڪيفي جارج تي پيٽيز ۽ چاءِ گهرايم. پوءِ ڪتابن جي ٻن چئن دڪانن تي ويس. سائين جي ڪتاب ۽ يورپ مان آيل سنڌ جي تاريخ تي قديم ڪتابن جي پڇا ڪيم. بک لڳم ته هانگ ڪانگ چيني ريسٽارينٽ ۾ ماني کاڌم. منجهند جي مهل هئي. گرمي ٿي وئي هئي. سڌو جبيز هوٽل تي هليو ويس. ڪپڙا بدلائي، پلنگ تي ليٽي پيس. ٿڌو ڪمرو هو. ڏاڍي فرحت آئي. پر، شام جا چار ٿي ويا. اياز اڳي، نه اوري. اٽڪل، اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ هو ڪمري ۾ داخل ٿيو. سندس هلڻ جو خاص انداز هوندو هو- ٿپ! ٿپ! سڌو غسلخاني ۾ هليو ويو. سوٽ لاهي، سلوار چولو پائي، اچي پلنگ تي پاڻ سٽيائين.

مون چيس ته، ”ڏاڍو ڪو ٿڪل ٿو ڏسجين؟“

چڙ مان چيائين ته، ”اشراف، مون سان نه ڳالهاءِ.“

”ڇا ٿيو؟ مان ته سڌو هيڏي هليو آيس. سائينءَ وٽ ٻيو ڪير آيو؟“

”ڪير ڪونه آيو.“ چڙ مان چيائين ته، ”اهو ٻن سون صفحن جو سڄو ڪتاب مون اڪيلي کي پڙهي ٻڌايائين! شام جاپورا چار ٿي ويا!“

اها ڳالهه تـڙ تڪڙ ۾ ائين ڪري ويو، جو ڀانيم، ته اندر ڀريو پيو اٿس. سو، چپ رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ پڇيومانس ته، ”توکي مزو آيو؟“

”مزو؟ مون کي مٿي ۾ چُگُهه ڪري وڌائين!“

   ائين چئي، چادرمٿان وڌائين ۽ شوڪارا ڀرڻ لڳو.

اياز کي برمهل برجستو جواب ڏيڻ تي به وڏو ملڪو حاصل هو. هڪ دفعي ڪراچيءَ ۾، راشدي صاحب جي لارينس روڊ واري بنگلي تي، حُسين شاهه وٽ، جينيٽ ڪريمر نالي هڪ جوان آمريڪي خاتون ٽڪيل هئي. منيلا مان آئي هئي ۽ آمريڪا وڃي رهي هئي. ڪا سهڻي هئي! مارلين مونرو جون سڪون ٿي لاٿائين. حُسين شاهه اسان جو ساڻس تعارف ڪرايو. رات جو پاڻ جينيٽ ڪريمر جي ڀر واري ڪمري ۾ ستو. اياز ۽ مان پرڀرو سامهون وارن ٻن ڪمرن ۾ ستاسين. حُسين جو مامو غلام شاهه (مرحوم) سڄي رات جينيٽ ڪريمر واري ڪمري جي در تي چوڪيداري ڪندو رهيو. صبح جو ننڊ مان اٿياسين ته مون کي اچي سرٻاٽ ڪيائين ته، ”سڄي رات اک ڪانه ٻوٽي اٿم.“

مون کيس شابس ڏني ۽ چيو ته، ”ويچاري پرديسي مهمان آهي ماما، تو سندس آبرو رکي آهي. توکي اهڙيون ته دعائون ڏيندي جو اڏي ڇڏيندي.“

صبح جو ناشتو سڀني گڏجي ڪيو. اڃا ڊائننگ ٽيبل تي ويٺا هئاسين، ته جينيٽ ڪريمر نيم عريان لباس ۾ لڏندي لمندي آئي. انداز دلبرانه سان پڇيائين ته:

HOW DO YOU DEFINE A POET?

