سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :3

انسان ۽ خدا جي وچ ۾ جا نسبت آهي، تنهن کي شيخ اڪبر ”عينيت“ يا ”قرب“ ٿو قبولي، ۽ چوي ٿو ته اِنهيءَ ’”قرب‘ جي معنيٰ، ”نَحنُ اَقربُ اِليہِ مِن حَبل الوَريدِ“ (اسان شهه رڳ کان به انهن کي وڌيڪ ويجها آهيون) جي آيت ڪريمہ ۾ خداوند ڪريم خود سمجهائي آهي. شيخ اڪبر جو چَوَڻ هو ته صفات کي ڇڏي، انساني ظاهري صورتَ بابت به حديث شريف آهي ته ”اِن اللهَ خَلَق آدَمَ عَليٰ صوُرَتہِ“- يعني ته بيشڪ آدم کي الله تعاليٰ پنهنجي صورتَ تي پيدا ڪيو: انهيءَ جي معنيٰ ته انسان ۾ خدا جي صورت ۽ فطرت جون صفتون موجود آهن. ”فِطرَتُ اللهِ التِي فطر الناسَ عَليهَا (قرآن)، حقيقت ۾ اِهي خدا جون صفتون ئي آهن، جي انسان جو روپ وٺي ظاهر ٿيون؛ تنهنڪري ته چيو ويو ته ”مَن عَرَفَ نَفسہ فقَد عَرَفَ رَبہ“- جنهن پنهنجي نفس (حقيقت) کي سمجهيو، بيشڪ انهيءَ پنهنجي رب کي سڃاتو“.

شيخ اڪبر، اڃا به اڳڀرو هلي چوي ٿو ته خداوند ڪريم جو راز به فقط انهيءَ هستيءَ کي چئي سگهبو، جا ”وجود اڪبر“ سان تعلق رکندي هوندي جي نه ته ”الانسانُ سِري و اَنِا سِرُہ“ (انسان منهنجو راز آهي، مان انسان جو راز آهيان) کي ڪا معنيٰ ئي ڪانهي. اهڙيءَ طرح، شيخ اڪبر ويو آهي سَندون ڏيندو ۽ پنهنجي نظريي کي مضبوط بڻائيندو. ميان عبدالوهاب رحه به جاءِ جاءِ تي اِهو ئي آواز اَلاپيندو ٿو رهي: مثلاً،

”پنهنجي ’ذات‘ لِڪائي، ڪيئن ٻي ذات سَڏايان؛

اعليٰ اعظم شان جي، نوبت نِينهن وَڄايان؛

منصوري جي موجَ ۾، ٿو ’اُنَاالحَق‘ اَلايان.“

ٻيءَ جاءِ تي چوي ٿو،

”ڪاٿي سچل، ڪاٿي ذات سَچَل جي، ساروئي سِر آهي؛

موجي درياءِ حباب کڙا ڪيا، ڄلڻج ڪوشڪ ناهي؛

عاشق، عشق، معشوق اهو ئي، ڏانءُ ڏاڍو ڪيو ڏاهي؛

پنهنجي پاڻ پَسائڻ ڪارَڻ، ٺاهه لکين ٿو ٺاهي؛

اُهو اندر اُهو ٻاهر: ڪيئن چوان ائين ناهي؟“

 

”ذات صفات هڪائي آهي، ڀول نه وِجهين ڀولي؛

سوئي اندر سوئي ٻاهر، سوئي تنهنجَي چولي؛

تو ۾، مون ۾، هن ۾، هر جا، سَچُ سچو‘ ٿو ٻولي.“

 

”طبل وڄائج وحدت وارو، غازي ڇڏ گدائي؛

هيڏي هوڏي تون ئي آهين، ڪانهي جاءِ جدائي؛

’الاِنسَانُ سِري وَ اَنَا سِر، آهين خاص خدائي؛

بَرَ بَحَر تنهنجو ’سچا‘ آهي سير سدائي.“

 

”باسِ اِهائِي بات اسان جي، غازي غير نه آهين؛

خام خيال هِي ٻانهپَ وارو ’لا‘ ۾ لاشڪ لاهين؛

”مَن عَرَفَ نَفسہ‘، فَقَد عَرَفَ رَبہ، ٺاههَ ڪهڙا ٻيا ٺاهين؛

”سَچا سَچَ اِشارو اِهو، ڪاڏي ڪوڙا ڪاهين؟“

 

”صورت سڀ انسان جي، اَٿي عشق اَصل؛

’خلقَ آدَمَ عَليٰ صوُرَتہ‘، جزو جهڙو ڪُل؛

’اَلاِنسانُ سِري وَاَنَا سِره‘، سچ ’سچا‘ پيو سُل؛

ڀول نه ٻي تون ڀل، هِتي هُتي هڪ اَٿِي.“

 

