داستان اٺون
1
مارڳ مٿانهون ٿيو، مارڳ چڙهي ڪيرَ؟
سا پُڇي ساٿ سويرَ، جائِي مارڳَ تي مري.
2
جي تون مارڳَ تي مرين، وڏا طالع تو،
سانولُ ساڳي سو، مٿان تو هٿ ڏئي.
3
مَلهِي مارڳ مرُ، تان تون تنين جي ٿئين؛
جبل هار نه جرُ، ارتو اَکَڙين مون.
4
مارڳ جي مُئينءَ، تان هُئينءَ هوتياڻين هنجَ ۾؛
وڃي ڪيچ سُئينءَ، تان ويچاريءَ وسُ ڪيو.
5
مارڳ مرن جي، ورتنين کي ويجهڙو؛
هَي هَي هوتن کي، ٿئي ارمان انهن جو.
6
ماڳ مرڻ آهه، گهوريو جيڻ جيڏيون؛
پير نه پوئيون پاءِ، عاشقَ مرَ اڳي ٿئين.
7
مارڳ آهه مرڻ، جيڏيون هن جيڻ کون؛
- وس ويچاريءَ ايترو، ڪوڪان ڪانڌ ڪرڻ؛
ٻاروچا ٻُرڻ، ٿيو ڪم ڪوهيار جو.
8
مارڳ مران شال، دعا ڪريجو جيڏيون؛
هوت ههڙي حال، مانَ مٿان مون هٿ ڏئي.
9
مٿي راهه رئان گهڻو، ڪا مون لهن ڪل؛
ماڙيون سڀ محل، ويٺي ورهه وسائيان.
10
مٿي راهه رئان گهڻو، آءٌ اوٺارن ڪاڻ؛
هاريون ايندم هاڻ، ڏک ڪڍندم ڏيل مون.
11
مٿي راهه رئان گهڻو، آءٌ تنهن لَعلَن لڳِ؛
جَتَ ٻيا ڀِي جَڳِ، منهنجو پيچ پنهونءَ سين.
12
مٿي راهه رئان گهڻو، ڪارڻ ڪيچيڙن؛
سِگها شال اچن، ڪَرن غور غريب جو.
13
مٿي راهه رئان گهڻو، ڪارڻ ڪوهياري؛
مَئيءَ کي ماري، وڃ م منهنجا سُپرين.
14
سچو ٻَڌي سندرو، لَڪين ڪندي لوچَ؛
ٻَڙيون لڳ ٻروچ، مٿي راهه رئان گهڻو.
15
اديون آريچن جي، ڪافؤن پونديم ڪل؛
ڪارڻ ڪوهيارل، مٿي راهه رئان گهڻو.
16
هُو سياڻا سُپرين، عاجز هيءَ اَڄاڻ؛
آءُ ڪوهياري ڪاڻ، مٿي راهه رئان گهڻو.
17
هوندي هوتياڻن جي هيءَ ويچاري وڳِ؛
آءٌ تنهن لالَن لڳِ، مٿي راهه رئان گهڻو.
18
اندر آڳ عشق جي، ويو ٻاروچو ٻاري؛
ڪارڻ ڪوهياري، مٿي راهه رئان گهڻو.
19
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ٿَڪيءَ مون نه ٿين؛
جيڏيون ڪاڻ جتن، مٿي راهه رئان گهڻو.
20
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪڏهن مون نه ڪيا؛
وٽؤن هوت ويا، کڻي ساٿ سويل جو.
21
ڪاف ڪشالا ڪيترا، پڄن مون نه هَٿاءُ؛
اَچ آرياڻي آءُ، ٿي وسيلو وڻڪار ۾.
22
ڪاف ڪشالا ڪيترا، پري آهن پنڌ؛
رويون چَمان رند، آيل اوٺارن جا.
23
ڪاف ڪشالا ڪيترا، مارڳ آهه منزل؛
آهه ڪوهيارل ڪل، نامِيا نماڻِن جي.
24
ڪاف ڪشالا ڪيترا، هزارين فرسنگ؛
نهاري ڏي ننگ، ڪر ور ويچاريءَ جي.
25
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪوڙين آهن ڪوهه؛
مون کؤن جهاڳڻ نه ٿين، رُڪؤن ڏاڍا روهه؛
تنهنجي پُڄان توهه، نا ته ناهم حال هلڻ جو.
26
ڪاف ڪشالا ڪيترا، آهن جال جبل؛
لهه ڪميڻيءَ ڪَل، ٻاروچا ٻاجهه ڪري.
