ڪافي 1
اَڄ تون اسان وٽ آءٌ، تون مينهن والَ ميهارَ،
ميان!
پاڻي اُپڙڻُ نا ڏئي، هڪ ويريون ۽ ٻيو واءُ، ميان.
ڪاري، ڪُن لَهريون لسان، دورَ وڏي درياءَ، ميان.
ساهَڙَ سببون تانهنجي، سَرتيون ڏين نهَ ساءُ،
ميان.
پِرين وڙئون پانهنجي، ”سچوءَ“ لَههُ سماءُ، ميان.
ڪافي 2
لُڙ وهي لوهاڻو، يارَ، وي!
سا ڪيئن ترسي تار ۾، جيءَ جنهين جهوراڻو.
ڪاهيو پوي ڪُنن ۾، ڏنِس عشق اوراڻو.
ساهَڙ ٻاجهون ساهَ کي، ڪيو ورهَ ويڳاڻو.
سانولَ سدا آههِ مُون، اوهِين سڀئِي ٿيون ڄاڻو.
پڇندو اَچي پاڻَهين، ”سچل“ يارُ سِياڻو.
ڪافي 3
آکوڙِي! آءُ ڪير آهيان، ذات نه ڄاڻان ڪير!
سَهي ڪَري ڪين سگهان ٿو، ڀينَر پنهنجو ڀيرُ.
ڪاٿَئون ٿِي آءٌ ڪاٿي آيس، پرتَئون پاتم پيرُ.
ساڳيون ئي سو رانجهو آهيان، تنهن ۾ ڦندُ نه ڦير.
پائؤن ڄاڻي پر گهمايَم، سُرهو ڪَيَڙم سيرُ.
جوڳي ٿي ڪَرَ جوڳ پچايم، ڏاڍو ڪِيُم انڌيرُ.
مڪي منجھه مَسيت بڻايَم، جڻيو جيسلمير.
”سچو“ نانءُ ته آهي منهنجو، هَڏ نه آهيان غير.
ڪافي 4
ساٿي ڙي ديسَ دلبر جا، سِگهو وڃ پار پرين جي؛
خبر ڪا خيرَ جي آڻين، آهي خوش خاص سو مَظهرِ!
پانڌِي پيغامَ هي ني تون، سنڀاري دوست کي ڏي تون،
ڳالهيون ڪري ياد ڀِي ڪي تون، آهينم تون دل گهريو
دلبر.
عاشق ايڏهن نهاري ٿو، تو لئه گوندرِ گذاري ٿو،
سَڄَڻ تو سَرس ساري ٿو، اَوهان لڳ آههِ مُنتظر.
زياده ٿو ڪري زاري، ڪيائين سَؤ ڳِچيءَ ڳاري،
مَ ڪج تنهن کَون بيزاري، ڏسي ڏوهن سندو دفتر.
دردَ ۾ دل بَجانو ٿيو، اُتي يَڪدل يَگانو ٿيو،
وٺي نياپا روانو ٿيو، رسيو تاروءِ وڃي رهبر.
اڳيون ڀِي ٻاجههَ هُت پيئي، وائي تا هجر جي ويئِي،
دلاسا دوست ڪيا ڪيئي، لِکڻ کون هِن اُهي ٻاهر.
آهي سڀ خيال هِي منهنجو، اوڏنهن ويو حال هي
منهنجو،
”سچُو“ ري سوالُ هي منهنجو حضوريءَ ۾ ٿيو حاضر.
ڪافي 5
تنهنجي چشمن چيٽَڪ لايو،
آءٌ هاڻي ڪئن ڪريان!
ڪَلَ نه مون کي ڪا هئي، عشق اَچانڪ آيو.
دل اسانجڙيءَ لعل لپيٽيو، رمزن جو رنگ لايو.
سدا گهُرجي ”سچوءَ“ کي، محبت جو نِي مايو.
ڪافي 6
يارَ ٿئين وڃي ياڪي،
متان هيءَ وسارين، ميان!
ٻيو سَڀو مون وسريو، برهُ رهيو هڪ باقي.
تنهنجي طالبَ آهيان، محبَ مون تا ميثاقي.
ڪم منهنجو ڪيچ ۾، هاڙهو سَڀُ هَلاڪِي.
لاهج پنهنجي لطفَ سان، گولِيءَ کون غمناڪِي.
ڪَر پاڄاڻي پنهنجي، ”سچُو“ هيءَ ڪساڪِي.
