ڪافي 4
يارَ توسان، ڪي تا ڏينهڙا لَنگهايَم!
راتيان ڏينهان سِر تي ڪيئي، ڏکَ جا مينهڙا وسايَم.
پُڄاڻا اوهان جي ڏاها، ڏاڍا سي پور پِرايَم.
سِڪ تنهنجي سُپرين، سارائِي سورَ سَلايَم.
پِرين تنهنجي پارَ جا، ڏيهاڙي سي پنڌڙا پُڇايَم.
”سچو“ سي ئي آيا جَن لئه، فالان ٿي روز وجهايَم.
ڪافي 5
ساٿِي منهنجي يار کي،
ساري ڏيج سلام!
پِرت منهنجي روز اَزل کان، توسان مُحب مُدام.
چئِي مَڪا هُئو يارَ سَڄَڻ، ميان، اَچڻ جا
اَنجامَ.
اَوهان جي نِي يارَ اَچڻ جا، هُلَ پَون هَنگامَ.
”سچوءَ“ جيها ڪيترا، تنهنجي در غُلامَ.
ڪافي 6
توسان يارَ سڄڻَ، منهنجي پِرت اَصل کَون پيئي.
اَصل اسان جي عشق توئي سان،
ڪوڙيين آهن ڳالهيون ڪيئِي.
ڪڏهن مُڪو- ڪونه اسان ڏي،
ڏکين نياپو ڏيئِي.
اَسين توئِي سان هِڪ ٿينداسين،
وچون وائِي هِجر جِي ويئي.
سي ئِي سانڀِج ڳالهيون اَسان جون،
جانِي ڪيڙم توسان جي ئِي.
جي ئِي ڪَيا هَم قولَ توئِي سان،
”سچو“ پاڙيندس سي ئِي.
ڪافي 7
ويهي هِت ڪِيئن وسارين؟
پِرين توکي پاڻَ پُڇَن ٿا!
”جيهَو تيهو آهه اسان جو“ ، چئه جو دوستَ چَون ٿا.
ڪڏهن ماندو متان ٿئين تون، تنهنجي اَڱَڻ اَچَن ٿا.
جڏهن ٿين ٿيون هُت پچاران، تڏهن هِت پورَ پَون ٿا.
پِرين تو کَون پَري نه آهن، ويڙهي ڄَڻُ ته وسَن
ٿا.
ماندو مَتان ٿين، خوش ٿِي ”سچو“، هو اَڄُ گوش
گذارن ٿا.
ڪافي 8
مانَ پِريَن کي پوي. ڪنِ فرياد اَسان جِي!
عشقَ جون ماريون سُڻو سَڀيئِي،
اديون ڙِي ناهِيو اَوي.
هن نماڻِيءَ جو يارَ سَڄَڻ کي،
حالُ وڃي ڪو چوي.
هِيءَ تا تن رِيءِ راتو ڏينهان،
راند روئڻ جِي روي.
در دوسَن جي ڪيئي آهن،
”سچوءَ“ جيها سَوي.
ڪافي 9
ساٿِي تون يارَ مُنهنجي کي،
نيئِي پَهچاءِ سَنيهو هي!
ته ”قيد الماءَ“ جي قسمت، وڌِي دورِي تو کَون مون
کي.
”سي پاڙج واعدا پنهنجا، ڪيا هُيئي يارَ جانِي جي.
”ڪتابَن ۾ وڌم مُنهن ٿي، ته ٿي خورسَندگي حاصل،
”لڳي دل اوچتِي توسان، وساري بِرهِ بي تي ثي.
”مون کي تو تا فراقِي ڪيو، اِها فرياد ڪنهن کي
ڏيان؟
”هو جي ڳالهيون ڪِيُئي سانولَ،“ سچوءَ کي ياد آهن
سي.
متفرق ڪلام
بيت
سنڌي روجهن بابت
1
روجهُون رڻ يادِ ڪيون، اُڀيون رتُ رئَن؛
هر ڪنهن ويلَ هُئَن، اِهڙن اوراتَن ۾.