27
ڪاف ڪشالا ڪيترا، دقت اؤن تصديع؛
اَچي پَهچج پِي، مون هن نماڻيءَ تي.
28
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪڏهن ڪين ڪيام؛
سلهاڙي ساٿ سان، کڻي هوت ويام؛
ووڙڻ وڻ پيام، قسمت سانگي ڪيچ جا.
29
ڪاف ڪشالا ڪيترا، مارڳ مٿاهون؛
ڇوريءَ کي ڇپرين، ڇڏي وئين ڇاهون؟
توکي ڪري سپرين، درد مند دانهون؛
تون اچج آڳاهون، ناته ٿي دوست دم ڏيان!
30
ڪاف ڪشالا ڪيترا، جِتِ جانارن جايون؛
غفائن غارن ۾، اُت بيحد بلايون؛
مانديءَ کي مارڻ لءِ، نڪتيون نِنايون؛
مون سِر تي سهايون، سڀ آريءَ سندي عشق ۾.
31
ڪاف ڪشالا ڪيترا، بَر وڏا بئبان؛
لانگها هِڪُ لَڪَن جا، ٻيا ڪوهن ۾ ڪُهدان؛
اڳيان ڏينَم ڪينڪي، هلڻ هي حيوان؛
آءُ آرياڻي اَڳوان، ٿرُ نه مون ٿيلهيو ٿئي.
32
ڪشالي مؤن ڪمُ، ٿوري ڏينهن مؤن ٿئي؛
سوز گداز ۽ غم، رهبر ٿيندو راهه ۾.
33
قدر منجهه ڪشال، مون تان لڌو جيڏيون؛
وڌي وِٿ وصال، يڪسان يڪايڪ کؤن.
34
موٽي آيس ماٺ ۾، تان ڪيو شوق شڪار؛
هَي هن نماڻيءَ کي، ووڙڻ ٿيو وڻڪار؛
طلب سين تڪرار، ڪشالي مؤن ڪم ٿيو.
ڪافي 1
پارؤن تان پِريَنِ، جيڏيون، اچن اهي اولانڀا.
تيلهان ترسين تار ۾، جيلهان محبت ناهي من.
ڪيئن چانگار چِڙن جي، ڪوڙي پيڙءِ ڪن؟
سڪ سچي جن ساهه کي، سي تارون نا ترسن.
ڪين اسان کؤن اَنهنجون، ڳالهيون ٿيون وسرن.
آءُ اسان جي پار ڏي، ٻيون تان ڏيئي ٻَن.
عشق ”سچو“جَن آهيئي، سي تان رؤءِ رَسَن.
ڪافي 2
ڪاڪيون مون ڏي ڪالهه، دلبر لِکيا دلاسا!
اِيندا اَڱڻ سي تانهنجي، جَن لءِ سِڪينءَ ٿي سال.
هاريون! هجر فراق جو، واريو ورق وصال.
سَرهو ٿيڙو ساههُ مون، لاٿؤن ڪُل ڪَشال.
ڪَرم ڪيائون پانهنجو، مُنهنجي نِي ڇاهي مجال.
تِرُ نه ماندو تون ٿِئين، لهندءِ ”سَچو“ سنڀال.
ڪافي 3
ديواني هِن جي دل ڪَيَوَ، ڪِو دوست دلاسو ڏيو!
تو ٻاجهَون سانول سائين، چئو ڪير ڪو پُڇندو ٻيو؟
توهون الاجي ڪيئن سائين، سو واعدو وسري ويو؟
گهُرجي سعيو تنهن جو گهڻو، جو پيش اوهان جي پيو.
ڪنهن کي ڏيان هِيءَ دانهڙي، هَي بِرهه بيراڳي ڪيو.
هَي هَي نِي ههڙو حالڙو، اَي يار تان توريءَ ٿيو.
هِيءَ ساهه منهنجي سَرير مؤن، هَي تان تنهنجي نازن
نِيو.
نِجهري نِماڻيءَ جي اَچي، هڪ ڏينهن پاءِ لالن
لِيو.
ڪيو ڪالهه هادي قول تو، مِڙني اڳيان مون سان اِهو.
هوندس ”سچو“ توساڻ آءُ، تو پِير ’عبدالحق‘ چيو.
ڪافي 4
عشق اکين نيئي لايو، مَستانن محبوبن سان!
سِر مٿي مون سَرتيون، وِرهي مينهن وسايو.
البت وينديس اوڏهين، پَلُ پاڙيچون نه پايو.
آءٌ ڪيئن ويهان ماٺ ڪري، سورن هٿ سِجهايو.
جا سيبايَوَ سَرتيون، ڳالهه اُهائي ڳايو.
