سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :1

رسالو سچل سرمست

عثمان علي انصاري

منهنجي قلم مان

شاهه عبدالطيفؒ سان عقيدت ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ملي اٿم. ست پيڙهيون اڳ، اسان جا وڏا غوث بهاءُ الدين ذڪريا جا مُريد هئا ۽ پوءِ شاهه سائين جي عقيدت پلئه پين. جا پيڙهي به پيڙهي اڄ تائين ساهه سان سانڍيندا پيا اچون.

شاهه سائين سان عقيدت وارو رستي تي هلندي، آءٌ شاهه سائين ۽ سنڌ جي ٻين صوفي بزرگن جي شاعري ڏانهن متوجه ٿيس، شاهه جي شاعري منهنجي جيءَ اهڙو جادو ڪيو، جو آءُ سندس شخصيت سان گڏ سندس شاعريءَ جو به عقيدت مند ٿي پيس ۽ اهڙي طرح من ۾ شاهه توڙي سنڌ جي ٻين صوفي بزرگن جي شاعري پڙهڻ جي اشتياق وڌندو ويم.

جڏهن روشني پبليڪيشن جي دوست، سچل جي رسالي ڇپائڻ جي سلسلي ۾ ڳالهه چوري ته مو کيس چيو: شاهه جي رسالي وانگر هڪ ٻئي سرڪاري ادبي اداري کان هڪ طرف ته سچل جي ڪلام ۾ پڻ ڪيتريون ئي غلطيون سرزد ٿيون آهن. ٻئي طرف مان واري مرتب کان پڻ سچل جي ڪلام سهيڙڻ وقت ڳچ اوڻايون رهجي ويون آهن، تنهن لاءِ لازمي آهي ته نئين سري سان فوٽ نوٽن ذريعي ڇپائيءَ توڙي مرتب جي اوڻاين جي نشاندهي ڪجي ته بهتر ٿيندو.

اها ڳالهه ڪيڏي نه افسوسناڪ آهي ته سنڌ جي ٻن اهم سرڪاري ادبي ادارن، سنڌ جي ٻن عظيم صوفي شاعرن، جيڪي سڄي جڳ ۾ پنهنجي لازوال شاعري ڪري سنڌ جي سڃاڻپ آهن، جي ڪلام کي اهڙيءَ ته اڻ سوهندڙ انداز سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي جنهن سان نه رڳو صوفي بزرگن جي عقيدتمندن جي بلڪ سنڌ جي سڄاڻ طبقي جي پڻ دل آزاري لازمن ٿي هوندي.

اسان ڏسون ٿا ته جڏهن مانواري هوتچند مولچند گربخشاڻي پنهنجي حياتيءَ ۾ شاهه جي رسالي جا ٽي جلد معنيٰ ۽ شرح سميت مرتب ڪري، پنهنجي هڙان خرچ تي ڇپائي پڌرا ڪيا ته ٽئي جلد غلطين کان بلڪل خالي هئا، ان جي برعڪس ثقافت کاتي پاران ڇپايل ٻئي ڇاپا (پهريون ڇاپو ليٽر پريس ۽ ٻيو ڇاپو ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿيل) غلطين ۾ هڪ ٻئي کان گوءَ کڻي ويل نظر ٿا اچن.

مون گربخشاڻي صاحب جي مرتب ڪيل رسالي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڪجهه عرصو اڳ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جي نئين ڇاپي جي پروفن جو بار پنهنجي ڪلهي تي کنيو هو ان فيلڊ ۾ نئين هئڻ سبب مون کان به ڪي پروفن جو غلطيون ضرور رهجي ويون هونديون، پر ايتري سا پڪ اٿم ته هي ڇاپو ثقافت کاتي پاران ڇپايل ٻن ڇاپن توڙي نيرون بڪس واري ڇپرايل ڇاپي (جيڪو ثقافت کاتي پاران ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري ڇپرايل ڇاپي جي هوبهو فوٽو ڪاپي آهي) کان ڪيئي ڀيرا بهتر هوندو، جنهن ۾ پروفن جون شمار کان ٻاهر غلطيون آهن، شاهه سائينءَ جي مشهور بيت جي پهرين سٽ:

جي تو بيت ڀانيان، سي ”آيتون“ آهين.

