ڪافي 2
ڙِي جيڏيون، آءٌ تان ٻيو نه ڪندي،
منهنجو پيچ پُنهل سان آهي!
آءٌ جنهين جي آهيان، سو تان مِهَر نه لاهي!
ڪيو ڪميڻيءَ هوت سڄڻ سان، سگَ سِياپو ساهي.
هٿ وڃي پَئِي هوت جي، وَس نماڻيءَ ناهي.
سوال ”سچوءَ“ جو اهو آهي، نِينهُن سَندن نيباهي.
ڪافي 3
هوندي سڀ پَر سائِن ساڻ، جيڏيون،
هِيءَ پورهيو بَندِي وڃي ڪيچ ڪندي.
ڪالهه ڪالهوڻي سپرين، اڃا مون وٽ مهمان.
لڳي ڪافَن ڪيچ جي، پُرزا ڪنديس پاڻ.
اُٺن، اوٺارَن تَؤن، آءٌ ڪا ڪيون ڙي قربان.
هڻي ويَڙو نڪري، ٻاروچو مون ٻاڻ.
ويهڻ مون کي وِههُ ٿيو، چِيٽڪ ڪيڙس چاڻ.
”سچو“ سوز فراق جو، ڏئي ويَڙم ڏاڻ.
ڪافي 4
ڀينر هيئن نه ڀايون، ته هوتَ ڪندا هِهڙي!
عشق تا آتش جهڙو، لالن وڃن لايُون.
ڏينديس باروچن ريءَ، ڀنڀور کي باهيُون.
سَرتِن سُڌ نه سور جي، هي تَن وڃن ٿا تايُون.
ڏِئون ڏين ٿيون ڏِيلَ کي، سنديون جتن جايُون.
”سچو“ وڃن ساٿَڙو، چُپ چُپاتِيون چايُون.
ڪافي 5
آءُ اڱڻ منهنجي آري، توکي صاحب ساريان ٿي!
وندر جي نِي وڻن ۾، ميان اَلا، هوتَ مِلِج هڪ واري
- توکي گهڻو نهاريان ٿي.
پرين وَڙؤ، وو، پانهنجي، ميان الا، دوست ڏيو
دلداري،
- سارو ڏينهن سَنڀاريان ٿي.
دوست اوهان جي، وو، درد سان، ميان الا، ڳچيءَ پائي
ڳاري،
- سارو روهه رئاريان ٿي.
ڪڏهن ايندين، وو، تون پرين، ميان اَلا، ”سچوءَ“ ڪج
ستاري،
- هت هنجون ني هاريان ٿي.
ڪافي 6
مون کي هوتن هاڻي، ڪوٺي پنهنجو ڪيو!
جَت گهڻا ٻيا جڳ ۾ سائين، منهنجو هوت آرياڻي،
- ڪنديس ڪو نه ٻيو.
لکين پُڇن پرينءَ کي آءٌ تا ڪير نماڻي،
- سندن نينهن نيو.
جيهِي تيهِي در دوستن جي، عاشق هيءَ اگهاڻي،
- سارو ڪم ٿيو.
ڪيائون ڪناري پانهنجي، هيءَ تا پاڻون ڄاڻي،
- جڏو جيءُ جِيو.
پرين ڪيو پانهنجو، سچو سگُ سچاڻي،
- وچؤن ورههُ ويو.
ڪافي 7
پرين نه ڇڏج ٻئي پار، ساري تنهنجيون ڳالهيون رُئان
آءٌ!
اڱڻ آسَروندَ جي، والي ايندين ڪهڙي وار؟
ماري هِن مشتاق کي، ڪانڌ نه وڃ ڪوهيار.
آهين جنهين تون آسرو، سا ويچاري نه وسار.
نماڻيءَ جي نِجهُري، آءُ گهڙي هڪ گهار.
ڪيئي ”سچوءَ“ سان واعدا، سي پرورلءِ تون پار.
ڪافي 8
شال اوڏاهون ايندا، وٺي خاصيون خبران، خبران!
مون هن نماڻيءَ کي، اڃا دلاس ڏيندا،
پرين پاڻهين پاڻ سان، هيءَ گولِي گڏيندا.
محبت مون مسڪين سان، شال نباهي نيندا،
ڏک سک ڀائي سپرين، هن ڏکيءَ سان ٿيندا.
