”صفت چهار ياران رضي الله تعاليٰ عنهم“
1. دمدم هردم حمد هزار |
رب سچي جا سؤ صد بار |
مير محمد ٿيو مختار |
پنجتن پاڪ پيارا يار |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
2. چارئي ياور چارئي يار |
چارئي نور ٿيا نروار |
چارئي عالم جا آڌار |
چئني درست ٻڌي دستار |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
3. چارئي مير مُصَلي صاحب |
چارئي نيڪ نبي جا نائب |
روشن تن تي حاضر غائب |
مومن سو جو تن جو تائب |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
4. چارئي ياور ساڻ يقين |
چارئي عادل عدل امين |
چارئي صاحب سَر زمين |
چئني درست اُجاريو دين |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
5. چارئي يار نبيءَ جا ياور |
چارئي دين دنيا جا داور |
چارئي دانا دِل دِلاور |
چارئي جابر جنگ جنگاور |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
6. چارئي دين اُجارا دائم |
چارئي منجهه ڪچهري قائم |
هئا منجهه صوم سدائين صائم |
نوم نه ڪيائون ناها نائم |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
7. اول يار صديق سچار |
جنهن ڪيو دين اول اختيار |
گَڏ نبيءَ سان هو منجهه غار |
تنهن تي رحمت رب غفار |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
8. ٻيو تان يار امير عمر |
دين اجاريو تنهن دلبر |
جوان جنگاور ساڻ جبر |
ڪفر ڪيائين زير زبر |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
9. ٽيون تان يار امير عثمان |
عالِم، اَڪمَل، عاليشان |
ڪامل جنهن ڪيو گڏ قرآن |
نُقطو تنهن ۾ نانقصان |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
10.
چوٿون ياور يار علي |
ترڪي وارث وير وَلي |
جُزو نبيءَ جو نُور جَلي |
تنهن گهر بي بي پاڪ ڀَلي |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
11. چارئي پاڪ نبيءَ جا پيارا |
چارئي دلبر دين مُنارا |
بُغض رکن جي هَنيا هَچارا |
محشر ڏينہ هوندن مُنهن ڪارا |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
12. چارئي صاحب سُرت سُبحان |
چارئي عالم عالي شان |
شَڪ رکي سو آهِ شيطان |
بيشڪ آهي بي ايمان |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
13.
چارئي صاحب پاڪ صَحاب |
نيڪ نبيءَ جا نيڪ نواب |
ڪفر ڪنبايو تن جي تاب |
ساره تن جي ڪرڻ ثواب |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
14. چارئي عارف منجهه عبادت |
هُئي عبادت ان جي عادت |
اول آخر ٿِيين سَعادت |
چارئي رَسِيا شير شهادت |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
15.
چارئي عالِم عِلمَ اڪابر |
چارئي جُوان جنگاور جابر |
سختي گرمي تي ها صابر |
رب رضا ۾ نا ها نابر |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
16. چارئي راه هدايت هادي |
چارئي ويٺا گوهر گادي |
بغض رکن جي بي بنيادي |
قيامت ٿيندي تن سان تعدي |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
17. چارئي منور چارئي ماه |
چارئي واهر چارئي واه |
چارئي پاکر پُشت پناه |
چئني تئُون ڪر صدقو ساه |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
18. چارئي واهر چارئي وير |
چارئي مالڪ ماه مهير |
چارئي سالڪ سُرت سُڌير |
چئني جو ٿيءُ دامن کير |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
19. چارئي يار صحاب سڳورا |
چارئي هرهڪ حق جا گهورا |
چئني بُت ڀڃي ڪيا ڀورا |
بُغض رکين ڇو نَحس نِدورا! |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
20.