2
روجهون رڻ ڦٽو ڪري، لاهه لهي آيون؛
ٿين تار نه ترايون، جو مند نه اُنن مينهڙا.
3
مُندين مِينهن اُٺانِ، وري روجهُنِ رڻَ ڦِٽو ڪيو؛
ڏولائي جا ڏينهڙا، گهڻا گهر ڏڻانِ؛
اُنهيءَ کَؤن اَرمانِ، لحظي مَنجهه لهي ويون.
4
مُندين مينهُن پيونِ، تَرايون، تارِ ٿيون؛
وڃڻَ مٿين ماٿرين، ٿاڪن تي ٿيونِ؛
وِسري ڪينَ ويونِ، سورڻُ ريجاڻِن جو.
5
هنيَڙو ڇڏي هُتِ، ٿيون روانيون روجهون؛
ڏکيا اَوسَر ڏينهڙا، ٿيون گُذارنِ هِت؛
اَٺئي پَهر چِت، وطن تَن نه وسري.
6
رڻَ ڇڏي روجهُون، ڪا ڏس چِتائي هَليون؛
جيلهان مُند نه اُٺا مِينهڙا، تيلهان ٿيون ڪو
جهون؛
لَڪَنِ جو لوجهُون، جَرين جالِڻَ هَليون.
7
ماٿَر مينهن پِيان، روجهان موٽِي آئيون؛
اَوسَر سَندا ڏينهڙا، وسري سڀ ويانِ؛
ٿاڻا ٿر ٿيان، ڦَٽيون ڦوڙيون گَڏيون.
8
جڏهن ٿيا اَبَر، تڏهن روجهُن ڳاٽَ مٿي ڪيا؛
موليٰ وڇڙيون ميڙيون، جن ٿي گذاريا اوسَر؛
پهاڙيءَ جي پاندَ ۾، گڏجي ڪَن گُذر؛
ٿيون سڀيئي سَر، لَنگهيَن ڏکيا ڏينهڙا.
9
جي ڦَٽيون جي ڦوڙيون، اُٺي اَچي گڏ ٿيون ؛
اوسَر ڪَيون هُيون، اورَنِيون اوريون؛
لَکين ڪِروڙيون، رڻَ سڀوئي روجهيون.
10
روجهڙين اُتاءُ، لنگهيا اَوسَر ڏينهڙا؛
موليٰ آندا مِينهڙا، پنهنجي مهر مٿاءُ؛
جي هيون ويچاريون وِڇڙيون، هڪڙيون ٻيَن کاءُ؛
ويُن ڏولُ وِچاءُ، اُٺي اَچي گڏيُون.
11
آسَروند آهين، روجهون راڻيون رڻ ۾؛
اُڀيون پيون اُڀ ڏي، ٿيون وائِڙيون واجهَائين؛
رڙيون ڪيو رڻَ ۾، ٿيون بُوندون بَرسائين؛
تنهن ڪُنڊ ٿيون ڪاهِين، جنهن ڪُنڊَ وَسَن مِينهڙا.
12
”سچو“ رک سَماءُ، ٿو ماڻهو روجهن سان گڏين؛
هاڻي صبر مَنجههِ ئي آءُ، ڪمائي پوري ڪري.
13
آيون وَس ڇڏي، جو مُندين اُٺَن مينهڙا؛
موليٰ سندي مِهر آهه، جي وڇڙيون گڏ گَڏي؛
لٿيون لاههَ لڏي، روجهون ريجاڻِن تي.
14
رڻَئوُن روجهيوُن آيوُن، وين اوسَر ڏينهن؛
مندين اُٺن مينهن، ڪيئون رُخ ريجان تي.
15
رڻَئوُن آيون روجهون، جون سنڀاليائون ديسُ؛
مُندين اُٺَن مينهڙا، وسري وين پرديسُ؛
جي هيون اُٺي ريءَ اُديسُ، سي پُڻ سرهيون ساهَ ۾.
