مٿي مون بيان ڪيو اِڪيءَ جي عددا
”عدد وقوفي“ ان کي چون چِٽائي لاءِ،
تعليم هن طور جي منجهه هن طريقنا
داخل هِن دستور ٿئي سُڻي رکي سمجها،
آهي عبد خالق کي خاصو ڪنا خِضرا(1)
محض لحاظ من جو سمجهيج اِيءُ صحيا(2)
”ذڪر خَفي“ ايءُ ٿيو مشائخن مهندا
نفي ۽ اثبات کي ڪري تڪرارا
ساڻ شرطن مٿين ايڪيہ مَراتبا(3)
۽ واٽ ٻي، مُراقبي جي، ساڻ پڻ سڻيجا(4)
جئن رکي دل نگاه ۾ کان خطرن خيالا
ٿئي ڏسندڙ فيض ڏي جو فيض الاهي آ
ساڻ ڪرڻ ذڪر جي ۽ ميل مرشدا
اهڙي طرح عاجزي سان هجي هميشا
طرف ذات حق جي مُتوجہ مُداما
تان کُلي مَڻڪو دل جو ريءَ دقت ۽ دردا
چون ”حضور“ ان کي سالڪ ۽ صلحاءِ
تان وڻي تڏهن دل کي ذوق سندو ذڪرا
۽ جيڪڏهن نه ٿئي دل کي جميعت ۽ ذوقا
تان وري ان شرطن سان ڪري تڪرارا
موٽي انهينءَ عددن سان ايڪيہ مراتبا
تان پاڻهين مشغول ٿئي ۽ وٺي دل اثرا
ساڻ ادب شرطن جي هجي هوشيارا
۽ مقصد هن ذڪر ۾ سو پڻ ايهوئي آ،
جو اول مراقبو اهو منجهه عمل آيو آ
وٽ امام رباني جي رحمت ڪريس خدا
انهيءَ کي مراقبو ”اَحديت“ جو ڪامل ڪهَن ٿا
اچي ذاتي فيض سو انهينءَ لحاظا
جو جامع جميع جو ڪامل ڪمالا
مٿي لطيفي ”قلب“ جي رسي سو فيضا.
ٽئي واٽ فائدي جي سمجهه سڻي دل لاءِ
ڪنا صحبت ڪامل جي جو مرسد مڪملا
ساڻ توجہ تنهنجي عين اِخلاصا
ٿئي دل پاڪ سا غفلت غير ڪِنا
ساڻ جذبي محبت جي جو مرشد مهندارا
ٿئي مُشاهدو حق جو ۽ نور نروارا
اچي چمڪن دل ۾ ايهي اَنورا
هجي حضور مرشد جي ۾ گهڻي سان ادبا
۽ رکي رعايت ادب جي ۽ سندي تنهن رضا
پرپٺ رکي دل ۾ تَصور تماما
ته ٿئي فيض وٺندڙ سو، هادي جي همتا
چون واٽ انهينءَ کي عارف الله جا
آهي سهنجي گهڻو ٻين واٽن کا
چون ”ذڪر رابطي جو“ ڪامل انهينءَ کا
جڏهن جميعت ٿئي دل کي حاصل حضورا
داخل نه ٿين دل ۾ خطرا خُطورا
قدر چئن گهڙين جو سمجهه سڻي دل لاءِ
تڏهن دائرو امڪان جو ٿيا تماما
آهي اول دائرو سندو ”امڪانا“
بعضي چون نشانيون ان جون انوارا
نشانيون انوارن جون قطع امڪانا
دائري امڪان جي سڻو سڀ صفتا:
هيڏهون زمين هيءَ، هوڏنہ عرش عظيما
آهي تنهنجي وچ ۾ اڌ امڪانا
۽ ٻيو اڌ ان جو مٿي عرش ڪنا
”وَهُو معَڪم اَينما ڪُنتم“ پرين پري ناه(1)
منجهه مُمڪنات مڙيئي ڌاري ڌيانا
ذڪر ظاهر زبان جو منجهه هن مڪانا
ساڻ تَوجہ قلب جي حق ڏي هر وقتا
فرحت ۽ فائدا ان کان حاصل ٿين ٿا
اهڙي صفت صُغريٰ جا ذڪر ۽ فڪرا
جيڪي سالڪ کي اچن منجهه نظر نورا
سي اسماءِ ۽ صفات جا آهن پاڇُو يا(2)
اصل ان هنڌ ظاهر ظهورا،
”وحدت وجودي“ وارا جي سمجهن سالڪا
هر ڪنهن ۾ حاصل ڪن مشاهدو موليٰ
انهن کي انهينءَ جاءِ م آهي آراما
ذوق شوق ظاهري هر ڪنهن منجهه حُڪما
آهون دانهون درد جون سڀ سڪ سببا
اهڙو ذوق ”ظِل“ ۾ آهي عجيبا(1)
وسري وڃن دل کي سڀ ڌڻيءَ ڌرا
حاضر رهن حق سان هردم هميشا
”قلبي فنا“ ايءَ ٿئي عاقلن اڳيا
اهي سڀ ظهورا ”ظِل“ جي آهن اثر ڪنا
پر پروڙج ڳالهڙي طالب! تڪرارا
جڏهن سالڪ انهينءَ سلوڪ ۾ حاصل ڪيو حالا
تڏهن ڌيان دل جو مٿي مٿي کا
ڇهن پاسن پانهنجي ترت ڪندو نظرا
ڇِڪ مٿاهين ڇڏي، وسري جنهن ويرا
تڏهن تُزڪِيہ نفس جو ڪرڻ واجب آ(2)
ايءَ ته ولايت ولين جي نالي نبيا
ايهو ماڳ مشائخن کي منجهه فڪر ۽ فَهما،
ٽئين دائري جي طرح ۾ اچي پيو اصلا(3)
۽ بي ڀي اُتي هيڪڙي قوس شڪل شروعا(4)
قوس چون ڪمان کي گوشن ڪڍڻ لاءِ(5)
ڌيان پهرئين دائري نئي ٽن منجها،
مراقبو مخصوص ٿيو هِت سڻ صحيا
”ونحن اقرب اِليہ مِن حَبلِ الوريد“: اسين اوڏا
آدمي سندس ساه ڪنا
آه قول الله جو بي سڪ بحالا
سمجهن انهيءَ سِرَّ کي دل وارا دانا
سير رسي سالڪ جو جڏهن اِن ماڳا
اِن مراقبي ۾
”معيتِ“ جو سو ٿو لهي ساءِ.(1)
در پٽن ان دائري پهرئين جي ڀرسان
مٿي نفس موقوف ٿيو پڻ اربعه عناصرا
ذڪر زباني خواه خيالي خَفِيا
ترقي طالب کي منجهه اُن مقاما
عُروج نُزول ان هنڌ ڪُلي قلب جا(2)
حاصل ٿين ”حضور“ پڻ طالب تَنہ طرحا
جذبو ساري جسم کي بلڪ ٿئي بالا،
مگر هن ماڳ ۾ فهم ڪج فرقا
اِت ليکي ٻاهر لذتون رسن ٿيون روحا(3)
رنگو رنگ پٺيان ٿين نوري نِواڙا(4)
هت مزو ناهي مورهين نه رنگ پڻ پيدا،
ڇڏي نسبت نفس جي حڪم لطيفي لاءِ(5)
قُوت ڪمالي ٿو وٺي سالڪ منجهه سيرا
ڪلي حال قلب جا وسرن تنهن ويرا
۽ ٻي طرح ٻيو دائرو قطع ڪيو قصدا
”يُحِبهُم وَ يُحبِونہ“ پهچن ان پنڌا(1)
فيض فائض جو ٿيو زير ڪنان ذاتا
نفس نسورو ان جو آهي مَحَل مڪانا(2)
دور دائري ٽئي جو قطع ڪُل ڪنا،
مُلاحظا ۽ مُراقبا ڪل تِنہِ طرحا
جي منجهه ثاني مذڪور ٿيا طرح ترتيبا،
”جنکي محبت مون ڏي منهنجي محبت ان ڏانہ“
فيض فائض مون مٿي آهي انهيءَ کا.
