مؤلف جي راءِ ۾ حمل شعر و شاعريءَ واري عرصي کي
اندازاً ٽن دورن ۾ وراهي سگهجي ٿو: ابتدائي دور
(1250هه وچ وارو دور (1270- 1287هه)، ۽ آخري دور
(1287هه- 1296هه).
(1) ابتدائي دور جي شروعات غالباً حمل جي انهن
بيتن سان ٿي، جي هن شاعر ”حيات“ جي جواب ۾ چيا. ان
بعد سندس اوائلي سِلون، هير جي افساني متعلق
سرائڪي زبان ۾ چيل ٽيهه اکريون، محبوب کي خطاب ۽
التجا واري ٽيهه اکري، مجاز جا سنڌي خواه سرائڪي
بيت ۽ مزاحيه اشعار- غالباً مڙيئي هن دور جا اشعار
آهن. انهن سڀني مان هير جي باري ۾ چيل ٽيهه
اکريون، محبوب سان مخاطب ٿي چيل ٽيهه اکري ۽ مجاز
جا بيت هن دور جا شاهڪار آهن(2). وچ وارو دور هڪ
طرف ”لؤاريات“ جو دور آهي، جنهن ۾ حمل پنهنجي
مرشدن يعني لواريءَ جي بزرگن جون مداحون چيون،
”سلسلهء شاهان نقشبندان“ جوڙيو، ۽ لواريءَ ۾ خواجه
محمد حسن مدني رحه جي ڪيل ڪارنامن کي نظم ۾ قلمبند
ڪيو؛ ٻئي طرف هن دور ۾ حمل نقشبندي ۽ قادري طريقن
جي ذڪر اذڪار جي تشريح ۾ ٻه صحيفا منظوم ڪيا، جي
سندس تصوف جي ڄاڻ جي ساک ڀرين ٿا ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ
۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سنه 1277هه ۾ نقشبندي طريقي
۾ هڪ صحيفو منظوم ڪيائين، ۽ سنه 1287ع ۾ قادري
طريقي جي بيان ۾ ٻيو صحيفو نظم ڪيائين، جو هن دور
جو آخري ڪارنامو سمجهڻ گهرجي.(3) آخري دور جو حمل
جي پيريءَ جو دور آهي، ان ۾، سندس عمر جي تقاصا
موجب، اهو شعر شمار ڪرڻ گهرجي، جو نصيحت نامن،
مناقب ۽ مداحن تي مشتمل آهي. 1290هه ۾ چئن يارن جي
مدح جوڙيائين؛ 23 رجب، 1292هه تي سرائڪي زبان ۾
پنهنجي مرشد جي آخري مدح (”وه محبوب مڪمل مرشد،
ڪامل قطب رباني“- الخ) چيائين؛ 2 شعبان 1293هه تي
سنڌيءَ ۾ ”مناقب حضرت علي“ منظوم ڪيائين؛ ۽ ان کان
ٽي ڏينهن پوءِ 5 شعبان 1293هه ۾ نبي ﷺ جي
مدح (”سيد سچا
سردار تون“- الخ) جوڙيائين. شايد هيءَ مدح ئي حمل
جي شعر و شاعريءَ جو آخرين ڪارنامو آهي.
شاعريءَ جا انواع، عنوان ۽ اسلوب بيان
حمل جي شعر جي هٿ آيل ذخيري مان، اٽڪل اڌ ڪلام
سنڌي ۽ اڌ ڪلام سرائڪي زبان ۾ چيل آهي. سندس ڪجهه
شعر ”هندي ريخته“ ۾ به چيل آهي (ڏسو ڀاڱو ٽيون).
سنڌي ۽ سرائڪي زبانن ۾ سندس چيل شعر ۾ مداحون،
معجزا، مناقب، مثنوي، سي حرفيون، غزل، بيت،
ڪافيون، هنر، ڏهسناما ۽ معما- اهي مڙيئي جنسون
موجود آهن.
موضوع جي لحاظ سان، حمل جي شاعري علمي توڙي عوامي
عنوانن تي مشتمل آهي، ۽ جهوني توڙي جديد رنگ ۾ چيل
آهي. سندس ”مناقب حضرت علي“، ”سلسلهء شاهان
نقشبندان“ ۽ معرفت نامو خصوصاً علمي معلومات ۽
مطالعي جو ثمر آهن، ته ڪافيون، هنر، ڏهسناما ۽
معما(1)
وري عوامي شاعريءَ جي عنوانن جا موتي ۽ گوهر آهن.
