سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :5

ڪافي 1

ٻيو ڪو ڄاڻڻ مَحض گناه،

هر ڪنَهِن صورت اَپ الله.

ڪِٿي گدا گدائِي والا، ڪِٿي شهنشاه.

دونهان ڏيک متان ڪو ڀولي، اولي اَبر ماه.

”وَنَفَختُ فِيہ مِن رُوحِي“ آهي، سَهِي ڪري ساه.

”خَلَق الاشيَاءَ وَ هُوَ عَينُها“، اِهو قول گواهه.

صورت منجهه ”سچوءَ“ جي، ٻولي پاڻ ئي بيپرواه.

 

ڪافي 2

عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي.

عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسِي.

برهي جِي اک ببِيني، ڪائي مثال چيني؛

توڙي رنگون رنگينِي، چينيءَ جي مَٽ نه ڪاسي.

گِل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي؛

عاشِق ڏِسڻ کؤن ڪاٿي، رَهندو پتنگ پياسي.

”صورتَ“ ۾ جاءِ ”دَمَ“ جِي، ”دَمَ“ ريءَ نه ”صورتِ“ ڪمَ جِي؛

دَمَ ۾ جا لذت غَمَ جِي، وه واه ڳالهه خاصِي.

ابليس جِي وڏائِي، هَر سانس تي سوائي؛

جِيوَڻ ته دَم ڀلائِي، نه ته تحت نَحس ناسِي.

ثابت ”سچل“ سچاري، يارن جي ياد ياري؛

وحدت جنِين وساري، تَنِ تَنَ مِٽي اَڻاسِي.


 

 

* ڪافي 3

هُتِ تان ڪير هُياسِ، ميان وو!

هِتِ ٿي ڪير آيس، نه ڄاڻان!

نانءُ ٻئو هُتِ هو منهنجو، هِتِ ٻئي نانءَ ٿِياس.

اچڻ نه هو هِت منهنجو، پَر ڪَنهِن تا خواهش کنياس.

هُتِ هُيَس معشوقيءَ ۾، هِت عاشِق ٿي اَياس.

هيءَ هَي هُئي هُت ڪانَڪا، هِت مَنجهه پروڙ پياس.

”سچو“ سارو، وو، سَچ ٿيو، وچَون ”آءُ“ وياس.

 

ڪافي 4

ميلو ٿيندئي، ميلو ٿيندئي، نينهڙو لايُو،

جُڙيا جانِي، مون سان ميلو ٿيندئي!

”وهُو مَعَکم“ چيو وصالون، وري سو وره وسايُو.

”وَنَحنُ اَقرَبُ“ پاڻ اُتيوئي، موٽِي تا بِرهُ بَڇايُوَ.

”اسين تو سان، تون اسان سان“، پاڻَ پِرِين فَرمايُوَ.

زلفان کوليوَ خيال اسان جي، ڏاڍو ڪو ستم سَهايُوَ.

ڪري اُمارو اڳيون اسان جي، تيرن ساڻ تَپايُوَ.

راند روئڻ جي سِکِئين ”سَچو“ ري، ڏاڍو ڪو پور پِرايُوَ!

 

ڪافي 5

آءُ تا پِيَڙس اُتي، جِتِ جاءِ اَدب جِي ناهي.

نادانن ناداني آهي، بيهڻ اُتي بُتي.

وحدت جو پيو باز جتي، مو مرغ اَدب جو اُتي.

وهم خيال وڃايا غيري، خيال هڪڙي کُتي؛

سر ڪٽايو، سو ڪيئن موٽي، ويڙو جو شرط اُتي؛

”سچو“ سَچ آهي اِهوئي، وسريءِ نِي پَنج سُتي.

 

ڪافي 6

 نانءُ اِهوئِي، اِهوئي نانونَ وَارو، صورتَ مورتَ سائي وو.

اِسم خاني وِچؤُن اِسما، اهو ڏَسُ هادِيءَ جو جانِي، وو.

