سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :4

هوڏانهن ”شهودي“ صوفيءَ، ”مَاخلَقتَ هذا با طِلا“ جي بنيادي ارشاد کي پنهنجي آڏو رکي، هي اصول قبول ڪيو ته ”عرفان حق“ حاصل ڪرڻ لاءِ روح سان گڏ جسم جي ترقي به ضروري آهي- يعني ”امر“ ۽ ”خلق“، جي ٻئي مظاهرا آهن ”ذات“ ۽ ”قدرت“ جا، تن ٻنهي جو گڏوگڏ سفر ڪرڻ ضروري آهي، نه ته ”عينيت“ اڌوري رهجي ويندي. سندن انهيءَ مسلڪ جو نتيجو هي نڪتو ته جڏهن سالڪ کي رباني تجليات نصيب ٿيون، ته هن ڏٺو ته ”معبود“ سان گڏ ”عبد“ به آهي: نوراني روشنيءَ ۾ کيس خالق ۽ مخلوق جا ٻه وجود نظر آيا.

مطلب ته ”توحيد وجودي“ به عين عرفان آهي، ته ”توحيد شهودي“ به عين عرفان آهي- جنهن کي جيڪا واٽ نصيب ٿئي!

جيئن اسين مٿي چئي آيا آهيون، سَچَل فقير ”وجودي“ نظريي جو صوفي درويش هو، تنهن ڪري سندس ڪلام کي انهيءَ پس منظر ۾ پڙهبو ته سندس روحاني تجليات جو مزو به وٺي سگهبو- ٻيءَ صورت ۾ سندس سلايل گـُــرَ سمجهڻ نهايت مشڪل آهن.

”تون“ هِي سان ”تون“ هِي لڀين،

”مون“ لڀان ”تو“ سان.

 

رسالو سچل سرمست

(سنڌي ڪلام)