   اياز چيس:

 DO YOU NEED IT, WHEN YOU SEE ONE?

جينيٽ ڪريمر کلي ڏنو.

ٻيڙو فقير، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گهڻو ايندو ويندو هو. ڦليليءَ جي ڪناري تي رهندو هو. دعوت ڪيائين. اياز ۽ مان گڏجي وٽس وياسين. موٽر جو در اچي کوليائين، ته اياز اٿنديئي چيس ته، ”ٻيڙا فقير! تولاءِ هڪ ڳجهارت آندي اٿم.“

ٻيڙي فقير مشڪي چيس ته، ”سائين فرمايو؟“

اياز چيس ته، ”مومل چيو راڻي کي ته مان آهيان تنهنجي ماءُ.“

ڳجهارت ٻڌي، ٻيڙو فقير وائڙو ٿي ويو! ڪا دير ڪياڙي کنهندو رهيو. رکي رکي مون کي اچي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪري ته، ”شيخ صاحب کي اها ڳجهارت ڪهڙي سگهڙ ڏني آهي؟“

سنڌ جي سمورن سفرن ۾ ٿر کان سواءِ مان اياز سان گڏ هئس. اياز جي چوڻ تي انهن سفرن جو احوال ”برسات“ رسالي 1986)ع) ۾ لکيو هئم. هاڻي موٽي جڏهن انهيءَ سڄي منظر تي نظر ڪريان ٿو ته، مون کي وري وري اها رات ياد ٿي اچي، جيڪا اسان ڪينجهر تي گڏ گذاري هئي. گرميءَ جي مند هئي. پر، بهشت جي ٿڌڙي هير پئي لڳي. رات جو کائي، پي، هڪ پرديسيءَ کان ڪلام ٻڌاسون، تان جو اڌرات ٿي ويئي. هڪڙو ڪلام اڃا ياد اٿم:

لڏي ويا، ڇڏي ويا،

ڪينجهر جا ڪنارا،

پکيئڙا ويچارا.

صبح جو اياز اسان کي پنهنجو نئون ڪلام ٻڌايو:

نه تـــڙ تي تماچي، نه گنڌريءَ گذارا،

آسارا آسارا، ڪينجهر جا ڪنارا.

اياز وس ڪندي، منهنجو چوڻ ڪونه موٽائيندو هو. کيس منهنجي سچائيءَ ۾ يقين هوندو هو. ڪن معاملن ۾ هلندو ئي منهنجيءَ صلاح سان هو. کلي چوندو هو ته، ”رمز ربانيءَ جي، رعب اياز جو.“

اياز کي معلوم هو ته مون کي ساڻس ڪيڏي سڪ آهي! مون ساڻس ڪڏهن به رک رکاءُ ڪونه ڪيو. جيڪي دل ۾ سو زبان تي. دوستيءَ جي تقاضا ئي اها آهي ته ماڻهو مصلحت خاطر هڪٻئي کي ڪوڙو دلاسو نه ڏئي.  جويو صاحب منع ڪندو هو ته تون ساڻس يونيورسٽيءَ جون اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، جيڪي کيس نه وڻن. پر، مون کيس هميشه هر ڳالهه ٻڌائي ۽ سورنهن آنا سچي ٻڌائي.

جيڪڏهن انهن ڳالهين تي توجهه ڏئي ها ۽ يونيورسٽيءَ ۾ لچ لوفر کي ويجهو اچڻ نه ڏئي ها، ته جيڪر پاڻ کي ڏکيو ڪونه ڪري ها. پر، افسوس ته هن ڀٽي صاحب جي مشوري کي وساري ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان نڪتو ته دل شڪسته هو.

