مون کي اهو به پڪيءَ طرح معلوم آهي ته مخدوم صاحب
جي گهڻي ۾ گهڻي قرب ۽ محبت
ڪنڊياريءَ واري غلام حيدر وساڻ مرحوم سان هوندي
هئي.
ماڻهن ۾ اهو ئي شخص مقبول بلڪ هردلعزيز ٿئي ٿو،
جنهن جو اخلاق اعليٰ آهي. مخدوم صاحب اعليٰ اخلاق
جو مثال هو. ننڍي وڏي سان هڪجهڙو هوندو هو. منجهس
پيرن ۽ شيخن مشائخن وارو مخرج ڪونه هوندو هو. سنڌ
۾ ڪن پيرن جي خاندانن متعلق موجوده دؤر ۾ ڪيئي
خرافات ٻڌبيون آهن. رڇ ۽ سوئر تي ڪتا بَڇائڻ ته
سندن خاص شوق ۽ شعل آهن، پر ڪن هنڌن تي پيرن جي
خاندانن جي نئين نسل ته شراب نوشيءَ ۽ بدڪاريءَ ۾
به نالو ڪڍيو آهي. اڃا به ٻين وري سنڌ ۾ اتر جي
پاسي ملڪيت جي تڪرار ڪري هڪٻئي کي مسجدن ۾ به
بندوقون هنيون آهن. اهي سڀ ڳالهيون اخبارن ۾ به
آيون آهن ۽ زبان زد عام خاص آهن. اهڙن پيرن ۽
درگاهن سان ماڻهن جي جيڪا دلي محبت ۽ عقيدت هوندي،
سا به هر ڪنهن کي ساري پئي آهي! منجهن جيڪا ڪاني
ڪرامت آهي، سا به خلق رات ڏينهن ويٺي ٿي ڏسي!
هڪ طرف اسان وٽ صورتحال اها آهي، ٻئي طرف مخدوم
صاحب جا ٻئي پٽ وڏو شاهه محمود قريشي توڙي ننڍو
ڀاڻس اسان ڏٺا ۽ سندن ڳالهيون ٻڌيون. مخدوم صاحب
سندن تربيت
ائين ڪئي، جو پاڻ پنهنجي زمينن ۾ وڃي ٽريڪٽر
هلائيندا هئا. خانداني تربيت جا ماڻهوءَ جي ذهن تي
وڏي هوندي گھرا اثر ٿين ٿا. جيڪو لاڏلو ۽ دادلو ٿي
پلبو، سو وڏي هوندي به ڪونه سُڌرندو.
مخدوم صاحب جي اهليه مرحومه جنرل شير عليءَ جي
خاندان مان هئي. سندس رحلت
کان پوءِ مخدوم صاحب ٻي شادي ڪانه ڪئي. اسان وٽ
ورلي ڪو اهڙو هوندو، جنهن ايڏي اخلاق جو مظاهرو
ڪيو هوندو. هونئن اسلامي شريعت ۾ ته چئن شادين جي
به اجازت آهي.
انگريزن جي زماني ۾، سر رڊلي سنڌ ۾ ڪليڪٽر ۽
روينيو ڪمشنر ٿي رهيو هو. سنه 1976ع ۾ مان سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانسيلر هئس ته سنڌ گهمڻ
آيو. ٻڍو ٿي ويو هو، پر اڃا اٿڻ ويهڻ ۾ کڙو تڙو
هو. زال کي به ساڻ وٺي آيو هو، اها به ٻڍي ٿي وئي
هئي، پر، وڏي ڳالهه ته ٻنهي اکين کان ويهي وئي
هئي. صفا ويچاري انڌي هئي. سنڌيءَ ۾ عام پهاڪو آهي
ته، ”انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين!“ پر، رڊلي جي
اخلاق کي آفرين ڏجي، جو انڌيءَ زال کي به سنڌ گهمڻ
لاءِ ساڻ وٺي آيو. کيس اُٿاريندو وهاريندو به پاڻ
هو. مون سان آفيس ۾ ملڻ آيا. ڏٺم ته ڪيڪ پيسٽري
ڪٽي، ٽڪرا ڪري، پليٽ ۾ وجهي ڪانٽو هٿ ۾ ڏنائينس ته
کائڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿئيس. اهو لقاءُ ڏسي مون دل ۾
چيو ته، ”جيڪڏهن انگريزن اڌ دنيا تي حڪومت ڪئي ته
هُو واقعي ان جي لائق به هئا.“
منهنجي نياڻي پنهنجي مڙس سان گڏ انگلينڊ، ڪمپيوٽر
سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ وئي آهي. تازو مهيني کن
لاءِ آئي هئي. پڇيومانس ته، ”هِتان جي ماڻهن ۽
ملڪ“ جي اُتان جي ماڻهن ۽ ملڪ ۾ ڪهڙو مکيه فرق
آهي؟ اول ته تڪڙ ۾ جواب ڏنائين ته، ”هِتان جي دنيا
ٻي آهي، اُتان جي ٻي آهي، ٻه جدا جهان آهن.“ گهڙي
رکي چيائين ته، ”مکيه فرق، مون کي ته هي نظر آيو
ته ”انگريز ڪوڙ ڪونه ٿا ڳالهائن. ڪوڙ ڳالهائڻ سندن
سمجهه کان مٿڀري ڳالهه آهي. ڇا به ٿي پوي، سچ
ڳالهائيندا. ان ڳالهه جي پرواهه ڪونه ڪندا ته سچ
ڳالهائڻ ڪري، مون کي فائدو ٿيندو يا نقصان؟“
قبلا علامه آءِ.آءِ.قاضي به ساڳي ڳالهه ڪندو هو.
پر، چوندو هو ته، ”انگريز جڏهن سئيز واهه ٽپي هن
طرف اچي ٿو ته پنهنجا سڀ اخلاقي قدر ڇڏي اچي ٿو.“
مخدوم سجاد حسين قريشي انگلينڊ مان اعليٰ تعليم
پرائي آيو هو يا نه، اُنهيءَ ڳالهه جي مان نه
ترديد ڪري سگهان ٿو نه تصديق. پر، ايترو اعتماد
سان چئي سگهان ٿو ته هو انگريزي ايتريءَ ئي
روانيءَ سان ڳالهائيندو هو، جيتري اُردو. سرائڪي
ته سندس مادري زبان هئي، پر سنڌيءَ ۾ به ڳالهائي
ويندو هو. سنڌي سمجهندو ته رپئي مان سؤ پئسا هو.
هڪ دفعي ڪو
ٿر
جي پاسي ويو هو. مان ساڻس ملتان ۾ مليس ته، ڏاڍي
ڏک مان چيائين ته، ”رباني، ٿر ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو
پيئڻ جو پاڻي آهي. ويچارين جوان نينگرين جي ڄمار
پيئڻ جي پاڻي آڻڻ ۾ گذري وڃي ٿي. فجر جو گهڙا کڻي
وڃن. پهر ڏينهن گذري، ته موٽي اچن. شام جو وري کڻي
وڃن. سانجهيءَ ڌاران موٽن.“
ملتان ۾، پهرينءَ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي عام
دستور موجب، مون کي به لفافو ڏنائين، پر مون نه
ورتو. ٻانهون ٻڌيون مانس. تڏهن سرائڪيءَ ۾ چيائين
ته، ”ڀلا، پاکر کڻي اچان.“
”پاکر“ ٺيٺ سنڌي لفظ آهي. مخدوم صاحب کي سنڌي ڪلچر
تي وڏو درڪ هو.
غوث جي عرس ۾ اسي سيڪڙو ماڻهو سنڌ مان ايندا هئا.
انهن ۾ عام ماڻهو به هوندا هئا، ته بيٺل سکيا
ستابا به هوندا هئا. غريب ماڻهن جي سنڌ مان ملتان
ڏي اچ وڃ جي سهولت لاءِ سرڪار کي خاص ريل گاڏيون
هلائڻيون پونديون هيون. مخدوم صاحب ٻڌايو ته اُنهن
زائرين کان علاوه، غوث جي مريدن جو هڪ ٽيون به وڏو
تعداد آهي، جيڪو سنڌ جي مختلف ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن
مان پيادل ملتان ايندو ويندو آهي. اُهي ”پانڌي“
سڏبا آهن. گهران ڪڻڪ جي ٿُلهي اَٽي جا مٺا روٽَ
پچرائي، سفر جي ثمر طور ساڻ کڻندا آهن. سندن سفر
جون راهون ۽ رستا مقرر هوندا آهن، جن تي منزلون
هڻندا، ساهي پٽيندا، نيٺ ملتان پهچندا آهن. مخدوم
صاحب اُنهن پانڌين جي غوث پاڪ سان عشق ۽ عقيدت جو
ڏاڍيءَ سڪ سان ذڪر ڪندو هو. مون ننڍپڻ ۾ اهي پانڌي
ڏٺا. ڏهن ٻارنهن ورهين جو ٻار هئس. نوشهري ضلعي جي
ڪنڊياري تعلقي ۾ اسان جي ڳوٺ آڳرن کان ميل پنڌ جي
مفاصلي تي محبت ديري جتوئيءَ جو ننڍو شهر آهي.
منجهس انگريزي تعليم لاءِ مڊل اسڪول هوندو هو،
جيڪو هندن پنهنجي هڙان خرچ ڪري ٺهرايو هو. اها
پاڪستان ٺهڻ کان سال کن اڳ جي ڳالهه آهي. مان به
روزانو پنهنجي ڳوٺ مان ٻين ٻارن سان گڏ انهيءَ
اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هئس. غالباً انگريزي ٻئي درجي
۾ هئس. تڏهن سنڌي چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ
انگريزيءَ جي پهرئين درجي ۾ داخلا ملندي هئي، پر
ٻار جي پيڙهه پڪي ڪرڻ لاءِ سنڌي چئن درجن کان هڪ
سال اڳ ”ٻاراڻو درجو“ به پڙهائيندا هئا. انگريز
ويا ته اهي قاعدا قانون ختم ٿي ويا. پاڪستان جي
شروعاتي سالن ۾ وري به تعليم جو ڀرم قائم هو، پر
ويجهيءَ ڇڪ ۾ سنڌ ۾ تعليم جو رڳو نالو وڃي بچيو.
