ڪافي 3
ڀڄي پاهڻ ٿي پاسي، متان ڏاڍو ڏک پويئي!
پنهونءَ سندي پار ڏي، اسين تان پنڌ پياسي،
- ترس اهو مانَ ٿئيئي.
ڇو ٿو سمهين پير مُئيءَ جا، اڳَهين نيهن نياسي،
- ڏک ويا ڏير ڏئي.
سڻ ڙي ڏونگر حال ”سچوءَ“ جو، وندر جي اسين وياسي،
- چَڱيان پاڻ ئي هوت چوي ئي.
ڪافي 4
دوست دلاسو ڏجي، ڏاها ڏکوين.
اَول لائي پوءِ نه ڇنجي، پرت نباهي نِجي.
پُرجهي ڏسج پرين پانهنجو، هيئن نه ڪا ڀُل ڪجي.
ڳالهيون تنهنجيون يار ٻاروچا، راتو ڏينهان هِن
هِجي.
ورهَ وارن سان يار ڏهاڙي ، ڏک ڀائي اَچي ٿجي.
قاصد ايڏنهن جا چَون اِئين مون، هوت اِيندءِ اَڄ
اِجهي.
ڏنگاين ڏي ڏس نه منهنجي، سڀ اوهان کؤن ٿو سِجهي.
اَچڻ ڪارڻ هوت اوهان جي، ”سچو“ فالان ويٺو وجهي.
ڪافي 5
وندر آءٌ ويندياس، وٺي اهو سوز سڄڻ جو
وٺي اهو پور پرينءَ جو!
پيرن اُتي پِرَجي، ڳوڙها ڳاڙيندياس.
ڪاڻ ڪوهيارلَ ڪاڪيون، جهولا جهليندياس.
آهُن ۽ دانهن سان، ڪَرڳَل ڳاڙيندياس.
ٻاجهون ٻاروچل جي، ساڻيهه ساريندياس.
پنهون وٺي تان پاڻ سان، اَديون آڻيندياس.
پاڻ پنهنجو پورَ مؤن، چُنجن چاڙهيندياس.
سِر پنهنجو سرتيون، گهوريون گهوريندياس.
وٺي مَهار مَيَن جِي، لوءِ ڏي لاڙيندياس.
”سچو“ ٻاجهون سوز جي، ٻيا ورق واريندياس.
ڪافي 6
مون کي ميڙين الله،
سِگهو آڻي الله،
وو ميان ٻاروچا!
اُنهن ڪارڻ ڪاڪيون، وجهان وڇاڻا،
سانول پنهنجو سرتيون سَوَ ۾ سُڃاڻا.
ٻيهر شهر ڀنڀور ۾ آڻين الاهِي،
پيرين پئي تن کي ٿيون پاڻ ئي صلاحي.
اوڏنهُن آڌيءَ رات جا ڪانگل اڏايان،
جي پَري آهيان تن کؤن تان ڀِي سندين سڏايان.
ڪڏهن مُڪو ڪونه ڪو پرين پيغامي،
اَصلو لاڪؤن اُن جو آهي ساههُ ته سلامي.
ڪڏهن ايندم سُپرين، ٿي پوٿيون پٽايان،
”سُچو“ سوالن سان اُهي ويندا ورايان.
ڪافي 7
جي وٺي حُب وڃن، ڙي، انهن کي ڪيئن نه سُڃاڻا!
ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، پِريان پنڌ پون.
ڏونگر سي ڏورينديون، محبت جن کي مَن.
آيل عاشقن جون، ڪوڪان پيڙم ڪَن.
اُديون هن ارواح کي، تاسِف ڏنو تَن.
”سچو“ صدقي اُن تان، جي وٺي درد وڃن.
ڪافي 8
متان ڏوراپو ڪو ڏيو، ڙي ساٿيو، مون کي!
هيءَ ڪنيزڪُ مُلهه خريدڻ، ڪيئن مَٿئون مون ٿيو.