ڪيچي ڪڏهن ڪينڪي، هيءَ ڇَپَر ڇڏيندا،
جيڪي اڳيون پويون، بديون سڀ بخشيندا.
پَکا پَکن سامهون، آڻي اوڏا اُڏيندا،
ٻاجهه ڀريا ٻاجهه مؤن، ڪري ”سچو“ سڏيندا.
ڪافي 9
نٿي وڻي ڳالهه ڪا ٻي، ڙِي جيڏيون، مون کي نٿي وڻي!
آءٌ نه ڪنديس، وي، اهڙي، ڀلو ميان،
ڪيچن جا مون سان ڪي.
اَوهان مِڙن ۾، وي، مست جو ٿيڙس،
پيالو عشق جو پي.
اوهين مڙيئي، وي، عقل واريون،
آءٌ جو بيراڳڻ ٿي.
”سچوءَ“ پڄاڻا، وي، سپرين، ڀلو ميان،
ڪوه ڪنديس هِت ڪي.
ڪافي 10
اصل اسانجِڙو آهي، ننگ ٻاروچل توتي!
ڇڏڻ مناسب ناهي، ننگ ٻاروچل توتي!
هيءَ ڪنيزڪ ملهه خريدڻ، سگَ نٿي ڪو ساهي.
ذرڙو جنهن کي ذوق تنهنجي جو، ڇَپَر تنهن کي ڇاهي.
جيئن هلائين تيئن هلان ٿي، ڏور وڌي تو ڏاهي.
هيءَ پاڄاڻي پرين سان پرتيوَ، باب سنديو توڙي
ناهي.
جيهي تيهي يار اوهان جي، ڇڏڻ لائق ناهي،
ٿرين برين يار ٿڪيءَ کي، رس ڪوهيارل ڪاهي.
ساهه ”سچوءَ“ جو در تنهنجي ڏانهن، هَڏ نه آسرو
لاهي.
ڪافي 11
حال هلڻ جو مون ناهي، آءٌ تان ڪيچ پهچان ڪيئن؟
ناتو نماڻيءَ جو، اَصل توسان آهي.
- هيءَ هوت نه ڇڏج هيئن.
تون تان صاحب سپرين، سڱ نٿي ڪو ساهي،
- ڪري جاني وڻيئي جيئن.
پسي حال حقير جو، آءٌ ڪوهيارل ڪاهي،
- ڪر ”سچو“ پنهنجي سيئن.
ڪافي 12
متان ڏوراپو ڪو ڏيو، ڙي ساٿيو!
هيءَ ڪنيزڪ مُلهه خريدڻ، ڪين هٿؤن مون ٿيو،
حرف اسان تي آهه اصل جو، وقت ويسَر ۾ ويو.
پلئي پائي مَديون، پيش پنهونءَ جي هي پيو.
”سچو“ ڪوٺي پانهنجو، پاڻ قريبن ڪيو.
ڪافي 13
اديون ڙي آهيان، ٻانهي سان ٻاروچن جي!
ڏکيان سکيا ڏينهڙا، شال لالن ساڻ لنگهايان.
هنيڙي کي هن جيڏيون، ڪهڙا سور سلايان.
وندر سنديءَ واٽ تي، چاهَؤن سِر چَلايان.
ويهان آءٌ ڪيئن ويسَلِي، ويندا ڇو نه ورايان.
ڪيهي پئي تان ڪيچ ڌڻن ڏي، ”سچو“ ميڙ سنڀايان!
ڪافي 14
ويهي آءٌ ڪوهُ ڪندي، جيڏيون ڙي ڀنڀور ۾!
چونديس حال حبيب کي، ڳچيءَ پائي گَندي.
ڪُٺي سا ڪيڏي وڃي، جا برهه تنهنجي بندي.
جيهي تيهي حال آهيان، ”سچو“ صاحب سندي.
ڪافي 15
ڇڏي هوتَ حُجت، ميان ڙي، ٿيس آءٌ نانءِ نماڻي!
اچي مون کي ڪينڪي، ڇڏي لوڪ لذت، ميان.
وڌو آهي مامري، مونکي تان محبت، ميان.
ويا نِڌر کان نڪري، اوٺِي رات اُچٽ، ميان.
سوُرَ تُنهنجا سپرين، رُڳائِي راحَت، ميان.