هڪڙي ڏينهن ٻين شاگردن سان گڏ، اسڪول پوري ٿيڻ کان
پوءِ، واپس ڳوٺ پئي ويس ته شور ٻڌڻ ۾ آيو. ڪنڌ
ورائي پوئتي جو ڏسون ته ڊنب ماڻهن جو آهي، جيڪي
پيرين پيادو پيا اچن. پر، نڪي ته وک وک ۾ ۽ نڪي
وري ڊوڙ پيا اچن. ڇوها ڇوها پيا اچن ۽ رکي رکي
نعرو پيا هڻن: ”دمبهو“. سندن نعري جو آواز ڏاڍو
سُريلو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، ماڻهن جو اهو ڊنب
اسان کي اچي سڻائو ٿيو. اسان ٻار دَڳَ سان پاسو
وٺي بيٺاسون. ڊنب ۾ سڀ غريب ماڻهو هئا ۽ پيرين
اگهاڙين هئا. ڪلهن تي هر ڪنهن کي هڪ ننڍڙي ڳنڍ ٻڌل
هئي. جڏهن اُهو ڊنب اڳتي لنگهي ويو، تڏهن ڪنهن
ڳالهه ڪئي ته ”غوث جا پانڌي“ آهن، عرس تي ملتان
وڃي رهيا آهن.
انهيءَ کان مهينو ماسو اڳ مان اسڪول مان گهر
موٽيس، ته ٻيپهريءَ جي مهل پاڙي اوڙي جي زالن جو
ڊنب پنهنجي گهر جي ويرانڊي ۾ ڏٺم. سڀ پاسي وارن
غريباڻن گهرن جون هارين جون زالون هيون، ٺڪر جي
اُکريءَ جي چوڌاري مُهريون کنيون بيٺيون هيون، جن
سان منجهس ڪجهه ڪُٽي رهيون هيون. پوءِ خبر پيم ته
غوث جا روٽ پچائڻ لاءِ اُکريءَ ۾ ٿُلهي اَٽي يا
ڪڻڪ جي سَنهي ڏاري ۾، ڳُڙ، سونف ۽ ٻيون شيون وجهي
ڪُٽي رهيون هيون. جڏهن ڪُٽي بس ڪيائون ته تَئي تي
ٿُلها روٽ پچايائون. مون به روٽ جو ٽڪرو کائي ڏٺو،
ڏاڍو سوادي هو.
ملتان ۾ مخدوم صاحب جي رهائشگاهه ”دولت گيٽ“ وٽ
هوندي هئي. هڪ وڏي سنڌي سليمي نموني جي ٻه ماڙ
جاءِ هوندي هئي. ٻاهران سادي هئي، پر اندر ڄڻ ته
محلات هئي! منجهس بيشمار ڪمرا هئا، جي محلات جي
ڪمرن وانگر سينگاريل هئا. ملتان ۾ ”شيشا ڪاري“ جو
ڪم ٿيندو آهي. ننڍا ننڍا شيشا، ڪنهن مسالي ۾
ملائي، ڀتين تي پلستر ڪن ٿا. ڀِت لسي به ٿئي ٿي ۽
منجهس لڳل شيشا ڏاڍا سهڻا به لڳن ٿا. مخدوم صاحب
جي رهائشگاهه جو هيٺيون طبقو مهمان خانو هوندو هو،
جنهن ۾ وڏي خوبصورت ڊرائنگ ۽ ڊائننگ هال سان گڏ
بيڊروم هوندا هئا. مهمان خاني جي سڀني ڪمرن ۾
غاليچا وڇايل هوندا هئا، جن جي مٿان نهايت نفيس ۽
قيمتي فرنيچر پيل هوندو هو. رهائشگاهه جي مٿئين
طبقي ۾ سندس فيملي رهندي هئي.
مخدوم صاحب جي مهمان خاني ۾ سندس سُکيا ستابا
معتعقد ۽ مريد
به ڪونه رهندا هئا، ورلي ڪي شخص هوندا، جن کي اهو
شرف حاصل ٿيندو هوندو. ليڪن، مخدوم صاحب، پير صاحب
۽ مون کي انهيءَ مهمان خاني جي بيڊ روم ۾ ٽڪائيندو
هو. اسان واري بيڊ روم ۾ ٻه پلنگ ۽ هڪ صوفا سيٽ
رکيل هوندو هو. فرش جي مٿان غاليچي تي پيلي ۽
ڳاڙهي رنگ جا وڏا سهڻا گل هوندا هئا. سڀ بيڊ روم
هوادار ۽ روشن هوندا هئا. اسان جي پاسي ۾ جيڪو بيڊ
روم هو، تنهن ۾ وري بلو رنگ جو غاليچو وڇايل هو،
ڪمري جي وچ ۾ بلو رنگ جو ڊبل پلنگ ۽ صوفا سيٽ رکيل
هو، جنهن تي به بلو رنگ جي ”شيشا ڪاري“ جو ڪم ٿيل
هو. ڪمري جي چئني ڀتين تي به بلو رنگ جي ”شيشا
ڪاري“ جو ڪم ٿيل هو.
اسان واري بيڊ روم جي اڳيان، ”ڪاريڊور“ جي نموني
تي، هڪ قسم جو ڪمرو هو، جنهن ۾ سامهون اندر اچڻ جو
دروازو هو ۽ پاسن کان صوفا سيٽ رکيل هئا. مخدوم
صاحب ڏينهن جو اُتي عام خاص ماڻهن سان ڪچهري ڪندو
هو. ڪاريڊور واري ڪمري جي هڪ پاسي ڊرائنگ روم
هوندو هو، جنهن ۾ مخدوم صاحب فقط خاص خاص ماڻهن
سان ڪچهري ڪندو هو، پاڻ غاليچي تي فرشي نشست ڪندو
هو. سامعين سندس چوڌاري طول وهاڻن تي ٽيڪ ڏئي
وهندا هئا. هونئن ٻنهي ڪمرن ۾ قيمتي ۽ نفيس فرنيچر
پيل هوندو هو. ڊرائنگ روم جي ڪاريڊور واري ڪمري جي
سامهون واري پاسي سان ڊائننگ روم هوندي هئي، جنهن
۾ ويهارو کن ماڻهن جي ضرورت جيتري ڊگهي ڊائننگ
ٽيبل پيل هوندي هئي. اُتي ئي مخدوم صاحب اسان سان
گڏ روزانو ماني کائيندو هو. بعد ۾ هڪ دفعي مون
انهيءَ ڊائننگ روم ۾ مخدوم صاحب جي هڪ خاص دعوت ۾
لنچ کاڌي، جنهن جو مکيه مهمان صدر جنرل ضياء الحق
هو. ڪن مهمانن ڪرسين تي ويٺي ماني ٿي کاڌي ته ڪن
وري انگريزي اسٽائيل تي بيٺڙ ٿي کاڌي. مخدوم صاحب
انهيءَ دعوت ۾ پاڻ ڪبابن جو ڊش کڻي هر ڪنهن کي
ڏيندو، جڏهن مون وٽ آيو ته مون کيس چيو ته،
”سائين، اوهان پاڻ ته ماني کائو ئي ڪونه ٿا.“ مرڪي
انگريزيءَ ۾ جواب
ڏنائين
ته، ”هن عمر ۾ (ساٺيڪو سال) مان اهڙي ڳوري ماني
کاوان ته پنهنجي قبر ڏندن سان کوٽيندس.“
عرس جي موقعي تي رهائشگاهه جو سڄو آڳر (جو شاميانن
سان ڍڪيل هوندو هو) ۽ ويرانڊو، ٻئي ماڻهن سان ڀريل
هوندا هئا. اُنهن جي آمهون سامهون روڊ جي ٻئي پاسي
ٺهيل ٻئي نمبر مهمان خاني ۾ ٽڪيل ماڻهو رکي رکي
”غوث جا دمبها“ هڻندا رهندا هئا.
هڪ دفعي مخدوم صاحب اسان کي سمجهايو ته اهو نعرو
”دمبهو“ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. پر اصل ۾ چون ٿا ته ”مدد ڪر
يا غوث بهاول الحق“ سُرَ ۾ اکر اهڙا ته گڏي چون
ٿا، جو اسان کي ”دمبهو“ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. چيائين ته
غوث جا پانڌي، عرس جي موقعي تي، سنڌ جي ڳوٺن ۽
ننڍن شهرن مان غوث جا اهي ”دمبها“ هڻندا، ملتان
پهچندا آهن. مون کي سندس ڳالهه ٻڌي، ٽيهارو کن سال
اڳ محبت ديري جتوئي جي اسڪول مان ڳوٺ موٽندي،
ماڻهن جو اهو ڊنب ياد آيو، جيڪو غوث جا ”دمبها“
هڻندو رستي
سان ڇوهو ڇوهو پئي ويو.
مخدوم صاحب سان پير صاحب ۽ منهنجي محبت جي رسم و
راهه جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي. ادبي ڪانفرنس ۾
مخدوم صاحب جا خاص مهمان اسان ۽ ڪي ٻه چار ٻيا
هوندا هئا. پر، اهي اسان وانگر مخدوم صاحب سان گڏ
ماني ڪونه کائيندا هئا. مرشد جي ڪري سندس ادب ڪندا
هئا، مخدوم صاحب روزانو پاڻ سڄو ڏينهن عرس تي آيل
مريدن جي انبوهن ۾ مشغول هوندو هو. تقريباً
سومهاڻيءَ مهل آجو پاجو ٿي، اسان جي بيڊ روم ۾
ايندو هو. انگريزي محاوري ۾ ائين چئجي ته صحيح
معنيٰ ۾
Relax
ٿي ايندو هو. اول ماني کائيندا هئاسون، پوءِ بيڊ
روم ۾ ڪچهري ڪندا هئاسون.
