ڪافي 1
پُڇيون ڪي پِريَن، حالَ منهنجي جِيُون خبران،
ساٿيو ڙي!
ساهه سِڪي ٿو جن کي، مون کي ڪِي سارِنِ؟
هِنِ دم دلاسا ڏنا، سَرتيون ساٿيڙنِ.
تون هِت ڪهڙيءَ ڳالهه ۾، هو هُت ياد ڪَرِن.
آهين جُنين جي آسري، سي تو ڪاءِ ڇَڏن.
”سچو“ سَنگتِ پانهنجي، مانَ غريبِ گَڏِن.
ڪافي 2
پَسَڻَ ڪارڻ پِرينءَ جي، ڪيا آگَمَ اَکڙيَن!
مِلَڻ لءِ محبوب جي، ٿيون راتو ڏينهن وسَن.
جهُورَ نه لَهي جهُڙَ جِي، ٿي ڪڏهين ويڳاڻن.
سدا ساوڻ تَن کي، بوندان بس نه ڪن.
”سچو“ سُپرين لءِ ٿيون، جهوريءَ منجهه جهِڄَن.
ڪافي 3
بِرهه بيراڳي ڪيو ڙي جيڏيون، مون کي درد ديوانو
ڪيو!
پُڇو ڪيم طبيب ٻيا، مون کي نِينهَن سو نِيو.
هاريون اَچي اوچتو، پُور پِريَن جو پِيو.
اُندوهه عشق عجيب جو آهي، ڏکِيءَ کي نِي ڏيو.
جو اَمُرَ اوراڻو ڏنو، سو تان ساڳِي ٿيو.
سَرتيون ٻاجهؤن سوز جي، آهي جُٺِن گاڏون جِيو.
راتو ڏينهان روحَ کي، خيال ڪيو هِن کِيو.
”سچو“ باقِي سَچُ ٿيو، غير وچؤن تان ويو.
ڪافي 4
ٿيون وَرَڻَ جِيون وايوُن، يا سانگيڙي جون!
هَٿ پانڌِن جي پارؤن پرين جي، اِهي سي خبران آيون.
ڪونجان هزارين ڪيچ وڻن ڏَنهُن، اُهي سي دوست
اُڏايون.
اڱڻ اهو ئِي اسان پرين جو، جدا نه هونديون جايُون.
ڪئِي ڪتابتان پنهنجي اَچڻ جون، مون ڏي هوت
هَلايون.
ناهِن ڳالهيون هي ڳرهَڻ جهڙيون، ”سچو“ سي سوز
سلايون.
ڪافي 5
گهڻا وڃي ڏينهڙا لايا، يارَ پياري، ميان!
آءُ ڙي پانڌي ڪَلَ ڪائِي ڏي، هُئڻ اَچڻ جا سعيا؟
اُنهن ڪارڻ راتو ڏينهان، مون ٿي وِرهه وسايا.
ڏينهن انهيءَ ڏي ڏسان ڏهاڙيون، هُن ٿي ڪانگ
اُڏايا.
يار مسافر موليٰ مهر سان، ساڻ غريب گڏايا.
ٿورا تَن جا ”سچو“ سنڀارين، جي اِجهي چَون اَڄ
آيا.
ڪافي 6
حال منهنجو ڪونه هو، جيڏيون ڙي، پنهنجو ڪرم
ڪيائون!
معاف ڪيائون منديون، ڏوهَن ڏي نه ڏٺائون.
جيڪو حال احوال هو سائين، پاڻؤن واڻ پُڇيائون،
پاڻ پنهنجو پاڻهين، ساڻ غريب گڏيائون.
”سچوءَ“ کي ڪيئي سرتيون، ٿي دلاسا ڏنائون.
ڪافي 7
گهورِي گهورِي گهورِي، وو ميان،
جند سَڄَڻ تو تان گهورِي!
راتو ڏينهان، وو، آهي اوهان جي، سائين، جهورِي
جهورِي.
ڳچيءَ وِڌَيَو عجب جيهي، سهڻا، ڏورِي ڏورِي.
تَندُ نه ڄاڻان، وو، ڪنهين هيءَ، سُهڻا، چورِي
چورِي.
دل کسيائي، وو، لُٽ نِيتيِائِي، حاڪم، زورِي
زورِي.
اول آسانِي ڳالهه ٿي پوءِ ڪيڙءِ، سائين، ڳورِي
ڳورِي.
”سچوءَ“ لايو سَچَ منجهارؤن، لالن، لورِي لورِي.
ڪافي 8
ڙي جيڏيون، هاڻي گهوريون هوتن ري، سارو شهر ڀنڀور!
لاهيندا، وو، لطف مان، ميان، هن ڏکيءَ کؤن ڏور.
هي هالاڻي اَن جي، شعلو وڌڙو شور.
منت نه منهنجي موٽيا، زاري آهي نه زور.
درسن ساڻ دفعي ٿيندو، سندو هنيڙي هور.
”سچو“ سندين راهه تي، هڪ جفا ٻيو جور.
ڪافي 9
اَڄ هوتن ريءَ هِت هاڻ، ٻيا ڪير لهن مون ساران!
قاصد ڪيچ وڻن ڏَنهُن، اَٿَت سِگهڙو آڻ،
- ٿي روزو جهايان ڦاران.
وِجهان وِڃاڻا ڪيترا، قريبن جي ڪاڻ،
- يار ملن شل ياران.
آيون اِنهيءَ پار ڏهون، اديون ڪُرڪاڻ،
- ڪونجن جون ڀِي قطاران.
سَنجهي صبح سرتيون، ميان ٻاروچي جي ٻاڻ،
- آهن ”سچو“ کي سنبڀاران.
ڪافي 10
ڏک وڏو وئين ڏيئي ڏيئي، وو، يار سڄڻ اَڄ مون کي!
اوهان ٻاجهون يار پيارل، حال اسان جِڙو هيئي هيئي.