مونکي ٿيلَڻ آئيا، پيرن سان پَربَت، ميان.
”سچو“ سِڪ اوهان جي، واڳيو ۾ وحدت، ميان.
ڪافي 16
ٻانهي ٻاروچل جي آهيان، وي آهيان!
پريان سندي پار ڏنهُن، آسرو هڏ نه لاهيان، وي
لاهيان.
صورت وارا سُپرين، آءٌ نِماڻي ڇاهيان، وي ڇاهيان.
هوُ تان سائين، آءٌ تان گولِي، سڱ نه ساڻن ساهيان،
وي ساهيان.
ڏينهن لنگهيم هِت ڪيترا، ڪيچ وڻن ڏي ڪاهيان، وي
ڪاهيان.
هُئڻ ”سچوءَ“ جو آهي تنهين سان، اُنهن ٻاجهون
ناهيان، وي ناهيان.
ڪافي 17
ڙِي جيڏيون هاڻي شال ٿئي، منهنجو پاڙو پرينءَ سان!
مان مُئِي تان گهورِي، جاني شال جِئي.
هِنَ تان پُورُ پِرائيو، هاريون هوت وئِي.
ٻاروچي ڪا ٻاجهه پَئي، هِيءَ تا نالِ نئِي.
سارو مطلب مو ٿِئو، پُٺِيءَ هوت پِئي.
شال ”سچوءَ“ کي سُپرين، ڏوراپو نه ڏئي.
ڪافي 18
آءٌ ڪيچ ڪندِي، وڃي پورهيو پِرينءَ سان، ڙي
جيڏيون!
جيهِي تيهِي يارَ سڄڻ جِي، چڱِي توڙي مَندِي.
آءٌ تَنِين جِي آهيان، بِرههَ جَنِين جِي بَندي.
چونديَس حالُ حبيب کي، ڳِچيءَ پائي گَندي.
اَڻ مُلِهه ٻانهي آهي، سڀَ پَر سائِن سَندي.
”سچو“ ساريائِي دلڙي، رَمزَ تَنِين جي رندي.
ڪافي 19
ڙِي جيڏيون، آءٌ تان حالُ پُنهل سان ڪندي!
اصل لاڪون آهيان سائين، بَلوچاڻي بَندي.
وَسُ ناهم وارَ جو سائين، آهيان سائِن سَندي.
ڪَندي وڃِي ڪيچ ۾، دانهون سي درد مَندِي.
سُڌ لهنداسي وري، بِرههَ جَنين جي نِي بَندي.
”سچو“ اڳئؤن سڄڻين، ڳچيءَ پائي گُندي.
ڪافي 20
سارو ڏينهن روان ري، هيس جيڪِي هوت پنهونءَ سان
وعده.
ٻُڌڻ وارو ناهه ڪو، جنهن کي حال چوان، ري.
قاصد اچي ڪو اوڏاهون، پيرين تَنهن پَوان، ري.
ڏکايو تان ڏيل کي، اَديون اڄ اوهان، ري.
اُنهن ٻاجهون سَرتيون، نِت نِت سورَ نوان، ري.
ماريوُن محبوبن جي، طلب ناهي توهان، ري.
غرض نه رکان لوڪ جو، هِڪُ سائين هُئن سَوان، ري.
”سچو“ ٻاجهون سوزَ جي، ٻيون لاتيون ڪين لُوان، ري.
داستان ٽيون
1
ڏکن مَنجهان سُک، مُون تا لَڌا جيڏيون؛
ڏوريندي کي ڏُک، سُونهان ٿيڙا سَڄڻان.
2
هَنِ سَهانگا سُک، جي ساري عالم آئيا؛
ڏور مهانگا ڏک، جي ورتا وِرهه وارئين.
3
سينڌيون جي سُکن، تنين گوندر گهوريا،
ڏنم ڪاڻ ڏکن، هي سِرُ سارو سَٽِ ۾.
4
سُکِيون ڪوه پُڇن، سنديون ڏکن خبران؟
سي هِن وهانءِ وڃن، ڏيِل ڏکايل جن جا.
5
ڏکيون پُڇن ڏک، سکيون پڇن سکڙا؛
هن کي حاصل جو ٿيو، جيڪي منجهان جُکَ؛
نيهن وارن جي نُکَ، لڳي لوريءَ وارئين.