حاصل آه حبيب جو، ”سچوءَ“ تي سڀ سايو.
ڪافي 5
مون کي مِهڻا ڏئي، مَرُ ڪا پارؤن پِرينءَ جي!
هيءَ تا حبيبن ري، پيالا زهر ٿِي پئي.
ڏوڙو ڏک مون پرائيو، هَي دوست جي وئي.
روز پرينءَ جي پار ڏي، مون کي نينهن ٿو نئي.
سارو ئي ڪم ”سچو“ ٿيو، پُٺيءَ دوست جي پِئي.
ڪافي 6
پائي ڏوهه پنهنجي اندر ۾، آءٌ دوست تو در آئيان!
راتو ڏينهان پنهنجي روح ۾، تنهنجا سوين ڳڻ ڳائيان.
ڏٺ ڏوراپو ٻُڌي، آءٌ پلؤ توکي پائيان.
زاريون ضعيفيءَ مؤن ڪري، پرين توکي پرچائيان.
جا تو پڻي پيزار جي، ساکهه لِڱن کي لائيان.
سڀ ڳالهه پنهنجي سِرَ جي، توکي ”سچو“ سمجهائيان.
ڪافي 7
وڃي شال ڏسان، پنهون، تنهنجو ڪيچ واليءَ وسايو!
اَديون اوٺارن کي، آيل، رتيءَ منجهه رسان.
ڪاڪيون ڪوهيارل کي، آيل، پُڄِي شال پسان.
وندر جي واٽن تي، آيل، گوڏن ڀر گسان.
هاريون هوتياڻن جي، آيل، ويڙهي منجهه وسان.
وڃي ڪيچ وڻن ۾، آيل، هوتن ساڻ هسان.
”سچو“ سپيرين سان، آيل، ڪنديس چاهه چَسان.
ڪافي 8
ٿيون ورڻ جون وايون، يار سانگيڙي جون!
هٿ پانڌيءَ جي، پارؤن پرينءَ جي، اهي سي خبران
آيون.
ڪُونجان هزارين ڪيچ وڻن ڏهون، اسان ڏي يار
اُڏايون.
اَڱڻ اُهوئي اسان پرين جو، شل جدا نه هونديون
جايون.
ڪيئي ڪتابتان پنهنجي اَچڻ جون، مون ڏي سي هوت
هلايون.
ناهن ڳالهيون هي ڳَر هَڻ جهڙيون، ”سچو“ ري سوز
سَلايون.
ڪافي 9
هاڻي ڪنهن سان ڳَرهيان ڳالهه، هاريون، پنهنجي حال
جي!
پرين نيندا پاڻ سان، ڀينر، پنهنجي ڀال.
ڪرڻ عرض عجيب کي، منهنجي ڇاهي مجال.
ڪندي پورهيو ڪيچ ۾، جي نين نماڻي نال.
ڪافي 10
منهنجي ساهه سڄڻ کي ساريو،
مون کي ڳالهه تنهين جي ڳاريو.
هوءِ هوءِ هوءِ!
اَديون آرياڻن جي، وڃي توڏن تونگِ تنواريو.
مون من گڏي گوندرين ، ڪيچي ڪيچ قراريو.
هِهڙن هوتاڻن کي، وريتيون نه وساريو.
جيءَ سَچوءَ جو سرتيون، سندن عشق اُجايو.
ڪافي 11
ڇَپَر تا نه ڇڏيندين، ڀلوڙي، پنهل يار!
پاڻ سڃاڻي پانهنجو، گولي ساڻ گڏيندين.
اڱڻ آسروند جي، آرياڻي تو ايندين.
اهو اٿم آسرو، نال نماڻي نِيندين.
پکا پکن سامهون، اوري شال اڏيندين.
سڪ ۾ سور ”سچوءَ“ کي، بلوچا، بخشيندين.
ڪافي 12
گهوريو هي ته ڀنڀور، مون سگَ ٻاروچن سان!
مَرَڪُ تان معذورِ کي، سندو هوتن هور.
راتيان رئان وڏڦڙا، ڏينهن ساروئي ڏور.
آهي آرياڻيءَ جو، ديوانيءَ کي دور.
”سچو“ ڳالهه اُنهيءَ جي، شوق مچايو شور.
ڪافي 13
ديس اسان جڙي آيو،
ٻڙيون، ٻاروچو؛
مولا سو آڻ ملايو!
اَچڻ ٻاروچي جي ڪل نه اُن کي، تيلهان، ٿيون ورهه
وسايو.
ويڙهي اوهان جي وسي ٻاروچو، پري ڇو پنڌ پڇايو؟
اڱڻ اوهان جي آهي سدائين، گهوري تان پاڻ گهمايو.