حَرف اسان تي آهي اَصل کؤن، ويسر ۾ ويو.
”سچوءَ“ ڪوٺي پانهنجو، پاڻ قريبَن ڪيو.
ڪافي 9
منهنجو سڱ نه سِياپو، ڪاڪيون ڪيچ ڌڻين سان!
هِتَؤن هَلِي اُتَهين، آءٌ نه ڪنديس، ڙي، ڪاپو.
ٻانهي خان ٻروچ جِي، ٿِيَس لاهي لاڳاپو.
شال نه ڏکيءَ کي ڏين، ڪنهن ڏوهؤن ڏوراپو.
جيڏيون هِنَ مُئيءَ جو، آهي جانب جياپو.
”سچو“ سڄڻ سان ڪندو، منهنجو موليٰ ميلاپو.
ڪافي 10
يا ٻيلي ڙي، متان مون کي هِت ڇڏين!
هِيءَ نماڻي عشق اوهان سان،
هِيءَ محب ٻيلي ڙي، پاڻُ غريب سان گڏين.
ڪنهن در ڏينديَس دانهڙي،
پيارا پرين ٻيلي ڙي، آڻي پکا اوري اَڏين.
لَهه ”سچوءَ“ جي، وو، سُڌ سڄڻ سائين،
ساجهر سويلي ڙي، يار ايندين تون ڪَڏين.
ڪافي 11
ڪنهن لُڳ ڏونگر ڏوريان، جيڏيون ڙي،
محب آهي منهنجي مَن، ميان.
”وفي اَنفُسکَم اَفَلاَ تُبصِرون“، ڪاڪيون ڪَجو هي
ڪن.
اسين توسان، پَري تون ڦولين، اولانڀا هي اچن.
پاڻ سنڀالج پانهنجو، پرين اِئين چَون.
اِهڙيءَ اوڏائيءَ ۾، ورهِي مِينهن وسَن.
”سچو“ سي ئي پَري پِيا، جُدا ڄاتو جَن.
ڪافي 12
مون کي ماريو مونجهاري، ووءِ ووءِ،
سانگِي مون سي ئي ڪيا.
سوزُ تنهنجو سُپرين، هِت ڪوڪان ٿو ڪاري.
اُنهيءَ ٻاجهُون سرتيون، هيءَ گوندرَ گُذاري.
ڏاڍي ذات جتن جِي، جي عاشق ويا آزاري.
وندر جي وڻن ۾، ٿي ڪيچي نهاري.
”سچو“ سپرينءَ کي، تون ويههُ نه وساري.
ڪافي 13
گولِي مانَ سڏين، اُنهن جي نِي آهيان، جيڏيون ڙي!
پکا پکن سامهون، اوري مانَ اَڏين.
آريجا عاجِز کي، ڇَپَر تان نه ڇڏين.
ٻاروچان تان ٻاجهه پئي، گولي ساڻ گڏين.
هَونِ هميشه مون پِرين، لحظي تان نه لڏين.
اَصل لاڪون آهيان، هِنئين آئؤن هَڏين.
اڻ مُلههِ ٻانهي آهيان، ”سچو“ پاڻ سَندين.
ڪافي 14
هِتؤن اُُٿي تنهنجا هوتَ ويا، تون تان ڀي نه ڪوشش
ڪَرين!
پيرَ پُٺِن تون نه کڻي، ٻُڌيون سي ڳالهيون ڪرين.
توکي تان ترسائِيو، پاڄياڻي، پَنڌَ پَرئين.
اُٿي ڪر پنڌ پهاڙ جا، متان تون پوئتي ورين.
”سچو“ پُڇج سُپرين، ميان، متان تون تان ٺرين.
ڪافي 15
پنهنجو ڪيو، هي تان پنهنجو ڪيو، مون کي يار پنهل
ڪُوٺي!
دوست گڏيو دلجاءِ ٿي، وچؤن سارو وڇوڙو ويو.