پرين ڏسيجو وڙ پانهنجي ڏي، اسان هٿئون جي پيئي
پيئي.
ياد ڪريجو ڏينهن اُهي ئي، ڳالهيون ڪَيَو گڏ ڪيئي
ڪيئي.
هو جي ڪيون ڳالهيون توئي سان، نينهن ”سچوءَ“ ري
سيئي سيئي.
ڪافي 11
ڪالهه، اَسان تو ڪيون ڪيون، يار سڄڻ، ڳجهيون
ڳالهيون!
ٿين پراڻيون ڪينڪي، نِت سي آهن نَيون نَيون.
رهيون آهن روح ۾، چڱيون اوهان جي چَيون چَيون.
ڪين وسرن ساهَ کؤن، اُهي تان پاڙڻ پَيون پَيون.
مٺيون ڳالهيون تانهنجيون، هن ”سچوءَ“ ساهَ سَنيون
سَنيون.
ڪافي 12
تون ته پاڻهي ٿو سائين ڄاڻي،
ڪيهو حال چوان تو کي هاڻي!
دل ديواني ڪِي اسانجي، مُحب اَوهان جي ماڻي.
ڏوهن ڏي ڏس ڪين اسان جي، سائين تون پاڻ سڃاڻي.
دردمنديءَ جي دل تو ئي سان، اکِن اَڙائي آڻي.
ڪڏهن اسان وٽ ايندين دلبر، ويٺي وجهان ويڃاڻي.
سوال ”سچوءَ“ جو آهي اهو ئي، تنهنجو عشق نه شال
اَڪاڻي.
ڪافي 13
آءُ آرياڻي اوري، آءٌ دامن لڳڙي آهيان!
سِرُ پنهنجو سُپرين، گهَرون آيَس گهوري.
هِيءَ ڪميڻي ڪينڪِي، ڏونگر سگهي ڏوري.
ڪا جا تَندُ طلب جِي، چِتِ وئين تون چوري.
نيو پاڄياڻي پاڻ سان، تِرُ نه رهي تو ري.
”سچو“ سَگ اَوهان جو، ڪيئن پُڄي تنهنجي ٿوري؟
ڪافي 14
ڏِس ڪهڙيون ڦيريون پائي، اِهو لِڪ لِڪوٽِي يارُ
سڄڻ!
غمزي هن غيرت ٿِي، جو عشق لَکَن سان لائي.
علِم عقل ويو اڏري، عين عشق جي آئي.
طَبل ٻيا سڀ تم ٿيا، جڏهن نوبتَ نِينهُن وڄائي.
نحو صرف ويو وسري، جاتي پاڻ خيال کُپائي.
رَمز پنهنجي راز جِي، ٿو ”سچوءَ“ کي سمجهائي.
ڪافي 15
اڙي مهر پَئي، مون کي يار سَڄڻُ، دارون ڪو دل جي
ڏئي!
قدر پيو مون کي ڪاڪيون، نِي وو وو، ويڄن وِئي.
اَثر منهنجي درد جو اديون، شال طبيبن ٿِئي.
ورهيه ويڙا گزري، هِن عاشق آهون ڪِئي.
وِرهه وهايم جيڏيون، پوئتان پُرجهڻ پِئي.
ٻُڪي ڏين جي ٻاجههَ جِي، تان جِيءُ ”سچوءَ“ جو
جِئي.
ڪافي 16
آههِ علاجُ نه ڪوئِي،
هِن اَکن ماري آهيان!
ڪنهن کي سَليان سَرتيون، حال اِهو ئي روئِي.
ڦَڪِيون ٻُڪيون لکين هزارين، ڪيون طبيبان توئِي.
ناحَق ٻڌين پَٽِيون، ڪل نه حاذقَ هوئِي.
ويڄ وٺِي وڃ واٽ اِهائي، سانولُ اِيندم سوئِي.
دست سڄڻ جي دارون آهي، ”سچو“ يار سَڀوئي.
ڪافي 17
نِينهُن ڏاڍي سان لايوسي، آءٌ تان هاڻي ڪيئن
ڪريان؟
عشق سَوَلو سَرتيون، هُت سَڀَر ڀايوسي.
جو ڏنائون جيڏيون، سو تان پَلءِ پايوسي.
پڇي اسان جا پکڙا، اديون، اجهو آيوسي.
ڀينَر شهر ڀنڀور جي، هِت طَعنن تايوسي.
سوئِي ”سچو“ سِر تي، هاڻي چُمي چايوسي.
ڪافي 18
منهنجو هينئڙو هوتن ساڻ،
ڪهڙي ڪريان ٻِي آءٌ تان ڳالهڙي!
وندُرَ سنديءَ واٽ تي، پُرزا ڪنديَس پاڻُ.
اُچِي لڳو مون اوچتو، ٻاروچي جو ٻاڻُ.
دعا ڪريجو جيڏيون، شالَ موٽي مُئيءَ جو ماڻُ.
ويڙو درد فراقِ جو، ڏيئِي ڏکيءَ کي ڏاڻُ.
اڱڻ ايندو تانهنجي، ”سچو“ سو سَرواڻُ.
ڪافي 19
ڪالهه اَسان وٽ ويهِي ويهِي، وو يار سڄڻ، ڪَيَو
ڳالهيون!
سي نه وسرن ساهه منهنجي کي،
ڳالهه ڪريان ٻِي ڪيهِي ڪيهِي!
ٻِهَر ٻاروچا ٻاجههَ پَئِي تون،
آءُ پکي هِن پيهِي پيهِي!
ڏينهن ٻه ٽي چار دوست اسان جِي،
رَمزُن سان دل ريهِي ريهِي!
هُج هميشه يارَ اسان وٽ،
پِرين نه ٿِج پَر ڏيهِي ڏيهِي!
ڪيو بيراڳي ڏينهن تنهن لاڪوُن،
دوست ”سچوءَ“ جي ويهِي ويهِي.
