سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :21

ڪافي 2

ساڳِي مون تا سڃاتو،

اُهو جيڏيون يار منهنجو!

اَصل لاڪَؤن آهي انهيءَ سان، هن نماڻيءَ جو ناتو.

ته ڪو ٿِي ڪَري جوڳِي اِيندم، ڄاڻُ نه هِيئن مُون ڄاتو.

ڏسِي صورتَ ساري سُهڻِي، عشق اُنهيءَ سان مون لاتو.

هيءَ نماڻِي عيبَنِ هاڻِي، پيچ پاڻهي تَن پاتو.

سَهَو ”سچو“ ري ڏسي اَسان جي، چِتُ نه دلبر چاتو.

 

ڪافي 3

جِيجان زلفن واري،

اُنهيءَ ساميءَ مَن موهيو!

باه بِره جِي اَندر اَسان جي، ويو سو ٻَهڳَڻ ٻاري.

هِجر فراق ڀِي وو يار اسان کي، ڪُوڪان ٿو هِت ڪاري.

جوڳِي ڪِيَڙوُ جيءُ اسان جو، مونجهه اهو ٿو ماري.

اَچڻ سنديون يار اوهان جون، ”سچو“ واٽان نِت نِهاري.

 

ڪافي 4

ماري ويو ڪالهه رات،

سونهن ڀريو سوتا ساميَڙو!

راتو ڏينهان روح کي، طَلبَ تَنهن جي تات.

ڪينَ سُڃاتم سرتيون، تا ڪهڙي آهي ذات.

سور نه جهلڻ جِهڙو، هاريون ڙي هيهات.

اَٺئي پهر تنهن جِي وائِي، ”سچوءَ“ کي آهي وات.

 

ڪافي 5

جو هوم ورونهن وارو،

جيجان گڏيم سو تا جڳِيَڙو!

اَڳينءَ پوئِينءَ ڳالهه جو، خيالُ سَليائين سارو.

سُورن جي سوغات سان، آيو اوڏانهُن وڻجارو.

پَسڻ سان پيدا ٿيو، سيني مَنجهه ستارو.

صورتَ تنهن جِي سڦرِي، مَشعل مُنهن موچارو.

جُڙِي ويٺو جان ۾، بِرهه اُنهيءَ جو بارو.

آهي ”سچوءَ“ جو سرتيون، اِهو اکين جو اُجارو.

 

ڪافي 6

ڪهڙي ڳالِهيؤن يارَ، ڪِيتُئِي بيراگِي اسان کي!

درد منديءَ جي دل تي، باري چاڙهيئي بار.

اَصل کَون آرام وڃايا، جانِي تنهنجي جار.

مون کي يار جدائيءَ ماريو، آءٌ روئان زارو زار.

ڪيئِي داناءَ ديوانا ڪِيَڙا، تنهنجي حُسن هزار.

غمزي ساڻُ غلام ڪياسي، ”سَچو“ ري سردار.

ڪافي  7

هَي هَي هِن حالَ وي،

سَڳَر ٿيس نه سامِيڙن جي!

منهنجو آهي ڪم ڪاپڙين ۾، نا ته جوڳِي آهن جال.

ويمَ ويساهي نڪري، اُهي رات لانگوٽيا لالَ.

ڳوليان ڦوليان واٽڙين تي، جي ڪُهِي ويَڙم ڪالهه.

ڪاتَ اُتي ڪَنڌ اَڻ ڪَپاوڻ، لاهي جيءَ جنجالَ.

منجهه گوداوريءَ من گڏجن، جن جا خواب خيالَ.

راتو ڏينهان آهي هوتن جِي، ”سچو“ ساهَ سنڀالَ.

 

ڪافي 8

اُڏر پَکيڙا پار پرينءَ جي، خبر مون آڻي ڏئين، لا!

ڪِين ڏٺئِي سي سُپرين، واٽ تا ڪنهن ٻيءَ وئين.

پاڙي ويهي پِرين جي، وڃي تون واقف ٿِئين.

سُڌ سڀائِي مون ڏئين، جڏهن پاڻِي اَکين جو پئين.