سکر هليو ويو. وڪالت شروع ڪيائين. پر، دل ڪانه لڳس. بلڪ، دل جي تڪيلف ٿيس. علاج لاءِ ڪراچيءَ آيو ۽ تادم حيات اتي ئي رهيو. مان حيدرآباد مان اسلام آباد ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ هليو ويس، پر، مهيني ماسي ڪراچيءَ ايندو هئس. اياز ڪراچيءَ ۾ آتم ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي. ان ۾ ٿر جو احوال لکندي، مون کي سڪ سان ياد ڪيائين:

”ربانيءَ کي سفر ۾ ڏاڍو ياد ڪري رهيا هئاسين. هن جي خوش طبعي، دوستي ۽ اجهل آجيان! مان وڪالت ۾ ڪافي ڪمائيندو هوس. پر، جي مان پنجاهه خرچ ڪندو هئس ته هو پنج رپيا ضرور خرچ ڪندو هو، پوءِ توڻي کيسي ۾ کيس هوندا ئي پنج رپيا هئا. بيحد خوددار، حساس ۽ سيماب صفت دوست.“

اهو ذڪر گهر واريءَ سان ڪيم. ٻڌي، مون کي چيائين ته، ”ڪنهن زماني ۾ تنهنجو دوست هو. هاڻي بيمار آهي. تون پڇڻ وڃينس.“ منهنجي گهرواري خالص ڳوٺاڻي گهريلو عورت آهي. سندس دنيا پنهنجي گهر ۽ ٻچڙن تائين محدود آهي، پر الله سائينءَ عقل ڏنس، سو مون کي سٺي صلاح ڏنائين. مان وري سرڪاري ڪم سان ڪراچيءَ ويس ته، هڪ ڏينهن ”آواري ٽاورس هوٽل“ مان سٺو ڪيڪ ورتم ۽ اياز جي فلئٽ تي هليو ويس.

اهو ڏينهن اياز ڪاڻ عيد جو ڏينهن هو. اسان جون شڪايتون ختم ٿي ويون. وري يار ٿي وياسين.

ڪراچيءَ ۾، ڪجهه وقت، پاڻ روزانيءَ ”برسات“ جو ايڊيٽر هو. سندس چوڻ تي، کيس اخبار لاءِ مضمون به لکي ڏنم. ڏاڍا وڻيس. هر ڀيري مون کي ڪلفٽن تي ”چائنا ٽائون“ ۾ وٺي ويندو هو. گڏجي ماني کائيندا هئاسون ۽ اڳي وانگر دنيا جهان جي هر موضوع تي ڳالهيون ڪندا هئاسون. ڪنهن ڏينهن، گفتگو دوران، خبر ناهي ته ڪهڙيءَ ڳالهه تي مون سندس ئي شعر پڙهيو: ”سڀ سانگ سجايو آ پيارا.“

اهو ٻڌي، مون کي ڏاڍي ڏک سان چيائين ته: ”سڀ سانگ ُ سجايو ڪونهي.“

اتي سمجهيم ته اياز گهڻو بدلجي ويو آهي!

جڏهن سڄيءَ عمر جا پيارا دوست اکيون ڦيري ڇڏن ٿا. معاشري ۾ نيڪ ۽ بد جا معيار ئي بدلجي وڃن ٿا. ڪارو ۽ ڪميڻو ڪنڌ کڻي ٿو. ڪائو ڪچ اگهامي ٿو، ماڻڪ موٽي اچن ٿا، تڏهن غيرتمند ۽ باضمير انسان کي چؤطرف مايوس ڪندڙ سناٽو نظر اچي ٿو!

اياز نئين نسل جو هيرو هو. پر، ڀُٽو صاحب، کيس استعمال ڪري ويو. اياز سياست جي ميدان ۾ نئون نئون پير پاتو هو. ڀُٽو صاحب انهيءَ ميدان جو شهسوار هو.اياز سندس هڪڙي سَٽَ به سهي نه سگهيو.