آڌر ٿي ارواح کي، جِڏيون ڙي، منهنجو جيئڙو جيو.
رهجي اچي يار سان، ڏاهيون ڙي، اهو ڏسَڙو ڏيو.
اڱَڻَ آسَروند جي اچي، ميان، لالن پاتو لِيو.
ساهه .سچوءَ“ جو سرتيون، نيڻن سندي ناز نِيو.
ڪافي 16
ٻانَهن جي آءٌ ٻانهي آهيان،
ٻاروچي جي ذات جي!
ڪيم جهليو مون جيڏيون، دوسنَ جي ديوانِي آهيان.
آءٌ ڪنيزڪ مُلهه خريدڻ، شاهَن جي ڪاشانِي آهيان؟
اُٺن اوٺارن تَؤن، ڪوڙين آءٌ قَربانِي آهيان.
جي مون پڇيو جيڏيون، سورن ۾ ساماني آهيان.
پُڇو ”سچوءَ“ کؤن سرتيون، محبن جي مستانِي آهيان.
ڪافي 17
توريءَ ڳالهڙيون ڪنهن سان ڪنديَس، آءٌ وَر واڳ
ورائي!
واٽ نه وندر جي لهان، وڌيس مونجههَ مُنجهائي.
سِڪُ تنهنجي سُپرين، ڏونگر ٿي ڏورائي.
هيڪاندي هيءَ حَبَ ۾، ويٺي ورهه وسائي.
طعنن شهر ڀنڀور جي، وڌم تَنُ تپائي.
جيهون تيهو سُپرين، ”سچو“ سَندُوَ سڏائي.
ڪافي 18
ٻاروچا پَئيوَ ٻاجهه، ڇَپَر مون کي هيئن نه ڇڏيجو!
مهرَ نه لاهيون مون پرين، مَٿان هِن محتاجَ.
اَهي هن عاجِز جي، توتي لالَن لاجَ.
هِيءَ پُٺِيءَ پئي تنهنجي، مَنجهَؤن ساري راج.
ڳچيءَ پائي ڪَپڙو، اُُت ڪريان ايلاجَ.
پورهيو ڪنديَس پِرت جو، هَٿين ڪنديس هاجَ.
گهوريان گهوٽ اوهان تان، سڀ مَڏيو ۽ ماجَ.
اوهان جي ته اَچَڻ لءِ، ”سچو“ وجهي ٿو واجههَ.
ڪافي 19
هيءَ نماڻِي نالِ، نِجو، ادا ڙي، اوٺيو!
هي ڪميڻي ڪُوڙي، بِرههَ ڪئِي بيحال.
پَٺيءَ اِيندي اَنهن جي، جيهي تيهي حال.
پرين نيندا پاڻ سان ، ڀَلا پنهنجي ڀال.
اوهان ٻاجهون سپرين، جيئڻ آهي جنجال.
ٻاروچا تان ٻاجههَ پَئي، ”سچو“ سگ سنڀال.
ڪافي 20
ٻاروچا ميان، هيئن نه ڇڏيو، هيءَ نِيو نِماڻِي
ساڻ!
سُڌِ تَهين کي سوز انهِيءَ جي، جنهن لڳو ٻاروچاڻو
ٻاڻ.
ٻانهي گولي تانهن جِي، پنهون پاڻَ سڃاڻَ.
پرين ڏسج پاڻ ڏي، آهيان آءٌ اَڄاڻ.
بخش ”سچو“ کي سپرين سندو نيهن اَڄاڻ.
داستان ستون
1
توڙي ماڙِ نه مُون، سُڻ منهنجا سُپرم؛
مون کي گهُرجين تون، لوڪُ رُٺو ئِي گهوريو.
2
عُمر اَجائِي گذري، وهِي آيَم هِيءَ؛
آءُ سَٻاجها سُپرين، پَروَرَ ڪارڻ پِي؛
جِيئڻُ ڪونهي جِي، ڪا وَرَ ويچاريءَ وَرِ ڪيو.