معرفت نامي جو پهريون حصو، جو نقشبندي طريقي جي
تشريح ۾ جوڙيل آهي، سو ”الف اشباع“ واري قافيي
(ڪريما، ان کا، هميشا، حضورا) تي جهونيءَ طرز
مطابق چيل آهي؛ ٻئي طرف وري سنڌي خواهه ”ريخته
هندي“ ۾ نسبتاً جديد رنگ جا غزل موجود آهن(2).
حمل جي شاعرانه اسلوب بيان ۾ وڏي لوڏ لچڪ آهي:
هرهڪ موضوع کي مخاطبين خواه نفس مضمون جي لحاظ سان
بلڪل موافق ٻوليءَ ۽ موزون محاورن ۾ ادا ڪيو اٿس.
مخاطبين جي لحاظ کان، مدحن ۽ معجزن ۾ زبان خواهه
طرز بيان بلڪل سادي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي موضوع عام
لاءِ هئا ۽ زبان زد عام ٿيڻا هئا. ان جي برعڪس،
معرفت نامي ۾ جيتوڻيڪ ٻولي نج سنڌي استعمال ڪئي
وئي آهي، ته به تصوف جي ڪن خاص اصطلاحن ۽ ڳُوڙهن
نڪتن کي ورجائڻ لاءِ طرز بيان علمي، بلڪ فلسفيانه
آهي.
موضوع جي لحاظ سان، موافق ٻولي ۽ موزون محاورن
استعمال ڪرڻ ۾ حمل پنهنجو مٽ پاڻ آهي. کيس (سنڌي
توڙي سرائڪي) ٻوليءَ تي ملڪو آهي: سرائڪي (سنڌي-
سرائڪي) سندس مادري زبان هئي، مگر ان سان گڏوگڏ
سرائڪي زبان جي مغربي- پنجابي محاوري ۽ لهجي، توڙي
اتر سنڌ ۽ بهاولپوري محاوري ۽ لهجي تي کيس عبور
هو. هير جي بيان ۾ ٽيهه اکريون، توڙي محبوب کي
خطاب ۽ التجا واري ٽيهه اکري ”مغربي- پنجابي“
محاوري جي آميزش سان چيون اٿس، جن ۾ تيري، ميري،
هور (ٻيو)، ڪي، ڦر، (وري، مَنجهين (مينهون)، نَسڻ
(ڀڄڻ)، چاڪ (يار)، ڪول (ويجهو)، وغيره لفظن کي عام
استعمال ڪيو اٿس. ٽيهه اکرين کان سواءِ ٻئي سرائڪي
ڪلام ۾ سِري ۽ بهاولپوري محاوري جا خاص الفاظ به
استعمال ڪيا اٿس- مثلاً ٻاجهه (بنا، کان سواءِ)،
پَٺڻ (موڪلڻ)، گهلڻ (اماڻڻ)، ڪَڏڻ (ڪڏهين)، تين
(۽)، وغيرها. مجازي بيتن ۾ خاص طرح عام فهم ”سنڌي-
سرائڪي“ ٻولي استعمال ڪئي اٿس. مطلب ته سرائڪي
ٻوليءَ جي هر محاوري ۾ کيس مهارت آهي ۽ ان ۾ هو
ٻاهرين عام ٻولي توڙي گهرو زناني ٻوليءَ کان
پوريءَ طرح واقف آهي. هير ۽ سندس ماءُ جي سوالن
جوابن واري ٽيهه اکري ۾، ٻن عورتن جي گفتگو جي
لحاظ کان، ”الف“ کان ”ي“ تائين گهرو زناني ٻولي
استعمال ٿيل آهي، جنهن ۾ جهڙو ماءُ جو مهڻو تهڙو
ڌيءُ جو طعنو، جهڙو عتاب تهڙو جواب. هن طرز بيان
کي بلڪل زنانن اصطلاحن ۽ محاورن
۾ نباهڻ ۾ حمل
واقعي ڪمال ڪيو آهي، ۽ عورتن جي طعنن ۽ مهڻن کي
هوبهو سندن زبان ۾ ورجايو آهي.
