سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :29

ڪافي 35

عاشق اکيون اُپٽي ڏسين، آهي مِڙيوئي يار، ميان.

ظاهر زباني ٿو ڪريان، عجبَ جيهو اِسرار، ميان.

اعتقاد فردا رکُ، اڄ دوست ٿيءُ اظهار، ميان-

جنهن کي پَسَڻُ هِت پرينءَ جو، هُت ڀي تنهن ديدار، ميان.

سالِڪ سَهي ڪِي تان ڪَرين، صورت سندو گلزار، ميان.

ٻانهون ٻَڌين ڇو ٻين کي، آهين تون سپه سالار، ميان.

بلبل اول ڪر پاڻ کي، گهُٽ گهٽ سارو گلزار، ميان-

جي تون زليخان جان ٿئين، ساجن سَڀو سنسار، ميان.

تن تا سچيءَ هِنَ ڳالهه کَون، عاشق نه ڪر انڪار، ميان-

جي تون زليخان جان ٿئين، ساجن سَڀو سنسار، ميان.

تون تا سچيءَ هِنَ ڳالهه کَون، عاشق نه ڪر انڪار، ميان.

جيڪي چيو مُرشد توکي، آڻج اُتي اعتبار، ميان.

سروپا اُهو ساجن وسي، ٿي پاڻَ کون بيزار، ميان-

آهي وس ”سَچو“ سڀ يار جو، ناه ڪو اسان اختيار، ميان.

ڪافي 36

عاشق جي اُحوال جي، تون ڪوهُ نه پُڇين ڪَلَ؟

راڻي ڪارڻ ٿِي روئي، محل چڙهي مومَل.

سُهڻِي گهَڙي سِيرَ ۾، آڻي عشق اجهلَ.

سَسئيءَ گوندر گهاريا، پُنهونءَ ريءَ هِت پَلَ.

ڪڏهين ٻُڌي ڪانڪا، جهانگيڙن تي جهَلَ.

سِڪَ ”سَچوءَ“ کي سرتيون، ڪيان هينئڙي اندر هُلَ.

 

ڪافي 37

ڙي جيڏيون، منهنجي يار سڻ سان زاري زاري!

هيءَ نماڻي عيبن هاڻي، بِره سَندن آهي باري باري.

حاضر ٿينديَس در دوستن جي، پائِي ڳچيءَ سان ڳاري ڳاري.

پوءِ ته ياڪي يارُ ٿيو سي، پهروين لائي ياري ياري.

هَٿ سڄڻ جي اَديون ڙِي آهي، ڳالهه ”سچوءَ“ جِي ساري ساري.

 

ڪافي 38

اڱڻ اَسانجڙي سائين، ڪَر ڀَلا تون ڀيرو!

نانءَ ڌڻيءَ جي دلبر سائين، پاند ڳچيءَ ۾ پائين،

- ڪَج فقير ڏي ڦيرو.

سدا سؤ لڳ يار سڄڻ وي، جايون سي بنائين،

- وجهي منهنجي در ديرو.

- حجت رکَڻ سان اَوهان جي، ٻولُ اِهو ٻولائين،

- ناهيم اِيڏو سو جيرو.

واٽَ اَوهان جيءَ جو کَنئِيو، ”سچوءَ“ ڏينهن اُنهيءَ کان اَڄ تائين،

- پير اڍن جا پيرو.

ڪافي 39

جي اوهين ڄاڻو، ڙي جيڏيون، آهي الله لوڪ سارو!

ڪاٿي اهي چُپ چُپاتيءَ، ڪاٿي ماري نعرو،

بيڪسيءَ ۾ ڪاٿي گذاري، ڪاٿي سو حڪمن وارو.

ڪاٿي شَرَع ۾ شور مَچائي، ڪاٿي ڳچيءَ ۾ ڳارو.

جاڏي ڏسو تا تاڏي آهي، سندس نِيهَن نظارو.

حقيقت جي حال کَون، ”سَچُو“ ٿِيءُ نه ويسارو.

