سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :19

داستان ستون

1

مون جاليو سان جَن، موٽِي تَن نه پُڇيو؛

حال هِن جون خَبران، پَيون هوندين ڪَنِ؛

تان ڀِي مارو مَنِ، وارُ نه ڪَڏنهن وِسريا!

2

توڙي هو نه پُڇن، آءٌ گهڻو پُڇان تَن کي؛

عُمَر آءٌ مَڇُڻ، تَن کَؤن وڃان وِسري!

3

ٿي پُڻ وَسايامِ، ڪَڏهن مارُئين مينهَڙا؛

سي ڏينهن ڏاڏاڻي ڏيههَ جا، اَڄ ياد عُمر آيام؛

هِت پنهوارن ريءَ پاڻ کي، ڪيها لقَب لايام؛

هِن لحظي لَنگهايامِ، شال اِهي اَوَسر ڏينهڙا.

4

اِهي اَوسڙ ڏينهڙا، هِت جالڻ آيم جالَ؛

کَٿيرا خوش حالَ، هُت ميان هون ملير ۾!

5

اَڄ سنگهاري ساريا، مون مينهَن وَسندي سومرا؛

ڳوڙها ڳاڻاٽي بنا، هِن هَنجُنِ مَون هاريا؛

يدا ڪَريندي تن کي، ٻارڻَ ڄَڻُ ٻاريا؛

هِتِ ”سَچوءَ“ سَنڀاريا، هُت سنڀارَ ”سَچوءَ“ جِي!

6

ساريم اَڄُ سَنگهارَ، مِينهن وسندي سومَرا؛

جيڪي ڏينهن هُئاسي گَڏُ ۾، دَم نه ٿياسي ڌار؛

ڪاٿي اَڄُ اَسين ٿيا، ڪاٿي اَجڙوارَ؛

وڌو قِسمت قيد الماءَ جي، پَري کان پَنوهارَ؛

تيلهان مون اَڄُ آئِيو، روئَڻ زارو زارَ؛

پَلپَل هِت پَچارَ، هُتِ به سانگيڙن جِي!

7

ڪَڏهن سانگِن ساڻُ، ٿي گَڏُ وساِيم مِينهڙا؛

اَڄُ قِسمت قيد الماءَ جي، پيو هِيءُ پَرياڻُ؛

هِت ڪَريان پُرزا پاڻُ، پَر ٿي لوئِيءَ جي لَڄَ مران.

8

وِسري ڪِينَ وڃان، مِيان ماروئڙن کَؤن؛

وسِرڻ سَنديون ڳالَهڙيون، مُورؤن تا نه مَڃان؛

آهي اميد اَڃان، پکي مَنجهه پَنهوار جي.

9

شالَ نه وِسارينِ، هُئان يادِ انهن کي؛

عُمر اَباڻن جيون، ڳالهيون ٿيون ڳارين؛

ساهه رڳون سارين، مَن پَهچان پنهوارن کي.

10

لويون رنگا رنگِ، ڪَن ساهيڙيُون ساڻيهه ۾؛

سي آساوريُون اَڳريون، عُمَر پَهرِن اَنگِ؛

تاڪون تنهنجي تاب کَون، جهانگِي پيٺا جهنگ؛

هِن ويچارا واهَڻِي، تن کي وٺُ نه تنگِ؛

سي ڪِيئن ڏِيَن پيرُ پلنگِ، حال جني جا هِهڙا!

11

پَئي جيءُ جَنجال ۾، ساڻيهه سنڀاريُون؛

وسِرن اُهي ڪين ڪي، جي مَهلان موچاريُون؛

پَر قسمت قيد الماءَ جي، ڪَيون هي  ڪاريُون؛

ڪاٿي اَڄُ آءٌ ٿيس، ڪاٿي سَنگهاريُون؛

اوڏنهن نِهاريُون، وڃان سان وهلور ٿِي!

12

عُمَر شالَ نه لائِيان، لَقُب لوئَڙئين؛

پاڻِي پِيَن پَٽَ ۾، آبُون اوئَڙئين؛

ڏؤنرا ڏوئَڙئين، ونڊن ورهائِن پاڻ ۾.