چارئي عارف يار عجيب |
چارئي نُوري نيڪ نجيب |
چارئي حضرت وٽ حَبيب |
چئني کي ٿيو نيڪ نَصيب |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
21. چارئي يار صَحاب ڪرام |
چارئي وارث وير وريام |
چئني ڪافر ڪيا قتلام |
بغض رکين ڇو خارج خام! |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
22. چارئي هڪ دل چارئي هِڪ |
چئني جي رک دل ۾ سِڪ |
وِچ وِجهن جي ڦِڪا ڦِڪ |
ڏينهن قيامت ٿيندنِ ڌِڪ |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
23. چارئي عابد، چارئي زاهد |
چارئي مسجد منجهه مجاهد |
ڪي واکاڻ تنين جي واحد |
شان اُتي قرآن آ شاهد |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
24. چارئي هادي راهه هدايت |
چئني سان ڪئي رب رعايت |
چئني سان ٿي عيبن عنايت |
شُوم ڪري ٿو ڪوه شڪايت |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
25. چارئي خاص خليل خدائي |
چئني ۾ نا جوَ جدائي |
چئني جي رک سڪ سدائي |
چئني جي رک ادب اَدائي |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
26. چارئي صاحب سيف سخاوت |
چئني دين سندي ڪئي دعوت |
چئني ۾ نا تِر تفاوت |
تڻ سان انَڌا ڪرين عداوت! |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
27. چارئي ها کنڊ کير مِٺائي |
هڪڙي ڏِنہ جنهن حُب گهٽائي |
جي ڪنہِ هِڪ ڏِنہ دل مٽائي |
تنهن ڪر پنهنجي پاڙ پَٽائي |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
28. حمل! هردم حمد هزار |
چُست مڃياسون چارئي يار |
چارئي يار اکين جا ٺار |
پڙهه ڪلمون تان پهچين پار |
چارئي يار نبيءَ جا نُور |
چارئي هردم منجهه حُضور |
”تمام شد
از دست حمل فقير لغاري
12- ماه محروم سنه 1290“
”مناقب
حضرت علي ڪرم الله وجهه به سي حرفي زبان سنڌي تصيف
حمل فقير لغاري
به صنعت آنکه هريکي حرف برهمان يک حرف بسته شد“
الف- احمد ڄام جو اعليٰ اسد اڪبر علي
افضل و اڪمل، امام العارفين اڪثر علي
ب-
بهادر بادشاه، بي غرض ۽ بي ريا
با بلاغت باب- علم و بُوالحسن بهتر علي
ت- توڪل ساڻ تقويٰ ترڪ دنيا کي تمام
ترڪ طمع و ترڪ ترڪ و ترڪ ڪيو تڪبر علي
ث- ثنا ڇا چئي سگهان صاحب آهي ثقلين جو
ثاني سليمان جو چوان يا ثاني اسڪندر علي
ج- جنگ جو پهلوان جنگ جاءِ ۾ بيهي جڏهن
جمله جبل جنبش اچن جذبو پسي جابر علي
ح- حمل حيدري رک حب تون حسنين جي
توسان هوندو حامي حمايت منجهه حشر حاضر علي
خ-
خدا جو خاص
پيارو خود خدا عاشق مٿس
تنهن خدا کي خوش ڪيو جنهن خوش ڪئي خاطر علي
د- دُرُ درياءَ رحمت، دردمندن جي دوا
دين پَرورَ دستگير و دادِگَرِ داور علي
ذ- ذي شان، ذوالحيا، ذي هوش و حشمت، ذوالمِنَنَ
ذوالذڪا، ذاتي ذڪر جو ذوق کئون ذاڪر علي
ر- رضا رحمان جي تي روزو شب راضي رهيو
راحم رحيم و رهنما، ره راست جو رهبر علي
ز- زمين و آسمان زهِ زهِ چون بر زور او
”زال“ و ”زراچه“ زير او بر زابرن زابر علي(1)
س-
سارو سِر لاهي، سيف زَنِ، سالارِ دين
سوره سخي سيد سچو سَر سَروَرن سَرورَ علي
ش- شَهمردان شُجاع، شير- خدا شمشير زن
شادي غمي ۾ شُڪرگو، شر خير تي شاڪر علي
ص- صادق، صاف سيني، صاف دل، صافي نهاد
صاف صوفي صوم ۾ صائم دهر صابر علي
ض-
ضد ضائع تنهنجو منجهه ضلالت پيو ضليل
ضامن ضعيفن جو هوندو منجهه آخرت احضر علي
ط-
طلب حق جي ڪندڙ، طالب خدا جو بي طمع
طبع طينت پاڪ طَلعت، پاڪ تر طاهر علي
ظ- ظلم کي زد ڪيائين زور سان ظالم هڻي
زوج زهرا جو ظفرمند ظِلہُ ظاهر علي
ع-
عابد با عبادت علم جو عالِم عَظام
عُروة الوثقيٰ وسيلو عاصين عَسڪر علي
غ-
غازي سِر غزا جو، غير حق ڪنهن جو نه غرض
غور غمخواري ڪندڙ غمخوار منجهه غَر غَر علي
ف- فضيلت ڇا چوان، فَياض، فرهند، فيض بخش
فوج جو فَرمان روا، فائق، فتحمند فر علي
ق- قائم دين تي، قاري سدا قرآن جو
قوت قوي ڪل ڪفر تي قادر ڪيو قادر علي
ڪ- ڪلمي گو ڪيائين ڪل ڪُٺي ڪوفو ڪفار
ڪلمي ڪنان منڪر ٿيا سي ڪئين ڪٺا ڪافر علي
ل-
ليکي ڇا ”لغاري“ لکڻ تنهن لَکپال جا
لالڳاپي لوڪ ڪُل کان، لوڪ ڪل لشڪر علي
م- مُصلي مصطفيٰ جي مُلڪَ مالڪ مُختيار
مومنن جو مرتضيٰ مِهندار منجهه محشر علي
ن- نيڪو روءِ، نبيءَ جو نور نيڻن نيڻ ٺار
نور اسمش، نور جسمش، نور مُنهن منور علي
و-
وسيلو بي وسيلن جو، ولي والا نِڙاد
وصف واصف ڇا ڪندو وارث وِلهن واهر علي
هه- همت جي هاڪ بيت هرطرف هرجا هُلي
هرڪو چوي ههڙو نه ڪو ٻيو منجهه همت همسر علي
لا- لاحد صفت تنهنجي ڇا ڪندو شاعر شمار
لِکڻ ليکو ناهه ڪو لاشڪ لڳاسون لَڙه علي
الف- الفت رکي اُني سان جو امامن جو امام
اول و آخر امت جو آڳواڻ آڌر علي
ي- يقينا ياد ڪندن جو يقيني يار آه
ياد ڪر تا ياوري توسان ڪري ياور علي.