سوز ”سچوءَ جو پاڻَ سان، ادا ڙي نازڪ نِئين.

 

ڪافي 9

عاشِقُ ڪِيتُئِي اُداسِي، وهواه ڳالهه خاصِي!

روز ازل ک‍ن لؤن لؤن منهنجي، واءَ ورهَ جي واسِي.

دلِڙي اسان جي سُهڻا سائين، پهريون ڪِيَئِ پياسِي.

هيڏي هوڏي ڪين وياسي، باسَ اِها اَسان باسِي.

بيخوديءَ مون باغ بهاران، خوديءَ کانءُ خلاصِي.

بِره آنجي ڪيو بيراڳِي، ”سچو“ رنگ سنياسِي.

سارنگ

داستان پهريون

1

مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان؛

بجلِي بادل سان، آهي جيئن سُپرم.

2

سارنگ سندا ساٺَ، سرتيون ساٺِڻَ آئيون؛

ڦيريو راڳن ٺاٺَ، وِڄُن ويس وَس ڪيا.

3

پورب سندي پار جا، ڪڪر ڪارونڀار،

وِڄُن ۽ وَڄڻ سان، چڙهن ٿا چوڌار؛

اُڀي کي  آبِيندي، لڌئون سِنڌُڙِيءَ سار؛

ساوا ٿيا سَنگهار، موليٰ سَنديءَ مِهرَ سان.

4

موليٰ سَنديءَ مِهَر سان، ساوا ٿيا سَنگهار؛

ڏَلهي ڇڏيو ڏُٿ سان، ڏوٿيين ڏِيار؛

ترايون تجل جون، ٿيون تارون تار؛

سَو راهين سنوارَ، صاحب سَڻائي ڪَئِي.

 

5

ٻَهه ٻَهه ڪندا آيا ٻيهر ٻَڪَروالَ؛

ڪڪرن جي ڪڙڪاٽَ کان، ويا ٽهِي مالَ؛

آهُن ۾ اچِي پَئِي، چونگن سندي چالَ؛

مندائتي منڊل ڪيا جر اُٺا جالَ؛

پَلَر سان پُسِي پيا، پنهوارن پَلال؛

جهُرِي پيون جهوپيون، جهانگيڙن اَجهَال؛

نَنگو ڪَج نه نِڌر کي، نِماڻن نَنگ پالَ!

جَنِ جا هِهڙا حالَ، تن پَرور پَت رکيج تون!

6

مِهرَ سَندا مِينهَن، شاهه وسائِين شَل!

جهُريَلَ منهنجي جهوپِڙي، بنا جهَلي جهَلَ؛

ڪاهِلِ تي ڪَهَلَ، ڪندين شالَ ڪريمَ تون!

7

وِڄُن وِکَ وَڌائِي، وَسَڻَ وَسُ ڪِيو؛

وَڄَڻ واڄا واه ڪيا، پَلُر پوءِ پَلٽيو،

”سَچا“ سائو ٿِيو، سڀڪو سارنگ آئي.

8

نازڪ سندو نِينهُن، آهي اِئين جيڏيون؛

پنهنجي رائِي ريج ڪَري، جيئن ساوڻ مِينهُن؛

راز رکي ٿو ريهُن، مَن ۾ محبوبيءَ جو.

9

راتاڪو ريهُن سان، رِڻَ ڪيائين ريجَ؛

پَٽَن مٿان پَلٽِيون، هِيرون مَنجهان هيجَ؛

بَرن ۾ بهارَ ڪئِي، گلزاريءَ جي گيجَ؛

”سَچل“ سارنگ سيجَ، سونهين ساوڪ وچَ ۾.

10

سارنگَ رنگَ ڪيا، پوياڙيءَ پَٽَن تي؛

ٻَڪَر ٻاٻَاڻن جا، پَلَر پِي ڍيا؛

ڏيهان ڏرت ويا، موليٰ سنديءَ مِهرَ سان.