 

ڪافي 40

لک ڪرين توڙي زاري، دوست چَوي ”تون ڪهڙو“

هَٿين ڀي پَوان پيرين ڀي پوان، پايان ڳچيءَ ڳاري.

آءُ اُهائِي يا اوهان جي، تنهنجي محبت ماري.

روز اَلستان منهنجي آهي، يارَ اوهان سان ياري.

اسان يتيمن کي يارَ پيارا، ڏيج اَچي ڏيکاري.

ورِه مَٿي تي ويٺِي وسايان، دوست ڏيو دلداري.

آ اوهان تَون سُهڻا سائِين، واري وڃان لک واري.

توڙي سڃاڻي توڙي نه ڄاڻين، دوست نه آهيان ڌاري.

ڳلِ اصل کَون اهي اوهان جي، ڳالهه ”سچوءَ“ جي سارو.

ڪافي 41

مون کي نه وسار، ڍوليا، آءُ تا تنهنجڙي آهيان!

نانءَ سائينءَ جي اسان نماڻن ڏي، کڻِي تون نيڻَ نِهارَ.

پِرين وڙَئون پانهنجي، گڏ غريب گُذار.

ڪَيَوَ اسان سان جي يارَ پيارَلَ، پنهنجا سي وعدا پار.

اڱڻ اَسان جي سگهو ڪِي اِيندين، والي سو ڪهڙيءَ وار.

دَرَ پنهنجي جو دلَبَر سائين، ”سچو“ سو سگ سنڀار.

ڪافي 42

”دَع نَفسَڪَ وَ تَعَال“، اَٿِي ڳجهي اِها ڳالهه.

خاڪِي جسم کَون ڪر جدائي، بَحرَ عَدَمَ جي ۾ جال،

خيال وجود ڇو نه وسارين، ڪرين ٻي قيلَ مَقال.

ڳالهيون ڪوڙيون سَٽ سِڀيئي، پئه تون خاص خيال.

ڪڏهن نه ٿيندءِ حق سو حاصل، جي تو بُت بحال.

گرد غبار ۾ کاءُ نه غوطا، .سَچُو“ ري پاڻ سَنڀال.

 

ڪافي 43

آءُ تا گڏ گذاريون، وي، ڏکيا سي سکيا ڏينهڙا!

ڳالهيون ڪيَئه جي ڪالهه اسان سان،

ڪيئن تو يارَ وساريون.

ڳچيءَ پائي ڪپڙو سائين،

دوست ڪريان ٿِي زاريون.

راتو ڏينهان توکي دلبر،

سانوَل ويٺا سارين.

اَچَڻ سَنديون تانهِنجون،

سائين واٽان نِت نِهاريون.

پِرين پَنهنجو پاڻ سان،

”سچو“ سو سگ سنڀاريون.

 

ڪافي 44

آءُ ٻاروچَل ٻيلِي، مونجهه تنهنجي آهيان ماري!

ناهي واجب رسڻ توئِي کي، تون گرو آءُ چيلِي.

سَگَ نه ٿي ڪو ساهِيان.

عشق اوهان جي کَون هوت ٻاروچا، ڪيئن ٿَرن هيءَ ٿيلهِي،

نه ته ڇَپَرَ اڳيون ڇاهيار.

سَگهَه نه ساريان پَنڌُ ڪرڻ جي، تو بِن آهيان اَڪيلي،

ڪيچ وڻن ڪِيئن ڪاهيان.

وڳڻِي آهيان ورهَ تُنهنجي کَون، توڙي ڪِي پُورن پئلِي،

”سَچو“ نه آسڙَ لاهيان.

 

ڪافي 45

ڏينديَس ڏوراپو، آءٌ وڃي وراڻو روبرو.

پريان سَندي پارَ ڏي، ڪو نئي نياپو.

اوهان ٻاجهون سَپرين، آءٌ ڪريان ٿِي ڪاپو.

سوڍل توئِي ساڻ آهه، مُنهنجو سَڱ ته سِياپو.