وحدت نامو

اول ساراهه ڪر سبحان جي، موليٰ جو ملڪن؛

مڙيائي محضوض ڪيا، ڏسو ڏيهه ڌڻين؛

ڪي ڪامل ڪَرسيءَ تي چڙهي، وَه وَه وعظ ڪن؛

ڪي ڪاتب ڪتابن جا. سوين سبق ڏين؛

ڪي مسئلا مسائل ڪيون، ناميان نبيرن؛

ڪي پڙهيا پاڻ پروجهه سان پڙهيون پڙهائن؛

ڪي وردن وظيفن ۾، شاغل روز رهن؛

ڏسيون وائسيون ورق کي، وريون ورائن؛

سِڪَ سچيءَ کَون ڪو نڪو، سبق سُور سِکن؛

اکر لِکن نه دل تي، ٿا ڪاغَذَ ڪارا ڪَن؛

مَسُ ڪاريءَ جان مَنَ کي، ٿا ڪاري ڪارو ڪَن؛

مَدعا جنهن ٿئي ڳالهه ۾، تنهن ويجهو ڪِين وَڃَن؛

جو فرمودو واحدَ جو، تاڏي ڪَنَ نه ڪَن؛

”وفِي اَنفُسِکُم اَفَلاَ تُبصِروُن، هِن ويسَهه نه وسَهن؛

ٻين مَعنائن ۾، ڪا هَت ڪَيون ڪَهن؛

اِهو فِڪر فائِدو نه ڪري، توڙئون کي تَن؛

فڪر ڪَن نه فنا جو، ٿا بقا کي نه پُڇَن؛

هي اُتي حيران ٿيا، اوڳا ۾ اکَرَن؛

معنيٰ تن جي طرح سان، هڪڙي ٻي چَوَن؛

پڙهيو سمجهيون علمَ تي، عمل نه آڻن؛

”مَن تَعلمّ العلم لِلمُنَا ظرَة وَالمُکَابَرَةُ“ اهي منافق مَرن؛

هيٺَؤَن مِٽيءَ جي پسِي، ٿا پاڻ ئي لِڪائن؛

آهي آفتاب اَبَر ۾، پَرَ لائق ڪيِن لَهَن؛

منجهايو ماڻهن کي، ماضين مَذهبن؛

محڪم ماڻهن کي ڪيو، تن جي زنجيرن؛

هُون حديثن ڪِينَڪِي، نه ۾ آيتن؛

مڃن تن کي ڪِين، ٿيو ملا ٿا مَڃن؛

سي سوگها سڀئي ڪيا، نامراد نِيَرَن؛

اکيان اکين وڌڙا، توڙؤن ئي ڏسَ تن؛

بِرہَ جي بَئبان کؤن پاسي اوءِ پَوَن؛

سي پَسڻَ کؤن پري ٿيا، ڪين پَساء پَسَن؛

محبت جي مهراڻ مؤن، جي مَلا چاش چکَن؛

ته ڪنز قدوري ڪافيا، لهرن ۾ لوڙهن؛

ڪن سلام صرف کي، هوند نَحو نه نَهارن؛

پرکَ لاءِ تنهن ڳالهه جي، باس نٿا باسن؛

اهي رهيا اِتهين، مَٿي ڪِين چڙهن؛

ڪيِئي آهن قالَ ۾، باتيون بَس نه ڪَن؛

ڪي وڃي رسيا حالَ کي، ڪي بيٺا ٻاڏائن؛

ڪي لَنگهي هليا حال کَؤن، نڪِي قال ڪَهن؛

ڪي دنيا جي طلبَ ۾، هنيا حرص حَڄن؛

”طالِبُ الذنيَا مُؤنث“، محبت ناهي تَن؛

ڪي ڪوڏيا عقبيٰ جا، ٿيا، هنيا لئه حورن؛

”طالِبُ العقبيٰ مَخنث،“ مڙس سي نه چئجن؛

عاشق جي الله جا، سي سائين سيبائن؛

”لاَ مَوجودَ اِلاّ الله“، حاضر ڪيون وتن؛

”طالِبُ الموليٰ مُذَ ڪر“، هن رسايا رمزن؛

ٻَئي جهان ڦٽا ڪيو، ٿئا ٽئي جهان وڃَن؛

اَصلؤن ئِي اختيار ڪيو، فقر فقيرن؛