قوس اصل ”ڪُبريٰ“ جو ٿيو جئن تحقيقا(3)
آهي اصل قوس جو عين اعتبارا
شرح صدر جو شرط ٿيو منجهه اِن ماڳا
صابر شڪار ات ٿئي ۽ گهري رب رضا
”اَنا“ نه چوندو اُتهين هرگز هر بابا(4)
ويو پاڻ وڃڻ کي ڪلي قيد ڪنا
منجهه مڃڻ امر شرع جي اوکا جي
ريءَ دليلن دل کي ٿئي تسلي تماما
”اِستدلالي“ ٿين اُت ڪر ”ڪشفي“ ڪُليا(5)
عمل ڪندو اخلاص ان جي محض لڳ موليٰ(6)
ته پڻ تهمت تن تي ريائي رسما
پاڻ رکي پاڻ ٿو قلب جي قصدا
عمل اخلاص پانهنجا سڀيئي ان سببا
شر ڏسي شرم ڪري نسورو نقصانا
بُخل ڪنان بيزار ٿئي منجهه ان مقاما
ويندس سڀ سيني ڪنان حرص ۽ حسدا
ڪينو رهندو ڪين ڪي ڪڏهن منجهه قلبا
سالڪ کي صاف ڪري ايءُ ”ولايت ڪبريٰ“
سير اسم ظاهر جو ايستائين آ.
پوءِ پروڙج اِن کان وري ٻي ولايتا
اسم جنهن جو ”عليا“ عارفن اڳيا،
مَلڪَنِ ”ملَاه عليٰ“ جو ايهو مرتبا(1)
عارف اڪمل ات ٿيا سُلوڪي سيرا
باطن اسم جو ٻجهن بالِڪليا(2)
ٽن عناصرن کي ٿئي ان هنڌ عُروجا.
باقي عناصرن مان خاص بچي ”خاڪا“
آهي خالص ان کي ڪا نبرت نصيبا
آخر عروج ڪري نِبت نبوت کا
ايندو بيان ان جو انهيءَ منجهه ماڳا.
چوٿون لطيفو جو ڪري عروج ابتدا
ڪري انهينءَ جاءِ ۾ نيٺ او نُزولا
افضل ”عليا“ ۾ ٿيو زباني ذڪرا
تڪرار تهليل جو قلب جي قصدا(3)
نفل پڙهڻ نفع ڏئي عارفن اُن جا
مَلڪَي مناسبت ٿئي هتي حاصلا(1)
مُلاقي مَلَڪن سان اتي ٿين ٿا
ٻيا ڀي پسڻ ڪيترا سَهسين سِر ڳُجها
عارف ”عليا“ جو ڪري سڀ جڏهن سيرا
ٻه پکڙانڊيون ان کي پُٺيءَ ٿين پيدا
پوءِ ذوقئون ذات ڏي اڏامي ان کا
وڍي ولايت کي نڪري نبوت ڏانہ
نشاني نبوت جي سمجهج تون صحيا:
ذاتي تجلي ذوق سان سالڪ اُت ڏسندا
اسمن صفتن جا پَري ڪري پردا
ڏسي پسي پاڻهين عجب عُنوانا
فيض ات فائض ٿئي خاص مٿي خاڪا
اتي شوق نه ذوق رهي هڏهين حضورا
هُوا حال مقام جي اڳي اِن ڪنا
معرفت جا مرتبا ولايت وارا
سي سڀ هيٺاهان رهيا، نبوت عالي جاءِ،
رکن مراقبو جو انهينءَ آيت موافقا
”لاتُد رڪہ الابصار وهو يد رڪ الابصار“ پڙهي
پروڙان کا(2)
وَهم ڇڏي، وصل ٿئي، وڃي وِچ وِچا
اڳيان سڀ ان ماڳ منجهه رهايا حُصولا (3)
حاصل هُئي هن هنڌ سالڪ کي سدا(1)
متابعت مُحمد جي تَسلي تماما،
معارف هن ماڳ جي هر ڪهين حالا
سڀيئي سالڪ کي هُون شرط شريعتا
ايءُ آهي نبين جو مُحَصل مَقاما
سالڪ رسي سِر کي تن جي تابعيتا.
جڏهين نبوت جو ڪري سڀيئي سيرا
رسالت کي او رسي فقط ساڻ فضلا
سالڪ کي ان سيِر ۾ حقيقي حڪما
جيڪي فائض فيض ٿئي صرف ذات ڪنا
هيئت وحداني جي طرح ترڪيبا
ڏهه لطيفا جي ٿيا مهدان مذڪورا
ٿين سلوڪي سير ۾ تن کي تزڪيا
تفصيل تزڪين جو سڻ تون صحيحا:
تن تزڪيو هي ٿئي حاصل منجهه حالا
ڪَهين اصل اسم ٿيو ڪَهين آه صفتا
اصل لطيفه ”قلب“ جو عارفن اڳيا
آهي حڪم مشهود جو ”افعالي امرا“
ايءَ تجلي توهيد لاءِ عجيبي اثرا
آهي اصل ”روح“ جو ”ثبوتي صفتا“
مٿي ان قياس جي همه جو حڪما
”قلب“ تي ”اخفيٰ“ توڙي مٿي شين جو آ
اصل پنهنجي ڏي آهي ڏَهين عُروجا.
جڏهن پنهنجي ڏيہ ڏي طبعي طلبا
نڪري ويا وجود کان اصلن کي پهتا.
فنا تن کي ٿو ڪري ڦِري سو فيضا
اصل ۽ فرع جو وڃي فرق وچا
هوڻ منجهه هِڪُ ٿئي شُعاع ۽ شمسا
ٿيو تزڪيو تن کي صوفين وٽ صفا
حاصل ڪرڻ اهڙي پاڪائي پڄاڻا
مِڙن سان هڪ ٿئي حاصل حقيقا
”هيئت وحداني“ او آهي پروڙج پُرسا(1)
شعاءِ شمس ذات جا سَهيو سگهي سا
قلب جامع نه سگهي ايءُ تاب گهڻو توڙا
جڏهن انهينءَ جاءِ کان عارف عبورا
ڪندو، لهندو قرب جو مهندا مقاما،
آهي ”اَولوالعزم“ جو محل مخصوصا.
