وفات
چــون ٿا تــه بــخــتيار خــان جو پٽ ميان مير
خان جڏهن
حمل فقير کي سندس پڇاڙيءَ واري بيماريءَ ۾ پڇڻ
ويو، تڏهن فقير جواب ۾ هيءُ فارسيءَ جو بيت پڙهيو:
عشق آسان نيست جانان! کوه به مڙگان کندن است،
کشتيء ڪاغذ ميان، قعر، دريا بُردن است!
ان بعد وري هي ٻيو بيت پڙهيائين:
وقت، نيکان گذشت، کار، دزدان رسيد،
باغ زاعان گرفت، بلبل حيران پريد!
ان بيماريءَ ۾ ئي حمل فقير پنهنجي ڳوٺ محمود فقير
لغاري ۾ وفات ڪئي. سندس فرزند ميان محمد رحيم،
پنهنجي والد جي بياض جي آخر ۾، سندس وفات جي تاريخ
پنهنجي هٿ اکرين ”ڇنڇر رات، تاريخ 2 صفر، سنه
1296هه“ قلمبند ڪئي آهي().
هن بزرگ کي ڳوٺ محمود خان لغاري لڳ، ابراهيم شاهه
واري مشهور قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس قبر
تاريخ وفات جي ڪتبي سميت موجود آهي.
اولاد
حمل ٻه شاديون ڪيون. پهرئين گهر مان هڪ پٽ ۽ هڪ
نياڻي ٿيس، ۽ ٻئي گهر مان ٻه نياڻيون. پنهنجي پٽ
تي ساڳيو پنهنجي والد وارو نالو ”رحيم خان“
رکيائين. رحيم خان جي سوانح حيات هن ڪتاب جي آخر
۾، ضميمي چوٿين هيٺ، ڏسڻ گهرجي. ميان محمد رحيم
خان کي هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو ساڳيو پنهنجي والد
وارو ”حمل خان“ رکيائين. سندس هي فرزند ننڍيءَ
ڄمار ۾ ميان محمد رحيم جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو.
ميان محمد رحيم کي ٻيو ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو ۽
انهيءَ ڪري نرينه اولاد مان حمل خان جي پُري پڌري
ڪانه ٿي؛ البته سندس ٻن نياڻين جو اولاد اڃا تائين
موجود آهي، جنهن لاءِ حمل خان جي ڪٽنب جو ڏنل شجرو
صفحي ٽئين تي ڏسڻ گهرجي.
(2) شعر و شاعري
شاعريءَ جي ابتدا
حمل ننڍي هوندي کان ئي هڪ ذهين ۽ سليم الطبع ڇوڪرو
هو. تعليم ويتر سندس ذهن ۽ ذڪاوت کي کوليو ۽ پڻ
فارسي شعر سان روشناس ڪرايو. ٻئي طرف شاعريءَ جي
ڏات خود حمل جي گهر ۾ موجود هئي. سندس والد رحيم
خان هڪ نڪته سنج ۽ خوش طبع شخص هو ۽ گاهي بگاهي
پنهنجي انوکن خيالن کي سنڌي شعر ۾ نهاي دلچسپ
نموني ۾ ادا ڪندو هو. ننڍڙي حمل کي پهريائين
غالباً پنهنجي والد جي دلچسپ ٻين ئي شاعريءَ ڏانهن
مائل ڪيو.
رحيم خان (بتصديق حمل) ان وقت جو هڪ سُئل ٻُڌل
شاعر هو: ”شاعر هو ٻروچ سو سنڌ سِري ناڙي“. سندس
بيتن جو پورو ذخيرو هن وقت تائين محفوظ نه رهيو
آهي؛ البته مارئي جي سُرَ ۾ سندس هيٺيان ٻه بيت-
جنهن ۾ عام نظريي جي برعڪس، هن ظريفانه نموني ۾
مارئي تي ميار رکي آهي. حمل خان جي بياض ۾ سندس پٽ
ميان محمد رحيم جي هٿ اکرين قلمبند ٿيل آهن:
1- مارئي تي ميار، حَقي آهي هيڪڙي،
نڪو آندائين پاڻ سان توڙي ٻچو ٻار،
عمر کي ڀي هو جوش جوانيءَ جو، ٻيو هو دنيادار،
پر جڏهن اوٺي ڏٺئي اٺ تي ايندو سان اختيار،
تڏهين ٻن ڏي ٻوڪي کي تون پاسي ٿيءُ پنهوار،
يا سٽ ڪري شهر ڏي تون ڪوٺي ڪر ڪوڪار؛
توکي پهر هُئي پاسي ۾، مَنان ٻڌي ڪو ٻڪرار،
نه تان پاڻ هڻي کوهه ۾، مَري ٿيءُ موچار؛
تو ڀي ڪوس ڇڪيا ٿي قصد مون، جنهن ۾ گهڙا ٻه ڪي
چار،
تڏهين ڪي رنڊائينس ”رحيم“ چئي، ڙي کاڌي جي خوار!
پر سڀ لڄايُئي پانهنجا، هو جي پهريا ٿي پنهوار،
ڪَيُئي ڪونه انڪار، چڙهي ويٺينءَ چانگي تي!
2- چڙهي ويٺينءَ چانگي تي، هاري وجهي هٿ،
توڙي ڪُسي ٻڪري، ته ڀي چوري لَت،
توکؤن ڪي ڪجهه ايتري هڏ هن نه ٿي همت،
تو ڀي ڏسي سلابت، اٺائي ڏني اٺ تي!(1)
مرحوم حاجي گل محمد خان لغاريءَ (ڳوٺ جعفر خان
لغاري) خبر ڪئي ته جڏهن هي بيت ڪاڇي جي شاعر حيات
لغاريءَ (جو ”حيات ٻوڙي“ جي نالي سان مشهور هو) جي
ڪنين پيا، تڏهن هن جواب ۾ هڪ بيت چيو، جنهن جون ڪي
مصراعون هي هيون:
جڏهن عمر کنئي هئي مارئي، تڏهين چارڻ هئا چوڌار،
شاعر عبداللطيف هو، جنهن کي هئي ڳجهه جي خبرچار،
پر ڪنهن به ڪچو نه ڪيو، مارئي کي ساري سڀ ڄمار،
تون شاعر آهين ڪينڪي، آهين اياڻو ٻار!
هن بيت ۾ حيات اڳتي هلي رحيم خان تي جلهه ڪئي ۽
کيس ننديو. حيات جو اهو بيت جڏهين حمل خان وارن
تائين پهتو تڏهين شايد رحيم خان گذاري ويو هو،
انهيءَ ڪري حمل خود حيات جي مٿئين بيت جو جواب
ڏنو:
شاعر آهين ڪينڪي، پر آهين اناڙي،
شاعر هو ٻروچ، سو سنڌ سِري ناڙي،
تنهن کان توکي ڪيئن لڳي، اَحمق اماڙي؟
جان آهين مِٽ مارئيءَ جو، جان عمر جو ڀاڙي،
ڪُٽيئين هوند ڪياڙي، جي حاضر هئان ”حمل“ چئي!
انهيءَ تي وري حيات جواب ۾ هڪ سخت بيت چوائي
موڪليو، جنهن جي جواب ۾ حمل چيو ته:
شاعر آهين ڪينڪي، آهين رڳي جهَڪ،
ڪين ڇڏين ٿو پانهنجي، اها ٽيڙي ۽ ٽڪ،
پنهنجا ڪتا، پنهنجن کي ڇتا وجهه مَ چڪ،
ڪپيانءِ هوند نَڪ، جي حاضر هئان ”حمل“ چئي!
ان بعد به ڪي سوال جواب هليا، پر حمل کي به هاڻي
خبر پئي ته حيات خود لغاري آهي ۽ حيات کي به معلوم
ٿيو ته حمل خان وارا لغاري آهن- انهيءَ تي ٻنهي
مان ڪنهن هڪ آخر ۾ هيئن چوائي موڪليو ته:
لام، غين، ري جو پيم پوءِ سَماءِ،
چيم حرف ٻيا، پر ادب اٿم الف جو.