ڪنهن يوناني ديوتا لاءِ قصو مشهور آهي ته هر ڀيري هرڪيولس کيس ڀاڪر ۾ کڻي زمين تي ٿي اڇليو، پر، هو اڳي وانگر ٽپو ڏيئي، اچي ٿي ساڻس اٽڪيو. هرڪيولس کي رمز سمجهه ۾ اچي ويئي. هڪ دفعي کيس مٿي کنيائين ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي ڪونه اڇلايائين. هو گهڻئي ڦٿڪيو، پر هرڪيولس کيس مٿي جهلي بيٺو رهيو. نيٺ اهو ديوتا رجڻ لڳو ۽ ڦڙو ڦڙو ٿي سندس جسم ڳرندو ويو. اهو پهلوان ڌرتيءَ مان سگهه حاصل ڪندو هو. زمين تي ڪرندو هو، ته نئون سنئون ٿي اٿندو هو.

اياز جي طاقت ۽ توانائيءَ جو مرڪز، سنڌ جو نئون نسل هو. انهيءَ کان وڇڙيو، ته اڪيلو ٿي ويو. پوين سالن ۾، ڪراچيءَ ۾ سندس رهائش دوران ڪي ٿورا گهڻا سنڌي اديب وٽس ڀيرو ڀريندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ادبي جلسن ۾ به سڏيندا هئس، پر اهو فقط سندس اڳوڻي اميج جو اثر هو.

اياز، زندگيءَ جو پويون پهر گوشهءِ تنهائيءَ ۾ گذاريو. خاموشيءَ سان، ڪنڊ ۾ ڪتاب لکندو رهيو، پر ڪن ”سنڌي سٻاجهڙن“ کي انهيءَ تي به ساڙ ٿيو. سندس خوبيون ڇڏي، خاميون تلاش ڪيائون. مٿس لقب لاتائون. سنڌي سٻاجهڙا جو ٿيا!

اياز مون کي  چيو ته، ” مان جن ڏينهن ۾ سنڌ سان محبت ڪرڻ ڪري جيل ڪاٽي رهيو هئس، تڏهن اهي سرڪار جا پئسا کائي رهيا هئا. ڪن ته بعد ۾ انهيءَ ڏوهه ڪري جيل به ڪاٽيا. هاڻي وڏا محبِ وطن آهن. سنڌ جي ثقافت جا وارث آهن.“

مون چيو ته، ”سنڌ ۾ جاگيردارانه معاشرو آهي.“

اياز چيو ته،  ”مڊل ڪلاس جو رشوتي ڪامورو وڏيري کان به وڏو رهزن آهي.“

اياز منظر قاضيءَ کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ سندس دل جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو:

”پيارا ڀاءُ منظر!

من ڏاڍو منجهي پيو آهي. ڪراچي کائڻ ٿي اچي. دوست سڀ بي سبب مُنهن موڙي ويا آهن. صحت هاڻي ڪجهه چڱي ٿي آهي، وچ ۾ ڏاڍي ڪمزور ٿي وئي هئي. اوهان جو ۽ ٻين دوستن جو احسانمند آهيان. دراصل، مون ايتري بي قدري ڏٺي آهي، جو بي حس ٿي ويو آهيان. هن ”بيقدريءَ سنڌ“ جي ڪهڙي شڪايت ڪجي!“

هڪ دفعي ڏک مان چيائين ته، ”علي احمد بروهيءَ سان سکر جي زماني کان چاليهارو سال سنگت هئم. هاڻي منهنجي پاڙي ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندو آهي. هڪ ٻه ڪتاب لکيائين، پر ڪنهن ليکيس ئي ڪونه! ڪمشنر مسرور حسن کي خوش ڪرڻ لاءِ چوٿين مارچ تي سنڌي شاگردن سان جيڪا غداري ڪئي هئائين، سا، هر ڪنهن کي ياد هئي.