13

شالَ نه لَقَب سومرا، لوئَڙئين لايان؛

پَٽ مَٿي هِيءَ لوئِي، مُور نه مَٽايان؛

جا کَٿِي کيتَ ڌنارَ جِي، ڀلِي سان ڀايان؛

مَري مَلهايان، سارو مُلڪُ مَليرَ جو.

14

عُمَر اَڇا ڪَپڙا، ڪاڻياريُون ڪَن ڪِيئَن؟

جِهڙي آيَسِ جِيئَن، شل تِهڙي مارُن ڏي وڃان!

15

ڪِيئَن ڪاڻياريون ڪَن، ڪَپڙا اَڇا عُمَر ڄام؟

ٿِين پَنهواريون پَٽ ۾، مِهڻي هابُ مُدامَ؛

آهيان سومرا تو سامَ، ته لوئِيءَ جِي لَڄِ رهي.

16

هِن لوئِيءَ جِي لاڄِ، شالَ رهجِي اَچي سومرا؛

ته مَرُ ٻُڌي خوش ٿِين، ريگستانِي راڄَ؛

سا نه کائي کاڄ، جا قيد ڪَئِي تو ڪوٽَ ۾.

17

توڙي لوئِي هِت ڇِڄي، وڃِي تَهباران ٿئي،

ته ڀِي پِهنديَس پَنهوارن جي، عُمَر ڀاڻِ ڀِڄِي؛

جهَانگِن لاءِ جهَڄِي، مان اَڌ مُئِي ٿِي آهِيان.

18

توڙي هوءِ ڇِنِي، تا ڀي لوءِ لوئِيءَ سان وڃان؛

اَچِي عُمَر ڪوٽ ۾، ڪَنديَس ڪِين ڪِنِي؛

سائِي سانڊيَم ساهه سان، جا ڏاڏاڻَن ڏنِي؛

اُها نينديَس ڀاڻِ ڀِنِي، مِينهن وَسندي سومَرا.

19

اَبَر ٿِيا ۾ اُڀَ، ۽ واءُ لڳو اوڀارَ جو؛

”سَچو“ چوي ٿيا سومرا، چَڱا سانگِن سُڀَ؛

پَر چِت اَندرَ ۾ چُڀَ، اَٿن تنهنجي زورَ ظُلم جا!

ڪافي 1

اِهي نِياپا ڪو نيئِي، منهنجا مارُن ڏئي!

اَچڻ اَوهان جي وسَ وڏائِي، ڪوڙين سي ڪِيَڙم ڪيئِي.

ڏکَ ڏوراپا ٿا منجو اسان ڏي، حالَ اَسان هِت هيئِي.

قسِمت ڪو جو قَلَم وَهايو، پَري اوهان کَون پيئِي.

لوءِ اوهان جي ڏنهُن لوئِي جا آنديم، ليڙان هِت ٿِي ويئِي.

ڳالهيون سَنگهارن جون سُڻ ”سچو“ ري، ساهَ سِيباڻيُم سيئِي.

 

ڪافي 2

ڪانگڙا قريبَن جا، توکي ڪالهه اُڏايو ڪَن،

وَٽئَون وِيڙهيچن!

آسَروندي آهيان، مَن ڪيو ڀيرو ڪَن،

وَٽئَون ويڙهيچن!

پَکا پَکَن سامهون، اوڏا مانَ اُڏِن،

وَٽَئون ويڙهيچن!

”سَچوءَ“ جي به سَرير ۾، دونهان روز دکَن،

وَٽئوُن ويڙهيچن!

ڪافي 3

اِهي اولانبا آيا،

مون ڏي مارُن جا، ميان!

ڏيههُ ڏاڏاڻو ڪِيئَن وِساريُئِي، ڏينهَن اِتي تو لايا.

ڪَهِڙيين ڳالهين ويڙهيچن ڏنهُن، مُنهن ڦيريُئِي مايا.

پَهَر پنهوارن ريءَ ڪِيئَن ٿِي گهارين، عُمَر ساڻُ اَجايا.