 

ڪافي 46

منهنجو نيهُن وڌايو نازَ، نيڻن نيڻن جي، ميان!

تيغان آهن يا ته سِتم جون، تنهنجون اکيون ڪَجليون ڪاريون،

اَلا سائين، يا ته بَحرِي بازَ.

درد مند جي دلڙي دلبَرَ، ڏاڍي زور سان آندي،

اَلا سائين، نيڻن منجهؤن نياز.

مانَ پَون ڪِي ڪَن اَوهان جي، اوهِڪي واري،

اَلا ميان، عاشقِ جا آواز.

ٻَئي ٻانهون ٻَڌي ”سچو“ وڃ، تون ساڻ يقيني،

الا ميان، درَ مٿي ڪارساز.


 

ڪافي 47

ڪنهن ويلَ نه ٿا وسارن، عاشقَ نه ٿِج تون ماندو!

”نَحنُ اَقرب“، اِها اشارت ، گُڏ توئي سان گذارن.

اَصل لاڪون طرف تنهنجي، نِت نِت گهڻو نهارن.

جي تو اُڪنڊَ اُن جِي، سي ڀِي توئي کي سارن.

ڏينهن اِتهين ڇو ٿو لائين، تو هُت ”سچو“ سنڀارن.

 

ڪافي 48

تنهنجي اَچَڻ جون واٽڙيون نِت نِت اُڀي ته نهاريان.

لَنُ لِڪايو لوڪَ کَون، هَنجَ ۾ هنجون ٿِي هاريان.

سي ڳالهڙيون ڪنهن سان ڪريان، جيڪي سڄڻَ ٿِي ساريان.

داغ تنهنجي درد جا، ڏيهه کي ته ڪيئن ڏيکاريان؟

”سچو“ چَوي سائين شوق تنهنجي ۾، ڪو دم ڪين وساريان.

 

ڪافي 49

ڇڏي غصو غمناڪ سان، اچي مِل ته ماندئِي لهي.

سُڌِ سڀا توکي پِرين، جيڪا واڍوڙين سان وهي.

سور سيبائڻ جهڙو، پر جيءُ جَدائي نا سَهي.

پاڻون آيان هِن پور هي، ڪِي تو مُڪان پِريَم پهي.

”سچو“ وهاريو وٽ ۾، هِي ٺاه تڏهين ڪو ٺهي.

 

ڪافي 50

منهنجو ناههِ ڪوئي اِختيار، هَي يار وي!

مون تا سِر تي چائيو، باري بِرهَ جو بار-

هَي يارَ وي!

راتو ڏينهان تِيڏي ڪارڻ، روئڻ زارو زار-

هَي يار وي!

ڪيئن ڏنو تو سُپرين، جاني جيءَ کي جارُ-

هَي يار وي!

”سچو“ سارو سمجهين، عشقَ سندو اِسرار-

هَي يار وي!

 

ڪافي 51

تنِهين ڏينهن ڏِنائون، ساه منهنجو ساهَڙ کي سرتيون.

دردمنديءَ جي دلڙي، نازن ساڻ نيائون.

هيڏي هوڏي نا ويو، سوگهو ساه ڪيائون.

سُڻِي سنيها يار جا، عاشق ٿيڙيس آئون.

جيءُ وڌائون جارِ ۾، ڪاڪيون تن ڪڏاهون.

ميهَرَ سندي معرڪي، هِيءَ غريب گَڏيائون.

جِيءُ منهنجو جيڏيون، ويِرن منجهه وڌائون.

”سَچوُ“ ڪڍُ سرير مَون، ميڙي سڀ مدايون.

 

ڪافي 52

جيءَ جون ڳالهيون هيون جن سان، هَي هَي سانگ چڙهي وياسي ئي!

ماريَس اِنهيءَ مامري، هيءَ پوءِ اَنهن کان پيئي.

وٺي وينديَس اوڏهين، حال پنهنجڙو جو هي ئي.

اِيندا، اٿم آسرو، جيءَ گهُريا ٿي جي ئي.