16
جي اوسَر ڏسِي روجهيون، رڻَ چڙهي ويئيون؛
تن کي وڃي اُتهَين، پَلڪان ڪي پيئون؛
پوءِ مُندين اُٺن مينهڙا، سَبزيون سڀ ريئيون؛
ڍوَ واري ڍيئيون، ڍليون گاهَ گُلن تي.
17
رڻِ چڙهي روجهان، ويون وري ڪَٺُ ڪري؛
سَبز سِيڻيون آئون ساوڙيون، سَڀڪا چاڪُ چَري؛
پُري آئيون پِيئي تي، پَهاڙؤن پَري؛
ويَن ڏولائي ڏينهڙا، سَڀڪا ڀَلُ ڀَري؛
”سچو“ مون نه سَري، ريءَ ميلائي سَڄَڻين.
18
جي رڻ چَڙهيون روجهَڙيون، ڪيون ڏولاون ڏکِيون؛
جبلن سَندي جهولِئين، بِرُ هيون بُکيون؛
ٿيون هاڻي سڀ سُکيون، جو مُندين اُٺَن مينهڙا.
19
هِنيون لاهي هَليون، روجهان رڻَ چتاءِ؛
موٽي مِهر موليٰ جي ٿين، جو اُٺن مينهن مَٿاءِ؛
ڏولائي جا ڏينهڙا، لاٿا پاڻَ خداءِ؛
وري پنهنجي ديس ڏي، وريون جاءِ بجاءِ؛
واري وسَ وساءِ، ڪا رازقَ روجهڙيَن تي.
20
روجهون وٺي واٽَ، هليون تَرايَن تل تي؛
گولاڙن جي گَس تان ، چٽن مِٺي ماٽ؛
لاهي اَڃ اُساٽَ، راهي ٿيون رڻَ راه ڏي.
21
روجهون ريجاڻن تي، لنگهي لَس ويون؛
بوندون جِت بارانَ جون ، پَهاڙين پيون؛
رڻَ ۾ سي رهيون، جن پنڌُ نه ڪيو پهاڙ جو.
22
راهي ٿيون رڻ راه ڏي، لاهي اوسٽَ اڃ؛
پهاڙيءَ مان پُڃَ، روجهن ڪيا رڄَ تي.
23
راهِي ٿيون رڻ راه ڏي، لاهي اُڃ اُساٽ؛
اَچي وَٺُن اوچتو، وڏَ ڦڙو ۾ واٽَ؛
رعد جي رڙين تي، ٽَهي ڏنائون ٽاٽَ؛
پُڳيون منجهه پهاٽَ، لَٿَن سِڪَ ”سچو“ چَوي.
24
وٺِي وٽَ پَهاڙَ جِي، هليون منجهان هيجَ؛
رِسي مَٿي ريجَ، پانڌوڙيَن پِيا ڪيا.
25
رڻَ چڙهي روجهون ويون، ڏسي اوسَر ۾ اولا؛
اَٺا مينهن مِهر جا، مِهر ڪئي مَوليٰ؛
روجهون ريجهيون، ڏسي ڪري ريجڪ رسيلا؛
واحد وسيلا، پٽَن تي پڌرا ڪيا.
26
روجهُن زارو زار، اُڀي رنو رڻَ ۾؛
رڙيون سُڻي رُليُن جون، سعيو ڪيو ستارَ؛
ساري ساز سُرود سان، سارنگ لَڌين سارَ؛
روجهن ساڻ رهاڻ لئه، کَنوڻين ڪَئي کيڪارَ؛
ٽهي هليون ٽيلن تي، سُڻي گوڙ گجڪارَ؛
وسي وسَ وڏي ڪَئي، وسڻ جِي وسڪارَ؛
تانگهيون تارَئون تار ٿيون، ترايون تلهارَ؛
سَچي لَڌڙي سارَ، سِگهي تن سڪَ وارئين.