”چيم حرف ٻيا“ ۾ اندروني اشارو ”ل“ ۽ ”غ“ بعد ”و“
طرف آهي،
جنهن موجب لفظ ”لغور“ بڻجي ها؛ مگر لام ۽ عين بعد
لفظ ”لغاري“ ۾ الف آهي، ۽ انهيءَ الف جي مرم کان
ئي ڄڻ شاعر مڙي وڃي ٿو.
حمل جي مٿئين بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعرانه
سگهڙپائيءَ جي ميدان ۾ سندس اها هڪ اوائلي ڪوشش
هئي. اهڙيءَ طرح شروع ۾ هو گاهي بگاهي ڪن خاص
واقعن تي مزاحيه بيت بنائي ٻڌندڙ لاءِ دلچسپيءَ جو
سامان پيدا ڪري ڇڏيندو هو. مثلاً، دريا خان بلوچ
(جنهن کي حمل هيٺئين بيت ۾ سندس اڌ نالي ”درو“ سان
سڏيو آهي) وڃي نوڪري ڪئي ۽ رشوت جا پئسا گڏ ڪري
اچي عشقبازي ڪرڻ لڳو. هڪ دفعي ڏتي نالي شرير ڇوڪري
جي صلاح سان، دريا خان ڪنهن دلاسي تي اچي هڪ ٻير
جي وڻ هيٺان ويٺو، جنهن ۾ ککرن جو شاهي مانارو هو.
دريا خان جيئن اچي ويٺو ته ڏتي به کڻي ککرن ۾ کڙو
هنيو ۽ ککرن اچي دريا خان کي کنيو. اتي انهيءَ
ڇوڪري وٺي هل مچايو ۽ دريا خان به سڄو ڏنگجي پئي
ڀڳو ۽ مس مس جند ڇڏايائين. انهيءَ واقعي تي حمل
سرائڪي ٻوليءَ ۾ مٿس سٺ ٺاهي، جنهن جا ڪي بند هن
طرح هئا:
ٺِڙڪي ٺاه کَڙياسي نوڪر،
روزي ويچ ڳيڌياسي روڪڙ،
ريڌي رن ڏِٺيانِسِ ڏوڪڙ،
چڱي جاءِ پوشيدا پٿر،
ڇيڻا مار چُلايِس ککر،
ڏٺا ”ڏتي، ٻَڌسُ هوڪر،
ڊڪيا ”دَرُو“ ڇٽ ڪي ڇوڪر،
آکي ”حمل“ ايوين،
لک لعنت هؤئي تيوين،
اها سوڀ کٽيئي ول ڪيوين!
خود حمل پاڻ جڏهن مجازي محبت جي دام ۾ گرفتار ٿي
پيو، تڏهن پنهنجي جذبن جو اظهار پڻ انهيءَ ابتدائي
شاعرانه انداز ۾ ڪيائين. مثلاً هڪ دفعي چيائين ته(1):
پريان سنـدي پار جي، جي ڪُتي اچي ڪاري،
ته هوند سڀ لغاري، ان ڪتي تان قربان ٿيون!
وري رقيب تي ڇوهه ڇنڊيندي چيائين ته(2):
هڪ جو دُزد دُورنگا ڦردا، روءِ سِيہَ ريزالا: هِسِ
مُنهن ڪالا!
چُغلي چول چَلاوَت دا هي چُغل چُتو ڪون چالا: هِسِ
مُنهن ڪالا!
آخر لوڌ لَنگهئيسُون حمل! مار ڀيٽُو ڪون ڀالا:
هِسَ مُنهن ڪالا!
هڪ رات محبوب سان ملڻ جو واقعو به ساڳئي ظريفانه
انداز ۾ بيان ڪيائين:
درد، فراق، فڪر ڪر فوجان، جان جگر وچ جُتي،
ساري رات کَڙا سُڙڪاوان دلبر دي در اُتي،
ڏيک مئيڪون ڊرڪ ڏاڙهڻ ڪِيتي، کڙي ڪُوڪارن ڪُتي،
تنهن ڪُتي تون قربان حمل! جنهن دوست جڳائي سُتي!
اهي مٿيان محض بياني بيت، حمل جي اوائل نظم جي ساک
ڀرين ٿا، پر تنهن هوندي به انهن ۾ سندس ”شاعري“ جي
جهلڪ موجود آهي. ڀانئجي ٿو ته مجازي عشق جي مهميز
ئي حمل جي شاعرانه شعور کي کوليو؛ ازانسواءِ حمل
جي جوش قسمتي هئي، جو کيس ڪن استاد شاعرن جي
رهنمائي نصيب ٿي، جنهن ڪري سندس شاعري بلند درجي
کي وڃي پهتي.
استادن شاعرن جو اثر
حمل پنهنجي وقت جي اڪثر قادرالڪلام شاعرن جي شعر
جو مطالعو ڪيو ۽ ان کان متاثر ٿيو: خاص طرح مولوي
لطف علي ۽ خليفي نبي بخش جي ڪلام جو حمل جي شعر تي
ڪافي گهرو اثر پيو ۽ اهي ٻه بزرگ ڪنهن حد تائين
حمل جا ڄڻ حقيقي استاد هئا.
(الف) مولوي لطف علي ۽ حمل:
مولوي لطف علي، بهاولپور رياست (ڳوٺ بهادرپور لڳ
قصبه ”موءِ مبارڪ“ متصل موجوده اسٽيشن ڪوٽ سماهبہ)
جو مشهور شاعر ۽ حمل جو وڏو همعصر هو. لطف علي
سرائڪي زبان ۾ ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ جو قصو
پنهنجي سحر آميز شاعريءَ ۾ نظم ڪيو؛ ازانسواءِ
سرائڪي زبان ۾ انوکي قسم جا ”ٻٽا ڏوهيڙا“ (دُهري
دُهڙي) يعني چار تڪا بيت نهايت دلپذير پيرايي ۾
چيا. جيئن ته جوانيءَ تائين حمل خان اتر سنڌ ۾
سبزل ڪوٽ ۾ رهيو هو، گمان عالب آهي ته انهيءَ عرصي
۾ ئي لطف علي جو سحر آميز شعر سندس ڪنن تي پيو ۽
اهو ڪلام ئي حمل خان جي سرائڪي شاعريءَ جو بنيادي
ڪارڻ بنيو. لطف علي، حمل جي وقت ۾ به زنده هو، مگر
هو عمر رسيده هو ۽ حمل خان جي نئين جواني هئي.
مرحوم ميان شير محمد خان لغاري (ويٺل ڳوٺ گل محمد
لغاري، تعلقو شهدادپور)، جو پاڻ سرائڪي ٻولي جو هڪ
سگهڙ شاعر هو، تنهن چيو ته ”منهنجو والد (غلام
شاه) حمل خان جو گهڻو صحبتي هو، ساڻس حمل خان پاڻ
خبر ڪئي ته ”آءٌ لطف علي جي ملڻ لاءِ خود سدس ڳوٺ
ويس، مگر منهنجي پهچڻ کان اڳ هو گذاري ويو هو.“
لطف علي جي ڪن چونڊ بيتن جي ڀران حمل پنهنجا بيت
چيا، جن ۾ ڄڻ ته لطف علي جي ڪن چونڊ بيتن جو
مقابلو ۽ معارضو ڪيائين. ازانسواءِ لطف علي جي سيف
الملوڪ جي قصي جي ڀران پاڻ وري هڪ مختصر مثنوي
”قصه سري جمجمه سلطان: معجزه حضرت عيسيٰ عليه
السلام“ جوڙيائين(1).
انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته لطف علي پنهنجي نج سرائڪي
زبان سان پنهنجي شعر کي زياده موثر بنايو. حمل خان
جي زبان، سنڌي- سرائڪي هئي، انهيءَ ڪري لطف عليءَ
جي مقابلي ۾، کيس هن زبان جي گهرائيءَ ۾ ٽٻيون هڻي
خاص محاورن ۽ لفظن جي شاعرانه پوچ پيدا ڪرڻ ۾
دشواريون هيون، مگر انهيءَ هوندي به حمل خان
پنهنجي سرائڪي شعر کي لفظي پوچ خواه تخيل جي لحاظ
سان اوج تي پهچايو.