اَههِ تَعجب اِهو جو، ڪَر لوڪان ذاتِي لِڪائِي، وو.

گاهي طاعَت گاهي عبادت، سَجدو سَهو سَهائِي، وو.

ٻئي پارون تان ڏئي ڏيکاري. اوڙَڪ خَلق مُنجهائِي، وو.

”سچوءِ“ سهي ڪَئي اِها سَڀائِي جا بازي يار بنائِي، وو!

 

ڪافي 7

آءُ، ادا سالڪَ، سهِي ڪر تون طلسمات کي؛

ڀَڃُ دوئِي تا ڪل پويئي، دور ڪر درجات کي.

 

سِر اهو سارو سڻائج، ڪَن نه ڏي ڪرامات کي؛

ظاهر ٿئين تا ”ذات“ مون، پر سمجهه تون ته ”صِفات“ کي.

 

غازي نه ڀانئج غير تون، هن محض موجودات کي؛

سِر سَٽج، هِن سِر ۾، ڏي مُنهن نه بِي مصلحات کي.

 

بي اعتباريءَ سان ڪرين، هَر هَر نفي اثبات کي؛

اثبات کوُن اڳنان لنگهي، ڪَر تَم تون طاعات کي.

 

تون ڪيئن وٺِي ويهي رهين، هَي هاءِ حڪايات کي؛

ڳالهين مَنجهؤُن تان ڪِين ٿئي، ڀَڃ اوٽ عزيٰ لات کي،

 

”سچو“ روئين ڇو هيترو، بس ڪر هن برساتَ کي؛

تَصديعَ تون ڇو ٿو ڏئين، محبوب جي محلات کي.

 

ڪافي 8

ڳالهه سَهِي ڪَيُم ساري، ٻُڙي جيڏيون، يارَ جي، وو:

ڀلو جيڏيون، هوءِ... هوءِ... هوءِ......!

 

جي مون وسَهو جيڏيون، آءُ اهو آهيان آري.

پوءَ پَروُڙڻ پانهنجي، لاتِي خَلقَ خواري.

پاڻِ ڪري ٿو پاڻَ کي، يارُ زور اور زاري.

”سچُو“ ري سِر پانهنجي، بِرهُ ڪَيائوُن باري.

ڪافي 9

هو سو سَڄَڻ مُون، ساڻ،

جنهن جي ڪارڻ مُون ٿي پوٿيون پٽايون!

”وَهُوَ مَعکَم اَينمَا کنتُمُ“، آهي سَندس اُهڃاڻ-

جنهن جي ڪارَڻ، مون ٿي فالون وِجهايون!

 

سَدا مون وٽ سپرين، مُحب ناهي مِهماڻ-

جنهن جي ڪارڻ، مون ٿي واٽون پُڇايون!

 

اُهڙيءَ اوڏائِيءَ ۾، ڪو نه پَيو مُون ڄاڻ-

جنهن جي ڪارَڻ، مون ٿي راتيون لَنگهايون!

 

هيڏي هوڏي ٿي ڏٺُم، ڪِين پَروڙيم پاڻ-

جنهن جي ڪارَڻ، مون ٿي وِرهون وَسَايون!

 

پري پُڇُ نه پنڌڙا، ”سَچو“ تون پاڻ سُڃاڻ-

جنهن جي ڪارڻ، مون ٿي ميڙيون سَنباهيون!

 

* ڪافي 10

هيڏي هوڏي نه نِهارِ،

تُنهنجي ويڙهي سو ته يار وَسي ٿو!

ساڻُ سدا آهي تان تنهنجي، پرين نَه آهي ٻي پارِ..

ڦولهي لَهج، پاڻَ مَون، ڇو ٿو وَڃين وڻڪارِ.

”وَفِي اَنفسِکم اَفَلاَ تُبصِرُون“ وِيجهو ڪِيمَ وسار.

پِرُينِ نه پُڇج پَنڌڙا، تُون ”سچو“ پاڻ سَنڀارِ.