ان ڇاپي ۾ هيئن ڇپيل آهي:

جي تو بيت ڀانيا، سي ”آيون“ آهين.

بلڪ پروفن جي سلسلي ۾ ته ان کان به اهم غلطيون رهجي ويل آهن، پر هن اداري ته ان ڳالهه جو به ڌيان نه رکيو آهي ته شاهه جو ڪيترو ڪلام ڇپجڻ کان رهجي ويو آهي. مثال طور:

(1)  سر کنڀات داستان پهريون جا آخري اٺ بيت، وائي 1 ۽ وائي 2 سري کان گم آهن.

(2) سر ليلا چنيسر ۽ سر مومل راڻو تي آيل فوٽ نوٽ هلندڙ مواد جي وچ ۾ ۽ غلط هنڌ تي ڏنل آهن.

اهڙي طرح شاهه سائينءَ جي ان رسالي ۾ ٻيون به اڻ ڳڻيون غلطيون آهن جن لاءِ تفصيلي مضمون لکڻ جي ضرورت آهي.

جيئن ته هت ڳالهه پئي هلي سچل جي رسالي متعلق، ته هڪ نظر ”رسالو سچل سرمست“ (سنڌي ڪلام) مرتب: عثمان علي انصاري، ڇپرايل سنڌي ادبي بورڊ (ٻه ڇاپا) ۽ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي (ٽيون ڇاپو) تي ٿا وجهون.

محترم عثمان علي انصاري جي مرتب ڪيل ”رسالو سچل سرمست“ (سنڌي ڪلام) ۾ مون کي پنهنجي ناقص ڄاڻ آهر جيڪي ڇپائي جون غلطيون ۽ ترتيب جون اوڻايون نظر آيون، ان لاءِ مناسب ڄاتم ته هن نيئن ڇاپي ۾ انهن جي نشاندهي ڪجي ته جيئن سچل جا عقيدتمند يا محقق، سچل جو ڪلام اڳيان رکن ته انهن اوناين کي پڻ نظر ۾ رکن يا ان تي قلم کڻن. اسان غلطين/ اوڻاين کي ٻن حصن ۾ ٿا ورهايو. پهريون اهي جيڪي ادبي بورڊ ڇپائيءَ دوران ڪيون ٻيو اهي جيڪي مانواري مرتب کان سچل ک جو ڪلام مرتب ڪرڻ وقت ٿي ويون آهن.

ڇپائيءَ جي سلسلي جون غلطيون:

ڇپائيءَ جي پهرين اهم غلطي ”متفرق ڪلام“ ۾ آهي. اسان کي نمبر وار هلندڙ کان پوءِ اوچتو ڪافي 130 جا آخري ٽي بند ملن ٿا. جڏهن ته لڳاتار هلندڙ نمبر موجب ڪافي 124 بعد ڪافي 125، ڪافي 126، ڪافي 127، ڪافي 128، ڪافي 129، ڪافي 130 ۽ پوءِ ڪافي 131 اچڻ گهرجي، پر ادبي بورد جي ڇپرايل ٻنهي ڇاپن (پهريون ڇاپو ڇپجڻ جو سال 1959ع ٻيو ڇاپو ڇپجڻ جو سال 1982ع توڙي ساڳي رسالي جو هو بهو نقل ڪري ڇپرايل سنڌي ادبين جي ڪوآپريٽو سوسائٽي پاران ٽيون ڇاپو) ۾ پڻ صفحي 416 جي آخر ۾ ڪافي 124 کانپوءِ صفحي 417 تي هي ٽي سٽون اچن ٿيون:

هيءَ دل ديواني ڪري، هو ٿيا پاڻ قرار.

جات جتن جي جيڏيون، جيءُ وڌو آهي جار.

”سچو“ نه وسار ساهه کئون، دوستن جي درٻار،

۽ پوءِ ڪافي 131 اچي ٿي.