6
گوندر ڪيئن گهوريان، جنهن ڪيَس سينڌُي سڄڻين؛
جان تِڪ پئي توريان، تان ڏک موچارا سُک کَؤن.
7
جي گوندر گوشِ نه ڪن، کُهه پيون سي سرتيون؛
جُن سنگت ساڻ سُکن، سي پاڻون هوتَ پري ڪيون.
8
گوندر گهمي جي لهان، تان سُک سَوين ساڙيان؛
آءٌ پُڻ ڪيئن پاڙيان، ڏک سکن سان سرتيون.
9
جنين گوندر گوشُ، آءٌ گهڻو تَنِ نهاريان؛
جال اُنهن ۾ جوش، سدا آهي سرتيون.
10
جي سارو پُڇان لوڪ، تا گوندر وارو نه لهان،
ههڙو ڀَلو ٿوڪُ، ڪهين ڀاڳ پرائيو.
11
گوندر ڏينهن گذار، جان تون جئين جِندڙا،
سوئي عهد پار، جوئي ڪَيُي پرينءَ سان.
12
سُکن واريون سَوَ، ڪا ڪا ورهُ وارئي،
ترت انهيءَ کان تَوَ ڀڳيون آتڻ واريون.
13
آتَڻ واريون آئيون، ٿيون آتَڻُ اُجارين؛
جي گوندر گذارين، آتَڻُ تن اُوک ٿيو.
14
سارو لوڪ سُکن، پوءِ رهايو پرينءَ کؤن؛
ڏسو واهَ ڏکن، هوتُ وهاريو هنج ۾!
ڪافي 1
سرتيون منهنجو ساهه، هاڙهي سي هوت وٺي ويا!
ڪو نه ڪميڻيءَ جو ٿئي، هاديءَ ري همراهه.
ڀينر شهر ڀنڀور ۾، آڻيندن الله.
هَنڌئُون جنهين هوت ويا، روئي چمان سو راهه.
پرڏيهين تي ناهه ڪو، وريتيون ويساهه.
آهي رفيق رُڃن ۾، سندو سوزِ سپاهه.
ناهيم ٻئي ڪنهن لوڪ جو، پاڙيچون پرواهه.
معاف ”سچوءَ“ کي سي ڪندا، جيڪو ڏوهه گناهه.
ڪافي 2
اَچي ڪو نه ايڏاهون، ماڻهو شهر ڀنڀور ۾!
منهن ڪري اُنهينءَ پار ڏي، ميان، ويٺي ڪيم
اَلاهُون.
ڏسي حال حقير جو، ميان، اَچن مانَ اَڳاهُون.
ڪو پَلُ پاڄاڻيءَ کؤن، پَري ٿي نه پَراهُون.
ٿَر ٿَڪائي آهيان، ميان، پَکا اُڏج اوراهُون.
سُڻِي موٽ ”سچوءَ“ جون، ميان، آرياڻي آهُون.
ڪافي 3
وڻي ٻاروچي ٻولي، سدا تان ساهه منهنجي کي.
هُئي پناهه ۾ يار سڄڻ جي، ٻاروچي جي ٽولِي.
ٻاروچاڻي ذات جي، گولن جي آهيان گولِي.
ڪاڪيون ويندس ڪيچ ڏي، ڏونگر ڀايان ڏولِي.
”سچو“ سامَ اُنهيءَ جي، آهيان عيبن اولِي.
ڪافي 4
ڪي ايندا، هيڏي ايندا، اَلو، وهنيان ٻاروچا؟
ساٿي مون کي سچ چؤ، دوست دلاسو ڪو ڏيندا؛
هوندا ڪي مون وٽ هميشہ، وري ڪي پوئتي ويندا؛
هيڪَندَ شهر ڀنڀور ۾، ساڻ ٿَڪِيءَ اچي ٿيندا؛
ٻاروچا سي ٻاجهه پَئِي، آءٌ چَڱي ڪي چِيندا؛
سورَ ”سچوءَ“ جا سرتيون، نال پنهنجي ڪي نِيندا؟
ڪافي 5
اڙِي جيڏيون، مون کي ڇو ٿيون پِرينءَ ڏنهُن جهليو!
ويهان ڪيئن ڀنڀور ۾، جي روحُ اُنهن سان رليون.
