سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :10

ڪافي 4

مانَ اچن اُهي ڪائُون، مُئي ويا جي ماري!

سپريان ريءَ سرتيون، آهيان اُٻاڻي آئَون،

- ويهان سي ڪيئن وساري.

پِرين ڏِس، وو، پاڻ ڏي، ميان، آهيان ڏهارڻ آئون،

- نِيندا سي نال قطاري.

اچي اسان وٽ سپرين، ميان، اديون ڙي شال اؤڏاهون،

- مانَ ڪو ڏينهن گذاري.

آيا قاصد ڪيچ جا، ميان اِئين سو مون کي اُتائون،

- يارُ سڄڻ توکي ساري.

آڌيءَ رات اُٿي ڪري، ميان، جَتَ ويا هُئم جائون،

- تائون سا نِتُ نهاري.

هاري تو سان هوءِ جي، ميان، ڪي جي قول ڪيائون،

- پرين اُهي سڀ پاري.

ويهين وساري وو اِتهين، ميان، هيءَ نِڪار چَيائون،

- ”سچو“ دوست سَنڀاري.

 

ڪافي 5

ڏاڍو جدائيءَ جَلُ، ميان، ووءِ، ووءِ، ووءِ،

- مون وٽَئُون هوتَ مَ هَلُ.

اُچي ويههُ اُکِن ۾، پاسي ٿيءُ نه پَلُ.

ڪيچ وڻن ڪم ڪهڙو، ڳالهه سانول اِها سَلُ.

مُئي کان منهنجا پرين، چوريءَ يارَ نه چَلُ.

ڪري ڪَشالا ڪاف ۾ لڌم ڪوهيارل.

”سچوءَ“ جي ني ساهه سان، هُيا سي رلمَل.

ڪافي 6

ڪندي سا ڪيئن قرار، جيڏيون،

جنهن جو جيئڙو جَتَن سان!

وِرهه وارن کي سرتيون، ويجهو آهي وڻڪار.

ٻَڙيون، ٻاروچَل جو، نيهُن لڳم نروار.

محبت ڳِڌي نه لَڀي، خرچين لک هزار.

ڏسنديس اکڙين سان، ڪاڪيون ڙي ڪوهيار.

ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، عشق ڪيم اِختيار.

سدا آهي ”سچوءَ“ کي، ڀينر برهه بهار.

ڪافي 7

هلان پنهل تو ساڻ،

ساڻ هلي تنهنجي گولي گذاريندس.

ڇُلي پِيَس ڇَپرين، سَڱ ته توئي ساڻ.

ڪوجهي ڪار هان تنهنجي، پنهل پاڻ سڃاڻ.

توري توريندؤ ڪيترو، محبت وارو ماڻ.

توڙ نباهج تون ڌڻي، سهڻا ”سچل“ ساڻ.

 

ڪافي 8

ڳالهيون ڳُڻَ تنهنجا يار سَڄڻ، مون کي روز رئارن ٿا!

سِرَ تي سوز فراق جا، باري چاڙهيئي بار، سڄڻ،

- ايڏانهن نيڻ نهارن ٿا.

منهنجو اندر اَڌَ ڪيو، جانب تنهنجي جارَ، سڄڻ،

- مون کي ماڻا تنهنجا مارن ٿا.

پرين پاڙج پانهنجا، جي ڪَيَڙءِ قول قرار، سڄڻ،

- منهنجو جيءُ جيارن ٿا.

ماڻهو شهر ڀنڀور جا، مِهڻا لُک هزار، سڄڻ،

- مون کي ڏيههَ کَؤن ڏيارن ٿا.

قاصد چون، وو، ڪيچ جا، تو هُت سار سنڀار، سڄڻ.

- توکي ”سچو“ پاڻ سنڀارن ٿا.

 

* ڪافي 9

ڪنهن کي حال چوان هي،

اَديون ڙي، واويلا، وو!

ڏيرن ڏيئي ڇڏيا، موٽِي سور نوان هي.

مهڻا محبوبن جا، ڏنا پاڻ اوهان هي.