اهڙي طرح ٽنهي ڇاپن مان ڪافي 124 جي آخري ٻن سٽن کان ويندي ڪافي 130 جي آخري ٽن سٽن جي وچ وارو مواد گم ٿيل آهي. بحث ان ڳالهه تي نه آهي ته اهو مواد (يعني ڪافي 124 جون آخري ٻه سٽون، ڪافي 125، ڪافي 126، ڪافي 127، ڪافي 128، ڪافي 129 ۽ ڪافي 130 جو ٿلهه ۽ پهريان ٻه بند) گم ڪيئن ٿيو؟ نه ئي وري اسان کي ان ڳالهه پڇڻ جو ڪو حق ئي حاصل آهي ته سنڌ جي نامياري سرڪاري اداري پاران سنڌ جي عظيم صوفي شاعر جي ڪلام ۾ اهو اهڙي غلطي ڪيئن ڪئي وئي يا اهو ڪلام ڪيئن گم ٿي ويو ۽ ٽيويهن سالن جي وڏي عرصي بعد ٻئي ڇاپي ڇپجڻ وقت ڇو نه ان اهم غلطيءَ/ اوڻائي کي درست ڪري پڙهندڙن کي اعتماد ۾ ورتو ويو.

مون ڏينهن رات هڪ ڪري، رسالي جي هڪ هڪ ڪافيءَ کي ”رسالو سچل سائين“ مرتب علي قلي بيگ جي هر هڪ ڪافيءَ سان ڀيٽي ڏٺو. اِهو ڪم تمام ڊگهو ۽ ٿڪائيندڙ هيو، پر سچ ۽ سچل جي همراهي هئي، جو اهو ڪم آسان ٿي پيو. اهڙي طرح نيٺ اُهي ڪافيون جيڪي هن رسالي ۾ وچان گُم ٿيل آهن، تن جي جاءِ تي اُهڙيون پنج ڪافيون نمبر وار رسالي ۾ ڏنيون اٿم جي رسالي ۾ اڳ موجود نه هيون. بلڪ ڪافي 124 جا آخري ٻه بند ۽ ڪافي 130 جو ٿلهه ۽ ٻه بند پڻ محترم علي قلي بيگ جي ”رسالو سچل سائين“ مان ورتا اٿم. اُهي پنج ڪافيون جي ڪافي 125 کان 129 تائين هِن رسالي جي متفرق ڪلام ۾ شامل رکيون اٿم، تن مان هرهڪ لاءِ اهو يقين ڪرڻ ته ڪٿي اها ڪافي رسالي ۾ اڳ موجود ته نه آهي. رسالي کي بار بار اٿلائڻو پيم ان پڪي يقَين بعد ته اِهي ڪافيون رسالي ۾ اڳ موجود نه آهن. هي ڪافيون ترتيبوار متفرق ڪلام ۾ شامل رکيون اٿم. هر ڪافيءَ بابت تفصيل فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻايل آهي.

ڇپائيءَ جي ٻي اهم غلطي: سنڌي ادبي بورد جي ڇپرايل ٻنهي ڇاپن توڙي سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي واري ڇپرايل ڇاپي ۾ هوبهو آهي. ٽائيٽل تي ڪتاب جو نالو ”سچل سرمست جو سنڌي ڪلام“ سب ٽائيٽل تي ”سچل جو سنڌي ڪلام“ جڏهن ته مقدمي پوري ٿيڻ بعد صفحي 33 تي ڪتاب جو نالو ”رسالو سچل سرمست“ ۽ مسلسل هلندڙ ٻڌي صفحن تي صرف ”سچل سرمست“ نالو ڏنل آهي.

ڇپائيءَ جي ٽين اهم غلطي: جڏهن مقدمو صفح 31 تي ختم ٿئي ٿو، تنهن بعد صفحي 33 کان رسالو سچل سرمست شروع ٿئي ٿو، رسالي جي شروعات ”وحدت نامو، سان ٿئي ٿي، پر وحدت نامي جي اڪي صفحن تي ”وحدت نامو“ بجاءِ ”مقدمو“ ڇپيل آهي، جنهن سان عام پڙهندڙ لازمي طرح مونجهاري ۾ پوندو ته ”وحدت نامو“ سچل جو ڪلام آهي يا مقدمي جو حصو.

