جوڳ
داستان پهريون
1
ڌوڻِيءَ منجهه ڌيانُ، آهي آڌوتِن جو؛
گُم ٿِي گُرگم گودڙيا، ڪن گروڙي گيان؛
اَصل کان اَشنانُ، گنگا جمنا تَن جو.
2
پورب پَنڌ نه وڃڻا، گِرنارِي گمنام؛
ويچاري ٿي واٽ تي، ڪَرن ڪين وسرام؛
سيني ۾ سَنگرامَ، سَچا سَنياسن جي.
3
پوربَ سندا پيرَ، لاهوتي لَٽي ويا؛
گِرناري گُنير، سَچا گُم گُر گيات ۾.
4
ورلو ويراڳي، گِيانِي، ڏٺم گودڙيو؛
ڀُليا ڏٺم ڀيرَ ۾، ڀوڳِي ۽ ڀاڳِي؛
طالبُ تِياڳِي، لَکن ۾ ڪو هيڪڙو.
5
جوڳين جٽائَون، جوڙي جوڙيون جان تي؛
چَمٽا ٻڌي چيلهه سان، تُنيون تَڻيائون؛
جَنجيرن سان جهان تي، ڪِشتا ڪَڙيائون؛
گروڙي گائون، پورب پنڌ پُڇِي ويا.
6
جوڳي ڀاتون ڀات، پَر منهنجو آڌوتِن سان؛
سَفر ويا ساجهري رهيا رُڳِي رات؛
طلبَ تنين جِي تات، راتيان ڏينهان روح کي.
7
آهِن اَڪيچارَ، اَنتر مُک آڌوتَ؛
پورب سي نه پَريا، نه ڪِي ڪَن پرچارَ؛
اَٺ ئي پهر اَڇ ۾، رهن سي گُم گار؛
سَچَل سَنسڪار، سَنسا تِن وڃائيا.
8
اَڃا آڌوتِي، آهن اَڪيچارَ؛
اَوديا اَهنڪار، ڀَڃِي جن ڀورا ڪيا.
9
ڪاپَڙي ڪَن ڦاڙَ، آيل اَڄ لنگهي ويا؛
مَست ڪري ويا مَن کي، مُرلين سان مڻيارَ؛
تَن جوڳيڙن جي جاڙَ، مون کان مُئي نه وسري.
10
ڪاپڙِي قَنديلَ، کنيو گهُمن گودڙيا؛
ڇَٻَت ڪري ڇَٻَن ۾، وتن ڪاريهرَ قَتيِلَ؛
مُنڊن مُرلين سان آهي، آڌوتي اَصيلَ؛
”سچل“ سِڪ سَبيل، جيءَ ۾ جوڳيئڙن جِي.
11
لاتِي لاهوتِين ڌرم جي ڌوڻي؛
پَنبهِ جِي پوڻِي، ساڙي سنياسِي هليا.
12
جهونا ڳڙه جي جوءِ ۾، جوڳين جوڳُ اَجوڳُ؛
ڀوڳين ڀوڳُ اَڀوڳُ، پاڻَ وڃائي پانهنجو.
ڪافي 1
محبت جي مَي ماريو، ڙي مون کي،
ڪاڪيون ڪنهن سان ورهُ وراهِيان!
عقل علم سڀ ڇوڙ ڏتو سي، عشق ڏنو اولارو.
اکيان کول ته ظاهر ڏيکين سير سڄڻ جو سارو.
پُرجهي پير ايڏاهِين پايو، هوت اَٿوَ هاڪارو.
محبت مون منصُور وجهايو، ڳچيءَ جي وچ ڳارو.
سَنبرُ ”سچيڏنا“ ڇوڙ سانباها، ورهَ ڪيو جان وارو.
ڪافي 2
ياڪِي ٿيو يار اَسان کؤن، دل نِماڻِيءَ جِي کَسي!
ويٺي ڏِسان واٽ اوهان جي، مانَ ڪو رهبر رسي!