 

ڪافي 11

اُهو ويو هاڻي ڪاڏي، جِنهن ”سچوُ“ سو نانءُ سڏايو!

مُکڙيءَ مَنجهؤن، نِي وي ميان، ٿيو گُل پيدا، وي ميان،

مُنهُن ڪري بِيٺو ماڏي.

سُڌ نه پَئِي، نِي وي ميان، طرفَ اُنهي جي، وي ميان،

جان جَثو ويو جاڏي.

اهو هلي ٿو، نِي وي ميان، اهو چلي ٿو، وي ميان،

گوشو ڪيو وڃي ڪاڏي!

ڏيههُ ڏاڏاڻو، نِي وي ميان اڳُُ ڏٺو، سي، وي ميان،

پَلٽَ ڪَئي پَڙ ڏاڏي!

نانءُ ”سچوءَ“ جو، ني وي ميان، ويو اوڏاهين، وي ميان،

طَلبَ ويِئي ڀي تاٽي.

 

ڪافي 12

ڀولِ نَه ٻئي ڪَنهِن ڀُلُ،

تون ته آدَم ناهيين،

لِڪو ٿو لاتِيُون ڪَرين، جيئن باغَ اَندَر بُلبُلُ.

مَلَڪن ٿي سجدا ڪيا، واه مِٽي تنهنجو مُلُ!

ڪير ٽَپائي، ڪير ڪُڏائي، شاهه بنا دُلدُلُ.

اَحد مَنجهارَؤن عَبد سڏايءَ، هُئين تان پاڻَ اصلُ،

”سَچَل“ چَوي سَچُ ٿي آئين، ڪونهي تنهنجو تُلُ.

 

ڪافي 13

آهيان آءُ اِسرارُ،

جيڏيون مون کي ڪير ڀانيو ٿيون!

 

ڪَنُ نه ڏيان ڪيچَ ڏي، ڀَنڀورؤن بيزارُ.

ڇَڏي بادشاهِي پانهِنجي، ڪِيَڙُم هِتِ شِڪار.

اَيُسِ هِنَ عالَمَ ۾، باري چاڙهي بارُ.

آڻيو صِدقَ يقين سان، اديون ڙي اعتبارُ.

نوري ناري ناهيان، آهيان ربُ جبارُ.

مُرشِدَ ٻانهو نه چَيو، تون ”سچو“ آهين سَردارُ.

 

ڪافي 14

پَنهِنجي ذاتِ لِڪائي، ڪِيئن ٻِي ذاتِ سَڏايان!

 

ظاهرِ ڪَريان ذاتِ کي، تاهي بُتَ ڀَڃايان.

منَصُوريءَ جي مَوجَ ۾، ٿو ”اَنالحَقُ“ اَلاَيان.

واديءَ ۾ وَحدتَ جي گهوري سِرُ گهُمايان.

”اعليٰ اُعظم شانَ“ جِي نوبَتَ نِيهَن وَڄايان.

ظاهِرُ باطِن هِڪڙو، آءٌ تا حُڪم هَلايان.

”سَچُو“ سارو سَچُ ٿِيو، حِڪمت هِيءَ چَلايان.

ڪافي 15

اوهِين سَڀئِي ڇو نهَ ڄاڻو،

نانءُ مَٿِم آهي ڪهڙو!

اِسم اصَل کون وِرهَ وَڌايو، صورتَ هِيءَ سُڃاڻو.

پاڻِيءَ منجَهون پارو ٿيو پيدا، واءُ عجب ڪوئي واڻو.

شاهُ جهانِ جو ٻانهون ٿِي، ڪَرَ وائيءَ هِنَ وِڪاڻو.

ڏِسِي تَماشو اِهو سو سارو، وَتي تان پاڻَ ويڳاڻو.

نانءَ وارو، سُڻوري سَرتيون، ٿيو هِتِ ڪِيئن نِماڻو؛

مَستيءَ واري ساکَ نَه سلجي، ”سَچُو“ تون ٿِيءُ سِياڻو.