”تمام شد
الراقم حمل فقير لغاري سيرڪاڻي
2- ماه شعبان سنه 1293هه
داستان ٻيو
[لواريات]
”سلسله شاهان نقشبندان قدس الله سِرهُم“
حمد هادي کي وان هردم هزار، جو خداوند پاڪ آ
پروردگار
جنهن ڪيو پيدا مِٺو محمد نبي، تنهن نبيءَ جي نور
مؤن ٿيا ڪئين ولي
ڪُل وَلِين جو طريقو واه واه!، ڪل ولين جو فَريقو
واه واه!
پَر تنين ۾ سَر طريقو سر بُلند، سر طريقو آ نهايت
نقشبند
جو ڪيو صديق کي احمد عَطا، پاڻ پاڻئون پاڻهين
پنهنجي هٿا
هن طريقي ۾ نبوت جو اثر، پاڻ ڪيو تلقين خود
خيرالبشر
تنهنڪري نسبت نبوت سان رکي، هي ڳُجهي معنيٰ لکن
مؤن ڪو لَکي
۽ نبي فرمائيو منجهه حق صديق، جو نبيءَ سان غار ۾
هو هَم رفيق
جا ڌڻي مون کي ڪئي معنيٰ عطا، سا وِڌم صديق جي
سيني سڀا(1)
سو ويٺو اَول مُصلِي محمدي، ٿي عطا ان کي امانت
احمدي
بعد تنهنجي پوءِ سلمان فارسي، پوءِ امانت خواجہ
قاسم رسي
پوءِ امام جعفر صادق صفا، جنهن رساڻيا خلق کي نافع
نفعا
پوءِ تنهن کئون بايزيد و بوالحسن(2)،
بعد تنهنجي بو علي ٿيو ذوالمِنن
شيخ يوسف پوءِ تنهن پُر نُور ٿيو، نور تنهنجو
منجهه ملڪ مشهور ٿيو
شيخ عبدالخالق و پوءِ شيخ عارف، شيخ محمود و علي
معنيٰ معارف
بعد تنهن بابا محمد بعد تنهن مير گلال، هو صفا
سادات سيد با ڪمال
بعد تنهنجي ٿيو بهاؤالدين شاهه، منجهه بخارا
نقشبند عالَم پناه(1)
بعد تنهن يعقوب چرخي ٿيو چراغ، ساڻ معنيٰ معرفت
روشن دماغ
بعد تنهن خواجو عبيدالله اَحرار، پوءِ محمد زاهدي
باصد وقار
بعد تنهن درويش ٿيو پوءِ امڪنڪ، بعد تنهن باقي
بالله غير شڪ
پوءِ ٿيو ظاهر زهي قُطب الڪرام، شہ مجدد الف ثاني
نيڪ نام
جنهن جياريو دين کي ۽ ڪيو جديد، جن انس و ملڪ
تنهنجا مريد
جنهن نوازي نور سان هر مر زو بوم(2)،
هو پيغمبر جان جمع جامع علوم
هو سدا ”سَرهند“ ۾ صاحب ڪمال، هو نِسورو نور بيحد
بي مثال
پوءِ محمد سعيد ٿيو صاحب عهد، بعد تنهن خواجو ٿيو
عبدالاحد
پوءِ ٿيو محمد حنيفو نور حق، نور حق ٿيو نور حق
ٿيو نور حق
بعد تنهن محمد زڪي ٿيو ذوالحيا، با ڪَرامت ڪشف
ڪامل اوليا
پوءِ مشائخ شيخ محمد منجهه ننگر(3)،
هو مڪمل معنوي ڪيميا نظر
جي ڪنهينجي قلب تي تنهن ڪئي نگاهه، ٿي ٿيو روشن
قلب جان مهر ماه
پوءِ اُها آئي امانت سان ادب، هر مشائخ کئون هلي
سا حڪم رب
ساڪنان ”سَرهند“ ۽ ڪُل خواجگان، تنهن اچي روشن ڪيو
”لُواري مڪان“
لعل لواري جو قطب ڪامل ڪريم، رهنما راه- هُديٰ
راحم رحيم
اسم اعظم آه ان جو نورِ جان، اسم ان جو آ مِٺو
محمد زمان (4)
نور تنهنجي شمس وانگي ڪيو شماع، ڪيو ستاري سَعد
تنهن اُڀري اُهاءِ(1)
سج سدا روشن ڪيو روشن جهان(2)،
تاقيامت هي هوندو روشن مَڪان
۽ ائين فرمائيو صاحب ننگر، شيخ محمد شان عالي خوش
سِيرَ(3)
