ڪافي 1
سالِڪ راهَ سُڃاڻِي، پاڻَ نَظر ۾ آڻِين،
جاءِ نَظَر جِي آهِين اَصلَ کَؤن، يارَ
يَقيناً
ڄاڻِي،
پاڻَ وڃائج نُور نَظَر ۾، تَه وسرئِي بِي آکاڻِي،
فنا کَؤن اَڳي بَقا نَه ٿِيندين، جِيئن پارو ۽
پاڻِي،
صورتَ مَنجهان ٿِي بي صورَتَ، وِچؤن گرَد اُڏاڻي،
هادِيءَ حقيقَتَ هيءَ سَمجهائِي، ”سَچو“ ساهَه
سيبَاڻِي.
ڪافي 2
لَؤن اَچِي پاڻ لاَيوَ، ناته مون کي ڪَل نه هوئِي،
اصلَ لاڪوُن عِشق لائِڻ جِي، ڳالِهه اِها خوش
آيَوَ،
دَردَ فِراقِ جي ڏِنيو اَمَانت، اِها سانَولَ
سيبايوَ،
عَرشَ ڪَرسِيءَ جا ڪِين قبولِي، اُها اسان ڏي هوت
هَلاَيَوَ،
ڳالِهه پُرجهَڻ جهڙي نا هُئي، پاڻَ سَڄَڻَ
سَمجهايَوَ،
ڏينهَن اُنَهيءَ جي، يارَ ”سَچوءَ“ کون، سچي
ڳالِهه سَلايَوَ.
ڪافي 3
تُنهنجو دَردُ اصلَ کَؤن اِختيار ڪَيوسين، ميان،
تُنهنجي سُخنن سَچَن اُتي اِعتبار ڪَيوسين، ميان؛
ڪِي ٿا پُڇَن پِرينِ کي، ڪُرسِيءَ يَا عَرشَ اُتي،
تُنهنجن اِکِن مَنجهان سُهڻا اِسرار ڏٺوسين، ميان؛
ڪي تا تابع تجليّ يا شُعلِي نوري يارو،
اسان صورَتَ هِن ۾ تادِيدارُ ڏٺوسين، ميان؛
تنهنجو حُسن ٻِنَهي جهانين، يار سَڄڻ سَهِي
ڪيوسين.
تُنهنجي سچيءَ ڳالِهه هِنَ تي اِقرار ڪيوسين،
ميان؛
هو جو ڪَيَڙُوَ مون سان، سو پانهنجو وعدو پاڙيو،
سِر ساهَه صدقي صدبار ڪيوسين، ميان؛
”سَچو“ سَگ دروازه آهي، روز اَزلَ کَؤن، ميان،
تو پِيرَ عبدالحُق جو پيزار ڪيوسين، ميان؛
ڪافي 4
وڃِي اُکيون ڪاٿي لايَئي،
حالَ حقِيقتَ جي سان؛
فِڪر اِنهِيءَ ۾ ميان ٿِي فنا تون پاڻَ پَنهنجو
ڀايُئي.
اِهڙيون ڳالهيون سُڻ ري عاشِقَ، سارو سو عشق
وڌايُئي؛
محبت وارو دل جي اندر، ڏاڍو ڪو مَچُ مَچايَئي؛
کَنيئي پَلڪ ۾ پاڻهي، ڀُولي ڪَنهن نه ڀُلايُئي؛
جي ٿِئين عاشِق يار ”سچو“ ري، اِئين سو عِشقُ
ڪَمَايُئي.
ڪافي 5
ڪَلَ نَه پَونَدي ڪائِي،
عَجَب جيهي اسرارُ اُنِهيءَ جي.
هُئي حلاجَ ذرو سُڌ سِرَجِي، تَنهِن سِسِي ڪوڏَ
ڪَپائي؛
لاهي حِجابُ حجابُ وڌائِين، هِيءَ حِرفَتَ يارَ
هَلائِي؛
”سَچو“ سوئِي صاحب آهِين، پر سڀ ۾ ذات سَمائِي.
