سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪليات حمل

باب --

صفحو :8

”تمام شد از دست حمل فقير لغاري“

”اين مدح ثاني هم در شان حضرت مرشد حقيقي+ وراه نما تحقيقي قُطب الاقطاب لعل لُؤاري واله رحمة الله عليه“

مخمس بزبان سنڌي- تصنيف حمل فقير لغاري سنه 1281“

 

1. مدح مرشد جي چوان ٿو جذبه دل جي جوش کئون

وصف تنهنجي زور زياده آ عقل ۽ هوش کئون

پَر، ڪرڻ تعريف تنهنجي خوب آ خاموش کئون

ڪِي قدر سرمون ڪيم دَز پير جي پاپوش کئون

ڪير ڪو سگهندو ڪري پوري سندس ساره ثنا.

2. محمدي مَسند اتي آ پير- ما قائم مَقام

جمله علم و حلم و همت ڪل تنهين کي آ تمام

اَبدال ۽ اَوتار تنهن کي ٿا ڪرن سَڀَئي سلام

خضر ۽ الياس، توڙي ٻيا ولي جي خاص عام

جِئن نَبِين ۾ محمد، تئن مِڙنِ جو مقتدا

3- ڪير ڪو تنهن کي سڃاڻي سِر آ سبحان جو

مَغز معنيٰ جو پَروڙيئين راز رب رحمان جو

راست راسخ رهنما، جن و ملڪ انسان جو

منجهه ولايت ۽ ولين شاهه شوڪت شان جو

ڪيُو اُچو اعليٰ ڌڻي رتبو سندس عِز و عَلا

4- شاهِ شاهان، شاه عالَم، پيرما مَسند نشين

پاڪ دل ۽ پاڪ بازو پاڪ تن ۽ پاڪ طِين

پاڪ خوردن، پاڪ گفتن، پاڪ رفتن، پاڪ بين

پاڪ مَسند ۽ مُصلو، پاڪ مِلت پاڪ دين

پاڪ تنهن جو آ طريقو، پاڪ پاڻ ۽ پارسا

5-آ نِسورو نور نرمل، نور تنهنجي آ نگاه

نور تنهنجي جاءِ جاڳهه، نور تنهنجي خانگاه

نور مسجد، نور منبر، نور روضو گُل گِياه

نور دُر درگاهه تَنهن جي، نور بيشڪ بارگاه

نور ڪِيائين جمله عالَم، عرش تا تحت الثريٰ

6- ڪاڻ دعوت دين جي نِيشان ڪاريائين نصب

توڙي هندي توڙي سنڌي توڙي ڪو عَجمي عرب

جو هجي سو هت اچي جنهن کي هجي حق جي طلب

حق ٿئي حاصل تنهين کي ۽ ڪري روشن قلب

جنهن سين سڃاڻي رب کي سو علم ٿئي ان کي عطا.

