ڪافي 5
آئين سو ڳالهه سُڻائين،
وَنهيا ڪانحل، تون ڀلي آئين!
خط جو آندوئي يارَ سڄڻ ڏهون، هلي سو نال پڙهيائين.
آءُ ته جوڙيئين جاءِ اکين ۾، اڄ اوڏاهون آئين.
سگهڙو سگهڙو آءُ اسان ڏنهُن، ڏينهن گهڻا ڇو لائين.
اچو اچو تون ڇو نه اچين ٿو، محرم راز رلائين.
نانوَ الله جي يار ”سچو“ کي، محبن ساڻُ مِلائين.
ڪافي 6
وعدو ڪِيئن وساريُوَ،
ڀَلا سائين، ڪيئي ڳالهيون ڳالهيون!
اَسان نماڻن سان يارَ پيارا، ڪو ڏينهن مانَ
گذاريُوَ.
ڏکَ ڏيئي وَئين اڳي کَؤن اڳرا، وري نه پوءِ
نهاريُوَ.
هيڏانهن هوڏانهن ڇِني اَسان کي، پنهنجِيءَ ڪَڍَ
قطاريُو.
آتڻ چرَخو ويٺي چوريُم، ڏيئي سور عِشق اُڏاريُوَ.
سڀ ڪنهن ساعت سانول سائِين، ”سچوءَ“ هِت
سَنڀاريُوَ.
ڪافي 7
جو تون پير ڀَري آئين،
تنهنجي ٿوري هڪ نَٿِي پُڄان....اَلا، ميان!
عاشقَ هِتي لکين هزارين، لَئون اسان ٿو لائين.
عَيب اَسان ۾ آهن اُپارين، اِهي ڀَلا ڪيو ٿيو
ڀائين.
ڏوهَ ڏنگايُون ڏسي اَسان جون، چِتُ نه اَسان تَؤن
چائين.
راتو ڏينهان يارَ اَوهان جا، ڳُڻَ ”سَچُو“ ٿو
ڳائين.
ڪافي 8
اَڙي الو الو، رانول آيو راڄَ ۾!
ويُڙا سورَ سنڌو ڪري، اَڄُ ڀينَر ٿِيَڙم ڀَلو.
جنهن ساعت گڏيا سُپرين، سان ساعت ڪنهن نه سَلو.
ڳالهه نه ڪريو ڪا ٻِي، هاريون اَوهين هَلو.
ڏهاڙي ڏسڻ کَؤن، وارُ نه پَوندو وَلو.
اَصل آهي اُنهن سان، روحَ منهنجي جو رَلو.
”سچو“ گڏيو سَڄڻَنِ، کَرَن لَڳو کَلو.
جهولڻو
جاني آءُ ڙي جاني، ميان،
آءٌ تا روز پُڇان ٿِي پانڌيؤن.
تنهنجي اَچڻ ڪاڻ هِت، پوٿيون ٿِي پٽايان،
سُنجهي صبح سَرتيون، ٿِي پانڌي پُڇايان،
ڏاها تنهنجي ڏيههَ ڏي، ٿي ڪانگَلَ اَڏايان.
پِرين تُنهنجي پارَ ڏنهُن اچي قاصد جي ڪوئِي،
حالُ سڻايان پانهنجو تَنهن رهَبر کي روئِي،
جانِي جال اسان جي هاڻي هجر ۾ هوئِي.
دلَبرَ تنهنجي ديس ڏي ٿِي ڏسان ڏيهاڙيون،
نانؤ تنهنجو سُپرين اَسين وَس نه وساريون،
ڳچيءَ پائي ڪپڙو زور ڪريان ٿي زاريون.
اُٿي ويٺي اوتيان آءُ پنبڻين مان پاڻِي،
اَچي ڏِسج سپرين تون حال منهنجي هاڻِي،
درد مَنديءَ جي دل ۾، تنهنجي سِڪَ تا ساماڻِي.
تاڪَؤن سَڄَڻ تانهنجِي هِينڙي حيرانِي،
ڏيئِي ڏکيءَ کي وئين تون نِيهن ته نِشانِي،
سدا ”سچو“ آهي، ميان، تُنهنجي ڳِچِيءَ ۾ ڳانِي.
سنڌي پورب
1
گنَگا کانءُ گُذرُ، آهي ڪنِين ڪاپَڙينِ جو؛
ڪڏهن لڪ نه لَڙيا، سدا تَن سَفرُ؛
آهي نامُ مَشَرُ، اُنهن اڌوتِين جو.