تازو حيدرآباد جي هڪ بدنام سنڌي اخبار ۾ بيان ڏنائين ته، ”اياز غلط سنڌي ٻولي لکي ٿو. منهنجو وس پڄي، ته جيل ۾ وجهايانس.“

اياز ناساز صحت ڪري هونئن ئي ڪمزور هو، پر پراڻن دوستن جي انهيءَ روش ڪري هيڪاري نستو ٿي ويو.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ هڪ دفعي مون سان ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي. هوائي جهاز ۾ گڏ، لاهور پئي وياسون. ملتان جي مٿان هئاسون ته پاڻ ڪنهن اونهيءَ سوچ ۾ هو. اوچتو ڪنڌ ورائي چيائين: ”رباني، ٿڪبو آهي ماڻهوءَ جو خيال. جسم جو ٿڪ ته ڪا ڳالهه ڪانهي!“- اياز به ٿڪجي پيو هو.

هڪ ڀيري مان اسلام آباد مان ڪراچيءَ آيس. اياز وٽ ويس. هتان هتان جون ڳالهيون نڪتيون. پڇيومانس ته:

”سراج ايندو آ؟“

چيائين ته، ”نه.“

مون چيو، ”نثار ميمڻ؟“

چيائين ته، ”نه.“

مون چيو: ”پليجو؟“

چيائين ته، ”نه.“

مون چيو: ”سوڀو؟“

چيائين ته، ”ڪڏهن، ڪڏهن.“

مون چيو: ”پراڻن دوستن مان ڪير ايندو آ؟“

چيائين ته، ”ابراهيم ۽ جمال ابڙو.“

ٻئي ڄڻا خاموش ٿي وياسين. خاموشيءَ کي پنهنجي زبان ٿئي ٿي، پر، ڏاڍي ڏکوئيندڙ !

پيپليس پارٽيءَ جي حڪومت اياز کي تمغو ڏنو. مون کي فون ڪيائين، ته اسلام آباد ايندس. مون چيو ته، ”توکي عاليشان هوٽل ۾ رهائيندس.“

چيائين ته، ”گهر ۾ ڇو نه؟“

مون چيو ته، ”منهنجو گهر غريباڻو آهي. ڀلي اچي ٽِڪ“

اسلام آباد آيو، ته نبي بخش کوسي جي گهر ٽڪيو. هو پاڻ ڪراچيءَ ويل هو. اياز سمهندو اتي هو ۽ ناشتو به اتي ئي ڪندو هو. باقي سڄو ڏينهن ۽ چڱيءَ چڱيءَ رات تائين منهنجي گهر  ۾ هوندو هو.

مان ۽ منهنجي گهر واري ساڻس گڏجي ”ايوانِ صدر“ ۾ تمغو وٺڻ وياسين. اها تقريب ”ڪرسٽل هال“ ۾ ٿيندي آهي. وڏن وڏن ماڻهن کي مدعو ڪيو ويندو آهي. سندن خوبصورت خواتين زرق برق لباس ۾ اينديون آهن. چؤطرف حُسن جا تجلا ۽ خوشبوءِ جون هٻڪارون هونديون آهن. بجليءَ جي چمڪ دمڪ ۾، وڻندڙ منظر نظر ايندو آهي. تقريب پوري ٿيڻ کان پوءِ مهمان ڇت تي چاءِ پيڻ هلندا آهن.

صدر، وزير، امير، سفير ۽ حڪومت جا اهم اراڪين به هوندا آهن. جنرل نصيرلله خان بابر آيو ۽ اياز کي مبارڪباد ڏنائين. ڪجهه دير کان پوءِ، نواب يوسف ٽالپر اچي مليو، اياز کي وڏيءَ سڪ سان مبارڪ ڏنائين ۽ مون کي ملاقات لاءِ دعوت ڏنائين. ان رات، اياز ڏاڍو خوش هو. مون اسلام آباد جي ”گريٽ وال“ چيني هوٽل ۾ سندس اعزاز ۾ ڊنر ڏني. ٻئي دفعي ڪراچيءَ ويس ته حسبِ دستور، سندس فلئٽ تي ويس. گهر واريءَ کي چيائين ته، ”بيڊ روم ۾ سڏ ڪرينس.“