”ڪنهن جي ڪارَڻ ٿي ڪرين، هاري ڙي هاءِ هاءِ؛

سوئي ڏسندڙ، سوئي سڻندڙ، پاڻهين ڳالهيون ڳاءِ؛

سارا ڏونگر ڏورئين، ڪا ڪِي ڙي ڪنهن لاءِ؛

’سچو‘ وڏو ساهه کون، ڪير چوي تا ناءِ؟“

 

”جيڪي هُيَڙس جيڏيون، ساڳي آءُ ٿيو؛

پاڻهِي پُنهل آهيان، ڄاڻ ڪو نه ٻيو؛

ظاهر منهنجي ذات کي، ڪيچن پاڻ ڪيو؛

’سچو‘ سارو سچ ٿيو، وِچَون وِرهه ويو.“

مطلب ته سرمست جو سارو شعر ”لا مَوجُودَ اِلا الله“ سان معمور آهي. جيڪڏهن شيخ اڪبر ٿو چوي ته ’خلق ۽ خالق جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪو فرق آهي، ته فقط اعتباري فرق آهي، حقيقت ۾ جو خالق آهي اهو ئي خلق آهي ۽ جو خلق آهي سوئي خالق آهي‘ ته ميان عبدالوهاب به هيئن ٿو چوي:

”پاڻ پنهنجو پاڻهي، صورَتَ مَنجهه سُڃاڻ؛

الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ؛

تون ئي ٻڌندڙ، تون ئي ڏسندڙ، شاهد آ قرآن؛

ناهي شڪ گمان، ’سچو‘ سائين هيڪڙو.“

4

وَحدَة الشهود

جيئن مٿي چئي آيا آهيون ته شيخ اڪبر جي نظريي، ”وحَدَة الوجود“، جي مقابلي ۾، پنجن صدين تائين ٻيو ڪوبه نظريو ڪنهن به سندس مخالف دنيا جي اڳيان ڪين پيش ڪيو- باوجود انهيءَ جي ڪيترا علماءِ ”وحد.ت الوجود“ جا قائل ڪين هئا؛ مان ڪن توحيد وجوديءَ جي خلاف ترديدي بيان به ڏنا، ۽ ڪن وري ڪتاب لکي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”وحدة الوجود“ جو نظريو اسلامي اصولن جي خلاف- پر مقابل نظريو، مجدد الف ثاني حضرت شيخ احمدؒ سرهنديءَ ئي، يارهين صديءَ م دنيا جي اڳيان رکيو.

شيخ احمد، حضرت عمرؓ  جي اولاد مان هو. 971هه ۾ بمقام ”سرهند“ ۾ پيدا ٿيو. جنهن شهر جو پهريون نالو ‘سهرند‘ آهي. شيخ احمد، ابتدائي تعليم پنهنجي گهر ۾ ورتي. قرآن شريف جو حافظ هو، بعد ۾ دهليءَ ۽ آگري ۾ وڃي پڙهيو. شهنشاهه جهانگير پنهنجي وڏي وزير آصف جاه جي چَوَڻ تي قيد ڪرائي گواليار روانو ڪري ڇڏيس، جتي ٻه سال نظر بند هو. بعد ۾، بادشاهه سان ڪن شرطن تي ٺاهه ٿيس ۽ قيد مان به آزاد ٿيو، پر ڇهن سالن بعد وفات ڪيائين. اسان هيٺ انهن ٻنهي نظرين جي اصولي اختلافن جو آمهون سامهون بيان ڪريون ٿا، جيئن پڙهندڙن کي صاف معلوم ٿئي ته شيخ اڪبر جو نظريو، شيخ احمد جي نظريي کان ڪيترو پري ٿو هليو وڃي.

وحَدة الوجود

1- ڪائنات جو مخلوق، عين صفات باري آهي، ۽ صفات نالو آهي ذات باري جي تجليات جو: تنهنڪري خالق ۽ مخلوق، بنيادي اعتبار سان، هڪ شيءِ آهن، ۽ اول آخر هڪ ٿي وينديون.

2- ”عدم“ کي ”وجود“ جو لباس پهرائي نٿو سگهجي، ۽ جا شي ”وجود“ وٺيو بيٺي آهي، انهيءَ جو ”معدوم“ ٿيڻ حقيقت جو بدلجي وڃڻ ٿيندو، تنهنڪري غير ممڪن آهي؛ ڇو ته حقيقت بدلجي نٿي سگهي. الله جل شانہ‘ کان سواءِ سموري مخلوق کي ”ممڪن“ جو نالو ڏنو ويو آهي: ”ممڪن“ ڪڏهن به ”عدم“ مان وجود ۾ نٿو اچي سگهي: ڇو ته ”عدم“ جو ضد آهي ”وجود“، تنهنڪري ”ممڪن“ جيڪڏهن ”وجود“ ۾ آيو، ته ضرور ”ذات“ مان وجود ورتو هوندائين، تنهنڪري ڪڏهن به معدوم نٿو ٿي سگهي.