 

ڪافي 16

آهي بي نام و نشان،

سِر اِنهيءَ جو ناهي امڪان.

طرحِين طرَح پوشاڪان پهريئين، ڪُل يَوم هُوَ فِي شَان.

ظاهِر ذاتِ صفات سهي ڪَر، سِري سِرهُ الانسان.

منصوري اَهي راهُ اِهوئِي، جوشَ تنهين ۾ آ جولان.

غَرض گداگر يارَ اچي ٿو، ناته ”سَچُو‎“ سارو ئي سلطان.

 

ڪافي 17

پاڻَ پِرين اُهو آهي،

متان ڀينر ڀولو ڀانيو.

جنَهن تي آهي تنَهن تي اآهي، نانءُ ٻِئيي تا ناهي.

پاڻَ پَنهنجو سَهِي ڪَيوسين، ڪيچ وَڃُون ڪِيئن ڪاهي.

هِيئن تَنهن جو اَوهِين نه ڄاڻو، چَؤ تَڏهِن ٻئو ڇاهي؟

”سَچو“ سارِي صورت اُهائِي، لوڏا لَڪن جا لاهي.

ڪافي 18

تاڏي مُنهُن نه پِيو، ڙِي مُنهنجو،

جاڏي لوڪُ لڙي ٿو.

جيڪو هَئَڙُس جيڏيون، ساڳو آءٌ ٿيو.

پاڻَ ئي پُنهلُ آهيان، ڄاڻو ڪونَه ٻِيو.

ظاهِرُ مُنهنجي ذاتِ کي، ڪيچِن پاڻَ ڪِيو.

”سچو“ سارو سَچُ ٿيو، وِچؤن وِرهُ وِيو.

 

ڪافي 19

اُتي پيو وَڃي خيال منهنجو، جتي دَمَ قَدمَ جِي جاءِ نه آءِ.

 

لامَڪانَ مَون لهر لڙهِي، جَنهن مَٿي سَڀ هوِءِ هاءِ.

وحدتَ جي درياءَ مَنجهارؤن، تون ڀِي وَڃِي موجَ مَناءِ.

بِرهَ توتي بادَل آندو، ”اَنَاالحق“ جِي هڪَل سڻاءِ.

قَطرو پاڻُ نَه ڀانئِج عاشِقَ، ساروئِي تون بَحر سَڏاءِ.

ٻَئي جهان هِڪو ڪَر ڄاڻين، جلوو تنهنجو جاءِ بجاءِ.

”سچو“ آهِين سِرُ سُبحانِي، ظاهِر جو تُون نانءُ وِڃاءِ.

 

ڪافي 20

پاڻ کي يارُ نَه ڄاتوم، ڀينر ڀُلِي آهيان.

ٻُڏيَس بِيائِيءَ ۾، جو پاڻ نَه سُڃاتوم.

موڳائِيءَ جي مونجههَ ۾، ٿي ورهُ وسايوم.

اَٿَڻ ويهَڻ پانهنجو، هِي ڀينَر ٿي ڀانيوم.

خاص مُناري خاڪ جي، سو سَرتيُون سمايوم.

ڏِسَڻ ٻُڌن هِڪڙو، هي ڪاڏنهُن الايوم.

”يُنطِقُ“ واريءَ رمزَ ۾، هِي سِرُ سَلايوم.

نالو آدَمَ جو رکي، هِن حيرتَ هلايوم.

نانءُ مَنجهَؤن نانهِه ٿِي، هِت ”سچو“ ٿي آيوم.

 

ڪافي 21

ڪِجو اوهين ويساه،

سَرتيون، مُنهنجي ڳالهه سچيءَ تي!

آيو ڪنهِن تا ڳالهه کَون؛ شهود ۾ شاه.

لَڌم هِهڙي هوتَ جو، ريجهائي مون راه.

جوئي هدايت ۾، سوئِي آهي گمراه.