اَچڻ هِن جو يار ايڏاهين، -ڏيهه سندئِي ڪو ڏسي!
سِر ”سچوءَ“ جي يار سدائِين، ورهَ جو ميِنهڙو وسي.
ڪافي 3
ڳالهيون ڳارن ٿِيون، ميان، دل کي دوستن جون،ميان!
ياد اُچن جي ڳالهيون، اُهي ڪوڪان ڪارنِ ٿيون.
هو جي ڪيائون ڳُجهه ۾، اُهي مامان مارن ٿيون.
ڳُڻن واريون ڳالهڙيون، اُهي ٻارڻ ٻارن ٿيون.
پَسَڻَ ڪارڻ اَکڙيون، صاحب سارن ٿيون.
پاڻِيءَ گاڏون رتَ جان، هنجون هارن ٿيون.
اکيون ڏسَن نه غير ڪو، واحد وارن ٿيون.
”سچو“ اُهي ڳالهڙيون، نِت مون کي مارن ٿيون.
ڪافي 4
تنهنجِي آهيان آءٌ، پنهنجي ڪري چاڻ!
جاڏي تاڏي توهين دلبر، ڪاڏي ڪاهيان آءٌ،
هوندس اوهان ساڻ.
آءٌ ڪنيزڪ تون تا سائِين، سَڱ نه ساهيان آءٌ،
چيٽڪ ڪَيس اَڄاڻ.
سِڪن ڪيئِ تولَئه سانولَ هِڪ تا ڇاهيان آءٌ،
صدقي ڪيمُ پاڻ.
تون هَئون ٻاهر سُڻ ”سچو“ ري، ڪنهن دم ناهيان آءٌ،
پنهَنجو جهَلج ٻاڻ.
ڪافي 5
تنهنجي ڪارڻ ڪاريو،
هوءِ هوءِ هولِيَڙو!
ڪنهن سان ڪريان سُپرين، تنهنجين ڳالهين ڳاريو.
ڪنهن در ڏيان دانهڙي، تنهنجي محبت ماريو.
آگ عِشق جي اَندر اسان جي، ڏاڍو ٻارڻ ٻاريو.
آءٌ اوهانجڙي آهيان، والِي ڪِيم وساريو.
پاڻئون پاسي نه ڪريو، سگ ”سچو“ پنهنجو ساريو.
ڪافي 6
سُهڻا توکي ڪيهو هاڻِي هاڻِي،
ڏوراپو ڏيان، ڀلو مَن موهَڻا؟
وس ويچاريءَ جو ناه اَصل کَون، تون پرين پاڻهين
ڄاڻِي.
اَندر منهنجي وو آهي اوهان جِي، ڏاڍِي سا سِڪ
ساماڻِي.
اَوهان ٻاجهون ويٺي اوتيان، پنبڻين مان پاڻِي.
”سچو“ اَوهان جو آهي اَصل کَؤن، پنهنجو سو سگ
سُڃاڻِي.
ڪافي 7
ڇو ته ڇڏين ڇو ٿو ڇڏين، مون کي هاڻِي،
آءٌ تا تُنهنجڙِي آهيان!
پاڻُ پنهنجو پاڻهين، ساڻُ غريبن گَڏين.
پکا پکن سامُهان، اوري سي دلبر اَڏين.
”سچو“ نهار واٽڙيون، ايندين صاحب ڪڏهين.
ڪافي 8
رهجِي اَچي منهجِي يارَ، توسان!
آءٌ ڇا ڄاڻان عشق منجهارؤن، بِرهي والڙا بار.
طرف ٻئي ڪنهين خيال نه ڀانيان، آهي سدائِين يار.
هوندين هميشه گڏ اسان سان، نيڻن وهايم نار.
ٻانهن ”سچوءَ“ جِي سُهڻا سائِين، پرتِي اَٿئي
سردار.
ڪافي 9
تون تا ڪڏهن ايندين، يار،
تُنهنجِي روز نهاريان راه!
سِرَ تي چاڙهيا سُپرين، بِرهَ تنهنجي جا بارَ.