ٻيو به ان محل ۾ مُندَرَج ماڳا
علاحدي اطوار ۾ ڪارڻ ”قيوما“
”قيوم“ ڪنهن کي چون ٿا، تون سڻ تنهين صفتا:
جيڪي ڪي جهان منجهه مُمڪن موجودا
قائم رهي تنهن سان جئن جنهن جسما
جيسين او جهان ۾ هُئي حياتا
تيسين رجوع تنهن سان هوندس هر بابا
”ثُلث حقائق“ جي سمجهن سالڪن وٽا(2)
هرڪا حقيقت هُئي پنهنجي شان جدا
ڪعبي ۽ قرآن جي ۽ سندي صراطا
تن کي ”قيوميت“ سان ڪوئي آهي قُربا
”قيوميت“ سان
ڪهين طرح فوق رکن فرقا،
سڻ فوقيت تنهنجي طرح ترتيبا:
اَوليٰ حقيقت سان اَڏائي امرا
وٺي ٿو وصول ڪري اهڙو اتحادا
راجع ڏسي پاڻ ڏي مڙيئي مخلوقا،
حقيقت قرآن جي پڻ انهيءَ پارا
شوقئون شرط شروع ڪرڻ قِرات قرانا
ڄاڻي ٻُجهي ڄڀ کي بي شڪ بي شبها
وڻ وانگي موسيٰ جي حقيقت حُڪما
پروڙي پاڻهين پاڻ سِر پنهنجي ڳُجههَ ٿو ڳاءِ(1)
معنيٰ ”مقطعاتَنِ“ جي اُتِ پَروڙي پُرسا (2)
پوءِ ”دائرو خُلت“ جو موٽي هُن مٿا(3)
اِت والي ولايت جو خاصو خليلا(4)
تابع تنهنجا اِت ٿيا مِڙيئي مُرسَلا
مرڪز ان مقام
جو محمد (ﷺ) کي مورا(5)
پر، پنڌ ”نُقطي“ ڏي نه ٿئي ”دائري“ ڌارا
تڏهن اول اِحاطي کي ڪرڻ ٿيو قَطعا
پوءِ پهچڻ ٿو ٿئي مرڪز جي ماڳا،
محمد (صلعم) تابع تنهنجو سمجهه ان سببا
دائري جي دُخول لاءِ ڪرائي قصدا
تنهن لاءِ ”تُشَهدُ“ پُٺ ۾ سڀ ڪنهن صلواتا([1])
پيغمبر پاڻ پڙهي ۽ پاڙهي ٻين کا
”موسوي“ ميدان ۾ عارف اچن ٿا
معنيٰ محتت جي اُتي سوچي آهي سا
آهي ان مقام [تي] اهڙوئي عجبا
پاڻهين اُتي پاڻ تي، اچن ذات منجهان ذوقا
مُحب هُئي حب نه رَهي ڪنهين ٻئي ڏي ڪا
آهي سڀ عالَم کان ان کي اِستِغنا(2)
”الله غَنِي عَني العالَمِين“ ان کان اِشارتا(3)
عارف اتي ٿو ٿئي مَحو مُطلقا
اهڙي رنگ اچي ٿو ان جي فيض ڪنا
عابد ۽ معبود جو وڃي فرق وچا
نياز ڇڏيو ناز ڪري محبوبي مثلا
”اِن هِي اِلافِتنَتُڪ“ ايءَ موسيٰ مُقالا(4)
محمدي مقام جي ايءُ مُحبيت مَنشا
هاڻي ”حقيقت محمدي“ آهي ان مٿا
مُحبيت ۽ مَحبوبيت مَخلوطِي مثلا(1)
”فنا“ ۽ ”بقا“ ان جي آهي عجيبا؛
سَري ٿو سالڪ کي منجهه اِن مقاما
معنيٰ محمد (صلعم) سان اهڙو اتحادا
حاصل ٿيس هيڪڙي اهڙي اصالتا
پاڻهي ڏِسي پاڻ سِر، مڙيئي مُشاهدا
وچ ۾ واسطو نه
رهيس محمد جو مورا
ري واسطي وٽَ وٺي پنهنجي اصل ڪنا
هيڏي خاصيت هن کي پر ڪهڙي سببا
محبت محمد جي ٿئي ايڏي اندازا
جئن محبت
موليٰ ڏي رکي محض ايءَ معنيٰ
ته آهي رسول رب جو سبب نه ڪنهن ٻئي کا
موران اِن مقام ۾ طالب ترقي لاءِ
متابعت منظور ڪري هر ڪنهن ۾ حُڪما
اِت زياده ذڪر کان سَڦري صلواتا
فائدي ۾ فيض منجهه مٿي محمد (ﷺ) دل جي ڌيانا
ايءُ مرتبو معنيٰ منجهه عجب عالي آ
حقيقت حقائِق جي ايءُ آهي اصلا
اصل حقيقت هي ٿي ٻيا سڀ انهيءَ کا
پڃاڻا هن پنڌ جي عارف اصيلا
هلن تنهن ”حقيقت“ ۾ جا آهي ”احمديا“
عُلوُ اُن نسبت جو نهايت نورا(1)
ڪري نه سگهي جنهن جي توڙان تقريرا
محبوبيت جو مرتبو منجهه انهينءَ مقاما
بيچُون ڏسي بيچون، بيچوني نظرا
اتي پڙهي صلواة محبوبي مثلا
اللهم صل عليٰ محمد و عليٰ ال سيدنا محمدا
اَفصل صلواتِڪ عَدَدَ مَعلوَ ماتِڪ.
و بارڪ وسلم(2)
پڙهڻ سان پيدا ٿئي ترقي طالبا
چڙهيو [ان] چاڙهيءَ کان جان سالڪ جو سيرا
هلڻ ٿيس حب منجهان جا صرف آهه صفا
تَعِين نه آهي تنهن ۾ ڪوئي ڪنهن طرحا(3)
محبت ۽ محبوبيت جو ڪي مميزا(4)
ايءَ مڙيئي مَرتبا هيٺ رکن حڪما
هي او انهن کان اصل منجهه اعليٰ
حقيقت حقائق جي ايءَ آهي اصلا
ٻيون حقيقتون ان کي آهن ڪر آجزا(5)
پر حقيقتون ٻين جون جيڪي نبيا
ظاهر ظهور نه اٿن منجهه انهين مورا
ري ”قيوم“ ڪنهن کي نه ٿئي هي حب حاصلا
مٿي هن مقام کان سمجهه تون صلواتا
هي، ٻئن هنن ٻنهين کان جي مهند مذڪورا
آپر آ هِت علم منجهه وڏي وسعتا
حقيقت ڪعبي جي هيڪ جُزو هِن کا
۽ حقيقت قرآن جي ساڻ ايڏي شانا
آهي مثل جُزي جي مورانهين ماڳا،
اصل استعداد جو فائق فطرتا
جڏهن انهين جاءِ کان قسمت لهي ڪا
تنهن کي ٿئي نماز منجهه اصل هي حالا
جو دنيا منجهان دور ٿئي رسي آخرتا
”الصلوات مِراج المومِن“ اشارت اِن کا(1)
”اَقرب ماقايُۡڪون العبد
الي الرب في الصلواة“ سمجهه ايءُ سخنا([2])
شاني هن مقام جي ٻي جاءِ آهه جدا
”صرف معبوديت“ سا آهي عارفن اڳيا
وَسعت کي وچ ۾ ماپڻ جاءِ نڪتا
قدم ڪوتاهي ات ڪري سيري سلوڪا.