اَحد اَحمد هڪڙو، آهي پاڻَ الله.

ساڳيون اَٿوَ پاڻ سو، چئو جو اَرواح.

”سچو“ سچيءَ ڳالهه ۾، ڪَهڙو ڪَيُم گُناه؟

 

ڪافي 22

سڀ ڪنهن ويڙهي تون وسين، ڪونه آهي ٻيو تو ري!

ڄاڻِي هِيئن ڄاتوم، توکي سانوَلَ سڃاتوم،

هر جا آهين تو حاطي.

هَرجا حاضر ”تون“ موٽي ڪهڙي آهي ”مُون“،

هادي کَڻُ حِجاب کي.

ڪاٿئين قاضِي ٿئين، ويهِي ناحق فتويٰ ڏئين،

سوريءَ تو منصور جي.

موٽِي ٿئين مَنصور، ڪَيئي مُلَن جو مذڪور،

شاهد ٿي بيهين شَرَع تي.

”اَنالحَق“ آواز هِي، تا سارو تنهنجو راز،

ظاهِر ڪَيُئي بيهي زمين تي.

سرمد تي آسرارَ، ڪَيءِ عالم تي اِظهار،

وري وڌُءِ شور شهرَ کي.

هي سَڀ ڪَم سنداءِ، آهن جاني جاءِ بجاءِ،

جيڪي ڪرين تون سو ٿي.

حاضر ناظر تون، باطن ظاهِر تون،

تُنهنجو هُل هَنگام هي.

اُڀريو آفتابُ، جهَليو تارَن هَڏِ نَه تابُ،

گوشا ويا ٿِي گُم سي.

”سچو“ ڀَڃُ گُمانُ، ٿي حيرتَ ۾ حيرانُ،

جو مولا مُون ٻانهون ٿي.

 

ڪافي 23

اَحوال عشق لائي،

”سِر سِرهُ“ بُلائي.

سِسِي شيخ عطار جِي، ٿو چوٽئين چَلائي.

ڏٺُوَ تماشو تيغَ جو، ڪُوپَن ڪَنڌ ڪَپائي.

دينَ ڪُفر مَؤن نِڪري، ٿو ”اَنَالحَق“ اُلائي.

واديءَ ۾ وحدتَ جي، ڪوڙيين سِرَگَنوائي.

”سَچوءَ“ کي تنهِن صِفَت ۾، سائين مانَ سڏائي!


*    ڪافي 3، اڳتي حقيقت، داستان پهريون ۾ ڪافي 21 طور شامل ٿيل آهي. ساڳي ڪافي رسالي ۾ ٻه ڀيرا شامل ڪرڻ جو سبب اُهو معمولي وڌاءُ معلوم ٿو ٿئي، جو عام طور تي سنڌ جي بزرگن جي درگاهن تي عام ڳائيندڙ يا سندن معتقد راڳي فقير طرز ٺاهڻ/ ڳائڻ دوران ڪري ويندا آهن.

مثال طور هن ڪافيءَ جو ٿلهه آهي:

هُت تا ڪير هياس، ميان وو، هِت ٿي ڪير آيس، نه ڄاڻان!

جڏهن ته حقيقت، داستان پهريون جي ڪافي 21 جو ٿلهه آهي:

هِت تا ڪير هياس، ڀلو ميان، ٿي آيس ڪير، نه ڄاڻان!

يا بندن ۾ رڳو اڌ دم کان پوءِ ”سائين الا“ جي معمولي وڌاءُ سواءِ ٻنهي ڪافين ۾ دراصل ٻيو ڪو به فرق ڪونهي.

* هيءَ ڪافي 10 ساڳي ئي وحدت، داستان ٻيو ۾ ڪافي 3 طور شامل ٿيل آهي. فرق رڳو ايترو آهي ته هِت آيل ڪافيءَ ۾ ”بند 4“ اضافي آيل آهي، تنهنڪري هِن ڪافيءَ کي ئي مڪمل سمجھڻ کپي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org