شان ۾ مرشد منهنجي محبوب حق، هي ڏني آ خوش خبر
مَرغوب- حق،
تا امانت هِن ڪيو جنهن جا گُذر، يا پلڪ يا پاس
ڪاٿهين، يا پَهرَ
۽ اوهان وٽ جو ڪيائين هي ظهور، سا هوندي هت
تاقيامت نفخ صور(4)
سا اوهان تي بخش منجهه هردو جهان، رب رحمان آ
اوهان تي مهربان
هيءَ دِلئون ڪئي اُنهي عاليجناب، سا دعا ٿي در ڌڻي
جي مُستجابَ(5)
پوءِ پٺيون پيدا ٿيو شہ گل محمد، اسم، جسم و علم و
حلمش ڪل محمد(6)
مهر مروت خُلق خصلت جان نبي، ڪشف ڪامل ۽ قطب مانند
وحي
بعد تنهنجي ٽيون قطب ٿيو قربدار، نور مون پيدا ڪيو
پروردگار(7)
پير پيرن پير منهنجو پير هو، پير منهنجي جو نظر
اڪسير هو
جنهن قلب تي ٿي ڪيائون ڪو نظر، سو قلب سان نظر ٿيو
سون سر
اسم جنهن تي جده جو جامع علوم، ڇا چوان مشهور هو
تا شام و روم
روم ڇاهي، روءِ زمين جمله جهان،
ڪاڻ دعوت دين جنهن کوڙيو نشان(8)
فرض، واجب، سُنتون، حج حق ادا، حق سندا سڀ حق
ڪيائون حق ادا
پوءِ ڪيائون پانهنجو قائم مقام، خلف خائف حق جو
عالم امام(1)
پاڻ پنهنجي روبرو پنهنجي بجا، پاڻ پنهنجي پيش
ڪيائون پيشوا
پوءِ هليا حق ڏي مڃي حق جي رضا، ٿيا بقا جي باغ ۾
ساڪن سدا
معرفت جا مفت ميوا ڪرن قوت، اولياءِ الله آهن
لايموت
سو هاڻي مرشد مٿي مَسندَ نشين، قُرة العينين سلطان
سالڪين(2)
هي قطب ارشاد ٿيو قطب المدار، هن کنيو عالم سندو
مڙئي مدار
هي قطب جي مهندهي مهندار ٿيو، سَر مُصَلي هي سخي
سردار ٿيو
حق جي خورشيد ظاهر ڪيو ضيا، پيو تنهين جو پَر تَوو
هرجا بجا
ويو انڌارو ڏيہ مون ڪل ڏينهن ٿيو، هر ملڪ تي هي
مهر جو مينهن ٿيو
ڪل قطب عالي هت اعليٰ قدم، ڪل قطب کنئون هن رکيو
بالا قدم
هن جو آخر، هن جو اول ابتدا، ڪير ڪو ڄاڻي تنهين جو
انتها
هي ڌڻي جو لاڏلو هي دلربا، خود خدا عاشق مٿس قسم
خدا
صد هزارن شير هن جي ران هيٺ، صد هزار افرشتگان
فرمان هيٺ
عرش فرش و ملڪ ڪَن سجدا سلام، ڪن تنهنجي تعريف
بيشڪ بي ڪلام
علم ظاهر و باطني جو آ بحر، نوح جو طوفان هن جي هڪ
لهر
آ نبي جي پيروي تي پائدار، آ ڌڻيءَ جي مهند هي
مختيارڪار
ڪل نبي دعاگو تنهين جا ڪل ولي، پشت پاکر آ سندس
موليٰ علي
آ ڌڻي راضي مٿس ۽ پَنجَتَن، آ مٿس نالو مٺو محمد
حسن
اسم اعليٰ هن اکين جو ٺار آ، حاسدن جي اک اندر ۾
خار آ
هي ڌڻي جو موڪليل اعليٰ امين، هي ڌڻي ڪيو رحمة
للعالمين
جاچيم جيڪي چوان صفت و ثنا، تنهن مڙيئي کئون
مٿاهون مجتبيٰ
جي ڪريان تعريف تنهنجي تا قيام، تان نه ٿئي هڪ صفت
تنهنجي تمام
حمد حمل! چؤ هزارن شڪر ڪر، سلسلو ثابت صحي ٿيو سر
بسر
نقشبدن بادشاهن جو بحال، جال منهنجي تي مَنان ڪرن
ڪو ڀال(1)
آنءُ اُنهِين در جو آهيان گولو غلام، آنءُ انهين
در جو آهيان مدحي مدام
آنءُ اُنهين در جو ثناگر صفت گو، خاڪ هِن در جي
مُعَطر مُشڪ بو