مون ڏي مڪائون ڪيترا، ڏک ڏوراپا ڏيئي.

جيءُ وڌو آهيار ۾، تَن نياپن نيئي.

”سچوُ“ سنيها ٻُڌِي تَن جا، ٻَڌ ٻانهون تون ٻيئي.

ڪافي 53

مان تان محبن کي، ڏيان ڪيها ڏوراپا!

ڪيئن شِرڪت آءٌ ڪندي، سرتيون سان سائينِ!

آءُنماڻي آهيان ڇا، ڪيئي سَوين سِڪن.

ڏوڙا طالع مون ٿين، جي ويڙهي هِنَ وسن.

ڏسِي حال حقير جو، اڱڻ مانَ اچن.

ڪين ڇڏيندا ڪڏهين، ”سچُو“ سَگَ سندن.

 

ڪافي 54

مون کي ڏور ڇو ڏَسِن، سرتيون ديرو دوست جو.

جي مو سڻو سرتيون، هو سدا وچ وسن.

اکيون عجيبن کي، پل پل ٿيون پسن.

محب مشتاقن جِي، ٿا کليون دل کسن.

”سچوَ“ سوزن واريون، وڃي روءِ رَسن.

 

ڪافي 55

اڄ اڱڻ اِجهي ايندم، سُکيا سانگي گَڏيَم شال!

ڏِسي حال حقير جو، سَوَ دِلاسا ڏيندم،

هو جِي ڪُهِي ويڙم ڪالهه.

پنهنجي وَڙون سپرين، حال ڀائِي اچي ٿيندم،

جَن لڳِ وجهايم فال.

لِڪِي ساري لوڪَ کَون، گوشي پاڻ گڏيندم،

اُهي ڪندا ڀلائي ڀال.

سَکگجنين جو سڏجي ”سَچُو“، سيئي سڏيندم،

جِيءُ جيءُ چونديس جال.

 

ڪافي 56

هِينئن ڪانگ اَڄ ڪَهِي ويو، اِيندَءِ صبح سَويلي.

ڳالهيون ڪري سَڄَڻ جون ، اَڄ رات هِت رهي ويو.

هو حال منهنجي جو سَماءُ، هِنَ لوءِ مَون لَهِي ويو.

ڳالهيون ٻُڌي ڏکن جون، ٻولِي تَنهِين ٻهي ويو.

پِرين جي پار اُڏاڻو، ڪيئن سورَ هِي سَهي ويو.

”سَچو“ سڄڻ مِلايَئِين، هِنَ ٺاهَ تي ٺَهِي ويو.

 

ڪافي 57

وڻيوسين وهَ واه، پڙهندي پروانو پرينءَ جو!

اوڏا مِينهَن ملهارَ ٿيا، گُل کِلن ۽ گاه.

سِي ئي سڄڻ ٿيا سامهان، حال ڀائي همراهه.

محبت منهنجي من ۾، چوريءَ مچايو چاه.

سِڪ تا سڄڻن جي، اُجهايو آڙاههُ.

ديس ڇڏي پرديس ويا، دوست پرين داناه.

هوتن ڏانهن نه هڪڙي، مهڙَ مِڙئِي مان ڏانهه.

پرين جي پيغامَ ڪيو، آرامِي اَرواح.

قاصدَ تو تان آءُ ڪريان، هي سِرُ صدقي ساه.

اڱڻ آسَروندن جي آڻِيندونِ اَلله.

”سَچُو“ چوي رب ميڙي، روز پُڇان آءٌراه.

 

ڪافي 58

پانڌي آيم اَڄ پيهِي، پِريان سَندي، وو، پارَ جو!

ڏوٺ ڏوراپا ڏيئِي مُڪائون،

تن ڪَئِي ديوانِي ديهي.

”ڳالهيون اُهي يارَ سَڄَڻ جون،

ڪيئن وِسارِيئي ويهِي.

”جِهڙيائِي آهي جيءَ تنهنجي سان،

هُت به گذري تِيهِي.“

هوش ”سَچوءَ“ جو نِيو نِياپَن،

ڳالهه ڪَريان ٻي ڪيهِي.

