سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪليات حمل

باب --

صفحو :3

اسان هن خوش طبعي ۽ خوش گوئيءَ تي کيس داد ڏنو ۽ کانئس پڇيو ته: ”فقير صاحب، اهو بيت اڳ جو ٺاهيل آهي يا هن موقعي جو آهي؟“ جواب ڏنائين ته ”ابا، اسان ٻين شاعرن وانگر ويهي لفظ ڪين ڳوليندا آهيون: جيڪڏهن ڪو قافيو خيال تي چڙهي ويو ته پوءِ، قرآن شريف جي حافظ وانگر، باقي الفاظ خودبخود زبان تي چڙهي ويندا آهن. هيءُ بيت هن موقعي تي ئي خيال ۾ اچي ويو.“ ا. هه.

مٿيان مثال توڙي ٻيون عام روايتون ثابت ڪن ٿيون ته حمل جي سنڌ ۾ گهڻي ڄاڻ سڃاڻ هئي؛ هو سنڌ جي خاندانن، ميرن، پيرن ۽ فقيرن ۾ ٻُڌل سُئل هو، ۽ فراغت ۾ گاهي بگاهي وڃي ساڻن رهاڻي ٿيندو هو. ڀاڻوٺ جي سيد ميان نور شاهه توڙي سَن جي مٽياري سيدن سان به سندن رستو هو. پنهنجي عزيزن ۽ لغارين قوم جي ررئيسن سان به اچ وڃ هئي. ميرپورماٿيلي طرف لغارين وٽ، ٽنڊي باگي طرف خليفي نبي بخش صاحب وارن وٽ، ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ۾ رئيس ميان حيدر خان وٽ توڙي ٻين متعدد مهربانن ۽ قدردانن وٽ گهڻو ايندو ويندو هو. مطلب ته هو ڪچهرين جو ڪوڏيو هو؛ گوشي نشيني اختيار ڪري، ڪنهن خانقاهه جي ڪنڊ ڪانه وسايائين، بلڪ سڄي سنڌ اندر پنهنجي مهربانن سان مجلسون ڪري عام مقبوليت حاصل ڪيائين.

مريديءَ جو سلسلو

هڪ مريد جي حيثيت ۾ حمل جي ارادت ۽ عقيدت خاص طرح لواريءَ وارن بزرگن سان هئي. جيتوڻي هو پنهنجي وڏي عزيز خليفي نبي بخش صاحب جي اثر ۽ پنهنجن ٻين عزيزن جي درگاهه پير صاحب پاڳاري سان وابستگيءَ سبب، پير صاحب پاڳارن ڏانهن به دلي حب رکندو هو.

(الف) لواريءَ جا بزرگ ۽ ساڻن مريديءَ جو تعلق: مڪان لواريءَ، تعلقي بدين ضلعي حيدرآباد ۾ اُتي جي مشهور بزرگن جي جاءِ سڪونت آهي. لواريءَ جي بزرگن جي نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضه سان وڃي ملي ٿو. سندن خانداني روايت موجب، هي بزرگ، عباسي خليفن جي ڏينهن (تقريباً خليفي هارون الرشيد جي دور حڪومت) ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ موجوده ٺٽي شهر جي پسگردائيءَ واري ايراضيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. ان بعد سمن جي ڏينهن ۾ سنڌ مان هجرت ڪري وڃي ڪڇ وسايائون؛ پر سن 910هجري (1504ع) ۾، مريدن جي استدعا ۽ اصرار تي، هنن بزرگن جو وڏو ڏاڏو شيخ عبداللطيف ڪلان وري سنڌ ۾ موٽي آيو.

هي بزرگ اصل سهروردي طريقي جا هئا، مگر خواجه محمد زمان رحه وڏي جي والد بزرگوار شيخ حاجي عبداللطيف، مخدوم آدم ٺٽوي رحه جي فرزند شيخ فيض الله رحه کان دست بيعت ٿي، پنهنجو اصل طريقو سهروردي بدلائي، نقشبندي طريقو اختيار ڪي، ۽ ان بعد سندس پويان سنڌ ۾ نقشبندي طريقي جا علمبردار ٿي رهيا. هن گهراڻي جا هيٺيان سلسليوار مسند نشين بزرگ هن طريقي جا مشهور رهنما ۽ رهبر ٿي گذريا آهن:

(1) حضرت خواجه محمد زمان وڏو (ولادت 21 رمضان 1125هه/ 1713ع؛ وفات 4 ذي القعد 1188هه/ 1774ع)، جو هن گهراڻي مان پهريون ناميارو ۽ ڪامل درويش ٿيو ۽ سندس بلند منزل ۽ مرتبي سبب هن درگاهه جي مريدن ۾ ”سلطان الاولياء“ جي قلب سان مشهور آهي:

(2) سندس فرزند، محبوب الصمد گل محمد (ولادت 11 ربيع الاول سنه 1177هه= 1763ع؛ وفات 27 ربيع الاخر سنه 1218هه/ 1803.