آءٌ نماڻي عيبَن هاڻِي، پاڻَ پرينءَ پرچايو.
پنڌُ ويٺي يار ”سچوءَ“ جو، ڪيو سو هوتَ سَجايو.
ڪافي 14
اَچن ٿا پرين اَچن ٿا،
سِل ڪي ساٿي، اَچن ٿا؟
طرف اسان جي هين تياري، پَههَ اڃا ڪي پَچن ٿا؟
اديون آتش عشق جا، من ۾ مچ مچن ٿا.
پَسڻَ ڪارڻ پرينءَ جي، نينهَن وارا هِت نَچَن ٿا.
”سچو“ سُورهيه ڪيترا، رنگ انهيءَ ۾ رچن ٿا.
ڪافي 15
اها ڳالهه سڄڻ تنهنجي، ڪنهن سان آءٌ تان ڪريان؟
اوهان ٻاجهون سپرين، ويٺي هِت ڏکڙا ڏريان.
هي سِرَ سارو ساهه سان، آڏو تنهنجي دوست ڌريان.
وِرههَ اوهان جي هت وساريا، پاڄاڻن کي پنڌڙا
پَريان.
دوست اوهان ريءَ ديس انهيءَ ۾، سورن جاٿي سڏڪا
ڀريان.
”سچو“ چوي سپرين، تنهنجي صورت ريءَ ويٺي سور
تريان.
ڪافي 16
منهنجو هوت پنهونءَ سان، نينهڙو لڳو!
پَرو پِيڙم پاڻ مون، ڀينر ڙي منهنجو ڀول ڀڳو.
ٻيائيءَ جو بند پيو، ڪاڪِيون ٽوڙيو عشقَ ٽڳو.
مون کي اوڏنهن آئيو، سرتيون سندو وِرهه وڳو.
پرين ”سچو“ آهي پاڻ سان، جيئن سُئيءَ منجهه سَڳو.
داستان نائون
1
باري بِرهه بلوچ جو، رڳوئِي راحت؛
ساريان سا ساعت، جا هيڪَندَ هُيَس هوت سان.
2
باري برهه بلوچ جو، آههِ مَٿَمِ مَحڪُم؛
سندو دوستيءَ دمُ، ڇڏيان نه ڇن ڪهين.
3
باري برهه بلوچ جو، آههِ نسورو نورُ؛
راتو ڏينهان روح ۾، مُحبَن جو مَذڪور؛
وڃڻ آهه ضرور، ڪاڪِيون ڪيچيڙن ڏي.
4
باري برهه بلوچ جو، هِيڻِن جو همراهه؛
روح مَنجهارون راهه، ڪاڪِيون ڏسي ڪيچ جو.
5
باري برهه بلوچ جو، سَدا مُون شامل؛
ڪيچ ڌڻي ڪامل، مون کي پورَ پَسائِيو.
6
باري برهه بلوچ جو، اونداهيءَ اوجَرُ؛
ساٿي آهه سَڀَر، سو نه ڇڏيندو ڇَپَرين.
7
باري برهه بلوچ جو، اديون سِر آيوم؛
چاهُون چُمي تنهن کي، چشمن تي چايوم؛
ورهه وسايوم، نينهُن پنهنجي نِجهري.
8
باري برهه بلوچ جو، تَنَ کي تَقويت؛
سنديءَ سورَ صِفَت، پُڄين نه پَر ڪَهِين.
9
باري برهه بلوچ جو، هاريون هِدايَتَ؛
ڪَندو ڪفايَتَ، پاڻون ڄاڻِي پَنڌ ۾.
10
باري برهه بلوچ جو، سارو سعادَتَ؛
هيڻن حمايتَ، ڪاڪِيون آهي ڪاف ۾.
11
پِريان سَندي پارَ ڏي، پَنڌُ عجائِبُ آهه؛
گهوري سِرُ گهُماءِ، مٿي در دوسَن جي.
12
پَنڌُ عجائِب پِرينءَ جو، سَندو پيرَنِ ناءِ؛
هِنئين ساڻ هَلاءِ، پاڻ پَنهنجو پِرينءَ ڏي.
13
پنڌ عجائب پرينءَ جو، آهه هلڻ سان حال؛
نڪا قيل مقال، ٻي نا جُڙي اُتهين.
14
پنڌ عجائب پرينءَ جو، خاصو ساڻُ خيال؛
فِڪر سان في الحال، وڃي پسندينءَ پرينءَ کي.