27
ڦوڙائي جون ڦَٽيون، ڦوڳيون ٿيون ڦولهِين؛
اَبر سندي آسَري، ٽَڪَر ٿيون ٽولهين؛
ڳوليو ٿيون ڳولهين، ترايون تَر ڀَريون.
28
”مُندائتا موٽيا“، روجُهون چَوَن روئِي؛
”قسمتَ قيدالماءِ“ کي، ڪونَ جهَلي ڪوئِي؛
”سائين سِگهوئي، ڪَندو وسَ ولهِن تي!“
29
”مندائتا موٽيا،“ روئِي چَون روجهون؛
ڪمينيون ڪوجهيون، قادرَ تنهنجيون آهيون!“.
30
پانڌوڙيون پهاڙَ جون، رڻين ڪوه رهن؛
لوچي سي لَهَن، جن ”سچو“ ٻَڌو سندرو.
31
ماٿَر مٿاهان پنڌڙا، پانڌوڙيون پُرن؛
سانگن مٿي سَرڙا، چَريو سي چَرن؛
ورِي ٿيون ورن، ”سچل“ سي ساڻيهه تي.
32
ڇڏي رڻ راهِي ٿِي، روهَن مٿي روجهه؛
ٻيلي پَئي ٻوجهه، چَرڻ جِي تنهن چِت ۾.
33
روهَن اَندر روجهڙيُون، ڪيون ڏکيون ڏولاون؛
”سچل“ سي ساون، سُکيون ڪيون سُکديسَ ۾.
34
پَلر پَهاڙين پَلٽيا، واحد ڪَين وسَ؛
لنگهي ويون لَسَ، روجهون ريجاڻَن تي.
دوها
شَي هاين ڪاڪيون ڪهڙِي، جا سمجهي نه ڄاڻان!
بعضي ڀايان پُتلي، يا آهيان گُڏيءَ ڏور،
يا گوِ آهيان هٿ يارَ جي، يا وانگيءَ وانگر زور.
يا تا محل آهيان، جنهن ۾ شهنشاه،
ٻوليون ڪي ڪيتريون، ٿو درنئون داناءَ.
يا تا گهوڙو آهيان، جو هَلائي هَسوار،
يا تا موج درياهَ جِي، جا ٻوڙي ٿي ٻاهار.
يا مِهنديءَ گل آهيان، جنهن اندر لالائي،.
يا آهيان گل گلاب جو، جنهن سِر ۾ سرهائي.
يا تا چشمو آهيان، جو اَبر ڀَريو آب،
تنهن ۾ سايو سج جو، يا پاڇوئي مَهتابُ.
يا تا ڇوئي حق جو، آءٌ اَصل کَون آهيان،
جنهن ۾ ڳالهه ناهِ تا، سوڀي تا ناهيان.
ڳالهه ”سَچوءَ“ تا سَمجهِي، کَون هادِيءَ اِهائِي،
تا غير خدا جو ناهيين، آهيان صاحب سدائي.
هدايت 1
رمزان سي هاديءَ جون، ميان، جيڪي چيائون مون کي سي
سَلَڻ ناهن؛
هوءِ هوءِ- ڌريون آهن دل تي!
ڳالهيون ڪري ڳُجهه جون، ٿا صاحبَ سَمجهائِين،
”لااِلهٰ“ کَون اڳنان ٿا هادِي هلائين،
سَمجهڻ ”سَمع بَصرَ“ ڇو ٿا فائِقَ فرمائِين.