اندر ويس، ته پاڻ پلنگ تي ليٽيو پيو هو، پر، هڪڙي ٿڪل، اڪيلي ۽ اداس انسان وانگر! کيس انهن يارن جو قرب کپندو هو، جن سان هن سڄي عمر گڏ گذاري هئي. پنهنجي اردگرد، نوجوان شاگردن جا ٽولا ڏسڻ ٿي گهريائين، جن لاءِ چيو هئائين ته: ”رُتِ آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.“

گهر واريءَ کي چيائين ته، ”مون کي ماني ڏي ۽ ربانيءَ کي چاءِ.“

گهر واري ماني کڻي آيس: گوگڙن جي ڀاڄي ۽ ٻه اڻڀيون ڊڳڙيون. مون کي اهي ڏينهن ياد آيا، جڏهن سکر وٽس ويندو هوس، ته سندس گهر واري ڀاڀي زرينه ماني موڪليندي هئي: ڀُڳَل گوشت جو ٻوڙ، قيمي جون ٽڪيون، تريل مغز، ڪڪڙ جو ٻوڙ، سيئل مڇي، ڪوفتا، ڀاڄي، ڪيسري پلاءُ، ڦارهن جو شربت ۽ ميوات.

اياز ٻڌايو ته طبيعت ٺيڪ ڪانهي. ڊاڪٽر فقط سائي ڀاڄي کائڻ لاءِ چيو آهي. مون محسوس ڪيو ته، ”سرڪاري تمغو“ اياز لاءِ طاقت ۽ توانائيءَ جي انجيڪشن ثابت ڪونه ٿيو.

اسلام آباد موٽيس، ته مرڪزي حڪومت جي اعليٰ عملدار ۽ سنڌي اديب جي حيثيت ۾ نصيرالله بابر کي باضابطي سرڪاري پئڊ تي ليٽر لکيم ته، ”اياز چاق ڪونهي. اوهان بيرون ملڪ سندس علاج جو بندوبست ڪريو ۽ ان سلسلي ۾ مهرباني ڪري محترمه وزيراعظم صاحبه کي سفارش ڪريو. بلڪ، منهنجو هي خط به موڪليوس.“

هن ڇا ڪيو ۽ ڇا نه ڪيو، سو معلوم ڪونهي، پر، جڏهن ٻئي دفعي اياز سان مليس، ته پهرين ڳالهه اها ڪيائين ته، ”ڪالهه اوچتو عبدالله شاهه گهر آيو ۽ تڙ تڪڙ ۾ ڪاغذ تي درخواست لکائي، ان مهل ئي چئن لکن رپين جو چيڪ ڏئي ويو.“

اهو ٻڌي، مون بريف ڪيس مان کيس جنرل نصيرالله خان بابر ڏانهن لکيل پنهنجي خط جو نقل ڪڍي ڏنو. پڙهي، چيائين ته، ”اڙي يار، اهو ڪم تو ڪيو هو ڇا!“

ڪنهن زماني ۾  سنڌ سرڪار وٽان به کيس مالي مدد ملي هئي.

ان ۾ مسز مهتاب راشديءَ جي ڪوشش شامل هئي.

پئسو گهڻا ئي غم دور ڪري ٿو، پر پئسو سڀ ڪجهه ڪونهي. انسان کي حقيقي خوشي ۽ راحت وري به ٻئي انسان جي قرب ۽ محبت مان ملي ٿي. اڪيلائي وڏو عذاب آهي. حاڪم جڏهن ڪنهن تي ڪاوڙبا آهن، ته کيس ”قيدِ تنهائي“ جي سزا ڏيندا آهن. هڪ دفعي اياز مون کي پاڻ ٻڌايو هو، ته هيمنگوي جي ڪنهن ناول ۾ ٽي باغي ڪنهن هنڌ، سرڪاري فوجن جي گهيري ۾ اچي وڃن ٿا. مشين گنون مٿن ڪڙڪنديون رهن ٿيون، پر هو پهاڙ جي دامن ۾ آهن. هڪڙو ڄڻو ڪنهن حيلي سان دشمن کان لڪي، ڀڄي وڃي ٿو. رات گذري ٿي. سج سنئون ٿئي ٿو، ته مشين گنون وري ڪڙڪا ڪن ٿيون. اوچتو هو موٽي اچي ٿو. سندس ٻه ساٿي حيران ٿي، کانئس پڇن ٿا ته، ”تون هن دؤزخ ۾ وري ڇو موٽي آئين؟“