ڪافي 20
يار چڱي تو تان مون سان لائي،
ڙي دلبر، لائي!
دوست دلاسي جي درد مندن ڏي، مُج ڪتابَتَ ڪائِي.
تنهنجي اَچڻ جي يار پرين ڙي، هِتِ وري ٿي وائي
وائِي.
جا وڻيوَ دل پنهنجيءَ کي، ڪيوَ سانول سائي سائِي.
خبر خوشيءَ جي پارؤن اوهان جي، اُڄ اسان وٽ آئِي
آئي.
حال ڏسي ڪري يارَ ”سچوءَ“ سان، ٿيءُ اَچي ڏکَ
ڀائِي ڀائِي.
ڪافي 21
اِجهي آيا، کِلي گڏيا سي، جن جي ڪارڻ پانڌي
پُڇياسي!
فَلڪ فِراقي ڏينهن ڏُهيلا، اُهي سي ئي وسري وياسي.
پاڻؤن ڄاڻي، سي پيهي آيا، جن جي ڪارڻ چِلا ڪياسي.
اُسان ڀانيو تان آرام ٿيو سي، ناز نيڻن جي ناگَهه
نِياسي.
جيئن وڻي کين تيئن ڪرن سي، وس پِرين جي وڃي پياسي.
ويڙهي اسان جي ”سچو“ آياسي، طرف جنهين جي قاصد
ڪڍياسي.
ڪافي 22
متان تون مون کي ڇڏين،
سُونهان ڙي سڄڻ جا!
محبوبن سان نانءَ ڌڻيءَ جي، نيئي غريب کي گڏين.
نٿو ڄاڻان ڏينهن اُهوئي، ٿيندو الاجي ڪڏين.
جڏهن تون حاظر ٿئين حضورين، نانءُ ”سچو“ ڪري سڏين.
ڪافي 23
ڪاڻ اچڻ تنهنجي ڪندي آءٌ، هِتِ حيلا هزارين وي!
پرچ پرين ڏِس پاڻ ڏي، بِرهه اوهان جي بندي آءُ،
- وري مان نهارين، وي.
پَرچِي اڱڻ آءٌ تون، پايان ڳچيءَ منجهه گندي آءٌ،
- يار گڏ گذارين، وي.
جيهي تيهي هوت اُوهان جي، چڱي سا توڙي مندي آءٌ،
- سا تون ڇو ٿو وسارين، وي.
اُوهان ٻاجهون سُپرين، نيڻؤن وهايان ندي آءٌ،
- پيو ”سچو“ پنارين، وي.
ڪافي 24
آهي صبح انجام، پرين، تنهنجي ڀَلا پار ڏي!
اَسان کنيو تان تنهنجو، سِرَ تي ڪُل ڪمامُ.
دانهون ڪري درد مؤن، بِرههُ نه ڪري بدنامُ
جي تون پُڇين ڳالهڙي، طلب نه ڪَج تمامُ.
اڱڻ اچن ٿا تانهنجي، عاشق ڪر آرامُ.
”سچو“ سَڀو تانهنجو، ڪَيوسي قبول ڪلامُ.
ڪافي 25
ناهي ويچاري سا وَس، هِيءَ تا بيوس آهي، ميان!
پِرين پنهنجي پارَ جو ڏاها ڪو پَههُ ڏَس،
- تنهنجي ڪَس، نِي، آهي، ميان.
اَول آخر آهي ئِي، رانول منهنجِي رَسِ،
- تنهنجي وس، نِي، آهي، ميان.
اَوهان ٻاجهُون سُپرين، ڳالهيون نه اَچن ڪَس،
- روحَ رَس نه آهي، ميان.
پُڄَاڻا پِرين جي، آهي ڀنڀورَ کؤن بَس،
- سو تان چَس نه آهي، ميان.
ساڻ ”سچوءَ“ تو سُپرين، هوتَ ڳالهائِج هَس،
- ٻيو ڪو جَس نه آهي، ميان.
ڪافي 26
هوتَ اسان وٽ اِيندا،
وٺِي نال ڀِي نيندا!
سَوَ دلاسا سَرتيون، هِنَ ڏکيءَ کي ڏيندا،
- گولِي پاڻ گڏيندا.
پَکا پاڄياڻِن جي، اوڏا آڻِ اُڏيندا.
- ڇوري تان نه ڇڏيندا.
جانچي ڏسجو جيڏيون، هِڪُ ٿَڪِيءَ سان ٿيندا،
- وري پوءَ نه ويندا.
پَسِي حال حَقيرِ جو، بَديون تان بخشيندا،
- ”سچو“ نانؤُ سڏيندا.
ڪافي 27
جِي آئِين ڀِلي آئين، ڪيچي ڏٺَوَ ڪالههَ ڪاٿي!
سِگهو سِگهو تون ڏيج سَنهيا، ڏينهن گهڻا ڇو لائين.
ٿورا لائين ٿو هِن ٿَڪيءَ تي، پير اڱڻ جو تون
پائين.
پاڻُ توئِي تؤن ڪريان قربانِي، جو ڳالهه سڄڻ جي ٿو
ڳائين.
طَرفؤن تنهنجي هِيءَ نماڻِي، سَڀ ڀلائِي ٿِي
ڀائين.
ڏيههَ سڄڻ جو ڏَسيون ڏهاڙيون، ”سچو“ ٿو ڪانگَ
اُڏائين.
داستان ڏهون
1
ڪيچيڙا ڪالهه ويا، مان ٿي اَڱڻ نهاريان؛
ساريو سُپرين کي، هنجون آءٌ هاريان؛
گوندر گذاريان، هَي هَي سارا ڏينهڙا.
2
ڪيچيڙا ڪالهه ويا، پوءِ ٿي اڱڻ نِهاريام،
ڪين لهان ڪاٿئين، وڏيءَ ويل ويام؛
وڃي ٿاڪ ٿيام، ڪاڪيو ڪيچ وڻن ۾.