سُکَن اُتي سرتيون، ڏيان نه سور سنوان هي.

ڪافي 10

مون کي دوست ڏنيون دلداريون،

جِيَس آءٌ تان، ني، وو جيڏيون!

ٻاجهه ٻاروچا تو پوي، سُڻِي ضعيفِ جون زاريون.

سئيون سڀيئي سڄڻن، عاجزِ جو آريون.

لٿا فلڪ فراق جا، آءٌ تا گڏ گذاريون.

توکي تان تِرَ جيترو، وار نه وساريون.

سي ئي ”سچو“ آئيا، جن لاءِ جهُونگاريون.

ڪافي 11

مون کي محب ويو ماري،

ڪنهن در ڏيان هيءَ دانهڙي!

سورُ تُنهنجو سُپرين، ڪوڪان ٿو ڪاري.

هوت نماڻيءَ هِن کي، ويههُ نه وساري.

نيو پورهيت پاڻ سان، پنهنجي ڪَڍَ قطاري.

ويو ٻاروچو نڪري، عاشق هيءَ آزاري.

راتون ڏينهان سُپرين، ”سچو“ سَگ سنڀاري.

 

ڪافي 12

مون کي آڌر ڏي، ميان، سُهڻا ساٿيڙا، ڙي!

وڃي چئج پرينءَ کي، حال منهنجو هي.

پريان سندي پار ڏهُون، قاصد اُچن ڪي.

وعدا پاڙج پانهنجا، جاني ڪِيَڙءِ جي.

هو جي ڪَيَو ڳالهڙيون، ساهه نه وسرن سي.

”سچو“ سنگت پانهنجي، نانوَ ڌڻيءَ جي ني.

 

ڪافي 13

ڏونگر ڇوٿو ڏکائين، پير پياديُن جا، ميان!

پنڌ ڪَرن جي هوت پنهونءَ ڏي، تَن ڇو روهَه رهائين،

اِهو ڏوراپو ٿيندءِ اوڏاهين، ڇو طالِبُ ٿو ترسائين.

هيئن تو گهرجي عاشقن سان، ميان ڪا مدد ڪرائين.

ڪَر ڪو ٿورو سگَ ”سچوءَ“ سان، مُحبَن ساڻُ ملائين.

داستان پنجون

1

ڪيچَؤن آيو قافلو مون ڪَر پُڇيائون؛

ڪَرم ڪَنيائون، هن مون نِماڻِيءَ تي.

2

ڪيچؤن اچي ڪافلو، مون وٽ ٿيو مِهمان؛

”سچل“ ساري ساٿ جو، هو آرياڻي اڳواڻ؛

موليٰ مهربان، نِڌر نماڻيءَ تي ٿيو.

3

ڪيچؤن آيو قافلو، رات موچاريءَ روءِ؛

مڙيوئي خوشبوءِ، ٿيو سارو شهر ڀنڀور جو.

4

ڪيچؤن آيو قافلو، کڻي کٿوريءَ بار؛

هر ڪَنهِن هَنڌ هُٻڪارَ، ڪِيئين سارو شهر ڀنڀور جو.

5

ڪيچؤن آيو قافلو، روءِ موچاريءَ رات؛

سنديءَ جَتَن، جاتِ واسيو شهر ڀنڀور کي.

6

ڪيچؤن آيو قافلو، کڻي عطر عنبيرُ؛

تنهن سَرهائيءَ تاثير، ڪيو ساري شهر ڀنڀور کي.

 

7

ڪيچؤن آيو قافلو، کٿوري کڻي؛

تنهن جي هُٻ هَڻي واسيو شهر ڀنڀور کي.

8

ڪيچؤن آيو قافلو، خوب ٿيس خوشحال؛

چڱو ٿِيَڙَم حالُ، پَسَڻ سان پرينءَ جي.

9

ڪيچؤن آيو قافلو، ڀِينَرُ منجهه ڀنڀور؛

هيءَ ڪميڻي ڪمزور، پر پرينءَ پنهنجو وڙُ ڪيو.