ڪافي 6
جِهڙو هيءُ عجائب آهِه،
ناهي عجب ٻيو ڪو اِهڙو؛
هيڏي هوڏي نه ڏسين، مُنهُن پاڻيءَ ۾ پاءِ،
پوءِ تصور هن ۾، ٻي بازي ڪا نه بناءِ؛
اکيون پَٽي جي ڏسين، هادي آهي هَر جاءِ؛
”سَچوءَ“ سارو سچُ چيو، هيءَ رمز دل ئي سان لاءِ.
ڪافي 7
اِهو ڏاهيون ڏَس آهه،
سانول اِتي وسي ٿو؛
ڦولهي لَهج پاڻ مؤن، پَري نه پيرا پاءِ،
دائِم آهي دوستَ جِي تُنهنجي جيءَ ۾ جاءِ،
ڪَنهِن جي ڪارڻ ٿِي ڪَرين، هاري ڙي هاءِ هاءِ،
سوئِي ڏسندڙ، سوئِي سُڻندڙ، پاڻَ ئي ڳالهيون ڳاءِ،
سارا ڏونگر ڏورئين، ڪاڪِي ڙي ڪَنهِن لاءِ؟
”سَچو“ وڏو ساهَه کَؤن، ڪير چَوي تا ناءِ!
ڪافي 8
هِي ڇَڏيج هو وٺيج.
متان ڪا ٻِي ڳالِهه پُڇيج.
دئيءَ واري دامَ کَؤن، پهريون طالِبَ پاڻ ڪَڍيج.
مُرشِدَ جِيئن فَرمائِيو، واقف سو تان ڏَسُ وَٺيج،
سِر سَهِي ڪَرِ پانهنجو، ٻئا آڏاڻا ڪيِم اَڏيج.
لاري لڳُ نَه ڪَنهِن ٻِئي. عاشِقَ اِنهيءَ پَنڌ
پئيج،
ويسَهُه واريءَ واٽ تي، ”سچو“ ڙي تُون سِر سَٽيج.
ڪافي 9
پاڻَهين پارؤن يارَ، قاصِدُ مون ڏي اَڄُ آيو!
اَچَڻ سَندي اُن جي، اُٿِي ويا آزارَ،
ٿورو ڪيڏو تَن لايو.
ڏنا دلاسا دل کي، رهبر راتَ هزارَ،
سَندن روحَ جو رايو.
هيڏي هوڏي نَه وڃي، اَچج ۾ اِعتبار،
محبت مِڙيوئِي مايو.
اَچڻ جا مَحبوبَ ڪَيا، پَڪا قولَ قَرارَ،
”سچو“ توڏي هَئُنِ سَعيو.
ڪافي 10
ڀَلِي ڪَري آئين، هِت تُون گهُرجين يارَ!
هِت تُنهنجِي گهُرَ گهَڻِي هُئِي، دوست مِٺا
دلدارَ!
جاڏي تاڏي جَلوو تُنهنجو، عَجب تُنهنجا چَمڪارَ.
هِي ڀي، هو ڀي هِڪُ، ديسُ تنهنجو، چَئِين ڪُنڊين
چوڌار.
اُچِي ٿئين هِڪُ ”سَچوءَ“ سان، لاهي ٻيائِيءَ
بارَ.
ڪافي 11
عاشِق مَرندا ڪِينڪِي، رهندا ڪِينَ مَڪانَ ۾.
ديواني درياءَ جو، پِيتئون پيالو پُر ڪَري،
اَجر مَنجهه اَمر ٿيا، اُهي گڏيا ڪِينَ جهانَ ۾.
غيبَ ۾ جي غَرق ٿِيا، تَن گهاء گرَدَن ۾ لڳا،
ٻولِي ٻولن ٿا ٻِي نڪا، اُهي رَهن ”الاَمانَ“ ۾.
ڪيئِي پَڙهندي سالَ ٿيا، روزا نمازون نَفل نِي،
تَن ڪُٺَن ڪَلَ ڪانه ڪا، باطونَ جي بيانَ ۾.
چِين ولايت گهر ڪَري، گهَڙِي گهارن ڪيِنَڪِي،
پَسَن هادِي حَق کي، رهن ٿا بئبانَ ۾.
هَردم آهي دم دوستَ ڏي، اهي سُونهن ٿا سَرانجام ۾،
سو ”سچوءَ“ کي ئي مليو، هي گُر اچي ته گِيانَ ۾.