(صحيفئه ثاني منجهه بيان طريقي قادري جي)
هردم حمد هزار چوان |
رب سچي جا نِتِ نوان |
پيدا ڪيو جنهن پيغمبر |
مير محمد مِهر مُنور |
جنهن جو دين سچو اسلام |
تنهن تي دَرُود و السلام |
پير اسان جو پاڪ پيارو |
لائق لعل لؤاري وارو |
پير اسان جو پيرن پير |
غوث لؤاري قطب ڪبير |
مرشد منهنجو آ مختار |
ڪل پيرن جو سِرُ سردار. |
هاڻي سُڻجو هيءَ حڪايت: |
هادي مون کي ڪئي هدايت |
پاڻ چيائون پاڪ زبان |
اَعليٰ اَڪمَل عالي شان |
ته: جوڙ صحِيفَه سنڌي وائي |
سمجهڻ سڀني ٿئي سَڻائي |
اِنهينءَ صحيفه منجهه عَيان |
قادرِينِ جو ڪَر بيان |
سُڻي سِکي سِر سالڪ سمجهن |
سمجهن ۽ سي هن تي هلن. |
تڏهن مون ڪِيو شُڪر شتاب |
شڪر ڪري ڪيم شروع ڪتاب |
دل ۾ رکي ايهو عزم |
سنڌي وائي ڪيم نظم |
حڪم ڏنو جنهن مون کي هادي |
قطب چهارم چوٿين گادي(1) |
ٻارهون سن هو ستهتر |
بُر دُر ٿيو هي دفتر. |
منجهه بيان طريقي قادرين جي
حق تنهنجي تعريف چوان |
هردم تنهنجو نام وٺان |
مرشد ۾ آهي حق سَمايو |
حق حقيقت جنهن سمجهايو |
”ڪُنت ڪَنزا“ ڪيو پَسارو(1) |
نام ڌي جو ڪيو اظهارو |
نام ڌڻي جو سو سمجهائي، |
سڀ خلق سان خُلق هلائي |
پاڻ ڌڻي آهي پاڪ پاڪ |
پيدا ڪيا جنهن ارض افلاڪ(2) |
ياد ڪيو جنهن نام خدا |
پاڻ خدا ٿيو خد خدا |
اندر ٻاهر آهي رب |
حق حقيقت آهي سڀ |
حق تعاليٰ حق تون ڄاڻ |
”سِري“ شاغل شغل سڃاڻ(3) |
پاڻهين هر شي پاڻهين ٽول(4) |
”انا احمد“ جو ٻوليائين ٻول(5) |
نام ڌڻي جو سالڪ چوندو |
دور دوئي کان يڪ رنگ رهندو |
رنگ رنگ آهي بي مثالي |
بي مِثلان ٿيا ڪُل مِثالي |
حق حقيقت سالڪ سک |
بن حقيقت درد ۽ دک |
ايها حقيقت چوٿون دفتر(6) |
سالڪ ڄاڻي ان کي اڪثر |
”پير لواري“ پاڪ پيارو |
جنهن ”انا احمد“ جو ڪيو اشارو |
روشن اڀ سو دائم هردم(1) |
وٺن نام ڌڻي جو دم دم |
سڀڪو نام ڌڻيءَ جو ساري |
ٻُڏو سو جو نام وساري |
نام ڌڻي جو جنهن دل وسي |
دور زمانو نا تنهن دسي(2) |
هردم حق جو ڪر شڪرانو |
دم دم تنهنجو بات بيانو |
حق ڪيو جنهن ڳولي حاصل |
پاڻهين پاڻ ۾ پاڻهين واصل |
ڇا غريب نماڻو ٻولي |
ٻيو ڪي هجي تان ٻيو ٻولي |
سمجهه ڪري هي سمجهج بات |
”احد“ وِترو حق جي ذات(3) |
پاڻهين ٻولي پاڻ ٻولائي |
پاڻهين سُڻي پاڻ سُڻائي |
ساره تنهنجي صفت سدا |
پاڻهين پاڻهين پاڻ خدا |
غير حقيقت ناهي ڪِي |
آه حقيقت هر ڪنهين |
پاڻ ڏسي ۽ پاڻ ڏيکاري |
پاڻهين سمجهي پاڻ سيکاري |
پاڻ اندر ۽ پاڻ آ ٻاهر |
يعني اوهو باطن ظاهر |
پاڻهين ”هُو هُو“ پاڻهين ”هاءِ“ |
پاڻ اُهو آه هر ڪنهن جاءِ |
اول آخر باطن ظاهر |
حق کئون ٻيو ڪو ناهي ٻاهر |
ڪٿي دانا ڪٿي منگتو ڪٿي عابد ڪٿي معبود
هرهڪ جاءِ ۾ هرهڪ ۾ آهي مالڪ سو موجود.