3- انسان جو وجود، ڇاڪاڻ ته اعتباري وجود آهي، تنهنڪري انسان کان جا به عمل جي گهُرَ ڪئي وئي آهي، سا به اعتباري هجڻ گهُرجي، ۽ نه حقيقي.

4- الله جلَ شانہ‘ هڪ مخفي خزانو هو، جنهن پاڻ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اهي سمورا روپ، حدون ۽ حالات قبول ڪيا، جن سان پوري ڪائنات ڀريل آهي.

5- حقيقي توحيد ته فقط اها آهي جو وجود اڪبر کان سواءِ ٻيو ڪو به وجود قبول نه ڪيو وڃي- ڇا عرش تي، ڇا فرش تي.

6- اِهو ”وحدة الوجود“ جو ئي اثر هو، جو ”ممڪن“ (بندو) ”امڪان“ جون حدون لتاڙي، قاب قوسين تائين ”واجب“ جي ويجهو وڃي پهتو؛: جي نه ته جيئن ”عدم“ ”وجود“ جي نور کان محروم آهي، تيئن ”ممڪن“ به قاب قوسين تائين ڪين پهچي سگهي ها. پر، اها حقيقت آهي ته ائين ٿيو: ۽ پستيءَ کان بلنديءَ تائين چڙهائي-جنهن کي ”معراج“ ٿو چيو وڃي-آئندي به ”ممڪن“ کي ميسر ٿي سگهن ٿا؛: دوئي مٽجي سگهي ٿي ”وجود“ ۽ ”ممڪن“ جي وچ ۾ جي حجابات آهن، سي دور ٿي سگهي ٿي، ۽ حقيقت جو نور انسان جي اندر پيدا ٿي سگهي ٿو. ايتري قدر جو انسان ”اِني اَنَا الله“ جي دعويٰ ڪري.

7- الله تعاليٰ، آسمان ۽ زمين جو نور آهي. انهيءَ آفتاب وجود جو نور، پنهنجي شعاع سان، ڪائنات کي وجود جو هڪ رنگين گلدستو بڻايو. جيڪڏهن سندس ضيا مرڪز ڏي موٽ کائي، ته هن رنگ برنگي دنيا جو ڪو نشان به نه رهي. تنهنڪري جن هستين جون نگاهون ظاهر به باطن کي ڏسي ٿيون سگهن، ۽ جي ”وجود“ جي رازن کي واقف آهن، تن کي تصوير جي ٻنهي طرفن جي ڄاڻ آهي: اهي آئينو به ڏسن ٿا ۽ جنهن جو پرتو آئينو به ڏسن ٿا ۽ جنهن جو پرتو آئيني ۾ آهي، تنهن کي به ڏسن ٿا، ۽ سمجهن ٿا ته حقيقت هڪ ئي آهي. حضرت علي رضه جو فرمودو هو ته ”لَو کشف الغِطَاءُ مَا از ددت يَقِينا“- يعني ته جيڪڏهن ڪائنات جي ظاهر نيرنگين جا حجابات پري ٿي وڃن، ته به اسرار جي راز دارن جي يقين ۽ عرفان ۾ ڪوئي فرق نظر نه ايندو. معرفت ڪڏهن به خارجي وسيلن جي مدد سان هٿ نه ايندي آهي، بلڪ ”صفات“ هميشه ”ذات“ تائين پهچڻ ۾ رهبري ڪندي ٿي رهي. ”ظاهر“ ئي ”باطن، جو ڏس ڏيئي سگهي ٿو- جيئن چيو ويو ته ”عَرَفتُ ربي بِرَبِي“ (رب کي، رب جي وسيلي سان ڄاتم). هڪ درخت جو پيدا ٿو ٿئي ۽ وڌي ٿو، جنهن مان ٽاريون ٿيون نڪرن، گل ٿا پيدا ٿين، ۽ بارآور ٿيو ٿئي اهو درت ”هُوَ عينها“ وانگر پنهنجي ٻج کان ڪو جدا وجود ٿو رهي ڇا؟ ۽ جيئن اِهو دزخن، آخر سميٽجي، پنهنجي صل (ٻج) جي صورت ٿيو وڃي اختيار ڪري، تيئن ”انسان“ به آخر ”ذات واحد“ ۾ ٿو گم ٿي وڃي: ”وَاِلَيِہ تُرجَع الاُمُورُ“ جو اِهو ئي مطلب آهي.