راتو ڏينهان روح کي، تنهنجِي سارَ سنڀارَ.
وهن ٿا واڪا ڪَيو، نيڻن سَندا نارَ.
آءٌ تا هڪڙو ناهيان، تنهنجا عاشقَ لکَ هزارَ.
سورَ سَندءِ ميان سُپرين، مون کي ڪوهِ هڻن قهارَ.
پِرين پارج پانهنجا، جي ڪيئِي قولَ قرار.
ڏوهُ ڏيان ٻئي ڪنهن کي، آهي مون ئِي سِر مَيارَ.
اَندر منهنجو اَڌ ڪيو، جانِي اِنهيءَ جارَ.
اَٺ ئي پَهَر ٿِي وڄي، تُنهنجِي تَند تنوار.
مُئِيءَ کي ماري اِتهين، تون وئين ڏنهُن وڻڪارَ.
”سچو“ سَگ اوهان جو، ٿو روئي زارو زار.
جهولڻو 1
ساٿِي ساري سَنيها، چئج پُنهونءَ کي،
بيراگي آهييان، وو!
حالُ ڏسيو ٿو جو وڃين، سارو عرض ڪَرين، وو.
دلاسو ڪو دوست ڏنهن، وٺي جلد ورين، وو.
ڪارو ڪَج نه ڪيچَ کي، ڇَپَر تا نه ڇڏين، وو.
ٻانهي ڄاڻِي پانهنجِي، گولِن ساڻُ گَڏين، وو.
توسان عمر گُذاريان، جان ڪِي هِت هُئان، وو.
ڳالهين تُنهنجِن ڳاري آهيان، جان ٿِي رت روئان،
وو.
ڏوريندي مون ڏونگرين، گهڻا ڏينهن ٿيا، وو.
ٻڌا هوندا هوتَ تو، جي ”سچوءَ“ سَڏَ ڪيا، وو.
مالڪوس
داستان پهريون
1
لوڏيندي لامون، ڏاهو ڏار چڙهيو چوي.
’آندو اَٿم پاڻ سان، نينهن ڀَريو نامو،
’توڏي ساريو سڄڻا، ڪَيم راتيان روانو،
’پڙهِي پروانو، مون کي جلد جواب ڏي!‘
2
ڪانگل آيم اَڄُ، پريان سَندي پارَ ڏهُن؛
ڳالهيون ڪيائين سڄڻان، سي روح ٻُڌي ڪيو رڄُ؛
پُکيءَ ڪيو نا پَڄُ، ظاهر ڪيائين زبان سان.
3
ڏاهو اَڄ ڏسو، جي ويڙهي ويڳاڻو وتي؛
پورن مَنجهئون پانهنجي، ٿو ڏئي حالَ حِصو؛
سَرتيون سُورَ سُڻِي ڪري، هِنَ خيالؤن ڪيِن کِسو؛
ڪو قريبَن قِصو، تنهن سيکاري موڪليو.
4
ڪيون وکاڻيون وات، اَڄُ ڏاهي ڏارَ چڙهِي ڪَري؛
سُڻَڻ سان کي سَرتيين، لڳِي چُپُ چُپاتِ؛
اَتَڻ واريون اَتهين، لوٺياڻيون سان لات؛
روئن ساري راتِ، هَي هَي سو ڪانگو ڪيون.
5
گهڻا ڏينهن لڳاءِ، ڇاهون ڪانگ قريب جا؟
ڪي دم آڏو دوست جِي، ڀَلِي ڪري ڀَڳاءِ؛
هاڻي ڪِي تا تَنَ تڳاءِ، متان جهوريءَ منجهه جهجِي
مران.
6
وات ڪري وائِي، اَڄُ پُڻ ڪانگ قريبَ جو؛
ڪِي جو چيائين چُهنبَ سان، تنهن لُڇ ڏاڍي لائِي؛
اندرَ کي آئِي، ڄَڻ جَرَ ڄِيري سندڙي.