حمل پنهنجي بياض ۾ لطف علي جا ڇهه چونڊ بيت لکيا
اهن ۽ انهن جي ڀران پنهنجا چيل بيت به قلمبند ڪيا
آهن. لطف علي جي هرهڪ بيت جي مٿيان ڳاڙهيءَ مس سان
”بيت لطف علي“ لکيو اٿس، جنهن جي پويان ”تتبع حمل
فقير لغاري“ جي عنوان سان وري پنهنجو بيت ڏنو اٿس.
اهي جملي بيت قدري وضاحت سان هيٺ ڏنا وڃن ٿا- نه
فقط انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ هنن ٻن استاد شاعرن جي
لياقت جو مقابلو ۽ موازنو ڪري سگهن، مگر انهيءَ
لاءِ به ته حمل واسطي مولوي لطف عليءَ جهڙي ڪهنه
مشق استاد شاعر جا واٽ سنواري آهي، انهيءَ جو به
قدري اندازو ٿي سگهي.
لطف علي پنهنجي محبوب جي مجازي تعريف ۾ بيت چيو:
1. نَين سياه سَربجن دي هِن |
سهجئون مست مدام ڏُوهين |
2.
مِينَت، مِرگهَت، ڇوڙ بحر بر |
چمن تيڏي اقدام ڏوهين |
3. داراتين سلطان سڪندر |
در دي خاص غلام ڏوهين |
4. يا
رب! لطف علي ڪون شوقئون |
ميل شتاب امام ڏوهين |
هن بيت جي ڀران حمل خان بيت چيو ته:
1. ناز ڀريي دي نَين سدائين |
مَي بين هين مستان ڏُوهين |
2. جادو جلوه دار جنگاور، |
سرڪش هن سلطان ڏوهين |
3. خون
ڪِيتي نِتِ کيوي ڦردي |
پرور دي پهلوان ڏوهين |
4. ڪَر ڪَر آون دَردمندان تي |
جنگ آتين جولان ڏوهين |
5. پهلي لحظي نال لُٽيندي |
عاشق دي جند جان ڏوهين |
6. ماهي، مِرگهه مطيع ٿَئي |
سَٽ بحر آتين بيبان ڏوهين |
7. ڏند لَبان ڪون ڏيک لڄاڻي |
موتي تين مرجان ڏوهين |
8. ابرو اکِيان دلبر ديان |
گڏ مسجد تين ميخان ڏوهين |
9. چِين جَبين دي تابع ٿئي |
”فغفور“ اتين ”خاقان“ ڏوهين |
10. ”نادر“ تين ”بهرام“ بهادر، |
در دي هن دربان ڏوهين |
11. قيد
ڪِيتي چا دام زلف دي |
”جِن“ اتين انسان ڏوهين |
12. نور ڀريي رخ روشن تئون ٿَئي |
شمس قمر قربان ڏوهين |
13. ٻَهه ڪول آتين ڪجهه ٻول مٺا! |
ڪر عاشق تي احسان ڏوهين |
14. نال ”حمل“ دي يار مليا، |
ٿئي باغ زمين آسمان ڏوهين. |
لطف علي ۽ حمل خان جي هنن بيتن کي ڀيٽڻ سان معلوم
ٿيندو ته لطف علي زياده بليغ آهي ۽ ٿورن لفظن ۾
گهڻي معنيٰ پيدا ڪري سگهي ٿو؛ ان جي ڀيٽ ۾ حمل
زياده فصيح آهي ۽ انهيءَ ڪري ڪنهن به ڳوڙهي خيال
کي آسان ٻوليءَ ۾ ادا ڪرڻ لاءِ فطرتاً ڊگهي عبارت
استعمال ڪري ٿو. مثلاً لطف علي پنهنجي بيت جي
پهرين ٻن مصراعن ۾ محبوب جي سهڻي صورت، خاص طرح
سهڻين اکين، کي ساراهيو آهي؛ ٽيءَ مصرع ۾ بر توڙي
بحر جي ڪائنات (مڇي ۽ هرڻ) کي محبوب تان قربان
ٿيندڙ ڄاڻايو اهي؛ چوٿين مصرع ۾ انسانن مان وڏن
شهنشاهن کي سڄڻ جي غلامي قبول ڪرائي آهي؛ ۽ پنجين
مصرع ۾ لطف علي پنهنجي حقيقي حب جو (قافيي جي لحاظ
سان) اظهار ڪيو آهي. حمل خان جو بيت ٽيڻو ڊگهو
آهي، مگر اڪثر خيال اهي ئي ساڳيا لطف علي وارا
آهن. يعني محبوب جي سهڻيءَ صورت جي تعريف [مصرع
1-4، 6-7]، بحر ۽ بيابان جي رهندڙن جي فرمانبرداري
[مصرع ه]، وڏن شهنشاهن جي قرباني [مصرع 8-9] ۽
پنهنجي حب ۽ ارادي جو اظهار [مصرع 12- 13]. حمل
خان اُهو بيت سگهڙ حيدر خان لغاري (ڳوٺ جعفر خان
لغاري، تعلقو سنجهورو) ڏانهن ڏياري موڪليو ۽ حيدر
خان جڏهن ”ٻاٺي“ ويو، تڏهن حمل خان پڇيس ته ”ادا!
اسان جي سوکڙي اوهان ڏانهن آئي هئي؟“ حيدر خان چيو
ته ”ها ادا، اها اسان کي ملي؛ پر ڀٽائي صاحب چيو
آهي ته ”جي ماسو مليئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين“:
لطف علي فقط چئن مصرعن ۾ محبوب جي سڀني اندامن کي
ساراهيو آهي، مگر تون پنهنجي هيڏي ساري ڊگهي بيت ۾
به محبوب جي منهن جي تعريف کان ٻاهر ئي ڪونه نڪتو
آهين: ڄڻ ”چاڪي ڏاند وڃايا، ول ول قلعي آيا“، وري
وري ساراهيو اٿم!“(1)
يعني سندس مطلب هو ته اعتراض اجايو آهي. حقيقت ۾
اهو اعتراض، جيئن اسان شروع ۾ چيو، انهيءَ حد
تائين صحيح آهي ته حمل خان ڪنهن به هڪ خيال کي
ورجائڻ لاءِ البته ڊگهي عبارت استعمال ڪري ٿو؛ مگر
انهيءَ سان گڏوگڏ هي به صحيح آهي ته حمل خان
پنهنجي انوکي تخيل سان نيون نيون معنائون پيدا ڪري
ٿو- مثلاً مٿئين بيت ۾ ”ابر اکيان دلبر ديان، گڏ
مسجد تين ميخان ڏوهين“ (يعني محبوب جا گول ڀرون ڄڻ
مسجد جا محراب آهن ۽ اکيون ڄڻ شراب جا پيالا- ۽
انهيءَ ڪري محبوب جي رخ ۾ مسجد ۽ ميخانو يا
پارسائي ۽ رندي ٻئي گڏوگڏ سمايل آهن) هڪ بيمثال
تشبيهه آهي، جا ”غالب“ جي محض تمنا (”مسجد کي زير
سايه خرابات چاهئي“) جي مقابلي ۾ هڪ عملي تصوير ۽
عيني مشاهدو آهي. ازانسواءِ، هن ساڳئي بيت ۾ حمل
خان مصرع 6 ۾ معدنيات کي، مصرع 10 ۾ انسانن سان
جنن کي، ۽ مصرع 11 ۾ آسمان جي بادشاهن يعني چنڊ ۽
سج کي سڄڻ جي سونهن آڏو هيچ ثابت ڪيو آهي. لطف علي
جي ننڍي بيت ۾ انهن ڏي ڪوبه اشارو ڪونهي.
