فارسي شعر
حاجي ميان جمال خان چيو ته: محمد رحيم فارسي تحرير
به سهڻي لکندو ۽ فارسي ۾ شعر به عمدو چوندو هو.
نهايت ذهين ۽ خوشگو شاعر هو ۽ هر موقعه تي في
البديهه بيت چئي ويندو هو. سندس فارسي ڪلام جو هڪ
ڪتاب هو جنهن ۾ ڪافي غزل به هئا، پر اهو اسان وٽان
گم ٿي ويو. مون کي سندس شعر مان فقط هيٺيان چند
موقعن جا بيت ياد آهن:
(1) محمد رحيم سيد نور شاهه ڀاڻوٽ واري جو ڪاروبار
سنڀاليندو هو. مرحوم سيد محمد شاهه سنائي [جناب
سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي والد] سان سندس چڱو رستو
هو. ميان محمد شاهه هڪ مسجد شريف جوڙائي جنهن جي
لاءِ ميان محمد رحيم هڪ قطع تاريخ ڪڍيو، جنهن جون
ڪي مصرائون هي آهن:
بود مسجد از زمانه حيدري،
...........................................
................................................،
چون زليخا يافت در پيري شباب
...............................................،
..............................................
حرف اول هرسر، ابيات را، ضم کن تا تو بيابي ابن
حساب
(2) محمد رحيم جڏهين ميان غلام حيدر جو عام مختيار
هو، تڏهين مير صاحب مير عليمراد خان والي خيرپور
رياست کي مير فيض محمد خان (وڏو) تولد ٿيو. ان
موقعي تي هيءُ بيت چيائين ته:
شبي شمس و مہ کوکب بيک بُرجي جمع گشته
درونش فيض محمد خان منور چون شمع گشته
(3) هڪ دفعي مير صاحبان جي مجلس ۾ هڪ نازنين طائفه
پئي ڳايو: ان موقعي تي مجلس جي تقاضا تي هي ٻه فرد
چيائين:
بر رخ تابان ميفگن زلف خود را اي صنم!
از کسوف آفتابي خلق حيران مي شود.
ـــــ
دوش بردوشش فتاده زلف خود را همچو مار
شد پريشان خلقِ عالم از کجا آمد ضحاک
(4) ڇٽل خان لغاري ميان محمد رحيم جو عزازت ۾ سوٽ
هو ۽ وڏو مدبر ۽ سنجيده شخص هو. پير صاحب پاڳاره
جن جو خاص خليفه هو ۽ پير سائين حزب الله شاهه رحه
(تخت ڌڻي) جو خاص خدمتگار ۽ ڪارڪن هو. کيس تاريخ
10- جمادي الثاني سنه 1305 تي حرن شهيد ڪيو، جنهن
تي پير صاحب جن کي سخت صدمو رسيو. ان موقعي تي پير
صاحب حزب الله شاهه رحه جي مجلس ۾ محمد رحيم هي
رباعي چئي:
بر گشت زمن يار ولي خوب نکرد
اين صبر که من کردم ايوب نکرد
اين گريه که من کردم از درد فراق
در گم شدنِ يوسف يعقوب نکرد.
(5) تاريخ تاريخ 9- محرم سنه 1310هه، ميان محمد
رحيم جي فرزند حمل خان لغاري تقريباً ستن سالن جي
عمر ۾ وفات ڪئي. اهو اڪيلوئي پٽ هوس جو شادي بعد
16- سالن کان پوءِ ڄائو هو. سندس وفات تي محمد
رحيم کي سخت صدمو رسيو. ان موقعي تي هي فرد چيائين
جو پنهنجي پٽ جي تاريخ وفات لکڻ بعد پنهنجي هٿ
اکرين بياض ۾ قلمبند ڪيو اٿس:
گوشئه جگرم بريده کئي شود سر سبز باغ
جوئباري اشڪ جاري، خشک شد گلشن اميد
حاجي ميان جمال خان چيو ته ميان محمد رحيم هڪ غزل
چيو هو جنهن ۾ پڻ هن صدمه ڏانهن اشارو هو. هن غزل
جون آخرين مصراعون هي آهن ته:
اين چنين آتشکده افروختي بهرِ چرا
راست گو بهر من است اين بعالم سوختي؟
دفتر هجر و جدائي پيش شد محمد رحيم
اين نخوانند دمبدم ورق و صالم سوختي
سنڌي ڪلام
(1) ميان محمد رحيم، مير ميان غلام حيدر جو عام
مختيار هو ۽ جاگير جو سڄو ڪم ڪار سنڀاليندو هو.
مير غلام حيدر جي وفات بعد سندس پٽ ميان مير محمد
خان جو ڪم ڪار سنڀاليندو رهيو. مير ميان مير محمد
خان هڪ نئون ڪاردار نالي خوش محمد ناريجه رکيو، جو
جاهل ۽ بيڪار هو، جنهنڪري سڄو ڪاروبار بگڙڻ لڳو.
