سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :23

ڪافي 2

پِرينءَ هِي پيغامَ، ساري ساٿيا ڏيجو!

ٻانهون ٻڌِي يارَ سَڄَڻ کي، ڏيجو سي سَوَ سَلام!

’ڪڏهن ڪندؤ پارِ اَسان جي، اَچڻ جا اَنجام!‘

’درِ اوهان جي يارَ رَسڻ رِيءَ، ٿِئي نه طلب تمام.

شوقَ اَوهان جِي شورُ مَچايو، ڪياسين هُل هَنگام.

’جيهو تيهو آهي اَصل کؤن، ”سچو“ سو گولو غلام.‘

ڪافي 3

آءٌ اصلَ کؤن جو آهيان، گولو غلام تنهنجو!

 

مون سان وعدو ڪَيَڙئي ويهي، ڪالهه پَکي هنَ پيهِي،

ناهيان ڏور اوهان کَؤن ڏيهِي، ڪن لايان ڪلام تُنهنجو.

 

تنهن ڏينهن لاڪون اڄُ تائين، منهجو ساهُ سِڪي ٿو سائِين،

پيو اوچتو هَنڌائِين، هن دل کي دام تنهنجو.

 

ڇڏ سڀ لاڳاپا لاهي، اِهو وڃڻ ته واجب ناهي،

اِهو فرض اسان تي آهي، سجدو سلامُ تنهنجو.

 

ڏاڍا خوني نِيڻ خماريئي، سي ڌاڙي ڪارڻ ڌاريئي،

نيڻَن سان مُلڪَ ماريئِي، هرجا حُڪام تنهنجو.

 

آئِي سائينءَ ڏهون وراڻِي، ٻيا خيال ويا اُڪاڻِي،

تون ته سرور نبي سُڃاڻِي، ”سچو“، آهي امامُ تُنهنجو.

 

ڪافي 4

اَڄ تا خبران آيون آيون، دوست اَوهان جي ديسئون!

وري وسائيندو سِگهڙو،

جانِي سو پنهنجيون جايون جايون.

ته ڪَرَ ويندين نِڪري،

هيئن ڀُلي ڪينَ ڀانيون ڀانيون.

ڏکُ وڏوئِي ڏيلَ منهنجي کي،

وئين تون لالن لايُون لايُون.

راتو ڏينهان روحَ پنهنجي سان،

ڳالهيون سنديوَ ٿا ڳايون ڳايُون.

اَچڻ اوهان جي جُون، طَرف ”سچوءَ“

جي، شالَ وري ٿِين وايون وايون.

 

ڪافي 5

منهنجي اڳهين لڳِي، نه ته هاڻِي لڳِي،

دل، اَلو اَلو، تنهن يارَ سان!

روز اَزل کؤن اکيون لايون سي، دوستَ مٺي دلدار سان.

ڪيِئي داناءَ ديوانا ڪيائِين، چشمن جي چَمڪارَ سان.

دوستَن جي در اَچي پيَس، اَصل سَچي اِعتبار سان.

جيڪِي ٿئي ٿو جوش وارن سان، سو نه ٿئي هُشيارَ سان.

ناز نياز جي نيهَن وارن کي، تَڪ ڪيو تَلوار سان.

سِرُ ”سچوءَ“ ڪيو صدقي سائِين، عقل ڇَڏي اقرار سان.

 

ڪافي 6

آهي اِنهن اکين کي، خاصو خمار تنهنجو!

ويٺو وٺِي آهيان هِت، ڪاملَ قرار تُنهنجو!

 

هِن کي اوهان جي ٻاجهون آهي نه ماڙ ڪائِي،

هِي تا غريب آهي، اُميدوار تنهنجو.

”ٿِيءُ پاڻَ کان پَري تون“ فرمائيو اوهان جو،

آهي ڄميل اَصل کؤن هي اعتبار تنهنجو.

هِنَ تي ڪَرم وڏو ڪيُوَ، جو درد دل بڇايُوَ،

ساريان لطف سنڀاريان، نِي بيشمار تنهنجو.

چاهَون ٿِيو اَوهان جو، دامن لڳي جو آهي،

”سچو“ غلام ڄاڻي، جو داغدار تنهنجو.

 

ڪافي 7

لنگهي ويون ڪالهه قطارون،

ڪونجڙين جون ڪيچ وڻن ڏنهُن، ميان!

ڪنديون ويون ڪيچَ ڏي،

ميان الا! طرحين طرحين تَنوارون.

ويچاريون، ميان الا، ولَرَ ڪيو وڙڪَن،

ڦَٽِي ٿيون سي ڦارون.

ولَرين ڪونجَڙيون، ميان الا،

ڪنهن اَندوههَ اُڏاريون.

اُنهن جي افسوسَ جون، ميان الا،

پونديون ويون پچارُون.

اُٺن ڳانا پٽَ جا، ميان الا،

موتين مَڙهيون مَهارون.