7
لَئي لامَ لَتو، ڪِي جو ڪانگ قريب جو؛
تنهن لاکيڻي جي لاتِ جو، پَوي ڪونه پتو؛
ڪاڪِيون ڪِيئن ڪَتو، پَر اَڻَ سُوريون آهيو!
8
ڪيهي ڪَمَئون ڪانگڙو، اَڄ ٿو ويڙهي مَنجهه وتي؛
پَسِي تنهن جو حالڙو، ڪاڪيون ڪامَ ڪتي؛
تنهن جي لات لتي، ٿو جيءَ کي جياپو ٿئي.
9
اَڄ لاتيون ڪانگ لَتِيون، سي ڪي سڻو سرتيون؛
جو ڪَهَڻ سان ڪُهيو وجهي، ويڙهي منجهه وتِيون؛
سنديون راز رتيون، ٿو پُڻ ڪري پڌريون.
10
رويو رويو رتُ، ٿِي پکيءَ پارانڀا ڏئي.
ته ’پيرين وجهانءَ گهِنگهرو، سي ڇمڪائيندو وتُ؛
’کيئن وٺِي خط، سِگهڙو ساٿيڙا ورين!‘
11
جو ٿو ڪانگ چوي، سو سُڻيجو سَرتيون؛
وڏيءَ ويل صبحَ جو، ٿو چڙهيو لامَ لَوي؛
اُلڪي ۾ نه آهي، آتڻ، کَڻون اِتهون.
12
ڏاهو چڙهِي ڏار تي، ٿو ڏئي ڏوراپا؛
پڌرا ڪري نه پرينءَ جا، اهو نازڪ نياپا؛
آڻيو اوراپا، ڳالهيون ڳوريءَ کي چوي.
13
تِرُ نه هِڪ توڙي، اَڄُ لامين لاکِيڻو لَئي؛
ويٺو آهي وڳوڙجِي، کنڀن کي کوڙي؛
ڳالهه ڪرڻ کان ڪاڪيون، مُنهن گهڻو موڙي؛
پَر پنهنجا ٽوڙي، چڪيون ڏئي ٿو چهنب سان.
14
سڻيجو سوئِي، جيڪي چوي ڪانگڙو؛
هئين سان هنڊائجو، سرتيون سڀوئِي؛
ڪنڍيون ڪُندن سان وِجهان، پکيءَ کي پوئِي؛
جانب ڏنهُن جوئي، آڻي نياپا نينهن جا.
15
آءٌ ڪانگل ڪائِين، تا توتي عطر اوتيان؛
اَچَڻ ٻاجهون تانهنجي، آهيان اٻاڻڪ آئِين؛
ڏاها گهڻا ڏينهڙا، متان تون لائِين؛
پير اڱڻ پائِين، ته منهنجو ساهه سڌير ٿئي.
16
ڪانگل آيم ڪالهه، وٺِي سنيها سَڄَڻان؛
محبت ريءَ مقالَ، ڪانه ڪيائين ڪڏهين.
17
ڪي جو ڪانگ ڏسِي، ڪالهه اوڏاهون آئيو؛
پيُس هنياءُ ڦِسِي، ڳالهيون ڪندي سَڄڻين.
18
مالهان موتين جون وجهان، پَکيءَ کي پوئِي؛
پِيرين سونا گهِنگهُرو، تا ٿئي سوايو سوئِي؛
سينڌو سڀڪوئِي، مَرُ تَنهين جو نه ٿئي!
19
پَکيءَ سندا پَر، ڪريان مُرصع موتيين؛
جو آڻي عجيبن ڏنهُن، ڏئي خوب خَبرَ؛
ڀينر ڙِي مون ڀَر، شال ويٺو ڪري وائِيون!
20
سنيها جي سڄڻان، سي ساري ڏنائِين.
اِئين اُتائين، ته ’پاڻُ‘ نه آڻِج وچ ۾.
21
اَدا اِيندو ٿيءُ، وٺِي سُکَ سنيهڙا؛
جاءِ ئي ٿي مون جيءُ، ڏاها جڏهن ڏسانءِ ٿو.