مشڪ عنبر کؤن کٿوري خاص خاڪ، سا منهنجو سرمون اکين
جو خاڪ پاڪ
آئون انهي در کؤن گهُران ايمان ادب، ادب ۽ ايمان
بخشي شال رب
شال هن در سان ادب رهجي اچي، ساڻ برڪت تنهن ڀلي جي
هي بچي
آنءُ اٻوجهو عاصي آهيان عيبدار، عيب پوشو پاڻ
ٿيندو پرده دار
عيب پائي پاند ۾ تنهن در پِيُس، شڪرالله ٻئي نه
ڪنهن جي درو يُس
ڪوڪهين جو، ڪو ڪهين ڏي ڪو ڀڳو، آنءُ ته دامن لعل
لُواريءَ جي لڳو،
ننگ آخر عيبدارن جو اٿس، ننگ دامن جو مڙيئي آ مٿس
آنءُ برابر بي عمل ۽ بيڪسو، ناه ڪو هن در بنان ٻيو
ڀروسو
”ڀروسو تاري تڳان کئون لعل لواري، ڳَنان لُواري
لطف ٿيو سان لغاري“()
آنءُ سدا تاري تنهن جي ٿو تڳان، نا وڍايم ٻي دَرين
چوٽيون چڳان
آنءُ نسورو نقشبندي شاه جو، جو آهي رهبر ڌڻيءَ جي
راه جو،
جنهن سيکاري پيروي پيغمبري، جنهن ڪئي منجهه راه حق
جي رهبري
سو آهي حامي منهنجو هردو جهان، هاڻ پڙهجي پاڪ
ڪلمون سان زبان
”تمام شد
از دست حمل فقير لغاري
6- ماه محرم سنه 1282هه“
”مدح مبارڪ درشان مرشد حقيقي وراه نما تحقيقي، قطب
الاقطاب، غوث اعظم، حضرت ميان صاحب لعل لُؤاري
واله“
”تصنيف حمل فقير لغاري 1281هه“
1.
مرشد مٺا منٺار تون، صاحب سخي سردار تون
اولِنِ اَڙنِ آڌار تون، فرياد رس يا مرشدا!
2. صاحب ڏني تو سروري، پَر پيروي پيغمبري
وهلو ڪجو واهر وري، فرياد رس يا مرشدا!
3.
ميٽي مدايون معاف ڪر، سينو سندم دل صاف ڪر
مَغزم مُعَطرَ ناف ڪَر، فرياد رس يا مرشدا!
4. مرشد مُنور ماه تون، هيڻن سندو همراهه تون
بي راه کي ڪر راه تون، فرياد رس يا مرشدا!
5. مرشد آهين مَسندَ نشين، آگي سندو آهين امين
صاحب سخا جو سَر زمين، فرياد رس يا مرشدا!
6. مرشد آهين مُشڪل ڪُشا، راحم رفيق و رهنما
سڻ عرض آزي التجا، فرياد رس يا مرشدا!
7. خطرن خيالن آ ڳڌو، وهمن آهيان ويڙهي وڌو
هي نفس ٿو نا ٿئي سڌو، فرياد رس يا مرشدا!
8. هي نفس نا فرمان ٿيو، شامل سندس شيطان ٿيو
اِيهو اندر ارمان ٿيو، فرياد رس يا مرشدا!
9.
ڪَٽِجي قلب ڪارو ٿيو، جان سَنگ سِيہَ سارو ٿيو
شيطان ره مارو ٿيو، فرياد رس يا مرشدا!
10. هيءَ سڻ الله لڳ آه تون، ڪُل ڪَٽ قلب تؤن لاه
تون
مڃ عرض شاهنشاهه تون، فرياد رس يا مرشدا!
11. پازي آهيان تو پِير جو، مرشد مُڪمَل مِير جو
اوتيو نظر اڪسير جو، فرياد رس يا مرشدا!
12.
مِهرئون ڪيو مون تي نظر، اڪسير کي اوتيو اَپر
سِيهي سيِہَ کي سون ڪر، فرياد رس يا مرشدا!
13. تُنهنجي طلب ۾ تار هُوان، پانڌي سدا تو پار
هُوان
نالي تنهنجي نروار هُوان، فرياد رس يا مرشدا!
14. تنهنجي طلب توکئون گهران، سڪ مان سدا توڏي
سران
پِرَ! پار تنهنجي آنءُ پُران، فرياد رس يا مرشدا!
15. تون يان
جنهن ڏي ٿو ڌَرِين، ڪُفرئون ڪڍيو ڪامل ڪرين
ايڏي سٻاجها! سگهه سرين، فرياد رس يا مرشدا!