تُنهنجي ڪارڻ راتو ڏينهان، سانگي سي هِت سڪايا.

وَسُ نه مُنهنجو سُڻُ ”سَچو“ ري، ڏکيا مون ڏينهن لُنگهايا.

ڪافي 4

اَيَم راتِ عتابَ،

ڏاڍا سخت سَنگهارن ڏنهَن!

مون کي عُمَر ماريو، جهانگيَڙن جي جوابَ.

”وينينءَ اِتي مارئِي، کائِي خوب ڪبابَ“.

هِت سارو ڏيههُ ڏَڪائِيو، عُمَر جي تِکَ تابَ.

موليٰ تا معافِي ڪيا، ”سَچو“ سَڀ حِسابَ.

مومل راڻو

داستان پهريون

1

آءُ راڻا ڏي رَنگُ، موٽِي ڪاڪ ڪَنڌن کي؛

لاهج لَڳِ خداءِ جي، ذرو پُرزو زنگُ؛

ناميان پاڙج ننگُ، مهڻي هاب مَتان ڪَرين!

2

مومَل مِهڻي هابُ، راڻا ڪر نه راءَ تون!

جوئِن کي جوابُ، مرد نه ڏين مينڌَرا.

3

مون کي مِهڻي هابُ، ڪَيُئي ميان مينڌار؛

ڪَر نه خان خرابُ، ڪامِل ڪاڪ ڪنڌيُن کي.

4

هِڪَ جُوءِ ٻِي جوءِ، مرد نه ڇڏن مينڌرا؛

تو پَڻ پرين پوءِ، ڪوهَ لڄايو ڪاڪ کي!

5

هِڪَ جُوءِ ٻِي جوءِ، ڇَڏن ڪِين جوانَ؛

آهي ڀِي انسانَ، جي ننگَن تي نِثارُ ٿيا.

 

6

آءُ راڻا رَنگُ لاءِ، موٽي ڪاڪ ڪنڌن کي؛

نامِيان ناءِ خداءِ جي، پير وري هِت پاءِ؛

سوڍا سَنديئِي ساءِ، آءٌ ويٺي ڪانگَ اُڏايان.

7

آءٌ راڻا رکُ رازُ، مون هِن نماڻيءَ سان؛

توکي ڪريان ڪيترو، ناميان نَر نِيازُ؛

جوٿي ڪَيَڙم نازُ، تَنهن مِهڻي هابُ ڪري ڇڏيو.

8

مون تَؤن مِهڻو لاهه، موليٰ ڪارڻ مينڌار؛

تون تا صاحبُ آهيين، هيءَ ڏوهارڻ ڏاههِ؛

توڙي ٿِيس بيراهِ، ته ڀي ڳَل تنهنجي آهيان!

9

ڏي ڪو رنگُ وري، ڪامل ڪاڪ ڪَنڌِن کي؛

مُنهن ڏيکارج مينڌار، وڃان تا نه مَري؛

بَخِشج ذوقَ ذري، مِهڻي هاب مَتان ڪَرين.

10

چَڙهنديسانءِ چِکي، نه ته مُنهن ڏيکارج مينڌار؛

آندو مون کي هِتهين، ڪَنهِن لارَ لِکي؛

چاڙهيو مون کي ڏاگههَ تي، تُنهنجي عِشق تکي؛

مَرُ ٻيو ڪو سِرُ سِکي، انهيءَ جي اولاڪ جو.

11

هِي جو ٿِيَڻو هو، سو اَکَرُ ميٽِيندو ڪونڪو؛

هِيرو زهرُ زبانَ سان، هِن ڳالهيين کِيَڻو هو؛

نا ته پاڻَئؤن پِهَڻو هو، مون کي زير زمين جي.

12

ڏکُ نه ڏيڻو هو، تو مون کي ميان ميندرا؛

ناميان پنهنجي نَنگَ کي، تو نيبہ نِيڻَو هو؛

زهر پيالو پُر ڪري، مون کي تڏهن پِيَڻو هو؛

جِي نه جِيَڻو هو، مان کؤن هِنَ مِهڻي وري.