2
جوڳي آهن جي، گوش گنگا ڏي تَن جو؛
آهِن ڪوڏيا ڪاتَ جا، پُڻ ڪاپَڙي ڪي؛
سِرُ سنباهِن سي، جنين ناتو ناٿَ سان.
3
جوڳِي جال ڏٺامَ، پر ڪو ڪو لَڀي ڪاپڙي؛
هي ويهي وستِن ۾ ويا، هو نه لوڪِ لَڙيامَ؛
تنين ڪاڻ ٿِيام، هَي هَي هِهڙا حالَڙا.
4
جوڳِي جالَ ٻُجهَن، پر ڪونه لهان ڪو ڪاپڙي؛
تن ڳُڻن ڀَريَن جِيون ڳالهڙيون، ٿيون، ”سچل“ ساهَ
سُجهَن؛
لوڪِ نه ٻئي لُجهنِ، بِگَر نالي ناٿَ جي.
5
جوڳن اوري جُوءَ، جي لوڪان لعل لِڪي ويا؛
لاهوتِي لنگهي وڃِي، حُر پيا ۾ هُوءِ؛
راسِخَ روبروءِ، وڃِي نامِيا ٿيڙا ناٿَ جي.
6
جوڳِي آهِن جالَ، پر لاهوتِي لنگهي ويا؛
هي مِڻ ڪَنِ مَڻِيَن سين، هو کڙا مٿي خيالَ؛
سي لانگوٽيا لالَ، ڀينَر ڀاڳِ ملن مُون.
7
لوڪين لاهوتِي، ڪنهين پَر نه پِرڀِيا؛
سي پنهنجو رکِي پور ويا سالِڪَ ثابوتِي؛
اُهي اڌيءَ آڌؤتِي، نانگا ويَڙم نِڪري.
8
ڪري لنگهيا لوڪَ مؤن، لاهوتِي لوڙا؛
گهوڙا ڙي گهوڙا، جو مون من مستانو ٿيو.
9
پُورب ڇَڏي پوءِ، آڌوتِي آڳي ٿيا؛
ويا اُڪنڊيا اَڳنان، نه ڪنهن لَڙيا لوءِ؛
رِجائي رتُ روءِ، ويٺي واٽَڙيَن تي.
10
جوڳي جالَؤن جالَ، پر لاهوتِي لنگهي ويا؛
هو هَلي ويَڙا حالَ ۾، هي قابو مٿي قالَ؛
هَي هَي مُنهنجي حالَ، جو حالُ نه پيو هَٿِ مُون.
11
جوڳن هِت جايون، جي هُن لوءِ لِڪي ويا؛
تپش تيش تَن کي ، وڃَن لاهوتِي لايُون؛
ووءِ ووءِ واتِ وِجهي ويا، ويَراڳي وايُون؛
آڌوُتن آيُون، خَبران ڪاتِي ڪُسَڻ جِيون.
12
جوڳِن آهه نه جنگِ، هِن سُلوڪِي سڀَ سان؛
جيجان هن جهانَ ۾، هِن طُريلا تَنگِ؛
ڪنهن جي رتا رنگِ، ماڻِڪ مُنهن مشعلان.
13
لاهوتِي هِنَ لوءِ، آيلِ آهن اَڄُ ڀِي؛
ووءِ ووءِ اڃان پوَندِي، پوربيَن جِي پوءِ؛
اِنِ ڪاپَڙيَن کي ڪوءِ، سَڳَر مَنجهه صَحِي ڪري.
14
لاهوتي مَون لوڪَ، ٿورا ڪري لنگهيا؛
سدا سامِيَڙن تي، محبتَ وسي موڪ؛
سي زائِر منجهوُن ذوقَ، ڪَنڌُ ڏيَن ٿا ڪاتَ تي.
15
ڪاپَڙِي مون ڪالههَ، اڃان ڏٺا ڏيہ ۾؛
هَي هَي مهنجي حالَ، جو ساڻَن ٿِيَسِ نه سنگتِي.
16
هُو جي ڏٺا ڏيہِ، ڪالهه اَڃان مون ڪاپُڙي؛
سي اَڄُ لنگهيا لوءِ مَون، دانَهه ڇَڏي ديههِ؛
هاريُون هُوءِ هَڏيههِ ، موٽَن ڪِين مَڪانَ تي.
17
پُورب پَنڌُ نه آهه، ڪڏهن ڪاپڙيَن کي؛
جِت ماڻهن ميڙاڪو ٿئي، سا جُوٺي جوڳين جاءِ؛
سامِي سِرَ سواءِ، سودو ڪن نه ڪو ٻيو.