ڪافي 7
هِيءَ غريب نماڻي،
ڪيئن بيراڳِڻِ ڪَيَئه !
معاف مدايون ڪَر تَنهين تَون، الهه لڳ آرياڻي،
پيش اچي جا پَيَئه.
بِيٺِي آهيان يار انهيءَ تي، حُب منجهؤن هوتياڻِي،
ڳالهه چُڪِيءَ جا چيئه.
هڪ خيال نِي دل تنهنجو، تنهن ڪَيَس جوڳياڻِي،
خيال ٻيا سڀ کَنيَئه.
وعدن واري ڳالهه اَسان سان، هوتَ ڪَيَهءِ جا هاڻي،
ڪيئن وسرِي سا ويَئه.
ڏکَ ڏوراپا ڪهڙا توسان، پرين سا ڪيئه پُڄاڻي،
نال نماڻِي نه نِيَئه.
ڀَري نوڪَ نيهَن جِي سائين، ”سچوءَ“ کي نِي
سُڃاڻي،
هوت ڀَري جا هَنيَئه.
ڪافي 8
عِشق اسان وٽ آءُ، اچي تو تا سانوڻ لايا!
چئنچل چيهل ٿي چوڌاي، مينهن رات ڪئي موچاري،
عزت لڌي آسمان، پِرين اچِي پير گهُمايا.
بوندَ بِرهَ جي بَرسي باري، جوشَ اکِيَن مون جَرَ
ٿيا جاري،
بيحد ٿيا بارانَ، اصل کون واهَ وهايا.
گل ڦل گاهن ڪِئي گلزاري، مَڃيائون سارنگ جي
سرداري،
سَهسين ٿيا سامان، اَکين اچِي آگَمَ لايا.
يار ”سَچَل“ چئي مُحب مِلياسي، بيشڪ دل جا دردَ
لٿا سي،
شاهِي رکيائون شان، اچي تَن حُڪم هَلايا.
ڪافي 9
عِشق پنهنجي جي خَبر جي ڪَنهن ادا عاشِق آهي،
مُشرڪ ۽ مُرتَد آهي، توڙي اهو تارڪ آهي.
جو ٿيو گُم يار ۾، پاڻ ئِي کون لا تعلق آهي،
پانهنجي هُوڻَئون اُهو، هَر فعل کون فارق آهي.
ڪُفر ۽ اسلام کون، لاڙو انهِيءَ لاشڪ آهي،
رمزتا هِن راز جي، سمجهي سوئي سالِڪ آهي.
دائم دوُئيءَ وارن نظرَ، هڪ خلق ٻيو خالق آهي،
اُپٽي جو عبرت جون اکيون، تنهن کي مڙيوئي مالڪ
آهي.
جيِئن هاديءَ فرمائيو، سوئي سَڀو برحق آهي،
سو ”سچوءَ“ مُرشد سچو، جو پير عبدالحق آهي.
ڪافي 10
جيءَ آئين ڀَلي آئين تون،
ڪنهن منزل مون پهچائين تون،
ٿو موٽي سِرُ وڍائين تون!
سرمَدَ کي ڏيئِي لَتَ ڪهايئِي، سوريءَ تي مَنصور
چڙهايئي.
شيخ عطار جو سِرُ وڍايُئي، هاڻي هيڏي پنڌَ پُڇائين
تون.
زڪريا ساڻُ ڪرٽَ چِيرايئي، يوسف کي مَنجهه کوهَ
وجهايئي،
شمس مُلن جي هَٿئون مارايُئي، عاشِقَ ٿو آزمائِين
تون.
جڻيو ڪفر صنعان وجهايئي، بُلي شاه کي ذبح ڪرايئي؛
جعفر کي درياءَ ٻوڙايئي، تن کي پار لنگهائِين تون.
گهاڻي ۾ بلاول پيڙايئي، عنايت ميدانَ مارايئي؛
ڪرمَل کي هِنَ حُڪم هِلايئي، ڦيرُوءَ ڪَنڌُ
ڪَپائين تون.
قاسِم دُرن سڻ سَٽايئي، موسيٰ کي بي سُهاڳَ
وٺايئي،
اڪيداسَ تَعزير ڏِوايئي، سو اَڄُ ساڳيون آهين تون.
”سچو“ سَندءَ پنڌَ پُڇائي، گهوريو پنهنجو سِر
گهُمائي،
نِيهن واري ڳالِهه ڳالهائي، عاشق ٿي فرمائين تون.
ڪافي 11
حڪم تنهنجو ٿو هلي، پَر ڏوهه پاڻ ئي کي ڏيان!