ڪافي 1
ڪالهه جو ڪانگ اُڏاڻي،
ڀلو، ڪيئن وئين پِريَن وٽ؟
گهڻي تو سان ڪا ڪَئي، اڳيون يارَ سِياڻي.
پِرينءَ ڪِي تا پُڇيو، ڏيج دلاسو هاڻي.
ساري مون کي ڏيج سَنيها، الله ڪارڻ آڻي.
پِرين سندي پارَ ڏي، عاشِق ڇو نه اُماڻِي.
ائين اُڏامي اوڏهُون، ”سچو“ ساهَ سيباڻي.
ڪافي 2
لؤن وڃِي ڪيئَن لايَم، پِرين نه ڄاتُم پَرديسي!
پُرجهُيم ڪين سَهيلون،
تيلهان آڏو ڏک آيم.
ڏينهَن گذريا غم تنهن جي ۾.
ڳالهه جنهن جِي ٿي ڳايَم.
دانهون فريادون ڪَريان.
ڇو سِڪ ”سچو“ سيبايَم!
ڪافي 3
لَؤن مون سان جا لايَوَ،
يارَ، ويڙهي هِن ويهِي!
دردمنديءَ جِي دِلڙي، دلبر گهُوٽَ اکين سان
گهايَوَ-
ڳالهه ڪَريان ٻِي ڪيهِي.
مُشتاقَن کي محب مارين ٿو، تَڪَ اِهائي آيَوَ-
جيهِي وڻيَوَ ڪَيَوَ تيهِي.
پارؤن پنهنجي ڪيئي قاصِدَ، هِن ڏي هوتَ هلايَوَ-
ڏيهه گَڏيا ڄَڻَ ڏيهِي.
دل ”سچوءَ“ جِي دلبر سائين، ديدن ساڻ دتاريَوَ-
نِيهَن اوهانجڙي نيهِي.
ڪافي 4
ڪيئِي ڏک جا ڏينهنڙا لنگهايم،
سُڻ تون مُنهنجا سائين!
ڳالهيون ڪندي مون ڪيئِي سِرَ تي ڏک جا مينهڙا
وسايَم.
پرين اَوهان جي پار جا، ٿي ڏهاڙِي پنڌڙا پُڇايم.
سِڪ اَوهان جي سُپرين، ميانِ، سارا ئِي سورَ
سَلايَم
”سچل“ سي ئِي آئيا، جَن لَئي فالان روز وجهايَم.
ڪافي 5
تون تا پنهنجو پاڻَ پَساءِ،
شوقُ تنهنجو مون کي يار شتابي.
اَچي اَکڙين ۾، جوڙي ويهِج جاءِ.
ناميا نانُوَ ڌڻِيءَ جي، پيرَ اَسان وٽ پاءِ.
اَڳي پوءِ ڀِي آسرو، هوت اَسان کي آههِ.
اَڄَ ڀِي واٽَ نِهاريان، لالن تنهنجي لاءِ.
آءٌ اڱَڻَ آسروند جي، ”سچوءَ“ ڪيم سِڪاءِ.
ڪافي 6
هوتَ ڏنئِي هيڏي اِيندا،
ڪيئن ساٿِي، مون کي سَچُ چَئو!
هَتئوُن پٽي پکڙا، هت ڪي آڻي اڏيندا!
پنهنجي وڙؤن پاڻَ سان، هيءَ غريب گَڏيندا.
ڏکَ ڀائِي سي سُپرين، ٿورياڻيءَ سان ٿيندا.
درد مند جي دل تي، دانَهه دستَ ڌريندا.
ڏوڙا طالَع مون ٿِين، جڏهن ”سچو“ نانوُ سڏيندا.
ڪافي 7
يارَ پانڌي، ڙي ميان،
مِيَر ساٿِي، ڙي ميان،
ڪيچيڙا، ٻيليِڙا، ڪڏهن اسان وٽ اِيندا!