ميان محمد رحيم ٻه دفعا بيتن ذريعي هن صورت حال
کان مير صاحب ميان محمد خان جي ڀاءُ مير ميان راز
محمد خان کي اشارتاً آگاهه ڪيو. اهو هن طرح جو مير
ميان راز محمد، محمد رحيم، خوش محمد ناريجه ۽ غلام
حسين خاصخيلي چارئي گڏجي چوپڙ راند ڪندا هئا. هڪ
دفعي موقعه جي مناسبت سان ميان محمد رحيم، مير راز
محمد کي چيو ته مير صاحب مون کي هڪ بيت ياد ٿو
اچي. مير صاحب چيو ته ڪهڙو؟ جنهن تي محمد رحيم چيو
ته:
بَٽايان هو رَهيان يارو! ٺَپا هُڻ چوت تي مارو
سنڀالو ملڪ اپڻي ڪُون مَتان وَل موچڙي کائو.
وري ٻئي دفعي به راند ڪندي ميان محمد رحيم چيو ته
مير راز محمد! مون کي هڪ بيت ياد ٿو اچي! مير صاحب
جي پڇڻ تي بيت ڏنائين ته:
ٻگا ويٺا منجهه ماڙئين، هنجهه اڳئون ڪن حاج
پوي ٻگن کي ٻاجهه، ڏَسن حاج هنجهن کي.
(2) محمد رحيم به پنهنجي والد وانگر لؤاري وارن
بزرگن جو معتقد مريد هو. لؤاري جي بزرگن مسجد جي
آڏو هڪ منارو تعمير ڪرايو، جنهن جي تاريخ بابت
محمد رحيم هڪ وڏو شعر چيو جو پنهنجي هٿ اکرين
پنهنجي والد جي بياض جي آخر ۾ هن طرح قلمبند ڪيو
اٿس:
”تاريخ مناره شريف درمڪان لواري مبارڪ تصنيف بنده
محمد رحيم ولد حمل فقير لغاري“
1. حمد هزاران خالق کي، جنهن جوڙي جوڙ جَهاني
واجب آه هميشان هردم ياد ذڪر يزداني
2. نور منجهئون نروارو ڪيو جنهن پرور پاڪ پيشاني
مير محمد شاه جنهن تي ”لولاڪ“ لٿي قرآني
3. تنهنجو خاص خليفو نائب نقشبندي نوراني
بخش ڪئي آبادي تنهن کي سرزمين سلطاني
4. مهر مُنير مُڪمل مرشد رهبر راهه رباني
لائق لعل لواري ۾ جنهن مرد ڪئي مرداني
5. ڪونهي ڪو تحقيق تهين سان شان برابر شاني
تنهن کي خاص خيال ٿيو ڪو راز رسيو رحماني
6. مسجد پيش منارو ٿيئي بيشڪ بهشت نشاني
مرد ملوڪ مؤذن بروي بانگ پڙهن بالجاني
7. حڪم حضورئون حاصل ٿيو با
”انب“ اصل ايماني
دائم در درگاهه گذاري مرد مريد مڪاني
8. ڪونه برابر بيشڪ تنهن سان هنر ۾ همساني
جوڙيو مرد مُناري کي آهه جلدي ساڻ جواني
9. هنرمند حريف جي مڃي بر چشم سڀا فرماني
ٿي بناءِ بلند برابر روضه سان رضواني
10. قاف ڪهف کؤن زور زياده طورسينا جو ثاني
برتڪ ساڻ بحال ٿيو چُون برج عجب اسماني
11. سال تنهنجي تعمير سندي تصنيف ٻڌو دلجاني
تيرهين سن جي ستانوي ٿيو هوڪي لاءِ حقاني
12. هنر ۾ حيران رهيا استاد سڀي ايراني
”ماني“ بي
”آرزنگ“ اُتي جا پرس ڪئي پنهاني
13. ملڪ فلڪ جا ڏين مبارڪ گهور ٻڌي گهمساني
ارض و سما سڀ صدقي ٿيو، ڪن شمس قمر قرباني
14. نيسان نِيز
نثار ڪئي ٿي دمدم در فشاني
حڪمت آه حڪيم سندي هت عقل ناهي انساني
15. علم عقل اُت آه الاهي، سُرت ناهي سَحباني
اوست ازو جي ڪل نه ڪائي، سِر سڀو
سبحاني
16. اهڙو پير اسان جو دائم دردمندن درماني
لائق لعل لواري ۾ با شوڪت شان شهاني
17. تابع سڀ تبريزي تنهنجا طوسي ۽ طوراني
چين توڙي ماچين وارا ”فغفور“ دگر ”خاقاني“
18. ڪابل، بابل، بلخ، بخاري، دولا درس دوراني
روسي، رومي، رام انهيءَ در، خاڪ چمن خَزراني
19. سڪندر پاڻ سلامي هن در، دارا ڪئي درباني
عرب عجم سڀ آهن امر ۾، مصري ڇا ملتاني
20. هندي سنڌي سڀ سلامي ڪڇي ڪوهستاني
مشرق مغرب توڙي تنهنجا ڏيہ سڀيئي ڏاني
21. شاعر ڪيئن شمار ڪري، هت ليکو ناهه لساني
هاڻي سڻ تون عرض اسان جو مرشد ماه ڪعناني!