15
پنڌ عجائب پرينءَ جو، سِسِي پيرَ ڪرڻ؛
اِنهينءَ ڌيان ڌرڻ، آهي قدم ڪيچ ڏي.
16
پَنڌُ عجائِب پِرينءَ جو، ”مان“ سان ڪين هلي.
سائِي چاهه چَلي، جنهن ”مان“ ڇڏي وچ ۾.
17
پَنڌُ عجائِب پِرينءَ جو، هلڻ هڪ نظر؛
پاڙيچي ڪنهن پَرَ، اهو خيال کڙو رهي.
18
پُٺيءَ هوت پنهونءَ جي، هيءَ ويچاري ويندي؛
سڄڻن نه سينڌي، آءُ تان آهيان جيڏيون.
19
پُٺيءَ هوت پنهونءَ جي، هيءَ ويندي ويچاري؛
ضعَيفه زاري، ڪندي در دوستن جي.
20
پُٺيءَ هوت پنهونءَ جي، هاڙهي ڪي هلنديون؛
سور وڃي سَلنديون، ڪَشالا ڪافن جا.
21
پُٺيءَ هوت پنهونءَ جي، هاڙهي هلنديون سي؛
جَتَن اُتون جي، سِرُ ڪرينديون صدقي.
22
روئ هارج رَتُ، هَي هَي هوتياڻِن لءِ؛
تنهن پوءِ جيڪس جتُ، مٿان تو هٿ ڏئي.
23
راهين هارج رَتُ، ڪاڪي ڪيچيڙن لءِ؛
هو جو ڏونگر ڏاکڙو، ماري پڇج مَتُ؛
ڏاڍيون مهٽان مِير جون، جهلي ڪج جَهَتُ؛
ته پاڻون ڄاڻي جَتُ، ٿئي رفيق رُڃُن ۾.
24
اُهي زورئون زور، جي تو محبت من ۾؛
ڏونگر ڏوريون ڏور، ههڙن هوتياڻن لءِ.
25
هَنجون رتُ هاريج، تان روهن کي رهسو ٿئي؛
وار نه وساريج، ههڙن هوتياڻِن کي.
26
هاريون نه هارين، آرتو اَکڙين مَؤن؛
تون ڪيئن وسارين، ههڙن هوتياڻن کي؟
27
آهي روح رتِي، مون سين مون پِريَن جي؛
هڻان لَڪَ لَتِي، ههڙن هوتياڻن لاءِ.
28
آهي ڪا نه اَٽَڪَ، آيل، عِشق وارئين؛
هڻان لتي لَڪَ، ههڙن هوتياڻن لءِ.
29
وؤڙيندي وڻڪار، ٻَڌي سَندرو سچ جو؛
پنڌ اڙانگا پَٻَ جا، قابو نه ڪوهيار؛
آهي رئڻ زارو زار، ههڙن هوتياڻن لءِ.
30
گولِن گڏ گَڏيان، پاڻ پنهنجو ڪيچ ۾؛
پَلَؤ تان نه ڇڏيان، هَهِڙن هوتياڻن جو.
31
گولِئين گَڏيندي، پاڻَ ڪميڻي ڪيچ ۾؛
ڪنهن ڇَنِ نه ڇڏيندي، هَهِڙن هوتياڻن کي.
32
گولئين گڏيندياس، پورهئي ڪارڻ پاڻ کي؛
پنهنجي تان پِرينءَ کي، ”سائين“ سَڏيندياس؛
ڪنهن ڇَنِ نه ڇڏيندياس. هِهڙن هوتياڻن کي.
33
هارِيون ٿيس نه هيئن، جو ننڊ نماڻيءَ نه ڪَئي؛
ٿيان پيراڍو تن جِي، جَت ويڙم جيئن؛
ڪاڪِيون ڙي آءٌ ڪيئن، هِهڙو هوتُ وساريان؟
34
سَوين ڳُڻَ سندانَ، مان ٿِي ساريان سَرتيون؛
سِگها ٿيندا سُپرين، مون تي مهربانُ؛
ويهان ڪيئن ماٺ ڪري، جيءَ مٿي جَولانَ؛
آءٌ ڪيئن ۾ اَرمانَ، هِهڙو هوتُ وساريان؟
35
موٽِي ايندَم شال، ٻاروچو ٻاجههَ پئِي؛
اَٿَم آريچن ري، جيئَڻ منجهه جَنجالَ؛
هَي هَي منهنجي حال، ههڙو هوت وساريان.
36
جان جان يَڪا يَڪ نه ٿيان، تان تان ماٺ نه مُون؛
”چِرا“ ۽ ”چُون“، برابرَ ’بي چؤن‘ ٿئي.
|