3
عُمر اَجائِي گذري، اَڇا ٿيا اِظهار؛
زاريون ڪَيو سُپرم، رُئان زارو زار؛
مَٿِم آهي مَيارَ، هوتَنِ حَرَف نه هيڪڙو.
4
عمر اَجائِي گُذري، ڪارن مَٽيو رنگُ؛
مون نهارڻُ نه ٿئي، سانوَلَ سارو سَنگُ؛
هِن نِماڻِيءَ جو نَنگُ، آهِه اُوهان تي سُپرين.
5
عمر اَجائِي گذري، ڪَئِي جوڀَن جاڙَ؛
بالا هِنِ بِلورَ جا، چئنِي طرفين چاڙَ؛
ٻاروچَل جي ٻاڙَ، مون کي روهين روليو.
6
عمر اَجائِي گُذري، هوتَ نه گَڏيَس آن؛
اَهڙي ئِي اَحوال جي، ووءِ ووءِ آهي مان؛
ٿئي نه ميلو جان، تان ساههُ نه وڃي سَرَتيون.
7
عمر اَجائي گُذري، ههڙو ٿِيَڙُم حالُ؛
ڪَنهِن سڻايان سرتيون، اندر جو اَحوالُ؛
آرياڻِي الحالُ، ڪندو غور غريبِ جو.
8
مَٿي راههَ رَنجُور، ويچاري واڪا ڪَري؛
سِگهِي ويندي نِڪري، هوتِياڻين حضور؛
موٽي هَڏِ نه مُور، پَسَڻ ريءَ پِرينءَ جي.
9
جان مون مِلان هوتَ، تيسين تائين نه مَران؛
مادر تائين موتَ، اِهو اَٿمَ آسرو.
10
وندر جي وڻَن ۾، ڪَري واڪا ويچاري؛
جا مَحبوبن مارِي، تَنهِنجو موٽَڻ مَسَ ٿئي.
11
وندر جي ئِي وڻَن ۾، زور ڪَري زاري؛
ڇڏي ويا ڇَپَرين، ڌوٻِڻ هِيءَ ڌاري؛
هِڪ واچوڙا واٽَ تي، ٻي وسي ٿِي واري؛
بِرههُ آهي باري، هَي هَي هوتياڻِنِ جو.
12
وندر جي ئي وڻن ۾، زور ڪَري زاريُون؛
نِيلا نيرَ اکين مان، هاڙهي ويس هاريُون؛
اديون آريءَ ڄام جا، ويا روڏا رئاريون؛
هِنَ مُئِيءَ کي ماريون، هوت وڃن ٿا نِڪريا.
13
وڃِي ڪيچ وڻن ۾، ٿئين ڪوهيارَل قُرارِ؛
يا کڻِي مُئيءَ کي مارِ، يا پِرين ني تون پاڻ سان.
14
وڃِي ڪيچ وڻَن ۾، ٿِئين سانولَ سُکِ؛
هِيءَ ڏکوئي ڏکِ، وجهِي گوندر ۾ وَئين.
15
وڃِي ڪيچ وڻن ۾، تون خاصا ٿين خوشحالُ؛
هِتِ هِيءُ نِماڻيءَ حالُ، مانَ وَري ڪووَڙُ
ڪَرين.
16
وڃِي ڪيچَ وڻن ۾، ڪامل ٿِئين قَرارِ؛
ويچاري مَ وسار، جا اَجهي آهي اَنهِنجي.
17
وڃي ڪيچ وڻن ۾، ٿئين جانب جاءِ؛
هُو جي اوري ڪيچَ کَؤن، سي مون لَڪَ لنگهاءِ؛
پنهنجو پاڻ پساءِ، نا ته ٿي دوست دمُ ڏيان.