در بيان ”حقيقت محمدي“ صل عليٰ مظهره الصلواة
والسلام
ذات ڌڻي جي ”احديت“ آهي |
نام ڌڻي جو ”وحدت“ آهي |
ميم مُجمل وحدت ڄاڻ |
تَعين اول پاڻ سڃاڻ |
ذات احمد جي سمجهه خدا(1) |
مون کان سمجهه سڻي دل لاءِ |
باطن ظاهر علم وجود |
اول آخر نور شُهود |
برزخ ۾ ڪيو تنهن ڏيکارو(2) |
پيدا تنهن کان عالم سارو |
شيون اسماءِ صفات ڪمالي(3) |
خواه جَمالي خواه جَلالي(4) |
شيُون اسماءِ صفاتون ڄاڻ |
پاڻهين پاڻ سُڃاتاءِ پاڻ |
”برزخ ڪُبري“ ڄاڻ تمام |
سمجهه حقيقت ”احمد“ نام(5) |
”احمد“ ”محمد“ آهي هيڪ |
رک تنهنجي دل ۾ سِڪ |
اصل حقيقت احمد ڄاڻ |
ڪُل شي تنهن کان ڄاڻ سڃاڻ(6) |
نور وجود آهي ظاهر نور |
نور منجهان ڪيو حق ظهور |
ايهو نور نه ٿيو ٿي ٻاهر |
ڪوئي ٽول نه ٿئي ها ظاهر |
آهي ”پاڻ“ ٻيو نا ڀانيو |
صوت احمد ۾ ٿي آيو |
پاڻ ڌڻي ٿي آيو احمد |
پاڇو تنهن جي مير محمد |
تندن کان ٿي تاڻي تڻيو |
نور نبي کان سڀڪي بڻيو(7) |
”برزخ ڪبريٰ“ احمد نام |
تنهن تي سَهين دُرود سلام |
اول آخر نور قديم |
آهي احمد بِلا ميم(8) |
بنا عين عرب جنهن چايو(1) |
آهي رب عرب ٿي آيو |
گنج گنجن سان گنج صفات |
احمد جي آهي ايها ذات |
عالم- جبَروت ۽ اُم ڪتاب(2) |
پاڪ نبي جو آهي خطاب |
وحدت اسم الاعظم ڄاڻ |
حقيقت محمدي ٿي عيان. |
”اسم اعظم“ جي معنيٰ ڄاڻو |
”جامع مطلق“ سمجهه سڃاڻو(3) |
سڀڪي سمجهي سڻ تون بات |
آهي ڪُل شي ان جي ذات |
”اسم اعظم“ کي سمجهه تمام |
”همہ اوست“ آهي ان جو نام(4) |
تنزيہ نوري تشبيہ ڪَهين جي |
هر جاءِ آهي جاءِ تنهين جي(5) |
پاڻهين ظاهر پاڻهين غيب |
آهي پاڻ يقين لارين |
”اسم اعظم“ اِجمال وجود |
ظاهر باطن آه موجود |
آدم حقيقي احمد ڄاڻج |
پاڪ نبي جو نام سڃاڻج |
عالم مطلق موجود جمالي |
موجود اول آه احمد عالي |
حق جو جسم رسول امين |
وحدت کان تا رُوءِ زمين |
جنهن کي اوهين چؤ ٿا ته آهي رازق رب حبيب
اسين انهيءَ کي ڪوٺيون، او آه محمد پاڪ مَجِيب
منجهه بيان مَرتبہ ”غيب الغيب“ جي
”هُو هُو“ آهي غيب الغيب |
ناهي غيب ”يقين لاريب“(1) |
نڪا ان جي نام نيشاني |
نا اللهُ، نا سبحاني |
محبوب اوهو عيب الغيب |
بيشڪ ساڻ يقين لاريب |
فهم فڪر کان آهي ڏور |
پاڪ ڌڻي آهي پاڪي نور |
هو هو رنگ ناهي ان جو، نڪو نام نيشان
محبوب مُحسن غيب الغيب، ناالله، ناسبحان
منجهه بيان ”احديت“ جي
”احديت“ آهي آ جو سوءِ |
نڪا ان کي جُفت نه جوءِ(2) |
نِڪو ان جو پيءُ نه ماءُ |
پاڻهين پاڻهين پاڻ خدا |
احد وِترو آهي هيڪ خدا(3) |
ڪل ڪُوفي کان آهه جدا(4) |
احديت جا آهن درجا ٽي |
باليقين تون سمجهه سي |
”قدم قديم“ کي اول ڄاڻ(5) |
”احديت مطلق“ ٻي سڃاڻ |
ٽي احديت جي ”ذات“ سنڀار |
ذات هڪ ۽ اسم هزار |
”مجهول الغيب“ آهي ذات هيئت(6) |
بي تعَين ذات احديت(7) |
”احديت“ آهي مطلق مَڪنُون(1) |
مخزن شافي شان شيُون |
”احديت“ کي تون سمجهه سڃاڻ |
سمجهه وري ”وحديت“ ڄاڻ |
جتي پاڻ ڌڻي آهه، اتي گفت نه گوءِ
نڪو ڏوه ثواب ڪو، نڪو بيم نه ڀوءِ.
بيان منجهه مرتبي حضرت ”وحديت“ جي
ان کان پيدا ٿيو هرچيز |
سمجهه حقيقت اي عزيز! |
وحدت آهي تعين اول |
روح اعظم آه مَبدءِ اول(2) |
وحدت کي اِجمال سُڃاڻ |
سڀ حقيقت تنهن ۾ ڄاڻ |
حقيقت ذوالوجهين(3) |
منہ تنهين جو دو طرفي ڄاڻج |
ٻيو منہ تون ”وحديت“ ٻُڌ |
دانا رک تون تنهنجي سُڌ |
ذوالوجهين ”وحديت“ آهي |
ٻيو تڪرار تنهن ۾ ناهي |
”حقيقت محمدي“ ان جو نانءُ |
ڪل شي ان کان آهي عيان |
ٽي مراتب وحدت ڄاڻ(4) |
سڻ تون تنهن جو جوان بيان: |
”احديت“ جمع اول آهي |
درجو ثاني ”وحدت“ آهي |
”دره البيضا“ ثالث درجو |
سمجهي سُڌ تنهين جي ڌر جو |
وحدت حق جي ڄاڻ اجمال |
وحديت جو تفصيل سنڀال |
احديت سان وحدت، اهو ذوالوجهين ٿي آيو
مطلق سان اجمال چيائين، ”برزخ ڪبريٰ“ نام رکايو.