ڪافي 12
ڪِيئن وساري تو ويهون ويهون،
پِريان سَندي پارَ جِي، ووميانَ.
ساههَ سَنيون تان يادِ ڪَيون، سي آهِن عجائبَ
جيهونُ جيهون.
ڪهڙيين ڳالهيين عاشِقَ اُسان کي، ڏک ڏوراپا ٿو
ڏيهون ڏيهون.
اِهي عتابَ تون رکين ٿو ڪيها، پکي اسان جڙي پيهون
پيهون.
هن پڄاڻون متان اسان تي، ڳالهيون رکين تون ايهون
ايهون.
”سچو“ اسان جوتون، اسين تنهنجا ڳالهيون ڪرين ٻيون
ڪيهون ڪيهون!
ڪافي 13
آءُ ڪانگا ڪَر ڳالِ.
آهِن ڪيهيون اَسان جيون ڳالهيون.
مون سان ڪَري جي ڪالَهه وئين، اُهي تان وعدا پال.
هِنَ غريب سان پِرين گڏائِج، بِرهَ ڪِيسَ بيحال.
هيڏي اچڻ جِي هُئِي اُنهن کي، ڪا تان قيل مقال.
ٻاجهه پَويئي وي ٻاروچا، نِج نِماڻي نَال.
يار ڪَرن تا هُتِ توئي، کي وجههُ نهَ جيءُ جَنجال.
”فاذکُرونِي اذکُر کُم“، پَئين تُون ڪيهي خيال.
قولَ پِريِنءَ ڪَيا جي تو سان، سي تا سَڀ بَحال.
دل ٻُڌل آهي توءِ پِريَن جِي، ”سچو“ تُون پاڻُ
سَنڀال.
ڪافي 14
پاڻَ پُنهون آءٌ آهِيان،
اڙي ڀينَر ڀُلِي ناهِيان.
ٿِيو ٿِيون مُنڪِر ڳالِهه اِنهيءَ کؤن، چَو تڏهِن
ٻيو ڇا هِيان؟
ڪيچ ڀنڀور ڀِي وسَنوَ اسان جي، ڪَهڙي طرف آءٌ
ڪاهيان؟
هَر ڪو چَوي تا سَهسِين عاشقَ، نانءُ پاڻ ئِي تؤن
لاهِيان،
هِت هُت آهي صورتَ منهنجِي، ٺاهه نه ڪو ٻيو
ٺاهِين.
پَنهنجو پاڻَ ئِي سان يارَ ”سَچو“ ڙي نِينهُن اِهو
ئي لايان.
ڪافي 15
مَحبوبُ مِٺو آهي مَنَ ۾،
معشوق مِٺو آهي مَنَ ۾!
بيفائِدو بازار گهُمين ڇو، اَٿَئي بُلبُل باغَ
بَدَن ۾؛
ٻِيائِيءَ سان ٿو ٻاهر ڳولين، نه ٿِئي بَرَ بَحرَ
۽ بَنَ ۾؛
چِهرا چوريءَ چليو ڏسين ڇو، اُٿئي سو چاند چَمَنَ
۾؛
زلفَ زنجِير کَؤن زاهِدَ ڀَڳا، اُهي ظاهِر پَرَستَ
ظن ۾؛
عاشِق سَوين اَحوالَ ۾، اَکِن اَنَاحَق اَنَ ۾؛
سَت زيورَ سينگارَ ڪَري نِي، دوست آيو درسَنَ ۾؛
”ڪُل يَوم، هُوَفِي شَانِ“؛ آيو ورنههَ هر ڪَنهِن
ون ۾؛
دلبَرَ ديرو دائم دل تي، ڇو ديکين درپَن ۾؛
ڪري ٿو آهُون ڪِينَ سُڻي ٿو، اَٿَئي قُدسِي ڪلام
ڪنَ ۾؛
مُرشد ڪامِل سانولُ سُپرين، آيو صاف صَحَن ۾؛
فيض ”فاروقِي“ فائَقَ بَخشيو، فهماي هِنَ فَنَ ۾.