لطف علي جي ساڳئي مٿئين بيت جي ڀران، حمل پنهنجو
ٻيو هيٺيون بيت به بياض ۾ قلمبند ڪيو آهي، جنهن جي
آخري مصرع بلڪل لطف علي جي مٿئين بيت جي آخري مصرع
سان موافق آهي:
ماڻ ڀَريا محبوب ويکي چا ناز ڪنون خوش نَين
ڏُوهين،
ٻيا ٻاجهه ڪَنُو جي ٻولي چولي شفقت ڪر شَفتَين
ڏوهين:
تنهن ساعت تون سِرجان فدا، قربان ڪَران ڪَونين
ڏوهين
غم درد ڪَنون آزاد ٿِيوون دلشاد رَهون دنِ رَين
ڏُوهين
ڄاڻ مراد مُيَسر ٿيوسي، حاصل حج هَرمين ڏُوهين
يا رب! مِهرئُون ميل ”حمل“ ڪُون هردم گڏ حسنين
ڏُوهين.
لطف علي هيٺئين بيت ۾ اندروني قافين جي وارو وار
جي نئين صنعت ڪم آڻيندي، مجازي محبوب جي تعريف ڪئي
ته:
1. ميرا دلدار، موهن منٺار، يگانه يار، نهين
بيمار،
سدا سڀمار، ڪري بادشاهيان،
2. آکين پُر رنگ، دروني دنگ، ڪهن اڙٻنگ،
ڪرن نِت جنگ، سدا سِر سنگ، گهَتن سِر واهيان؛(1)
3. سڄن پُر نور، سَدا ڀرپور، ڏِٺي چَڪچور،
ٿيوي هر هُور، منگهن مخمور، سهيان مل آيان؛
4. جڏان رک شان، بَڇاوي بان، ڇُٽن پيڪان،
گهَتن گهمسان، پريم پيڪار دا
5. ٽُري جب ٽور، لڄاوي مور، دليين دار چور،
نيوي کس زور، اهو اختيار دا
6. جڏان ٻهه ڪول، زبان ڪون کول ٻوليندا ٻول،
ڪران سر گهول، مٺي گفتار دار
7. حمل دا حال، سڻي في الحال، ڪري ڪو ڀال،
ملي مئن نال، وڃي دُک ڌار دا.
ظاهر آهي ته حمل جي هن بيت ۾، لطف عليءَ جي بيت
کان هڪ اندروني قافيو گهٽ آهي، مگر حمل به نهايت
نزاڪت سان
پنهنجو بيت لطف عليءَ واري بيت سان ملايو آهي.
هيٺئين بيت ۾ لطف علي نازنينن جي لاڏ ۽ ناز جو
نقشو چٽيندي چوي ٿو:
رَلمَل چَلِيَان سَهج ڪَنون، هڪ ناز ڀَريان ڪر
حلقي
اُڇلن دست دماغ سيتي، سِر لوڏ چلاون هل ڪي
درد مندان دا ويکڻ سيتي، دَهل وڃي هان هل ڪي
سهڻي صورت حور جيهي، ٻيا نور ڏيندا هي جهلڪي
ڳؤرا بار بره دا لطفا! ڪنهن احمق ليکي هلڪي.
هن بيت ۾ ”اڇلن دست دماغ سيتي“ واري تصوير بي نظير
آهي، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ازانسواءِ لطف
علي جا خاص لفظي نزاڪت رکي آهي، سا صنعت تجنيس جي-
جنهن موجب لفظ حلقي (زمرا، ٽولا)، هل ڪي (هل ڪري)
۽ هلڪي (هلڪو، ٿوري وزن وارو) استعمال ڪيا اٿس.
حمل پنهنجي هيٺئين بيت ۾ محبوب جي دلبري ۽ پنهنجي
خسته حاليءَ جو ذڪر ڪندي، لطف علي جي ساڳئي قافيي
مٿان ڏيڍو قافيو ملائي چوي ٿو ته:
1.
جهل
ڪي قيد ڪيتي دل ميري، دلبر يار جاني ڏي جهلڪي:
تِنهن نون ڪونه سگهي ڪو جهل ڪي!
2.
ول ڪي پيچ زلف دي گهَتيَئي، يار سڄڻ ڏي ول ڪي:
مشڪل ڦير ڇُٽن هُڻ ول ڪي!
3.
مَل ڪي انگ ڀڀوت کڙياسي، راه سڄڻ دي مَل ڪــي:
چئيندي بار بره دا مَل ڪي!
4.
هل
ڪي هيانوَ حمل دا ويندا، يار پِـڇُون جي حلقـي:
ٿيوَن درد ميڏي غم هَلڪي!
صنعت تجنيس جي لحاظ سان حمل هن بيت ۾ لطف علي کان
وک وڌائي رکي آهي.
لطف علي عشق جي اوکي واٽ ۽ پنهنجي ناتوانيءَ جو
حال، محبوب جي زباني هن طرح بيان ڪري ٿو:
دلبر آکيا: دردمندي دا پيشا هٿ نه آيُئي! آکيم:خوب
جيوين فرمايُئي!
ڪِيوين توڙ نبهَيسِين ايهه جو عشق اڙانگا لايُئي؟
آکيم: خوب جيوين فرمايُئي!
باري باره بِره دا احمق! ڪيُون ڪَرسر تي چايُئي؟
آکيم: خوب جيوين فرمايُئي؟
منزل دور، لطف! تون لاغر ڳورا بار اُٺايُئي؟ آکيم:
خوب جيوين فرمايُئي؟
حمل ساڳي ڳالهه، ساڳئي قافيي مگر نئين رديفي سان،
هن طرح ٿو ورجائي.
دلبر آکيا: دردمندي دا خام خيال پَڪايُئي! آکيم:
خوب سڄڻ سمجهايُئي!
پَربَت پنڌ اڙانگا اوکا اهو پير جَنهين وچ پايُئي!
آکيم: خوب سڄڻ سمجهايُئي!
مشڪل نينهن نباهڻ نازڪ، ايهه جو عشق اُتي سر
آيُئي! آکيم: خوب سڄڻ سمجهايُئي!
وِچ عُشاقان عيب اهو جي پڇتي وِک ولايُئي! آکيم:
خوب سڄڻ سمجهايُئي!
مردان دي وچ مرد هوسين جي اڳتي آپ اُٺايُئي! آکيم:
خوب سڄڻ سمجهايُئي!
مار قدم ڪر همت حمل! چايُئي سو هڻ چايُئي! آکيم:
خوب سڄڻ سمجهايُئي!
لطف علي، هن خيال کي فرض ڪندي ته ”جيڪڏهن هڪ دفعي
دوست جو ديدار حاصل ٿئي ته جيڪر ڇا کڻي ڪجي“، چوي
ٿو:
جان، جُسا، تن، ساهه، تصدق، سر قربان ڪِجيوي:
جي وت هڪ لڱہ دوست وِکيوي
عاشق مست مدام جيها پور جام شڪر دا پيوي:
جي وت هڪ لڱہ(1)
دوست وِکيوي
لؤن لؤن دي وچ جند پووي، ايهه روح رنجاول جيوي:
جي وت هڪ لڱہ دوست وِکيوي
تان ڇوڙ وڃن غم درد سڀي، ڦِر لطف علي خوش ٿيوي:
جي وت هڪ لڱہ دوست وِکيوي
هن ساڳئي خيال کي حمل هن طرح ٿو ورجائي:
جان ڪران قربان سڄڻ تون، جيءُ جُسا، جند ساري:
جي وت يار ملي هڪواري.
ويک ٻَهُون دلشاد ٿيوي، برباد وڃي بيماري:
جي وت يار ملي هڪواري.
دشمن ڀي سڙ سوز ڪنون، تنهن ماڳ ٿيون مُرداري:
جي وت يار ملي هڪواري.
تان حال ”حمل“ ٻهه نال سڄڻ دي، آپ ڪري اظهاري:
جي وت يار ملي هڪواري.