 

ڪافي 59

پانڌي منهنجي يارَ کي، ساري چَئج سَلامَ.

چَئِي مُڪا هئا ڪيترا، مون پرتِ وارا پيغام.

اوهان جي ئِي اَچَڻ جا، هُلَ پَوَن هَنگامَ.

محبتَ منهنجِي روز اَزل کَون، توسان مُحب مُدام.

”سَچُوءَ“ جيها ڪيترا، دَرَ تُنهنجي ته غَلام.

ڪڏهن ڪندين يارَ اَسان ڏي، اچڻ جا اَنجام.

عشقَ اوهان جي شورُ مَچايو، هاُل پَون هَنگام.

ٻانهي گولي يارَ سڄڻ جِي، مُلهه خريد مُدام.

روز اَزلَ کون ”سَچُو“ آهي، سائين سَنديوَ سام.

 

ڪافي 60

’يئن اَڄُ چئي مُڪائون، عاشقِ اَچون ٿا ايڏنهُن!‘

هِن جيءَ جَڏي کي جيڏيُون، آڌر وڏي ڏنائون.

”تُنهنجي ديس اسين اچون ٿا، عاشق نه ٿِج اُٻائون.“

مون هن نماڻِيءَ سان، ميان، ڪيڏا ڪرم ڪيائون.

”مطلب تُنهِين جو آءُ آهيان، ٻِيون ڇڏ مِڙئي مُدعائون.“

دلاسي لئه دردمندِ جي قاصد ”سَچُو“ ڪڍيائون.

 

ڪافي 61

اَڄ ڪي صبح اچن ٿا، نروار چئو نجومي!

مون هِت نماڻِيءَ جو پِرين، حال ڪي پُڇَنَ ٿا.

هِن پار ڏي اچڻ جو، چئو ڪِي سڄڻ چَوَن ٿا؟

پِرين آهن پنڌَ ۾، ڪي ويڙهِي پنهنجي وَسَن ٿا؟

”سَچُوءَ“ جِي ڀِي سُڌِ لهَڻ لئه، قاصد هيڏي ڪَڍن ٿا؟

ڪافي 62

دوستَ کي دانهون سُڻِي، مَنَ مهرَ ڪا مون ڏنهن پَوي!

دردمند جي دَرَ اُتي، ٿو ڪانگ لاکيڻو لَوي.

پيغامَ پِرين پار جا، چَشمن اُتي ويهون چَوي.

سِرَ ڀَري اَسَين ايڏهن اَچون، يا ڪِي اوري ايندؤ اَوهِي.

”سَچو“ آهي اَڪَنڊيو گهڻو، ٿو راند روئڻ جي رَوي.

 

ڪافي 63

ڳالهه پنهنجي حال جي، تورءَ وڃي ڪنهِن کي چوان؟

جوش تنهنجا جان ۾، نت نت آهن مون کي نوان.

کيئن جي پڇان پوءِ ٿي خبر، پانڌي اول پيرين پوان.

پاڻون آيا هِن پور هي، ڪِي هِن مڪا مون ڏي اَوان؟

”سچو“ مٽيان آءُ ڪينڪي، هي سور سُکَن سان سنوان.

 

ڪافي 64

مڪاسين قاصد ڪالهه، اِجهي ڄاڻج آيا آيا!

آهي تياري ايڏنهن اسان جي، آهيون سو منجهِه خيال،

اُڪَنڊ تنهنجي اَصل اسان جي، آهي سا جيءَ ۾ جان.

عاشق تو تي ڪَرم ڪيوسي، سڻي سندءَ اَحوال.

پنهنجي لطف سان هاڻ لاٿاسين، تو تَون ڪُل ڪَشالَ.

اچي لهون ٿا اجها تنهنجڙي، ”سچو“ ري رات سنڀال.

 

ڪافي 65

آهي ههڙو حال ويچاريءَ جو، سهڻا ڪر ڪو ڪرم ستاريءَ جو!