16. مون تي مهر جي موج ڏي، آز عشق پنهنجي اوج ڏي
ساڻم فتحمند فوج ڏي، فرياد رس يا مرشدا!
17. شريعت اُتي ڏيو شادگي، اسلام تي استادگي
ايمانَ جي امدادگي، فرياد رس يا مرشدا!
18.
تنهنجو
آهيان، توکي سڏيان، توريءَ نه ڪنهن سان دل گڏيان
تنهنجي نه دامن آنءِ ڇڏيان، فرياد رس يا مرشدا!
19.
سڪرات مون سَهنجي ڪجو، اُوها نه مون اَهنجي ڪجو
نِتي ماڙِ ڪا منهنجي ڪجو، فرياد رس يا مرشدا!
20.
شيطان ٿو تنهن دم تَڻي، ايمان کي ٿو هٿ هڻي
تنهن کي تنهين دم تون تَڙين، فرياد رس يا مرشدا!
21.
آڏو ٻُجهي ڪاري قبر، ٻيا مَلڪَ ٿا سُڻجن سَٻر
بدڪار آهيان بي خبر، فرياد رس يا مرشدا!
22. جي سوال ٿا ساريو پڇن، ۽ جيءُ وجهو جياريو پڇن
ٿا ميتَ کئون ماريو پڇن، فرياد رس يا مرشدا!
23.
حامي اُتي حضرت ٿِجو، وهو اچي واهر ڪجو،
هَٿَ هِن ڏُهاريءَ تي ڏجو، فرياد رس يا مرشدا!
24. قيامت
ٿيندي قائم جڏهن، نفسي ڪندا ڪُلئي تڏين
تنهن جاءِ نه مون کي تون ڇڏين، فرياد رس يا مرشدا!
25. سج تائڙي جت تا (ءِ) ڪندو، پوپٽ نه ڀا(ءِ) کي
ڀا(ءِ) ڪندو
اُت آسرو آ تو سندو، فرياد رس يا مرشدا!
26. ڏوه ۽ گُنَد تَرندا جِتي، نيڪيون گهڻيون
گهُرندا تِتي
حامي ٿِجو حضرت اُتي، فرياد رس يا مرشدا!
27. مون سان ناهي نِيڪي ذري، بَرسِر بَدينِ جي آ
ڀَري
ڪيهي ڏيندس وَرندي وري، فرياد رس يا مرشدا!
28. هي سڻ سٻاجها سَڏ تون، پاڻئون پري نا ڇَڏ تون
هردم گڏيو هوئين گڏ تون، فرياد رس يا مرشدا!
29. ڪو نا ڪَيو مون ڪَم سَکر، وَڻِجُمِ ڪُلي ڪوڙو
وَکر
تنهنجي پَنَہ، تنهنجي پَکرَ، فرياد رس يا مرشدا!
30.
آ ڪو ڪَهين در ڪو ڀڳو، ڪنهن تا ويهي سوريو سڳو
هي لَڙهه ”لغاري“ تو لڳو، فرياد رس يا مرشدا!
31. جيڪو جڏهن تو در اچي، سو باه دوزخ کئون بچي
هي سَگهه ڏِنَئه سائين سچي، فرياد رس يا مرشدا!
32.
مون ۾ نه هِمت هاج ٿي، توتي ڪُلئي ڪم ڪاج ٿي
دامن لَڳن جي لاج ٿي، فرياد رس يا مرشدا!
33. مون تي
مهر تون مِير! ڪر، واهر وِلهن جي وِيرَ! ڪر
دلگير جي دل ڌير ڪر، فرياد رس يا مرشدا!
34. سڻ نقشبندي نورَ! تون، دل جا ڪرين دک دور تون
مون کي رکين مسرور تون، فرياد رس يا مرشدا!
35. دلبر! دلاسو ڏي دِلئون، خوشنود خُرم ٿي کِلون
تنهنجي مجالس ۾ مِلون، فرياد رس يا مرشدا!
36. چارئي پلؤ چِڪَ ۾ ٻُڏا، آڏا ٻُجهن ٿاٻا ٿُڏا
مُلان ڏِيَنِ ٿا ڏَرَ وڏا، فرياد رس يا مرشدا!
37. بخشيش جو آهين بحر، لُطفئون ڏيو مون تي لهر
مسڪين تي ڪا مهر ڪر، فرياد رس يا مرشدا!
38.
لَنئو دِلَ اندر ”لُواري“ اٿم، ياور! تنهنجي ياري
اٿم
تنهنجي تَڳا تاري اٿم، فرياد رس يا مرشدا!
39. بلڪل آهي بيوس بندو، تنهنجو آهي هي تو سندو
هن تي ڪرم ڪو اَئين ڪندو، فرياد رس يا مرشدا!
40. توتي امانت احمدي، مسَندَ توکي آ محمدي
صاحب ڏني تو سَرمَدي، فرياد رس يا مرشدا!