ساڻن ٿيندس سنگتي، جو هوت هاڙي ڏي هليو.
پِريان سندي پارَ ڏنهن، پاڙيچُون نا پَليو.
سڄڻ سارو پانهنجو، سِر ”سچوءَ“ کي سَليو.
ڪافي 6
پانڌي، دلاسو ڏي مون، ايندا آرياڻي ڪي اوڏا!
آڌيءَ رات جو، وو، ڪيائون سانڀاهو، حال ڪيا تَن هي
مون.
- ويا تا تِرڪي توڏا.
ڪيو قبول، وو، پنهونءَ ڪارڻ، ڏک سوين نِي سي مون،
- لڪ ڏئي لک لوڏا.
محبت کؤن تان مُنهُن نه موڙيان، پرزا ٿيان هِت جي
مون،
- گُسي وڃن توڙي گوڏا.
سرتان صدقي، وو، آهه ”سچوءَ“ جو، ڪاڪيون چَون هِت
ڪي مون،
- درد ڏيندو سو ڌوڏا.
ڪافي 7
آءٌ وڃان تو تؤن گهوري گهوري، ميان!
ڏونڱر رهيس ڏاکڙا، تنهنجي ڪارڻ ڏوري ڏوري.
توٿڪائِي، وي، آهيان، اَچج آرياڻيءَ تون اوري
اوري.
ڀلا هن ڀنڀور ۾، تِر نه رهنديس توري توري.
مون کي وڌو مون پرين، جهڻڪ اوهانجڙيءَ جهوري
جهوري.
”سچوءَ“ جوني سُپرين، هنيڙو نيو هي هوري هوري.
ڪافي 8
بيو ڪَير حامي منهنجي ٿيندو، لکي ٻاروچَلَ ٻاجهون!
درد منديءَ جي دل انهيءَ کي، پاڻؤن دلاسو ڏيندو.
ڪين ڇڏيندو ڇپرين، سوئي نال نِماڻِي نيندو.
اکڙين سان سَڀيئي ڏسنديون، اڱڻ آرياڻيءَ سو ايندو.
پاڻ پنهنجو يار پيارل، ساڻ غريبِ گڏيندو.
ڏنگاين ڏي ڪين ڏسندو، بديون تان بخشيندو.
مِهَر پنهنجيءَ ساڻ ڪنهن ڏهاڙي، ”سچو“ سو نانءُ
سَڏيندو.
ڪافي 9
آءٌ ويندي پُنهل جي پار، ميان، ٿَڪِيس ڪِين ٿَرن
۾!
مون مَن گڏي گوندرين، ڪيچي ٿِيَم قرار.
ذات جتن جي جيڏيون، جيءُ وڌو آهي جار.
ڪندي وڃي ڪيچ ڏي، ڪنِيزاڻي ڪار.
آهي ڪاڻ قريب جي، وڃڻ مون وڻڪار.
پُرڻ اٿم پنڌ ۾، دوست پُٺِيءَ دزڪار.
سارو ڪِم ”سچوءَ“ جو آهي، اُنهن جي اِختيار.
ڪافي 10
اڄ اهو ساڳِي مون سڃاتو، آهي ٻَڙيون ٻاروچو!
اصل لاڪُون آهي اُنهن سان، هن نماڻيءَ جو ناتو.
اچي ڏٺم اوچتو، پيچُ جَنهن مُون سان پاتو.
ڦِريس ڦيريدار جان، ڄاڻ نه مون هيئن ڄاتو.
لٿو لحظي هڪ ۾، اديون ڙي اوراتو.
صدقو ”سچو“ تَنهِن اُتون، عشق جنَهِن سان تو لاتو.
ڪافي 11
وڃي ڏيهه پرين، ڙي ساٿيو، منهنجو ڏيجو سنيهو!
اوهان ٻاجهون سُپرين، ڏکيا ڏينهن لنگهن.
ويٺا ڏسون واٽَڙيُن، اڱڻ مانَ اچن.
ڪو نه ورندي ٿو ڏئي، وندر جي ڀي وڃن.
ڏکيا اُهي ڏينهڙا، جي پاسي کان پِرين.
ڀينر شهر ڀنڀور ۾، شال ڀيرو ڪن.
ويچاريءَ نه وساريو، جا لڳي ساڻ لَڪڻ.
جيهو تيهو آهي ئي ”سچو“ سگ سندن.