ڪافي 16
سِگهَڙي لهج سَنڀالَ،
هادي هِنَ جي حالَ جِي،
ڪوتُهه ڪَريو قالَ کي، آڻي ۾ اَحوالَ؛
سگهو موٽِج سُپرين، توريءَ ڪَيَم ڪَشالَ؛
فنا ڪَريو فِراقَ کي، ويجهو ڪريو وِصال؛
گهڻا لايوَ ڏينهڙا، ماريَس هِنَ مِثَال؛
اَوهان ٻاجهوُن سُپرين، هِهڙا ٿِيڙم حال؛
اُڱڻ هِنَ جي آءُ تون، ”سچوءَ“ مَڃ سوال.
ڪافي 17
زاري ڀينَر زاري،
اڳيؤن عَجيبَن جي آهي اسان جي!
روز اَزل کَؤن عاشقَن جِي ، سُوريءَ تي هسواريِ،
شاه مَنصور حلاج حُسَينِي، سُوري ڪِيئن سينگاري.
هِيءُ ٿئي گم اهو ٿئي ظاهِر، چُپ چُپان چوڌاري.
”سچو“ ساهه سِري ڪر صدقي، سَرسُ وٺين سَرداري.
ڪافي 18
ٿو دوستِيءَ جو دمُ هَڻين، پَر ڪِيئن ڪُسِي قربان
ٿئين.
مَهَند مَنصُوريءَ جي تُون، مَنجهه مَعرڪي مَردان
ٿئين.
وري صحِي ”اَنَا سِره“ تَنهِن اسم مَؤن انسان
ٿئين.
جي تو پوي سُڌِ سور جي، حيرتَ انهيءَ حيران ٿئين،
نعرو ”اَنَاالحَقُ“ جو هڻِي، ٿِي مرد سر ميدان
ٿئين.
جي دم سُڃاڻين پانهنجو، تُون دين، تون ايمان ٿئين.
هِي پَنڌ سو پُرزا ٿئي، جي نينهن جو نيشان ٿئين.
”سچو“ يَڪايَڪ، يَڪ ٿئين، تون شمع، تون پروان
ٿئين.
ڪافي 19
مين ماهِي دي لڳِ ماري،
ماري آئون ڦِر جياري.
چونديسَ پيش پِرينءَ جي، حال حَقِيقتَ ساري.
جا نالو وٺَندي نِينهَن جو، تَنهن کي اِيندي شَهَر
نِڪاري.
دم نهَ رهندي دوستَ ري، شوَقُ سَندو شِڪاري.
مَستَن کي محبَتَ جي، آهي ڳِچيءَ ۾ ڳاري.
جي اَول ماريو پوءِ جيارن، تَنين گُڏ قطاري.
چَڱِي ٿِيَڙس چِت ۾، دوستَ ڏني دلداري.
”سچيڏني“ کي عِشق جِي، صاحِب ڏي سَرداري.
ڪافي 20
عاشَقَ ڪَيَئي اُداسِي،
وهَ واه ڳالِهه خاصِي.
اَؤن اَؤن منجهه روز ازل کنؤن، آهي وِرهه اَوهان
جي واسِي.
”عشق نار احِتَرق“ سُڻِي اشارتَ، هيءَ دل تاڪِينَ
هِراسِي.
هيڏي هوڏي ڪين وياسي، بات اِها اسان باسِي.
برهَه اوهان جي ڪِيو بيراگِي، ”سچو“ رنگ سَناسِي.
ڪافي 21
هُت تاڪير هُياس، ڀَلو ميان، ٿِي آيس ڪير، نه
ڄاڻان.
نانءُ ٻيو هُت هو منهنجو، سائين الا، هِت ٻِئي
نانءَ ٿياس.
اچڻ نَه هو هِت مُنهنجو، سائين الا، پَرَ ڪَنهِن
تان خواهش کنياس.
هُت هُيَس مَعشوقيءَ ۾، سائين الا، هِت عاشِق ٿِي
اَياس.
هَي هَي هُئِي ڪانه ڪا، سائين الا، هِت مَنجهه
پَروڙ پياس.
”سَچو“ سارو سَچ ٿيو، سائين الا، وچَؤن ’آءُ‘
وياس.
داستان ٻيو
1
جي اچين تا اَچُ، نَه تَه هِت پُورَن پَڇاڙيو؛
محبَتَ ٻاريو مَچُ، سِيني مَنجهه ”سَچوءَ“ جي.