18
پُورب آهه نه پَنڌَ، ڪڏنهن ڪاپڙيَن کي؛
سي ڏيندا ويراڳي وڃِي، ڪاتَنِ مٿي ڪَنڌُ؛
هوِءِ سَندنِ هَنڌُ، جو لُڙ گڏجِي لَعل ٿِيا.
19
پُورب رکِي پيرُ، ڪَن پُڇَ پَراهين پنڌَ جِي؛
ٻيو ڪو وڃي اتهِين ڪاپَڙين ريءَ ڪيرُ؛
جنهن کي ڦِڪَلُ نه ڦيرُ، ڪنڌُ ڏيندو سو ڪاتَ تي.
20
پُورب پنڌ نه ڪن، ڪنهين ويلي ڪاپَڙي؛
ڪوڏِ ڪَپائڻ ڪنڌَ جو، توڙؤن آهي تَن؛
”سچل“ سدا سامهون، آڏي اَڌوتَن؛
سي وڃِي ڪاتِ ڏينِ، گَردنون کنيو غار ۾.
21
جاڏي پُورب پنڌُ، تاڏي آءٌ نه وڃڻو؛
هي هنن جو هنڌُ، منهنجو هنڌُ هِنگلاج ۾.
22
پُورب پُڇيائون، پَر پيرُ رکيائون پَرنان؛
اوريان پَريان پنڌڙا، سي لَس لنگهيائون؛
اِئين اُتيائون، ته گُرَ آسين نه گُڏيا.
23
پُورب کانءُ پري، نانگَنِ نظر آهه تا؛
نِگهه وجهن ناٿَ تي، پِرڀَون پير ڀَري؛
مَنجهؤن ذوقَ ذري، گُرَ گَڏيا وڃِي گودڙيا.
24
پُورب پَير ڌرن، ڪَن وِڇَٽَ پارهين پنڌ تي؛
قدم رکي ڪاتَ تي، ڪنڌُ قربان ڪَرن؛
ڪوڏؤن ڪاپَڙن، ”سچل“ سِر صدقي ڪيو.
25
مٿي ڪاتَ قَدمُ، ڪاڪيون ڪاپَڙيَن جو؛
سنسو ميٽي سروپ ۾، ”سچل“ ٿيا سي سَمُ؛
سدا ساميڙن جو، دَمامين سان دَمُ؛
آديسِي عَدمَ، ٿيا نالي اَندر ناٿَ جي.
26
ويا هَتَون ويهِي، اَڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڪاپڙي؛
آيل آڌوتِن جِي، ڳالهه ڪريان ڪيهِي؛
”سچل“ ساري سڪ مان، گاروڙي گيهي؛
پُوربَ ۾ پيهِي، وڃِي واصِل ٿيا وصالَ کي.
27
هَي هَي ڪالَهه هِتاءُ، اَڃان لاهوتِي لنگهيا؛
ڪونَ وڃَڻ جو مون ڏنو، سامِيَرنِ سَماءُ؛
تا ڪو پَوي پِرڀاءُ، مَن لاهوتِن جو لوءِ مَؤن.
28
ويا لاهوتِي لالَ، لورا ڪري لوءِ مَؤن؛
ڳالهه نه ڳَرهَڻ جَهڙي، مگر مُنهن مَشعال؛
هَي هَي هِهڙي حالَ، ساريون سي سَڌَ مَران.
29
جو پَنڌ جوڳِيڙن جو، سو اڌوتِن آجاءِ؛
گنگا ۽ گرنار ڏي، جوڳن پَنڌُ جُڳاءِ؛
پنڌُ اُنهِين کَؤن پَرنان، اَڌوتِن کي آءِ؛
تان تان ٿِين نه جاءِ، جان جان ريجهَنِ نه رامَ
سان.
30
ڪوڙين قربانِي، آءُ تا ڪاپَڙيَن تَؤن؛
ڏيئي ويا جي ڏيل کي، هَي هَي حيرانِي؛
ماريون مِهمانِي، آءُ تا سِرُ ڪَرينديس صَدقو.
31
ڪري لورا لنگهيا، هَي آڌوتِي اَڄُ،
مون هَئون اَمان ڀَڄ، جو آءُ به وينديسَ اَن سين.
ڪافي 1
آءٌ ڪوڙين ٿيان قُربان، جوڳِيڙن جي جات تَؤن!
ڪاڪيون ڪاپَڙيَن جو، ڏاڍو آهي مون آرمان.
آيل اَڌوتِن جو، آهي گنگا ۾ گذران.
نانگن سَندي ڳالهڙي، هِت پُورب ۾ پَروان.
”سچو“ ناٿ نِهارين ڇو ٿو، ٻئي هنڌِ ٿِي تُون
مِهمان. |