منجهه بيان مرتبہ حضرت ”واحديت“ جي
”واحديت“ آهي تعين ثاني |
ثاني نفس اندر رحماني |
وحديت آهي وچ ۾ حاصل |
شان صِفاتون اسماءِ شامل. |
سمجهه واحديت جو تفصيل(1)
|
تنهن ۾ آهي قال نه قيل: |
واحديت آهي شان عليءَ جو |
جهڙو وحدت شان نبيءَ جو |
واحديت ڪيو هِت پَسارو |
جنهن سان پيدا ٿيو جڳ سارو |
”وحديت“ جو در آهي ”واحديت“ |
جهڙو وحدت آهي در ”احديت“ |
”انا مدينة العِلم“ چيو نبي(2) |
آهي شهر علم جو باب علي |
”اَعيان ثابت“ تنهن جو نام |
جنهن ڪيو ظاهر علم تمام |
وحدت ڪثرت نام سڃاڻ(3) |
واحديت کي سمجهي ڄاڻ |
وحديت وچ ۾ حاصل آهي، شان صفاتون اسماءِ ڄاڻ
شان علي جو واحديت آهي، تون تفصيل تنهن جو ڄاڻ
منجهه بيان حضرت ”روحي“ جي
ٽي مراتبا خلقي ڄاڻ |
سڻ تون طالب سمجهه سڃاڻ: |
اول حضرت ”روح“ لطيف |
پاڪ مُنزه ناه ڪَثيف(4) |
نا او نيڙي ناه پَري |
ظاهر باطن سڀ سَري(5) |
نا او فربہ نا او باريڪ(6) |
نا او روشن نا او تاريڪ |
نا مَجذوب و نا مستان |
اول آخر اوها ڄاڻ |
ان کي ڪين مُقيد ڄاڻو |
جامِع مُطلق صحيح سڃاڻو |
سِر الاهي اُن سين ظاهر |
نور نبي جو آهي ظاهر |
اَزلي اَبدي نور مسلم |
صلي الله عليہ وسلم |
خلق الاول قلم الاعليٰ |
روح الاعظم اعليٰ اعليٰ(1) |
نُور خدا جو پاڪ نبيءَ |
نُور تنهين مان خلق سڄي |
سڀ ارواح اُنهينءَ کان ظاهر |
برڪت اُن جي آيا ٻاهر |
ڇا مٿاهان ڇا هيٺاهان |
ظاهر باطن هِڪ هِڪاهان |
ڪُل اشياءِ جو آهي مَخزن |
ڪل اسرار جو آهي مَعدن(2) |
ڪل شي ان کان آه عيان |
پيدا پِنهان جمله جهان |
پاڻ اوهو ئي ساڳيو پاڻ |
ظاهر باطن ڄاڻج ڄاڻ |
ظاهر باطن جيڪي جوئي |
پيدا تنهن کان سڀڪي سوئي |
عَيان خارج روح سُڃاڻ |
هَمَہ حياتي ان کان ڄاڻ |
ٻيو ”بَسِيط“ آه روح جو نام |
مَظهر ڪُل اَسرار تمام |
روح اعظم کي سمجهه بسيط |
ڪل ۾ اهو آهي مُحيط(3) |
روح جو روح محمد ڄاڻ |
روح محمد حق سڃاڻ |
”روح“، ”تعين ثالث“ آهي(4) |
عالَم امر نفُوسُ جو آهي |
داخل جسم جو، نا هو خارج ڄاڻ
جئن آب سان آتش آهي، تيهي طرح سڃاڻ(5)
منجهه بيان پنجن اقسامن روح جي
روح جا پنج اقسام سڃاڻج |
سمجهه سڀيئي سالڪ ڄاڻج |
هڪ ”نُباتي“ ٻيو ”حيواتي“ |
ٽيون ”جمادي“ ۽ ”نفساني“ |
انسان تي پنجون روح بحال |
امر الاهي سِر ڪمال |
بالا تفاق چار ارواح |
سالڪ ڪُل جي آه صلاح |
پَنجين ۾ آه اختلاف(1) |
روح اعظم ۾ آهي سڀئي صاف |
نزد ثلاثہ جي اِيءَ پنج |
آهن دُرس ڀلا بي رنج |
بعضي نُڪتا ثلاثہ ڄاڻ |
پنجيئي داخل سمجهه سڃاڻ |
نزد حڪيمن سڀئي سارج |
نه سي داخل نه سي خارج |
جهڙو پاڻي ۾ آه باه |
تهڙو سڀ ۾ آه [ساه] |
وحدت وارن ڏانہ وجهه وک |
تن کان تون هي سڀڪي سک |
خالق ڪل مخلوق الاهي |
ايهو اَٿوَ امر آگاهي. |
اول ”روح نباتي“ آهي |
تنهن کانپوءِ ”جمادي“ آهي |
”روح جمادي“ آهي هڪ جا |
چُرڻ ڦِرڻ نا جُنبش ڪا. |
ٽيون روح قلب ۾ پاڻ |
”روح حيواني“ تنهن کي ڄاڻ |
چوٿون منجهه دماغ مَڪانِي |
تنهن کي روح چون ”نفساني“ |
چئيني جي تون صفت سڃاڻج |
فهم فڪر ۾ سمجهي ڄاڻج |
”روح نباتي“ سمجهج غازي |
ڪل شي تنهن کان تازه تازي |
”روح جمادي“ ساڻ سڪوت |
چُرڻ پُرڻ نا قوت قوت، |
”روح حيوان“ کي آه حرڪت |
هلڻ گهمڻ جي تنهن کئون برڪت |
ظاهر باطن ”روح نفساني“ |
هوش هنر سڀ تنهن کان ڄاڻي |
تخت مٿاهون تنهنجو نام |
اُم دماغ مُقيم مقام.(1) |
پنجون آهي انساني روح |
امر الاهي سنجهه صبوح |
”روح اضافي“ تنهن کي چُون |
سالِڪ خوش انهين ۾ هُونِ |
حق چيو آهي منجهه قرآن |
”فنفخت فِيہ مِن روحي“ ڄاڻ(2) |
روح انساني رک سنڀالو(3) |
”عقل اول“ آه تنهن جو نالو |
عقل عبارت جان ۽ دل سان |
ناه عبارت پاڻي گل سان(4) |
ان عقل جو ڪم اهيوئي |
مرد اوهو جو سمجهي سوئي |
روح الروح انساني ڀانءِ |
روح اعظم آه ان جو نانءُ. |
قُدسي آهي ”نورالنور“ |
جنهن سان جمله جهان مَسرور |
روح محمد جو اِيءُ نور |
ان کي ڄاڻي ان جو نُور |
لاتعين نور النور |
ڪل نورن جو تعين نُور. (5) |
عقل اصل ٻيءَ طرح ڄاڻ |
سمجهه تنهين کي تون دل ساڻ |
هڪ ”عقل“ آهي نام ”معَادِي(6) |
سالڪ کي ان آه ۾ شادي، |
”عقل معاش“ آهي ٻئي جو نام(7)
|
جِيفة تنهن جا ڪل ڪم خام(8) |
ڪم ڪمينا تنهن جا نيٺ |
پاڪ مٿي کان آهي هيٺ |
معاش عبارت مني پاڻي |
نه سو روح، نه دل کان ڄاڻي |
”عقل معاش“ آهي بي ايمان |
سمجهه سڻي سڀ لاهه گمان |
غالب ”عقل مَعاد“ غِيُوب |
”معاش عقل“ آهي سو مغلوب. |
ڇهه طرحو آه ”عقل معاد“(1) |
سمجهه اوهي تون ڏانہ استاد: |
اول ”غَيب النفس“ طلب |
تنهن کان پوءِ آه ”غيب القلب“ |
”غيب الروح“ ٽيون آ راهي |
چوٿون ”غيب الاسرار الاهي |
”غيب الخفي“ پنجون ڄاڻ |
ڇهون ”غيب الاخفيٰ“ آڻ |
غيب الغيُوب نه سمجهي عقل |
عقل اُت آهي بي عقل |
سائر الغيوب سمجهي سالڪ |
حقيقت الحَق جو هجي مالڪ(2) |
”قُلِ الروح“ کي سمجهه سڃاڻج |
”مِن اَمرِ رَبي“ ان کي ڄاڻج(3) |
روح انساني آه رحماني |
سمجهي تنهن کي مرد سُبحاني(4) |
سمجهيو روح نه جنهن انساني |
تنهنجي ناهي نام نشاني |
(1)
بنده پنهنجي خالق کي خضر نبي کان به وڌيڪ
پيارو آهي.
(2)
محض لحاظ مَن جو- الخ= يعني بنده جي پنهنجي
موليٰ وٽ مقبوليت صرف من يا دل جي عماقت ۽
پاڪائي جي لحاظ کان آهي(؟)
(4)
مَراقبو: ياد الاهي ۾ مشغول ٿيڻ ۽ ذڪرر فڪر
ڪرڻ جو خاص طريقو.