هڪ دفعي اسان سان اندر اوريائين، چيائين ته ملتان
زرخيز علائقو آهي. هتان جي ڪپهه (Cotton)
دنيا ڀرِ مشهور مصر واريءَ ڪپهه (Egyptian
Cotton)
جهڙي عمدي آهي. پر، اسان نڌڻڪا آهيون. نه سنڌي
پنهنجو سمجهن ٿا نه پنجابي پنهنجو ڪن ٿا. پنجابين
ته ملتان جي سڄي علائقي کي هاڻي
Colonize
ڪري ڇڏيو آهي. اسان ملتاني سرائڪي ڳالهائيندڙ
ڪاٿي جا ڪونه رهيا آهيون. اقليت ۾ آهيون.
محترمه بينظير ڀُٽي اها رمز سمجهي ورتي. جڏهن وقت
آيو ته مخدوم شاهه محمود قريشيءَ جي مٿي تي هٿ
رکيائين.
مخدوم صاحب جي ڪچهري هڪ رنگ جي ڪانه هوندي هئي.
دنيا جهان جون ڳالهيون نڪرنديون هيون. هڪ دفعي تصوف
جي سلسلن ۽ پيرن فقيرن جو ذڪر نڪتو. مخدوم صاحب
چيو ته، ”رباني، پيرن فقيرن جو لهه لحاظ فقط هت
هندستان ۽ پاڪستان ۾ آهي. ايران ۽ وچ اوڀر ۾ تمام
سخت دل ماڻهو آهن. نياز نوڙت مان ڪونه ڄاڻن. تصوف
جيڪو رواداريءَ جو سبق ۽ ميٺ محبت جو درس ڏنو،
انهيءَ جا اثر رڳو اسان وٽ نظر ايندا.“ سنڌ جي
پيرن فقيرن تي تبصرو ڪندي چيائين ته، ”وٽن وڏو
”پروٽوڪال“ (Protocal)
آهي. اسان برهمڻ ڪلاس جا ماڻهو آهيون. پر، خدا جي
ته سڄي خلق قابل احترام آهي. ايڏو مخرج ڇالاءِ؟ ڇو
ٻيا انسان ڪونهن؟“
ائين ڳالهيون ڪندي ٽپ ڏئي اُٿيو. منهنجي واچ ڪا
هيٺ صوفا سيٽ وٽ ڪِري پئي هئي، سا کڻي مون کي
ڏنائين. مان سندس اعليٰ اخلاق ڏسي حيران ٿي ويس.
هو زبان سان مون کي چئي ٿي سگهيو ته، ”پٽ تان
پنهنجي واچ کڻي وٺ.“
ٻئي دفعي، وري ما ڻهوءَ جي مزاج تي شاندار تبصرو
ڪيائين ۽ سلطان باهوءَ جو مشهور ڪلام وڏيءَ لئه
سان ڳائي ٻڌايائين:
دل درياهه، سمندر ڏونگهي
ڪون دليان دا ڄاڻي؟ هُو...!
مخدوم صاحب جون پير صاحب ۽ مون سان ڪچهريون رات جو
نائين ڏهين شروع ٿينديون هيون ته ٻي ٽين وڳي رات
تائين جاري رهنديون هيون. ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ
چاءِ جي گرم گرم ڪوپ جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي.
مخدوم صاحب ڏاڪڻ تي چڙهي، مٿي گهر ويندو هو ۽ پاڻ
چاءِ ٺاهي کڻي ايندو هو. ڪنهن به نوڪر يا گهر
ڀاتيءَ کي تڪليف ڪونه ڏيندو هو. سندس ٺاهيل چاءِ ۾
عجب لطف هوندو هو. هڪ دفعي ان جو سبب ۽ نسخو
ٻڌايائين. چاءِ جي ٻن چئن سٺن برانڊن جي سُڪل پَتي
مڪس ڪندو هو. انگلينڊ جي مشهور ”ٽيٽلي ٽي- ليمن
فليور“ به منجهس ملائيندو هو. چاءِ جو تازو پاڻي
بجليءَ جي ٿرماس ۾ گرم ڪندو هو. مقرر مداءَ ۽
مقدار ۾ منجهس پتي ۽ کير وجهندو هو. اهڙي ته چاءِ
ٺاهيندو هو، جو ڍُڪ ڀرڻ سان لطف اچي ويندو هو.
چاءِ ٺاهڻ جو سنڌ ۾ اهڙو ذوق پير تراب علي شاهه کي
به هوندو هو. سائين قاسمي صاحب ٻڌايو ته هو وري
منجهس مُشڪ جو چمچو گهمائيندو هو.
مخدوم صاحب جي ڪچهريءَ جي خاص وصف اها هئي ته جنهن
موضوع تي ڳالهائيندو هو، تنهن تي معلومات جا
درياهه وهائي ڇڏيندو هو.
جڏهن مان پهريون دفعو ملتان ويس ته حيدرآباد جي
گاڏي کاتي واريءَ ”امين منزل“ ۾ رهندو هئس. منجهس
قلعي مان مٽيءَ وارو پاڻي ايندو
هو. مون کي گڙدي جا ايڏا ته سخت سور پيا جو اصل
ڪهڪائجي ويس. پير صاحب مخدوم صاحب سان اها ڳالهه
ڪئي. هن گڙدي جي سور جا مختلف سبب
بيان
ڪندي اهڙو ته معلوماتي ليڪچر ڏنو، جو چڱو ڀلو
ڊاڪٽر به ڏئي ڪونه سگهندو.
مخدوم صاحب ڪچهرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن کل ڀوڳ جون ڳالهيون
به ڪندو هو. ايڏي شگفته مزاجي مون زندگيءَ ۾ ورلي
ڏٺي. پاڻ وجيهه شڪل صورت وارو ۽ نهايت وڻندڙ هوندو
هو. پر، جڏهن کل ڀوڳ ڪندي مرڪندو هو، تڏهن ته گلاب
جو گل لڳندو هو. ڊاڪٽر شمل جي به اها ئي راءِ هئي.
مخدوم صاحب جڏهن کل ڀوڳ واريون ڳالهيون ٻڌائيندو
هو، ته هوءَ کلي کلي ساڻي ٿي پوندي هئي. پنجاب جو
گورنر هو، تڏهن به ملتان وانگر ڊاڪٽر شمل ۽ مون
وٽس راتين جون راتيون گورنر هائوس ۾ گڏ گذاريون.
ڊاڪٽر شمل جو لڳ لاڳاپو به سالن کان هئس. پر، جڏهن
هُوءَ مون سان پهريون دفعو گورنر هائوس ۾ هلي،
ساڻس ملي، تڏهن مخدوم صاحب سندس اعزاز ۾ شاندار
لنچ ڏني، جنهن ۾ پنجاب جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلين
جا ميمبر ۽ لاهور جا معزز شهري سڏيائين. چاليهارو
کن معزز مهمان هئا. سروس لنچ هئي. لنچ کان پوءِ
مهمان موڪلائي ويا ته مخدوم صاحب، ڊاڪٽر شمل ۽ مان
هڪ وڏي هال ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. لاهور جو گورنر
هائوس به پشاور جي گورنر هائوس وانگر ڀڀڪيدار آهي
۽ شاندار عمارت آهي. مخدوم صاحب ان جي تعمير جي
تاريخ بيان ڪئي ۽ هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي. چيائين
ته، ”جنهن هنڌ اسان هينئر ڪچهري ڪري رهيا آهيون،
اُتي هيٺ هڪ ڪمرو آهي، جنهن ۾ هڪ قبر آهي!“ اها
ڳالهه ٻڌي اسان ته وائڙا ٿي وياسون! پاڻ نوڪر کي
سڏ ڪيائين ۽ ”ڏاڪڻ وارو خفيه ڪمرو“ کولڻ لاءِ
چيائين. نوڪر ڪجهه دير کان پوءِ موٽي آيو ۽ چيائين
ته، ”سائين هلو.“ اڳيان مخدوم صاحب، پٺيان ڊاڪٽر
شمل ۽ مان. ٽئي گورنر هائوس جي پٺئين پاسي کان وڃي
هڪ ڪمري جي دروازي اندر داخل ٿياسين، جنهن ۾ هيٺ
وڃڻ لاءِ سنگمرمر جي هڪ ڊگهي ڏاڪڻ هئي. ڏاڪا لهڻ ۾
سولا هئا. اسان هيٺ وڃي هڪ وڏي هال ۾ داخل ٿياسون،
ايترو ئي وڏو، ويڪرو ۽ ڪشادو هو، جيتري ۾ مٿي
ڪچهري ڪري رهيا هئاسون.
لاهور ۾ جنهن شخص جهانگير بادشاهه جو مقبرو ۽
انهيءَ جي وچ ۾ هڪ هال ۾ سنگمرمر سان ٺهيل سندس
مزار ڏٺي هوندي، اهو ئي تهخاني واري هال جي وچ ۾
ٺهيل مزار جو صحيح اندازو لڳائي سگهندو. تهخانو
نڪي ته اونداهو هو ۽ نه وري اسان کي منجهس ڪا
مونجهه ٿي. منجهس مزار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه
هو. سو، ڏاڍو پراسرار ٿي لڳو.
واپس موٽي وري اچي مٿي هال ۾ ويٺاسون. مخدوم صاحب
چيو ته ”مزار جي ڪا به حقيقت معلوم ڪانه آهي. طرزِ
تعمير جي لحاظ کان ڪمرو ۽ مزار مغل دور جا ٺهيل
آهن. غالباً ان زماني جو لاهور ۾ مغلن جو گورنر يا
امير اُتي دفن ٿيل آهي. انگريزن پنهنجيءَ
بادشاهيءَ ۾ جڏهن گورنر هائوس ٺهرايو ته منجهس اهو
ڪمرو ۽ مزار به ڄاڻي ٻجهي شامل ڪري ڇڏيائون.