سنڌي زبان تي به حمل کي ساڳيءَ طرح پورو عبور آهي:
خصوصاً عام رائج زبان جي مؤثر لفظن ۽ پختن محاورن
۽ اصطلاحن تي کيس ملڪو آهي. سندس سنڌي ٻولي بلڪل
سولي ۽ صاف آهي ۽ ان ”سنڌي صاف زبان“ جي خود کيس
به دعوا آهي: ”دروازي جي تاريخ“ (ڏسو ڀاڱو پهريون)
لکندي چوي ٿو:
ول صفت الله سندي ٿـو ساراهيان سبحان
بعد تنهين تاريخ چوان ٿو سنڌي صاف زبان.
نقشبندي طريقي بابت هڪ صحيفي جوڙڻ لاءِ جو ارشاد
کيس سندس مرشد ڪيو هو، تنهن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
هڪڙي ڏينهن فرمايائون فضل سين مون کي مهر منجها
ته جوڙ حمل! تون هڪڙو صحيفو صحيحا
صحيح صحيفو جوڙ تون، ساري سنڌي واء
سولي سنڌي سوکڙي سمجهڻ سڀني لاءِ.
بيشڪ حمل جو سنڌي شعر گهڻو ڪري سڄو ”سولي سنڌي
سوکڙي“ آهي. جيتوڻيڪ هو فارسي زبان ۽ شعر مان چڱو
خاصو واقف هو، مگر سندس ڪلام ۾ اهو خارجي اثر بلڪل
ڪونهي. سندس سنڌي بيت خاص طرح صاف زبان ۽ شسته
محاورن جو بهترين نمونو آهن. سسئي، مارئي، سهڻي،
سارنگ، ڪانگل ۽ بروو ۽ سنڌي سُرن هيٺ چيل بيت حمل
جي زبان جي سلاست ۽ روانيءَ جي ساک ڀرين ٿا.
ٻوليءَ تي ملڪي هئڻ سبب، حمل کي لفظن جي پوچ ۽
استعمال تي وڏي مهارت حاصل آهي. هڪ جاءِ تي خود
پاڻ چوي ٿو ته ”مدح مبارڪ جوڙيم، پوٿم داڻي در عدن
دي“(1).
ڪڏهن هو هم آواز الفاظ استعمال ڪري، هر مصراع ۾
اندروني ترنم پيدا ڪري ٿو:
ڏي غم وهم، لحم اساڏا لِڱ لِڱ سڀ اُلوڙ ڳيون!
ڪنون آس اُداس پياس، پِيعَا! رَتِ ماسَ هڏان تون
ڀي روڙ ڳيون!
ـــــ
هِڪِي گهور تيڏي چڪچور ڪيتي، پؤ پور تين وڃ وهلور
پَئي،
ڪَيهي ڏوهه سانون سٽ ڏور ڳيون، سائين! ڪاسان ٿُون
ڪس قصور پئي؟
ـــــ
تَئُون
ڍول اتون جند گهول گهتان، چپ چول اَتين ڪجهه ٻول
سائين!