”سچو“ هليو سوز ۾، ميان الا،

لاهِي لوڪَ مَيارون.

 

ڪافي 8

ڳلِي ڳَلِي مون ٿي ڳولِي ڳولِي،

يارَ سَڄَڻ تنهنجي ڪارڻ!

ڇڏي لاڳاپا لوڪَ جا، اسان تا ٻانهپَ ٻولِي.

ٿيَس ديوانِي دوستَ اوهان لئه، ڪري چيهاڙيون چولِي.

اچِي اَچانڪ اندر اسان جِي، حُبَ مچائِي هولِي.

اصل لاڪُون آهي اوهان جِي، هيءَ غريبِ سا گولِي.

 

ڪافي 9

مون وٽ يارَ پيارا، آءُ تُون پاڻُ سُڃاڻِي!

حال مِڙيوئي معلوم توکي.

دنيا سا ڪوڙ ڪهاڻي- آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.

ٿينديَس گولِي، در در ڳولِي،

جانب ڪاڻِ جوڳياڻي- آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.

سِڪندي تو لئه سُهڻل سائين،

روئندي سا رات وهاڻِي- آءٌ تون پاڻ سُڃاڻِي.

”سَچَلُ“ اَکي سَهي ڪِيتو سي،

پرِتِ جي ناهه پڄاڻي- آءٌ تون پاڻ سُڃاڻِي.

داستان ٽيون

1

ڪِي جو لِکيائين، سو مُلان وڃِي واچيو؛

هِڪ سِٽَ پڙهيائين، ٻِيءَ سٽَ سُڏڪن ۾ پيو.

2

ڪي جو مُحب لِکيو، سو مُلان واچڻ نه آئيو؛

پَر هُئڙو اڳ سُکيو، جنهن مطالع نه ڪيو.

3

کوليو ڏئي خط، آيس جو عجيب ڏنهُن؛

روئي اکين رت، ڪري مطالع من سان.

4

پُرزو پڙهڻ آئيو، اُتي مُلان مَسيت منجهاءُ؛

سُورن سندو ساءُ، آيُس سَڀڪنهن سِٽَ مَون.

5

هِڪ سِٽ پڙهيائين، تنهن ٻِي واچڻ نه ٿئي؛

اِئين اُتائِين، ته هيءَ ڄَر ڄيري نه جهليان.

6

نامي مَون نِروار، ٿِي هيءَ ڄَرَ ڄيري سَندي؛

تنهن پَلڪ پڙهڻ وارَ، ٿيو سَڙِي ڪارو ڪنگرو.

7

رقعي منجهان رازُ، مڙيوئِي معلوم ٿيو؛

تنهين منجهه نيازُ، طرحين طَرح لِکيو.

8

پهرينءَ سِٽ سَماءُ، ڏنو واچِيندڙ کي؛

اُنهِيءَ خط منجهاءُ، ڄِڀِيون ڄيري ڪڍيون.

9

ڏوڙو ڏک پيوس، پَني جي پَڙهڻ سان؛

وچئون ساهُ ويوس، هَي هَي ڪندي ڪاڪيون.

10

جو نامَن منجهه لِکيو، سا هُئي ڄيري جِي ڄَر؛

منجهَون سڀ شَهر، واچيندڙ ڪونه لَڀي.

11

پَنو ڪيرُ پَڙهي، جو پُڻ مُڪو سڄڻين؛

لکيو منجهه لَڙهي، متان ٻُڌندڙ ٻُڏِي مَري.

12

واچيو جنهن ورقُ، جو پُڻ لکيو سَڄَڻين؛

سو ڄَڻ ٿيو غرقُ، دردن جي درياهه ۾.

13

سگهي ڪير پڙهِي، هو جو نامو نِيهَن جو؛

سِرَئون سِر چڙهي، موجَ مٿو تنهن ناهِ ڪو.

14

وٺِي خط هليو، ساٿِي سلامن جو؛

وچَ ئي منجهه جهليو، ورههَ ڪُوڙيو واٽ تي.

15

وٺِي هليو خطُ، پانڌي پار پرينءَ جي؛

روئي روئي رتُ، تنهن هلندي حال وڃائيو.

16

آلو هُيڙو عشق جو، سو ساٿيءَ ساڻ نِيو؛

اُهو کامي پاڻ پيو، جو هو خونِي خط پِرينءَ جو.

17

هُن ڀانيو نامو، پر شعلو هُئَڙو شوقَ جو؛

جِندُ سارو جامو، تنهن جو سڀ سڙِي پيو.

18

پِريَن ڏانهه نيو، تنهن ڪو خط خَبَر جو؛

پڙهندي ڏسُ هِنيو، تنهن ڦڙڪندي ڦاٽِي پيو.

19

ڪو نامو نيهَن نِئين، پِريان سندي پارَ ڏي؛

هَلي ساڻ هِئين، مانَ اُنهن کي ارمان ٿِيئي!