10

ڪيچيڙن مون ڪالهه، دم دم دلاسا ڏنا؛

هَي هَي منهنجي حال، جي ويهي هِت وساريان.

11

شال نه وسرين هوتَ، ٻيو سڀو مون وسري؛

مون کي تائين موت، هئين اکڙين ۾.

12

ويُم نڪري قافلو، آءٌ مٿي راهه رهي؛

ٻاروچا ٻَهي، هِت ٿي ورههُ وسائيان.

13

ويم نڪري قافلو، هاڻي ڪيئن ڪريان؟

ويٺي ڏک ڏريان، پرين ريءَ پرڏيهه ۾.

14

ويم نڪري قافلو، ڏاڍو ڏيئي ڏُک؛

ويٺي ساريان سُک، جو هِيڪُند هيس هوت سان.

 

15

ويم نڪري قافلو، ڪائي نه پيئي ڪَل،

سيني اَندر سَل، اَٿم آريءَ ڄام جا.

16

ويم نڪري قافلو، اديون آڌيءَ رات؛

ٻاروچاڻي ذات، ڏسان شال اکين سان.

17

ويم نڪري قافلو، ڪَل نه مون پيئي؛

حال سندم هيئي، مانَ ٻُڌي ٻاروچو وري.

18

ويم نڪري قافلو، آءٌ مٿي راهه رهياس؛

جيڏيون آءٌ جِياس، جي مُنهن ٻاروچي ڏسان.

19

ويم نڪري قافلو، آيل، چُپ چُپات؛

ٻاروچاڻي ذات، مانَ مون سين ڪو وڙ ڪري.

20

ويم نڪري قافلو، آءٌ پيرين پيادي؛

ٿئي مُون شادي، جي منهن ٻاروچي ڏسان.

21

ويم نڪري قافلو، آءٌ پُڻ کڻان پيرَ؛

ڏک ڏيئي ويا ڏيرَ، مانَ ٻاروچو ٻاجهه ڪري.

22

ويٺي ورهه وسائيان، ڪانڌَ، اچي لهه ڪَل؛

جانِي تنهنجي جَل، منهنجو اَندر اڌ ڪيو.

 

23

منهنجو اَندر اڌ ڪيو، فَنا هِن فراق؛

مري ٿي مُشتاق، ڪا ڪر ور ولهيءَ جي.

ڪافي 1

مون ڏِي واڳ ورائيندا، سرتيون، سِگهَڙا ٻيلڙا ڪوهيارا!

پَکا پَکن سامهون، اوري آڻي اَڏيندا.

ڀينر هن ڀنڀور جا، وري ڀاڻ وسائيندا.

سڀيئي ڏسنديون سرتيون، روندي هوت کلائيندا.

پاڄياڻيءَ جا پاڻهين، پَکا پاڻ پُڇائيندا.

سور ”سچو“ ڙي، هوت سان، هِيءَ غريب گڏائيندا.

 

ڪافي 2

آءٌ هَلي ڏس حال، منهنجو ٻاروچل ڙي، ميان!

راتو ڏينهان روح ۾، تنهنجو خاص خيالُ.

اُوهان ٻاجهُون سُپرين، ساعت ڀايان سالُ.

مون تا نماڻيءَ سان، ڪر ڀلائي ڀالُ.

سارڻُ سِڪَڻُ آن جو، مون کي مِلڪِ آئون مالُ.

مرشد سارو مَڃيو، ”سچوءَ“ جو به سوالُ.

 

ڪافي 3

پڇُون ڪِينَ پِرن، ميان، حال منهنجي جون خبران،

ساٿيو ڙي، پانڌي ڙي!

اَهي ٻاجهه ٻروچ کي، مٿي مَعذورن، ميان.

ساهه سِڪي ٿو جن لءِ، سي مون ڪي سارن، ميان.

هِن دم دلاسا ڏنا، سرتيون مون ساٿِن، ميان.

تون هِت ڪهڙيءَ ڳالهه ۾، تو هُت ياد ڪرن، ميان.