(1)
”جتي به اوهين هجو، هو اوهان ساڻ آهي.“
(2)
سي سڀ الاهي اسمن ۽ صفتن جا عڪس آهن.
(1)
ظِل= پاڇو يعني الاهي نور جو پَرتوو.
(2)
نزڪيہ نفس جو= نفس جي پاڪائي جو عمل.
(3)
هن کان اول ”ٻئي دائري ڏانهن ڪوبه اشارو
ڪونهي. شايد هن کان بالڪل اڳ واري حالت ”ٻئي
دائري“ جي آهي جنهن مان سالڪ اچي ”ٽئين دائري“
۾ پوي ٿو.
(4)
يعني انهيءَ ٽئين دائري واري منزل ۾ ٻي هڪ قوس
يا ڪمان جهڙي هيئت ظاهر ٿئي ٿي.
(5)
گوشن ڪڍڻ لاءِ= واحد گوشه يعني گز يا تير جو
منڍ؛ گوشن ڪڍڻ لاءِ يعني گزن يا تيرن هڻڻ لاءِ
(ڪمان جي صفت).
(1)
معيت= گڏ هجڻ. انهيءَ مقام ۾ سالڪ سمجهي ٿو ته
خداوند ڪريم ساڻس هروقت گڏ آهي.
(2)
اصل
۾: قلب جها [=قلب جيهه(؟]
(3)
ليکي ٻاهر لذتون= شمار کان ٻاهر لذتون.
(4)
نِواڙو جمع نواڙا= شفق(؟)
(5)
ڇڏي
جو ضمير پوئين مصرع ۾ ”سالڪ“ ڏانهن وري ٿو.
(1)
يحب و يحبونہ= الله تعاليٰ کين (سالڪن کي)
چاهي ٿو ۽ هو کيس چاهين ٿا.
(3)
ڪُبريٰ جو= يعني ”ولايت ڪبريٰ“ جو.
(5)
استدلالي- الخ= هن مقام ۾ اسدلالي مسئلا (جي
پڇا سان حل ٿين) سڀ ڦري ڪشفي ۽ ذوقي ٿي پون ٿا
(يعني پاڻهي کُلي پون ٿا).
(6)
محض لڳ موليٰ= محض لِلہ ڪارڻ.
(1)
مَلا الاعلي= مٿاهون ٽولو- پاڪ روحن جو اعليٰ
گروهه.
(2)
باطن اسم جو- الخ=
يعني ان
مقام ۾ اسم الاهي جو راز بالڪل پوري
طرح پروڙن ٿا.
(3)
تَهلِيلَ= ذڪر ”لاالہ اِلاالله“
(1)
ملڪي مناسبت= ملائڪن جهڙي حالت.
(2)
کيس (الله تعاليٰ کي) اکيون نٿيون پسن مگر هو
(الله پاڪ) اکين کي (بنده يا طالب کي) ڏسي ٿو.
(3)
هاريا حصولا= يعني اڳيان حاصلات سڀ هن منزل تي
ختم ٿي وڃن ٿا.
(1)
حاصل هُئي= حاصل هوءِ. حاصل ٿئي.
(1)
پروڙج پُرسا= ڄاڻج اي مرد!
(2)
سمجهن سالڪَ اُن وٽا(؟)
(1)
يعني ات سالڪَ پاڻهي پنهنجا راز سمجهي، ڳجهه
جي ڳالهين کي ٿو ويچاري.
(2)
پوءِ اهو پُرس (سالڪ مرد) ”مقطعاتن“ (=قرآن
شريف ۾ آيل حروف مقطعات مثلاً ”الم“ وغيره) جي
معنيٰ کي سمجهي ٿو.
(3)
دائرو خُلت جو= الله پاڪ سان دوستي جو دائرو.
(4)
انهيءَ منزل تي هو ولايت جو والي ۽ الله پاڪ
جو دل گهُريو دوست بنجي ٿو.
(5)
يعني ان دائري جو مرڪز محض محمد (ﷺ) آهي. (؟)
اصل عبارت: مرڪز ان مقام جي- الخ.
([1])
محمد (صلعم) به هن حڪمت عملي (يعني دائري مان
مرڪز کي پهچڻ) جو تابع آهي ڇاڪاڻ ته ان دائري
۾ داخل ٿيڻ لاءِ خود نبي ڪريم جن ڪوشش ڪئي ۽
ڪرائي آهي جئن ته پاڻ هر نماز بعد ”تَشهد“
(يعني ”التحيات لِلہ“- الخ) پڙهي ۽ پڙهائي
اٿن. مقصد ته نبي صلعم خود مرڪز آهي ۽ تنهن
هوندي به ”التحيات“ پڙهڻ سان پان تصديق ڪن ٿا.
(3)
الله ساري جهان کان بيپرواهه آهي.
(4)
هي ته رڳو تنهنجو امتحان آهي.
(2)
”اي الله! تون اسان جي سائين محمد ۽ سندس
اولاد تي ڀلي ۾ ڀلي صلوات ايتري گهڻي موڪل
جيتري تنهنجي معلومات آهي.“
(5)
ڪر= ڄڻ. اجزا= اجزاءِ= ڀاڱا- حصا.
(1)
نماز مومن جو معراج آهي.
([2])
”نماز ۾ ٻانهو پنهنجي رب کي گهڻي ۾ گهڻو ويجهو
ٿو ٿئي.“
(1)
قطب چهارم- الخ يعني خواجه محمد حسن مدني جو
درگاهه لؤاريءَ جو چوٿون مشهور گادي نشين بزرگ
هو.
(1)
صوفين وٽ هڪ مشهور حديث ”ڪُنت ڪَنزَا مَخفيا
حَببتُ اَن اُعرِفَ فَخَلقُتُ الخَلق
لاعِرِفَ“ (= آ هڪ مخفي خزانو هوس پوءِ مون
پاڻ کي مشهور ڪرڻ چاهيو ۽ انهيءَ مشهوريءَ
لاءِ خلق کي پيدا ڪيم) ڏانهن اشارو آهي.
پسارو= نظارو. سير.
(2)
ارض
افلاڪ= زمين ۽ آسمان.
(3)
”سِري“= ”هُو سِري واَنا سِر.“ (هو منهنجو راز
آهي ۽ آءٌ سندس راز آهيان) ڏانهن اشارو.
(5)
صوفين وٽ، هڪ مشهور حديث ”انااحمد بلاميم“
(آءٌ ميم کانسواءِ احمد يعني ”احد“ آهيان)
ڏانهن اشارو.
(6)
چوٿون دفتر= درگاه لواري جي چوٿين بزرگ خواجه
محمد حسين ڏانهن اشارو.
(1)
اصل صورتخطي: ”روشن اب آءِ سو دائم هردم.“ هن
مصرع جي معنيٰ مبهم آهي.