22. رحم توتي رب پاڪ سندو ٻيو سايه آه صمداني
رحم ٿئي تو راحم جو هي عبد اٿئي عصياني
23. مشڪل مون مسڪين سندا تون افضل ڪر آساني
ظاهر ساڻ زباني، پڙهجي ڪلمون پاڪ رسول تي.
ضميمه پنجون
حمل فقير جو ڪلام جيڪو ”ڪليات حمل“ جي پهرين
اشاعت (1953ع)
کان پوءِ واري عرصي ۾ دستياب ٿيو: نبي بخش
(الف) حمل جا بيت، پنجاب يونيورسٽي لئبرري لاهور ۾
محفوط قلمي نسخي ۾ مطالعي هيٺ آيا جن مان هيٺيان
ٽي بيت هر لحاظ سان معياري آهن.
زُلف سڄڻ دي ظلمي جا برو وير وسيهر ويڙهي
جو نِت نال نماڻيان ويڙهي
ڇوڙ سٽيندا سيني تي، ول ناز ڪنون نا ويڙهي
سي هِن ويڙهيان وانگون ويڙهي
ويڙهه وانگون دل ويڙهه ڳڌس، سي ويڙهه وانگون ڏي
ويڙهي
سي دل ڪون ولاگهن ويڙهي
جنهن ويڙهي سڀ ويڙهي هووَن، ڪون وَڃي تنهن ويڙهي
حمل وهم اهو دل ويڙهي.
ـــــ
سانگ تين ڪون ڪو سانگ لڳي جنهن سانگ سڄڻ ٿيا سانگي
طلب تنهن دي تک تار وهي، ڪجهه تانگهه نه ٿيوي
تانگهي
سهس هزاران سهڻي پر ڪو وانگ نه تيڏي وانگي
حمل هرڪو لافان ماري، منزل عشق اڻانگي.
ــــــ
جوڀن جوت جواني تيڏا لاڏ عجب دا لُٽڪا
کنهنبي والا خوب ڏکاليئي چئون ڏينهان دا چُٽڪا
ڏِنگ وِڙنگي ٽور ٽريندي، ڏِنگَ وڙنگا پٽڪا
حمل آخر ڇوڙ سڌايا، ها يار ڳالهين دا ڳٽڪا.
ــــــ
(ب) هيٺيون بيت ’ڪليات حمل‘ ۾ (صفحي ) تي
آهي:
سهج ڪَنون ٽُر ساجن مئن نال محب ڪيتا آ ميلا
غم تين گوندر ڇوڙ ڳئي، جان آپ آيا البيلا
جاني نالي جدائي دا، شل وقت پووي نا ويلا
حمل ڪون محبوب مليا، ٿيا دشمن دا منهن ڀيلا.
هي بيت ائين خود حمل جي بياض ۾ سندس هٿ اکرين لکيل
آهي. پنجاب يونيورسٽي واري نسخي ۾ هر سٽ جي پويان
”ڦري روهيلا“ رديفي طور لڳايل آهي.
هيٺيون بيت جيڪو پنجاب يونيورسٽي واري نسخي ۾ آهي
سو جدا پڙهڻيءَ سان ’ڪليات حمل‘ جي صفحي تي
موجود آهي، پڙهڻيءَ جي فرق خاطر هيٺ ڏجي ٿو:
گهونگهٽ کول غماز ڪنون جان ڪرڪي ناز الاون: ٻهون
سهاون
مُرڪ ميڏي دل مست ڪيتوني، الٽ جي اکيان چاون: ملڪ
مناون
جوڙ جڏان جنسار سوڀ، ڦر سهجئون سُرما پاون: درد
وڃاوَن
حمل ڪون هڪ واري جي سَڏ قبرئون ڪول ٻلهاون: ڪل غم
جاوَن.
(ج) هيٺيون سنڌي بيت مرحوم شير محمد لغاري ۽ ڪن
ٻين وٽ لکيل نظر آيو. هي بيت صحيح ۽ حمل جي
شاعرانه معيار مطابق آهي:
پڙهين ذڪر زبان سان لکين ليل نهار
تسبيحون تهليلون توڙي استغفار
توڙي ويس وڏا ڪرين حمل چئي هزار
ته به دوست وٽ درڪار، دڪو آ هڪ دل جو.
|