18
ڪاڪيون ڪيچ وڻَن مؤن، هير اچي جا هي؛
پاڙيچون! سان پي، هن مون کي اڄ ملائيو.
19
ڪاڪيون ڪيچ وڻن ڏنهُن، هي جو واءُ وريو؛
سندو ساههَ سَريو، مطلب سارو مَنَ جو.
20
ڪاڪيون ڪيچ وڻن ڏنهُن، وري واءُ وريوم؛
سارو ڪاڄ سَريوم، ڄڻ هاڻي گڏيَس هوت کي.
21
هو جا ڪيچ وڻن کي، وڃي لُڳي واءِ؛
سا وري شهر ڀنڀور ۾، اچي سرد هواءِ؛
جانب تنهين جاءِ، سا جيءَ اُنهيءَ سان هلي.
22
هو جو ڪيچَ وڻن مَؤن، اَچِي واءُ وري؛
سو مون کي محبوبن جِي، ڏئي خبر کَريِ؛
وڃان تامَ مَري، جان ٻاروچي مُنهُن ڏسان.
23
هو جو ڪيچ وڻن مَؤن، وَريو اَچِي واءُ؛
ماريون تَنهن مٿاءُ، هِيءُ سِرُ ڪريان صدقي.
24
هو جو ڪيچ وڻَڻ مَؤن، واءُ ته آڻي واسُ؛
هِيءُ سِرُ سارو ساسُ، ڪوڙين قرباني ڪَريان.
25
هُو جا ڪيچ وڻن مَؤن، هاريون اَچي هيرَ؛
ٿئي صحت مَنجهه سَريَر، ڏور وڃن مون ڏکڙا.
26
هو جا ڪيچ وڻن مَؤن، هاريون هِير اَچي؛
تَنهِن سان مَنُ مَچي، محبت ۾ محبوب جي.
27
هو جا ڪيچ وڻَن مَؤن، اَچي هِير هَلِي؛
سان ڀينر آهي ڀَلِي، جنهن سان ساههُ سُڌير ٿئي.
28
هو جا ڪيچ وڻن مؤن، ٿي هِير اَچي هاڻي؛
تَنهِن آرياڻي آڻي، ڄَڻُ مون سان اَڄ ملائيو.
29
هو جا ڪيچ وڻن مَؤن، اَچي هِيرَ هلي؛
تَنهِن ساري ڳالهه سَلِي، پِريان سندي پارَ جي.
30
هو جا ڪيچ وڻن مَؤن، لڳي تيز تَنوارَ؛
سندي پِريان پار، تَنهن ڏنا دلاسا دل کي.
ڪافي 1
نِينهَن نِهوڙي آهيان، هاڻي جيڏيون ڪاڏي وڃان!
پنڌ پري ٿيو پِرينءَ جو، عشق اُلارو اڃان.
ڪَتڻ وٽڻ نه ٿئي. چرخو ڦيرائي ڀڃان.
پِريَن نايُون پَٽ ۾، عشق سنديون سي ڄڃان.
موٽڻ واري ڪڏهين، ”سچو“ نه مَصلحت مَڃان.
ڪافي 2
هئان ٻاروچي نال، وو نالَ، پَلڪُ نه پري پِرينءَ
کَؤن!
ورهيه ويڙم گذري، هَي هَي ههڙي حال، وو حال.
ساڄنَ تنهنجي سوز جي، ڪريان ڪنهن سان ڳالهه، وو
ڳالهه.
ٿي گذاريان ڏينهڙا، تنهنجي خاص خيال، وو خيال.
پُٺيءَ لڳل پانهنجي، پنهون سائي پال، وو پال.
ساهه ”سچوءَ“ جو صدقي، آهي اُتون اَل، وو اَل.
ڪافي 3
گوليءَ جي گفتار، ٻُڌيَوَ ٻاروچَن ۾ ڪا!
کُتا ڪانَ قريب جا، هِنيَڙي منجهه هزار.