ڇپائيءَ جي چوٿين اهم غلطي: اڳين ٽن ڇاپن ۾ الڳ الڳ سرن ۾ هلندڙ اڪي صفحن تي سُر جو نالو غلط جابجا غلط نظر اچي ٿو، مثال طور: سسئي، داستان ٻيو، صفحو 99 تي سُر جو نالو ”سسئي“ بجاءِ ”حقيقت“ ڇپيل آهي. ”مارئي“، داساتان چوٿون، صفحي 251 ۽ 253 تي سُر جو نالو ”مارئي“ بجاءِ ”سسئي“ ڇپيل آهي ۽ ”بيت سنڌي پورب جا“ جي مسلسل اڪي صفحن تي سر جو نالو ”بيت سنڌي پورب“ جا بجاءِ ”مومل راڻو“ ڇپيل آهي. ساڳي طرح ڪتاب ۾ هر سر جو نالو ”وحدت“، ”حقيقت“ ۽ ”سسئي“ وغيره ڇپيل آهي، پر ”سارنگ“ جي شروعات ۾ ڏنل نالو ”سر سارنگ“ ڇپيل آهي.

ڇپائيءَ جي پنجين اهم غلطيءَ: هر سُر جي داستانن ۾ بيتن بعد ڪافيون ڏنل آهن ۽ ”ڪافي“ عنوان ٿلهن اکرن ۾ هن ريت ڏنل آهي؛ ڪافي 1، ڪافي 2، ڪافي 3، وغيره، پر ”مارئي“ داستان پهريون ۾ سواءِ ڪافي هڪ جي باقي ڪافين تي بيتن جي سٽاءَ وانگر نمبر (2) (3) (4) (5) ۽ (6) ڇپيل آهي، هي ته هُيون اُهي غلطيون جي ڇپائيءَ دوران رهجي ويون. پر رسالي ۾ سي اوڻائيون پڻ عام آهن، جي مرتب کان رهجي ويل نظر اچن ٿيون.

اسان جڏهن ”رسالو سچل سرمست“ جو پهريون صفحو ڇڏي ٻئي صفحي تي نظر ٿا وجهون ته اسان جي نظر هن نوٽ ڏانهن ٿي وڃي:

”ناشر محترم پير حسام الدين راشديءَ ۽ آغا غلام نبي صاحب جن جو شڪر گذار آهي، جن هن رسالي جي ترتيب ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪارآمد راءِ ۽ گرانقدر رهبريءَ کان مستفيض ڪرڻ فرمايو.“

ڇپائي جي سلسلي ۾ ڪيل غلطين جي تفصيلي ذڪر کان پوءِ مٿين مانوارن نالن جي اشاعت جي سلسلي ۾ ڪيل گرانقدر رهبري پڙهندڙن اڳيان ضرور پڌري ٿي هوندي. هاڻ نظر ٿا وجهون احترام لائق سرڪاري ادبي اداري جي ترتيب جي سلسلي ۾ وريل گرانقدر رهبريءَ تي.

ترتيب جي پهرين اهم اوڻائي:

رسالي ۾ اسان کي جاءِ بجاءِ ساڳين ڪافين جو ورجاءَ مان لڳي ٿو ته مانوري مرتب ۽ پوءِ ترتيب جي سلسلي ۾ رهبري ڪندڙ صاحبن ان ڳالهه ڏانهن ذرو به ڌيان نه ڏنو آهي ته ساڳيو ڪلام رسالي ۾ بار بار موجود آهي، مثال طور:

وحدت، داستان پهريون جي ڪافي 3، حقيقت جي داستان پهريون ۾ ڪافي 21 طور شامل ٿيل آهي ۽ وحدت، داستان پهريون جي ڪافي10 ساڳي ئي وحدت جي داستان ٻئي ۾ ڪافي 3 طور شامل آهي، جڏهن ته سر سسئي داستان پهريون جي ڪافي 18، متفرق ڪلام ۾ پڻ ڪافي 91 طور شامل آهي. سسئي، داستان ٽيون ڪافي، متفرق ڪلام ۾ ڪافي 16 آهي، سسئي، داستان چوٿون ڪافي 9، سسئي، داستان ستون جي ڪافي 13 آهي. سسئي، داستان پنجون، ڪافي 5، متفرق ڪلام جي ڪافي 132 آهي. سسئي، داستان پنجون، ڪافي 12، متفرق ڪلام جي ڪافي 118 آهي. سسئي داستان نائون، ڪافي8، سسئي، داستان نائون، جي ڪافي 4 آهي. سسئي، داستان نائون متفرق ڪلام جي ڪافي 107 آهي. رسالي ۾ اهڙيون (9) ڪافيون ملن ٿيون جي رسالي ۾ ٻه ڀيرا شامل آهن ۽ ساڳيءَ ڪافيءَ جي رسالي ۾ ٻه ڀيرا شامل هئڻ مان محسوس ٿئي ٿو ته رسالي جي ترتيب لاءِ رهبري ڪندڙ صاحبن، مانواري مرتب جي سهڙيل ڪلام کي پرکي پروڙي نئين سر پيش ڪرڻ بجاءِ، جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو آهي، مون انهن ڪافين جي نشاندهي فوٽ نوٽن ذريعي اُن هنڌ ڪئي آهي جتي جتي متعلق ڪافي رسالي ۾ ٻه ڀيرا شامل آهي.

ترتيب جي ٻي اهم غلطي:

ساڳي ڪلام جي ٻن الڳ الڳ سرن ۾ موجود هئڻ، ان ڳالهه ڏانهن پڻ اشارو ڪري ٿو ته مرتب کان ڪلام کي سهيڙي مواد جي مناسبت سان سنواري رکڻ دوران جيڪي اوڻايون رهجي ويون آهن، سي پڻ جيئن جو تئين موجود آهن، مثال لاءِ وڌيڪ گهرائيءَ ۾ وڃڻ بجاءِ سرسري طور ڏسبو ته مٿي بيان ڪيل ڪافيون جي رسالي ۾ هڪ ئي وقت الڳ الڳ سرن ۾ موجود آهن، يعني وحدت، داستان پهرين جي ڪافي 3، حقيقت، داستان پهريون جي ڪافي 21 پڻ آهي، ته سسئي، داستان پهريون جي ڪافي 18، متفرق ڪلام جي ڪافي 91 آهي وغيره. مطلب ته هڪ ئي ڪافي ساڳي وقت ٻن الڳ الڳ سرن ۾ موجود آهي. لازماً ڪافي جو مواد ٻنهي سرن مان ڪنهن هڪ سر سان ئي مناسبت رکندڙ هوندو ۽ ٻئي سر ۾ ان ڪافي جو موجود هئڻ ترتيب جي اوڻائي سبب آهي. ”رسالي سچل سرمست“ ۾ ترتيب جي لحاظ کان اها هڪ اهم اوڻائي آهي جا درست ٿيڻ کپي.

ان سلسلي ۾ آخري عرض: متفرقِ ڪلام جو گهڻو تڻو حصو ”سسئي“، ”وحدت“ ۽ ”حقيقت“ سان واسطو رکي ٿو، تنهنڪري ان ڪلام کي جو جنهن به سُر سان واسطيدار آهي. سو ڪلام سُر وار سٽاءَ ۾ آڻي، باقي ڪلام کي متفرق ڪلام ۾ رکڻ کپي. مثال طور متفرق ڪلام جي ڪافي 45 مومل راڻو سان، ڪافي 4 وحدت سان، ڪافي 5 توڙي ڪافي 65 وغيره سسئي سان واسطو رکن ٿيون.