”اَلفَقُرُ خَزِينَة’‘ مِن خَزائِنِ اللهِ“ بعضن کي بخشن؛

”اَلفقيرُ لاَ يَحتاجُ اَلِي اللهِ“، ٻيون ڏنائون ٻن؛

”اَلفقرُ فَخري ولفقر مِني“، اِئين اُتو عجبين؛

وَتَن ويڳاڻا وِرهه ۾ نيڻين نِنڊ نه ڪَن؛

راتو ڏينهان روحَ ۾، چَپ نه ڪو چورن؛

”مَن عَرَف رَبہّ کَلّ لِسانہ“، ٻَڌِي زبان اُنَهن؛

نَشي تن کي ”نانهه“ ڪيو، مورئون ”مان“ نه چَوَن؛

”قُل کُلُ مِن عِنداِلله“ اِهو ڪيائون ڪَن؛

”وَالقَد خَيرُه وَشرَه مِنَ اللهِ تَعَاليٰ“، سڀ اوڏاهون ڄاڻن“‎؛

موليٰ جي محبتَ ۾، کِيا ٿيا وَتَن؛

سُڏ ڪا سَڀَئِي سوز جا، ڀنينءَ رات ڀَرن؛

آديسي اَرمانَ ۾، گهوماٽيا گهُمن؛

ڪِين رئَڻَ کَؤن اُن جيون، اکيون اوڪارن“

”هرَاَن سِري کہ با محبوب دارند، خبر نبودڪراماً

ڪاتبين راسِر اهو سانڀن؛

هِيهات هَيهاتَ، اِها عادت اُداسن؛

پنهنجيءَ پَر ۾ پاڻَ کي، ٿا پَرتَئون پَچَائِن؛

نِهائينءَ کؤن نِينهڙو سکيو ساميڙن؛

مَچ مَچايو مَنَ ۾، ٻاڦ نه ٻَهر وجهن؛

عاشقَ مَٿَؤُن آگ جي، اولارا ڏين؛

طالب جي ئِي حَق جا، طَلَب نه پِئي ڇڏِن؛

عينان سندين اوجاريون، اڇن اؤجاڳن؛

اٺئي پَهرَ عجيبَ کي، ڪَنڌ اونڌي اورن؛

 ڪا ساعت هَڏِ نه سنرا، اُنهين ري آهِن؛

ظاهِر سي ئي زبان سان، ٻيو تاڪين ڪَهَن؛

مامن سان ماڻهن کي، سالڪ سمجهائن؛

صم بُکمَ سڪوت ۾، اڳيون پئي عامن؛

”عيِنُها با ڪيةُ’‘ وقَلو بُها ذاکِرّ’‘“، اهو ذڪر چوَن؛

”عِينُهَا تَنَامُ وَلاَ تَنَا۾ُ قلو بُهَا“ دل طرف دوسَن؛

آئي آڏو عامَ جي، اڳهين ڪا نه ڪَهَن؛

”اِنّ آولِيائِي تَحتَ قَبَائِي“، لائق لعل لِڪن؛

”الصّبرُ مفتَاحُ الفَرَح“، صبر صابرن؛

بعضي موحد وحدتي، اهڙا ڀِي آهن؛

مست ڪئين منصور جان، سوريءَ سِرُسَٽِن؛

محبت ۾ مخمور ٿيا، ڪامل ڪوڏَ ڪَسَن؛

ڪَرڪَن ڪِنجهن ڪَينڪِي، ڄڻ پار وِهانءَ وَڃَن؛

رتَ منجهارُون پانهنجي، وضو وِير ڪَرن؛

اِيءَ نماز عشق جِي، تهؤن پوءِ پڙهن؛

جي محبت وِڌا مامري، سي ڪيئن مُڙس مُڙَن؛

سوريِ اُتي صابري، ڪيون ڇيڄ چڙهن؛

تَحتون تريءَ تي رکيون، صادق سِرُ ڏيِن؛

ڪن سِرُ صدقِي دوست تَون، ٻيا پهه ڪين پُڇن؛

نِينهن نهوڙيا نڪِڻيان، جنهن پَر ڪاپڙين؛

هِڻي درد دهيون ڪيا، سندي سپيرين؛

ڪڏهن اڇا ڪپڙا ڍار نه ڪنهن ڍڪن؛

منهن ميڙا مَٿي ٿيرا، اهڙيون طرحان تن؛