لئه پنهل جي ڪانگ اُڏايان، ڪوٺيو پوٿيدار پٽايان،

وَرُ وري ورَ واريءَ جو.

حال ڏسي پنهنجو ڀال ڀلائج، پِرَ پڄاڻو وره ورائج،

ڪج ڊڀ دارون دک واريءَ جو.

درد فراق جا دونهان دکَن ٿا، مَچ مَگر هن من مچن ٿا،

شل ورُ وري ويچاريءَ جو.

سڪ ”سچل“ جي توکي ساري، ڪيچي ايندم نرتَون نهاري،

ساه سڪي سڪ واريءَ جو.

 

ڪافي 66

جيءُ نچ آيا، ڀلي ڪري آيا، ساٿي سڄڻ جي ڏيهه ڏنهن!

مون تا ڄاتو واٽ واهو، پر مون ڏي سي هوت هلايا.

ڏينهن پڄاڻو پانڌي پرين جا، ساڻ غريب گڏايا.

پاڻ مٿائن ڪريان قرباني، لکين ٿورا جَنِ لايا.

اَول دلاسا ڏيڻي انهن هي، پوءِ پيغام سڻايا.

طرف تنهنجي اهي عجيبن، سچا سخن فرمايا.

”اَڻ تڻ اهائي آههِ اسان کي، ڏکيا تو ڏينهن لنگهايا“.

”پيا  اسان وٽ هاڻي تنهنجا، ’سچو‘ ڙي پنڌ سجايا“.

ڪافي 67

پانڌي اوڏاهون اُڄ آيو، پِريان سندي پار ڏنهن.

طرفان تنهنجي هونِ اَچَڻ جو، ساٿ ڌڻِين کي سعيو.

گهڻو پڇن هُت پِرن توئي کي، گهمين تون هِت اجايو.

آهه توئي ڏي سڻ ري عاشق، روح سَندن جو رايو.

پاڄاڻيءَ جو هنن پيغامن، وري سو وره وڌايو.

ٻڌي نياپا ٻانهون ٻڌي ٻئي، آڻي ”سچوءَ“ سر نوايو.

ڪافي 68

اَڄ اوڏاهون آيا، گڏيا سي قاصد مون کي!

وري ورڻ جا هئا ڀنڀور ڏي، ساٿ ڌڻِين جا سعيا.

اَڄ صبح اَچي ويجها سي وهنَندءَ، ڏور جنين ڏينهن لايا.

گوشي گڏجِي ڪندءِ سي ڳالهيون،جَن جا تو پنڌ پڇايا.

خيال سڄوئي هيڏي هُئڙن، ڏکيا تو ڏينهن لَنگهايا.

طرف تنهنجي اڳي ڀي رهَبَر، ڪئين تنهن هوتَ هلايا.

نِيهَن جا نياپا ڏنا جَنين هي، ”سچو“ سي ساهَ سيبايا.

 

ڪافي 69

نوان نِياپا آيا، مون ڏي محبن جا، ميان!

قاصِدن ، وو ميان، هيڏي اَچَڻ جا، روز سي رستا لايا.

طرف ڀنڀور جي سُڻ تون عاشَق، پنهونءَ ٿي پنڌ پڇايا.

توتا طالب يار سڄڻ رِيءَ، گوندر ڏينهن گنوايا.

جي ئِي گذاريئه يار جانب ريءَ، اَهي سي ڏينهن اَجايا.

هئا پِرين کي پار تنهنجي، ميان ”سچُو“ اَچڻ جا سعيا.

 

 

ڪافي 70

اِهو نياپو آندو، پانڌيءَ پرينءَ جي پارَ ڏنهن.

آهي تياري ايڏهن اَسان جي، متان ٿئين تون ماندو.

عاشق توکي آڻي اَسان سان، حب ڪندي هيڪاندو.

اسين به اوڙڪ اِينداسي ايڏنهن، ٿيج نه وره کون واندو.