تون جنين جي آسري، سي تو ڪٿي ڇڏنِ، ميان.

”سچو“ سَنگت پانهنجي، مانَ غريبِ گڏنِ، ميان.

ڪافي 4

ڪيچي ويڙم ڪالههَ، آءٌ ٿي ورهه وسايان!

مانَ نماڻيءَ هِن جِي، سِگهِي لَهَن سنڀال.

ڀينر آهي ڀَنڀورَ ۾، جِيَڻ منجهه جنجال.

جَن لءِ ڏونگر ڏوريان، سي ئي ڏسان شالَ.

آءُ پيادي نه پُڄان، ڏاڍا ڪافَ ڪشالَ.

مون جِياريو جيڏيون، سَندن خوابَ خيالَ.

ساڻ ”سچوءَ“ ڪَنِ سُپرين، ڀَلائيءَ جا ڀالَ.

 

* ڪافي 5

ٻاروچي لَؤن لائِي، وو مِيان، ڪوهياري لؤن لائِي!

ڳالهه نه ڳَرهڻ جهڙي، ڏاڍي سُورَ سَلائي.

سرتيون مون سان سورَ ۾، ڀينر ڪا نا ڀائِي.

هِيرَ وڻي سا هانوَ کي، ڏانهُن عَجِيبن آئِي.

سِر ڏيوڻ سڄڻ کي، ”سچو“ آهي سَچائِي.

 

ڪافي 6

اُهي ڪاڪيون ڪوهيارا.

اَڄُ اڱَڻ منهنجي آيا!

پيهي پاڻهي آئيا، جَن ڏور ٿي ڏَسايو؛

هَٿؤن جَنِين هينڙو، اَديون مون ٿي کَسايو؛

جَن جي ڪارڻ جيڏيون، مون ٿي پانڌي پُڇايا.

هُيس جَنِين ڪاڻِ آءٌ، آيَل لُٻائون؛

دل ۾ درد منديءَ جي، وڏو ورههُ وڌائون؛

پوٿيون پَٽايَم جَن لءِ، اُهي مَوليٰ مِلايا.

وعدا پانهنجا سرتيون، اُهي پاڻهي پاڙيائون؛

نِماڻيءَ جي نجهري، اَچي پَکا اَڏيائون.

اَنهن ڪارڻ ڪاڪِيون، مون ٿي وِرهه وَسايا.

ڪَرم ڪيائون پانهنجو، هاڻي حال ڏسي هيئي؛

وائِي فلڪ فراق جي، هاڻي وچَؤن ئي ويئي؛

”سچو“ گڏيو سَڄَڻا، جنهن ٿي ڪانگ اُڏايا.

 

ڪافي 7

مُڪا دلاسا ڏيئي، ري سڄڻ مُون ڏي!

دوستن دلداريون ڏنيون، حال ڏسي تان هيئي.

پَسي عيب اسان جا، مِهَر پنهونءَ کي پيئي.

وريو ورق وصال جو، وائي هِجر جي ويئي.

ماريون ملاقات جا، وس ڪيا هم ڪيئي.

”سچو“ سي ئي آئيا، جيءَ گهُريا هم جيئي.

 

ڪافي 8

آهي منهنجو سَگَ، تان پُنهَل توئي ساڻ!

آءُ اوري تون وڃ نه پري، ساهه وٺي وڃ ساڻ.

هوت جي ني هلڻ جو، ڪو نه پيم اُهڃاڻ.

ڇُلي پِيس ڇپرين، سَگَ پنهل تنهنجي ٻاڻ.

لڳو آهي دل کي، ٻاروچل تنهنجو ٻاڻ.

سِر ”سچوءَ“ جو يار اَوهان تَؤن، ڪوڙين ٿئي قُرباڻ.

ڪافي 9

جنهن جي آهيان عشق اندوهي، تنهن ٻاروچي کي ٻاجهه پوي!

آءُ حال چونديس روئي، تَنهن ڪوهيارل کي ڪَهَل پوي!