7- خاص خاصن ۾ خدا يو قرب ڏيئي ڪردگار

زاهد و عابد، امين و پارسا پرهيزگار

نازنين و نازداري پيش آ پروردگار

با حَميت باوسيعت با جميعت برقرار

ٻيا رضا رب جي مڃن ۽ رب مڃي تنهنجي رضا

8- با ڪرم ۽ با ڪرامت، با سخاوت سرفراز

با مُروت، با مَلاحت، بادشاهه، بيڪس نواز

بر مريدان مهربان، شہ غزنوي چون بر اياز

چو مصنف صفت تنهنجي با ادب عجز و نياز

ڪر وظيفو وِرد واصف! وصف تنهنجي با صفا

9- منجهه شريعت مصطفيٰ جي آسدا ثابت قدم

منجهه طريقت تار مُوجو- تر نه ڪيو تنهن خاص خم

منجهه حقيقت حال حاصل تا آبد آدم عدم

معرفت ۾ با مُريدن گذر تنهنجو دم بدم

مُلڪ معنيٰ جو ڏٺائين جت صفائي آ سدا

10- لعل لؤاري مَہ منور جو مبارڪ آ مڪان

هِن زمين تي ظاهري جِئن ٿو ڏسي جمله جهان

تَڪِيہ گاهي آه تنهنجو بَر برين- آسمان

سير ظاهر هن زمين تي، سير باطن لامڪان

لامڪان آ سِر سِرن، سُڌ تنهين جي خود خدا

11- عجب جيهي جاءِ اوها، بي طرف ۽ بي جِهات

نا اتي ڪو جن اِنَس و مَلڪ نا ڪا ڪائنات

محض آهي نور حق جو ۽ ڌڻي جي پاڪ ذات

جو ٿيو حاصل حمل چئي مصطفيٰ معراج رات

سو ڏٺائين جو ڏٺو مرسل مٿي رب جو لقا

12- ڪر مداحي ماٺ هاڻي جهل اتي ذاڪر زبان

هت نه حاجت آه تُنهنجي، علم بي حد بي بيان

جي ڪندين ظاهر ذرو هن کئون اڳي علمش عيان

ڏيندَئي تعذير توکي مؤا ملان منصور جان

رک اندر ۾ راز پِنهان ڳجهه مَ ڪين اڳتي ڳالهاءِ

13- پِير پيرن پير منهنجو شاه شاهان نقشبند

با سخاوت، با شجاعت، سرفراز و سر بلند

نفس ۽ شيطان شڪي کي قيد ڪيائين منجهه ڪمند

ناه طاقت ڪا تَنين کي تا هلائن فڪر فند

سالڪ- سر حقيقت رهبر- راه- هُديٰ

14. معنوي مرشد سندم آ منجهه لُؤاري پاڪ پير

رهبر و راحم رفيق و رازدان روشن ضمير

باحيا و حشمت و مسند نشين صاحب سَرير

بيڪسن جو ڀرجهلو، دامن لڳن جو دستگير

واهَرُو واهَر وِلهن، هَر مُهم جو مشڪل ڪُشا

15. شاڪرن ۾ شاه اعظم صابرن سرتاج آه

هرڪوئي احتياج وارو کيس ڪو احتياج ناه

هر ڪهين جي حاج تَنہ ڏِنہ کيس ڪنهن ڏنہ حاج ناه

هرڪوئي محتاج تنهن در، پاڻ ڪَنهه محتاج ناه

بي طمع بي غرض بي شڪ بادشاه- بي ريا

16- صد مبارڪ آ تنين کي جن ٿيو اي در نصيب

صد مبارڪ آ تني کي جنهن ڏٺو اهڙو عجيب

صد مبارڪ آ تنين کي جن گڏيو ههڙو حبيب

صد مبارڪ آ تنين کي جن سندو اهڙو طبيب

هر مشڪل ۽ هر مرض جي آ هٿ تنهين بيشڪ شفا

17- حمد حمل! چؤ هزارين دم بدم دائم مدام

خاص خاوند حق جا هر وقت ۽ هر صبح و شام

جنهن مون کي مرشد ملايو نقشبندي نيڪ نام

جنهن ڏِٺي ڏک ڏوه ميٽيا ۽ اکين پايو آرام

ساڻ برڪت پاڪ ڪلمي غم وهم سڀئي ويا.

”در باب تاريخ نيزه مبارڪ

در مڪان لؤاري شريف“

نيزو ٿيو نروار، نوري نقشبنديءَ جو،

لائق لعل لُؤاريءَ جو منجهه ڪوٽ اندر ڪلدار،

ارڙهين شهر شوال هئي سنه ٻه سا هڪ هزار،

اُڻاسيءَ اُڀو ٿِيو، تيرهينءَ ساڻ تيار،1

کَڙو ڪرايو خير سان سو پاڻ بيهي سردار،

عَلَم طوق عَلمَ تنهين جو اعليٰ ٿيو اظهار،

بيرق برق مثال ڪري ٿي چمڪارا چوڌار،

روشن روُءِ زمين ڪيائين تجلي سان تڪرار،

پڙهو رعد رباني ڏنو هاتف هي هن پار:2

هي آهي هنڌ هدايت جو هي موليٰ جو مختيار،

دعوت ڪِيائون دين سندي هي جهنڊو سان جهمڪار،

مَسند اتي مرشد مهدي پير آهي پڳدار،

مير محمد حسن هادي گادي تي گلزار،

رب رسول ڏني آهي تنهن کي دين سندي دستار،

فيض فتح فيروزي تنهن هٿ ڏني جل جبار،

طمع تَرڪ، تَوَڪل تابش تنهجي هٿ هٿيار،

ماري مسلمان ڪندو هي ڪُٽي ڪل ڪفار،

پري پري تائين پهتو تنهن جو ڏيهن ۾ ڏَهڪار،

دشمن دسي دور ڪندو هي پير ڏيئي پَلتار،

مهر سندا هِت مينهن وسايا راحم رب غفار،

پيو پڙ لاءِ پڙهي سندو هي هر ڪنهن ديس ديار،

پهتو سڏ صريح ايهو هر پاسي ۽ هرپار:

جيڪو طالب حق جو هجي مرد توڙي ڇا نار،

توڙي مير امير هجي ڪو توڙي هوئي تُجار،

توڙي نيڪ نمازي هوءِ ڪو توڙي نحس نڪار،

توڙي گنهگار هجي ڪو بڇڙو ۽ بدڪار،

توڙي سعد سَپُوت هجي ڪو توڙي چور چڪار،

نيزي هيٺ نجات لهي جي هلي اچي هڪوار،

لُطف ساڻ ”لغاري“ چوي لاهي غم غبار،

صيقل هنيو صاف ڪري ٿو سينا سڀ سچار،1

هر ڪنهن حاصل حق ڪري ٿو، ڏنس سگهه ستار،

هلي ايندو هِتِ جنهن جو بخت هوندو بيدار،

جنهن کي گهرندو پاڻ ڌڻي آهِ آگي جي اختيار،

حمل! حمد هميشان پڙهه تون لَکين ليل و نهار،

اچي اکين ساڻ ڏٺو تو درسن ۽ ديدار،

بخت ڀلو ٿيو دست ڏنائون ڪرم ڪيو ڪلتار،2

دامن ڏيئي ڍَڪ ڍڪيائون منهنجا عيب اپار،

ڪل جماعت ساڻ جميعت ڏنس تنهن ڏاتار،

مرشد منهنجو مهدي هادي لؤاري جو لک پار،

تنهن لؤاري تئون لک وار، صدقو ساهه سيتي ڪريان.

”تمام شد

از دست حمل فقير لغاري

سنه 1281هه“

”در باب تاريخ دروازه روضہ مبارڪ+

در مڪان لؤاري شريف“

اول صفت الله سندي ٿو ساراهيان سبحان،

بعد تنهين تاريخ چوان ٿو سنڌي صاف زبان،

دروازي دَرَ روضہ جي منجهه لؤاري لعل مڪان،

روزمره تنهن روضہ تي آ رحمت رب غُفران،

پير پاڳارو پيڙهي تي آ سَر زمين سلطان،

حضرت مير محمد حسن حامي هردو جهان،

تنهن کي خاص خيال ڪَنان پيو راز ڳُجهي رحمان:

رورضہ جو در روپو ٿيئي شاه چيو وڌ شان.

صَنعت گر سڏايا صاحب، ڌيان وڏي دُرگيان،1

آهنگر اوستاد آيا جي خيرپوري ها خان،2

هڪڙو گل غلام حيدر ٻيو اوستو هو احسان،

حاجي حج حجاز پڙهي جَنہ مرد کٽيو ميدان،

ٽيون ڀي گڏ غلام نبي هو تن سان سرت سُڄاڻ،

دانا دُر يگانا ٽيئي لاشڪ جان لقمان،

هٿ ٻڌي سي حاضر بيٺا ساڻ ادب ايقان:3

جيڪو ڪم ڪريم چئو آئين لائق ساڻ لِسان،

اکينِ ساڻ ڪنداسين اوهو امر بَجا با جان.