8-  ”نَحنُ اَقرَبُ اِلَيہ مِن حَبِل الوَريِدِ.“

جا هستي، شهه رڳ جي ويجهو آهي، سائي انسان جي هستيءَ جو مرڪز به آهي. اها ئي قوت، انسان جي رڳ ۾ سمايل آهي. تنهن ڪري جيئن جيئن انسان جو روح، عارضي ڪثافت کان پاڪ ٿيندو ٿو وڃي، تيئن تيئن ظاهري حجابات به هٽندا ٿا وڃن. تجليات، چو طرف ٿيون نظر اچن؛ اين او آن جو فرق نٿو رهي، ”دوئي“ ختم ٿي ٿي وڃي: انهيءَ منزلَ تي عارف دعويٰ ٿو ڪري ته ”سُبحانِي مَا اعظَمَ شَانِي.

وحَدة الشهود

1- خالق ۽ مخلوق ٻه جدا حقيقتون آهن، جي نه اڳ ڪڏهن هڪ هئا ۽ نه آئندي ڪڏهن هنن جي هڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.

2- ”ممڪنات“ کي الله تعاليٰ ”عدم“ مان، پنهنجي قدرت جي زور تي وجود ۾ آندو، ۽ وري جڏهن به مرضي پويس ته هر ”ممڪن“ کي ”عدم“ جي اونداهيءَ ۾ فنا ڪري سگهي ٿو. ذات باريءَ ”ممڪن“ کي ”پاڻ“ مان وجود ۾ ڪين آندو، بلڪ سندس ”صفات“ جڏهن ”عدم“ تي پنهجيون تجليون وِڌيون ته ”صفات“ جي تجلين ۾ ”عدم“ جي گڏجڻ مان ”ممڪن“ وجود ۾ آيو.

3- انساني وجود، خالق اڪبر جي وجود کان هڪ جدا شي آهي ۽ الله جي قدرت جو مظاهرو آهي، تنهنڪري شرعي احڪامن جي عملي تقاضا، حقيقي بنيادن تي هوندي، ۽ نه اعتباري.

4- اَللهُ غَنِي عَن اِلعَالمِينَ- يعني الله جا شانہ ڪنهن به لحاظ سان (چاهي اهو پنهنجي ظهور جو لحاظ هجي) مخلوق جو محتاج نه آهي، بلڪه مخلوق هن جو محتاج آهي؛ ڇو ته صمديت حقيقي فقط کيس حاصل آهي.

5- حقيقي توحيد هيءَ آهي ته ذات ۽ صفات باريءَ کي ڪنهن به شريڪ کان پاڪ سمجهيو وڃي. ۽ ان کي مخلوق کان قطعاً هڪ علحدو وجود قبول ڪيو وڃي.

6- اِهو غلط آهي ته ”ممڪن“ ”امڪان“ جون حدون لتاڙي، ”وجود“ تائين وڃي پهتو، جنهن کي معراج ٿو چئجي: ”ممڪن“، ”امڪان“ جي حدن اندر ئي رهيو؛ لهو جيڪي ڪجهه ٿيو، سو ”امڪان“ جو معراج نه هو، بلڪ ”عبديت“ جو ڪمال هو: معراج تي وڃڻ وارو ”عينيت“ جي حجت جي آسري تي نه، بلڪ ”عبديت“ جي وسيلي اوج تي پهتو، ۽ معراج تي پهچائڻ واري به، ڪنهن رشتي يا ناتي جي اثرن کان پاڪ رهي، پنهنجي ڪامل عبد کي ”اين و آن“ جو سير ڪرايو: ۽ اتي به ”عبد“ ۽ ”معبود“ جو امتياز قائم رکيو. ”سُبَحانَ الذِي آسريٰ بِعَبدِه لَيلاَ مِنَ المسِجِد الحَرام الي المسجِد اِلاَقصيٰ“ (پاڪ آهي اُها ذات جا پنهنجي بندي کي راتون رات مسجد الحرام کان مسجد الاقصيٰ تائين وٺي وئي).

7- ”ذات واجب“ يقيناً آسمان ۽ زمين جو نور آهي، ليڪن آسمان ۽ زمين ته نور نه آهي! اِهي گهڻي ۾ گهڻو ته ظلمت آهي، ڇو ته جي نور هجن ها ته ”نور“ جو عڪس ”نور“ تي نه پوندو آهي: روشني روشنيءَ کي ڪين قبول ڪندي آهي: ڏينهن جو ڪو به ڏيئو ڪين ٻاريندو: تنهن ڪري نوري جي لطاف کي قبول ڪرڻ لاءِ ظلمت جي ڪثافت گهرجي.

جيڪڏهن ”ذات“ پنهنجو ”نور“ واپس وٺي ته گهڻي ۾ گهڻو تمام ”ممڪنات“ ”ظلمت“ ۾ وري گم ٿي ويندا، پر اهي ”حقيقت واحده“ ۾ ڇو وڃي ملن؟

”ممڪن“ ڪڏهن به پنهنجي ”امڪان“ جي حدن کان ٻاهر نٿو نڪري سگهي. ”عرفان ربي“ ڪو به ”ممڪن“ پنهنجي ڪوششن سان حاصل نٿو ڪري سگهي. سواءِ انهيءَ حالت جي جو خدا وند ڪريم خود ان کي پنهنجي معرفت عطا فرمائي- ۽ اهو ئي صحيح مطلب آهي. عَرَفتُ رَبي برَببي“ جو حضرت علي رضه جن جي قول جو اهو مطلب نه آهي جو ”وحدة الوجود“ وارن ورتو اهي. ”لوڪشف.... الخ“ جو ملطلب آهي ته عينيت جي حجابن دور ٿيڻ کان پوءِ به يقين ۾ ڪا واڌ ڪا نه ٿِي سگهندي.