41. تنهنجي جيڪي غِيبَت ڪندا، احمد اُهي ٿيندا
انڌا
ڪپ تن خبيثن جا کنڌا، فرياد رس يا مرشدا!
42. تنهنجا گِلا گُو غار ٿيا، خَرَ، خُوڪَ سي سَگ
خوار ٿيا
فاسد ڦِڪا في النار ٿيا، فرياد رس يا مرشدا!
43. توسان جماعتِ تو جُڙي، تنهنجا مُديعي ويا مُڙي
شل چاَوتِي مَرندا چُڙي، فرياد رس يا مرشدا!
44. تنهنجي مريدن سان کَهَنِ، رَڪَ روسِيہَ سي نا
رهن
هِت هُت نه هرگز هنڌ لَهَنِ، فرياد رس يا مرشدا!
45. لائق! لؤاري ۾ وَسِين، محڪم مريدن کي رَسِين
دشمن منهنجا سڀ تون دَسِين، فرياد رس يا مرشدا!
46. آ تون، شتابي شِيرَ ڪر، ظالم هڻي سڀ زير ڪر
نا دَمُ تنَهِين ۾ دير ڪر، فرياد رس يا مرشدا!
47.
هڪ پير منهنجو تو هِڪو، تنهنجو لڳو سِڪَ جو سِڪو
ڏي دزد دشمن کي ڌِڪو، فرياد رس يا مرشدا!
48.
مون کي سدا ٿو تون سُجهين، منهننجا ڳُجها غم تون
ٻُجهِين
مون کئون جدا نا دم هُجين، فرياد رس يا مرشدا!
49. سِڪَ ساه ۾ تنهنجي سچي، پويون پَهَرُ بيٺو اچي
چوطرف موذي ويا مچي، فرياد رس يا مرشدا!
50.
تُنهنجي تڳا، تُنهنجو تَڪيو، چوطرف چورن آ چَڪيو
هردم مون سان هوئج حَقيو، فرياد رس يا مرشدا!
51.
ڪُلَ پير! تون پردو رکين، چوطرف چو گردو رکين
هٿ ٻاجهه جا هردو رکين، فرياد رس يا مرشدا!
52.
تيرهين صدي جي آ آسِي، ڪل جاءِ وئي ڪلفت وَسي
دل توهَ تنهنجي تسِي، فرياد رس يا مرشدا!
53. شاها! دلم را شاد ڪر، دل درد کئون آزاد ڪر
افضل سندم اولاد ڪر، فرياد رس يا مرشدا!
54. هرڪو رضا رب تي وڃي، رب ٿو رضا تنهنجي مڃي
رب نا رضا تنهنجي ڀَڃي، فرياد رس يا مرشدا!
55. نوري آهين
تون نقشبند، سردار بالا بخت مند
تابع تنهنجا ٿيا تخت مند، فرياد رس يا مرشدا!
56. بيشڪ آهين بهتر گهڻو، محبوب تون مِهتَر گهڻو
ڪَمتر آهيان ڪِهتَر گهڻو، فرياد رس يا مرشدا!
57. هي عرض سڻ احوال تون، منهنجا سَڀي مڃ سوال تون
مون تي ڀلا! ڪر ڀال تون، فرياد رس يا مرشدا!
58. ڪامَل! ڇَڏا تون قرض کئون، فائق! رهان نا فرض
کئون
محفوظ رک تون مرض کئون، فرياد رس يا مرشدا!
59. جو دم حياتيءَ جو جيَان، ڪنهنجو نَه ڪي محتاج
ٿيان
بي غرض بي احتياج هُوان، فرياد رس يا مرشدا!
60. منهنجي اَٿو اي مُدعا، جاسين جيان، نا ٿيو جدا
پوءِ خاڪ پَرتو لڳ خدا، فرياد رس يا مرشدا!
61. حمل گهُري حق جي طلب، ايمان ۽ عشق و ادب
ڪلمون سدا هو منجهه قلب، فرياد رس يا مرشدا!
(س) سِر الاهي= الاهي
راز. سيف زن= ترار هڻندڙ. سَر سرورن سَرور=
سرورن جو به سرور.
(غ)
سرِ غزا جو= جنگ جو جهونجهار. غر غر= سڪرات-
سختي.
(ن)
نور اسمش، نورجسمش= سندس نالو توڙي بدن نور
آهي.
+
هن داستان هيٺ حمل فقير جو اهو شعر ڏنو ويو
آهي، جنهن جو تعلق لواري وارن بزرگن
سان آهي. انهيءَ لحاظ سان ئي هن داستان جو
عنوان ”لواريات“ مقرر ڪيو ويو آهي.
(1)
شاهد حديث:
”ماصَب الله فِي صَدرِي شَيئا والاصبيت في
صَدر ابي بڪر“ (حاشيه حمل).