(3) سندس فرزند، خواجه محمد زمان ثاني (ولادت رمضان 1199هه/ 1784، وفات 17 صفر 1247هه/ 1831).

(4) سندس فرزند خواجه شاهه مدني محمد حسن (ولادت 5 محرم 1235هه/ 1819ع، وفات 7 صفر 1298هه/ 1880ع) ۽

(5) سندس فرزند خواجه محمد سعيد (ولادت رمضان 1264هه/1847ع).

هنن بزرگن جي ولادت ۽ وفات جي تاريخن مان ظاهر آهي ته جيڪڏهن حمل جي ولادت 1225هه ڌاري تسليم ڪجي، ته پوءِ هو خواجه محمد زمان ثاني جي وفات (1247هه) وقت تقريباً 22 سالن جو هوندو- ۽ ممڪن آهي ته حمل کانئن دست بيعت وٺي سندن مريد ٿيو هجي(1). مگر يقيني طور فقط ائين چئي سگهجي ٿو ته حمل خواجه محمد حسن مدنيءَ کان ئي دست بيعت وٺي سندن مريد ٿيو هوندو؛ ڇاڪاڻ ته خواجه محمد حسن ئي (1235- 1298هه) حمل (1225(؟) 1296هه) جو همعصر هو؛ ازانسواءِ حمل خاص سندن شان ۾ ٽي مدحون چيون آهن (1)، جن ۾ کين ”مرشد حقيقي وَ راه نماي تحقيقي“ ڪري تسليم ڪري ٿو. اهو يقيني طور معلوم ناهي ته حمل ڪڏهن خواجه محمد حسن کان دست بيعت ورتو: مگر سندس شعر جي اندروني شهادت مان معلوم ٿئي ٿو ته سنه 1277هه ڌاري حمل جو پنهنجي مرشد وٽ ڪافي قدر هو. ان سال حمل، خواجه صاحب جي ارشاد موجب، قادري طريقي جي بيان ۾ هڪ صحيفو سنڌي نظم ۾ جوڙي تيار ڪيو(2)- جيئن ته حمل پاڻ چوي ٿو:

”حڪم ڏنو جنهن مون کي هادي، قطب چهارم چوٿين گادي،

ٻارهون سنه هو ستهتر، پر دُر ٿيو هي دفتر.“

غالباً ان کان اڳ حمل، خواجه محمد حسن رحه جي ارشاد مطابق، ”معرفت نامي“ جو پهريون حصو، يعني نقشبندي طريقي جي بيان ۾ هڪ صحيفو، سنڌي زبان م نظم ڪيو هو، ۽ جيئن ته اهي ٻئي صحيفا، ساڳئي معرفت نامي جا ٻه حصا آهن، انهيءَ ڪري ڀانئجي ٿو ته حمل اهي هڪ ٻئي پٺيان جوڙي تيار ڪيا: ۽ انهيءَ لحاظ سان نقشبندي طريقي جي بيان ۾ پهريون صحيفو به ذرا اڳ ساڳئي سال 1277هه ۾ پاڻ ان کان اڳ جوڙيو هوندائين.

سنه 1277هه ۾ حمل جي عمر تقريباً 52 ورهيه هوندي. ڄڻ سندس پيريءَ جو دور شروع ٿي چڪو هو. پيريءَ ۾ ڌڻيءَ جي ياد ۽ مرشد سان عقيدت هڪ عام دستوري عمل آهي، انهيءَ ڪري هن کان بعد واري عرصي ۾ حمل جي پنهنجي مرشدن سان ڪافي وابستگي نظر اچي ٿي، جنهن جو ثبوت سندس شعر جي مسلسل اندروني شهادتن مان ملي ٿو. مثلاً(1)، سنه 1279هه ۾ خواجه محمد حسن هن گهراڻي جو تبليغي نشان يعني جهنڊو دوباره بلند ڪيو(2)؛ حمل جي نظم ”در باب تاريخ نيزه مبارڪ“ مان ظاهر آهي ته خواجه محمد حسن دوباره هيءَ جهنڊي چاڙهڻ جي رسم تاريخ 18 شوال 1279هه ۾ ادا ڪئي. حمل به انهيءَ موقعي تي زيارت ۽ شموليت لاءِ لواريءَ ويو، جيئن سندس هيٺين مصراعن مان ظاهر آهي:

”حمل حمد هميشان پڙهه تون لکين ليل نهار،

اچي اکين ساڻ ڏٺو تو درسن ۽ ديدار،

بخت ڀلو ٿيو دست ڏنائون ڪرم ڪيو ڪلتار- الخ“

(2) وري ٻي سال خواجه محمد حسن روضي جو روپو دروازو جوڙايو، جو آچر ڏينهن 27 رمضان سنه 1280هه ۾ جڙي راس ٿيو. حمل هن ”تاريخ دروازه روضه مبارڪ“ کي نطم ۾ قلمبند ڪيو، جنهن ۾ خيرپور جي اوستن ڪاريگرن، هرهڪ غلام حيدر، احسان ۽ غلام نبي، جا نالا کنيا اٿس ۽ جيڪي کين انعام اڪرام مليا تن جو ذڪر ڪيو اٿس. سندس هن گهريءَ واقفيت مان معلوم ٿئي ٿو ته حمل ان وقت به پنهنجي مرشدن وٽ موجود هو.(3) سنه 1281هه ۾ پنهنجي مرشد خواجه محمد حسن جي شان ۾ ٻه سنڌي مدحون چيائين. (4) سن 1284هه ۾ خواجه محمد حسن مسجد شريف جوڙائي، جنهن جي تاريخ حمل سنڌي نظم ۾ قلمبند ڪئي. جيئن ته ڪم ڪندڙ رازن، هرهڪ انب جوڻيجي، غلام محمد ڏاهري ۽ ماٺيڻي مڱرئي، جا نالا نظم ۾ نروار ڪيا اٿس. انهيءَ مان ڀانئجي ٿو ته حمل مسجد شريف جي اڏاوت واري وقت لواريءَ ۾ موجود هو. (5) سنه 1286هه ۾ سندس مرشد جو چوٿون دفعو حج تي وڃڻ ۽ واپس اچڻ جون تاريخون پنهنجي بياض ۾ هن طرح قلمبند ڪيائين: ”حضرت مرشد حقيقي، راه نماي تحقيقي، قبله ڪونين، ڪعبه دارين، ساڪن مڪان شريف لواري رحه، دفعه چهارم تشريف فرما بسمت حرمين شريفين شدند. بروز دو شنبه تاريخ دويم ماه مبارڪ رمضان سنه 1286هه باز بمهرباني حق تعاليٰ جلشانه بخير و عافيت بروز سه شنبه بتاريخ بيست و پنجم ماه جمادي الاول سنه 1287هه وارد مڪان شريف شدند.“(6) ماهه محرم سنه 1287هه ۾ پنهنجي مرشدن جي ”سلسله شاهان نقشبندان“ کي سنڌي نظم ۾ بيان ڪيائين. (7) 23 ماه رجب سن 292هه ۾ پنهنجي مرشد خواجه محمد حسن جي شان ۾ سرائڪي زبان  ٽين مداح جوڙيائين. (8) سنه 1292هه ۾ سندس مرشد جو پنجون دفعو حج تي وڃڻ ۽ واپس اچڻ جون تاريخون پنهنجي بياض ۾ هن طرح قلمبند ڪيائين: ”دفعه پنجم تشريف فرما حرمين شريفين تاريخ 12 ماه شعبان سنه 1292هه شدند. حج خوانده زيارت حضرت نبي ڪريم ڪرده باز بخير و عافيت تاريخ 10 ماه محرم سنه 1293هه وارد مڪان شريف لواري شدند. شڪر الحمدالله.“

جيترو حمل کي پنهنجي مرشد خواجه محمد حسن جي يادگيري ۽ ساڻس عقيدت ۽ محبت هئي، اوترو خواجه صاحب کي به حمل جي سچائي ۽ صداقت، علم ۽ فضل، خاص طرح تصوف ۽ طريقت جي ڄاڻ جو قدر هو. انهيءَ ڪري ئي پنهنجن جملي مريدن ۽ معتقدن مان حمل کي ئي ارشاد ڪيائون ته هو نقشبندي طريقي بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ مستند صحيفو تيار ڪري، جنهن ۾ مختلف ”لطيفن“ ۽ انهن جي مقامن کي بيان ڪري، جيئن ته حمل خود چوي ٿو ته:

”هڪڙي ڏينهن، فرمايائون فضل سين مون کي مهر منجها،

ته جوڙ حمل! تون هڪڙو صحيفو صحيحا؛

صحيح صحيفو جوڙ تون، ساري سنڌيءَ واءِ،

[سولي] سنڌ سوکَڙي سمجهڻ سڀني لاءِ؛

تنهن ۾ طريقي نقشبنديءَ جو ڪر تون بيانا،

۽ ڪر تون بيان لطيفن جو ۽ تن جا مقاما- الخ.