هُو ڀريل گلي سان کين جواب ڏئي ٿو ته، ”اوهان کان سواءِ قرار ڪونه آيو.“

هڪ ڏينهن ڪراچيءَ آيس ته اياز سان ملڻ ويس. سندس فلئٽ کي ٻه لوهي در آهن، جيڪي بند رکندو هو.

”ڪير آن؟“

”رباني.“

ٺپ ٺپ ڪندو آيو. در کوليائين. حسبِ دستور، اسان سندس اسٽڊيءَ ۾ وڃي ويٺاسين. مون کيس اداس ڏٺو. چوڻ لڳو ته، ”ابراهيم ايندو آهي، پر هن ڀيري الائي ڇو ايڏي دير ڪئي اٿس!“

ڪراچيءَ ۾ اياز جو فلئٽ ڪلفٽن برج وٽ هو.اتان سمنڊ ايڏو ويجهو ڪونهي. پر، ايڏو پري به ڪونهي.اياز ڳالهائي رهيو هو، ته مون سمنڊ جو آواز ٻڌو. ڏاڍو اونهو ۽ پُراسرار. ڄڻ ته ڪو اجگر گجي رهيو هو. ننڍي هوندي وڏڙن کان ٻڌو هوسون ته سمنڊ جو ٻيو پار ڪنهن به ڪونه ڏٺو آهي. جڏهن وڏا ٿياسين. ته خبر پئي ته پئسفڪ سمنڊ جي ڪنارن تي هي ملڪ آهن ۽ ائلانٽڪ سمنڊ جي ڪنارن تي هو ملڪ آهن. سو، دل ۾ چيم ته پوءِ وڏڙا ڪيئن چوندا هئا، ته سمنڊ جو ٻيو پار ڪنهن به ڪونه ڏٺو آهي! پر، انهيءَ ڏينهن، اياز جي گهر، مون جنهن سمنڊ جو آواز ٻڌو، اهو واقعي ”بحرِ بيڪنار“ هو. ڀٽائي ياد آيو. مون سندس لافاني نغمو علڻ فقير جي آواز ۾ ٻڌو هو:

ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنڀاهيا،

ان کي مند اتر جي، اوچتي آئي،

وڻجارن وائي، آهي پرئين پار جي.

اياز پرئين پار وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو ۽ وري وري مون کان پڇي رهيو هو ته، ”ابراهيم ايندو آهي. پر، هن ڀيري الائي ڇو دير ڪئي اٿس؟“

سج لهڻ وارو هو. پر، اياز کي هند ۽ سنڌ کي ”الوداع“ چوڻ کان اڳ ابراهيم کان موڪلائڻو هو.

مشاهيرن جي موت تي ماڻهن کي سخت صدمو رسندو آهي، ڇو ته سندن ذهن کين ”لافاني“ سمجهندو آهي. شاهه سائينءَ جي هاڪاري سوانح نگار ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ يا ٻئي ڪنهن لکيو آهي ته جڏهن وفات ڪيائين ته، سندس ڪي فقير صدمي جي سٽ سهي نه سگهيا، فوت ٿي ويا.

شيڪسپيئر جو قول آهي ته گداگر مرندا آهن، ته آسمان ۾ تارا ڪونه کڙندا آهن. پر، جڏهن قومن ۽ ملڪن جا شاهه ۽ شهنشاهه مرندا آهن، ته بادشاهين ۾ ٽاڪوڙا پوندا آهن ۽ ڌرتيءَ تي زلزلا ايندا آهن- اياز جي وفات به سنڌ ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org