يعني ته جيڪڏهن هڪ دفعو يار ملي ته جيڪر هيئن ٿئي
۽ هيئن ڪجي. لطف علي جي بيت ۾ به اهو ساڳيو ئي
خيال سمايل آهي. مگر حمل پنهنجي هيٺئين بيت ۾ وري
هن سڪ ۽ سَڌ جو پاڇاندو جانچي، نئون نقطو نروار
ڪري ٿو ته جيڪڏهن يار اچي ته هوند هيئن ٿئي ۽ هيئن
ڪجي، پر جي اچي ته!
سڄڻ آوي سڀ سِک ٿيون، وڃن ڏک ڏولاوي: پر جي آوي!
سوز فراقان ساڙ گهتيي، سي سُڪي ٿيون وَل ساوي: پر
جي آوي!
هڪدم دلبر ڪول ٻَهي تان درد الم غم جاوي: پر جي
آوي!
حمل! حمد هزار پڙهان جي چاءِ ڳچي ڳل، لاوي پر: جي
آوي!
حمل! حمد هزار پڙهان جي چاءِ ڳچي ڳل، لاوي پر: جي
آوي!
”پر جي آوي!“ واريءَ هي شاعرانه نزاڪت صرف حمل جي
خوش طبعي ۽ خوشگوئيءَ جو نتيجو آهي، جنهن هن بيت
کي بي بها بنائي ڇڏيو آهي.
لطف علي هيٺئين بيت ۾ پنهنجي خوشي ۽ ڪاميابي ۽
رقيب جي ناڪامي ۽ نامراديءَ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ آخر ۾
پنهنجي دوهڙن (بيتن) جي مقبوليت جو اعلان ڪري ٿو:
ڪُهني داغ دروني دي، سي ڪُلي مئن تُون دور ٿئي (1)
دشمن دعويدار سڀئي سڙ غيرت وچ ڪلور ٿئي
ڌُر درگاهه الاهي دي وچ سخن ميڏي منظور ٿئي
لطف علي دي دهري دوهڙي وچ ملڪان مشهور ٿئي. (2)
حمل به هن ساڳيءَ معنيٰ ۾ چوي ٿو:
مِهر سيتي مئن نال سڄڻ اڄ، گهَري وچ گفتار ٿئي
دل ڪون ذوق زياده هويا، پاسي گرد و غبار ٿئي
حاسد هيبتناڪ سڀي ٻُڏ غيرت دي وچ غار ٿئي
محب مليا ممنون ٿيوسي چورخ باغ بهار ٿئي
هندي بيت حمل دي يارو! عالم وچ اظهار ٿئي(1)
هنن بيتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حمل نه فقط
مولوي لطف علي جو تتبع بلڪ شاعرانه معارضو ۽
مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪن خيالن ۾ وک وڌائي رکي آهي.
مگر جيئن ته هر خيال جي شروعات لطف علي ڪئي آهي،
انهيءَ ڪري وري به سندس تُرازو ڳرو آهي. ڇاڪاڻ ته
”الفضل للمتقدم“. انهيءَ خيال کان مولوي لطف علي،
سرائڪي شاعريءَ ۾ ڄڻ حمل جو حقيقي استاد آهي.
(ب) خليفو نبي بخش ۽ حمل:
حمل خان جو ٻيو حقيقي استاد خليفو ميان نبي بخش
صاحب هو. ميان نبي بخش پير سائين محمد راشد روضي
ڌڻي رحه جو خليفو هو ۽ خود لغارين جي ساڳئي
”سيرڪاڻي“ قبيلي مان هو، جنهن قبيلي مان حمل خان
هو. ازانسواءِ شايد خليفي نبي بخش پنهنجي پٽ احسان
علي جي شادي به ڳوٺ مير خان لغاري مان ڪرائي، ۽
جيتريقدر معلوم ٿي سگهيو آهي، اها خاتون، حمل خان
جي سڱ ۾ ماسات هئي. انهيءَ عزازت ۽ اچ وڃ سبب حمل
پنهنجي بزرگ عزيز خليفي نبي بخش جي صحبت مان سلوڪ
۽ طريقت توڙي شاعريءَ متعلق گهڻو ڪجهه پرايو.
حمل جي خليفي صاحب جن سان سالڪانه صحبت جو هڪ مثال
هن کان اڳ بيان ڪري آيا آهيون(2).
خليفو نبي بخش صاحب سرائڪي زبان جو بينظير شاعر هو
۽ پنهنجو ”سسئي پنهونءَ“ جو مشهور قصو سن
1250هجريءَ ۾ جوڙي راس ڪيائين. ان کان تيرهن ورهيه
پوءِ، حمل سنه 1263هجريءَ ۾ سرائڪي زبان ۾ ”هير
رانجهي“ جا سٺ بيت نظم ڪيا، جي پڻ سڄي سنڌ ۾ مشهور
ٿيا. مؤلف جي ناني مرحوم ميان لعل بخش خان لغاريءَ
چيو ته ناني حيدر خان هڪ دفعي حمل خان کان پڇيو ته
حمل خان! تو هير رانجهي کي ڳايو، مگر ڇو ”سسئي
پنهونءَ“ تي ڪجهه به نه چيئي؟ انهيءَ تي حمل خان
جواب ڏنو ته جهڙيءَ طرح لطف عليءَ ”سيفل بديعل“(1)
کي پنهنجي شعر ۾ اوج تي پهچايو، اهڙيءَ طرح خليفي
نبي بخش صاحب به ”سسئي پنهون“ کي اتي وڃي ڇڏيو
آهي، جتي ٻئي جي پهچڻ جي مجال ڪانهي: هاڻي منهنجو
”سسئي پنهون“ جي قصي متعلق چوڻ، ڄڻ شينهن جي پويان
ڦيڪاري لائڻ جي برابر ٿئي ها، سا مون ڪانه لاتي.ا.
هه هن مان ظاهر آهي ته حمل، خليفي صاحب جي شاعرانه
فوقيت جو قائل هو.
حقيقت ۾ خليفي صاحب ”هير رانجهي“ جي قصي متعلق به
”سي حرفي“ جا بيت سرائڪي زبان ۾ چيا، پر سڄي ”سي
حرفي“ پوري ڪانه ڪيائين ۽ صرف ”ص“ تائين بيت
چيائين(2).
انهيءَ ڪري ڀانئجي ٿو ته حمل اڃا ميدان خالي ڏسي،
ويهي ”هير رانجهي“ متعلق سارا سٺ بيت جوڙيا، ڀيٽ
مان معلوم ٿئي ٿو ته جي بيت خليفي صاحب جوڙيا،
انهن جي مقابلي ۾ حمل جا بيت البت گهٽ آهن. مثلاً،
حمل پنهنجي ٺاهيل ”سي حرفي“ ۾ ”دال“ جي اکر تي،
هير جي زباني سندس ماءُ کي هن طرح جواب ڏنو آهي:
آکي ڙي: دال دل ميري دلدارِ نيتي،
هور مٺا نِمِهِين منٺار ڪنون.
واري وار وَڃان تَهين وار اُتون،
جَهين وار ٿيوان خوش يار ڪنون.
گهر ٻار دي ڪار وِسار ڏِتي،
جَڏان ڪنين ڪوڪَ پئي ڪنڌي پار ڪنون
ڪانهن ڪَپ دي ڪَ تين نَپ هٿين،
تَر تَرپ پَئيئان ندي تار ڪنون.
هاڻي ساڳيو هير جو جواب خليفي صاحب جي زباني ٻڌو:
آکي ڙي: دال دم قدم تي ياد ماهي،
رهيا رَم صنم سرير مَيڏي.
هڪ دل ني تي دلداري هِڪو،
پنج ست نهين ڪجهه پير ميڏي.
دل شير دلير دي پير کُتي،
شمشير سَٽي سُڻ وير ميڏي.
هڪ جو جي تي نهين ڀؤ توڙي
لک سئو سَئو سِر تير ميڏي
”قاسم ڪم سَڀي تُل تم ٿَئي،
لکي توڙي ڪنون تقدير ميڏي.(1)
ظاهر آهي ته خليفي صاحب جو بيت، خيال جي پرواز
خواهه الفاظ جي شاعرانه پوچ جي لحاظ سان، اوچو
آهي. اهڙيءَ طرح، هير جي سي حرفي ۾ خليفي صاحب جا
جملي ست نسبتاً حمل جي بيتن کان زياده بليغ ۽ بلند
آهن.