هوندا اسان وٽ يارَ هميشه، ڪِي ڏکَ ڏيئي پوءِ
ويندا؟
اِهو اَٿم آسرو، ڇوري تا نه ڇڏيندا.
صاحب پنهنجي ساٿَ سان، هيءَ غَريب گَڏيندا.
پَکا پنهنجا، چئو ڙي ساٿِي، ڪي هِت عَجيب اُڏيندا؟
”سچو“ توکي سُپرين، پاڻ اچي هَٿُ ڏيندا.
ڪافي 8
تون آهين صاحب صورتَ جو، هِي آهه غلام تنهنجو؛
آهي ذوقُ شوقُ سُهڻا، مون کي مُدامُ تنهنجو.
جي آهن اصل اوهان جا، سي نا وسارجو، ميان،
مون تي آهي مُقرر، سائِين سلامُ تنهنجو.
راتو ڏينهنان روئڻڻ ۾، هنيَڙو اُداسُ هُيَڙو،
رهبر آڻي رساڻيو، پِريَم پيامُ تنهنجو؛
’دلگير تون متان ٿئين ڪر دور درد کي، ميان،
’اول آخر اسان وٽ، هوندو مَقام تنهنجو.
’رد ڪر فنا فِڪر کي، اُميدوار ٿِي رهُه.
’هِت هُت يقين ڄاڻج، آهيان اِمام تنهنجو.
’تون آهين اَصل اَسان جو، آهيون اسين سي تنهنجا،
’آهي قبول ڪُلِي ”سچو“ ڪلامُ تنهنجو.‘
ڪافي 9
ڏي دلاسو دوست هن کي، اَصل تنهنجو آهه، ميان!
هِت ٿِي گُذاريان ڏينهڙا، سانولَ اوهان جي ساءِ،
ميان،
غصو نَڪر غمناڪ سان، نا ته حالَ هِنَ هاءِ هاءِ،
ميان.
دلبر اوهان جي در بنا، جانِي نه مُون ٻِي جاءِ،
ميان،
جنهن کي نه تنهنجي دوستي، آهي اُنهيءَ واءِ واءِ،
ميان.
ڏسِي اسان جو حالڙو، تون پير اسان وٽ پاءِ، ميان.
پاڄِي وٺي هيءُ پانهنجو، لالَن پنهنجي ڳل لاءِ،
ميان.
مطلب اهو محبوب ڪر، طلب نه هيئن تَرساءِ، ميان،
آهي دم اسان ديدارَ جو، ڪنهن وار تون ورساءِ،
ميان.
راتو ڏينهان هُو تا تنهنجِيون، ڳالهيون ويٺو هِت
ڳاءِ، ميان،
نيڻ کَڻُ نالي ڌڻيءَ جي، هِي سگ ”سچو“ سَرچاءِ،
ميان.
داستان ٻيو
1
ڀينَر ڪِيئن ڀِنو، هِي جو نامو نيِهَن جو؟
جيڪس خُمار ڏنو، هُو جو آيس عَجيِبَن ڏنهُن.
2
پڙهندي پرزو پرينءَ جو، ڀَلو ڪِيئن ڀِنوس؟
جيڪس خُمار ڏنوس، هوُ جو آيس عجيبن ڏنهُن.
3
روئِي زارو زارُ، پنو لِکِيُس پرِيَنءَ ڏي،
ڏِنس خَط خمارُ، اَوليءَ عبارَت ۾.
4
آڻي عبارتَ، اَڃا لِکڻ لڳي پِرينءَ ڏي؛
روئندي ڀَريو رتَ، اوتڻ ٻَئِي اَکِيون.
5
عبارتَ آڻي اَڃا لِکڻ لڳي پِرينءَ ڏي؛
ديِدن درداڻي، اَچِي اوتيا اُتَهِين.
6
نِيهُن منَجهؤن نامي، معلوم ٿيو محبوب کي،
ته به پانڌي پيغامي، وِرهُ وڌائڻ آئيو.