آهي ”فَعال لمَا يُريدُ،“ نانءُ هِيءُ ڪاڏي نِيان؟
آهي ”وَبي يَنطِقُ وق يُبصِرُ“، تر نه توريءَ
جيان.
جاڏهن اچي ظاهر ٿئين، هَل هيجَ! مَون تاڏي هيان.
”يَرجعُ اِليٰ اَصلِہ“ سُڻُ مامَ هِيءَ موُن هان
مِيان.
گمنام غمزي ۾ ڪرين، ساڳيو ”سچو“ سوُئي ٿيان.
ڪافي 12
دِل چَپَن سان جي چُمين، پير مَغان جو آستان،
محبت سچي محبوبَ جي، بانڪا وڃي تون باس تان.
ڪي ڏينهن مون دلدار لئه، ورد ۽ وظائف ٿي پڙهيا،
جڏهن عشق آرانڀا ڏنا، ٿيون خود خدا جون خواستان.
جڏهن شوق مون شامل ٿيو، ٻيو خيال خاطر کون ويون.
هڪ واسطو تنهنجو رهيو، وسري ويون ٻِيون واسطان.
راهون سڀئي گمراهه ٿيون، جي مون پڇين تون ڳالهڙي،
ڪر گُذري ٻئي گوڙ کان، اَٿَئي راهَ رب جي راستان.
رنگ روح کي جيڪو لڳو، دنيا ۽ عقبيٰ ڀئَه ڀَڳو،
غمزي تنهن گم ڪُل ڪيو، وهَواه ٻيا وسواس تان.
عشق جي ڙي جيڏيون، ناهي تمامِيت ادا،
چاهون چوائي ٿو گهڻو، هِي درد مون کي داستان.
”سچو“ سدا سِڪَ ۾ رهين، متان تون جهَلين روئڻيوُن
اکيون.
هت درد وارن جي پرين، پاڻهِين ڪرن ٿا پاس تان.
ڪافي 13
ڪَنهِن سان ڪَيَم نه ڪَلَ،
جو سودو آندم پاڻَ سان.
سودو ڪَنهِن نه پُڇيو، آيس ۾ مشڪل.
گران قيمت کون سَڀَئي، موٽيا تنهن مَهَل.
سودي ههڙي جي اُتي، لاهن سڀ نقل.
ميڙون موڙن تي ڪري، عالَمَ ڪَئي اُڇَلَ.
حال ڏسي تا هُنَ جو، جيِئَڙو منجهه جَنجَل.
ڏوه نه مون کي ڪو ڏيو، پئي خَلقَ منجهه خَلَلَ.
”سچوءَ“ سرفراز ڪيو، آڻي سو عشِق اَجهَل.
ڪافي 14
صحيح سڃاتوسي، هاڻي اَصل اسان جو تون آهين!
عاشقَ متان اوتيين، پِنبڻيَن مون پاڻي.
ڪڏهن اسان جي ڳالهه کون، عذر متان ڪو آڻي.
عاشق مِٺي ڳالهه جي، ميان، وَري ٿا ڏين وراڻي.
ڏينهن ئون نئين آهي سا، ميان، ناهي سا پرت ٻپراڻي.
تن ۾ تنهن اصل آسان جي، ”سچو“ ري سِڪَ سَماڻي.
ڪافي 15
آهيان اوهانجَڙو اُئين- دوست چوين ڪير آهين؟
پِرين ڏسج تون پاڻَ ڏي، آءٌ ٻانهو تون سائين.
پنهنجي درئوُن سُپرين، پير منهنجي در پائين.
ڳچيءَ پائي ڪپڙو، ميان، پِرينءَ کي پَرچائين.
آءٌ اَوهانجڙو آهيان، چِت نه مان تَون چائين.
ديدان گَڻُ تون مَٿي الله لڳ، ميان ”سچوءَ“ کي
سَرچائين.
ڪافي 16
جيڏيون مون کي ڇو ٿيون جهليو،
وينديس پرينءَ جي پار!
هُنَ ڀَرِ ڀيرا ٿي ڪريان، جو مون هُتَ روح رَليو.
ڏانهُن گهڻا ڏينهڙا، مون ٿي عِشق اَليو.
روح پريان جي پارَ ڏي، وٺي سا حُبَ هَليو.
پِريان سندي پارَ ڏهون، پاڙيچيون نه پَليو.
”سچوءَ“ جوڙِي سَرتيون، محبَتَ مَن مَليو. |