ڪائي تن جي ڪا نڪا، جُڙي لِيڙَ لِڳَن؛

مٿين پيرين برهنه، ايڏا سور سيَن؛

پرٽيو پروانن جان، ڪاهيون تِتِ پَوَن؛

ڀَنڀڙ باهه عشقَ جي، سپورَن سَڙَن؛

کامِي لَهسي لُوسجي، لائق لعل ٿين؛

آوڙي عام نه اُن کي، جي سينڌائي سڄڻن؛

 اَچو پَون آڙاههُ ۾، سَرَ جو سانگ نه ڪَن؛

ڊِڄو ڪنهن جِس جهوپڙا، آڏا ڪين اڏن؛

اوڏَنهن وٿ متان پَوي، گنگهر اِي گهارن؛

ري پِريان تن ڪين ٻيون، ڳالهيون ڪَس لڳن؛

ڏاڍا ڦٽ فراقَ جا، تن جي چت چاڪن؛

ورهه وڍي واڍوڙ ڪيا، رويو رت رئن؛

”مُو تُوا قَبلَ اَن تَمُؤ تُؤا“، ائين مَن مارِن؛

اُهي مَرَڻ کون اڳي مُئا، ”مان“ کي ڪين مَڃن؛

دشمن دوستَ هڪ ڪيون، گودڙيا گڏجن؛

ان جي اکين آگم سِٽيا، بوندان بس نه ڪَن؛

سِرُ ڏيو سَنو پرا، وَٽِي ورهه وَٺن؛

”تَرڪُ الدنيا سُنة طَلَبُ الَموليٰ فرُضُ“ هو دِل ڌَرنِ؛

سو يون ڇڏيون سُکَڙا، گوندَرَ گذران؛

جوڳي جانبَ ڪاڻ ٿيا، مثل مَستانن؛

اَبتر ڪيائون پاڻ کي، پَسَڻَ لئه پِرين؛

هاءِ وِڃايو حالڙو، ويتر ويچارن؛

”هو مشتاق علي لقاءِ الله“، ائين محظوط رهن؛

 ڪي فِنا فراق ڪيا، ڪي مليا محبوبن؛

محبت جي مڪان کؤن، لاهوتي لنگهن؛

آهه لقاءُ لطيف جو، عيدون عاشقن؛

واديءَ ۾ وحدتَ جي، دانهه پير ڌَرنِ؛

”تون- مان“ وڃي وچ مون، ته ڪِي پاڻ پَسَن؛

شڪ يقين اُُٿي ويو، برابر چَوَن؛

 هادي مريد هڪ ٿيو، تفاوت نه ڪن؛

عابد ۽ معبود سو، هڪ نگاهه پَسَن؛

پاڻ پڙهِي پاڻ بِهي، پاڻ ئي سجدو ڪن؛

”پاڻ“ مڙيوئي ”پاڻ“ ٿيو، نِوڙي نِوڙَت ڪَن؛

 پاڻ اُٿي، پاڻ ويهي، پاڻ رموز رکن؛

پُر جهه مِڙيوئي ”پاڻ“ ٿيو، غير نه پَسائن؛

ڪافر مومن هڪ ٿيو. ڀلا ٿا ڀائن؛

سو ئي فَلَڪ سوئِي مَلَڪ، سوئي آدمن؛

سوئي اَحمد سوئِي علي، سوئِي هڪ سَمجهن؛

نانوَ، ڪَنن اَکِين جا، وچون ئِي وڃَن؛

بازيون بازيگر ڏِسِي، اِنهيءَ ڀَتِ ڀُلَن؛

تان اکيون، ڪَن، زبان سي، ٻوليون ٿيون ٻولن؛

اسين آهيون آدمي، بيحد مَون بشرن؛

ناته مَڙيوئِي پاڻ ٿيو، سميع بصير ڏسن؛

عين عليم ڪليم ٿيو، قادر قدرتن؛

هي مڙيون ئي وصفان، اندر آدمن؛

 هي مِڙيوئي حق ٿيو، ٻيا باقي ڇا بچن؛

وصفن انهن ساڻ، اصل آدمي سڏن؛

هِت آدمَ مون الله ٿيو، ٻيا سڀ شڪ ڀَڄن؛

اصل الله مَون آدمي، ثابت صورتن؛

مورتَ صورتَ هڪ ٿئي، ڏسج دل نيڻن؛

سوئي ڏسڻ وارو، سو منظور مڃن؛