آءُ پيادي نا پُڄان، سارو ساٿ سُوار.
اُنهن ڪارڻ آئيو، رئڻ زارو زار.
لڌم پير پنهونءَ جو، منجهؤن گرد غبار.
اچي شال ڀنڀور ۾، ٻاروچو ٻيهار.
پاڻؤن ٻانهي پانهنجي، دوست نه ڪجو ڌار.
ڪَن ”سچوءَ“ ڏي سچ جِي، مَجَهؤن، نِينهَن نهار.
ڪافي 4
يار لڳي آءُ هَلندي تون سان، وو،
رهنديس ڪِيئن ڀنڀور ۾.
پاءِ رڪاب پرينءَ جي، هَي هَي هارين هوسان.
پائي مَنڊڙا پورَ مَؤن، راهن تي روسان.
اَوهان ٻاجهون سپرين، ڇاهي مُنهنجو لوءِ سان.
سورن سهرا سِرَ تي، پارئون تنهنجي پوسان.
”سچو“ ساعَتَ نه رهي، دم ٻاجهون دوسان.
ڪافي 5
گولَن جي آءُ گولي، باروچاڻي ذات جي!
سمجهي سگهان ڪينڪي، ٻاروچي جي ٻولِي.
عبث آءٌ ڀي ناهيان، ڳالهه ڪِيَسَ ڪنهن ڳولي.
ڪري ڪوهيارل ويو، هنيڙي اندر هولي.
روئي اُنهن واسطي، چِڪَ ڪيم هيءَ چولي،
”سچو“ صدقي تَن تَؤن، جِندُ جَنهِين هِت گهولي.
ڪافي 6
اڙي اَلو اَلو، منهنجي يار سَڄَڻ جو، ساٿ سلامت
آئيو!
اڄ سي اڱڻ آئيا، مون جن لءِ واهه وسايو.
اُهي گڏ مسافر هِنِ گڏيا، مون جن لءِ پَنڌِ
پُڇايو.
ڏيئي دلاسا دل کي، تن ريهي روح رچايو.
حال ڀائي اَچي سي ٿيا، جن تان چيٽڪ لايو.
وريتيون وصالَ جو، هاڻ واليءَ ورق ورايو.
”سچوءَ“ کي ڙي سرتيون، اهو موليٰ مُحب مِلايو.
ڪافي 7
سنديوَ سار سنڀال، يار مون کي آهي، منهنجا ميان!
مون هُون ڏورڻ نه ٿيا، الا، آهن ڪاف ڪَشال.
اَوهان ٻاجهون سُپرين، جيڻ منجهه جنجال.
ڪريو فنا فراق کي، وجهان واجهه وصال.
ٻاجهه ٻاروچا تو پوي. ههڙا ٿيڙم حال.
راتو ڏينهان روح ۾، جَکان لاءِ جمال.
سِڪ ”سچوءَ“ کي سُپرين، آهي جِي ۾ تنهنجي جال.
ڪافي 8
تون آءٌ ڙي قاصد آءُ، ميان،
ڪا خبر ڏيهؤن کِيئن جي!
پرين سندي پار جو، ڪو لهي اَڄ سماءُ، ميان.
منهنجو ٿئي هِت ڪينڪي، ٻاجهؤن هوت هلاءُ، ميان.
ملڻ ٻاجهون دوست جي، ڪندو ورهه وڌاءُ، ميان.
”سچو“ سمجهين ڪينڪي، اهو اَٿئي ڪو لقاءُ، ميان.
ڪافي 9
آءٌ تان صدقي اُن تؤن، جي آيا پُنهل جي پار!
مُڪم نياپا نينهن جا، هوتن ڏنهن هزارَ.
محبت محبوبن جِي ڪئي، هنيڙي ۾ هُشڪار.
وڃي ڏسنديس اکڙين سان، وڻ سندا وڻڪار.
سِڪ ”سچوءَ“ کي سرتيون، ڪيا اندر ۾ الغار.