ته ڪڏهن وري صنعت تجنيس جي سٽاءَ سان هڪ هڪ لفظ
مان مختلف معنائون پيدا ڪري ٿو:
ڳَلِيان (2)
تِڪ تڪ، ڳليان(3)
دلبر! ڪڏان اَئُوسين اس ڳليان؟(4)
ڦيري ڪر ڪر تروڙيم ڳليان!(5)
ٻوليءَ جي مهارت ئي حمل کي هن لفظي پوچ ۽ جڙاءَ تي
آماده ڪيو آهي، انهيءَ ڪري سندس اڪثر بيتن تي
سگهڙپائيءَ جو رنگ غالب آهي. هنر ۽ ڏهسنامي جا بيت
به سندس هن لغوي ڄاڻ ۽ لفظي گهڙ- ڀڃ جو مظاهرو
آهن. ظاهر آهي ته حمل متعدد موقعن تي عمداً ۽
ارادتاً ”صنعت تجنيس“ جي ڪمال ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي؛ مگر هن ڪاريگريءَ کي پختن محاورن ۽ موزون
لفظن جي قالب ۾ اهڙي تي سهني نموني ۾ سمايو اٿس،
جو تصنع ۽ تڪلف جو رنگ هلڪي ۾ هلڪو، بلڪ ذري گهٽ
ناپيد آهي. انهيءَ ڪري ئي پير صاحب پاڳارو، پير
صاحب شمس العلماء شاهه مردان شاهه اول، چوندو هو
ته ”عقلي شاعر حمل جهڙو ڪو ڇڊو هوندو.“ سندس
صنعتگريءَ ۽ ڪاريگريءَ جي نقطي نظر کان پير
پاڳارو، پير صاحب حزب الله شاهه، چوندو هو ته
”فقير جي مصراع سان ڪو ٻيو ساعر مصراع ملائي، ته
ان کي هر مصرع لاءِ اسان جي طرفان پنج روپيا انعام
طور عطا ڪيا ويندا.“
خيال ۽ فڪر جي نوعيت
سنڌ جي بزرگن ۾ ساعري ۽ فقيري لازم ملزوم جز پئي
رهيا آهن؛ انهيءَ ڪري هرهڪ بزرگ، شاعريءَ کي خدا
پرستي ۽ فقيريءَ جي تلقين جو هڪ ذريعو بنايو. اسان
جي وڏن بزرگن ۽ درويشن جي منزل به وڏي هئي، انهيءَ
ڪري جو سندن ”حال“ هو، سو ئي سندن ”قال“ هو. اسان
جي پوين شاعرن، محض اڳين جي تقليد ڪندي، پنهنجي
شعر ۾ ويهي سلوڪ ۽ معرفت جون ڳالهيون ڪيون. حالانڪ
سندن ڄاڻ صرف اڳين بزرگن جي شعر ۾ ڪم آندل لفظن ۽
اصطلاحن تائين محدود هئي: مطلب ته سندن ”حال هيڻو،
قال ٻيڻو“. حمل جي شعر ۾ ان قسم جو مبالغو ڪونهي.
مجموعي طرح، جو سندن حال آهي سو ئي سندس قال آهي.
هن پنهنجي شعر ۾ عمداً ڪو سالڪانه ۽ عارفانه دم
ڪونه هنيو آهي. حالانڪ ٻين گهڻن شاعرن جي مقابلي ۾
حمل تصوف جي ماهيت ۽ اصطلاحن کان وڌيڪ واقف آهي.
جيئن ”معرفت نامہ“ ۾ نقشبندي ۽ قادري طريقن بابت
سندس ڏنل عالمانه سمجهاڻيءَ مان ثابت ٿئي ٿو.
حمل پنهنجي شعر ۾ عام حقيقتن ۽ حالتن کي نهايت
دانائيءَ سان بي نقاب ڪيو آهي. بقول راضي فقير،
”حمل حقيقت حال واري پڌري آيو آهي، جا عام توڙي
خاص کي سِگهي ۽ سُکي سمجهه ۾ اچي ٿي“- يعني ته حمل
پنهنجي شعر ۽ شاعريءَ جي هر موضوع کي عام فهم،
سليس ۽ دلچسپ پيرايي ۾ ادا ڪيو آهي، مگر هر ڳالهه
کي اهڙو ته تڪي توري پيش ڪيو اٿس، جو اها ٻڌندڙ جي
نه صرف ذهن نشين، بلڪ دلنشين ٿي وڃي ٿي. مثلاً،
مجازي محبت جي موضوع کي حمل پنهنجي سرائڪي خواهه