خليفي صاحب جي ڪلام مان نه صرف هي سي حرفيءَ وارا
بيت حمل لاءِ هڪ نمونو بنيا، مگر خليفي صاحب
سرائڪي زبان ۾ محبوب جي مجازي تعريف ۾ به ڪي بيت
چيا، جي پڻ غالباً حمل لاءِ مشعل راه بڻيا. مثال
طور خليفي صاحب جو هڪ بيت ملاحظه هجي:
محبوب ڏٺوسي خوب، دليين تي دام گهدي دُر دانا: يار
يگانا.
ڇُٽڪيا شوق شڪار شتابي، چا ترڪش تير ڪمانا: ڪَر
بهانا.
مَن اساڏا محبت دي وچ محو ڪيتس مردانا: هي شڪرانا.
دوست دليندا تنهن در آوي جنهن تي راز ربانا: بي
بيانا.
ڳل ”قاسم“ دي آڻ گهتيوني ڳُنڌ زلف دا ڳانا: دست
نشانا.
ڪليات جي داستان ستين ۾ حمل جي بيتن مان به ساڳي
خليفي صاحب جي هن بيت واري خوشبوءِ اچي ٿي.
بهرحال مولوي لطف علي، خليفي نبي بخش ۽ حمل جي
سرائڪي بيتن کي ڀيٽڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته حمل
يقيني طور پنهنجي هنن ٻن وڏن همعصر شاعرن کان گهڻو
ڪجهه متاثر ٿيو؛ حالانڪ هن استاد شاعر به پنهنجي
انوکي اسلوب بيان سان سرائڪي شعر کي ڄڻ نئين سِر
اُجاريو.
قرائن مان معلوم ٿئي ٿو ته حمل پنهنجي وقت جي اڪثر
قادرالڪلام ساعرن جي شعر جو مطالعو ڪيو، ۽ جيڪڏهن
ڪنهن استاد شاعر جو ڪو دلپذير ڪلام ٿي مليس ته
انهيءَ تي پنهنجي طرفان طبع آزمائي ڪيائين، ۽ واهه
جا ڪيائين! مثلاً: ميرپورخاص جي ميرن مان مير ميان
علي مراد خان(1)،
حضرت علي رضه جي ثنا ۾ هڪ ٽيهه اکري جوڙي، جنهن ۾ هرهڪ مصرع ۾ ساڳئي اکر وارا
الفاظ استعمال ڪيائين:
از الف آمد عطاها، انما برسر علي
آن امام، انس و جان را، اول و آخر علي
ب- براتش برق رو، بر بحر و بر روز، حرب
بوتراب و بوالحسن بدرالدجيٰ بربر علي
ت- تڪبر ترڪ ڪرده با تواضع تخت گير
تاجداران تخت فرمان تابع، قنبر علي
ث- ثبوت و ثابت و خواند ثنايس جبرئيل
ثانيء ملڪ، سليمان شاه اسڪندر علي
ج- جمشيد ”جهان جنات عدنِ“ جاءِ او
جانشين، مصطفيٰ بر جابران جابر علي
ح- حيا و حسن و حلم و بهره او آمد عيان
حاميء دين، محمد حامد، حيدر علي
خ- خليفه، خائف و خورشيد چرخ و [حق] نما
خازن، گنج، خدا و خسرو خاور علي
د- دلدار و دلاور دادگر درياي دين
داور و ديندار دانا هست دانشور علي
ذ- ذاش از ذريت زبدهء حق ذوالجلال
ذوالحيا ذوالجود هم ذوالجيش زور آور علي
ر- رفيق، مصطفيٰ در روز، رزم [او] رزم جو
راست گو هم راسخ و هم رهنما رهبر علي
ز- زمين، و تا زمن در زير فرمان او زمان
زينت، دنيا و دين زر بخش زيباور علي
س- سخاوت پيشہء و [هم] سرور و سائل نواز
سالڪِ، سِر، حقيقت ساقيء ڪوثر علي
ش- شجاع شمشير زن باباي
او شبر شبير
شاه شاهان شهر گير و شافع، محشر علي
ص- صابر صاف طِينت صوفِيء صافي نهاد
صاحب، صمصام دلدل صَف شڪن صفدر علي
ض- ضرب تيغ، او ضايع کند اهل ضلال
ضامن و ماضاع دين از ضربت خنجر علي
ط- طرح يڪرنگ اندر طبع طائوس ارم
طينتش مصدر طهارت طيب و طاهر علي
ظ- ظفر در ظل، دائم در ظهورش ذوالفقار
ظاهر و اظهر بعالم شہ مظفر فر علي
ع- عالمَ عالَم و مشهور در عرب و عجم
عابد و عالم، عديل و عصمت عسڪر علي
غ- غالب غازي و غواص، بحر ”هل اتيٰ“
غيبدان، غمزده، غمخوار، پيغمبر علي
ف- فياض و [ذي] فهم فهم، فضاحت مرو راست
فتحمند و فتح، لشڪر فاتح، خيبر علي
ق- قدر، قرب، او قرآن هويدا مي کند
قاهر، اعداي دين را قاتل، اڙدر
علي
ڪ- ڪاشف قرب، او، ڪرار هرڪس بيڪسان
ڪان ڪرم و ڪيميا، گنجينہء گوهر علي
ل- لقب او ”لحمڪ لحمي“ لہ قال الرسول
لائق، لطف و لطافت صاحب، لشڪر علي
م- مالڪ مملڪت مشرق معارب مرتضيٰ
ماهر، معنيء مصحف در شڪم مادر علي
ن- نيت نسب او، شهدالنبي، نزديڪ تر
ناجي از نيران ناران نافع و ناصر علي
و- وصيء مصطفيٰ وه بُوالعليٰ والا نهال
واصفش وصي و ولي الله بلند اختر علي
لا- لامعه وجهش ز نور لاشريڪ
”لافتيٰ الاعلي“ شد تکمہء افسر علي
ي- يگانه يڪدل و يار محمد باليقين
يادگار، يوسف و يعقوب را ياور علي
از که آيد منقبت آن شد مظفر در بيان
هرچه گفتم هرچه خوانم زان همہ برتر علي
وصف اسدالله غالب گرچه نايد در شمار
ليڪ زان بهترڪ ڪردم در ثنا اشعر علي
نظم، من چون نظم، طغريٰ از ڪمال، لطف شاه
دارم اين اميد شد منظور در منظر علي
يا الٰہ العالمين آمين اين يابد مرا
از جناب
مصطفيٰ مقصود از بهر علي
سائلم بردر محمد مصطفيٰ بخشي مراد
خيريت
اولاد، ايمان عمر زوراور علي.
هيءَ ٽيهه اکري اسان کي اتفاقاً مرحوم ميان قاضي
الله داد عباسي بختيارپوريءَ جي هٿ لکيل ملي، جا
هن تاريخ 2 ماه جمادي الثاني، سنه 1309هه، اربع
ڏينهن، ميان علي مراد خان(1)
بن غلام شاهه لغاريءَ واسطي قلمبند ڪئي. جيئن هن
کان اڳ حمل جي سوانح ۾ بيان ٿي چڪو آهي، قاضي الله
داد عباسي، حمل خان جو جاءِ نشين هو، جنهن کانئس
پوءِ ڳوٺ مير خان لغاريءَ جي مڪتب ۾ درس تدريس جو
سلسلو جاري رکيو. غلام شاه خود حمل جي شاگردن مان
هو. قاضي الله داد جي هن دستخط نسخي جي بناء تي
ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته هن ٽيهه اکريءَ جو
ڳوٺ مير خان لغاريءَ ۾ ڪافي چرچو هو ۽ غالباً هيءَ
ٽيهه اکري حمل جي آڏو به هئي، جنهن کان ئي متاثر
ٿي هن ان جي ڀران سنڌيءَ ۾ پنهنجي مشهور ٽيهه اکري
(الف احمد ڄام جو اعليٰ اسد اڪبر علي- الخ) جوڙي(2).