(2)
بازيد: ”نام مبارڪ بايزيد بسطامي. اصل نام
طيفور است و اولياءِ موصوف وعده فرموده است که
هر کرا نام. من طيفور ياد باشد، بر او آتش.
دوزخ حرام است. اسم مبارڪ طيفور است رحمت الله
عليه (حاشيه حمل).
(1)
يعني بهاوالدين نقشبند جو بخارا ۾ پيدا ٿيو.
(3)
شيخ محمد: شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد
دائود پوٽه جي تصديق موجب ”شيخ محمد“ مان مراد
”خواجه محمد ابوالمساڪين“ آهي، جنهن جو قدري
ذڪر ”ابيات سنڌي“ جي مقدمي ۾ موجود آهي.
(4)
يعني جناب مخدوم محمد زمان وڏو رحه (1125هه-
1188هه) جو بزرگان لواري جو سالار ۽ لهذاً
مشهور به ”سلطان الاولياءِ“ آهي.
(1)
ڪيو ستاري سعد تنهن الخ= تنهن بخت واري ستاري
اڀري روشني ڪئي.
(2)
يعني هي صاحب ڄڻ ته سج هو جنهن سڄي جهان کي
روشن ڪيو.
(3)
”شيخ محمد صاحب ننگر“ يعني خواجه محمد
ابوالمساڪين.
(6)
يعني ”محبوب الصمد خواجه گل محمد“ (سنه
1177هه- 1218هه) بن خواجه محمد زمان وڏو.
(7)
هن سلسلي جو ٽيون بزرگ خواجه محمد زمان ثاني
(سنه 1199هه- 1247هه) هو جنهن تي ساڳيو سندن
جَد يعني ڏاڏي وارو نالو رکيل هو.
(8)
کوڙيو نشان= يعني ديني تبليغ جو جهنڊو بلند
ڪيو.
(1)
يعني خواجه محمد زمان ثاني پنهنجي فرزند خواجه
محمد حسن المشهور به خواجه شاهه مدني محمد حسن
(1235هه- 1298) کي پنهنجو قائم مقام مقرر ڪيو.
خواجه محمد زمان پنهنجي وصال کان اڳ ”الاهي
امر جي پيروي ڪري، پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي
صاحبزادي کي خلافت جي مسند تي ويهاري، جماعت
کي سندن بيعت ڪرڻ جو فرمان ڏنائون. ان وقت
صاحبزادي جي عمر سا يارهن ورهيه مس هئي، پر
طريقت جي ڪل لياقتن ۽ فضيلن سان ڀرپور هئا.“
(لواري جا لال- صفحو 189).
(2)
هن سٽ مان ظاهر آهي ته جڏهن حمل هي ”سلسله
شاهان نقشبند“ نظم ڪيو، يعني 6- ماه محرم سنه
1287هه تڏهن خواجه محمد حسن جن ئي خلافت اسلاف
تي مسند نشين هئا. پاڻ سنه 1298هه ۾ وفات
ڪيائون.
(2)
ڳنان= ڪنان. کان. طرفان. هن مصرع جو وزن نرالو
آهي، انهيءَ ڪري ان کي ٻِٽن نشانن اندر رکيو
ويو آهي.
*
يعني خواجه محمد حسن، جنهن کي ئي معتقدين
درگاه لواري ”غوث العظم“ جي لقب سان ياد ڪن
ٿا. ڊاڪٽر گربخشاڻي ”لواريءَ جا لال“ ۾ خواجه
محمد زمان ثاني کي ”غوث اعظم“ جي لقب سان آندو
آهي ۽ خواجه محمد حسن کي ”خواجه شاه مدني“ ڪري
لکيو آهي؛ مگر جئن ته حمل فقير خواجه محمد حسن
جو همعصر ۽ مريد هو، انهيءَ ڪري وڌيڪ تحقيق
لاءِ اسان پنهنجي دوست عزيز جناب پير سعيد حسن
صاحب ڏانهن لکيو جنهن جواب ۾ تحرير فرمايو ته
”يقيناً اهي ٻئي مدحون [يعني هي ۽ بي هن بعد
ايندڙ] حضرت خواجه محمد حسن قدس سره جي باري ۾
چيل آهن. ڇو جو (لواري شريف جي) ڇهن بزرگن مان
فقط کين ئي ”غوث اعظم“ جي لقب سان سڏيو ويندو
آهي.“ وڌيڪ لاءِ ڏسو حاشيه ايندڙ مدح جو.
+
”سنه 1281“ اصل ائين لکيل آهي. مگر خود مدح
جي متن مصرعه 52 ۾ ”تيرهين صدي جي آ اَسي“ مان
واضع آهي ته حمل هي مدح سنه 1280هه ۾ منظوم
ڪئي. ڀانئجي ٿو ته سنه 1281هه ۾ هي مدح بياض ۾
قلمبند ڪيائين.
|