ڪافي 12
ڪيچن جي ڪَڍَ ڪاهِ، متان ويهين کِين وساري!
ڏسندينءَ ڏونگر چوٽِئين، بَلوچاڻي باه.
ڦولِج پاڻ فقير ٿي، وندر جي وڻراه.
ساري شهر ڀنڀور جا، لاڳاپا سڀ لاهِ.
متان ويهين ماٺ ڪري، ڏونگر ڏورج ڏاهِ.
عرض وڃي ڪر روبرو، ٻيا ساٿي ڪِيم سَنڀاهِ.
ٻانهي ٿج ٻروچ جي، ڪو تون سَڱ نه ساهِ.
روح رهي هِت هوت ريءَ، ”سچو“ ڪنهن نه صَلاح.
ڪافي 13
ٻيو ڪير پڇي ٿو حال منهنجو، خان باروچل ٻاجهون!
توريءَ آهيان يار سڄڻ، ميان، اُداسي اَهنجو.
جَنهين ڪَنهين سان پيچ پاتوسين، غرض رکي سو نه
ڪنهن جو.
خيال اسان ڏي آهي جنهن جو، آءٌ ڀي سو آهيان
تنهنجو.
اَسان ڄاتو صحيح سڃاتو، عاشق آهين توُن اَسان جو.
درؤن پيهِي پاڻ پُڇَندو، آهين ”سچو“ توُن ڪِي
سَهنجو.
ڪافي 14
اَکَڙيُن اِسرارُ، مون کي ڪو جو ڪيو، ميان!
اُنهن تان ڏيکاريو، ڪاڪيون ڙي ڪوهيار.
تِنهِين ڏهاڙي ڪيو، بِرههَ بي اختيار.
ڏونگر ٿو ڏورائي، چشمن جو چمڪار.
ناز نيڻن جو سَرتيون، ووڙائي وڻڪار.
سوز سڄڻ جو سَرتيون، ”سچوءَ“ کي سينگار.
ڪافي 15
يار پُنهلَ پيغامي، ڪڏهن مُڪو ڪو نه مون ڏي!
روز اَزل کؤن يارَ اوهان کي، منهنجو ساهه سلامِي.
اَوهين نه ايندؤ، اَسين اينداسي، اِها اَسان جي
اَنجامي.
پِرين ڏِسجو وَڙَ پنهنجي ڏي، آهن عيب اسان ۾.
جان جُثي، جان ڪِي، ٿيندي نه طلب تمامي.
ڳالهيون اوهان جون ٻارڻ، وينديون سي ڪين وسامي.
ڏيئِي اسان کي ڦَٽ فراق جا، ٿئين تون يار آرامي.
درَ اوهان جي جِي يارَ ”سچوءَ“ تان، مَڃِي آهي
غلامي.
ڪافي 16
پوءِ هت ڪيئن ڪندي، ٻاجهون يار جي آءٌ!
پيرين پَوندي پِرينءَ جي، ڳچيءَ پائي گَندي.
وَهي ٿي واڪا ڪيون، نيڻن مَنجهؤن نَدي.
سڀ پَر سَنديَن آهيان، چَڱي توڙي مَندي.
دل ”سچوءَ“ جي سَرتيون، بِرههَ تَهِين جِي بِندي.
ڪافي 17
آءٌ وري تون تان ويههُ، سڄڻ آءٌ تان تنهنجڙي
آهيان!
آهون عاشق جون سُڻي، ڇڏ پرين پَرڏيههُ.
پکي پاڄياڻين جي ميان، آءٌ پرين تون پيههُ.
اَصل لاڪون آهي ئي، هِي ڏاها تنهنجڙو ڏيهه.
”سچو“ جوني سپرين، آءُ ساري ساڻيهه.
ڪافي 18
گولن جي آءٌ گولِي،
خان ٻاروچا تنهنجي!
آءٌ نه ڪنديس ڪڏهين، ٻانهپ ريءَ ٻولِي.
سُڌ اچي لهه سِگهَڙي، آهيان سا عيبن اولِي.
هِن ڏُهارڻ جهڙي ڪا، لهندين ڳوٺن مون مس ڳولِي.
نانءَ سائينءَ جي يار سڄڻ ڙي، ڪر ”سچوءِ“ سان
سولِي.