11

عالم کي آگاهه، سارنگ ڪندو آئيو؛

گُڙَ جيئن گوڙيون ڪَري، ڪاهيون اَچي ڪاه؛

وايوءَ سان وارا ڪري، ٺاهيو اَچي ٺاه؛

وَسايائِين وَڏَ ڦڙو، واٽن تي واه واه؛

گلزاريون ۽ گاه، پَٽُن تي پڌرا ٿيا.

12

اَڄ پڻ پُورَبَ پارَ ڏي، ڪَڪَر ڪَڪوريا؛

سارنگَ سُرَ سُرائتا، ساجهُري سوريا؛

سُر منڊل ۽ سارنگيون، چَنگ چڱا چوريا؛

اُڀَ اُتي اوريا، طَبَلَ تارون تيج سان.

13

وسِي پيو وڏَ ڦڙو، ڀِنيون ڀِٽَ ڀرَيون؛

ڀَٽاريون ڀِٽُن تان، وٿاڻين وريون؛

کِيرن جون کَريون، چاڏيين ڏنئون چاه مان.

14

چاڏيين ڏنئون چاهَ مان، کيرن جون کَريون؛

وهائينديون سي آئيون، ٿَڻن مان ٿريون؛

ڀَٽاريون ڀريون، آيون وسائي وڏَ ڦَڙا.

15

والي وسائيج، درد منديءَ جو ديس،

پِرين مون پرديس، اُٺِي اِيندم اُوڏڙا!

16

مُندون موٽِي آئيون، جهُڙ جهجها جوٽيون؛

پَلَرَ ساڻ پُر ٿيا، پوٺا ۽ پوٺيون؛

پَسِي مِينهن مهر جا، ميهيُون اَڄُ موٽيون؛

چَريون اَچن چوٽيون، وٿاڻين ولَر ڪيو.

17

والي وري تو، وطن تي وسَ ڪرين؛

مِينهن وسندي مون، سڄڻ ساريم سُپرين!

18

ديسا ديس وسِي پيا، رحمتَ جا درياه؛

گلزاريون ۽ گاه، پوٺن تي پڌرا ٿيا.

19

سارنگ سعي ۾ اَٿِي، ”سچل“ سستِي ڇڏ؛

مٿان ايندءِ اوچتو، هاڻ نه مُڙندءِ هَڏِ؛

اَجهاپِي ڪا اَڏ، وسَڻَ کان اڳي وڃِي.

20

سارنگ سارِي رات، رڻن مٿي ريج ڪيا؛

پَکن پرڙا سوئيا، پِره ڦٽِيءَ پِرڀات؛

پَٽَن تي پڌرا ٿيا، گُلَ ڦُلَ ڀاتون ڀاتِ؛

وائِي سڀ ڪنهن وات، ”سچل“ سارنگ ساٺ جِي.

21

سارنگ صبح آئيو، گوڙيون ڪري گاجَ؛

هاري هَليا هاجَ، ڪُڙمين هَر ڪُلهي ڪيا.

22

ڀينر نا ڀانئيو، ته بوندنِ ڪَئي آ بَس؛

اِجهوڙِي آئيو، ورِي ويتر وترو.

23

اکين آب وهائِيو، سرتيون سارِي راتِ؛

وهائِن وڏ ڦڙو، پرچن نا پرڀاتِ؛

ڀينر کان بَرساتِ، اَکين اوتڻ سکيو.

24

هڪ وسَڻ ٻيو وڄَڻ، ٽيون لَهي پيو سِيءُ؛

جهوري وڌئين جهوپيون، ڇَن وڌائين ڇِيءُ؛

رنُن جو رڻَن ۾، واهَ وسيلو ٿِيءُ؛

حال جنين جو هيءُ، تَن پَرور رک پناهَ ۾!

25

اَول آنڌي آئِي. پويان جهُڙ جهَجهو؛

نڪو اول آسرو، نڪو اوٽَ اَجهو؛

ڏهيلين ڏجهو، تَن پرورَ رکي پناهَ ۾!