(2)
يعني زماني جو انقلاب ان کي نٿو ڪيرائي.
(1)
”احمد“ ۾ ”م“ به وحد جو جامع حرف آهي ۽ باقي
”احد“ ڌڻيءَ جي ذات آهي انهيءَ ڪري ”احمد“ جو
اصل ذات الاهي آهي. ٻيءَ معنيٰ ۾ احمد جوهر يا
اصل ذات الاهي آهي جا اصل ۾ هر شيءِ جو جوهر ۽
حقيقت آهي.
(3)
شيُون= ڪم يا مظهر (واحد= شان). يعني ڌڻيءَ جي
نالن جا مظهر ”ڪمالي صفتون“ آهن. مثلا اسم
”رحمان“ (=ٻاجهارو) جو مظهر، ڪمال کي پهتل
ٻاجهه واري صفت آهي.
(4)
جمالي=
يعني
جمالي صفتون مثلاً رحمان ۽ رحيم واريون صفتون.
جلالي= يعني جلالي صفتون مثلا جبر ۽ جبار
واريون صفتون.
(5)
يعني اسم احمد جي حقيقت بالڪل ”بزرخ ڪُبريٰ“
واري آهي. ”بزرخ ڪبريٰ“ يعني ”مَلا الاعليٰ“
جو مٿاهون مقام جو نبين جي پاڪ روحن جي بلند
مقام کان به بلند آهي.
(6)
يعني ”احمد“ اصلي حقيقت آهي جنهن مان ئي هر
شيءِ وجود ۾ آئي.
(7)
جئن تاڃي جو اصل تندون آهن اهڙي طرح هرهڪ شيءِ
جو اصل نبيءَ جو نور آهي.
(8)
بلا ميم= احمد ميم کان سواءِ.
(1)
جنهن پاڻ کي ”ع“ کان سواءِ عرب (يعني رب)
چوايو. هي شاعر جو خيال ۽ عقيده آهي.
(2)
عالم جبروت= اسماءِ ۽ صفات. الاهي جي جلال ۽
عظمت جو عالم. ”وحدت جو مرتبه“ جو پڻ ”حقيقت
محمدي“ آهي. اُم= ماءِ يعني اصل ۽ بنياد.
ڪتاب= قرآن شريف يا ڪائنات جو دفتر.
(3)
اسم اعظم جي معنيٰ هيءَ آهي ته هو هر شيءِ کي
”ڪُلي طور پاڻ ۾ سمائيندڙ“ (جامع مطلق) آهي.
(4)
همہ اوست= سڀ ڪجهه اهو ئي آهي.
(5)
بنا ڪنهن تشبيہ ۽ ڀيٽ جي هرڪا جاءِ انهيءَ نور
جي جاءِ آهي.
(1)
يعني غيب غيب آهي ۽ ”يقين لاريب“ واري حقيقت
کي غيب نٿو چئي سگهجي.
(2)
يعني ”احديت“ واري ذات هر شي کان آجي آهي: نه
ان کي ڪو ٻيو جوڙيوال آهي ۽ نڪا زال.
(3)
وتر= هڪ، واحد (الله). اصل صورتخطي: احد و
ثري.
(4)
ڪل ڪوفي کان= ڪل ڪٽنب کان.
(5)
اصل صورتخطي: ”قدم قدم کي“. قدم قديم= ازلي.
(6)
”اڻ ڄاتل غيب“ ذات حق جو نمونو آهي.
(7)
”ذات احديت، ڪنهن به حد بندي کان مٿاهين آهي.
(2)
مَبدَءِ= شروعات جي جاءِ ”مَبدءِ اول“ پهرين
شروعات يعني اها ذات جتان هر شيءِ جي پهريائين
ابتدا ٿي.
(3)
ذوالوَجهين= دو طرفي، ٻن طرفن واري.
(4)
يعني ڄاڻ ته وحدت جا ٽي درجا آهن.
(1)
اصل ۾: ”سمجهه وحديت جو تفصيل“.
(2)
حديث ”انا
مدينة العلم و عَلي بابُها“ (آءٌ علم جو شهر
آهيان ۽ علي انهي جو دروازو آهي.
(3)
يعني وحدت ڄاڻ ته ڪثرت جو نالو آهي.
(4)
اصل ۾: ”ناه ڪيف“ ڪثيف= لطيف جو ضد. ٿلهو.
کَهرو.
(5)
يعني ان لطيف روح لاءِ ظاهر توڙي باطن ۾ هئڻ
ممڪن آهي.
(6)
فربہ=
ٿلهو. باريڪ= سنهو.
(1)
اهو پهريون مخلوق، وڏي ۾ وڏو قلم، وڏي ۾ وڏو
روح ۽ مڙني ۾ مٿاهون آهي.
(4)
روح ”ٽيو تعين“ آهي. ”ٽيو تعين“ تصوف جو خاص
اصطلاح آهي. ”تعين“ جي معنيٰ به ڳوڙهي آهي. ان
کي قدري ”ڪنهن مقام يا منزل جو امڪاني تصور“
سان تعبير ڪري سگهجي ٿو.
(5)
اصل عبارت: جنهين آب سان- الخ.
(1)
اڳتي پنجين روح جو نالو ”روح اضافي“ڄاڻايو ويو
آهي.
(1)
ام دماغ= ڪيپراتي يعني اهو روح ڪيپراٽيءَ ۾
رهندڙ آهي.
(2)
”مون انهي (انسان) ۾ پنهنجي روح مان (روح)
ڦوڪيو.“
(3)
شايد
مراد ته ”روح انساني“ جو رک سنڀالو. يعني ان
جو خيال رک. اصل عبارت ۾: ”روح انسان رک
سنڀلو.“
(4)
يعني هن ”عقل اول“ مان مراد جان ۽ دل اهي ۽ نه
مٽي ۽ پاڻي (مان ٺهيل جسم).
(5)
”نور النور“ خود کي ڪو تعين (حد بندي) ڪونهي
باقي ٻين سڀني نورن کي تعين انهيءَ نور کان
ملي ٿو.
(6)
يعني هڪڙي عقل جو نالو ”عقل معادي، آهي يعني
اهو عقل جو اصليت يا حقيقت طرف موٽي.
(7)
”عقل معاش“ اهو جنهن جو واسطو هتي جي زندگيءَ
۽ گذران سان آهي؛ اڳتي ان جي تشريح ڪئي وئي
آهي ته: معاش عبارت ”مني پاڻي“ يعني ”معاش،
مان مراد مَني ۽ پاڻي آهي يعني هڪ حيواني مادو
يا هڪ تمام خسيس شي.
(1)
يعني عقل معاد ڇهه قسم آهي.
(2)
سالڪ جڏهن سڀ غيب سمجهندو تڏهن حقيقت الحق جو
مالڪ ٿيندو.
(3)
قرآن شريف جي آيت ”قُلِ الروحُ مِاَمر رَبِي
(”چئو ته روح منهننجي رب جي امر جي عالم مان
آهي.“)
(4)
مرد سبحاني= سڄاڻ مرد.
|