خالي ڪا نه جاءِ ٿي، بنا محبوبن؛

سڀ ڪنهن هنڌين سپرين، ڇا جِي جاءِ خسن؛

ڪا ٿئين پٿرڻيون پٽ جون، ڪا ٿئين دلقا ڪن؛

ڪاٿئين جا مازر جا، ڪاٿئين پشمينا پَهرن؛

ڪاٿئين سَناسِن ۾، ڪاٿئين مَنجهه مُلن؛

ڪاٿئين معرڪن ۾، ڪاٿئين منجهه ڪُنڊن؛

ڪاٿئين مَسيتن ۾، ڪاٿئين ۾ دائرن؛

ڪاٿئين رهن تقويٰ ۾، ڪاٿئين ۾ ناچن؛

ڪاٿئين تماشن ۾، ڪاٿئين ساجن ۾ سيرن؛

”خَلَق الاَشيَاءَ فَهُوَ عَينُهَا“، منجهه عربيءَ ائين چون؛

پاڻ چوندڙَ، پاڻ ٻڌندڙ، پاڻ ئي ۾ ٻولن؛

سمونڊ سر گردان ٿيو، پيو ۾ عَجَبن؛

”آءُ اصل پاڻي آهيان، ڪيئن سمونڊ سڏن؛

نانو مٿم ناحق جا، رکيا الاجي ڪَن!“

جي رسيا وڃي وصالَ کي، سي چؤرنگ پار پَسَن؛

اول ڪفر پوءِ مڃڻ، پوءِ تان منجهه ڪفرن؛

پر ڪفر مسلماني هڪ ٿِي، مِڙِيوئي مَڃن؛

نفيءَ مؤن اثبات ٿيو، ٻيا سڀ ”لا“ ٿِيَن؛

مرشد ڪامل هادي منهنجو، دائم درازن؛

عارف عبدالحق آهي، صوفي صاف سَڀَن؛

هَئي شالَ چراغ سو روز شبان روشن؛

عارف جي اولاد کي، دعا سڀ ڪَرِن؛

حيرت ۾ هميشہ سي، غازي سڀ هَئن؛

عشق منجهه الوٽ هُئَن، سڀئي صاحبن؛

تا گهڻين طرحين نوِڙا، مَٿي ”نانهه“ رکن؛

ڏيو روشن تن جو، تائين قيامتن؛

اُجرائي آفتاب کان، هادي شال هُئن؛

اَظهر هُئن دارَين ۾، برڪت پنجتنن؛

هوئن خليفا غوث جا، سي روشن کانئن هُئن؛

قائم مَسند تن جي، حُرمت خير سندن؛

”سچو“ سگ انهن جو، سندن دروازن؛

ڪَلمو چئو نبيءَ تي، تا ڇٽو کان ڇِين.

وحدت

داستان پهريون

1

اَول ڀيري ڀَڃُ، جي بَندَ خيالات جا؛

تَنهِن پڃاڻا وَڃُ، حَلاّ جِي حيرتَ ۾.

2

هِيءَ نه واٽَ هُئاءِ جي، آهي نڪا تَقلِيدَ؛

تَحقيقاً توحيدَ، آهي راههَ رسُولَ جِي.

3

هِڪُ سَفَر ساعَتَ، بيو سَفر سالَ جو؛

پهريون تا راحتَ، پويون تا پوءِ رَهيو.

4

جي تو ادب آهه، تا ٻَنڌاڻن ٻَڌِي وَڌين؛

ڪَلَ نَه پِيَڙءِ ڪاءِ، اُصولِي اِسرار جي.

5

پُٺيءَ ڄَڃَ نه ڄُلُ، مَنجهه تَماشي نه پَوين؛

گهوَٽُ ڪَري تون پاڻ کي، ڪَر هَنگامان هُلُ؛

ڀولِ نَه ٻئي ڪَنهِن ڀُلُ، وَٺِج حالُ حَلاجَ جو.

 

6

پُٺيءَ ڄَڃَ نَه ڄُل، تون ڪَر پاڻ کي گهوٽُ؛

مَردَ نه هِتَئوُن موٽُ، پٺيءَ لائي ڄَڃڙي.

7

جَڏهن وِهين فڪر ۾، خاصو ڪري خيالُ؛

تَڏهن فرق وارا فِي الحالُ، بَندَ ٻَڌندءِ وچَ ۾.