3
ڪيچڙا ڪالهه ويا، تَنگ اُٺن تاڻي؛
هوتن ريءَ هاڻي، اڱڻ نِهاري نه سگهان.
4
ڪيچيڙا ڪالهه ويا، اڃا مون وٽاءُ؛
پِرين پڄاڻاءُ، اڱڻ ڏسي نه سگهان.
5
ڪيچيڙا ڪالهه ويا، جات اَولِي جَتَ؛
هَي هَي هڻان هٿ، اَڱڻ ڏسي نه سگهان.
6
ڪيچيڙا ڪالهه ويا، تون ٿي اڱڻ نهاريين،
ٻَڙي ٻاروچن لءِ، رت هنجون هاريين،
ساريون سنڀاريين، ٻاروچاڻي جاتِ کي.
7
ويَئي ڪيچيڙا ڪالهه، تون اَڄ ٿي پيرَ نِهارئين؛
هو لنگهي لَڪَ سنوان ٿيا، تو هِتِ ههڙا حال؛
ڪندئِي سارَ سنڀالَ، وڃي ڪيچ وڻن ۾.
8
ڪري ڏمرُ ڏير، اُٿي آڌيءَ رات ويا؛
تون کڻين وقت صبوح جي، پيراڍُنِ جان پير؛
هو ڍُڪيو ساٿُ سوير، وڃي ڪيچَ وڻن ۾.
9
جان جان ٿِيَڙسِ جاڳ ، تان ساٿَ سَويلو لَڏيو؛
اَرتو اوتي اَکيون، موٽيون ڏسِي ماڳ؛
وَرُ وَرائي واڳَ، مانَ نماڻيءَ جي نِجهُري!
10
اڱڻ ساڳِي اوءَ، پَر ڪيچن کي ڪاٿو لهان؟
ڏيئي ڦَٽ فِراق جا، پورهيتَ ڇڏيون پوءِ؛
هاڻي راهُن مَٿي روِءِ سڏ، ڪريندي ساٿ کي.
11
وڃي ڪيچَ وڻن ۾، مَنَ ڪَرن نماڻي ياد؛
آندهُون آزاد، ڪندا ڪميڻيءَ.
12
وڃي ڪيچَ وڻن ۾، ياد ڪَرن مون مانَ؛
انهيءَ ۾ ارمان، ساه وڃي ٿو سرتيون.
13
وڃي ڪيچ وڻن ۾، مان پڇن پورهيت؛
ته هُئي نماڻي هِتِ، پاڻيءَ ڍوئي پانهنجي.
14
وڃي ڪيچ وڻن ۾، مانَ پورهياتِ پُڇن؛
اِئين پاڻ چون، ته ويچاري ويجهي ڪريو.
15
وڃي ڪيچ وڻن ۾، ڪنهن ساعت سنڀارين؛
مانَ وري نهارين، ڀينر شهر ڀنڀور ڏي.
16
وڃي ڪيچ وڻن ۾، پُڻُ ٿيندي پورهيت؛
جَتُ منهنجو جِتِ، آءٌ اُت گولي ٿي گذاريان.
17
ڪري پورهيائِت پانهنجي، مانَ وٺي نانءُ سڏين؛
گولِنِ گڏ گَڏين، ڪَنِ پاڻيءَ ڍوئِي پانهنجي.
18
پو رهيات ڄام پنهونءَ جي، اَصَلَ کَؤن آئين؛
تون گولِن سندي گولڙي، هو سندءِ ٿيا سائين؛
ڪاپو ڪمائين، ڪُلو ساري ڪيچ جو.
19
پورهيات پنهونءَ جي، هيءَ اصل لاڪون آههِ؛
ٿِي ڪاپائِتِ ڪيچ ۾، ويندي لالن لاءِ؛
ساهه نه اَچن ساءِ، هي ماڻهو شهر ڀنڀور جا.
20
هيءَ پورهيائِتِ پنهون جي، اصل کون آهي؛
سڱ ته ڪا ساهي، ڀڙيون، ٻاروچن سين!
21
چوٽِ چڙهي چانگارَ، ڪندي ڪيچيڙن کي؛
پوندي ڪَن قريب جي، گوليءَ جِي گفتار؛
ٻاروچا ٻيهارَ، ڪندا ڀيرو شهر ڀنڀور ۾.
22
ڪوهِ چڙهي ڪوهيارلَ کي، ڪا جا ڪُوڪ ڪيام؛
ڳوڙها جي ڳَلَن تَؤن، ڳَڙَن جيئن ڳاريام؛
اِهي سڏڙا، ”سچيڏنو“ چوي، ٻاروچَل ٻُڌام؛
گونَدرَ غَمَ ويام، جڏهن ٿيس هيڪاندي هوت سان!
ڪافي 1
آءٌ ڪانگا ڪاڪر، ڙي، مون سان هَر هَر پيو ڪر، ڙي،
- مِٺِي ڳالهه پِرينءَ جي!
ڏاها ڏٺوءَ ڪِي وڃِي، اُهي پرين ڪهڙيءَ پَرِ، ڙي؟
ڪِي حال پڇيائون هِن جو، ڪا ڪندا ويچاري ور، ڙي؟
محبن جي ميلاپ جي، ڪا ڪندين ڀيڻي ڀر، ڙي؟
آءُ توئِي تؤن صَدقي، هوئين دوستاني دَرِ، ڙي.
پِريان سندي پار جِي، آهي سِڪ ”سچوءَ“ کي سَرِ،
ڙي.
ڪافي 2
ڪالهه قاصِدَ اوڏاهون آيا: چي، جاني اِيندءِ اَڄ
جائِي!
اُسين تان اوڏاهون اُڄ آياسي، هُئن اَچڻ جا سَعيا،
- ڪيچ هُئِي هيءَ وائِي.