ڪافي 19
ساٿ سلامت آيو، پکي ٻاروچَلُ جو.
ڏينهن فراق جا لنگهيا اسان توُن، موليٰ سو محب
ملايو.
ميلاپي جو مِهر پِئي تان، واليءَ ورق ورايو.
وَڙَ پنهنجي ڏي پاڻ ڏٺائون، ويڙهو هي يار وسايو.
ميرا لاهي اڇا ڪياسي، هوتن تان نيهن نباهيو.
ڏيو مبارڪان سڀئي ”سچوءَ“ کي، جو سورن اڄ سِڌايو.
داستان چوٿون
1
مَتان وسارين، ووءِ ووءِ ڪَر وندرَ ۾؛
جي گوندر گذارين، سي تو چڱا ڏينهڙا.
2
چڱو گوندر غَمُ، جي مون پڇو جيڏيون؛
مَنجهه ڪشالي ڪَمُ، آهي وِرههَ وارئين.
3
گوندر آهي غرَضُ، جي مُون سُڻو سَرتيون؛
فنا سڀ فَرضُ، ڪري سو سُنتَ سين.
4
گوندر جن گُذاريو، ڪاٿَون سي لَهان؟
هڪڙي رات رهان، وڃي وِرِهه وارئين.
5
گوندر جَن گذاريو، ڪاٿَؤن لهان سي؟
حال پنهنجو هي، وڃي ڏَسيان ڏکَن وارئين.
6
گوندر جن گذاريو، آءٌ تَنِين گولي؛
هِنيَڙي ۾ هولي، هوندي ڏکن وارئين.
7
گوندر جن گذاريو سُورَ پُڇَن سي ئي؛
پِرهه جِي پيئِي، تَنين مَٿي ماٽَڙي.
8
گوندر جن گذاريو، پيهي سي پُڇان؛
اُنهن لَڳ لُڇان، گهڻو آءٌ اُٻاڻِڪِي.
9
گوندر جن گذاريو. آءٌ پکي تن پيهِي؛
وٽانئَن ويهي، وٺان واسُ وِرِهه جو.
10
گوندر جن گذاريو، آءٌ تَنين گهوري؛
سدا مون جهوري. آهي ورهه ورائين.
11
گوندر جن گذاريو، مُنهن تَنِين مَشعَلَ،
ڪا مون پوي ڪِل، اُنهن جي افسوس جي.
12
گوندر جن گذاريو، مُنهن تَنِين مَهتاب،
سنديون نِيهَن نواب، آهن ورهه واريون.
ڪافي 1
آڏو مانَ اَچن، وو، ڏسي منهنجو حال- ڀَلو!
هو جي ڪيڙم ڪاف ۾، ڪوڪان پَونِن ڪَن.
ڪيچڙن جا ڪاڪِيون، تان رهبر واٽ رسن.
خبران ڏکن سنديون، اڳيون پاڻ پڇن.
ٻاروچان ٻاجهه پئي، چڱي آءٌ چون.
پنڌَ ڪريندي پرينءَ ڏي، مَرُ پُرزا پيرَ ٿين.
”سچو“ پنهنجي ساٿ سان، نماڻي به نِينَ.
ڪافي 2
آءٌ ٻانِهِن جي سا ٻانهي، آهيان عيبدار، ميان!
عمر سڄيائي ڪوڙ ڪمايَم، بخش اُهو مون کي جاني.
روز اَزل کؤن اَبد تائين، آهي ڳچيءَ منهنجي ڳاني.
ڏوهه ڏنگايون ڏس نه منهنجيون، محب ڪرين مهرباني.
ڪيئن ”سچوءَ“ جي دل سا دلبر، دوست ڪَيَو ديواني.
ڪافي 3
مون کي نال نئين، نِي، اِهو ڪيچِيَڙن جو قافلو،
ميان!
اَڱڻ شِال اچي، نِي، اهو سپرينءَ جو ساٿڙو، ميان!
پٺيءَ هوت پنهونءَ جي، ميان، هلڻ سان هنئين، ني.
پُڄاڻان پرين جي، ميان، جِند ڪيئن جِئين، نِي.
وڏي ٻاجهه ٻروچ کي، ميان، اُتي چَون اِئين، نِي.
”سچو“ چون سُڌير ٿي، ڀلو، پوندي مَهِر مِئين، ني. |