سنڌ ۾ سرائڪي زبان جي ٻين مشهور شاعرن مان، حسين
فقير ديدڙ (وفات 1290هه) ۽ حاجي ٽالپر (جي ٻئي
غالباً حمل جا وڏا همعصر هئا) جي ظريفانه ڪلام به
حمل کي متاثر ڪيو. حمل پنهنجي بياض ۾ حسين فقير
ديدڙ جو سرائڪي زبان ۾ جڙيل هڪ ”نصيحت نامه“
پنهنجي هٿ اکرين قلمبند ڪيو آهي(3)
جنهن جي ڪجهه جهلڪ سرائڪي زبان ۾ سندس جوڙيل ٻن
نصيحت نامن(1)
۾ نظر اچي ٿي. ساڳيءَ طرح حاجي ٽالپر جو هڪ بيت
(ڏنگي ٽور ته ٺوشي پٽڪا- الخ) پنهنجي بياض ۾
قلمبند ڪيو اٿس، ۽ ان جي تتبع ۾ پاڻ به هڪ بيت
(ڏنگي ٽور ته ڏنگا پٽڪا- الخ) چيو اٿس(2).
سنڌي شاعرن مان فقط عثمان فقير ”سانگيءَ“ جي هڪ
ڪافي پنهنجي هٿ اکرين بياض ۾ لکي اٿس(3)،
مگر عثمان فقير جي ڪلام جو ڪوبه اثر حمل جي ڪلام ۾
نظر نٿو اچي.
ٻين شاعرن تي اثر
جهڙيءَ طرح حمل لاءِ سندس همعصر بزرگن جي ڪلام
راهه روشن ڪئي، اهڙيءَ طرح حمل جو ڪلام به پنهنجي
مقبوليت سبب ٻين شاعرن لاءِ هڪ نمونو بنيو. مولوي
عبدالله صاحب لغاريءَ چيو ته اسان پنهنجي وڏن کان
ٻڌو ته گهوٽڪيءَ ۾ مشاعرا ٿيندا هئا، جن ۾ مولوي
محمد يعقوب لغاري، خليل نالي (يا تخلص وارو؟)
شاعر، حمل ۽ ٻيا شاعر شريڪ ٿيندا هئا. ٻيا شاعر
پنهنجا اڳ تيار ڪيل شعر پڙهندا هئا ۽ حمل کي بروقت
ڪا مصرع طرح پيش ڪئي ويندي هئي، جنهن تي هو في
البديهه پنهنجا اشعار پڙهي حاضرين کي محظوظ ڪندو
هو. اها لياقت صرف حمل ۾ هئي. ا. هه. هن حڪايت مان
قوي گمان نڪري ٿو ته سندس همعصر شاعرن تي حمل جو
وڏو اثر هو. سندس سرائڪي زبان ۾ چيل بيت، لفظن جي
سِٽاءَ، پيارن محاورن ۽ انوکن خيالن سبب سنڌ ۾ عام
مروج ۽ مشهور ٿي ويا ۽ هر هنڌ مقبول پيا، جنهن ڪري
ڪيترن ئي شاعرن ۽ سگهڙن پنهنجي ڪلام ۾ حمل جي نقش
قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي. هت حمل جي همه گير اثر جو
پورو جائزو وٺڻ مشڪل آهي، البته هيٺيان ڪي مثال هن
حقيقت کي قدري روشن ڪندا.
(1) محبوب جي ڊگهن ڪارن وارن کي جيتوڻيڪ اسان جي
شاعرن پنهنجي پنهنجي نموني ۾ ساراهيو آهي، ته به
ڪارن وارن جي ڪارن نانگن سان تشبيهه سندن مجازي
تعريف جو مرڪزي نقطو پئي رهيو آهي. لطف علي پنهنجي
هڪ بيت ۾ محبوب جي ڪنڍڙن ڪاڪلن بابت چوي ٿو:
پيچ پيچان دي پيچ پَئي، جيوين ول ول نانگ ڪنڍل وچ،
هَل هَل ڏنگ نِسنگ چلاوَن، زيب ڏيون وَل وَلَ وچ.
وري ٻئي هڪ بيت ۾ اشارتاً چوي ٿو:
ڇُٽڪ پيا رخسار اُتي هڪ وال ڏٺم مڻ والا، بشيهر
ڪالا!
دردوندَيان نون دوڙ ڪري دُرڪ ماري ڏنگ اٻهالا: ڪري
نه ٽالا!
حمل پنهنجو هيٺيون سڄو بيت محبوب جي زلفن کي سُتل
نانگن سان تشبيهه ڏيندي چيو:
زلف دراز ميڏي دلبر دي نانگ سِيَہ هين سُتي،
کاوَڻ ڪِيتي پَئي ڇَهه ماري، پيچ گهَتي منهن اُتي.
هڪ کاڌي، ٻي ول ول کاڄن مَنڊر پڙهڻ جي مُتي،
شابس حمل! آک تِنهان هٿ پاء جِنِهان ٻَهه ڳُتي.
حمل جو هيءُ بي نظير بيت سنڌ ۾ سرائڪي زبان جي ٻين
قابل شاعرن لاءِ هڪ نمونو بنيو. مثلاً، عرضي فقير
ماري (تعلقو سنجهورو) پنهنجي هيٺئين بيت جي شروع
واري مصرع ۾ ئي چيو:
زلف سياه، سڄڻ دي سهڻي، جون آکيان بشيهر ٻُوٽي (1)،
دم دم دؤر حسن ڪون ڳوڙهي، ڪيا هُل چِه هَوايان
ٽونٽي،
هڪ جو سبب سهڻي دي سيني وچ، جون باغان دي وچ
گؤنٽي،
هَرهڪ نازڪ ناز سڄڻ دا، جو ڏيکان سو ڏونٽي،
تلي دام دليين ڪون عرضي! ڪونه هووي جا ڇُوٽي!
شاهه محمد ديدڙ به ساڳئي حمل واري قافيي تي هيٺيون
بيت چيو، جنهن ۾ محبوب جي مؤ ۽ گيسؤ جو ذڪر ساڳئي
انداز ۾ ڪيائين:
مِهر اَتين مهتاب رهن مشتاق صنم دي روءِ اُتي،(2)
سنبل ويس وِسيهر وِهسن مسڪ معطر موءِ اُتي،
پئونست ڦوڙ ڦسائي ڦندان، گوش گره گيسوءِ اُتي،
سرو، سمن صدخجل صنوبر، قد دي صفت سوءِ اُتي،
بلبل ڀؤنر بيراڳي ڦردي، باس بدن دي بوءِ اُتي،
خجل ڪبڪ طائوس رهن، جان جانب ٽِلدا جوءِ اُتي،
شاهه محمد! شالا هووين ڪلب پريان دي ڪُوءِ اُتي!
نورمحمد پنهنجي هيٺئين بيت ۾ حمل جي بيت جا شروع
وارا الفاظ تضمين ڪري، نئين قافيي تي بيت چيو:
زلف سياه سڄڻ دي سهڻي، پيچ بَشيهر پاوَن: نينهن
نڀاونَ!
ميل هٿين ڪر کيل تنهان وڇ تيل ڦليل هَلاون: مشڪ
ملاوَن!
شان ڪنون ڏي شان شمع، رخ ڪان ڪمان لڳاون: جوس
جڳاون!
ٿيوَن مار تار ڏنگڻ جنهن وار سينگار تي ڌاوَن: جوڙ
ڳَنڌاوَن!
دام گهتن، آرام ڀنن، ول عشق آڻ ڦساوَن: هوش
کساوَن!
تِل گهڙي وچ دِل ٻڌن، سي رلمل رمز رلاون: کل
الاوَن!
نور محمد! ني ڪر جيڪر هيڪر ڪو ٻلهاوَن: آپ
ڀَلاوَن!(1)
(2) شاهه محمد ديدڙ (وفات 1309هه) حمل جو قدري
ننڍو معاصر هو. جيتوڻيڪ شاهه محمد جو حقيقي استاد
سندس نانو حسين فقير ديدڙ هو، ته به اسلوب بيان جي
لحاظ سان شاهه محمد ديدڙ تي حمل جو ڪافي اثر پيو.