سِڪين سارين جن کي، وو ميان، واليءَ پوءِ وَرايا،
- اَُچي ٿيندءِ ڏکَ ڀائي.
ڏينهن گهڻا تو هوت پنهونءَ ري. وِرهِي مينهن
وسايا.
- آئي اُڏاهون واڌائِي.
اِجهي اِيندءِ سپرين، وو ميان، ڏينهن گهڻا جنَ
لايَا،
- ڪَلَ نه پوندءِ ڪائِي.
”سچو“ سِڪندي سال ٿيا، وو ميان، ڏکيا مون ڏينهن
لَنگهايا،
- وڃي هِيءَ عُمر اَُجائِي.
ڪافي 3
ڙي ساٿيو، منهنجي يار جِي، ڪا ڳالهه اَچِي مون سان
ڪَريو!
آهي آرامِي ڪِي يار اسان جو، ٻُڌي سا ووءِ ووءِ
وَريو؟
جي هيڪَندَ ٿِيان هوت سان، تا ڪاج سڀو مون سرَيو!
ٻيهَرَ مون سان ڪيچ ڏي، ڪي وکان ٻه ٽي ڇو نه
ڀَريو!
ڏوٺ ڏوراپو يار سڄڻ تي، مَتان ڪو پانڌِ يَو ڌَريو.
سوز ”سچوءِ“ جو سَڱ سُڻڻ سان، ڳوڙها سوڳاري ڳريو.
ڪافي 4
وڃي پَکا پُڇائيج، تون ساٿِي ڙي، سڄڻ يار جا!
هِي تان حال حَقيرِ جو، وڃي سارو سڻائيج.
هِي نياپو نينهن جو، وڃي پانڌي پَهُچائيج.
پاند ڳچيءَ ۾ يار کي، پارؤن مون پائيج.
بِهَر ٻاروچا وري، وو، اَچي وِرِهه وسائيج.
”سچوءَ“ ڏي کؤن سُپرينءَ ڪِي چڱو چوائيج.
ڪافي 5
مون کي نيڻ ٿا نِيَنِ، هَر هَر حبيب ڏي!
دل جوش ۾ خروش، اکيون روز رت رُئن.
شُڪر آهه خداءِ جو، دِيدان ديدار ڪَرَن.
پارؤن يار لَک هزار، مون کي مِيهَڻا ڏيَن.
سِرَ تي ”سچوءَ“ سڀ سَهايا، ڀينر ڀَلِي چَون.
ڪافي 6
رهبَر اِئين چَون، اَڄ اڱڻ تنهنجي اِيندا!
تُون ڪيئن وسارين تَن کي، جي تو گهڻو پُڇَن.
در تنهنجي دوست اُهي ئي، اڄ ٿا اِجهي اَچَن.
پکا پانورَ کَڻِي ڪري، اوڏا تنهنجي اَڏن.
”سچوءَ“ سندي حال جِي، ساري خبر لَهَن.
ڪافي 7
دارون نه ٻيو ڏئين، آهي طبيبُ عشق منهنجو!
دٻليون دارونءَ سنديون، موٽي نالو ڇو نِئين؟
ڳالهه اِهائي عاشقن جِي، هيءَ لاءِ سان هِنئين.
اَوڏانهُن اولانڀو آئِيو، ڇو ويڄَ ڏي وئين؟
رک ”سچو“ ڙي سوز سيني ۾، تان تون ’سچو‘ ٿئين.
ڪافي 8
ياد اُهي مون کي آيُون، ڪيئي ڳجهيون جي ڳالهڙيون!
اُوهان جي به اَُچڻ جون، ٿيون وري هِت وايون.
درد منديءَ جي دل کي دلبر، ورههُ وڃين ڪيئن لايون؟
نانءُ سائينءَ جي سهڻا سائين، چِتُ نه وڃ مون تان
چايون.
آءُ ته ڏينهڙا گڏ گُذاريون، هِت ويٺا ورههُ
وسايون.
ڏوهَن ”سچوءَ“ جي ڏي نه ڏسو، جو هِت ٿا سَندوَ
سڏايون.
ڪافي 9
دوستَ کي دانهون سُڻي، مَنَ مِهَر ڪا مون ڏنهُن
پوي!
دردمندن جي دَرَ اُتي، ٿو ڪانگ لاکِيڻو لَوي.
پيغامَ پرين پارَ جا، چَشمن اُتي ويهو چَوي.
عاشق آهي اُڪنڊيو گهڻو، ٿو راند روئڻ جي روَي.
سِرَ ڀَرِ اسين ايڏنهن اَچون، يا ڪي اوري اَيندءُ
اوهي؟
”سچو“ سَدا سِڪَ سوز کؤن، پيو ماڻُ محبت جو مَوي.
ڪافي 10
مُحبن مُڪَا مون ڏي وري. اڄ دوٺ ڏوراپا ڏئِي!
سُڻي سَنِيها يار جا، ٻولي ٻَڌيُم ٻانهون ٻڻِي.
دل دبري دي دوست جي، وهندو اِنهيءَ ويلي وئِي.
مون کي وساريو ڪيئن اَٿئي، مون پرت توئي سان پئِي.
تنهنجي اسان جي وچَؤن، ڏس ڏينهن ويا گذري ڪَئي.
مون تان ڪيون تو ساڻ جي، سانڀج ”سچو“ ڳالهيون
سَئِي.
ڪافي 11
اَڄُ اَڱـڻِ اِجهي آيم، پَرديسي گڏيم، ميان!
پيهِي پکي آئيا، لنؤ جنِين سان لايَم.
ڪوڙين قاصِد ڪيترا، هوتن پار هَلايَم.
پُڇِيم جَن لءِ پَنڌڙا، سي واليءَ پوءِ ورايَم.
اُنهن ڪارڻ سرتيون، سِرَ تي سورَ سهايَم.
سيئِي ”سچو“ آئيا، جَن لءِ ڪانگَ اُڏايَم.