تڏهن ٿيو ارشاد تنين تي فائق جو فرمان:

سِيمي دَر سگهو هڪ جوڙيو همت ساڻ حنان،1

مُنقش مَنوتدار مُحَسن، لائي درست ڌيان.2

امر مڃي ارشاد، اٿيا سي اوتا با ايمان،

پڙهي اسم الله سندو تن ڪڍيو درست دُڪان،

تنهن دم ترت حوالي تن ٿيو سون رُپو سامان،

ڪَمر ٻڌي سي ڪامل بيٺا عَبدن جي عُنوان،3

حرفت هوش هنر جو هَر سِہ چالايو چالان،4

مَنوتَ ۾ مشغول ٿيا سي جُودِي جلد جوان،5

چاندي تي چِٽسالي ڪيائون، گُل ڪڍي گمسان،

تُڪما تن طلائي رَکِيا تارن جي تابان،6

سونا برج تنهين تي باري لاٽون ڏينِ لمعان،7

هنر منجهه حَدادَنِ نا ڪِيو نقطي جو نقصان،8

ڪونه ڇڏيو تن پنهنجو پوئتي عقل سندو ارمان،

زرگر ڀي روءِ زرد ٿيا منجهه حيرت جي حيران،9

برڪت ساڻ بحال جُڙي ٿيو آگي جي احسان،

آچر ڏينهن آڏيو در اُوهو روپو منجهه رمضان،

ستاويهين سَعد سڳوري شَب قدر جي شان،

تيرهين سن جو سال اسي هو سمجهيو بات بيان،1

بڻجي باغ بحال بيٺو در اعليٰ سَر آستان،

تجلي تابش طاقَ پَسي، ٿيا شمس قمر قربان،

مَلڪن ڪُل مبارڪ ڏني ”احسن“ چيو آسمان،2

چائٺِ کي چوڌار چُمن ٿا جِن، پَريون، انسان،

کَستوري خوشبوءِ گهُلي، ٿيو اِرم ڪُلي ايوان،

خذمت منجهه خُدام خلاصا روزمره رضوان،

مُحڪم مَنصبدار مُقَرب دَرَ مٿَي دربان،3

ويٺا نتِ هميشان حافظ قاري پڙهن قرآن،

اوستن کي انصاف ڏنائون نقدي ۽ نَريان،4

گاوميشون ٻيا گاؤ ڏنائون اُشتر ۽ اَروان،5

طرح طرح جا تحفا تن کي ٿوڪَ زَريءَ جا ٿان،

ٻيا ڀي ڪئين امداد عطا ڪيا شاهه پنهنجي شايان،

ڪُل مريدن گهوروُن گهوريون نيڪ نيتَ نَذران،

سي ڀي سڀ حوالي تن ٿيا پيسا بي پايان،

ڪري اوهيرا اُلٽيو اَچي بخشش جو باران،

ميڙي مال متاع هَليا، ٻيون دُعائون وٺي دان،

بُغدِين مٿي بار وجهي ويا يار ڀَري يَغمان،1

مَهرينِ تي موڪلائي هَلِيا مان لهي مهمان،

واه مراد مريد لهي ويا جوڙي پيئي جهان،

اهڙو پير سمنڊ سخا جو موج ڏئي مهران،

”لؤاري“ جو لکپال لُٽائي موتي ۽ مرجان،

رحمت جو هي روءِ زمين تي ابَر نَيو نيسَان،2

تيرهين سن ۾ سَرس سڀن کئون داد لڌو دوران،

غوثُ، غياثُ، غَضنفَر عالب، بحر علم و عِرفان،3

سَهس هزار هميشان حاضر نِت نِتِ کائن نان،

ٻيا ڀي ڪئين محتاج مسافر ناقص ۽ نادان،

بُکيا بي توفيق ويچارا عاجز جي عُريان،

تن سڀني جي سار لهي ٿو درمندن درمان،

قحطه نه ڪال تنگي ڪا تنهن جاءِ، هر شيءِ اُت اَرزان،

بيشڪ باغ بهشتي آهي جَنت جاءِ جِنان،

شِيرَ شَهد جون نُوري نهرون جنت جان جِريان،

سائو سو سرسبز سدا اُت برڪت جو بُستان،

نڪو صَر صَر باد سَمُومي نه ڪو خوف خِزان،4

نَڪو خطرو خيال انهينءَ جا، نَه ڪو شر شيطان،

نَه ڪا بدعت بوءِ تنهين جا، نَه ڪو غير گمان،

نَه ڪو چور چَڪار اُتي ڪو، نَه ڪو ضَرر زِيان:

پاڪ مڪان پناه اندر رب رکيو امن امان،

تنهن ۾ طالب حق جا ويٺا ياد ڪرن يَزدان،

اٺئي پهر الله گهُرن ٻي ڪاڻ ڪِنَهين جي ڪان،

ايها سڌ سخا جي ساري مَڪي تان ملتان،

خيبر، خاور تا به خراسان، عرب، عجم، ايران،

مشرق، مغرب توڙي پڌرو روشن نام نشان،

حمل! حمد هزاران چؤ تون شام صبح شُڪران،

اهڙو پشت پناهه اسان جو ضعيفن زور زمان،

ميٽي معاف مدايون ڪندو عاصين جا عصيان،

ڪندو ڪُل مريدن جا سو مشڪل سڀ آسان،

ظاهر ساڻ زبان، پڙهجي ڪلمون پاڪ نبي تي.