2
ڪِيم مَهِينا لاءِ، آءٌ، ڀلا ڀُلِي آهِيان؛
اَچِي اَکَڙيُون کَڻِي، ”سَچوءَ“ کي سَرچاءِ؛
جانِي جوڙيَم جاءِ، تو لڳِه اَکَڙيُن ۾.
3
چَشمَن جِيءَ چمَڪارَ، ساهه مُنهنجو سوگهو ڪِيو؛
ويهي واٽَڙيُن تي، رُئان زارو زار؛
هوت آچِج هيڪار، اڱڻ آسروند جي.
4
ماٺ ڪريان تان مُشرڪ ٿيان، ڪُڇان ته ڪافِر؛
اِنِهيءَ وائيءَ وَرُ، ڪو سَمجهي ”سَچيڏنو“ چوي.
5
روئَڻ کان نه رهن، اَيَل اِهي اَکِيُون؛
سڀڪنهن ويل وهَن، اَٿن اَثر اوهِيرن جا.
6
لَحظو نهَ لاهِين بارَ مَٿَن بَرسات جا؛
اکين کي آهِين، اَثَر اوهِيرن جا.
7
بادلَ وارا بارَ، چشمَن تي چڙهيا؛
رئن زارو زار، اَٿَن اثر اوهيرن جا.
8
آئي نِي مُند مِينهَن، آهي اَکڙين کي؛
رئن راتو ڏينهن، اَٿن اَثر اوهيرن جا.
9
آهِه اِها ئِي تاتِ، اَگم اَکڙين کي؛
ڏينهنَ آؤن رات، اَٿن اَثر اوهيرن جا.
10
آڱم اَکڙين کي، سدائين آهِين؛
سي ڪِيئن اوڳائِين، جن کي اَثر اوهيرن جا.
11
اکِين کي اَگَمَ، هِن سَدائين سَرتيون؛
ڱوندر گڏيون غَمَ، اٿن اثر اوهيرن جا.
12
لايون پِرت پَسن، آئون اَگم اَکِن ميڙيا؛
سي تان ڪِيئن نَه وسَن، جن کي اثر اوهيرن جا.
13
ڏسن ۽ رئَن، اِها عادت اکين کي؛
سي سرهُوِن شالَ هُئن، جن کي اثر اوهِيرن جا.
14
آهي ريجهه رئڻ، اَيَل اَکڙين کي؛
هُئي تَن هُئڻ، جن کي اَثر اوهِيرن جا.
ڪافي 1
آءُ ته ’مان‘ ’تون‘ وَڃي، يارَ،
ٻِي ڳالهه ڪَر مَ ڪائِي.
ڳُجهِي ڳالهه هاديءَ واري دل تي دائَم،
فراموش ٿِي ٻي ورونهن وائِي.
بَحَر تي جا لَهَر لڳي ٿي،
اَسان پاڻ بازي اصل کؤن بَنائِي.
آهي هُوءِ حيرَت هَو جِي جِسمَ تي،
حَرفُ حَقَ جو آهي صورتَ سَڀائي.
لَٿو جهُڙُ جو هو نَظرَ ۾، ظاهِر ٿيو سِجُ.
ٿِي اَڄُ سراسَر سَهائِي.
آَهي ”سَچو“ سَچُ تحقيقَ ڄاڻين،
جنَهِن مَست ماريو دمُ خدائِي.
ڪافي 2
سچا سي سخن هاديءَ جا، يارو، اڄ ياد آياسي،
تَنِهن ڏينهَن لاڪُون اڄ تائين، اُهي ڊبرچشمِ
چاياسي.
ڪَيَو تان قولُ سائِين هي، مِڙن آڏو پَڪو مون سان،
هوندا سين دمبَدم تو سان، اِنهيءَ وعدي وٺاياسي.
ڏيو هِي تن طَاعَت ۾، گڏيو هِي جان جانان سان،
پَري ڄاڻيجو پاڻِيءَ کي، لاڙي هِن يارَ لاياسي.
روزا ڪيئي، نفل نِماز ان، توڙي سَو ورد وظيفا،
سَڀيئِي لَڳَ ظاهِر آهن، سبق ساڄن پَڙهَاسي.
پَئو جو خيال خاصي ۾، سڃاڻو پانهنجِي صورتَ،
ٻڌي، ٻولي ڏسي ٿو ڪير، فڪَر ٻيا سڀ ڦَلاياسي.