13

سوڍل ڪر سِڪائِي، آءٌ پُڻ گهڻو آهيان؛

راتو ڏينهان تانهنجِي، واتِ مون کي وائي؛

ڪَر اُها ڪائِي، جو ڪارَنههِ لَهي ڪاڪ تَؤن.

14

ميان آءٌ ماري، ڏاڍي ڏنوَ ڏهاڳَ جي؛

مِهڻي هاب مَتان ڪرين، ته ڪاڪِ نه ٿئي ڪاري؛

ڪر سوڍَلَ سَتاري، ڏوهَن ڏي نه ڏِسيج تون!

15

آءُ سوڍا سَچُ، لاهي مُون تَؤن هِي مِيهڻو؛

جهيڙو جهڳڙو نِڪري، مون مَنَ اَندران مَچُ؛

الله ڪارڻِ اَچُ، ماڳَ وسائِج مينڌرا!

16

اچين جي اوطاقَ، مُنهنجي ميان مينڌرا؛

ته عيبن کَؤن آجِي ٿيان، ڪوجهِي ٿئي نه ڪاڪَ؛

هيرَ اِها هيراڪَ، مَتان مَٽئين مينڌرا.

17

موٽَڻُ مَرڪ نه تنهنجو، هو سوڍَلَ سياڻا؛

وسائِج وِلِهيءَ جا، ڀينگَ پِيَلَ ڀاڻا؛

پَري ڪري پاڻا، مون کي ماريئِي مينڌرا.

18

اَتَڻ اُجهائي هَلِي، پِريَن پُڄاڻو؛

ڪِين گهٽايو گهوٽَ سان، پِرتِ هِن پاڻو؛

ظاهر زالاڻو، پر باطن بِرهه بلي هُيو.

19

ڪاتِيءَ ريءَ ڪُهِي ڇڏيو، راڻا تنهنجي رنَجَ؛

سُکؤن ۾ سَهنج، سوڍا ساڻ کَڻين وئين.

20

سوڍا هِن سَڙيءَ جو، لَهِي وڃُ سَماءُ:

ويرن وڌو وچَ ۾، آهي ويرُ وڌاءُ،

مون تي لڳندو ڪونڪو، پيارا پاڻيءَ پاءُ؛

هيڪَر هيڏي آءُ، ته پِيرولي پَڌر ٿئي.

21

ڍوليا تولئه ڍَٽ ۾، آءٌ وتان ويڳاڻِي؛

راتيو ڏينهان اوتيان، پنبِڻيُن مان پاڻِي؛

لَٽا مون لِيڙون ٿيا، هيءَ پوتي پُراڻِي؛

ته به راڻي جي راڻِي، سرتيون سَڏن ساڻيههَ ۾!

ڪافي 1

آءٌ تا روز رئان ساريون،

سوڍا تُنهنجِيون، وو، ڳالهڙيون ڪيتَريون!

ٻُڌي ورج، وَلها، زور منهنجيون زاريون.

سِڪَ سَنديَوَ ڪَيون، جِيءَ اندر جاريون.

راڻا رُسَڻ تانهنجي، ڪُوڪان هِت ڪاريون.

ويٺِي ڳرَهيان ڳالهڙيون، هَنجون هِت هاريون.

جيڪي جايون جِيءُ ۾، وِره تنهنجي واريون.

”سَچو“ سَهندا سُپرين، عاجِز جِيون آريون.

 

ڪافي 2

حالَ منهنجي هاءِ هاءِ،

تو ريءَ لَهَن هِي ڏينهڙا!

آهي هن اَحوال تي، وَلَها تان واءِ واءِ.

دوستَ تنهنجي ديسَ جي، اُڪَنڊ اَسان کي آهِ.

ڏِسيو ڏهاڙِي روئان، جاني تُنهنجي جاءِ.

ڪاڪ نه لڳي ڪَس مون، سوڍلَ تنهنجي ساءِ.

سوڍا سُتاري ڪري، پيرَ اَڱڻ مون پاءِ.

درد مَندن جون دانهڙيون، والِيءَ لَڳِ ورناءِ.