سا نه ڇڏيجو ڇپرين، جا لَعَلن تو سان لوئي.

پِريان سَندي پار ڏنهُن، قاصِد اچي ڪوئي.

سوئي ايندم سُپرين، جانب جيءَ جو جوئي.

پورهيو ڪنديس پرينءَ جو، ڳچيءَ پائي اوئي.

سَمَر ٿيڙم سُڃ جا، حُبَ توئي سان هوئي.

اکيون عجيبن ڏي، بيٺيون جهُڙ جهوئي.

”سچو“ سَگ اوهان جو، پور وڌا جنهن پُوئي.

 

ڪافي 10

آءٌ اوهان تَون گهوري، اَڙي ڪيچيو، ساڻ نيجو!

راتو ڏيهان روح کي، آهي اوهان جي جهوري- اڙي ڪيچيو!

دائِم وڌيَوَ دل کي، هِن ڏکَن جي ڏوري- اڙي ڪيچيو!

ويهان ويهَڻ نه ٿئي، ڏاڍي سان لايَوَ لوري- اڙي ڪيچيو!

ڪرڻ مناسب ناهي تان، ساڻ ضَعِيفن زوري- اڙي ڪيچيو!

 

ڪافي 11

مون کي هيئن نه ڇَپَر ڇَڏ، ميان، اڙي ڀلو پُنهَل يار!

پرين پاڄياڻي پانهنجي، گولِي گولِن گَڏ، ميان.

تون تان صاحب سُپرين، هيءَ ڏهارڻ ڏڏ، ميان.

آءٌ اوهان جي آهيان، هُؤن هُؤن هڏ، ميان.

تُنهنجي صاحب سُپرين، شال نه سِڪان سڏ، ميان.

جايون جانبَ پانهنجيون، اکَڙين ۾ اَڏِ، ميان.

* ڪافي 12

ڪندي، آءٌ ڪوههَ رهِي رهِي، جيڏيون هِت هوتَن ريءِ.

اُندر ورهه وٿاڻ ڪَيا، لؤن لؤن مَنجهه لَهِي لَهِي.

ڇڏي شَهر ڀنڀورَ کي، وينديَس ڪيچ ڪَهِي ڪَهي.

ڪونهي مُنهنجو ڪوهيارلَ ريءَ، سرتيون هِت سَهِي سَهِي.

قول پاڙيندو نِي پانهنجا، ٻاروچَل ٻهِي ٻَهي.

”سچو“ گڏيم ساٿ جا، پنڌن منجهه پَهي پَهي.

 

ڪافي 13

آءُ ڪِي تان اوڏي آئِي، جهاڳيا مون سي جَبل جالَ.

سَل ساٿِي، ”ڪيچُ ڪاٿي ٿيو“، ڪَلَ الله لڳِ ڏي تون ڪائِي.

اوٺي ادا ڙي ٻُڌيئي ڪا، وري ورڻ جِي هيڏي وائي.

شهر ڀنڀور ڏي ڀيرو ڪندا ڪو، ڏاڍي اسان سان هوتَ لائي.

اگَڻ تنهنجي، سڻ ”سچو“ ڙي، ميان، جانِي اُچي ٿو رات جائي.

 

ڪافي 14

ٻانَهڻ ڙي پَرڏيهِي، ناهي ايذائِڻُ توکي:

ناهي واجب پَرڏيهي، ادا، اِيذائڻ توکي!

ڏيندءِ ڏوراپو يار اسان جو، وٽ توئي جي ويهي.

پير ڦيهين ٿو نِتُ نماڻيءَ جا، ڳالهه ڪريان ٻي ڪيهي!

هيءُ اميد، وو، هئِي نه تو ڏنهن، جبل ڪيئي مون سان جيهي.

جيهي ڪندين ڪوههَ! اسان سان، ڳالهه ڪنديس هُت تيهي.

”سچو“ سڃاتو سنگَ توئي کي، آهي عادت تو ايهي.


 

ڪافي 15

حيلا ڪيم هزارين، مانَ ٽِڪَن مون وٽ رات.