علامتي انداز ۾، ”سڄي مغل هندستان جي تهذيب ۽
تاريخ“ کي ”اوراقِ پارينه“ قرار ڏنائون، ۽ تهخاني
۾ بند ڪيائون.“
مخدوم صاحب اهو به ٻڌايو ته، ”هيءُ هال، جتي پاڻ
هينئر ڪچهري ڪري رهيا آهيون، سو گورنر هائوس جي
نقشي موجب، انگريز گورنرن جي ايامڪاريءَ ۾ ”بال
روم ڊانس هال“ طور استعمال ٿيندو هو. انگريز
خوبصورت منڊمون ۽ گورا صاحب اُتي عيش عشرت ڪندا
هئا، شراب پيئندا هئا، پنهنجن منڊمن ۽ محبوبائن
سان گڏ ڊانس ڪندا هئا. هال ۾ هر طرف مردن جون
مستيون ۽ حسينائن جا ٽهڪا هوندا هئا. سندن انهيءَ
شوق ۽ شغل جي ڪري، تهخاني واريءَ مزار ۾ ابدي آرام
۾ ستل مغل گورنر يا اميرَ جي روح کي راحت پهچندي
هئي يا اذيت، سو ڪيئن چئجي!“
لاهور جي گورنر هائوس ۾ مخدوم صاحب جي رهائش سان
منهنجي ٻي به هڪ يادگيري وابسته آهي. مان جنهن
ڪمري ۾ ٽڪيل هئس، ان ۾ چوڌاري سينگار جا الاهي
سامان رکيل هئا. سڀني کي غور سان ڏٺم، ڏاڍا سهڻا
هئا. پر، هڪڙي شيءِ خاص طرح ڏاڍي وڻيم. ميز تي هڪ
سُٻنڌڙي سِپَ رکيل هئي، جنهن تي شاهه ڀٽائيءَ جو
روضو اُڪريل هو. دل ۾ چيم ته سنڌ جي ڪلچر کاتي
وارا، هن قسم جون سوکڙيون ٺهرائي، ميلي ۾ ادبي
ڪانفرنس جي موقعي تي، سٺن مضمون نگارن ۽ مقررن
توڙي تقريب جي مکيه مهمان کي، ڪيمخواب جي ننڍين
دٻين ۾ وجهي ڏين، ته سٺو. پر، اها ڳالهه کين خيال
۾ ڪيئن اچي؟ لاهور جي انارڪلي بزار ۾ اها سِپَ کڻي
ويس. تصويرون فريم ڪندڙ دڪاندارن ۽ صرافن جي گهڻن
ئي دڪانن تي ڏيکاريم، پر ڪنهن به اهڙو نفيس ڪم
ٺاهي ڏيڻ لاءِ ”هائو“ ڪانه ڪئي. سو، اسلام آباد
آيس ته بئگ ۾ وجهي کڻي آيس. ارادو هو ته ڪراچيءَ ۾
ڪلچر کاتي وارن کي نموني طور ڏيکاريندس، پر موقعو
ڪونه مليو.
ستت، مهيني ماسي کان پوءِ اسلام آباد مان وري
لاهور اچڻ ٿيو ۽ گورنر هائوس ۾ وڃي رهيس. صبح جو
ناشتي کان پوءِ گورنر هائوس جو هڪ عملدار آيو ۽
ادب سان چيائين ته، ”سائين، گذريل ڀيري اوهان جي
سامان ۾ هڪ آرٽ جو پيس گڏجي ويو آهيو، سو ته
مهرباني ڪري واپس ڪندا.“ مون سندن سنڀال ۽
دانائيءَ تي داد ڏنو. پر، دل ۾ پڇتايم ته ساڻس
ڳالهه ڪري کڻي وڃان ها ته سٺو. هاڻي، هو الائي ڇا
سمجهندو؟ ٻئي دفعي امانت کيس واپس ڏنم ۽ ان سان گڏ
پنهنجي طرفان چانديءَ جي فريم ۾ شاهه سائينءَ جي
روضي جي هڪ تصوير به لاهي گورنر هائوس لاءِ تحفي
طور ڏنم.
مخدوم صاحب هڪ ڀيري گورنر هائوس ۾ ڪچهري ڪندي چيو
ته، ”رباني، مان هت هڪ ننڍو سوٽ ڪيس کڻي آيو
آهيان، ته جڏهن وڃڻو پوي ته ڪا به حسرت نه ٿئي.“
مون چيو ته، ”سائين، اوهان جي اها ئي ڳالهه سنڌي
زبان جي هڪ چوڻيءَ ۾ ٻڌي اٿم:
”مَڏِي ميرَ سهراب جي، ٻه ڏندڻَ، ٽين تَڏِي!“
مخدوم صاحب لاهور جو گورنر ٿيو، تنهن کان اڳ ملڪ
جي سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمن هو. سندس ٻنهي مقررين جو
سبب جنرل ضياء هو، جو ملتان ۾ ڪو عرصو ڪور ڪمانڊر
هوندو هو ۽ مخدوم صاحب سان تمام سٺي سلام دعا هئس.
پر، منهنجو ذاتي رايو اهو آهي ته مخدوم صاحب کي
جنرل ضياء جي قرب جي باوجود اهي عهدا قبول ڪرڻ نه
کپندا هئا، ڇو ته هڪ ته پاڻ سياسي ذهن ڪونه هو.
ٻيو ته قسمت هونئن ئي سندس وڏو شانُ ڪيو هو. ها!
سندس والد بزرگوار مخدوم مُريد حسين واقعي وڏو
سياستدان هو، پنهنجيءَ انهيءَ راءِ لاءِ سبب عرض
ڪريان ٿو:
اسلام آباد ۾، هڪ ڏينهن مسٽر الاهي بخش سومري فن
ڪئي ته، ”ڪراچي ايئرپورٽ تي رحيم بخش تنهنجو
انتظار ڪري رهيو آهي.“
مون کيس چيو ته، ”ايندڙ فلائيٽ ۾ وڃان ٿو.“ الاهي
بخش سومرو صاحب تڏهن مرڪزي وزير هو ۽ رحيم بخش سنڌ
۾ صوبائي وزير. بهرحال، ٽڪيٽ گهرائي وڃي جهاز ۾
ويٺس. ڪراچي ايئرپورٽ تي رحيم بخش سومرو واقعي
منهنجو منتظر هو. اتي ئي ”اسڪاءِ روم ريسٽارنٽ“ ۾
وٺي هليو. سئنڊوچز ۽ ڪافي گهرائيسون. کائي پِي
سندس ڪار ۾ ويهي روانا ٿياسون. شام جي مهل هئي.
آسمان ۾ شفق جي لالاڻ هئي، موسم ڏاڍي سٺي هئي.
جنرل رحيم الدين بلوچستان جي گورنريءَ مان فارغ
ٿيو هو ته سنڌ جو گورنر ٿيو هو. سندس بيگم ثاقبه
جي مون سان گهڻي ڏيٺ ويٺ هئي. پاڪستان جي وزيرِ
تعليم ڊاڪٽر محمود حسين جي ڌيءَ ۽ ڪنهن زماني ۾
هندستان جي صدر ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي ڀائٽي آهي، جو
علامه آءِ.آءِ.قاضي جو معتقد هوندو هو. سو جنرل
رحيم الدين سان به منهنجي ڪجهه دعا سلام هئي. جڏهن
اڌ رستي تي آياسين ته رحيم بخش کان پڇيم ته، ”ڪاڏي
ٿا هلون؟“ چيائين ته، ”هالين.“
ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ هالين اچي پهتاسون. مخدوم صاحب کي
اڳي ئي اطلاع مليل هو، سو منتظر هو، ڪمري ۾ خلاصا
ٿي ويٺاسون ته نوڪر ميرپورخاص وارو ڦوٽي جو حلوو،
پڪوڙا ۽ گرم گرم چاءِ کڻي آيو.
رحيم بخش مخدوم صاحب کي چيو ته، ”سائين، ربانيءَ
کي ”ضامن“ ڪري وٺي رهيو آهيان، جو معلوم اٿم ته
اوهان جي ساڻس گهڻي آهي.“
مخدوم صاحب فرمايو ته، ”ڀلا حال احوال ڏيو.“
رحيم بخش چيو ته، ”جنرل ضياء جو عرض آهي ته اوهان
پنجاب جي گورنري قبول ڪريو.“
مخدوم صاحب خاموش ٿي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ
چيائينس ته، ”مان بيمار ماڻهو آهيان.“
رحيم بخش چيو ته، ”سائين، اوهان کي رڳو جهنڊي کي
سال ۾ هڪ ٻه دفعو سلامي ڏيڻي پوندي.“
مخدوم صاحب چيو ته، ”مان اڻ پڙهيل ماڻهو آهيان.
انگريزي ڪونه ڄاڻان.“
رحيم بخش چيس ته، ”ڪم ڪار سڄو منشي ڪندا اوهان کي
رڳو صحيح ڪرڻي پوندي.“
تڏهن مخدوم صاحب چيس ته، ”پرائي صوبي ۾ گورنري ڪري
مان پنهنجي صوبي ۽ ماڻهن جي ڪهڙي خدمت ڪري
سگهندس؟“
رحيم بخش چيو ته، ”جنرل ضياء جي مرضي آهي ته ملڪ
جي مفاد خاطر سنڌ جو معتبر ماڻهو پنجاب جو گورنر
ڪجي ۽ پنجاب جو سنڌ ۾ ڪجي. سو، جنرل رحيم الدين جا
آرڊر ته اڳي ئي جاري ٿي چڪا آهن ۽ هن سنڌ جي چارج
به ورتي آهي.“
مخدوم صاحب چيس ته، ”چڱو، اوهان هن فون نمبر تي
لنڊن فون ڪريو. ڏاڏا سائينءَ سان ڳالهايو. جيڪو
سندس رايو، اهو منهنجو فيصلو.“
مون کي انهيءَ قصي جي اڳي ڪابه خبر نه هئي. هاڻي
جو ڳالهه ٻڌم ته دل ۾ چيم ته پنجاب ۾ ته ملتان جو
مخدوم صاحب اڳي ئي گورنر آهي. کيس جنرل ضياء ئي
مقرر ڪيو آهي. سندس دوست به آهي. پوءِ کيس هٽائي
هالن جي مخدوم صاحب جي مقرري ڇو ٿو ڪري؟ انهيءَ
ڳالهه تي سوچيم ته ياد آيم ته علامه آءِ.آءِ.قاضي
سياست جي نالي کان به نفرت ڪندو هو.