”تمام شد

از دست حمل فقير لغاري“

”تاريخ مسجد مبارڪ در مڪان شريف لعل لؤاري“

ثنا سبحان کي بس بيشماري، آهي رب پاڪ جو بي مثل باري

توڙي ماڻهون، مڪ، جن، ديو، پريون، ڪندو ڪو ڪير تنهنجي صفت ساري

جنهين پيدا نبي ڪيو مير محمد، حسن تنهنجي اڳيون چنڊ آچهِ ڪاري؟1

نبي جي نور مؤن نائب نبي جو، قطب قائم ٿيو منجهه لعل لؤاري

جيڪي ابدال ۽ اوتاد افراد، ڪرن سڀ پيش تنهن خذمتگذاري

منهنجو مرشد مٺو محبوب رب جو، شريعت جنهن اچي احسن اجاري

پُين ڪو خيال دل تي خاص حق جو، ڪَجي مسجد ڪشادي وڏن واري

ڏنائون راز رازن کي ايهوئي، ڪريو ڪا ڪار مسجد جي موچاري

اول پهريون جوڻيجو جوان جوان مرد، وڏو استاد جنهن ڪئي انب اُساري2

ٻيو گڏ هو غلام محمد تنهين سان، بهادر ڀي بهادر ذات ڏاهري

ٽيون ڀي مرد ماٺيڻو هو مڱريو، خلاصو خوض سان باخبرداري3

ٽيئي هرهڪ هنر جا هوشمند ها، وڏا وِينجهارِ وحدت جا واپاري

ٽِنهِي ڪيا ٽي قُبا اوستن اوساري، گنبذ محڪم مُدوَر بلند باري4

مثل قبل المنا جي پار قبلي، جُڙي بَڻِجِي بيٺي مسجد مُناري5

چيم دل ۾ چوان تاريخ تنهنجي، جُڙي جنهن سال ۾ مسجد سونهاري

عجب نقطو چيو هاتف حمل! کي، صفت هن سال جي ”لاحد لغاري

1284هه

بيت

محبت رکي من، وَنءَ لواريءَ لعل ڏي،

قدرتي ڪُرنڊ سان ٿا مُرچا لاهن من1

ڪئين وڃن ٿا ڪاه ڪري، هُت اڱڻ استادن

لاهن ٿا لغاري چئي، ڪٽ اُتئون قلبن

صبر جو تنهن ساعت ۾، ٿا آمڻ ات ڏين2

”ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد“ ٿا اهو ڏس ڏين

هنئين جا هور حمل چئي، ٿا وڃڻ ساڻ وڃن3

هُوري سَلبي سمجهن، تون چپ چورج ڪينڪي.4

 

 

X

داستان ٽيون

”معرفت نامون“

[صحيفه اول منجهه بيان طريقي نقشبندي جي]

 

ساراهيان سبحان کي جو قادر ڪريما

خالق، رازق مون ڌڻي، عالَم سڀ ان کا،

مقصود ڪل موجود جو محمد مصطفيٰ

صلي الله عليہ وسلم هردو هميشا

هاڻي سئو سالڪا مڙيئي مون ڪنا

جئن حاضر هوس هڪ ڏينہ منجهه حضرت حضورا

جو مرشد مڪمل معنوي ڪامل ڪريما

لائق لؤاري جو ڌڻي راحم رهنما

وسيلو ولهن جو آڙِين آڌارا

چوٿون قطب جو ٿيو قائم مقاما1

روشن ڪيائين دين کي اڳرو اڳئين کا

نالو نبي ڪريم جو مٿس مقرر آ

سو دفعا صاف ڪريان ڌوئي زبانا

عطر آب گلاب سين مَهٽي مشڪ ڪِنا

سوڀي نالو ڳِنهڻ پاڪ جو آ اڃان ادبا

پر نالي ڌاران ان جي زيب نه زينت ڪا

تڏهن اسم مبارڪ مون لکيو هاڻي هن طرحا

جئن اول منجهه اسم جي آ اسم محمدا

آخر منجهه اسم جي آ ”حسن“ بي الفا

رحمتون رحمان جون مٿس [اپارا]

هجن شال ”حمل“ چئي مٿس مَداما

آهي سِر الله جو ٻيو شڪ نه ڪو شُبها

”هُوسِري و اَنا سِره“ پَڙهي پروڙجا

نڪي خدا ڪوٺبو ۽ نڪي ڪي جدا

آه نسورو نور سو مريوئي معنيٰ

ڌڻي ڍَڪيا ڍَڪ سان پنهنجي پناها

ڪونه سڃاڻي ان کي ٻيو ريءَ ڌڻي ڌارا

اِتي سمجهه صحي ڪر مڙيئي معنيٰ

هڪ ڏينہ فرمايائون فضل سين مون کي مهر منجها

ته: جوڙ حمل! تون هڪڙو صحيفو صحيحا

صحي صحيفو جوڙ تون ساري سنڌي واءِ

سَوَلي سنڌي سوکڙي سمجهڻ سڀني لاءِ

تنهن ۾ طريقي نقشبنديءَ جو ڪر تون بيانا

۽ ڪر تون بيان لَطِيفَن جو ۽ تن جا مُقاما

سڻي سمجهي تن کي مَن طالب ڪن طلبا

تڏهن ٻانهون ٻڌي عرض ڪيو مون اُٿي سان ادبا

ته: آهيان ضعيف زبون گهڻو نِست ۽ نِڌرا

هادي! همت ڏيج تون مون کي مهر منجها

مون کي آهه اوهان جي دعا درڪارا

تڏهن فرمايائون فضل سين ٻيهر ٻاجهه منجهان

ته: آهي آسان توکي، ڪر تون تصنيفا

۽ هوندو حمل! تنهنجو نالو نروارا

منجهه مڪان شريف جي تا قيامت ڏينها.