حمل اهو صحيفو تيار ڪيو، ۽ ڀانئجي ٿو ته خواجه صاحب کي اهڙو پسند آيو جو ان بعد وري حمل کي قادري طريقي بابت هڪ صحيفو جوڙڻ جو ارشاد فرمايائون، جو حمل سنه 1277ع ۾ جوڙي راس ڪيو.

”پاڻ چيائون پاڪ زبان،

اعليٰ اڪمل عالي شان،

ته جوڙ صحيفو سنڌي وائي،

سمجهڻ سڀني ٿئي سڻائي،

اِنهينءَ صحيفي منجهه عيان،

قادرين جو ڪر بيان“...

حمل جي پنهنجي پِير سان هڪ سچي مريد واري سچي عقيدت هئي، جنهن کي هن ”سلسله شاهان نقشبندان“ توڙي خواجه محمد حسن جي شان ۾ چيل مدحن ۾ ظاهر ڪيو آهي. غلو ۽ استغراق، ”لؤريات“ جي هڪ خاص خصوصيت آهي ۽ حمل جي مناقب ۽ مداحن ۾ به ان جي جهلڪ واضح نظر اچي ٿي. مثلاً پنهنجي نظم ”سلسله شاهان نقشبندان“ ۾ خواجه محمد حسن جي باري ۾ چوي ٿو ته:

”ڪل قطب عالي همت اعليٰ قدم، ڪل قطب کئون هن رکيو بالا قدم؛

هن جو آخر هن جو اول ابتدا، ڪو ڪو ڄاڻي تَنهِين جو انتها!

هي ڌڻي جو لاڏلو هي دلربا، خود خدا عاشق مٿس قسم خدا؛

ڪل نبي دعاگو تنهين جا ڪل ولي، پشت پاکر آ سندس موليٰ علي؛

هيءُ ڌڻي جو موڪليل اعليٰ امين، هيءُ ڌڻي ڪيو رحمته للعالمين،

جا چيم جيڪي چوان صفت و ثنا، تنهن مڙيئي کؤن مٿاهون مجتبيٰ“.

وري سندس مدح ۾ چوي ٿو ته:

”شاڪرن ۾ شاه اعظم،

صابرن سرتاج آه،

هر ڪوئي احتياج وارو،

کيس ڪو احتياج ناه،

هر ڪنهين جي حاج تنهن ڏانهن،

کين ڪنهن ڏانهن حاج ناه؛

هر ڪوئي محتاج تنهن

پاڻ ڪنهن محتاج ناه.“

(ب) پير صاحب پاڳارن سان عقيدت: مرحوم هاجي شير محمد خان لغاري (ويٺل ڳوٺ گل محمد لڳ استيشن لندو تعلقو شهدادپور) چيو ته ”اسان جو والد غلام شاه، حمل خان جو ساٿياري ۽ صحبتي هو؛ تنهن اسان کي ٻڌايو ته ”حمل مريد لواري وارن بزرگن جو هو، مگر پير صاحب پاڳارن ڏانهن به گهڻي حب رکندو هو ۽ اوڏانهن گهڻو ويندو هو.“ ا. هه حمل فقير ۽ سندس ڪٽنب جو پير صاحب پاڳاري جي درگاهه سان جو گهاٽو تعلق هو، ۽ خاص طرح حمل کي پير صاحب پاڳارن وٽ جو قرب ۽ اعزاز حاصل هو، تنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. پير صاحب پاڳارن سان حمل جي روحاني عقيدت جا ٻه سبب هئا: (1) حمل تي سندس بزرگ عزيز ۽ درويش خليفي نبي بخش صاحب لغاريءَ جي صحبت ۽ فيض جو اثر هو. ميان نبي بخش، پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي عليه الرحمته جو خليفو هو ۽ سندس صحبت جي زير اثر حمل کي به روضي ڌنيءَ جي درگاهه سا عقيدت پيدا ٿي. پير صاحب پاڳارا ان وقت سنڌ ۾ قادري طريقي جا اڳواڻ ۽ علمبردار هئا ۽ حمل کي غالباً ذهني طور قادري طريقي سان محبت ۽ عقيدت هئي. شايد سندس طبيعت جي ميلان کي محسوس ڪندي ئي، سندس مرشد خواجه محمد حسن رحه کيس قادري طريقي بابت هڪ صحيفو تيار ڪرڻ جو ارشاد ڪيو هو. (2) حمل، لواري وارن بزرگن جو مريد هو، جي نقشبندي طريقي جا علمبردار هئا، انهيءَ ڪري نقشبندي طريقي سان حمل جي خاص محبت هئي. پير صاحب پاڳارا جيتوڻيڪ قادري مشرب جا هئا، مگر سندس راه طريقت جو سلسلو نقشبندي توڙي سهروردي طريقن سان به وابسته هو. نقشبندي طريقي سان خاص طرح سندن قريبي تعلق هو؛ ڇاڪاڻ ته پير سائين محمد راشد رحه جي والد پير صاحب محمد بقا رحه، مخدوم محمد اسماعيل رحه سان ڀريالوءِ (تعلقو روهڙي) کان فيض حاصل ڪيو هو. مخدوم صاحب جن خاص طرح نقشبندي مشرب ڏانهن مائل هئا. پير سائين محمد راشد عليه الرحمته پنهنجي تلقين جو بنياد قادري ۽ نقشبندي طريقن جي گڏيل سرچشمي تي رکيو هو، جنهن کان حمل (جنهن تصوف ۽ ان جي طريقن جو ڪافي مطالعو ڪيو هو) غالباً پوريءَ طرح واقف هو، ۽ انهيءَ ڪري پير صاحب پاڳارن جي سلسله تصوف ۽ تبليغ سان کيس دلي عقيدت لاءِ هڪ اهم سبب هو. خليفي نبي بخش صاحب جي صحبت ويتر مٿس وڌيڪ اثر وڌو هن سلسلي ۾ حمل ۽ خليفي نبي بخش جي پاڻ ۾ هيٺين گفتگو نهايت دلچسپ ۽ قيمتي آهي. مؤلف جو نانو مرحوم ميان لعل بخش خان لغاري ڳالهه ڪندو هو ته حمل خان پاڻ پنهنجي زبان سان ميان حيدر خان لغاري (ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو) سان ڳالهه ڪئي ته ”هڪ دفعي مون خليفي صاحب کي آزمائڻ خاطر کانئس سوال پڇيو ته ”پير سائين محمد راشد رحه جن قادري طريقي جا رهبر هئا، مگر ذڪر ڏيڻ وقت نئين مريد کي مرشد جي صورت سامهون رکڻ جي تلقين ڪندا هئا- حالانڪ اها نقشبندي طريقي جي واٽ آهي!“ خليفي صاحب منهنجي هن سوال جو لَک جو جواب ڏيئي ڇڏيو؛ چيائين ته ’ڀورا‘ توکي خبر ڪانهي ته هي ٻه- درياهي اچي گڏي هئي، جنهن پَلٽ ڪري ملڪ تي موڪون لائي ڇڏيون!“ يعني ته پير سائين محمد راشد رحه قادري طريقي جي اصولن سان گڏوگڏ نقشبندي طريقي جون خوبيون به شامل ڪري تلقين ڪئي، ۽ اهڙيءَ طرح ڏيهن کي فيض ڏيئي ڇڏيو.“

شخصيت

حمل هڪ ذهين، سنجيدو ۽ صلح پسند شخص هو. هو طبعاً رلڻو ملڻو ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو. حاضر جوابي، خوس طبعي ۽ نڪته سنجي سندس طبع جا فطري جزا هئا. سنڌ ۾ گهڻو گهميو هو ۽ اڪثر خاندانن توڙي عوام سان سندس ڪافي ڏيٺ ويٺ هئي. پنهنجي انهيءَ سير و سفر ۾ گهڻو ڪجهه پرايائين ۽ پروڙيائين. پنهنجي طرز جي سنڌي ۽ سرائڪي زبان جي شاعرن جي ڪلام مان به نُڪتا هٿ ڪيائين (1) سنڌ جي حڪيمن سان مليو ته کانئن حڪمت جا نسخا پڇي قلمبند ڪيائين(2). فارسي شعر جي مطالعي جو به کيس چڱو خاصو ذوق هو. پنهنجي بياض ۾ چَپي چَپي جيڪي فارسي اشعار منتخب ڪري لکيا اٿس(3)، تن مان سندس فارسي شعر جي ڄاڻ ۽ مطالعي جو قدري اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