بهرحال اسان مخدوم صاحب کان موڪلائي ڀاڻوٺ ۾ شاهه
محمد شاهه وٽ وڃي رات جي ماني کاڌي. رحيم بخش جو
غوث بخش بزنجي جي ڪري ساڻس به لڳ لاڳاپو هوندو هو
۽ اڳواٽ کيس اطلاع ڪيو هئائون. مون سان سائين
جي.ايم. سيد جي ڪري شاهه محمد شاهه جي ته هونئن
ئي هميشه محبت رهي آهي.
هالن جي مخدوم صاحب انهيءَ ڳالهه ٻولهه کان پوءِ
پنجاب جي گورنري ڪانه ورتي. ملتان جو مخدوم صاحب
به ڪو گهڻو عرصو پنجاب جو گورنر ڪونه رهيو. مون کي
سندس آخري ديدار به ملتان ۾ نصيب ٿيو.
نثار ميمڻ منهنجو ننڍپڻ جو دوست آهي. معين قريشيءَ
جي حڪومت ۾ وزير هو. وزيراعظم ساڻس ”سنڌ ۾ احساس
محرومي“ جي ڳالهه ڪڍي نثار چيس ته، ”اها ڳالهه ته
نوشته ديوار آهي.“ انهيءَ زماني ۾ فيڊرل پبلڪ سروس
ڪميشن ۾ سنڌ جو ميمبر هئو ئي ڪونه. نثار، وزيراعظم
کي چيو ته، ”رڳو سياسي مقصد خاطر مقرريون نه ڪجن.
ڪي ته ماڻهن جي لياقت کي به ڏسي ڪجن.“ معين
قريشيءَ ساڻس اتفاق ڪيو ۽ مون کي فيڊرل پبلڪ سروس
ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيائين. ڪميشن ۾ اڳي سڀ سول
عملدار (رٽايرمينٽ) کان پوءِ ميمبر مقرر ٿيندا
هئا. جنرل ضياء ٽي رٽايرڊ فوجي جنرل به وڌايا هئا:
جنرل پي.ڊي.خان، ليفٽيننٽ جنرل اختر ناز ۽ ميجر
جنرل قيوم. انهن ۾ پي.ڊي.خان سان ته منهنجي دوستي
ٿي وئي، پر ميجر جنرل قيوم جي نياڻيءَ جو ڪو ڪم
هو. سندس مدد ڪيم، ته اهو به گھرو گهاٽو ٿي ويو.
جنرل قيوم ۽ مان ڪميشن جي ڪنهن انٽرويو لاءِ لاهور
وياسين. انٽرويو مان واندا ٿي ايئرپورٽ تي آياسين
ته ساڻس ڳالهه ڪيم ته ڪيئي سال اڳي مان هڪ دفعي
لاهور ايئرپورٽ تي لٿس. لاهور ۾ مخدوم صاحب جي
بنگلي تي فون ڪيم. هو اتي ئي هو. سڌو ايئرپورٽ تي
هليو آيو ۽ مون کي وٺي ”پرل ڪانٽينينٽل“ هوٽل تي
هليو. ڊنر کارايائين ۽ هِتان هُتان جا حال احوال
ڏنائين. اها ڳالهه ميجر جنرل قيوم سان ڪيم ته پاڻ
ٻڌايائين ته مخدوم صاحب گورنريءَ تان فارغ ٿي
ملتان ويو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ کيس دل جو دورو
پيو ۽ هاڻي فالج ٿيو آهي. مان اهو ٻڌي هڪدم سندس
مزاج پرسيءَ لاءِ ميجر جنرل قيوم سان گڏ ملتان
هليو ويس. مخدوم صاحب کي اطلاع مليو، ته ٻئي ڏينهن
اسان کي لنچ تي سڏيائين. لنچ کائي سندس ڊرائنگ روم
۾ ڪچهري ڪئيسون ته پير صاحب جي صحبت ۾ ساڻس گڏ
گذريل ڏينهن ياد آيا.
سندس ڪچهري اڳي وانگر دل بهار هئي. پر افسوس آهي
ته ان جا رابيل ۽ گلاب ڪومائجي ويا هئا.
مخدوم صاحب سان ان کان پوءِ ميل ملاقات جي سعادت
مون کي وري نصيب ڪانه ٿي. پر جڏهن ”سنڌ جا بر، بحر
۽ پهاڙ“ ڪتاب لکيم ته ساڻس رابطو ڪيم ۽ ڇپائيءَ
کان اڳ ڪتاب جي ڊمي ڪاپي ملاحظي لاءِ موڪليم، جو
منجهس پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ ۽ قلندر
شهباز سان گڏ غوث بهاؤالحق جو تذڪرو آهي. ستت
نياپو موڪليائين ته ”ڪتاب ٺيڪ آهي، ڇپائي ڇڏيو.“
مون ڪتاب ڇپائي ڇڏيو. کيس ڪاپي پهتي، ته پڙهيائين
يا ڪنهن سنڌي مريد کان وري وري پڙهائي، ٻڌائين ۽
ڏاڍو ڪو خوش ٿيو. مون کي پنهنجي هڪ معتقد هٿان
مٺائيءَ جو دٻو، شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو ڪو
ڪتاب ۽ تسبيح تحفي طور موڪليائين.
اهو مون سان سندس آخرين رابطو هو.
مون کي مخدوم صاحب جي رحلت جي خبر ڪانه پئي. ملتان
۾ ڪنهن ياد ڪونه ڪيو. مان به رب جي رضا تي راضي
رهيس.
مهراڻ جي ايڊيٽر نفيس احمد شيخ ڪجهه عرصي کان پوءِ
مخدوم صاحب تي مضمون لکي ڏيڻ لاءِ چيو ۽ سندس هڪ
خوبصورت رنگين تصوير به موڪليائين. مان ڪا دير ته
تصوير ڏسندو رهيس. گذريل ڏينهن ياد آيا. اکين ۾
ڳوڙها اچي ويا. پر، مضمون لکڻ جي همت ڪانه ٿي.
ناشاد سان معذرت ڪيم. ڳالهه کي ورهيه وري ويا.
هاڻي، وري فون ڪيائين ته مخدوم صاحب جي هڪ خاص
تصوير هٿ ڪئي اٿم. اها موڪليان ٿو، مضمون لاءِ ته
اڳي به بار رکيو هئم. مون تصوير ڏٺي. ياد آيو ته
عرس جي موقعي تي هڪ خاص تقريب ٿيندي هئي. مخدوم
صاحب ان ۾ صبح جو اهو لباس پائي ايندو هو. سندس
مريدن ۽ معتقدن جو وڏو هجوم هوندو هو. تقريب جو
اهو سڄو منظر اکين اڳيان اٿم. منجهس جيڪو روح پرور
نظارو ڏٺو هئم، انهيءَ جو احوال توڙي مخدوم صاحب
کان ٻُڌل ڪيئي تاريخي واقعا هن مضمون ۾ بيان ڪري
ڪونه سگهيو آهيان: مثال طور فيلڊ مارشل ايوب خان
جي مخدوم صاحب سان ملتان ۾ ملاقات ۽ ڪمشنر ملتان
جون مخدوم صاحب کي آزيون نيازيون ته متان
سندس بسترو گول ڪرائي ڇڏي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي
جي نڪيتا خروشچوف سان ڪريملن ۾ تاريخي ملاقات ۽
قومي اسيمبليءَ جي هڪ بنگالي اسپيڪر جو مخدوم صاحب
سان گڏ وچ اوڀر وارن ملڪن جو دورو، جنهن جي احوال
ٻڌائڻ لاءِ ڊاڪٽر شمل، مخدوم صاحب کي وري وري
منٿون ڪندي هئي ۽ جڏهن هُو پنهنجي مخصوص مزاحيه
انداز ۾ اهو دلچسپ داستان ٻڌائيندو هو، ته ٻڌي،
کلي کلي، ساڻي ٿي پوندي هئي.
تازو، اقبال اڪيڊميءَ ڊاڪٽر شمل جي جرمن زبان ۾
لکيل سوانح حيات جو انگريزي ترجمو شايع ڪيو آهي.
منجهس سنڌ مان پير صاحب ۽ پنجاب مان مخدوم صاحب
جون تصويرون ڏنيون اٿس.
مخدوم صاحب حيدرآباد آيو ته ٽي دفعا مون کي ياد
ڪيائين. مان اهو احوال به هن مضمون ۾ لکي ڪونه
سگهيو آهيان. پهريون دفعو سنڌي ادبي بورڊ جي گاڏي
کاتي واري آفيس ۾ ايترو ته سوير آيو هو، جو اڃا
ٻهاري به ڪانه آئي هئي. ٻيو دفعو ڪوٽڙي ريلوائي
اسٽيشن تي ملڻ لاءِ پيغام موڪليائين. پاڻ گاڏيءَ ۾
ويٺو هو، ٻاهران ماڻهن جا هشام هئا ۽ ”غوث جا
دمبها“ لڳي رهيا هئا. مان وڏيءَ مشڪل سان وٽس
پهتس، پر مليو ته ڏاڍو خوش ٿيو. ٽيون دفعو، بورڊ
جي ڄام شوري واري بنگلي ۾ آيو. مون وٽ ناشتو
ڪيائين. مون چاليهارو کن مهمانَ سندس اعزاز ۾ سڏيا
هئا. جيئن ئي سندس ڪار بنگلي جي گيٽ تي پهتي، ته
مان تڪڙو تڪڙو وڃي ساڻس ادب سان مليس. ڇڪي، سڪ سان
ڀاڪر پاتائين. سندس قرب ڏسي بي اختيار ڀٽائي ياد
آيو:
گندُ جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ،
اُنين جي اوطاقَ، راجا ريجهي آئيو.
مخدوم صاحب جن هاڻي هن دنيا ۾ ڪونه آهن. مون
پنهنجين مڙني ڪوتاهين جي باوجود، دل جي سموري
سچائيءَ سان، سندن ياد ۾ هي حرف لکيا آهن. شايد
اڃا به انهيءَ فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ٿئي ها، پر،
ناشاد قرب ڪري يادگيري ڏياري. مخدوم صاحب جن سان
سندس غائبانه سڪ ڏسي مون کي مٿس ڏاڍو پيار آيو ۽
مير تقي مير جي مشهور مصرع چپن تي آئي:
"افسوس تم کو میر
سے
صحبت نہیں
رہی۔"
ڊاڪٽر
ائنيمري شمل
ٽن
جرمن
عالمن، مردن ۽ عورتن جا سنڌ تي احسان آهن: ارنيسٽ
ٽرمپ، ايلسا قاضي ۽ ڊاڪٽر ائنيمري شمل. ٽنهي سنڌ
جي علم ۽ ادب تي اهڙو شاندار ڪم ڪيو، جو هميشه ياد
رهندو.