ترتيب جي ٽين اهم اوڻائي:

سرن ۾ اهڙو ڪلام عام ملي ٿو، جنهن جي ان سر سان ذرو به لاڳاپو يا مناسبت نه آهي، جيئن سسئي، داستان پنجون، ڪافي 5. داستان ستون، ڪافي 10. داستان اٺون ڪافي 4،3،2. داستان نائون، ڪافي 20،15،14،5 کان 22 ۽ 24. داستان ڏهون ڪافي 7 ڪافي 9 کان 11 ۽ ڪافي 19 کان 21 ۽ ڪافي 23. داستان يارهون، ڪافي 12 ۽ 13. مارئي، داستان ٽيون، ڪافي 2. داستان ڇهون ڪافي 1۽ 2. مومل راڻو، داستان پهريون، ڪافي 11. داستان ٻيو ڪافي1، ڪافي 2 ڪافي 4 کان 6. اهڙي طرح جوڳ، داستان پهريون جون سڀ ڪافيون ۽ جهولڻو، ڪنهن به صورت ۾ سر جي بيتن ۾ آيل مواد جوڳين / ڪاپڙين/ لاهوتين سان منسلڪ/ لاڳاپيل نه آهي.

مٿي ذڪر ڪيل سڀني ڪافين جي لاڳاپيل سرن سان ڪوبه واسطو نظر نٿو اچي، نه ئي هي ڪافيون لاڳاپيل سر سان واسطو رکندڙ لوڪ داستان سان ٺهڪي اچن ٿيون، پر پوءِ به هي ڪافيون انهن سُرن ۾ موجود رهڻ ڏنيون ويون آهن.

ترتيب جي چوٿين اوڻائي- ٻه غلط عنوان:

اسان کي مرتب وٽ غلط عنوان ڏيڻ جي اوڻائي پڻ بار بار نظر اچي ٿي. رسالي ۾ موجود اهو ڪلام جنهن جو ”پورب“ سان واسطو آهي يا ان ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو، تنهن کي ”بيت سنڌي پورب جا“ عنوان ڏنل آهي. جڏهن ته هن عنوان واري ڪلام ۾ صرف بيت نه آهي، بلڪه بيتن جي آخر ۾ 9 (نو) ڪافيون پڻ ڏنل آهن، تنهن جي باوجود مرتب توڙي ترتيب جي سلسلي ۾ رهبري ڪندڙ صاحبن، هن ڪلام کي عنوان ”بيت سنڌي پورب جا“ ڇو رهڻ ڏنو، سا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. جڏهن ته شاهه جي مڙني مانوارن مرتبن / محققن شاهه جي ڪلام کي جو پورب جي پانڌيئڙن متعلق يا اهڙي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ آهي، تنهن کي ”سر پورب“ سڏيو / لکيو آهي ته پوءِ ڇو نه ان ڏاهن جي ڏسيل واٽ تي هلي سنڌ جي هن سونهاري شاعر جي ان ڪلام کي ”سنڌي پورب“ عنوان ڏجي ۽ مون ايئن ئي ڪيو آهي.

بيت سنڌي روجهن بابت:

ان عنوان هيٺ آيل ڪلام ۾ پڻ بيتن جي آخر ۾ ڪافي شامل آهي / هئي، پر جيئن ته آخر ۾ شامل ڪافي ڪنهن به لحاظ کان عنوان سان ٺهڪندڙ آهي، يعني هيءَ ڪافي نه روجهن متعلق آهي نه روجهن سان واسطو رکندڙ ماحول جي عڪاسي ڪندڙ- تنهن ڪري مون هيءَ ڪافي متفرق ڪلام جي آخر ۾ ڪافي 171 طور شامل رکي آهي ۽ بيت پڻ متفرق ڪلام جي شروعات ۾ شامل رکيا اٿم، جو منهنجي نظر ۾ مرتب پاران ڪلام کي سروار ترتيب ڏيڻ بعد باقي رهيل ڪلام، دوها، هدايتون ۽ ڪنهن سر جو حصو نه آهن. متفرق ڪلام ۾ شامل رکيون ويون آهن. جيئن ته ”روجهن بابت بيت“ پڻ، تنهن ڪري انهن بيتن کي پڻ ”متفرق ڪلام“ ۾ شامل رکڻ مناسب ڄاتم.