سوالَ ”سچوءَ“ جا سُپرين، تون لالَن دل سان لاءِ.

 

ڪافي 3

مينڌرا، آءُ ميان، هِت ويٺي ڪانگَ اُڏايان!

تو ساريندي سُپرين، هِت سوڍا ساهُ ڏيان.

راڻا رتِي راز جِي، ڪا جا آهي هِيان.

ڪامِلَ ڪَنڌيءَ ڪاڪ جي، آءُ جانِي ڪيئن جِيان.

شال اوهان جو اَڳتي، ”سچو“ نِيهُن نِيان.

 

ڪافي 4

راڻي سندو رازُ، مون سان ڪيڏوئي آهي!

ڪاڪيون آڏو ڪانڌ جي، نٿو وڻي نازُ.

ٻانهان ٻانهِن جانِ ٻَڌي، ڪَرڻ نِت نيازُ.

هي هي آهي حُسن جو، ماريُون، غَمُ غَمازُ.

”سچو“ پِرڀائِڻُ پِرينءَ جو، آهي ساڻُ ايلازُ.

 

ڪافي 5

مون کي تنهنجي سارَ سنڀار، وو،

ڇَڏ رساما تون، آءُ منهنجا يارَ، وي!

ڏوهُ نه ڪوئِي تو ڏيان، آهي مون ئِي سِر مَيارَ.

سِڪَ سوراخان مون ڪيا، هِينئڙي مَنجههِ هزارَ.

موٽُ مَران ٿي مينڌرا، بِرهِي چاڙهيئي بارَ.

ويٺي ڪري ڪاڪ ۾، هيءَ ويچاري ويچارَ.

”سچو“ سي ئِي آئِيا، جي دل گهُريا دلدارَ.

 

ڪافي 6

منهنجو سوڍلَ سارئِي ساه، وو،

راڻا رُسامَن سان ماريئِي!

ويٺِي ڪَڙهان ڪاڪِ تي، آڻيندوءِ الله.

هِن مُئِيءَ جو مينڌرا، تو کي ڪيهو پَرواه.

سندو اَچڻ تانهنجي، روز نهاريان راهُ.

گهُڙي اوهان جِي ٿِي گهُران، چت اَوهان جو چاهُ.

مِهر مٿو تو ناهِ ڪو، جيڪُس منهنجو بَخت سياهُ.

ڪوڏئون قُربانِي ڪري، ”سچو“ ساهُ پَسَاهُ.

 

ڪافي 7

پئِي پيش پرينءَ کي پاڻَ،

آءٌ چونديَس هَلِي حالُ هي!

تو تَؤن آهي مينڌرا، ڪاڪ سارِي قُربان.

دل کي ديوانو ڪيو، ٻهڳڻ تنهنجي ٻاڻَ.

نامِيان ڏِسِج ننگَ ڏي، آءٌ تا ٿِيَس اَڄاڻَ.

آندم هيٺِ عتابَ جي، مون کي پنهنجيءَ ڄاڻَ.

”سچوءَ“ سَندي ساههَ کي، تانگهه ايڏاهِين تاڻَ.

 

ڪافي 8

مون کي ڪانڌَ بنا هيءَ ڪاڪ،

ڪوڙي آهي، نِي وو، ڪاڪيون!

سوڍلَ ٻاجهون سرتيون، هيءَ مَري ٿي مُشتاق.

منهنجو ساه سُڌير ٿئي، اَچي جي اوطاق.

سَڦري آهي سون کَؤن، خاصِي ڍَٽَ جِي خاڪ.

سُڌ اَچِي لَههُ تَنهن جِي، جا چُور ڪَئِي چوطاق.

وِجهي ويچاريءَ ويو، آديون ڙي اولاڪ.

تَنُ ”سچوءَ“ جو عِشق اوهان جي، چِيري ڪَيَڙو چاڪ.

ڪافي 9

آءٌ تا ڏيهاڙيون زارو زارُ، ساريو روئان ٿي هت ڳالهڙيون،

گهڻيون گهڻيون!

ڪڏهن هُئڙوَ سُپرين، پا ڄياڻيءَ سان پيارُ.