26

اَول آنڌي آئِي، پويان ٿي برساتِ؛

رعد جي رڙين ۾، ڀيڻي نه هُئِي باتِ؛

ويچارين ورن جي، وائِي هُيَڙي واتِ؛

مٿان وسَڻ هيٺان چِڪڻ، سيءَ مُيون سڀ رات؛

پِرهه ڦٽي پِرڀات، ڪڻڪان ڪانڌين گَڏيون.

27

اَڄ پوربَ پار ڏي، ڪَڪَرن ڪڍيا ڪوڙَ؛

صبح ويل سويلَ جو، سارنگ لاتِي سوڙَ؛

وڄن واڄا واه ڪيا، مينگهه ٻَڌ اَڄُ موڙ؛

لوڪان لاٿِي لوڙَ، موليٰ پنهنجي مهر سان.

28

اُتَران اوري، بادل بَرسِي آئِيا؛

سُرَ سُريلا سوز جا، سارنگ ٿو سوري؛

گهوري مان گهوري، اجهو اَڱڻ آئِيا.

29

اُتران اوري، ڪئِي چَمڪڻي چَمڪاٽ؛

اُتان ڪيائين اوچتِي، لس ٻيلي تي لاٽِ؛

منڊلَ ٿيا مَڪرانَ تي، گوڙن جا گڙگاٽَ؛

ڪَڪَرن مٿان ڪيچ جي، ڦڙڪِي کاڌا ڦاٽ؛

وري ورتَئون واٽَ، ”سچل“ سائي سنڌ جي.

30

سچلَ سائِي سنڌ جِي، وري ورتائون واٽَ؛

جهُڙ ڦڙ جهُلي آئِي، جهٽِڪو ڏيئِي جهاٽَ؛

وسِي پيا وڏَ ڦڙا، گهيڙ پُسائي گهاٽَ؛

لاٿِي اَڃ اُساٽَ، سارنگ سنگهارنَ جِي.

31

سارنگ آيو صبر ۾، بوندن ڪئِي بَس؛

رنگا رنگِي رسِ، قَزح ڪَڍي نيل تي.

هير رانجهو

داستان پهريون

 

1

ڇڏي ملڪيت مال، رانجهو رِڻَ چڙهي هليو،

قسمت ڪَيُس ڪنگال، نه ته حاڪم هو هزار جو.

2

حاڪم تخت هزار جو، قسمت ڪيو ڪنگال؛

مسڪينيءَ جو مردَ کي، خطرو نڪو خيال؛

محبت مستانو ڪري، ههڙو ڪِيَڙس حال؛

پُڇي جهنگ سيال، حُب نه تخت هزار جِي.

3

مالڪ اُنهيءَ مُلڪ جو، رانجهن مان راجو؛

الفت کان عطا ٿيو، ڏکن جو ڏاجو؛

عشق ڪَيم آجو، دنيا جي ڪُلَ دردَ کان.

4

مالڪ تخت هزار جو، رانجهو آءٌ راجا؛

ڪانِي مون کي قلب ۾،، قربَ هئين ڪاجا؛

ڏکن جا ڏاجا، لکيا هُيَم لوح ۾.

 

5

شاهِي هُيم شان، دلبر پنهنجي ديسَ ۾؛

اُتان آيس اوچتو، کڻِي سون جي سامان؛

ڇا منجهارؤن ڇا ٿِي آيس، اهو اٿم اَرمان؛

حيرت ۾ حيران، مون کي هِير هِتي ڪيو.

6

رانجهو هُيس راءُ، مالڪ پنهنجي ملڪ جو؛

اديون عشق انڌو ڪيو، پَيَڙم ڪِين سَماءُ؛

گُهورن ڪيَم گهاءُ، هِتي اَچِي هِيَر جي.

7

اَچڻ اوکو مون هُيو، هاريون آندم هِير؛

پنهنجي لِکِئي پاڻَ کي، پاڙڻ پَئي تقديرَ؛

ڪانه هلي تدبير، قسمت قيدالماءَ سان.

8

جوڳيا ويسَ ڍڪِي، لاٿم سڀ لباسُ؛

پَٽ پٽيهرَ بافتا، نپٽ ڪيم ناسُ؛

ڪيو نينهن نِراسُ، دنيا جي درد کان.