20

رهبر روانو ٿيو، پريان جي پارَ ڏي؛

شَل پهچي پَروانو، سلامت کي سَڄڻين!

ڪافي 1

اوري ڪانگَلَ آءُ،

کِيئن جِي خَبَر ڏي ڪاءُ!

پريان سَندي پارَ جو، لَهي اَچُ سَماءُ.

ڳالهِن تنهُجِن مؤَن سَريَر کي، اچي منهنجي ساءُ.

مُنهنجو ٿئي هِت ڪينڪِي، ٻاجهون هوتَ هَلاءُ.

سُورَن ڪارڻ سُڻ ڙي ساٿِي، جيڪُس ڄَڻيم ماءُ.

”سچو“ دوستَن جي دَرَ جو، اَصلون آهه غريب گداءُ.

 

ڪافي 2

اَڄ سَڄَڻ پاڻ اِيندئِي،

جَن لئي نِهاريَئي ٿي واٽان!

مَتان لاهين آسرو، حال ڀائِي اچِي ٿِيندَئي.

عجيبن جي اچڻ جون، ماڻهو مُبارڪون ڏيندَئي.

پَکا پَکن سامُهان، آڻي دوست اَڏيندئِي.

مَتان ماندي تون ٿِيئين، گوشي پاڻَ گَڏيندئِي.

توکي ڄاڻِي پانهنجو، ”سَچو“ ڀاءُ سَڏيندئي.

 

ڪافي 3

پانڌِي پيغامَ پُهچاءِ، مُنهنجا محبن کي، ميان!

اَکَڙين کي اصل ايڏنهن جو، وڏو اوسِيڙو آهِه.

ڏاها وڃج ڏيہَ اُنهِيءَ ڏي، جاتي جانِبَ جاءِ.

اَداڙي ساٿِي پارَون اسان جي، پاندُ ڳچيءَ ۾ پاءِ.

راتو ڏينهان آهي ڏهاڙيون، هِنيَڙي کي هاءِ هاءِ.

دوستَن سَندي درَ جو، اَصلون ”سچو“ سگ سَڏاءِ.

ڪافي 4

منهنجا واقفَ يارَ،

سدائِين تون جِيئندين!

راتو ڏِينهان روح منهنجي کي، تنهنجِي سارَ سَنڀاَر.

تُحفو هِن کي آهي اهوئِي، تنهن جي پيرن جِي پيزار.

اچَڻَ اوهان جي جِي ويٺا وِجهَايون، فقيرن کَون ڦار.

ڳالهيون سَنديُوَ ساريو، ”سَچوءَ“ کي اچي ٿِي اُڇنگار.

 

ڪافي 5

ياد مون کي اُهي آيون، وو

يارَ ڪَيئِي ڳُجهِيون جي ڳالهڙيُون!

اوهان جي ڀِي، وو، اُچَڻ جون، ٿيون وَري هِت وايون.

درد منديءَ جي، وو، دِل کي، وِرهَ وڃي ڪِي لايُون.

نانوَ سائِينءَ جي سُهڻا سائين، چِتُ نَه وَڃُ مُون تان چايُون.

آءُ تا ڏِينهَڙا گَڏ گذاريون، هِت ويٺا وِرهُ وَسايُون.

ڏوهَن ”سچوءَ“ جن ڏي نه ڏسو، هِت ٿا سَندَوَ سَڏايون.

 

ڪافي 6

پورَ پِرينءَ جي هَي ماريان،

عِشق سَڄَڻ جي چاڙهيان!

دوست بنا درماندِي، دَمُ هِتي ڪِيئن گهاريان.

سِرُ سَڄڻَ تون صدقي، واريون آءٌ واريان.

ڳالهيون ڳجههَ اَندرَ جون، آءٌ پِرين سان پاڙيان.

سِگهو موٽج سپرين، ڏهاڙيُون ويٺِي نهاريان.

محڪم محبت وِڌيوُن، جاڙيءَ مٿي جاريان.

هو جي ڪَيَم پاڻ سان، ڳالهين اُنهنِ ڳاريان.

مُجلِس محبوبَن جِي، ساعت ساعت ساريان.

”سچيڏنا“ ساهڙَ ريءَ، ڏَمَ مِڙيئِي ڏاريان.

 

ڪافي 7

ٻن جِيَڻ مُنهنجو جيڏيون، سُکَ ڪيها سَڄَڻ ري!

سُگن وڌيَس سَرتيون، آءُ پِريَن کانءُ پَري.

ڏُکَ چَڱيرا دوستَ جا، جي قادر ڪَرم ڪَري.

سوئِي عاشق ڪوٺجي، جو محبت مَنجههِ مري.

ڪاڪيون مون کي ڪِينڪِي، ٿي ساجَن ريءَ سَري.

جيڪا اَديون عشقَ جي، آئِي هيٺ اَري.

تَنهن جان جُثو قربان ڪَيو، زُدَون مَنجهه ذري.

”سچو“ سوز اُنهن جي، ڳاري منجهه ڳَري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org