تڏهن شڪر ڪري شروع ڪيم هاديءَ جي همتا،

هاڻي سڻو سالڪا! هِن پَرِ بيانا

ته: طريقو طريقن ۾ مٿي مڙني آ

سو طريقو نقشبندن جو اَفضل ۽ اعليٰ

۽ آهن نِزد اُنهينءَ جي صحيح لطيفا(1)

سڻو نالا تن جا ۽ تن جا مقاما

سي آهن مڙيئي ڏه لطيفا مُرڪب انسانا

آهن پنج لطيفا تن منجهان ”عالم- امر“ کا

صحي ڪري سڻج تون تنينءَ جا نالا:

هيڪڙو ”قلب“ ۽ ٻيو ”روح“ ٽيون ”سري“ آ

چوٿون ”خفيٰ“ خاص سڻ پنجون آ ”اَخفيٰ“

آهن اصول ان جا مٿي عرش مٿا

۽ لامڪانيت سان سي تعلق رکن ٿا.

پنجئي جواهر جي لکيم خالص لطيفا

اهي آهن انسان ۾ ڌڻي رکايا

ڌارو ڌار جسم ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ

اچي هن جسم ۾ احسن سي ٿيا،

تڏ [ورتائون] علائقا ۽ لذتون جي نفساني سببا

ته اصول ان کي پانهنجا وسري سڀ ويا،

جڏهن توجہ ڪري تن تي مرشد مڪملا

تڏهن سي وري ياد ڪن اُصول اصلن جا،

رجوع رکن اوڏهين موٽي محبتا،

الاهي [ڳُڻ] ان ۾ پيدا ٿِين پڌرا.

پوءِ اوهي جڏهن اصول کي وري رسن ٿا

تڏهن اصل جي اصل ڏي وري سي هلندا

اصل پٺيان اصل پيا جي اصل اصلن جا

رسن وڃي ان کي لاشڪ لطيفا.

جڏهن ڪل اصول کان لطيفا لنگهندا

رسندا تنهن ذات کي جا صرف ذات خدا

آهي ذات پاڪ سا ڏنہ شانن صفاتا

حاصل ٿئي ان کي الفناءُ الاتما(1)

فنا پُٺيءَ حاصل ٿئي ٿي بَقا اڪملا.

پنج لطيفا ٻيا جي ”عالم- خلق“ جا(2)

هڪڙو ”نفس“ تن منجهان ۽ چار عناصرا،

اصل ”عالم- خلق“ جو اصل الاصل ”عالم اَمُرا“

اصل جو ”نفس“ جو اصل الاصل ”قلبا“

۽ اصل جو ”باد“ جو اصل الاصل ”روحا“

۽ اصل جو ”آب“ جو اصل الاصل ”سرا“

۽ اصل جو ”نار“ جو اصل الاصل ”خفيا“

۽ اصل جو ”خاڪ“ جو سو اصل الاصل ”اخفيٰ“

۽ رنگ نور لطيفن جا آهن جدا جدا،

نور ”قلب“ جو زرد آه، ۽ ”روح“ سندو سُرخا

”سِري جو نور سفيد آهي، ۽ ڪارو ”خفيا“

۽ سبز نور سڀني مان آهي سندو ”اخفيٰ“

۽ پڄاڻا صفائي گهڻي جي نور سندو ”نفسا“(1)

آهي رنگ ڪَسِيف سو سڻي ڪر صحيا(2)

سڀڪو لطيفو هيٺ قدم نبي نبي جي آ

هرهڪ نبي اُوهي جي اوُلوالعزم وڏا

هيٺ قدم حضرت آدم جي آهي لطيفو ”قلبا“

۽ لطيفو ”روح“ جو سو پڻ سڻيجا

آهي ٻن نبين جي قدم جي هيٺا

هڪ حضرت نوح جي ۽ ٻيو حضرت ابراهيما،

هيٺان قدم مهتر موسيٰ جي ”سِري“ لطيفو آ

۽ ”خفي“ آهي هيٺ قدم حضرت عيسيٰ،

۽ ”اخفيٰ“ آهي هيٺان قدم محمد مصطفيٰ

سهسين صلواتون تنهن تي ۽ تنهن تي سلاما.

[چون] مشائخ جي وڏا، رحمت ڪَرين خدا

اول لطيفا پاڪ ڪر ”عالم- امر“ جا.

ٽي واٽون مقرر ڪيون تن تحقيقا:

اول اسم الله جو هِنَ پَر پڙهيجا

اول زبان تارون ۾ بلڪل بند ڪريجا

۽ جي حديثون نفس جون خيال ۽ خطرا

خالي ڪر تون دل کي آڻي ڪل ڪنا

توڙي مدت گهڻي توڙي گهڙي ڪا

۽ جي ٿين بند ڪين ڪي اوهيئي خطرا

تڏهن ”لااِلٰہ الاالله“ چوي ظاهر زبانا

ڳچ مدت سين ڪري تنهن کي تڪرارا

وري چوي خيال سان ”الله“ سندو اسما

ڪري هميشہ اُن پر اهڙي طريقا

تا ڌڻي ڪڍندو دل مان خيالي سڀيئي خطرا

۽ صورت جا مرشد جي جنہ ڪيو تلقينا

ڪر مقابل دل جي صحي صورت سا

۽ ڏائي بُبي جي هيٺ آهي دل جو مڪانا

وِٿي ٻن آڱرين جي بُبي ”قلب“ وچا

اسم ”الله الله“ پڙهي هن شرطا،

سان خيال دل جي نه ساڻ زبانا

مٿي ذات پاڪ جي ڌري ڌيانا

ساڻ صفتن ڪاملن جي مُنزه مِڙِن ڪنا(1)

ٽريئي وقت ذڪر ۾ هوئي هشيارا

تان دل تنهنجي جاري ٿئي ذڪر ساڻ خدا.