سنڌي بيتن ۾ جنهن سنئين سڌي ۽ دلپذير نموني ۾ پيش
ڪيو آهي، تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. مجازي ماحول
جو نقش چٽڻ ۽ محبوب جي ڳجهين ڳالهين ڳرهڻ، خواهه
ساڻس مخاطب ٿي سندس آڏو محبت جي هر پهلو کي بي
نقاب ڪرڻ ۾ حمل واقعي ڪمال ڪيو آهي. سندس انهيءَ
شاعرانه اعجاز تي هيٺ ڏنل بي نظير بيت (”ڪليات“:
ڀاڱو ٻيو، داستان ستون) پڌرا شاهد آهن. انهن بيتن
۾ حمل خالص مجازي محبت جي عام احساسات، جذبات ۽
تجربات جي اپٽار ڪئي آهي؛ بزرگ بنجي مجازي محبت
جون ڳالهيون لڪايون ڪونه اٿس؛ ڇو ته:
”لوڪ ڪنون لُڪ عشق نه سگهدا، توڙي سهس ڏِينوِس سر
پردي“
انهيءَ ڪري، جيڪي مٿس گذريو آهي، يا مجازي محبت جي
دام ۾ گرفتار ٿيل هر شخص تي جيڪي ڪجهه گذري ٿو،
انهيءَ جو دل کولي ذڪر ڪيو اٿس. مجازي محبت تي
خواهه مخواهه ”حقيقي“ پوش ڪونه چاڙهيو اٿس، ۽ نڪي
ڪو انساني محبت تي آسماني غلاف وڌو اٿس. هيٺئين
بيت ۾ محبوب جي مخفي ملاقات کي جنهن نموني ۾ عيان
ڪيو اٿس، سو هڪ مجازي ماحول جو حقيقي عڪس آهي:
ستي لوڪ سڄڻ لنگهه آيا، نال ٻُڪل دي ٻُڪ ڪر: لوڪؤن
لُڪ ڪر
ڇَپدا، ڇَهندا، ٻَهندا آيا، ساهه سمورا سُڪ ڪر:
لوڪؤن لُڪ ڪر
ٻاجهه ڪنون آ ٻيٺا ميڏي جهولي دي وچ جهُڪ ڪرل
لوڪؤن لُڪ ڪر
حمل ڪون ڳل لاءِ ڳِرهاٽيان پاءِ ڄُليا ول ڄوڪ ڪر:
لوڪؤن لڪ ڪر
اهڙيءَ طرح، حمل پنهنجي عاشقانه شاعريءَ ۾ محبت ۽
مجاز جا کليل راز نهايت دلچسپ پيرايي ۽ موثر لفظن
۾ بيان ڪيا آهن.
حمل جي خوش مزاجي ۽ خوش طبعيءَ سندس مجازي شاعريءَ
کي ويتر وڌيڪ چمڪايو آهي. هن محبت جي دام ۾ گرفتار
ٿي نڪي دماغي توازن وڃايو آهي، ته نڪي وري دل تي
خواهه مخواهه سوداي خام کي سوار ڪري، رڳو ويهي
پنهنجي نااميديءَ، بي بسيءَ ۽ بيحاليءَ کي اوريو
آهي. سندس دماغ سالم، طبع شگفته ۽ دل جوان آهي. هو
محبوب جي ناز و انداز ۽ دل ڦري وڃڻ واري هنر ۽
حرفت جو معترف آهي، ۽ ان جو داد ڏئي ٿو:
”کِل کل تين کسڪاءِ ڳِڌي دل، ڪَر ڪي محب مذاق
ڳيا!“
حمل، ٻين سان سڄڻ جي گلا کي مناسب نه سمجهي، خود
ويهي کيس سمجهائي ٿو ته:
”ڇا ڪِيڙي ڇا ڪاهه، مون مسڪين تي!“
شڪايت کي به هڪ حڪايت بنائي پيش ڪري ٿو:
”مُرڪ مُرڪ مَن موهه ڳيون، تين کِل کِل تُؤن دل
کَسي!“
ــــ
”هڪ سهڻا ٻيا سينگار ڪَريندئين، پاپ ڪرڻ دي پار
اِهي!“
ـــــ
”گھُنڊي گهنڊي گهَتَڻ دي عادت، آک ڪِٿون هٿ آيُئي:
ڪنهن سِکلايُئي؟“
ــــ
”نال ٻنهان دي سنوان سڌا، نال اسان ڏِنگ ڏايان:
تين ارڏايان!“
”سهڻا! سهڻي صورت دا نا ايڏا ماڻ ڪريجي: ڪجهه
ڏريجي!
اکينا دي لڳ آکيي تي نا ماڻهو مفت مريجي: ڪجهه
ڏريجي!