ڊاڪٽر شمل سان منهنجي ملاقات
1958ع
۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي. هوءَ سيد عبدالواحد جي دعوت تي
آئي هئي، جيڪو ٻيلي کاتي جو رٽايرڊ عملدار هو ۽
اقبال ايڪيڊميءَ جو ميمبر هو. ڊاڪٽر شمل سان
جرمنيءَ ۾ مليو هو ۽ ڪراچيءَ اچڻ جي دعوت ڏني
هئائينس. پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ ۽
جسٽس جاويد اقبال سان به سندس ملاقات انهيءَ ئي
سال ائين
ڪراچيءَ ۾
ٿي هئي.
تڏهن اقبال ايڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ هئي. ٻئي ڄڻا انهيءَ
جا سرگرم ميمبر هئا.
ڊاڪٽر شمل
1938ع
ڌاران علامه اقبال جو فارسي ڪلام پڙهيو هو. سو،
تڏهن کان وٺي، سندس شخصيت
۽ پيغام ۾ دلچسپي هئس، بعد ۾
پاڻ
هڪ ترڪ سان شادي ڪري مسلمان ٿي هئي. اسلامي نالو
جميله پسند ڪيائين. پر، اڳتي هلي زال مڙس طلاق ڏئي
الڳ ٿيا. ترڪ مڙس جي ڪري، مولانا روميءَ
کان
آشنا ٿي
وئي
هئي. پر، وقت گذرڻ سان
ساڻس ڏاڍي عقيدت ٿي ويئي
هئس. کيس هميشه ”اسان جو مولانا“ ڪوٺيندي هئي. اهو
ته هر ڪو ڄاڻي ٿو ته علامه اقبال ۽ شاهه ڀٽائي به
روميءَ جا عقيدتمند هئا. سو ڊاڪٽر
شمل جي
اڳتي هلي
منجهن پڻ دلچسپي پيدا ٿي.
مغربي ماڻهو هر سال پنهنجي ڄم جو جشن ملهائيندا
آهن. اسان وٽ به ڪي سکيا ستابا ماڻهو اهي شاهاڻا
شؤنق ڪندا آهن، پر سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن جو حال ته
هر ڪنهن کي ساريو پيو آهي:
”بک ۾ ڦٽي باک ۽ ڏک ۾ گذريو ڏينهن.“
ڊاڪٽر شمل، پنهنجيءَ هڪڙيءَ سالگره جو جشن ڪراچيءَ
۾ ملهايو. مون کي پير سائين حسام الدين شاهه راشدي
انهيءَ تقريب ۾ وٺي هليو. ڇهين ستين بجي شام جي
مهل هئي. سالگره جي جشن ۾ جيڪي مهمان سڏيل هئا،
سي، دستور موجب، سوکڙيون پاکڙيون وٺي آيا هئا. مان
هالن جي جنڊيءَ جي رنگين فريم سان هڪ خوبصورت
آئينو وٺي ويو هئس. ٻيا
وري
ٻيون سوکڙيون پاکڙيون وٺي آيا هئا. ايترو ياد اٿم
ته سنڌ جو نيڪ مرد، مير غلام علي خان ٽالپر،
چانديءَ جو ٽي - سيٽ
(TEA-SET)
وٺي آيو هو.
کيس بلُو رنگ جو ڌاري دار فل سوٽ پاتل هو، ڪن ڪن
ماڻهن جي منهن تي اشرافت ۽ عظمت جو عڪس نظر ايندو
آهي. مير صاحب اهڙو ئي شخص هو. ٻيا به ڪافي
معتبر ماڻهو آيا هئا.
پير
سائين حسام الدين شاهه راشديءَ مون کي ڊاڪٽر شمل
سان
متعارف ڪرايو ته چوڻ لڳي ته، ”ڪراچي شهر جا پراڻا
پاڙا ۽ بازارون ڏسڻ جو شوق اٿم.“ تن ڏينهن ۾ بورڊ
جيپ ورتي هئي، سو، جيڪڏهن هوءَ گهڻو اشتياق ڏيکاري
ها، ته مان کيس کاري در ۽ مٺي در وارو علائقو، کڏي
مدرسي وارو پاسو ۽ ڪياماڙي وغيره آسانيءَ سان
ڏيکاري سگهان ها. ليڪن، ٻيهر نڪي ته هن ڳالهه ڪڍي
۽ نه وري مون ذڪر چوريو. پر، قدرت جي ڪارخاني ۾
عجب راز ۽ اسرار آهن. ڪي ڪي لفظ ۽ خواهشون
”پيشنگويون“ ٿينديون آهن. اسان ٻنهي مان ڪنهن کي
خواب خيال به ڪونه هو، ته اڳتي هلي مان ئي کيس نه
رڳو ڪراچي پر سڄو پاڪستان گهمائيندس، پر هـِتِ
اڳتي وڌڻ کان اڳ
اها ڳالهه چٽي ڪرڻ گهران ٿو ته ڊاڪٽر شمل، سنڌ،
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ جيڪا به دلچسپي ورتي، سا
سموري پير
صاحب جي دوستيءَ جي ڪري. هو کيس سنڌ گهمائڻ لاءِ
سڀ کان اول ڳڙهي ياسين وٺي ويو، جتي سندس دوست،
آغا بدرالدين خان درانيءَ، ڊاڪٽر شمل جون ڏاڍيون
خاطرداريون ڪيون ۽ موڪلائڻ مهل کيس زنانن زيورن جو
سونو سيٽ تحفي طور ڏنائين. سنڌ جي ڏاهن چيو آهي
ته:
کـِلاوڻُ،
پــِلاوڻُ،
عجبُ دلبري.
ڊاڪٽر شمل جي اڳتي هلي، سنڌي ٻوليءَ ۾ دلچسپي وڌي،
ته ان ۾ خط لکڻ لڳي.
هڪ ٻه
خط
مون کي به لکيائين. هونئن نه ته انگريزيءَ ۾ لکندي
هئي. مون سندس هڪ سنڌي خط ٻارن جي”گل ڦل“ رسالي ۾
ڇاپيو، جو مان
”اعزازي
طرح“
ايڊٽ ڪندو هئس. هونئن، سنڌي
ادبي
بورڊ ۾
1959ع کان منهنجو
اصل ڪم اسسٽنٽ سيڪريٽري جي عهدي جو
هو.
ستت، سنڌيءَ ۾ هڪ مضمون به موڪليائين، جو پڻ ”گل
ڦل“ رسالي ۾ ڇاپيم. پاڻ اڳتي هلي، منهنجي افساني
”پن ٻوڙين پاتال ۾“، جمال ابڙي جي افساني ”ڪار
مُنهون“
۽ محمد حُسين ڪروڙپتيءَ جو ڪو افسانو جرمن زبان ۾
ترجمو ڪري، ”پاڪستاني افسانن جي انتخاب“ ۾
ڇپايائين.
اسان ٽنهي کي جرمنيءَ ۾ واٽرمئن جون ٺاهيل، ڪاري
رنگ جون ٽي قيمتي خوبصورت انڊپينون ۽ ڪتاب جون ٽي
ڪاپيون موڪليائين. گهڻو پوءِ جرمنيءَ ۽ هندستان جي
ڪن ناشرن گڏجي ”هندستاني ادبيات“ تي متعدد جلدَ
انگريزيءَ ۾ ڇاپڻ جو پروجيڪٽ
ٺاهيو، جنهن ۾ سنڌي ادب وارو جلد ڊاڪٽر شمل لکيو.
ان ۾ پڻ سنڌي ادب واري جلد ۾، جديد لکندڙن ۾
منهنجو ۽ شيخ اياز جو ذڪر ڪيو اٿس. بعد ۾ جڏهن عمر
جي آخري حصي ۾ پنهنجي سوانح عمري لکيائين ته ان ۾
به منهنجو ذڪر ڪيائين. اقبال ايڪيڊميءَ اُن جو
جرمن مان انگريزيءَ ۾ ترجمو شايع ڪرايو.
مون کي ان ڪتاب جي ڪاپي
ڪراچيءَ ۾
گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي جرمن ڊائريڪٽر، مسز زمان ڏني.
ادب واري جلد ۾ جديد لکندڙن ۾، منهنجو ۽ شيخ اياز
جو ذڪر ڪيو اٿس. بعد ۾ جڏهن عمر جي آخري حصي ۾
پنهنجي سوانح عمري لکيائين ته ان ۾ به، منهنجو ذڪر
ڪيائين، اقبال ايڪيڊميءَ ان جو جرمني مان انگريزي
۾ ترجمو شايع ڪيو آهي.
ڊاڪٽر شمل، شاهه سائينءَ ۽ اردو شاعر خواجه مير
درد، (ٻنهي تي گڏ) انگريزيءَ ۾ هڪ معياري ڪتاب پڻ
لکيو. اهو ڪتاب مون کي پاڻ ڏنو هئائين، هڪ دوست
پڙهڻ ڪاڻ کڻي ويو، پر، موٽائي ڪونه ڏنائين. سائين
غلام مصطفيٰ شاهه سان ڳالهه ڪيم، تنهن ان دوست کان
ته ورتو، پر، مون کي موٽي ڪونه مليو. هاڻي سائينءَ
مرحوم جي ڪراچيءَ واريءَ لئبرريءَ ۾ موجود آهي.
ڪتاب جو نالو آهي:
PAIN AND GRACE.
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي ڪتاب جي شاهه سائين واري
حصي جو سنڌي ترجمو شايع ڪرڻ کپندو هو. ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز جي نيڪي ٿئي ها پر،
اهڙن ڪمن ڪرڻ لاءِ عقل، محبت ۽ محنت کپي.