متفرق ڪلام جي آخر ۾ آيل ڪلام:

ان بابت آءُ ايترو عرض ڪافي ٿو سمجهان ته ”ڪلام“ شاعري جي ڪا صنف نه آهي، بلڪه شاعريءَ جي هر صنف کي ڪلام سڏي / چئي سگهجي ٿو. تنهن ڪري رڳو عنوان ”ڪلام“ ڏيڻ درست نه ٿيندو. ڪلام بجاءِ عنوان ڇا ڏجي يا هيءَ ڪلام شاعريءَ جي ڪهڙي صنف آهي، تنهن لاءِ ٻئي پاسي واجهائڻ بجاءِ رسالي مان ئي مثال کڻجي:

*ڪافي جو ٿلهه: مون کي ميڙين الله، سگهو آڻي الله، وو ميان ٻاروچا!

بند: انهن ڪارڻ ڪاڪيون وجهان وڇاڻا،

سانول پنهنجو سرتيون، سَوَ ۾ سڃاڻا.

هن ڪافيءَ ۾ پهرين سٽ، ڪافيءَ جو ٿلهه آهي ۽ هڪ ٻئي سان هم ڪافيه ٻه سٽون ڪافيءَ جا بند آهن، يعني هر بند جي آخري سٽ، ٿلهه سان هم ڪافيه هجڻ بجاءِ، بند جي پهرين سٽ سان هم ڪافيه آهي. اهڙي طرح هن ”ڪلام“ کي ”ڪافي“ عنوان ڏيڻ لاءِ اهوئي سبب ڪافي آهي. تنهنڪري ”ڪلام“ کي ”ڪافي“ عنوان ڏنو اٿم.

آخر ۾ ڪجهه گذارشون

پهرين گذارش: سچل جي ڪلام کي نيئن سر ڇنڊي ڇاڻي ۽ سنواري پيش ڪرڻ لاءِ سچل چيئر يا ڪنهن سرڪاري ادبي اداري کي اهو ڪم پنهنجي هٿ کڻڻ گهرجي ته جيئن سچل جو ڪلام سنورجي عام پڙهندڙن اڳيان پيش ٿي سگهي.

ٻي گذارش: مون پنهنجي سمجهه موجب ”رسالو سچل سرمست“ (سنڌي ڪلام) کي سوارڻ لاءِ جا ڪوشش ورتي آهي سا لاڀائتي آهي يا نه. تنهنجي فيصلي جو حق آءَ پڙهندڙن کي ڏيان ٿو. رسالي ۾ موجود عربي عبارتن ۽ فارسي شعر جي معنيٰ ۽ شرح پڻ رسالي ۾ موجود نه هئي، ان لاءِ رسالي جي آخر ۾ عبارتن جي معنيٰ ۽ شرح ڏيان ٿو ته جيئن عام پڙهندڙن لاءِ شعر جو مقصد سمجهڻ ۾ آساني رهي.

ٿورا: آءٌ ٿورائتو آهيان، اداري روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جو جنهن مون ڪي هي موقعو ميسر ڪري ڏنو ۽ انهن دوستن جو پڻ جن کان مون کي وقت به وقت مفيد مشورا پلئه پيا، وڌيڪ ٿورا محترم مولوي محمد قاسم سومري صاحب جا، جن جي مهربانيءَ سواءِ رسالي ۾ ڪم آيل قرآني آيتن، حديثن عرب بزرگن جي قولن ۾ فارسي شعر جي معنيٰ ڏيڻ (جا رسالي جي آخر ۾ ڏنل آهي) مون لاءِ ناممڪن نه کڻي، پر مشڪل ضرور هو. گهڻا ٿورا ڀائيندس انهن دوستن جا، جي پنهنجي قيمتي راين کان مون کي آگاهي ڏيندا رهندا.

گل محمد تنيو

بابن شاهه محله

ڪنڊيارو

عرض حال

 

هر نقش کہ برتختهء هستي پيداست،

اين صورت آن کس است کين نقش آراست:

درياي کهن کہ مي زند موج نو،

موجش خوانند و في الحقيقت درياست!