9

مون کي ماءُ ڪيو، چوچڪ ڌيءَ چريو؛

عقل هوش نيو، منهنجو محبت وارئين.

10

چوچڪ ڌيءَ چَريو، مون کي ڪيو ماءُ؛

پَيَڙم ڪونه سماءُ، آيل عشق انڌو ڪيو.

11

شاه هزارِي هوت کي، محبت ڪيو ميهارُ؛

عاشقن کي عارُ، ڪهڙو آهه قريبَ کان.

12

مور نه محبت کان مُڙان، هتي اَچِي هاڻ؛

ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، ڳئون چاريندس ڳوٺ جون.

13

ڳئون چارينديس ڳوٺ جون، ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ؛

اِهڙي روح رهاڻ، مَنَ ڀِي ميلي محب سان.

14

ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، ڳُليين ٿِيس ڳنوارُ؛

مون ملي يارُ، لهَنَ ڏولا ڏيل جا.

15

رنگ ندورو، کيڙو وجهان کوهَ؛

جهو منهنجي روحَ، سدا وسي ٿو سرتيون.

16

کيڙي نا ميڙي، موليٰ مون کي جيڏيون؛

جهَنگ سڄو جهيڙي، ته به رانجهن منهنجي روحَ ۾.

17

کيڙو وجهان کوهِ، نورنگ ندورو؛

دل اَٿم ديرو، هزارِيءَ جي هوت جو.

18

واحدَ شالَ وجهين، چڱي چوچڪ چت؛

پَرور رکين پَتِ، سدا سِڪَ وارئين!

19

ريجهي روح رانجهي سان، کيڙو کَپَڙتالُ؛

وِڌؤن وجهي وچ ۾، چوچڪ ڏسُ چنڊالُ؛

مادر مِهڻا ڏئي جهجها، جهيڙي جهنگ سيالُ؛

مٺو مون مِهوالُ، مون کان مور نه وسري.

20

هَر هَر ويٺو هِير جي، رانجهو ڏسي راهَ؛

ويٺو وڄائي وَنجهُلِي، چاهون تي چناهَ؛

سانڍيو وتي ساهَ، ”سچل“ سور سڄڻ جا.


 

ڪافي 1

جو جوڳي زلفن وارو،

سو سامِي مون تا ڪين سُڃاتو!

ڳَل ڪئي ڪفِني دست پَهوڙا، مشَعل مُنهن مُوچارو.

انگ ڀڀوت بنائي آيو، بيک پئِي وڻجارو.

ٻئي لباس ڪو رانجهو اِيندو، ڇڏي تخت هزارو.

سببَ اِنهيءَ کَون ڪين سُڃاتم، ماريو مُئيءَ لئه وارو.

”سچو“ سُڃاتو رانجهو آهي، جڏهن جمال سَليائين سارو.

 

ڪافي 2

جو اڱڻ پيهِي اَڄ آيو،

سو سامِي مون تا صحيح سُڃاتو!

بيراڳي جو بيک ڪري، تنهن ڪيڏو هنر هلايو.

سَر جهَٽائون جوڳِن واريون، تنهن لِڱين بسمو لايو.

مُرليءَ مست آواز اُنهيءَ جي، منهنجو روح ريجهايو.

رانجهو تخت هزاري وارو، موليٰ آڻي مِلايو.

عطر عبير اِنهيءَ جي ڪارڻ، مون تا مُشڪ مَلايو.

پياري هِي سِر پاڻون ڄاڻي، ”سچوءَ“ کي سمجهايو.

داستان ٻيو

1

لوڌي ڪَڍيائون لوءِ مان، رانجهَنُ رمزدار؛

جاٽي هليو جان تي، جوڳن جو جنسار؛

مُرلِي مَڻيادار، چوريون وتي چاهَ مان.

2

اَلستِي آواز ڪو، منهنجي ڪَن پيو؛

هِردي اندر هِيرَ جي، آهي ڪونه ٻيو؛

مُرليءَ مست ڪيو، جوڳيڙن جي جيڏيون.