8- ”قُرب“ جو مفهوم ”ممڪن“ ۽ ”ممڪن“ جي وچَ ۾ قبول ڪري ٿو سگهجي، ليڪن ”واجب“ ۽ ”ممڪن“ جي وچ ۾ ”قُرب“ جو صحيح اندازو مشڪل آهي.

”وجود“ ۽ ”شهود“ جا ٻئي نظريا مٿي ڏنا ويا. انهن نظرين جي اختلاف، اسلامي دنيا ۾ ايڏي ته شدت اختيار ڪئي، جو انهن جي اختلاف  سمجهڻ کانسواءِ، تصوف جو سمجهڻ نهايت مشڪل ٿي پيو. تنهن کان سواءِ، جيڪڏهن انهن نظرين جي موافقت ۽ مخالفت ۾ فقط علمي دليل ڏنا وڃن ها، ته شايد معاملو ايڏيءَ حد تائين نه وڃي ها. پر، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڌرين پنهنجي حق تي هجڻ جي دعويٰ ”ڪشف ۽ شهود“ تي رکي ۽ قرآن ڪريم جي تاويلن ڪرڻ ۾ به هڪ ٻئي کان پري هليا ويا ته معاملو نازڪ صورت اختيار ڪري ويو: تان جو هڪڙا ٻين کي ”مُلحِد، ۽ ”زنديق“ چَوَڻ لڳا، ۽ ٻيا وري کين ڪوربين، مدعي، وغيره سڏڻ لڳا.

ڪن بزرگن، جي پاڻ ظاهري علم ۽ باطني ڪشف سان آراسته هئا، انهن ٻنهي ڌرين جي نظرين ۾ تطبيق ۽ هم آهنگيءَ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ڪجهه هڪڙن کي سوري، ڪجهه ٻين کي پَرڀرو ڪري، هڪ درمياني واٽ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿيا- خصوصاً، شاهه ولي الله صاحب دهلوي. ليڪن، اِها درمياني واٽ فقط لفظن جي اير ڦير سان پيدا ڪئي وئي هئي، جنهن اعتراض ڪرڻ وارن کي ڪجهه وقت لاءِ خاموش ضرور ڪيو، پر ڇاڪاڻ ته بنيادي اختلاف اڃا قائم هئا، تنهنڪري قلبي سڪون ڪنهن کي به نصيب نه ٿيو.

هن نهايت اهم مسئلي کي ”ڪيف ۽ وجد“ وارن جي نگاهه سان ڏسڻ جو موقعو اسان کي نصيب ٿيو آهي. البت، پنهنجي ناقص عقلي دليلن سان ۽ پنهنجي صوفي بزرگن جي قولن مان جيڪي ڪجهه سمجهه ۾ آيو آهي، سو ناظرين جي اڳيان حاضر آهي؛ ڇو ته جيستائين ”علم“ پنهنجا سبب ڏيندو ايندو، اختلاف پيدا ٿيندا رهندا؛ ۽ جيستائين ”اختلاف“ موجود هوندا، تيستائين ”حقيقت“ تي حجاب باقي رهندا.

5

ٻنهي طرفن جي حجتن جي مطالعي بعد، جا تصوير اسان جي ذهن ۾ اچي بيٺي آهي، سا به اسين هيٺ ڏيون ٿا.

جيڪڏهن انسان کي فقط هڪ عنصر يعني ”جسم“ ڏيئي پيدا ڪيو وڃي ها، ته کيس ڪو وجود ئي نه هجي ها؛ ڇو ته ”جسم“ پيدا ٿيل آهي ”عدم محض“ مان، ۽ ”عدم محض“ کي ”وجود“ نٿو ٿي سگهي: ۽ جيڪڏهن انسان کي پيدا ڪيو وڃي ها ٻئي عنصر يعني ”روح“ مان، ته کيس ”ظهور“ نصيب نه هئي ها- ڇو ته ”روح“ پيدائش آهي ”نور“ جي، ۽ ”نور“ جو ”ظهور“ ممڪن نه آهي. جيئن الله تعاليٰ جو ”ظهور“ ”امڪان“ جي حد اندر نٿو اچي سگهي. تنهنڪري انساني وجود ٻن جدا عنصرن جي دلچسپ آميزش جو نتيجو آهي: جسماني ۽ روحاني- سندس جسماني حصي کي ”مادي“، ”ممڪن“ ۽ ”فاني“ ٿو چيو وڃي. شڪل، صورت ۽ ساخت ۾ انسان ٻيءَ مخلوق کان نرالو آهي؛ ليڪن انسان، ٻين سڀني پنهنجي ضرورتن جي خيال سان، باقي جاندار مخلوق کان نيارو نه آهي: مثلاًَ کائڻ، پيڻ يا بين ضروري حاجتن ۾ يا پنهنجي جنسي خواهشات ۾ ٻئي مخلوق کان مٿي نه آهي. زماني جا حادثا، گرمي سردي، وغيره به جهڙا ٻين تي اثر انداز آهن، تهڙا انسان تي به اثر ٿا رکن. سندس انهيءَ حصي جي ڪنهن به صورت جي ڪا به نسبت ”ذات“ سان نٿي ٿي سگهي. ۽ انهيءَ صورَتَ ۾ کيس ذات واحد جي ”صفات“ جو آئينو به ڪين ٿو چئي سگهجي.