پوءِ لطيفي ”روح“ ۾ رکي خيالا،

ٻه آڱريون بُبي جيڻي جي آهي سو هيٺا(2)

تهان پوءِ ”سري“ جو رکي سو سُرتا

ٻه آڱريون آهي سو ڏائي ببي جي مٿا

طرف سيني جي وچ ڏي تنہ سندو ميلا

موٽي ڪنا لطيفي ”خفي“ جي رکي سو سُرنا

ٻه آڱريون بُبي جيڻي جي مٿان تنهنجي جاءِ

طرف سيني جي وچ ڏي مَيل تنهنجو آ.

موٽي ذڪر رکي منجهه لطيفي ”اخفيٰ“

آهي ”اخفيٰ“ جي منجهه وچ سيني جي جاءِ،

تان جاري ٿين ذڪر سان پنجيئي لطيفا.

پوءِ لطيفي ”نفس“ ڪنان جو منجهه پيشاني آ،

تهان پوءِ ”قالب“ جو لطِيفو لکن ٿا

جاءِ لطيفي تنهن جي ساروئي جسما

تڏهن وار وار جي پاڙ مان ٿئي ذڪر ظاهرا.

هاڻي سمجهه اڳتي موٽي هي معنيٰ

ته آهن لطيفا جيڪي ”عالَم- امر“ جا

آهن اصل تن جا مٿي عرش رحمانا

جڏهن پهچن اصل کي اهي لطيفا

تڏهن ٿئي حاصل تنهن کي فنا ۽ بقا،

۽ اصل جو ”قلب“ جو سو ”تَجلِي اَفعالِي“ آ(1)

۽ ”صفاتي ثبوتي“، ”روح“ سندو اصلا(2)

۽ اصل جو ”سِري“ سندو ”ذاتي شيونا“(3)

اصل جو ”خفي“ جو ”صفتون سلبيا“(1)

۽ جو ”شان جامع“ سو اصل سندو ”اخفيٰ“(2)

پوءِ ڪري لحاظ مراقبي ۾ انهن اصلن جا،

ساڻ ترتيب هن جي سڻي سکج ساءَ،

جئن ”قلب“ پنهنجو، قلب ساڻ محمد مصطفيٰ

ڪَري مقابل تنهن جي ۽ گهري هي دعا

ته: فيض ”تجلي افعالي“ جو ڏنهن حبيب خدا

منجهه حضرت آدم جي رسيو جو فيضا

ڌڻي! منهنجي قلب ۾ اهو فيض رسا

پوءِ ”تجلي افعالي“ ۾ کائي قلب فنا

پوءِ افعال پانهنجا ۽ ڪُلي خلق جا

ڌاران فعل حق جي نظر نه ايندا.

۽ ولايت قلب جي، جا ”ولايت- آدم“ چون ٿا

۽ جو سالڪ انهيءَ ولايت کان واصل ٿيندو آ

تنهن سالڪ کي چون ”آدمي مَشربا“(3)

عرض ڪري آگي کي موٽي عجز منجها،

ته ”ثبوتي صفتن“ جو پوي جو فيضا:

اهڙي طرح لطيفي ”روح“ کي سمجهي سالڪا،

مقابل روح محمدي ڪري سان قُربا:

روح محمدي جي کان نوح جي روحا

رسيو روح نوح نبي جي ۽ خاص خليلا

سو رسي منهنجي روح کي موجب متابعتا،

”مشرب ابراهيمي“ ان کي ڪَهن ڪاملا(1)

ان وقت عارف پاڻ کي ڄاڻي يقينا

ته ايءَ صفتون سڀيئي مون وٽ هيون عاريتا(2)

وري رسيون رب کي ثابت سلامتا

ٿيون صفتون سڀيئي موتي ”مَسلوبا“(3)

پوءِ ”سِري“ کي ان طرح سري سردارا(4)

برابر رکي بندگي ڪري آگي جي اڳيا

ته: فيض ٿئي ذاتي سري ثبوتا

جو مصطفيٰ کان موسيٰ کي آهي اصل عطا:

مون کي موليٰ بخش تون پنهنجي فضل ڪنا.

جڏهن رسيو انهينءَ راز کي سالڪ ساڻ صفا

”موسوي مُشرب“ ٿيو سُلوڪي سببا

مُستَهلڪ ٿئي مورهين زور منجهه ذاتا(5)

پوءِ موٽي پيش ڪري لطيفو ”خفيا“

خفي خاص نبيءَ جو ساڻ وڏي صدقا

عرض ڪري الله کي ڪُرنش ڪمالا(6)

ته: فيض ”صفاتي سلبي“، جو آهي عجيبا

عيسيٰ کي عطا ٿيو ڪنان محمد مصطفيٰ

خاوند منهنجي ”خفي“ منجهه باري ڪر بخشا

”عيسوي مَشرب“ اٿيو عارفن اڳيا

فرد مجرد فرق ڪري ڪلي قيد ڪنا(1)

ڄاڻي ٻجهي رب کي بي شڪ بي شبها.

خاص الخاص لطيفو ليک تون آهي جو ”اخفيٰ“

”اخفيٰ“ احمد جي سامهون ڪر صحيحا

گهڻي دعا گهر تون: اي رب رحمانا

دولت پنهنجي دوست کي ”اخفيٰ“ منجهه آگا!

جا ڏئي سا ڏي تون مون کي مهر منجها.

جو وڌي ان واٽ سان سالڪ سلوڪا

”محمدي مَشرب“ ٿيو اڪمل اوليا

عادت ان جي سڀ ٿئي عادت حق تعاليٰ

پوءِ ”نفي“ ۽ ”اثبات“ کي ڪر طرح تڪرارا

ذاڪر ٿا ذڪر ڪن قلب جي قونا

ايءُ آهي ذڪر ذوق لاءِ تُحفو طريقا

سڻي سمجهي ياد ڪر تنهنجو تفصيلا:

سوگهو ٻڌڻ ساه کي دَٻي دُنَ هيٺا

ڇڪڻ لامن ”لا“ جو مٿي مٿي کا

ايهين ”اِلٰہ“ کي ڪڍي سڄي ڪلهي ڏاه

پوءِ ”الاالله“ کي خطري خيالا

هڻن ٿا هينئين تي زور منجهان ضَربا

جيسين سگهن ساهه کي ٻڌڻ وَس وٽا

تيسين ٿا تڪرار ڪن [زور منجها] ذوقا،

راحت ڪارڻ روح جي کڻن دم دانا

عدد اِڪيءَ جي مٿي کڻن پساها

سدا شرط ساهه کڻڻ جي سگهوئي؛ سُڻ تا

”محمد رسول الله“ چون دل جي ڌيانا.