3

ڪاريهَر قتِيلَ، گودين وڌا گودڙئي؛

مَنڊيو وتي مَنڊن سان، نانگ نسورا نِيلَ،

رانجهَن جي رسِيلَ، مُرلِيءَ مستانا ڪيا.

4

مُرلِيءَ تي تنهن مَردَ جي، کنيا ڪاريهرن ڪَرَ؛

ٻِرَ ڇڏي ٻاهر ٿيا، نِيلا نِڪري نَرَ؛

زهري منجهه زهَر، جوڳِيڙي جهَٽي وتا.

5

جن کي اَديون اوچتي، ڪاٽيو ڪاريهَر؛

تَن جي خاص خَبَرَ، جاچيو جوڳيڙن کان.

6

جاچيو جوڳِيَڙن کان، تن جي خبر خاصُ؛

نانگن ڪيا ناسُ، سِنگهَڻ سان سَوَن مٿي.

7

ٻِرَ مان ٻاهر نڪري، ڪاري کنيا ڪَرَ؛

ڏَرُ اِنهيءَ جي ڏَرَ، جهِين ڏَرُ نه ڏيههَ ۾.

8

سَڀ سُڃاتئون ڪِين ڪِي، جوڳن ماري جکَ؛

جَنِين سِنگهيو ڪَکَ، سَڀاڳا سي ئِي ٿِيا.

9

ڪُنڍَلَ ڪَنَن ۾ وجهِي، خان ڇڏي خانِي؛

جوڳيسَرُ جانِي، راوِيءَ طرف رَوِي هليو.

10

راوِيءَ طرف رَويو، جوڳيسَرُ جوان؛

هيڪَرَ هِيرَ اُڪِيرَ ۾، مَرد ٿيو مستان؛

سورن جو سامان، ”سچل“ ساڻ کڻِي هليو.

11

ڇڏي چاه چنابَ جو، راوِيءَ ڏانهن رويو؛

مُرليون سُرليون، ونجهَليون وڄائيندو ويو؛

ٿانِيڪو ٿيو، سو نانگو نورنگ پُر ۾.

12

جوڳي آيو جوُءِ ۾، مَرڪڻو مَڻدار؛

مرلي مستانا ڪيا، جنهن جي لک هزار؛

ڪاريهر ڪَرَدار، نِيلا ناٿَ نوائِيا.

13

مُنڊَڙا مَڙهي، جوڳِي آيو جوءِ ۾؛

پڙهيو سو پڙهي، مَنڊَڙا محبوبن تي.

14

تُنبيون تَن تَڻي، جوڳِي آيو جوءِ ۾؛

ڪنهِن جي قُربَ ڪڻي، رانجهو روليو رُڃَ ۾.

15

نيٽِيءَ نورنگَ پور ۾، ويهڻ وههُ ٿيو؛

ڏوراپا نه ڏيو، جنهنجو چاهُه چناههَ سان.

16

نيٽِيءَ نورنگ پور ۾، ويهڻ ٿيو وههُ؛

قسِمَت ڪاريا ڪَمَڙا، مانڍيءَ لڳو منِههُ؛

ورهَؤن ڪَڍي وههُ، ورههَ سندي واسِينگ جو.

17

هاريءَ ٻڌي هيِرَ، مُرلِيءَ ڪَئي مَگنُ؛

”سچو“ وسري ڪِين ڪِي، ويچاريءَ وَچُنَ؛

لانگوٽيءَ لَگنُ، لِکيو جنهن جو لوحَ ۾.

18

هُتي ڪير هُيس، هِتي آهيان ڪيرُ!

سالم اهو سيرُ، ”سچل“ سِڪَ ڪَرائِيو.

 

ڪافي

آءٌ اسانجڙي ديري،

توکي گهڻو ساريان ٿي،

ناتَه مُحب مَران ٿي.

تون تا ميڏا، مين تا تيڏي، کُههِ گهتان سڀ کيڙي،

هِت گهُنگهَر گهاريان ٿي.

اَڱڻ ساڏي آءُ پيارلَ، لَههِ پَوَن سڀ جهيڙي،

تولئه هَنجُون هاريان ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org