”خوديون خاص نه ڀائنجو هِي نِت نِت نمازان،
ڄاڻو ڀَلي ڳالهڙِي هِي سوز و گدازان،
اَٿو ’اَنَاالحَق‘ جا اِهي عِبرت آوازان.“
هَي هَي هِڪڙي ڏينهنڙي، ٿا هادي اِئين چَون،
”جَن نه سمجهِي هِت ڳالهڙِي سي سُڀان گهڻو رون،
جَن سُڃاتو هتهين، سي هُت ڀِي اِئين هُون.“
”جيڪي ڀَليون ڳالهڙيون، اُنهن پُڄَڻ پَري آهه،
ڪوڙا قصا ڪُهه پئا يار- سُڃاڻ سَواءِ،
پُر جهَڻ آهي پاڻ کي، ٻي ڀَلي بات نه ڪاءِ.“
هاديءَ حقيقت جي، يار، موٽِي هئين چيو:
”آقا آهي هيءُ ادا آهي ڪونه ٻيو،
جي ئِي لنگهيا سَڀَ کَون، يارُ مقصد تن ٿيو،
سائين ساڳيو سو اَٿَو، جو وجودؤن ويو.“
هدايت 2
مرشِدَ هادي رهنما، ٿا سَمجهائِن اِئين:
”هُو تُون ڄاڻج پاڻ کي، متان هيءُ ٿئين،
”وحدت جي چوگان ۾، اِها گوءِ نِئين،
”’سچو‘ ساڻ يقين جي، هِي حال ڏي هِئين.“
هدايت 3
هادي ويڙهي آيو، هاڻي سائينءَ هِيئن سمجهايو،
والِي ويڙهي آيو!
”ڪڏهن ٿيو ڪونڪو، عاشقِن آرام، ميان،
راتو ڏينهان تن اُتي محبت جو ماتام، ميان.“
”خاڪَون هَلج خاص ٿي ڪر پاڻيءَ کَون پرواز، ميان،
چڙيءَ چَنبو ماريُئي، ٿي شاهِين ۽ شهباز، ميان.“
”جيڪو اصل آهي، ٿيو هاڻي سو سلطان، ميان،
گهوڙي چڙهندِڙ گم ٿيو، پيو گهوڙو ۾ جولان، ميان.“
”گرد ڳجهو ڪيو طالبو، اهو گهوڙي جو هسوار، ميان،
گهوڙي وارو گم ٿيو، اُڀريو گردغبار، ميان.“
”آيو بحر جوش ۾ تڏهن موج پَئي ٻاهار، ميان،
هَي هَي آيو نانءُ ۾، ٿيو ساوڻ جو سينگار، ميان.“
”لُڙَ منجهَون ٿيو اَڇو ڪارو، اصل سو درياه، ميان،
بيحد رنگ گهڻا ٿيا ٻاهر، هرڪو ٿيو گمراه، ميان.“
”سانوڻ لٿو، هڪ ٿِي، تڏهن پاڻي موٽيو پوءِ، ميان،
ڪارو اڇو لَڙ ٿيو، اهو سارو سمونڊوءِ، ميان.“
”نانءَ لَهي ويا ٻاهريان، اهو باقي رهيو نام،
ميان،
ڪوران، ڪَسيان، واهڙان، هت ڪلي ٿيا گمنام، ميان.“
”هِت سَڀيئِي درياه ٿيو، ٻيو ڪوڙا لٿا نانءَ،
ميان،
اَول آخر هڪ ٿيو، ويا وچائون گنان، ميان.“
”اصل جيڪي هوس آءٌ آهيان هِت ڀي سو، ميان،
آخر ٿيندس وڃي اُهوئي، هڏ آهِيان ڪونه ٻيو، ميان.“
”اکيون اکڙين ۾ رکي، تو پنهنجو پاڻ سُڃاڻ، ميان،
پوي نظر جت تانهنجي، تت پنهنجو چشم چال، ميان.“
”اکيون اکڙين ۾ رکين، تا هِت هُت ’تون‘ هين آءٌ،
ميان،
جي خبر اکين جي لَهيين، تا تون نرالو نانءُ،
ميان.“
”اکين مون معلوم ٿئي اِهو صورت جو سينگار، ميان.
’سچو‘ سارو سچ ٿيو، ٻيو ناهي تفاوت وارو، ميان.“
|