7
آيو اوڏاهُون، اَڄ ساٿِي سلامن سان؛
ماريون ڙي مان هون، اها ويل نه وسري.
8
نامو راتِ نيو، قاصد پار قَريب جي؛
پورن مَنجهه پيو، هُت واچِيندڙ ورق جو.
9
جارؤن لکيم جو، ڪاغذ قريبن ڏي،
حقيقت جا حال جِي، واچِڻ ويٺو ڪو؛
پڙهندي پَنو سو، تنهن کي آنڌيون آئيون.
10
عريضو آڻِي، ڏنو قاصد قَريبَن جو؛
هن ويلي هاڻي، هِيءُ سِر ڪَريان صدقو.
11
نامو نيندي ئي، قاصد واٽَ ڪِري پيو،
تنهَن ويلي ويندي ئي، ورهَ وڪوڙيو نڪڻيان.
12
پڙهندي پرزو ئِي، واچِيندڙ وهلور ويو؛
لِڱين لَرزو ئِي ، اَچِي پيس اوچتو.
13
قاصِدُ ايندي ئي، پيو شوڪارن ۾؛
نياپا ڏيندي ئي، ساٿِيءَ ساهُ مَٿي ويو.
14
نامو سارو نِيهَن، جو پُڻ لِکيو سَڄُڻين؛
رات برابر ڏِينهَن، مون کي گوندر گذري.
15
ڪا جا ڪتابَتَ، لِکِجِي آئِي پِرينءَ ڏَنهُن،
”سُچو“ سا ثابت، مون هون واچَڻ نهَ ٿِئي.
16
پَني ۾ پيغامَ، ڪي لِکي مُڪا سَڄڻين،
سي نه سَمجهن عامَ، جي آهن منَجهه اشارتان.
17
ڪِي جو لِکيائون، پني مَنجهه پِريت جو،
اُهو پَسِي آئون، بيخود ٿِيَڙيس سَرتيون.
18
ساٿِي ٿِي سونهون، واچِيندو وَرَق کي،
سو مَنجهه مطالِع مون هون، خونِي خط پِرينءَ جو.
19
لِکُيون لَسَ لَڙهان، ساجَن سَلامَن جون،
اهو پُرزو پاڻ پَڙهان، ٻُڌايان نه ٻين کي.
20
مُنجان ڪِيئن لِکِي، ڪِتابت قريبَ ڏي؛
متان ساٿِي واٽَ سِکِي، ٻڌائِي ٻِين کي.
21
مون ڏنُهن اَڄ لِکِي، جانيءَ جدائيءَ مَؤن،
کَئون ترار تکِي، هُئِي ڪتابَت قريبَ جِي.
22
لَڙهان لَسَ لِکيون، پِرينءَ پيغامن جون؛
سي رقيب سِکيُون، ٿو ٻڌائِي ٻَيِنِ کي!
23
رَت اکين رويو، ٿِي ساٿِيءَ سَنيهڙا ڏئي؛
نَهريون نچويو، جارؤن جَرُ هاري گهڻو.
24
نِچوئِيندي نُنهَن، ٿِي پاڻي ڪَڍي پڌرو؛
وجهي ساٿِيءَ سُنهَن، ته ’تون ڏيج سِجدو سَڄُڻين.‘
ڪافي 1
ڪوڙي ڪَيئِي ڳالهه پنهنجِي،
ڪالهه ڪانگا جا چَيئي مون کي!
جيڪُس ڪِين ڪِي تڌُر وئين تون،
واٽَ ڏسِي مُوٽيين اَهنجِي.
عجيبن جي آڏو وري تو،
ڪَچِي ڪَئِي سا ڪنهن جي!
وري برابر وئون اوڏانهين،
سائِين ڪندو شالَ سَهِنجِي.
تنهن کي سوئِي توڙ رساڻي،
وٺي جو دامَن ڪنهن جِي.
اَصل لاڪُون ”سچوءَ“ سَڀائِي،
طاعت مَڃِي آهي تُنهنجِي. |