ڪامِلَ آهِيان ڪاڪِ کَؤن، تو بِنا بيزارُ.

اِيندو هئين اَڌ رات جو، ڪاهي ڪَرهُ سوارُ.

ماري مون کي مينڌرا، وَلَها هِيءُ ويچارُ.

وَسي تنهنجِي ورهَ جِو، بادل هِت بِسيارُ.

ڏِسي وڏ وڙائِي تانهنجِي، هو ڏکِيءَ کي ڏهڪارُ.

”سچو“ سڱ اوهان جو تنهن ڏي نيڻ کڻو نروار.

 

ڪافي 10

ولها وري آءُ

مون کؤن موٽ نه مينڌرا!

ميان مون سان نه مٽين، سوڍل سائين ساءُ.

رکي شريڪت شاتن سان، هي ڪميڻي ڪاءُ.

هو جو اچي ڍٽ ڏنهن، وڻي اهو مون واءُ.

هي هي هن جي حال جو، لهه سائين لڳه سماءُ.

”سچو“ ڪنداسين سِگهڙو پاڻَؤن ڄاڻِي پَرچاءُ.

 

ڪافي 11

اَڙِي جيڏيُون منهنجِو جيئڙو، وٺيو سَڄَڻ وڃي!

چَرخي مُنا تاڙيون، ڀينَر سَڀڪائِي ڀَڃي.

درد منديءَ جِي دل اهائِي، مَت نه ڪَنهنجَڙي مَڃي.

طرف تُنهنجي يارَ ”سَچُو“ ري، سوز نه پنهنجڙو سَڃي.

داستان ٻيو

1

ڪاڪِ پُڇندا ڪاپڙي، ويا اَڌو ٻَنڌ؛

وڃي رسيا اُنَ هَنڌ، جت ”مون تو“ آهي ڪانڪا.

2

ڪاڪ پُڇندا ڪاپڙي، وڏيءَ ويلَ وِيا؛

لُڊاڻون لَنگهي ڪري، ڪنهن پَرئين پَنڌ پيا؛

اُتي ٿاڪِ ٿِيا، جِتي ”مون تُون“ هَڏنهن ناهِ ڪا.

3

لنگهيا لُڊاڻو، آئون ڪاڪِ ڇَڏيائون پوءِ تي؛

تاتي وڃي رَسيا، جاتي مومَل نه راڻو؛

نَڪا مَسجد تَڪيو، اُت نَڪو ٽِڪاڻو،

تاتي ٿِيُن ٿاڻو، جِتي ”مُون تُون“ ناهِه ڪا.

4

ڪاڪِ لُڊاڻو لَنگهيا، اَڄ لاهوتِي لال؛

اوري هَڏ نه اَٽِڪيا، ٿِيا پَرئين خيالَ؛

حدون ڀَڃي هليا، جن کي حَد ڀَڃِائي حالَ،

تن سُرت نه ڪا سَنڀال، وڃي ويجها ٿيا وصالَ کي.

5

ڪاڪِ نه وِيا ڪاپڙِي، نَڪِي لَڊاڻي؛

نَڪِي ڍريا ڍَٽَ تي، جِتي رنگ رکيو راڻي؛

اُهي مِڙئِي نابود ٿيا، تَن سامِن ساماڻي؛

ٿاڪِ ٿيا ٿاڻي، جاتي ”مون تون“ ناه ڪا.

6

هيءَ ڏهارڻ ڏاهِ، تون ڍولِيو ساري ڍٽَ جو؛

ڪامِلَ تِکو ڪاڪِ تي، چَڙهِي ڪر هَلُ ڪاهِ؛

کاڻيون ڪَنڌيُون ڪاڪِ جِيون، ٻِي لَڳي باغَن باه؛

اِهو مُون تَؤن مِهڻو لاه، ڪا مِهر پَويئِي مينڌرا.