ذاڪر وقت ذڪر جي من رکن معنيٰ

[اٿن] ”ذات صرف“ مقصد مطلوبا(1)

ٻيو نفي ساڻ نفي ڪري پاڻ ۽ پاڻ ٻيا

ذات ڪن اثبات سان، ثابت صدق منجها.

واڌو شرط ٻيو منجهه اِنهينءَ ماڳا

خاص ٿي خدا کي ڪندا ايءَ عريضا:

”موليٰ مقصد تون آهين عالَم منجهارا

توکان طلبيان تنهنجي آهي رب رضا.“

مُنہ موٽائي دل جو ڪُلِي عالم کا

ذات رب جي ڏي رکي شوق منجهان شرطا،

حضور هاصل نه ٿئي هِن ڳالهيين ڌارا

وحدت وارن کي ٿيو اي قلبي وقوفا

نفعو ”نفي“ جي ذڪر سان سالڪ سمجهن ٿا

جوڌ واري دل کي خالي ڪري خطرن کا


+  اندروني شهادتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ”مرشد حقيقي“ مان مراد خواجه محمد حسن مدني (رحه) آهي: اول ته اسان جي شاعر هي مدح سنه 1281هه ۾ لکي ۽ اهو زمانو خواجه محمد حسن مدني (رحه) جو آهي. ٻيو ته اڳتي هن مدح جي 6- بند جي ”ڪاڻ دعوت دين جي نيشان ڪرايائين نصب“ واري مصرع ۾ نيزي جي نصب ڪرڻ ڏانهن اشارو آهي ۽ اهو نيزو خواجه محمد حسن مدني ئي نصب ڪرايو جئن ته خود اسان جي شاعر جا هن بعد نيزي جي نصب ڪرڻ جي تاريخ نظم ڪئي آهي، ان مان ظاهر آهي.

(2) آبدال= اهي الله وارا جن جي طفيل هي دنيا هلي ٿي. اوتار= مکيه يا خاص الله وارا درويش. خضر ۽ الياس ٻئي مشهور نبي.

(6) ڪاڻ دعوت دين جي- الخ= هن مصرعه ۾ نيزي نصب ڪرڻ ڏانهن اشارو آهي. خواجه محمد حسن مدني هي دين جي دعوت جو نيزو يا عَلَم تاريخ 18- شوال سنه 1279هه ۾ بلند ڪرايو جئن خود اسان جي شاعر جا هن واقعي جي تاريخ نظم ڪئي آهي ان مان معلوم ٿئي ٿو (ڏسو ”تاريخ نيزه“ هن مدح بعد).

(8)  بر مريدان مهربان- الخ= مريدن تي ائين مهربان آهي جئن بادشاهه محمود عزنوي اياز تي.

(11)  بي جهات= بنا ڪنهن طرف جي.

1 . شايد مراد ته: هي نيز و تاريخ 13 شوال تيار ٿيو ۽ تاريخ 18 شوال سنه 1279هه جي اُڀو ٿيو.

2 . رعد رباني= الاهي گوڙ. هاتف= از غيبي آواز ڏيندڙ.

1 . صيقل= مانجهو

2 . دست ڏنائون= شايد بمعنيٰ دست بيعت ڏنائون؛ يا حمل فقير کي هٿ ڏيئي مصافحه ڪيائون.

+  جئن اڳتي نظم مان ظاهر آهي، روضي جو دروازو خواجه محمد حسن مدني خيرپور جي ڪاريگرن کان جوڙايو ۽ اهو آچر ڏينهن تاريخ 27- رمضان مبارڪ سنه 1280هه ۾ جڙي راس ٿيو.

1 . صنعت گر= هنرمند ڪاريگر. ڌيان وڏي درگيان= وڏي ڌيان ۽ خالص ڄاڻ وارا.

2 . آهنگر= لوهار.

3 . ايقان= پڪو يقين.

1 . سيمِي در= چاندي جو در.

2 . منقش منوتدار= رنگين چٽساليءَ وارو. مُحسن= قابل تعريف، سهڻو.

3 . عبدن جي عنوان= خاص خذمتگارن وانگر.

4 . هَرسِہ= ٽنهي مان هرهڪ.

5 . جُودِي= سيعي دار. ڪوشش وارا.

6 . تُڪما= هڪ گل جو قسم. طِلائي= چانديءَ جا.

7 . لَمعان= چمڪندڙ.

8 . حدادن= لوهارن.

9 . زرگر= سونارا. روءِ زرد ٿيا= ڦڪا ٿيا.

1 . يعني هي در آچر ڏينهن، تاريخ 27- رمضان شريف، سنه 1280هه ۾ جڙي راس ٿيو.

2 . ”احسن“ چيو آسمان= آسمان به چيو ته واه جو آهي.

3 . محڪم= مضبوط، مقرر. مَنصبدار= عهدي دار. مُقرب= ويجها ۽ خاص خادم.

4 . نريان= نر گهوڙا.

5 . گاءُ ميشون= مينهون. گاؤ= ڳئون. اُشتر= اُٺ، اروان= (؟).

1 . بغدين مٿي= اٺن، مٿي. يغمان= لُٽ جو مال. اصل م ”يغدان“(؟)

2 . ابرنيونيسان= ڄڻ بهار جو مينهن پلٽجي پيو.