ايڏا زور نه لاوڻ لائق، جيڏا سَت سريجي: ڪجهه
ڏريجي!“
حمل جي هيءَ خوش طبعي ۽ خوشگوئي واقعي قابل داد
آهي. منهن چڙهي، مخاطب ٿي، محبوب کي مڃائڻ ۾ اڃا
به کيس ذرا هٻڪ ۽ حجاب آهي:
”ڳالهيون اٿم ڪي، توسان دلبر دل جون،
چوان چئي نه سگهان، ساجن منهن تي سي!“
پر، انهيءَ هوندي به پنهنجي ماڻائتي محبوب سان جي
سنيون سڌيون ڳالهيون حمل ويهي ڪيون آهن، سي ٻئي
ڪنهن ڇڊي شاعر ڪيون هونديون. ازانسواءِ، پنهنجي
يار سان راز ۽ نياز، ماني ۽ ميار، ڏک ۽ ڏوراپي جون
اهي سنهڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪندي ڪندي، حمل محبت ۽
مجاز جا به بلڪل باريڪ نُڪتا ۽ گُر بيان ڪري ڇڏيا
آهن:
”نَهين نهايت نِينهن تيڏي دي، نا ڪا پرت پڄاڻي: سچ
ڪر ڄاڻي!
نَوِين نَوِين سِڪَ سرس سدا، نا ٿيندي پرت پراڻي:
سچ ڪر ڄاڻي!“
ــــ
”هڪ هڪ ڏينهن هزار ورهيه هي، دلبر دي ديدار بنان!“
ـــــ
”سو سال سڄڻ گڏ نال وسي، ته ڀي اَکِيان ويک نه
رَڄديان!“
ـــــ
”تنهن دي نال تقابل ڪيها، جو ٿيا سِردا سائين!“
ــــ
”ڍولڻ نال نهين ٻيا ٻولڻ، هڪا ٻانهپ ٻولي!“
۽ وري هڪ وسيع النظر ۽ جهانديد شاعر جي حيثيت ۾ هن
مجازي محبت جي حد ۽ منزل به ڪٿي ڇڏي آهي:
حمل چئي جو ويهي ڪيم ويچار،
ته دل لڳي دوستيءَ جو ڇا ملهه آهي مقدار؟“
تان اندر مان عقل چيو، نُڪتو هيءُ نروار:
”وڃي لڳي ته لک هزار، ٽُٽي ته ٽَڪو ئي نه لهي!“
تنقيدي راءِ
حمل، سنڌ جو ناليوارو نغزگو شاعر آهي. سندس شعر ۾
ڪي خاص نمايان خاميون نظر نٿيون اچن. جيڪڏهن ڪي
اوڻايون آهن، ته به اهڙيون جو مجموعي طرح سان انهن
جو سندس ڪلام جي خوبين تي ڪو اثر ڪونه پيو آهي.
مثلاً، ڪٿي سندس مناقب، معجزن ۽ مداحن جي وزن ۾
ذرا ڏڌ آهي، ته ڪٿي وري اهو ڪلام به البت سادو
آهي. پنهنجي سرائڪي زبان واري ڪلام جي انوکن وزنن
کي قائم رکڻ لاءِ، گهڻن ئي لفظن جي حرفن تي ڪٿي شد
ڏني اٿس، ۽ ڪٿي وري ساڳين حرفن کي بنا شد بيهاريو
اٿس. بس، سندس ڪلام ۾ جيڪڏهن ڪي آهن ته اهي ئي
اکري اوڻايون آهن: مگر انهن اکري اوڻاين تي سندس
لفظي خواهه معنوي ملوڪتون گهڻو غالب آهن. لفظن جي
سهولت ۽ قافين جي ارزاني، انوکا وزن ۽ انهن جي
آساني، طرز ادا ۾ سلاست ۽ رواني، اندروني ترنم
ذريعي پيدا ڪيل خوش الحاني، ۽ سندس طبعي ظرافت ۽
خوش بيانيءَ وارين خوبين، سندس ڪلام کي بلڪل پيارو
۽ دلپذير بنائي ڇڏيو آهي.