ڪافي 12
ناهي ڏوراپو ڪو ڏيڻ اوهان کي، يار تو سان مُنهنجي
زاري!
روز اُزل کؤن چاڙهيئِي اسان تي، بارُ برهه جو
باري.
جاٿي ڪاٿي صاحبَ ساريان، يارَ اُوهان جِي ياري.
راتو ڏيهان ڳالهه اُوهان جِي، ٻِي وائِي مون ته
وساري.
درد منديءَ سان، ڪنهن ڏينهن دلبر، ڪرڪا وروهَن
واري.
حال اَحوالُ جِي آهي اَوهان کي، سُڌ ”سچوءَ“ جي
ساري.
ڪافي 13
آءٌ تنهنجي، سارو عالم ڄاڻي، يار چڱي تو تان
لائِي، وو.
گهوريو پرين پرديس اوهان تؤن، ڪَر اُچڻ جِي وائِي،
وو.
اَندر اُسان جي يار سڄڻ وي. سَندِيَوَ سِڪ
سَمائِي، وو.
طرف اسان جي شالَ اوهان جِي، ٿئي ورڻ جي وائِي،
وو.
مِهڻا ڏئي ٿو لوڪ مِڙيوئِي، دوست تو تَؤن دل
چائِي، وو.
شالَ ”سچوءَ“ جِي يار پيارا، لهين تان سُڌ سڀائِي،
وو.
ڪافي 14
آءُ ٻانهِي تُون سائين، وي،
پاتم پاندُ ڳِچيءَ ۾ ڪپڙو!
طرفَؤن تنهنجي يار پيارل، ڪانگ اَچن مَن ڪَائِين،
وو.
نانؤ مولا جي مهرَ پَوَئي ڪا، ٿورا مون تي لائِين،
وو.
روز ازل کَؤن تنهنجڙي آهيان، غير نه مون کي
ڀائِين، وو.
هڪڙي ساعت اڱڻ ”سچوءَ“ جي، پير مُبارڪ پائِين، وو.
ڪافي 15
اُهي اڱڻ منهجي آيا، وو، جَن ڪاڻ سي پِيرَ پُڇايَم
ٿي!
پَکي اَسان جي پيهِي آيا، ڏينهن گهڻا جن لايا، وو.
- جن ڪاڻ سي پوٿيون پَٽايم ٿي.
جن لءِ روز نهاريم راهان، مولا سي محب ملايا. وو
- جن ڪاڻ سي ساٿِي سَنڀايم ٿي.
هِنَ غريب کي گڏ نِيَڻ جا، ڪيا سي سڄڻ سَعيا، وو
- جن ڪاڻ سي ڪانگ اُڏايم ٿي.
ڏينهن فِراقِي لَنگهيا اسا تؤن، روئندا دوست
کِلايا، وو
- جن ڪاڻ سي ڏکڙا لنگهايم ٿي.
رهيا آهن روح منهنجي تي، فائِقَ جا فرمايا، وو
- جن عشق جا سبق پَڙهايم ٿي.
دل ”سچيڏني“ جي تي اَصلؤن، هاديءَ حُڪَم هَلايا،
وو
- جن ڪاڻ سي وِرهه وسايم ٿي.
ڪافي 16
ڪڏهن اَلاجي ايندين، پيهي پُڇڻ پنهون يارَ!
پاڻ پنهنجي پاڻِهي، سَاڻ غريب گڏيندين.
پَکا پَکن سامُهان، اوري شالَ اَڏيندين.
اِهو اَٿم آسرو، ڇَپَر تان نه ڇَڏيندين.
سگَ پانهنجي در جو. ”سچو“ نانؤ سڏيندين.
ڪافي 17
اِهي ڏوراپا ڏيئي، موٽِي مُڪا يارَ مون ڏي!
هوءَ جا ڳالهڙي ڪالهه ڪئي سون، ڪِيئن وسري تو
ويئي.
اَسان ٻاجهون، سُڻ ڙي سائين، ڏينهن گذاريَوَ
ڪيئِي؟
ڪهڙن ڳالهين ۾ تون تان آهين، پِرت منهنجي تو سان
پيئي.
چَئِي مُنجين ٿو هَٿِ پانڌن جي، ته حال اسان هِتِ
هيئِي.
ڏوههَ گُناهه، وُو، تنهنجا بَخشا، ”سچو“ ڙي، يارَ
سَڀيئِي.
ڪافي 18
مون کي مُرڪڻ سان تون، ڪِيئن ماري وئين!
ڪَيئِي پُڄندي پانهنجي، موٽِي ڏوراپو ٿو مون کي
ڏِئين.
آءُ اِيلازڻ دوستَ توئِي کي، يارَ وڃي اِتي يا ڪِي
ٿِئين.
آءُ مُئِي تان گهوري جانِي ، سدائين سو تون تان
جِئين!
ڪهڙيين ڳالهيين يار سڄڻ وي، هِيءَ نماڻِي نال نه
نِئين.
آهي ”سچو“ جئن يار توئِي سان، هُج تنهن سان تون ڀي
تِئين.
ڪافي 19
آءُ وري تون تان ويههُ، سڄڻ.
آءُ تان تنهنجِڙي آهيان!
آهون عاشقن جون سُڻي، ڇَڏِ پرين تونَ پرڏيههُ.
پکَن ٻاٻاڻن ۾، آءُ پِرين تو پيههُ.
اصل لاڪون آهي، هِيءُ ڏاها تنهنجو ڏيهه،
”سچو“ چوي سُپرين، آءُ سارءِ ساڻيههُ.
ڪافي 20
گهوري جانيءَ ري جدائِي،
گڏُ گهاريون، هوءِ هوءِ هوءِ!
معلوم توکي پرين، سائين سا ڳالهه سڀائِي.
شالَ ڪَنن سان نه سُڻان، تنهنجي وڃڻ جي وائِي!