7

چڱي ڳالهه چَوانءِ، ساسُڻ ميان مينڌرا:

”آءٌ تنهنجڙِي آهيان، تون منهنجَڙو آنءِ،

”هيءَ نِڌر تنهنجي نانءِ، آهي وڪاڻِي وَلها.“

8

ولها وڪاڻِي، آءٌ درِ تنهنجي آهِيان؛

تُنهنجي ڏسَ ڏهاڳَ ڪئي، هيءَ نامِيا نماڻِي؛

هيءَ مَرئِي ٿي هاڻِي، تنهن مُنهن ڏيکارج مينڌرا.

9

مومَلَ ماڻڻ هليا، ڪاپڙِي ڪَل دارَ؛

وچ ۾ آتش دودَ جا، آيَن بُهت بُخارَ؛

ڪي سَڙيا تنهن سوزان ۾، ڪي نَر چَليا نِروارَ؛

ماڙِي ڏسي ڀَنڀلِيا، خود کَؤن خَبردارَ؛

ڪي ويا ماڙيءَ کَؤن نِڪري، پِرت نه جِت پَچارَ؛

نَڪا صورتَ اُتهين، نڪا تارَ تنوارَ؛

نڪو ڏسڻ وارو هو، نڪا سُرت سنڀار؛

تَن تي چَڙهِي آئيا، بيخُوديءَ جا بارَ؛

ڪين ڏٺائون ڪاٿَهين، روءِ نَڪا رُخسارَ؛

”اَلاَنَ ڪَمَا ڪَانَ“ تَحقِيقاً تَڪرارَ؛

لَٿا شورَ شُمار، هَمہ تا حَقُ ٿيو.


 

ڪافي 1

تو ڏي هُيَن ڪا تياري،

اِجهي اَڄُ سي اِيندئِي، ميان!

رکج وڏو آسرو، جي تون محبت ماري،

اُهي نال ته نِيندئِي، ميان.

اَچِي اَڱڻَ تانهنجي، ڏيندئِي سي دلداري،

سَنوان طالِع ٿيندئِي، ميان.

وڻي گهَڻي يارَ کي، زور نه زياده زاري،

وري پوءِ نه ويندئِي، ميان.

آهي هَٿِ حَبيب جي، ڳالهه ”سچوءَ“ جِي ساري،

ڏاڍا ڏاڻ سي ڏيندئِي، ميان.

 

ڪافي 2

هيڏي اَچَڻ جِي آهه، ڙِي، پانڌي يارَ پِرينءَ کي!

پِريان رِيءَ پَرديسَ ۾، آهي اَسان سان هاءِ هاءِ، ڙي.

وِهَڻ ڪارَڻ يار سَڄَڻ جي، چِت ۾ جوڙيَم جاءِ، ڙي.

پوٿيون هِت پٽايان، لَکَين لالن لاءِ، ڙِي.

سِڪ سَڄَڻ جي ساهَ ۾، ساٿِي تا نه سَماءِ ڙي.

سالَ ”سچوءَ“ کي آهي ئي، دوسن جِي واءِ واءِ، ڙي.

 

ڪافي 3

رويو حالُ چوان، الا! جي اُوٺي آيم اوڏاهون!

پايو پاندُ ڳچيءَ ۾، آءٌ پيرين تَن پَوان.

سرتيون اِنهيءَ سوزَ جي، ناهي سُڌ اوهان.

سُکن مٿي ڪينڪي، آءٌ مٿيان سور سنوان.

سڄڻ سڄڻ ٿي ڪريان، ٻيون لاتيون ڪين لوان.

جوش تنهن جا جان ۾، مون کي آهن نِتُ نوان.

”سچو“ اکڙين مان ٿِيا، ريلا رتَ روان.

 

ڪافي 4

پِرين مُنهنجي اڱڻ، الله توکي آڻيندو!

اچڻ سندي اُن جي ٿينديون واڌايون، مبارڪ جڳ ڏيندو.

وري وسائج پنهنجيون جايون، ٿورو مون تي لک ٿيندو.

ڀلو پنهنجا هٿڙا ڪري ڀلايون، لڱين مون لائيندو.

خبر ان کيئن جون اسان ڏسي آيون، توکي پرين ساڻ نيندو.

ويو فراق فنا ٿي وصل ٿيون وايون، ”سچو“ نانوَ سڏيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org