عمر جي
پوين ڏينهن ۾ پاڻ شاهه سائينءَ جي چونڊ ڪلام جو
جرمن زبان ۾ ترجمو ڪري رهي هئي
۽
هڪ حصو شايع
به
ڪيو هئائين، اهو ڪتاب به جرمنيءَ ۾ ڇپيو. مون کي
ٻه ڪاپيون ڏنيون هئائين.
هڪ ڪاپي اڃا مون وٽ آهي. انهيءَ ڪتاب جي ڪم کي
مڪمل ڪرڻ ۾ به ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ جو ساڻس ڪوبه
تعاون ڪونه هو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي ان جرمن
ترجمي جي خبر به ڪانه هوندي، البت ڊاڪٽر شمل،
علامه اقبال تي جيڪو به ڪم ڪيو، اهو اقبال
ايڪيڊميءَ وڏي توجهه ۽ محنت سان شايع ڪيو.
ڊاڪٽر شمل، پاڪستان جي علاقائي ٻولين ۽ ادب تي
انگريزيءَ ۾ هڪ تمام سٺو ڪتاب لکيو آهي. مون کي
ڪاپي ڏني هئائين، جا محفوظ اٿم. پر، سندس خط محفوظ
ڪري ڪونه سگهيس. مون وٽ سندس بيشمار خط هئا. ڊاڪٽر
شمل سنڌ تي ليڪچر ڏنا هئا ۽ ڪجهه مضمون لکيا هئا.
مون کيس صلاح ڏني ته اهي گڏ ڪري، ڪتاب ڇاپجي. صلاح
وڻيس. ڪتاب ٺاهي ڏنائين
Pearls from the Indus
نالي سان. مون سنڌي ادبي بورڊ مان ڇاپيو. کيس
رايلٽيءَ جي ادائگيءَ لاءِ ڪجهه ”نذراني جي“ پيشڪش
ڪيم ته ڏک ۾ چيائين: ”رباني، آئنده اهڙي ڳالهه نه
ڪجانءِ.“
ڊاڪٽر شمل، هڪڙي سال پاڪستان آئي، ته پير صاحب کيس
مڪليءَ وٺي ويو. اتي ٻيا ڪي دوست به سڏيل هئا، جن
مان مرڪزي فنانس سيڪريٽري، ممتاز حسن، سيد
عبدالواحد ۽ آرڪيالاجيڪل کاتي جي عملدار ولي
الله
جا نالا مون کي ياد آهن. مڪليءَ ۾ آثار قديمه کاتي
جي ريسٽ هائوس ۾ منجهند جي ماني کائي ڪچهري ڪرڻ
ويٺاسين، ته ڳالهيون ڪندي ڪنهن چيو ته،
”اقبال
وڏو شاعر هو ۽ ڪنهن چيو ته شاهه ڀٽائي!!“
وڏي بحث مباحثي کان پوءِ، ولي
الله
کان راءِ ورتائون،
جو آرڪيالاجيءَ جو ته ماهر هو، پر، وڏو عالم به
هو. چيائين ته:
”ٻنهي جي ڀيٽ اجائي آهي. هڪڙي وسندي ڇڏي، وڃي سُڃَ
وسائي. کيس سڏيندا ئي هئا: شاهه عبداللطيف تارڪ.
عام روايت موجب
پڙهيل لکيل ڪونه هو. پر،
وڏو
شاعر،
مفڪر
۽
اهل
الله
هو.“
”ٻيو شخص (علامه اقبال) جديد دؤر جو پڙهيل ڪڙهيل
اعليٰ تعليم يافته شخص هو. اردوءَ سان گڏ فارسيءَ
جو شاعر هو. ولايت مان پڙهي آيو هو. سياسي معاملن
۾ دلچسپي رکندو هو.“
”هاڻي، اوهان پاڻ ٻڌايو ته ٻنهي جي پاڻ ۾ ڪهڙي
ڀيٽ؟“
ولي الله جي اها راءِ
ٻڌي، پير صاحب پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ وڃي
کيس
نرڙ تي چمي ڏنائين. پير صاحب
جي انهيءَ عمل جي ڪري ماحول اهڙو
ته
ڳنڀير ٿي ويو، جو سيد عبدالواحد
ساڙ ۾
سهي ڪونه سگهيو.
سو
هڪ
ڏاڍو
بڇڙو ڪم ڪيائين. ڊاڪٽر شمل، جنهن ڏينهن جرمنيءَ
وڃي رهي هئي، تنهن ڏينهن ايئرپورٽ تي وڃڻ مهل پيتي
کڻڻ وئي. ڏسي ته چاقوءَ سان ڦاٽي پيئي آهي ۽ سونن
زيورن جو جيڪو سيٽ پاڻ ڪراچيءَ مان خريد ڪيو
هئائين، سو غائب آهي! انهيءَ سيٽ جا پئسا کيس
اقبال ايڪيڊميءَ علامه جي هڪ ڪتاب جي ترجمي
جي
رايلٽيءَ طور ڏنا هئا. سيد عبدالواحد کي ساڙ
رڳو ان ڪري هو، جو هُوءَ (ڊاڪٽر شمل)، علامه اقبال
سان گڏ هميشه شاهه ڀٽائيءَ جو تذڪرو به ڪندي رهندي
هئي.
ڊاڪٽر شمل، پير صاحب سان گڏ ڪار ۾ ويٺي. ڪراچيءَ
ايئرپورٽ ويندي، رستي تي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس.
جڏهن کيس جهاز ۾ اماڻي، مان ۽ پير صاحب موٽياسين،
ته پير صاحب وري مون سان سڄي ڳالهه ڪئي، پر منع
ڪيائين ته ٻئي ڪنهن سان نه ڪجانءِ.
سيد عبدالواحد
ٻيو
بڇڙو ڪم اِهو ڪيو،
ته ون يونٽ جي گورنر نواب ڪالاباغ
کي چؤ
چواءُ ڪرائي، سنڌ ۾
ڊاڪٽر شمل جي
اچڻ تي بندش وجهايائين. انهن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ ون
يونٽ جو ڏاڍو ڏهڪاءُ هو. ماڻهو سنڌ
جو نالو کڻڻ کان ئي ڪيٻائيندا هئا. ٽپال کاتي سرڪيولر جاري ڪيو هو، ته خطن
جي ائڊريس ۾ سنڌ لفظ لکڻ به ڏوهه آهي. اياز بي سبب
ته ڪونه چيو هو:
سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڪاريهر تي پير پيو.
پير صاحب لاهور ۾ هو. مون کي فون ڪيائين ته:
”ڊاڪٽر شمل جي خاطرداريءَ لاءِ اوهان ۽ حُسين شاهه
پاڻ ۾ صلاح ڪري، ٻه چار دوست گڏجي، ڪراچي ايئرپورٽ
تي وڃي ساڻس ملو، جو هُوءَ ته سرڪاري بندش جي ڪري،
ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري ڪانه سگهندي.“
اسان ڪي سنڌي ڳائڻا ۽ وڄائڻا ساڻ کنيا ۽ گـــُلاب
جي گلن جا کارا ورتا. حُسين شاهه، اياز راشدي،
مان، علي نواز وفائي، غلام قادر ڊکڻ ۽ ٻيا دوست ٻن
چئن موٽرن ۾ ايئرپورٽ روانا ٿياسين. رستي تي
وفائيءَ جي موٽر خراب ٿي پئي. غلام قادر ڊکڻ چيو
ته، ”اياز راشدي ساڻس گڏ ويٺو هو، سو، سندس ڪار
خراب ٿي ته امالڪ ٽپو ڏئي هيٺ لٿو ۽
اچي اسان سان گڏ ويٺو. وفائيءَ،
اياز راشديءَ جي مشوري تي ئي
خاص انهيءَ موقعي لاءِ ”سنڌي ڪلچر جي نمائش ڪرڻ
لاءِ“ ٺــٽي جي لونگيءَ مان صدري سبائي پاتي هئي.
اياز اڪيلو ڇڏي آيس ته ڏاڍو ڏک ٿيس. سو، ڪاوڙ مان
صدري
لاهي رستي
تي اڇلايائين!
سنڌي سٻاجهڙن کي پرپٺ ست سريون ٻڌايائين. پر،
ڪو به واهه وسيلو نه ڏسي، واٽهڙن کي چار پئسا ڏئي،
ڪار کي ڌڪا ڏياري، چالوڪيائين ۽ شوڪارا ڀريندو
پوئتي موٽي ويو.“
غلام قادر ڊکڻ جي اها ڳالهه ٻڌي، اسان کي به ڏک ته
ڏاڍو ٿيو، پر،
اياز راشدي انهيءَ معاملي ۾ خاموش رهيو. البت،
حُسين شاهه ايترو چيو ته هي رَوَش اياز جي بي
وفائيءَ ڪري هئي. بهرحال
ڊاڪٽر شمل جي جهاز لهڻ جو ٽائيم ٿي ويو هو. سو،
ماٺ ميٺ ۾
اسان سڀ
سڌو ايئرپورٽ هليا وياسين.
ڊاڪٽر شمل جهاز مان
نڪتي. تڏهن سو هاڻوڪو ايئرپورٽ ڪونه ٺهيو هو.
پراڻي
ايئرپورٽ جي گنبذ واريءَ اڳوڻيءَ عمارت ۾ آئي، ته
غاليچي تي اسان جا وهاريل فنڪار شروع ٿي ويا.
مٿس گل ڇٽيا ويا ۽
ڪلهن تي
پَٽ
جون لونگيون پئجي ويون.
سازن جي ڌڌڪي تي، سنڌي راڳ جي محفل شروع ٿي وئي.
ڏاڍي خوش ٿي. جڏهن اسان کان موڪلايائين
ته سندس چهرو خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو. ڊاڪٽر شمل ان
کان پوءِ مهل موقعي سان ڪراچيءَ ايندي رهي. خدا
ڪيو، جو اڳتي هلي، مٿانئس بندش به لهي ويئي.