تو سان ڇِنڻ ڪارڻ تان، يار نه مون لَڙهه لائي.
ٻَن وڇوڙي جي شاهِي دلبَر، وَر سان گڏ گدائِي.
ساڻ ”سچوءِ“ هو ميان سُپرين، سائين تون گڏ سدائِي.
ڪافي 21
اهي ٻڙيون، ٻاروچا، اَڄ اڱڻ مُنهنجي ايندا!
هيءَ شريڪت ڪاڪندي، اَڙي سرتيون، سائن ساڻ،
ناهيان ثانياڻِي تن جِي، جا پُرجهي ڏٺَـُم پاڻ،
-ٻانهِي ڪري پانهنجِي، اُهي صاحب سڏيندا.
اُٿي ويٺي تانهنجيون، هن واتيون ورونهان،
ڏين سَڀيئي سرتيون، مون کي لکين ٿيون لوهان،
-اِهو اَٿم آسرو، گولِي گَڏ ڀِي گڏيندا.
کِينَ جون مون کي خبران، آڻي پانڌيءَ پهچايون،
هيون هوتن سنديون، هيڏي وَرَڻ جون وايون،
-”سچو“ جن جو آهين، سي ڇَن نه ڇڏيندا.
ڪافي 22
وڃي ڪا مِنت ڪري،
منهنجي يار کي، وو!
هو سدائين سان مُون، پرين نه وڃ پَري.
حال نماڻيءَ جو ڏسي، وري سو پوءِ وَري.
وٺي ڪا دامن دوستَ جي، اکيون تان آَب ڀَري.
ساريو توکي سُپرين، هِت مَريضِ مَري.
رَسُڻ نه تن سان، جن ريءَ ”سچو“ نه ساهه سَري.
ڪافي 23
لَٿِي هَلاڪِي هاڻِي، دوست وسي مُنهنجي ويڙهي!
ڪوٺي ڪَيَو پانهنجي، پرين پاڻَؤن ڄاڻِي.
ناحق اوتيم هوت ريءَ، پِنبڙين مان پاڻِي.
سي ئِي آيا هُيَسِ جنين لاءِ، جيڏيون ڙي،
جوڳياڻِي.
وٺي ويهاريَؤن ويجهڙو، ”سچو“ سو سَگَ سُڃاڻِي.
داستان يارهون
1
اَڻ مُلِهي آهيان، ٻانهي ٻاروچن جي؛
سڀ ڇَپَرُ ڇايان، آهُن ۽ دانهُن سين.
2
هَي وڃي هي قافلو، چُپاتِي چَايُون؛
مُنهن ڏئي آيون، آهُون دانهون عَشقَ جون.
3
رات لهي ويا ريچُ، نماڻيءَ کان نڪري؛
ڪاڪيون هاڻي ڪيئن ڪريان، جو ڪاڏي ٿيڙم ڪيچ؛
پَرَ پيو پنهونءَ سان پيچُ، سو اتي رهڻ نه ڏئي.
4
سَهي جان نه سُتينءَ، جو کُڙڪ ٻُڌي کُڙڪِي وڃين؛
چِٽيان چانگنِ جون ٻُڌي، تون ڪُوڙي ڪين اُٿين؛
غافل هِڏ گُٿينءَ، سڀِ پَرِ ”سچيڏنو“ چَوي.
5
پاندين کؤن پُڇي، ٿي پَههَ، پرينءَ جا پيچرا.
سَهِلي ”سچيڏنو“ چوي هيءَ لالن لاءَ لُڇي.
ڪنهن سان ڪين ’ڪڇي‘ اٿس ووءَ ووءَ وائي
6
چاڙهيون لاهيون چنج جيون، ڪوڙين آهن ڪوهه؛
ڏئي مهٽان محبت وارئين، ڇَپَرُ ڏاڍي ڇوههَ؛
ناگهه نِسَتِ نينهن کي، ٿا رئارن روههَ؛
اَچي منجهه اَندوههَ، مَتان تون ماندي ٿِئين.
7
لاکون لاکينَ لڪَ، نبيرڻ نه ٿيا؛
ڪوڙين آهِن ڪيترا، راهُن اُتي رڪ؛
هَي هَي ڪارڻ حق، هِي سارو ڏونگر ڏوريان.
8
روئِي هاريان رَتَ، ووءِ ووءِ واٽَڙين تي؛
جيڏيون ڪارڻ جَتَ، سارو وندر ووڙيان.
9
اَچج آرياڻِي، تون وري شهر ڀنڀور ۾؛
اَن ري اَکَڙينَ مؤن، ٿو پَرٽِ وهي پاڻِي؛
هوت اَچِي هاڻِي، هيءَ نالائقِ نوازيو.
10
هوت نه ڇڏيو هِتِ، نِيو پورهيتِ پاڻ سان؛
تو ريءَ ٻي ڪا چِتِ، ڪانهي ڪميڻيءَ کي.
11
عمر اَجائي گذري، ڪارڻ مِٺي رُوءِ؛
خام منهنجي خوءِ، ڪَر وَر ويچاريءَ جِي.
12
جَتَ موچاري جاتِ، چڱي جاتِ جَتن جِي؛
وائِي تن جِي وات، سدا اَٿم سرتيون.
13
پورهيائِتِ پنهونءَ جي، آهي اَصل کؤن هِي؛
جيڏيون جَتَن ري، ويٺي وِرههُ وسائيان.
14
آهي ڪو نه غرض، محبوبن کي منهنجو؛
ڏيڻ سِرُ فرضُ، ”سچو“ سندن سَٽِ ۾.
15
لُوهي لاغرضي، سُپيريان جِي سارَ؛
مارڻ لءِ مُشتاق جي، آهي محبن کي مرضي؛
سِر ڏيڻ تنهن سَٽِ ۾، آهي فقيرن فرضِي؛
ڪڏهان ڪو قرضي، ”سچو“ نازڪَ تنهنجي نانءَ جو.