3 . غوث= ولي- درويشن. غياث= مددگار. غضنفر= شينهن. بحرِ علم و عرفان= علم ۽ حق شناسي جو سمنڊ.

4 . صر صر= سخت ٿڌي هوا. باد سُمومي= تباهه ڪندڙ گرم هوا.

1 . چنڊ آ چه ڪاري= چنڊ جي ڪهڙي مجال آهي.

2 . وڏو استاد- الخ= وڏو استاد رازو انب جوڻيجو هو جنهن اوساريءَ جو ڪم ڪيو.

3 . ٽيون ”ماٺيڻو“ نالي ذات جو مڱريو هو.

4 . مدور= گول

5 . مناري= مناري واري.

1 . ڪرنڍ= ڪٽ لاهڻ جو لوهو اوزار. مرچا= ڪٽ (اڪثر بندوق جي نالن جو) ”بندوق مرچا ڪري وئي آهي“ يعني ڪٽ چڙهي وئي اٿس.

2 . آمڻ= مقوي شئي.

3 . هور= ڊپ. ڊاءِ.

4 . هو بنا ٻڌائڻ (سلڻ) جي سمجهي وڃن ٿا.

1 . يعني خواجه شاه مدني محمد حسن رحه جو لواريءَ جي گاديءَ جو چوٿون قطب يا پير هو.

(1) لطيفه ج لطيفا= لفظ ”لطيف“ مان نڪتل بمعنيٰ باريڪ ۽ نازڪ وٿ. صوفين جي اصطلاحات ۾ لطيفه خاص معنيٰ رکي ٿو: ”لطيفه“ جمله ”لطائف سِنہ“ (ڇهن لطيفن) مان هڪ، نيڪ نازڪ ۽ چونڊ وٿ آهي. جيستائين سالڪ کي اهي ڇهه لطيفا روشن نٿا ٿين، تيستائين هو ڪنهن به وڏي منزل ۽ معرفت کي حاصل نٿو ڪري سگهي. اهي ڇهه لطيفا هي آهن: اول ”لطيفه نفس“ جنهن جي جاءِ (انسان جي جسم ۾) دُن آهي؛ ٻيو ”لطيفه قلب“ جنهن جي جاءِ سيني جي کبي طرف دل آهي؛ ٽيو ”لطيفه روح“ جو سيني جي سڄي طرف واقع آهي؛ چوٿون ”لطيفه سِر“ جو سيني جي وچ ۾ معده جي مُنهن وٽ واقع آهي؛ پنجون ”لطيفه خَفي“ جنهن جي جاءِ پيشاني ۾ آهي؛ ۽ ڇهون ”لطيف اخفيٰ“ جنهن جي جاءِ ڪيپراٽي آهي. انهن کي ”اطوار ستہ“ (ڇهه اطوار) به سڏيندا آهن.“ (غياث اللغات). هِت حمل، نقشبندي طريقي جي نقطه نظر کان ڏهن لطيفن جا نالا کنيا آهن ۽ هيٺ انهن جا مقامات توڙي وصفون بيان ڪيون آهن. اهي ڏهه لطيفا هي آهن: پهريان پنج: 1. قلب 2. روح 3. سري 4. خَفي. 5. اخفيٰ. باقي پنجن مان 6. هڪڙو ”نفس“ ۽ ٻيا چار عناصر يعني 7. هوا 8. پاڻي 9. باهه ۽ 10. خاڪ.

(1) يعني مڪمل فنا.

(2) پهريان پنج لطيفا ”عالَم- امر“ يعني حُڪم الاهي واري ڪائنات متعلق هئا ۽ هي باقي پنج لطيفا ”عالمَ- خلق“ يعني مخلوق واري ڪائنات سان تعلق رکن ٿا.

(1) يعني لطيفه ”نفس“ جي روشني بيحد صاف آهي.

(2) لطيفه نفس جو رنگ ڪسيف يعني ميرانجهڙو (؟) آهي.

(1) مئزه= پاڪ، صاف.

(2) جيڻي ببي= ساڄي ببي.

(1) تجلي افعالي= الاهي ڪارنامن جي روشني.

(2) صفاتي ثبوتي= موليٰ پاڪ جون اهي صفتون جي سندس ذات ۾ موجود آهن جهڙوڪ علم، قدرت وغيره.

(3) شُبُون (واحد شان= ڪم)= الله پاڪ جي ذات سان تعلق رکندڙ ڪم.

(1) صفتون سليبا= اهڙيون صفتون جن کان الله پاڪ جي ذات، بالڪل پاڪ آهي جهڙو جهل، عجز،ظلم وغيره.

(2) شان جامع= اهو مقام جو سڀني صفتن جو جامع آهي.

(3)  سالڪ اهڙيءَ طرح ماڻهوءَ کي ”حضرت آدم جي مشرب وارو“ چون يعني حضرت آدم جي طريقي تي هلندڙ.

(1) ڪامل درويش ان کي ”مشرب ابراهيمي“ يعني حضرت ابراهيم جي طريقي جو سرچشمه ڪري چون ٿا.

(2)  عارينا: اڌاريون ورتل.

(3)  مسلوب: کسيل. واپس ورتل.

(4) پوءِ-الخ= پوءِ اهڙيءَ طرح لطيفي ”سري، کي ڪمائي ڇاڪاڻ ته هي ”سري“ لطيفه سردار ۽ سرتاج لطيفه آهي.

(5) مستهلڪ ٿئي= فنا ٿئي.

(6) ڪُرنش= عجز ۽ آزي.

(1) فرد مجرد- الخ= پنهنجي ذات کي ٻين سڀني وهمن ۽ لاڳاپن جي قيد و بند کان آزادي ڪري.

(1)  ذات صرف= محض ذات الاهي- خالص الاهي ذات.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23  24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org