1977ع
۾ ڪراچيءَ آئي، ته مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو -
وائيس چانسيلر هئس. کيس
ڪار ۾
ڪراچيءَ مان ڄامشوري وٺي آيس ۽ آرٽس فئڪلٽيءَ واري
آڊيٽوريم ۾ ليڪچر ڏياريم. ڊاڪٽر شمل ”وڏو نالو“
سڄو هال استادن ۽ شاگردن سان ڀرجي ويو. سندس ليڪچر
تاڙين جي گونج ۾ پورو ٿيو. يونيوسٽيءَ مان کيس گهر
وٺي آيس. منجهند جي ماني کارائي، شام جو ڪار ۾
ڪچهري ڪندا وري
واپس ڪراچيءَ
وياسين.
هڪ دفعي پير صاحب سان گڏ سيوهڻ گهمڻ ويئي. موٽ تي
بورڊ جي آفيس ۾، ڄامشوري ۾ مون وٽ لٿا. چاءِ
پيتائون. چوڻ لڳي ته، ”رباني، رستي تي اهڙي ته اڃ
لڳم، جو نڙيءَ ۾ اصل ڪنڊا پئي چُڀيم.“
اهو ٻڌي پير صاحب کِلي ڏنو. چيائين ته، ”اڃ ته مون
کي به ڏاڍي لڳي هئي، پر، سن ۾ موٽر ڪانه روڪيم ۽
رستي تي تڏهن اهڙي ڪا هوٽل هئي ڪانه، جتي لمليٽ پي
سگهون.“
اڳتي هلي، مون کي سندس شڪايت دور ڪرڻ جو موقعو
مليو. سو، هيئن ته پير صاحب جي هـِن جهان ڇڏي وڃڻ
کان پوءِ هڪ دفعي وري پاڻ مون کي سيوهڻ وٺي هلڻ جي
فرمائش ڪيائين. مرحوم عبدلله ميمڻ، تڏهوڪي ڪمشنر
حيدرآباد کي چئي، سيوهڻ جي قلعي وارو ريسٽ هائوس
رزرو ڪرايم. ڊاڪٽر شمل، حُسين شاهه وٽ ٽڪيل هئي.
جنهن جي بيگم، اديءَ شميم، پامفريٽ مڇي تري ۽
مائيءَ ڀانَ نرم گرم اوڦراٽا پچايا. مان ڀانيان ٿو
ته هُوءَ سنڌ جا روايتي- ست- پڙا اوڦراٽا به پچائي
ڄاڻي. لنچ باڪس کڻي، اسان ڪراچي- ڪئنٽ اسٽيشن تان
بولان ميل ۾ اچي چڙهياسين. مون ايئرڪنڊيشنڊ ڪوپي
رزرو ڪرايو هو. منجهس آرام سان ماني کاڌيسين. ڏاڍو
ساءُ هئس. ڊاڪٽر شمل ڇري ڪانٽو کڻي، هر گهڙيءَ،
انگريزيءَ ۾ چوي ته:
”هيڏي اچ منهنجي مڇڙي، ته توکي کاوان.“
سج لهي ٻڏي رهيو هو ته اسان به وڃي سيوهڻ لٿاسين.
پوليس جو هڪ اعليٰ عملدار پنهنجي اٽالي سان گڏ
اسان جي استقبال لاءِ اڳي ئي اسٽيشن تي موجود هو.
ريسٽ هائوس ۾ وٺي هليو. هٿ منهن ڌوئي، پهريائين
روضي تي حاضري ڏنيسون، رب پاڪ کان دعا گهريسون.
مون
ڊاڪٽر شمل سان ڪمپني ڪرڻ لاءِ مسز مهتاب راشديءَ
کي به چيو هو.
ريسٽ هائوس تي آياسين. سيوهڻ جي ايس.ڊي.ايم. مسٽر
عبدالجبار عباسيءَ جهڙي سٺي ڊنر کارائي، اهڙي ئي
يادگار ڪچهري ڪئي.
هڪڙي سنڌي سٻاجهڙي جو قصو ٻڌايائين، ته هيئن سيوهڻ
۾ آيو. ريسٽ هائوس ۾ ٽڪيو. وڏي سرڪاري عهدي تي هو.
عاليشان ماني ڪرايم. ڊنر ٽيبل تي سمورو وقت مون کي
UNIVERSAL SOUL
بابت ليڪچر ڏيندو رهيو ۽ فلسفي ۽ روحانيت جا سبق
ڏيندي رکي رکي چوندو رهيو ته اها برياني ۽ ٻه ٽي
ڪباب کڻي ڏي.“ ڊاڪٽر شمل اهو ٻڌي اچي کِل ۾ ڇٽڪي.
صبح جو سوير، اسان وري روضي تي وياسين، جو اتي ان
مهل اُٺن
تي نغارا وڄائيندا ايندا آهن. ڊاڪٽر شمل کي اِهو
منظر ڏسڻ جو خاص شوق هو. ان جون تصويرون ورتائين.
ٻئي ڏينهن سيوهڻ مان وري به بولان ميل رستي واپس
ڪراچيءَ پهتاسين.
ڊاڪٽر شمل هڪڙي سال ڪراچيءَ آئي، ته مون کيس چيو
ته، ”هٽلر جو ڪتاب“ ”مين ڪيف“ (منهنجي جدوجهد)
الائي ڪٿان ملندو؟“
پڇيائين ته، ”ڇو؟“
مون چيو ته، ”ادبي بورڊ جو ڇپائيءَ لاءِ منظور ٿيل
آهي. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه کي ترجمي لاءِ مليل
آهي، پر سندس دلچسپي ڪانهي. مون کي چيو اٿس ته
”تون وڃي ترجمو ڪر.“ منهنجي ان ترجمي ۾ دلچسپي ان
ڪري آهي، جو ٻي مهاڀاري لڙائي تاريخ جو تمام وڏو
واقعو آهي. هٽلر جي ڪتاب مان معلوم ٿيندو، ته هن
پنهنجي نقطهءِ نگاهه جي وضاحت لاءِ منجهس ڪهڙيون
ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.“
ڊاڪٽر شمل چيو ته،
“IT IS A BAD BOOK”
مون اندازو لڳايو ته هُوءَ ان مهاڀاري لڙائيءَ جي
زماني ۾ 23 يا 24 سالن جي هوندي، سو
ڪتاب جي ڳالهه ڇڏي، کيس چيم
ته، ”ڊاڪٽر صاحبه، اوهان کي چٽي سانڀر هوندي
ته
ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ جي
زماني ۾
جرمنيءَ ۾ اندروني حالتون ڪيئن هيون؟“
هن ڪو جواب ئي ڪونه ڏنو. مان ٻيهر کانئس سوال ڪرڻ
وارو هئس، پر،
اکيون کڻي
جو ڏسان ته چهري تي ڏک جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا
اٿس. اکيون ڀرجي آيون اٿس، ۽ آرام ڪرسيءَ تي ڪنڌ
پوئتي ڪري، ٿڌا ٿڌا ساهه پئي ڀري! مون کي ٻيهر
سوال ڪرڻ جي همٿ ته ڪانه ٿي. دل ۾ پڇتايم، ته
’مون
ساڻس اها ڳالهه ڇو ڪئي!‘
ياد آيم ته ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هئم ته هٽلر جي فوج
۾، آفيسرن جو هڪ بارودي گروپ عورتن جي ڪاليجن ۾،
ڪلاس ۾ ويٺل نوجوان شاگردياڻين ۽ سندن استاد عورتن
کي خطاب ڪري چوندو هو ته، ”جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ
جرمنيءَ کي صحتمند پٽن جي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري،
جن محب وطن خواتين کي حامله ٿيڻ لاءِ مردن جي
ضرورت آهي، تن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هي نوجوان
فوجي مرد اوهان وٽ هلي آيا آهن.“
اسلام آباد ۾ سندس جرمن دوست، ڪئرن سان ملاقات ٿي
مون سان گھري گهاٽي
هئي.
ٻڌايائين ته، ”جنگ جي زماني ۾ جرمنيءَ جون حالتون
ڏاڍيون خراب هيون. اسان اُن
زماني ۾ اهڙا ڏک ڏٺا، جي بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن.
خدا شال دشمن کي به اهڙا ڏينهن نه ڏيکاري!“ چيائين
ته، ”ويلن جا ويلا بُک ۾ گذرندا هئا.اٺين اٺين
ڏينهن ڊبل روٽي ملندي هئي. امڙ چاڪو ڏيندي هئي، ته
وڻن تان ڪچڙا ڇوڏا لاهي اچو. اهي ديڳڙيءَ ۾ ڪاڙهي،
اسان کي سوپ جا پيالا ڀري پيڻ لاءِ ڏيندي هئي، جو
کائڻ پيڻ لاءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هوندو هو.“
ڊاڪٽر شمل جي پير صاحب سان دعا سلام ٿي، ته اها
رڳوسنڌ جي تاريخ، تصوف، تذڪري ۽ ادب تائين محدود
ڪانه رهي، پر انساني مزاج جي فطري تقاضائن موجب،
هڪٻئي جي خانگي زندگيءَ ۾ به دلچسپي وٺڻ شروع
ڪيائون. آمريڪا ۾ ڊاڪٽر شمل جا ٻه ٽي پيارا شاگرد
هئا. انهن ۾ علي آساڻي نالي هڪ لائق نوجوان هو،
جيڪو مون سان ڪراچيءَ ۾ مليو هو.
پر،
ٻي هڪ
پياري
شاگردياڻي هئس،
جنهن لاءِ
سندس
خيال هو ته پير صاحب جي خاندان ۾ فلاڻي نوجوان سان
سندس شادي ٿئي، ته سٺو. نالو هئس گلشن خاڪي. ڊاڪٽر
شمل جي مرضيءَ موجب پير صاحب سان ڳالهه ڪيم، پر هو
پنهنجي خاندان جي جنهن نوجوان سان انهيءَ ڇوڪريءَ
جي شاديءَ جو خواهشمند هو، تنهن سان وري اها ڇوڪري
شادي ڪرڻ تي راضي ڪانه هئي. سو، ڳالهه اتي ئي رهجي
وئي. سال ٻه ٿيا، ته پير صاحب جي ڀائٽئي شمن شاهه
راشديءَ ڳالهه ڪئي ته گلشن سخت بيمار آهي. غالباً
ڪينسر اٿس. گلشن، شمن کي ئي پيار ڪندي هئي
۽ ساڻس ئي شادي ڪرڻ تي راضي هئي. |