ڪافي 10
اوڏانهن آئين ڪانگل اَدا، لنؤن تون چَڱي اَڄ لات
ڪا،
ڪِي هُت هئي محبوب کي، مشتاق جي مصلحات ڪا؟
هيڏي اُچڻ جي ڪا هُين، ڏي تون مون کي تسلات ڪا،
مون هن نماڻيءَ وٽ اُتي، رهندا اَچي هِت رات ڪا؟
ٻي تان هوندي هيڻي ادا، ظاهر نه جهڙيم ذات ڪا،
پيغام مون ڏنهن پرت جا، ساٿي آندوَ سوغات ڪا!
شب روز عاشق رئڻ ۾، ڄاڻن نه هَڏ ٻي بات ڪا،
جاني جدائيءَ جيهڙي، آهي نه ٻي آفات ڪا!
هيڪند هئڻ جي هوت سان، سائين ڪندم ساعات ڪا،
دلبر ٻاجهون هڪدم ”سچو“، بيهي اُها برسات ڪا؟
ڪافي 11
عشق اَول اَزمائي، ڪاڪيون ڪيچن جو ميان!
سِر تي سهج، وو، سور سٽاڻا، ٻاروچو ٻولائي.
صحيح ملندو هوت حقاني، رانولُ مون رولائي.
عاشق صادق سڻ ”سچيڏنا“، ڀول نه ڪنهن ڀولائي.
ڪافي 12
سانول، سوين ڳُڻَ تنهنجا ٿي ساريان!
هُان منهنجي هنيڙي اندر، سي تا ڪيئن وساريان.
واٽان اچڻ جون، وو، تانهنجون ويٺي سي نت نهاريان.
اوهان ٻاجهون سُپرين گوندر ڏينهن گذاريان.
جهُري جهوريءَ ۾ پيو، هينڙو ني هيڪاريان.
”سچو“ سگ در تنهنجي جو، تنهنجي ڪڍَ قطاريان.
ڪافي 13
ڪنهن کي هي حال چوان اَديون ڙي، واءِ ويلا جو!
ڏيرن ڏيئي ڇڏيا، موٽي سور نوان- هي حال چوان!
مهڻا محبوبن جا، ڏنا پاڻ اوهان- هي حال چوان!
”سچو“ سِرواڻن کي، وڃي پيرين پوان- هي حال چوان!
ڪافي 14
عشق تنهنجي ماري آهيان، آءُ اَچي ڏي دوست دلاسو دل
کي!
سگهه نه ساريان پنڌ ڪرڻ جي، ڀلو ميان، ڪيچ وڻن ڏي
ڪيئن ڪاهيان!
آءُ تان ٻانهي تون تان سائين، سَگ نه ٻيو ڪو
ساهيان!
ڪم اچي جي هي سر تنهنجي، ميان، تان ڀي نابِر
ناهيان!
آءُ اَڻ سونهين سونهين ناهيان، ڪاڏي ڪرهَل ڪاهيان!
هوت ڪرين ٿو ههڙيون، ميان، اَسَر هَڏ نه لاهيان!
اڱڻ آءُ تون يار پيارا، سڀ ڀلايون ٿي ڀانيان!
ورهه اوهان جي ڪيئي ولوٽيا، ”سچو“ چوي آءٌ ڇاهيان!
ڪافي 15
دل ناهي سا منهنجي وس، ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
انهن اُکڙين کي، ناهي ڏسڻ کؤن بس،
- ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
اصل لاڪون آهيان، پاڙيچون پروس،
- ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
ڪاڪيون آهي نه عام سان، روح هنهنجڙو رس،
- ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
ٻاجهون ويڙهي دوست جي، ٻي ڳالهه نه لڳي ڪس،
- ڙي جيڏيون،ڪيئن ڪريان!
ساهه ”سچوءَ“ جو سرتيون، دوست وٺي ڪيو وس،
- ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
|