ڪَرهه قطاري هليا، بودا پلاڻي پِرڀات.

آءٌ سُتي هو هُليا، توڏن جي ڪيؤن تات.

سورَ ڏنائون سوکڙيون، ڏک ڏنائون ڏات.

پرين ساري موڪلِي، ڏانهن، ”سچو“ سوغات.

داستان ڇهون

1

مون کان ٿئي نه پنڌ، آري ڄام اَچيج تون:

هاڻي ڏي مون هنڌ، پاڻ ئي ڌاري سُپرين.

2

آريءَ جي اَچڻ جو، روز نهاريان راهُ؛

آڻيندس اَللهُ، مون سِرُ صدقي ڪيو.

3

آري اَچين شالَ، نماڻيءَ جي نِجُهري؛

هِي مون ڏسي حالَ، ڪرين غور غريب جو.

4

گهڻا ڏينهن ٿيا، مون ڏوريندي ڏونگَرين؛

جي مون سڏ ڪيا، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.

5

ٻڌي ٻاروچا ورين، هِنَ عاجز جون آهُون؛

درد ڀَري دانهُون، ڪري ٿِي، ڪافن ۾.

6

جي مُنهَن ٻاروچي ڏسان، تا سَڀَئي ٿينَم سُکَ؛

ڏور ٿين مون ڏکَ، پَسَڻ سان پرينءَ جي.

7

ڪر ٻاروچا ٻاجهه هِن مون نماڻيءَ تي؛

ويٺي وجهان واجهه، اوهان جي اَچڻ لءِ.

8

مون هُٿان پيئي، ڏوههُ نه مٿن ڪو ڏيان،

حال چوان هيئِي، هَلي هوتياڻِين کي.

9

هن ڏکيءَ کان ڏيرَ، وجهي وِٿِ وڏي ويا؛

ڏورڻ هاڻي آئيا، سرتيون سَڀ سُميرَ؛

پُڇِي لهان پيرَ، آيل اوٺارن جا.

10

اٿي ويا اوٺارَ، کڻي ساٿ سويلَ جو؛

هاڻي اَديون، آئيَا، ڏورڻ مون ڏونگار؛

ٻيا ڀي هوت هزار، منهنجو پيچ پُنهونءَ سان.

11

منهنجو پيچ پنهونءَ سان، اَزل لاڪون آهه؛

هاڻي ويهڻ ڇاهه، ڀينَرُ هن ڀنڀور ۾؟

12

ڪريان ڪوه ڀنڀور ۾، پنهونءَ پُڄاڻاءُ؛

سوز چَکايو ساءُ، ويهَڻ مون وههُ ٿيو.

13

ڪريان ڪوه ڀنڀور ۾، ور بنا ويهي؛

جيهي جي تيهي، آءُ تان سندن آهيان.

14

ڪريان ڪوه ڀنڀور ۾، پُڄاڻا پِرين؛

وارُ نه سي ويهَن، جَنِين مَٿي مامرو.

 

15

ڪوهُ ڪريان ڀنڀور ۾، هاريُون بِنا هوت؛

مون تان تائين موت، ووءِ ووءِ هَڏِ نه وِسري.

16

گولِن گُڏ گذر انُ، ڪاڪِيون، ڪنديس ڪيچ ۾؛

آريءَ ٿئي اَرمانُ، مانَ ڏسي حالُ حقِير جو.

17

چڱي پنهونءَ چِت، سدا آهي سَرتيون؛

هوت بنا مون هِت، ڪريان ڪوهُ ڀنڀور کي؟

18

شالَ نه وسرين تون، لوڪ سَڀوئي وسري؛

مطلب اِهو مون، جو پاڻؤن پَري نه ڪرين.

19

ورَ مَ وساريج، هيءَ تان سنديَوَ آههِ؛

وڃي ڪيچ وڻن ۾، هيءَ سَڌرَ ساريج؛

تيتَر مَ ماريج، جيتر توکي نه مِڙان.