جن عمر رسيده ماڻهن حمل کي ڏٺو هو، تن جا بيان هن طرح آهن: مولف جو نانو مرحوم ميان لعل بخش خان (عمر اسي ورهيه کن- سن 1936ع) چوندو هو ته هڪ دفعي حمل خان جڏهن هت ناني مرحوم ميان حيدر خان لغاري (ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو) وٽ آيو هو، تڏهين آءٌ ڇوڪرو هوس. مون کيس جنهن وقت ڏٺو هو تنهن وقت هو، گهوڙي تي سوار هو؛ کيس سائو پهراڻ پيل هو ۽ سائو پٽڪو ٻڌل هو؛ ڏاڙهيءَ کي ميندي لڳل هئس. ان وقت هو ناني حيدر خان کان موڪلائي واپس ڳوٺ وڃي رهيو هو. سندس وڃڻ بعد مون ناني حيدر خان کان پڇيو ته ”هي مڙس ڪير هو؟“ جنهن تي چيائين ته ”ابا! اهو مشهور سگهڙ شاعر ميان حمل خان لغاري هو.“ ا. هه حاجي ميان احمد خان لغاري، جو حمل خان جي عزازت مان هڪ عمر رسيدو بزرگ، ڳوٺ مير خان لغاري تعلقي سڪرنڊ جو ويٺل آهي، تنهن مؤلف کي ٻڌايو ته ”حمل خان مون کي ٿورو ياد آهي. ڊگهي سائي ڪيمخاب جي ٽوپي پائيندو هو ۽ پيريءَ سبب لٺ جي ٽيڪ تي ڪٻڙو ٿي هلندو هو.“ ا. هه ساڳئي ڳوٺ مير خان لغاري جي ٻئي هڪ عمر رسيدي شخص مرحوم حاجي خاصخيلي (عمر اسي ورهيه کان زياده) سنه 1943ع ۾ مؤلف جي پڇڻ تي چيو ته ”مون کي حمل خان چٽو ياد آهي. ميندي ڪندو هو ۽ ڪپڙا اڪثر ساوا پائيندو هو؛ مٿي تي اڪثر ڪيمخاب جي ڊگهي ميراڻي ٽوپي پيل هوندي هئس.“ ا. هه.


(1) سندس نظم ”سلسله شاهان نقشبندان“ ۾ حمل هيٺين مصرع خواجه محمد زمان ثانيءَ متعلق چئي آهي، جنهن مان مٿئين گمان جي قدري تائيد ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته خواجه محمد زمان کي ”منهنجو پير“ ڪري ڪوٺيو اٿس:

”پير پــيرن  پير  منهنجو  پير  هو،

پير منهنجي جو نظر اڪسير هو.“

مگر هيءَ مصرع مٿئين گمان جو قطعي ثبوت ڪونهي؛ ڇاڪاڻ ته کانئس گهڻو آڳاٽن بزرگن کي به حمل (معنوي نقطه نظر کان) ”منهنجو مرشد“ ڪري لکيو آهي. مثلاً خواجه محمد زمان اول جي باري ۾ پڻ چوي ٿو ته:

”شان ۾ مرشد منهنجي محبوب حق،

هيءَ ڏني آ خوش خبر مرغوب حق.“

(2) ڏسو ٻه سنڌي مدحون (ڀاڱو اول) ۽ هڪ سرائڪي زبان ۾ چيل مدح (ڀاڱو ٻيو)

(1) ڏسو ڀاڱو پهريون- ”معرفت نامه“.

(2) جهنڊي جي تبليغي نيشان واري رسم جو باني مياني شايد هن گهراڻي جو ٽيون مشهور بزرگ خواجه محمد زمان ثاني هو. جيئن نظم ”سلسله شاهان نقشبندان“ ۾ حمل سندس مدح ڪندي چوي ٿو ته:

روم ڇا هي، روي زمين جمله  جهان،

ڪاڻ دعوت دين جنهن کوڙيو نيشان.

(1) ڏسو هيٺ سندس ”شعر و شاعري، ۽ پڻ ضميمو ٻيو.

(2) ڏسو ضميمو ٽيون.

(3) ڏسو ضميمو اول.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23  24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org