حقيقت ۾ ڪلام جي ”عام مقبوليت“ ئي ڪلام جي اثر جي
صحيح ڪسوٽي اهي، ۽ انهيءَ ڪسوٽيءَ جي لحاظ سان حمل
جو ڪلام بلڪل کَرو آهي، جنهن ۾ ڄڻ ڪابه اِرئي
ڪانهي. حمل جا بيت سِري توڙي ڪاڇي، لاڙ توڙي کاري،
ٿر توڙي لس ٻيلي طرف معلوم ۽ مروج آهن(1):
سندس تمنا به اها ئي هئي. ”حمل دي هر بيت همہ جا
ملڪين وچ مشهور ٿيونَ“ ۽ ٿيو به ائين. سندس عام
فهم، رنگين، دلچسپ ۽ پر اثر عاشقاڻا بيت سگهوئي
جهر جهنگ مان ڪڏندا، ٽپندا، اڏامندا، واهڻ وسيون
ووڙيندا، ملڪ ۾ مشهور ٿي ويا- ”تيڏي بيت برهه دي
بيشڪ، حمل، هِن هَوايان: عشق اڏايان!“ سندس سرائڪي
زبان (جنهن کي ”هندي“، يعني هندوي يا سرائڪي ڪري
سڏيو اٿس) ۾ چيل بيت ته خصوصاً گهڻو مقبول پيا، ۽
انهن متعلق خود پاڻ چيائين ته ”هندي بيت حمل دي
يارو، عالم وچ اظهار ٿئي.“ ساڳيءَ طرح، هير-
رانجهي متعلق سندس ٽيهه اکريون هرهنڌ مشهور ٿي
ويون، ۽ حمل جي اها اڳڪٿي پوري نڪتي ته:
”جيوين هير- رانجها مشهور هوئي، تيوين ساڏا ڀي شعر
نيشان هوسي!“
(1)
ڪافيون، سنڌي ۽ سرائڪي بيتن جي فصلن جي آخر ۾
مناسب موقعن تي ورڇي رکيون ويون آهن ۽ اتي ڏسڻ
گهرجن. هنر جا بيت جي ”تجنيس تام“ تي سٽيل
آهن، سي هي آهن: سر مارئي جا پهريان 8 بيت، سر
سهڻي جو بيت 3، سر سهڻي فصل 2 جا جملي بيت، ۽
سر ڪانگل جو بيت 12. ”جنسيات“ تي مبني هنر جو
مثال، سر مارئي ”ابيات متفرقه“ هيٺ ڏنل بيت
آهن، جو ”اَنّ جي جنسن“ تي جوڙيل آهي. ڏهسنامي
جي فن ۾ حمل صرف ٻه بيت جوڙيا آهن، پر اهي
پنهنجو مٽ پاڻ آهن. پهريون ”رڌان رجني رجيهون
ڇم ڇيهل کؤن وڌ-الخ“ (ڏسو ابيات متفرقه: ڀاڱو
پهريون)، ۽ ٻيو ”زلف ڪي نانگ، ڏنگن بي
سانگ-الخ“ (ڏسو ڀاڱو ٽيون: ڪلام ريخته هندي).
معما جو فقط هڪ بيت ملي سگهيو آهي، جو ”ڀاڱو
پهريون- اشعار متفرقه“ هيٺ ڏسڻ گهرجي.
(2)
ڏسو سنڌي غزل ”هن برهه جي بيمار جي- الخ“
(ڀاڱو پهريون، اشعار متفرقه)، ۽ پڻ ڏسو ”ڀاڱو
ٽيون؛ ڪلام ريخته هندي.“
(1)
ڏسو ڪليات، ڀاڱو ٻيو: ”مدح مرشد حقيقي“، بند
19.
(3)
سورن ۾ ڳري وئي آهيان.
(5)
جُتيءَ
جون ڳليون. يعني اي دلبر! واٽون نهاري نهاري
آءٌ (هن ورهه ۾) ڳري وئي آهيان؛ (چؤ) تون
ڪڏهين هن ٽاڻي ڳوري ايندين؛ (انتظار ۾) هت هلي
هلي مون ته (پنهنجي جُتيءَ جون) ڳليون ئي ٽوڙي
ڇڏيون آهن.
(1)
مؤلف، حمل جا بيت مِٺي (ٿر)، بُهارن
(ميرپورساڪرو) توڙي اُٿل (لس ٻيلو) ۾ سگهڙن
کان ٻُڌا.
|