انساني وجود جو ٻيو مگر وڌيڪ اهميت رکندڙ جزو، جنهن کيس ”اشرَف المخلوقات“ جو لقب ڏياريو ۽ باقي مخلوق کان ممتاز بڻايو، ۽ جنهن جو ”ذات واحد“ سان سڌو واسطو آهي، سو آهي ”روح“. اهو انساني روح ئي آهي، جو ”ذات الاهيءَ“ سان تعلق ڀي رکي ٿو. ۽ ”صفات الاهيءَ“ جو پَرتَوگير به آهي. چنانچه قرآن مجيد ۾، الله تبارڪ و تعاليٰ، ڪيترين ئي جاين تي، انساني ”روح“ بابت هڪ خاص انداز ۾ ذڪر فرمايو آهي: مثلا ارشاد آهي ته ”من روحي“ يا ”مِن روحنا“. تنهن کان سواءِ، الاهي ارشادات، ”روح“ ۽ ”جسم“ جي وچ ۾ ايڏو ته فرق پيدا ڪري وڌو آهي، جو معرفت جي طالب کي، پنهنجي طريقت جي واٽ وٺڻ ۾، ڪا به دشواري نٿي ڏيکارجي. الله جل شانہ، هن ساريءَ ڪائنات کي ٻن حصن ۾ ٿو ورهائي: ”اَلاَ لَہُ الخَلقُ وَ الاَمر“- يعني ته ”عالم خلق“ ۽ ”عالم امر“ جو جدا ذڪر ٿو ٿئي ۽ ”عالم خلق“ (جسم) کي ”عالم امر“ (روح) جي حڪم هيٺ ٿو رکيو وڃي؛ بلڪ ”جسم“ جي ايجاد ئي انهيءَ مطلب سان ڪئي وئي ته ”روح“ جي اطاعت ۾ رهي يعني ته جسم ”مڪان“ آهي ته روح ”مڪين“ آهي. ”روح“ جو تعلق خداوند ڪريم جي ”ذات ۽ صفات“ سان ايترو گهڻو ٿو ڏيکاريو وڃي ۽ ايترو ويجهو ٿو سمجهايو وڃي، جو ”روح“ جي حقيقت به خداوند ڪريم جي حقيقت وانگر، انساني عقل، فهم ۽ ادراڪ کان مٿي ٿي وڃي ٿي، ۽ فرمان ٿو ٿئي ته ”قُلِ الرُوحُ مِن اَمرِ رَبي وَما اُو تِيتُم مِنَ العِلمِ الا قَلِيلاَ“، جنهن مان ظاهر آهي ته انساني عقل، ”روح“ جي صحيح علم هٿ ڪَرڻ جي وسعت نٿو ساري. بعد ازان، حضرت صديق اڪبر رضه جو مشهور عارفانه قول آهي ته عجز جو اقرار ئي خداوند ڪريم جي صحيح معرفت آهي: ”پاڪ آهي اها ذات جنهن مخلوق لاءِ پاڻ تائين پهچڻ جي، سوا عجز جي، ٻي ڪا راهه ئي نه پيدا ڪئي“. مٿئين بحث کي ذهن نشين ڪرڻ کان پوءِ، ”وَفِي اَنفُسِکُم آفَلاَ تُبصِروُنَ“ ۽ ”مَن عَرَفَ نَفسہ فَقَد عَرَفَ رَبَہ“ جو پورو پورو مفهوم سمجهڻ مشڪل نه آهي: ٻنهي ۾ ”معرفت“ جو مقام انساني ”روح“ کي قبول ڪيو ويو آهي. جنهن سان انساني جسم کي شامل نه ڪيو ويو آهي. حضرت آدم عليہ السلام کي، خداوند ڪريم پنهنجو خليفو قبول فرمائي، کيس هڪ نهايت بلند منصب ڏنو، ۽ فرشتن ملائڪن بلڪ ساريءَ ڪائنات کي حڪم ڪيو ته آدم کي سجدو ڪن. ظاهر آهي ته انهيءَ ”سجوديت“ ۾ آدم جي جسم جي ڪا حيثيت ته ضرور هئي، ۽ سوال پيدا ٿو ٿئي ته سجدي جو حڪم، آدم جي ”جسم“ لاءِ به هو يا فقط آدم جي ”روح“ لاءِ هو؟ انهيءَ باري ۾ جيڪڏهن قرآن مجيد خود ڪا وضاحت نه ڪري ها ته البت اختلاف جي گنجائش پيدا ٿي سگهي ها، پر جن واضح لفظن ۾ قرآن مجيد انهيءَ راز تان پردو هٽايو آهي، سي انسانيت جي رهبريءَ لاءِ ڪافي آهي: جيئن ته ”نَفَختُ فِيہ مِن رُوجي فَقَعُو لہ سجدينَ“ يعني الله جل شانہ، تمام مخلوقات کي خطاب ڪندي فرمايو ته ’جڏهن آدم جي ”جسم“ ۾ مان پنهنجو ”روح“ ڦوڪيان، ته اوهين سڀ ان جي اڳيان سجدي ۾ جهڪي پئو‘انهيءَ مان هي مطلب نڪتو ته ملائڪن وغيره جو سجدو انهيءَ وقت واجب ٿيو. جڏهن آدم جي ”جسم“ ۾ ”روح“ آيو. بعد ازان، انهيءَ الاهي حڪم مان هي به ثابت ٿيو ته انساني روح فرشتن وغيره جي روح کان وڌيڪ مڪرم قبول ڪيو ويو. ڇو ته ”ساجد“ ۽ ”مسجود“ جو امتياز ظاهر ڪيو ويو. تنهن کان سواءِ، ٻئي مخلوق کي هي به واضح لفظن ۾ ٻڌايو ويو ته انسان ۾ جو روح آهي سو خدا جي روح مان آهي. اڃا به اڳتي هلي، حڪم ٿو ٿئي ته ”لَقَد کَرَ مَنا بَنِي آدَمَ“ (اسان آدم جي اولاد کي مڪرم بنايو) ۽ اهو اعلان، نهايت مبالغي جي صيغي ۾ آيو آهي، جنهن آدم کي سندس جسم سوڌو باقي مخلوق کان مٿي وڃي بيهاريو. خداوند ڪريم جي مٿئين فرمان (مان پنهنجي روح مان جڏهن آدم جي جسم ۾ ڦوڪيان ته اوهان سڀئي - فرشتا- ان جي اڳيان سجدي ۾ جهڪي پئو) ٻڌڻ کان پوءِ. فرشتا جن کي پنهنجي عبادت ۽ ذات پاڪ تقرب تي ناز هو، سي آدم جو صحيح مقام سمجهي نه سگهيا، ۽ کين ضرورت محسوس ٿي ته خداوند ڪريم کان پڇن ته ’سائين، هي جو اول اوهان جو حڪم هو ته اوهان جي ذات پاڪ کان سواءِ ٻي ڪابه هستي سجدي جي لائق نه آهي، سو حڪم هينئر ڇو ٿو ڦيرايو وڃي‘ چنانچه انهيءَ سلسلي ۾، رب العزت ۽ فرشتن جي وچ ۾ جا گفتگو هلي، تنهن جو تفصيل قرآن مجيد ۾ ڪيترن ئي جاين تي ملي ٿو. انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي ته فرشتن کي نه فقط آدم جي مرتبي جو اندازو نه هو، پر کين پنهنجي مقام جي به پوري ڄاڻ ڪين هئي. هوڏانهن، آدم پاڻ کي ”مسجود“ ڏسي قطعاً حيران نه ٿيو ۽ نه تعجب کاڌائين- ڇو ته الله جي هن نبيءَ تي الله ۽ غير الله جي سامهون سجدي ٿيڻ جو مفهوم اڳي ئي ظاهر ٿي چڪو هو. سندس فطري ۽ لدني علم مٿس ظاهر ڪيو هو ته اِهو سجدو سندس ”غير الله“ جي حيثيت ۾ نه هو. اتي، آدم ڏٺو ته پاڻ فرشتن جي انتهائي درجي کان گهڻو مٿي ۽ خدا معلوم ڪيترو مٿي هليو ويو. جنهن مقام جي بلنديءَ جي ڄاڻ به قيامت تائين فرشتن کي ڪين پئجي سگهندي. اهڙي اشرف مقام تي پهچڻ کان پوءِ جيڪڏهن انسان ”آنَالحَقُ“ جو نعرو بلند ڪيو، ته چندان تعجب جي ڳالهه به ٿي ڇا؟ جتي ذات پاڪ سندس محبوب ٿي چُڪي ۽ پاڻ ذات پاڪ جو محبوب قبوليو ويو، پوءِ جي اتي چيائين ته:

”من نمي گويم ”انَالحق“ يار مي گويد بگو،

چون نگويم، چون مرا دلدار مي گويد بگو؛

آنچہ نتوان گفت اندر صومعہ، با زاهدان،

بي تحاشا برسرِ بازار مي گويد بگو“-

ته انهيءَ دعويٰ مان فقط هيءُ ثابت ڪرڻ ٿي گهريائين ته کيس پنهنجي مرتبي جي ڄاڻ آهي.

انساني وجود جي انهن مٿي ڄاڻايلن ٻن جزن ۽ انهن جي حيثيتن کي اڳيان رکڻ بعد، مسلمان صوفين جي وچ ۾ ”وجود“ ۽ ”شهود“ جا اختلاف سمجهڻ ڪا مشڪل ڳالهه ڪين ٿيندي. ”وحَدة الوجود“ جي سالڪن يڪسوئي اختيار ڪري، تَنَ کي تَسِيا ڏيئي، پنهنجون نفساني خواهشون ماري، دنيا جي رنگينين کان اکيون بند ڪري، فقط ”عالم امر“ تي نگاهه رکي، الله جل شانہ جي ذات ۽ صفات جي معرفت هَٿ ڪرڻ لاءِ، پنهنجي ”روح“ کي وسيلو بڻايو: پوءِ جڏهن الاهي فيض کين حاصل ٿيو، ذات ۽ صفات جون تجليون سندس ”روح“ کي منور ڪنديون رهيون، ته کين ”حقيقت“ جو مشاهدو ماڻڻ نصيب ٿيو-۽ ائين ٿيڻو به هو؛ ڇو ته انساني ”روح“ جي سڌو تعلق ”ذات“ پاڪ سان آهي. جڏهن الاهي تجليات ۽ ڪيفيات، براه راست، روح کي حاصل به ٿي ٿي سگهيون، ۽ هيون به ڪنهن تغير يا فنا ٿيڻ کان مٿي، ۽ ”ذات“ پاڪ ۽ ”روح“ جي وچ ۾ بنا ڪنهن ٻئي وسيلي جي ملي به ٿي سگهيون، ته انهن سالڪن پنهنجي انساني جسم کي وساري بلڪ فنا ڪري ڇڏيو؛ ڇو ته اها ضرورت محسوس نه ڪيائون ته ”جسم“ کي به وسيلو بڻائن. ڀٽائيءَ ڪين فرمايو آهي ته ”گهڙو ڀڳو تان گهوريو، ڀڄي تان مَ گهڙي“، ڇو ته گهڙو هڪ اهڙو وسيلو هو، جنهن جي معرفت محبوب تائين پهچڻ محال هوس: تڏهن وري ٿو ڀٽائي نصيحت ڪريس ته ”پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڃ؛ ڀيلو ڀيري ڀَڃُ اُڪَنَڊ کڻ عميقَ ۾“.

”وجودي“ سالڪن جو سمورو زور، ”روح“ جي قوتن کي مضبوط ۽ پاڪيزه بڻائڻ تي ڄميو رهيو. نتيجو هي نڪتو ته سندن ڪشف جو سفر پنهنجي روح کان شروع ٿيو، ۽ سالڪ ”عالم امر“ جو سير ڪندو رهيو. انهيءَ سموري سير ۾، بلڪ منزل تائين، سالڪ جي جسم جو، يا جسماني خواهشات جو. يا جن تڪليفن کان جسم ڪيٻائيندو آهي انهن جو، هن سان ڪوبه واسطو نه رهيو.

”نَڪو آدم اُتَهِين، نڪو جسم جان؛

نڪَا جزا جاءِ تَهِين، نا سُرت جو سامان؛

نَڪو قدر، نَڪو جَبر، نا خوّشي نا ارمان؛

بيخبريءَ جو بيان، ’سچل‘ ڪندين ڪيترو؟“

حقيقتاً، انهن ”وجودي“ سالڪن پنهنجي جسم کي، ۽ جسم جي ترغيبن کي ”نفس“ ڪري ڪوٺيو ۽ اُن جي مشابهت ڪتي سان ڏنائون، ۽ شروع کان وٺي انهيءَ لاءِ پنهنجي دل ۾ نفرت پيدا ڪندا رهيا؛ ڇو ته سندن چَوَڻ هو ته اهو نفس کين ”عينيت“ جي مشاهدي کان پري رکندو ايندو؛ جيئن سَچَل هڪ هنڌ چيو.

”نفس ميڏي دي اينوين شڪل جيوين ڪُتا گُلر ڪالا؛

نِت نِت کاوي، نِت نِت ڪوڪي، مَنگي نَرم نوالا؛

اسين رانجهو هڪ ٿيو سي، ميان ’سچو‘ ٿيا نفس ميڏي دا منهن ڪالا،“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org