16
پيس تنهنجي پيچ، پنهون ڪين ڇڏيج مون؛
ٻانهي ڪري پانهنجي، وڃي ٻانڀڻ کي ويچ؛
مَر ڪميڻي ڪيچ، پورهيو ٻانِهِن جان ڪري.
17
روئِي ڏنو رنگ، ڪو جو ڪامِڻِ ڪوههَ کي؛
سو شَمہ شَفق سان ٿيو، سُرخيان سارو سنگ؛
منهنجو نينهن نِسَنگ، پيو سمورو سُڪوتَ ۾.
18
اُٿي ڪمر ٻنڌ، لوچ، ته لَهين سُپرين؛
هوتاڻِن جي هنڌُ، ڏسين اَکڙين سان.
19
مِلي مارڳَ جي مرين، ٿئي قدر ڪيچيڙن؛
ٿورو وڏو تَنِ، تنهنجي اَچڻ جو ٿئي.
20
مِهَر مَ لاههِ مٿام، آءٌ اوهان جي آهيان؛
جي ڪامِل سَڏَ ڪَيام، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.
21
ٻانڀڻ جِي ٻاڪار، ٻُڌي ٻاروچو آئيو؛
ورَ وسارج ڪينڪي، جا واقف نه وڻڪارَ؛
سِگهڙي لهج سنڀار، سائينءَ لڳ ”سچو“ چوي.
22
سَرواڻن مون ساڻ، ڀَلؤن ڀَلائِي ڪَئي؛
جنُ جاڳايو جوش کي، آءٌ اُتن قرباڻ؛
ٻاروچاڻو ٻاڻُ، تڏهن لؤن لؤن منجهه لڳي ويو.
23
ڀينَر هِن ڀنڀور ۾، منهنجو ڪارِ نه ڪمُ؛
اَٿم آريءَ ڄام سان، دوستيءَ وارو دمُ؛
ماڻهن ليکي غمُ، پر سُک ”سچو“ ٿو ڀانئيان.
24
ڪيچيڙن مون ڪالهه، اَڃا وڙ وڏا ڪيا؛
اُن جي ڪارڻ ڪاڪيون، ڪنديس ڪافَ ڪَشال؛
هَي هَي هِن جي حال، جو ههڙا هوت وساريان.
25
عمر اجائِي گذري، هَي هَي ههڙي حالَ؛
تائين اَڄ نه مون ٿئِي، سَندي هوت سنڀال؛
مون کي پُڇن ڪينڪي، ڪافَن جا ڪَشالَ؛
پنهنجي قربَ ڪمالَ، ڪا وَر ويچاريءَ جِي ڪريو.
26
عمر اجائي گذري، ههڙا حال ٿيام؛
چُپ چپاتيءَ سرتيون، وٽؤن هوت ويام؛
هو جي ڏونگر ڏاکڙا، ڦولڻ سَڀ پيام؛
اَڄ صبح ايندام، ڪندا ور ويچاريءَ جِي.
27
وندر ۾ وِيهان، ڦولن پيون پرينءَ کي؛
نال جَنين نيهان، هوت تنِين جي هنجَ ۾.
28
پَرٽُ هوت پنهونءَ کي، آڻي عشق ڪيو؛
”سچو“ سَگَ ٿيو، ههڙن هوتياڻن سين.
29
مِهر مَ مٿان لاه، مون تان نماڻيءَ تؤن؛
هِيءَ ڏکوئي ڏاههِ، اَڻ مُلهه آهي آنهنجي.
30
مِهَرمَ لاه مٿام، آءٌ اوهان جي آهيان؛
جي ڪامل سَڏ ڪيام، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.
31
جيهي تيهي حال سين، پاڻُ وجهڻ مون پنڌِ؛
روئي پَوڻ رند، پٺيءَ ڄام پنهونءَ جي.
32
هَي هوتا تو سندي، آوڙڻَ جهڙي ناهيان؛
حال پسي مون هي، مان نماڻي نال نئين.
33
ساٿُ سويلو سرتيون، وڏيءَ ويل ويوم؛
وندر جي وڻن ۾، ڦولڻ هوتُ پيوم؛
ٿيلهڻ ٿر ٿيوم، هاڻي هوتياڻِن لءِ.
ڪافي 1
مون کي تنهنجي آهه، اَچڻ جو وڏو آسرو!
جوڙي ڇڏيم، وو، جائيون، ميان اَلا، لؤن لؤن ۾
تولاءِ!
اڱڻ آسروند جي، ميان اَلا، پير مبارڪُ پاءِ.
جڏهن ڪڏهن ٿو ڏسان، ميان اَلا، توکي جاءِ بجاءِ.
ڪين جُڙي ٻيو جِيءَ ۾، ميان اَلا، تنهنجي سِڪ
سواءِ.
ٿو گذاري گوندرين، ميان اَلا، ”سچو“ تُنهنجي ساءِ.
ڪافي 2
لڳيءَ دل جو دارون، ناههِ ڪو ڍولڻ پيارا!
عشق جون واٽان، ٻَرن لاٽان، تنهن مَؤن نڪرن درد
جون ڇاٽان،
- پوءِ ٿيون پَون هي پَچارا.
عاشق ٿا ڪن درد جون دانهان، عشقَ منجهارؤن اِهي
آهان،
- رُئن اُهي زارو زارا.
آءٌ تان ٻانهي، تون تان سائين، پاند ڳچيءَ وچ
پَلؤن پائين،
- اَچڻ جا ڪر قول قرار.
ڳالهيون مون سان توجي ڪيون، مور نه مون کي وسري سي
ويون،
- دم دم تنهنجِي ياد آ يارا.
هيڪر مون کي جانِي جياريو، ڳالهِن تنهنجن ڳجهن
ڳاريو،
- وصل جا ڪر وري وارا.
”سچو“ تون تان ٿِيءُ نه ماندو، پِرين تنهنجو الله
آندو،
|