1952ع جي آخر ڌاري حڪم ٿيو ته سرمست جو ڪلام گڏ ڪري هڪ سال اندر، سرڪار کي ڏيان. خيال ڪيم ته نه ايتري فرصت آهي نه فراست، جو انهيءَ تصوف جي اٿاهه ساگر کي تاليف ڪري سگهان؛ ليڪن قبوليت ڏيڻ کان پوءِ پٺتي موٽڻ به مصلحتاً مناسب نه ڄاتو ويو.. شروعات جا ٻه يا ٽي مهينا ته فقط بزرگ جي ڪلام هٿ ڪرڻ ۾ گذري ويا. انهيءَ وچ ۾ سندس ڪلام جو مطالعو به ٿيندو رهيو، پر جيئن جيئن سندس ڪلام کي پڙهندو ويس، تيئن تيئن دل ڦاسندي ويئي. تان جو ”اٿندي، ويهندي، گهمندي، تو کي ساهه سنڀاري“، وارو ڪم ٿي ويو. ڪن ڪن جاين تي جيڪڏهن ڪنهن تصوف جي لِڪَ کي سمجهي نتٿي سگهيس، ته روح جي بغاوت ٿي محسوس ڪيم. اهڙيءَ الجهن جو احوال ڪنهن سان ڪري به نٿي سگهيس. آخر فيصلو ڪيم ته تصوف تي جي ڪتاب هٿ اچي سگهن، تن کي پڙهي پوءَ سرمست کي هٿ لايان. بدقسمتيءَ سان، ڪنهن سنڌي بزرگ جو تصوف تي لکيل ڪتاب هٿ نه اچي سگهيو. اڙدوءَ وارن ”همه از اوست“ تي ته گهڻو ئي لکيو آهي، ليڪن ”همه اوست“ جي مستيءَ ڀري دنيا ڏي منهن به ڪين ڪيو اٿن. آخر شيخ اڪبر جو ڪتاب ”فصوص“ هٿ چڙهيو. شيخ اڪبر جو ”فصوص“ ڪنهن مون جهڙي ”هيچمدان“، جي سمجهه کان گهڻو مٿي لکيل آهي: يا ته پڙهندڙن کي سمجهه ۾ نه ايندو، ۽ جي ايندو ته مست ڪري ڇڏيندو. تصوف جي خاص اصطلاحن جون معنائون به معمولي لغتن ۾ ڪين ٿي لڀيون: مثلاً ”وجود“ ڇاهي، ”ممڪن“ ڇاهي، ”علم سينه“ ڇاهي، ته ”علم سفينه“ ڇاهي! خيال ڪيم، جي ”فصوص“ جي اصطلاحن جي معنيٰ سمجهه ۾ نه آئي، ته ”هم اوست“ جي عميق تائين ڪين وڃي سگهبو: ۽ جي اها بنيادي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته سرمست جو ڪلام سمجهڻ غير ممڪن آهي. جيڪڏهن ڇڙو مومل راڻي جو قصو پڙهي ۽ زباني لذت وٺڻي آهي ته حفيظ تيوڻي تي ئي ڪفايت ڪجي، ۽ سرمست جي محبت واري مچ کان پري ئي رهڻ ۾ عافيت آهي. جڏهن معاملو انهيءَ حد تي اچي پهتو، ته اُنهيءَ سبب الاسباب هڪ اهڙو ڪتاب عنايت ڪرايو، جو لکيل به هڪ سنڌي بزرگ جو هو، ۽ جنهن ۾ بحث به فقط تصوف جي اصطلاحن جي سمجهاڻيءَ تي ٿيل هو. ميان عبدالرحمان جي انهيءَ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ، ڪجهه همت به آئي ۽ ڪجهه سرمست جي سمجهه به آئي آهستي آهستي، سندس ڪلام لکي پورو ڪيم.


*  ڏسو. سسئي، داستان 6، ڪافي 6.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org