ملڻ محبن جو آهي اِهوئي، پِرت جو پاڇاندو.

طرفون اَسان جي سُڻ ”سچُو“ وي، لاهِين تون سڀ سياندو.

اڱڻ تنهنجي اڄ سي ايندا، تو جن لئه وره وسايا.

 

ڪافي 71

آءٌ اَدا ڙي پانڌي، دوست دلاسو ڪو ڏنو؟

سُڻ تون ساٿي، ِآهيان، ادا، آءٌ محب بنا هت ماندي.

اَڱڻ اسان جي ڪڏهن ايِندا، اِها خبر تو ڪا آندي.

دل اَسان جِي دوستن ٻاجهون، ناهي وره کَون واندي.

سِگهَڙِي ساٿِي ڙي مانَ ٿيان، ڪا هوتن سان هيڪاندي.

ساران سنڀاران ”سچُو“ وي لهندءِ، آهين جَنين جي تون باندي.

 

ڪافي 72

منهنجو ڪِي هُت پڇيائون، سچ چئه ادا ڙي ساٿيو؟

گوشي ويهي گڏ اَوهان سان، منهنجي ڳالهه ڪا ڪيائون؟

سَليو سنيها ساڻ سلامن، هِنَ ڏاهَ ڏي ڏنائون؟

پيغام پرت وارا، چئو جي مون ڏي چيائون.

دلاسي جِي درد مندِ ڏي، ڪا اڄ خبر لکيائون؟

”سچوءَ“ ڪاڻ تا گهڻيرو، هِن ڏيههِ ٿي ڏٺائون.

 

ڪافي 73

سِگهَڙي پِريَن جي پار جِي، ڪانگا خبر ڪا مون ڏئين،

دوست جي ني ديس ڏي، ڪيئن ڪالهه تون اَڏري وئين!

اَول اسان جي حال جا نازڪ نوان نياپا نِئين،

ساري سنيها سوز جا، هَي هَي سڀئي لائج هِئين.

ماري ميان مشتاقِ کي، ڪيئن يارَ تون ياڪِي ٿئين،

پُورن مَنجهِين پرديس جي، ٻاجهون اَوهان آهيون اِئين.

آءٌ جي مُئِي تا گهوريس، جانِي سدائين تون جئين

”سچو“ سِڪي ساري توکي، تون ڀي تهين سان هو ائين.

ڪافي 74

ڪانگي قريبن ڏنهن، خبر آندي وٺيِ وهندو وري.

خط منجهَون معلوم ٿِي، ساري خبر کِيئن جي کري.

”دوستَ دلاسا لکيا تا ”تو اسان ريءَ ڪيئن سَري“

”آءٌ تا گهڻو تو ساريان، ڳالهيون ڪرين ڪهڙيون چَري“

”سچوُ“ توسان آهي منهنجِي، اَها ذوق مَون دل جي ذري.

 

ڪافي 75

ڳالهه ڪريان ٻي ڪيهِي، تنهنجي مڌگن ماري آهيان!

پرين وڙئون پانهنجي، ميان الا، آءُ پکي هِن پيهِي.

پاڙي ساڻ پرين جي، ميان الا، ورهُ وهايم ويهِي.

پلئه لڳي پِرين جي، ميان الا، جيهِي سان آهي تيهِي.

ڳالهه ڏَسيائون سا تا ناهي، ميان الا، ”سچوُ“ سلڻ جيهِي.

 

ڪافي 76

ڪيهِي چال چلي ٿو، اڙي جيڏيون يار منهنجو!

”ونَفَختُ فِيه مِن ”روُحِي“ ساري ڳالهه سلي ٿو.

”اَنا عَبد’ه‘ وَ رسولہ“، ملن گهر ملي ٿو.

ڪاٿئين تعظيمان ڏئي، ڪاٿئين  کِل کلي ٿو.

ڪاٿئين سکيون سُپرين، ڪاٿئين جوشن منجهه جلي ٿو.

”سچو“ سَڀ ڪنهن صورتين، ههڙِي هلت هلي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org