8

حُڪم هَلي ٿو جَنهِن سان، سو ڪر پيدا پاڻ؛

صورت سا سڃاڻ، مُنهن ڪَري مورَتَ کي.

9

”تون هي سا ”تون“ لڀين، ”ما“ لڀان ”تو“ سان؛

”تون“، ”هي“، ”آءٌ“ سَڀهِين، ”لا“ ۾ موجودات ٿي.

10

جي تو ڄاتو ”پاڻ“ ته ”آءٌ“ ٻيو ڪو آهيان؛

ڪَندُءَ غَرق گُمان، ڳَهلا انهيءَ ڳالهه ۾.

11

اَدبُ اَٿئي اوٽ، اوٽِ ته اڳاهون ٿِئين؛

مار نغاري چوٽَ، عاشِقَ ”اَنَاالحق“ جِي.

12

جي فِڪر کَوُن فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دور؛

هوندا سي حضور، آءٌ ڳرهيون ڳالهڙيون.

13

بيرنگيءَ مَون رنگُ، پَسو جو پيدا ٿئو؛

ظاهِرَ ۾ پئو زنگُ، موسيٰ ۽ فرعونَ جو.

 

14

تون جا ڀائين مَوجَ، سا مِرَيائي مِهراڻ ٿي؛

هِي اُنهن جا اوجَ، جَن سنبَت سوريءَ پَار ڏي.

15

دِين ڪُفر دِل دام، ڏج مڙيوئِي موج ۾؛

تنهن کان پوءِ حُڪامُ، هَر ڪنهن هَنڌ تنهنجو هَلي.

16

جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي؛

جاڏي مُهاڙِي، سجدو تِت صحيح ٿيو.

17

ظاهر ڪَڪَرُ آنءِ، مِينهُن توئِي باطن ۾؛

پاڻُ اُهوئي ڀانءِ، جنهن وَسي سان وَسَ ٿئي.

18

سوزُ گَدازُ ۽ غَمُ، مِڙِيوئي معافي ٿيو؛

مار دَمامين دَمُ، عاشِقَ ”انا الحقَ“ جو.

19

جي ادب کان نِڱِئا، سي ئي ٿيا اللهُ؛

هُن وڃايو راهُ، هو هاڃي ۾ هڄِي وِيا.

20

تون تا ڪاٿي آنءِ پاڻُ اَول لَهُه پانهنجو؛

جيلهان ٻئي نانءِ پَئين تيلهان تفاوَت ۾.

21

ڄاڻُ نهَ تفاوتُ، عبد ۽ الله جو؛

 هو اَهي اَمرُت، هِي ڀِي ڏُور نَه اُن کؤن.

 

22

الله ڄاڻُ نه هن کي، هِي مِڙِوئي حَقُ؛

ناهي شبهو شَڪُ، جو مَعلوم ٿيو مرشِدَ کَؤن.

23

معلوم ٿِي مرشدَ کَؤن، ٻي جا ڳُجهِي ڳالهه؛

هِن جِي ڇاهه مجالَ، ”هو“ لَڀي ”هُنَ“ سين.

24

هِي تا مور نه وَڃڻو، چئو وڃي ڪاڏي؟

”هوُ“ ”هِي“، هِڪُ ڪري، مورک ڇَڏِ ماڏي.

25

جهڙو ڀائِيندين، ”پاڻ“ پَنهنجو پاڻهين؛

تِهڙو ئِي ٿِيندين، هُت ڀي ساڻ يقين جي.

26

جيڪي آهي هِتِ، هُت ڀي اُهو ئِي اَٿَئِي؛

ڀَڃ اُهائي ڀتِ، تان تون اهو ئي رَهين.

27

جِهڙو آهين تِهڙو هوندين، فانِي ٿيندين ڇا؟

سُڌ پنهنجي سِر جي، ڪامِلَ پِيَڙءِ ڪا؛

ڳالهه نَه سمجهيئي سَا، آوازي ”اَنَاالحَقَ“ جِي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org