20

ساري شَهر ڀنڀور جي، ڇڏي لوڪ لذت؛

تو ريءَ ڏئي ڪو نه ڪو، ماڻهو عام عِزت؛

ٿئي ساهه صِحَت، جي ٻيهَر ٻاروچا اَچين.

21

ڪيو ڪميڻيءَ ڪَچُ، جو سُتِي سَويلي رهي؛

اُنهيءَ جي افسوس سين، ڪيو مَحبت مج؛

پنهون ڄامَ پَرچُ، ناميا نِماڻيءَ سان.

 

22

ٿيون هِن هَٿاءُ، ڪيئي مُورائون مَنديُون؛

پنهون ڏسي پاڻ ڏي، آسَڻ منهنجي آءُ؛

سانول توريءَ ساءُ، اُچي ماڻهن ڪِين ڀنڀور جي.

23

پُنهون پُنهون ٿي ڪريان، آءٌ پڻ پنهون پاڻ؛

اُديون ٿِيس اَڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي.

24

جان پروڙيم پاڻ کي، تا آءٌ پنهون آهيان؛

ڪنهين طَرف ڪاهيان، جو طَرف مڙِئي ’تُم‘ ٿيا.

25

پيهي پروڙيوم، تان پنهون پاڻ ئي آهيان؛

پاڻ ئي منجهان پاڻ کي، هيءُ پَڙلاءَ پيوم؛

صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اُٿي ويا.

26

”سچو“ ڪجو صَبرُ، مٿي خيال کڙو رهين؛

ڪِينو ۽ ڪِبر، پري ڪرين پاڻ کؤن.

27

چَٽَ ڏني چُٽڪي، سورن سَرسُ سُميرَ ۾؛

سا سَچلي ”سچيڏنو“ چوي، ڇُوهه منجهون ڇٽڪي؛

جا لڪَن منجهه لُٽڪي، تنهن سان حمايت هوت جي.

ڪافي 1

ڪيچئڙن جي ڪاڻ، جيڏيون منهنجو جيئڙو جهِڄي ٿو!

پريان سندي پار ڏنهُن، اَلله اوٺي آڻ.

ڇڏي شهر ڀنڀور کي، هاڙهي ويندي هاڻ.

روئڻ کَؤن جهلن سي ئي، رئن اَکڙيون اُڪاڻ.

جيءُ وڌائون جار ۾، ٻاروچاڻي ٻاڻ.

سِگهو ايندو سُپرين، ڀينر منهنجي ڀاڻ.

”سچو“ آءٌ تان آهيان، پريان جي پَرياڻ.

 

ڪافي 2

اوڏانهون جي اُچن، ڙي جيڏيون، اُنهن آءٌ ڪيئن نه سڃاڻان!

پريان سندي پار جيون، ڪيهون ڳالهيون ڪن.

مون هن نماڻيءَ کي، دلاسا ٿا ڏين.

ساهه منهنجو سرتيون، نيو نياپن.

هي بُت بيراڳي ڪيو، ڪاڪيون ڪيچيئَڙن.

”سچو“ ڇو نه سُڌيرُ ٿين تو هُت پاڻ پڇن.


*    هيءَ ڪافي 9، سسئي، داستان 7 ۾ ڪافي 13 طور شامل ٿيل آهي، هِت ڪافيءَ ۾ آخري بند: ”سُکن اُتي سرتيون، ڏيان نه سُور سنوان هي“ آهي. جڏهن ته سسئي داستان 7 ۾ ڪافي 13 ۾ هيءَ بند شامل نه آهي ۽ ان ڪافي ۾ شامل آخري بند:

”سچو سرواڻن کي، وڃي پيرين پوان، هي حال چوان!“

هي ڪافي ۾ شامل نه آهي.

*  هيءَ ڪافي 5، متفرق ڪلام ۾ ڪافي 132 طور پڻ شامل ٿيل آهي.

*  هيءَ ڪافي 12، متفرق ڪلام ۾ ڪافي 118 طور شامل ٿيل اهي، وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو صفحو 64 فٽ نوٽ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org