ويٺو مَنجهه بادشهه محلي، ٻولي ٿو ڪِيئن اُهي
ٻولِيُون،
اُهو بادشاهه اُهو بنگلو، نه ٻي ڀولي ڀُلاياسي.
جيڪي ڪيا دوستن مون سان، اُهي ڳڻ تان نَه وسَرن
ٿا،
هَئا گڏ جي حبيبن سا، چڱا سي دمَ لَنگهاياسي.
شڪر اَلحمدلله ٿو پڙهان لکَ بار شڪرانا،
اُهي پيهي پَکي آيا، جَنِين لءِ پَنڌَ پُڇَاياسي.
”سَچو“ سگ آهي دروازي ازل جي روز سائِن جو،
پَنهنجو سي ڪِيئن ڇَڏيندا هي، توڙي عيَن اُٺاياسي.
ڪافي 3
ڇو ڪَرين ٿو اَرمان،
جيڪي آهِين سوئِي ٿيندين!
اُتر اُڀَر اولَهه ڏکڻ، سَر زمِين ڇا اُهو آسمان،
پاڻَون ڄاڻِي پيرَ گهُمايَئِي، ٿي صورتَ ۾ انسان.
اُٿَڻ ويهَڻ ڄاڻِ اِهو ئِي آهي، ”ڪُلَ يَوم
هُوَفِي شَان“.
”ڪُلُ شَيءِ يَرجَعُ اِليٰ اَصلِہ“ قادرَ ٿيو
فرمان،
هاديءَ حقيقَتَ هِيءَ پُرجهائِي، ”سَچو“ تون
سُلطان.
ڪافي 4
بِرهه جي بازار،
جيڪا ڏسَڻ اِيندي.
جيڪا جو ڏسَندي تجلو تُنهِنجو، وهَندي سا ڪِينَ
قَرار؛
سودو جا ڪندي سِرَ جو، وهَندي ساڪِينَ قَرار؛
چَوسُولَ اَندر سُرخِيءَ مائِل، تيز گهُمي تلوار؛
جي ڪَنهنِ چَمڪو ڏٺو تُنهنجو، سا سِرُ ڏيندي
سَردار؛
”سچو“ اِنهيءَ سيرَ ۾، آهي ڪُسَڻَ جي ڪَار.
ڪافي 5
پانهنجا وعدا پاڙيا، سانولَ سائِينءَ!
هو جي ڪِيائون اصل اسان سان، سي قولَ تَه يار
وساريا؛
ڏينهن اُهي مون کَؤن تا نه وسِرن، جي مون گڏَ
گُذاريا؛
سُخن سَچائِيءَ يارَ سَڄَڻ جا، سي هِنَ ساههَ
سنڀاريا؛
اُنهن ڪارڻ شَهر بَحر هي، مون تان نِتُ نِهاريا؛
دوستَ ”سَچوِءَ“ جا دور هئا جي، سي واليءَ هِت
ورايا.
ڪافي 6
جو ٿو ڳولين يار، سو تان تو ۾ آهي!
ڏونگَرَ ڪيڏا ڏورئين، چَؤ تون ڪَنِي لاءِ؟
هيڏي هوڏي نه وڃين، پاڻَ ئِي ۾ مُنهن پاءِ؛
دل واري خاني ۾، سَندي جانِبَ جاءِ؛
اِهڙيءَ اوڏائِيءَ جي، ”سَچو“ ڪَلَ نَه ڪَاءِ.
ڪافي 7
سَل سوداگَرَ يارَ، ڙي مِيان،
ڪَهڙي ديسؤن آئين آئين؟
ظاهِر ٿِئين تُون وو اَچِي زمِينَ تي، کَڻِي
کَٿوريءَ بارَ؛
هَلِي اُتا هُون وو اَچِي اِتاهِين، هَنجين سو
پُوتَئي هَارَ؛
طَرحين طَرحين وو اَچِي ڪَيَئي هِت، صورتَ جا
سِينگارَ؛
شاهه آهين وو يا ته گُماشتو، لايَئي ڪَڍ قَطَارَ؛
اَچِي پياسي ووسُڻ ”سَچو“ ڙي، شوقَؤن مَنجهه
شُمارَ.
|