مثلاً سندس هيٺيون بيت بلڪل
حمل واريءَ
طرز ۾ چيل آهي ۽ ان تي حمل جي اسلوب بيان توڙي
صنعت تجنيس جو عڪس نمايان آهي:
مول نه وسري رات اُها جا نال سڄڻ مَين گهاري: اڄ
پَئي گهاري!
صدق ٿيوان تنهن ساعت تون جا مهل سڳوري ساري: اڄ
مَين ساري!
سينا نال سڄڻ دي سيني، آهي هڪ پٿاري: سڄڻ پٿاري!
رُڪ رقيب جنهين هُڻ وچ تي جڏي جدا ڀي کاري: کاهِس
کاري!
شاهه محمد! شاه علي آ تيغ تنهين ڪون ماري: ميران
ماري! (2)
(3) حمل جو جوڀن ۽ جوانيءَ جي جاڙ بابت چيل بيت
مشهور آهي:
”هي وي جوڀن جاڙ ڪيتوئي، ڇورا ڪر ڪر ڇوڙ ڳيون“-
الخ (2). جان محمد نالي شاعر ان جو تتبعو ڪيو ته:
هَي وي جوڀن! جاڙ ڪيتوئي مرض بِنان تون مَرڳيُون
ٻُڪيان ڦڪيان ڪر ڪر ٿَڪِيان، جان وچون ڪڍ جَرڳيون!
سور سَنڌين وچ ثابت، سِر ديان سُٽان ڪر سَٻَرڳيون!
اڇين ڏاڍا آگم لايا، قَهر اهو ڀي ڪَر ڳيون!
هرڪا آکي مڙها ماريا! کاوڻ ڪنون کر ڳيون!
تيڏا کاڌا هي اجايا، ٿي تون قوت قبر ڳيون!
جان محمد ڪون جوش اهو، جو پُور دلين دي دَر ڳيون!
(4) پير حسن بخش مرحوم (ڊُٺڙو، تعلقو سنجهورو)
پنهنجي هيٺئين
بيت ۾ ساڳي حمل واري طرز جو تتبعو ڪيو:
محبوب مٺا منٺار ميڏا! مين روز ويکان تيڏيان
راهين: آءُ ڪڏاهين!
دل جوش تيڏي بيهوش ڪيتي، چوڌار برهه ديان باهين:
آءُ ڪڏاهين!
سوز فراق دي سور سڻاوِئين، دل اندر ديان داهين:
آءُ ڪڏاهين!
آ هَمخيال ٿِيوين هڻ نال حسن بخش، ٻهڳڻ! ٻاجهه نه
لاهين: آءُ ڪڏاهين! (1)
(5) مرحوم حاجي ميان شير محمد خان لغاري (لنڊو،
تعلقو شهدادپور) حمل جي ڪلام کان پوريءَ طرح واقف
هو ۽ مؤلف کي پنهنجو ڪافي سرائڪي ڪلام ٻڌايائين،
جو هن حمل جي ڪلام کان متاثر ٿي چيو هو. هت مثال
خاطر سندس هڪ بيت ڏجي ٿو:
دلبر يار! دلاسا ڪوڙا سڏ سڏ ڪِيُون ڏتوئي: ڪوڙ
ڪيتوئي!
سک، صبر، آرام سڀوئي نيڻان ننڊ نيتوئي: ڪوڙ
ڪيتوئي!
ياوت ننڊا دا جام نشي وچ پيالا پور پيتوئي: ڪوڙ
ڪيتوئي!
ياوت آوڻ ويلي اڳون، ڪو ڀاتي آڻِ ڀِتوئي: ڪوڙ
ڪيتوئي!
صحيح ڪيتا هڻ شير محمد، دلبر دل ڌُتوئي، ڪوڙ
ڪيتوئي!(2)
(6) مؤلف جي ناني مرحوم ميان لعل بخش خان، حمل جي
دوست جي باري ۾ چيل ٽيهه اکري (الف آءُ اوري سهڻا
يار جاني! ڳل لڳ ڪرون مٺيان ڳالهيان جي- الخ) (1)
کان متاثر ٿي، ساڳيءَ طرز تي هڪ ٽيهه اکري جوڙڻ
شروع ڪئي:
الف- الله لڳ آهِ ڪران، سُڻ سڏ ٿِيوين گڏ گلزار
ميان!
حد هو وَڻ دي ڇوڙ، وک وڌاوين، ويکان روز تيڏا
رخسار ميان!
مشتاقان تون منهن موڙ مهربان! جدا ٿيوين نه دل ڪو
ڌار ميان!
”لعلڻ“ ڪون ته هر وقت ويلي هي، تيڏي ديد ويکڻ دي
درڪار ميان!
ب- بيڪس بيڪار ڪون، ڏاڍي ڏک ڏُتئي ڪر ڏات ميان!
دل ڦٽ فراق فاني ڪيتي، تيڏي قرب ڪُٺي گهَت ڪات
ميان!
دوا ٻاجهون ديدار تيڏي، او بيمار پئي هي ڏينهن رات
ميان!
ايڏا ظلم زابر تڏان ڪيتُئي، جڏان هيڻي ڏُٺئي ضعيف
ذات ميان!
(7) مطلب ته حمل جي سرائڪي ڪلام جي سهڻي طرز ڄڻ هر
سگهڙ کي شاعريءَ تي آماده ڪيو ۽ نه صرف سنڌ جي
شاعرن ۽ سگهڙن سندس تتبعو ڪيو، مگر ويندي کاري ۽
لس ٻيلي تائين سندس شعر مشهور ٿي ويو. لس ٻيلي جي
شاعر نم فقير، هڪ خالص سنڌي شاعر هجڻ جي باوجود،
سرائڪي- سنڌي ريخته ۾ حمل جي طرز تي طبع آزمائي
ڪئي- جيئن ته سندس هيٺيون بيت حمل جي اثر جي ساک
ڀري ٿو:(2)
دوس اساڏا دلبر دل دا، جنهن ڏَنهُن سڪ سچائي: عجب
اهائي
تُرنگ تَلِيهرَ واسينگ وانگر، ورقؤن ويڙهه وڏائي:
عجب اهائي
هار سينگار اُتاهين سُرخي، جوڙ چڱي جوڙائي: عجب
اهائي
اَبرو بِدَ ڪَڪول قريبان مئيگان تير تکائي: عجب
اهائي
ڪُرنگها نين، ڪجل دي ڪاني سُرمان چشم صفائي: عجب
اهائي
گوش گلابي گل بَنيا، اُت جَنهورُ جوڙ نه آئي: عجب
اهائي
چا ترڪ چين ڦٽو ڪيو، تنهن منجهه رهي نه ڪاڪت ڪائي:
عجب اهائي
تنهن نائي نيف نياز نِوَت سين جلوه جوت جهَپائي:
عجب اهائي
پان چٻائي لال لبان تون سهڻا نقش سياهي: عجب اهائي
ڪؤنش قدم دي زينت زريان بيحد خوب بنائي: عجب اهائي
تنهن هنج هلڻ حيران ڪيا، ات ڪُنجل لوڏ لڪائي: عجب
اهائي(1)
ديکي دَڇن دهنؤن دهليا ڏُو ڏَر ڏِتَ نه سائي: عجب
اهائي(2)
شمس قمر ٻئي شرمايا پسي لائق جي لالائي: عجب اهائي
نجم ستاره برگ بيهي ويو، نَسُئي سونهن سسائي: عجب
اهائي(3)
پَهه- رِپ پازي پيهه سندو تنهن روءِ ڇڏي روشنائي:
عجب اهائي(4)
سونهن سگهه سرسي ساجن ۾ سا رازق پاڻ رکائي: عجب
اهائي
جهڙس ڪونهي جڳ ۾ ٻيو ڪو خاوند قسم خدائي: عجب
اهائي
ميمؤن نون نوازيو نافع، مڱي مهر مداحي: يارو مڱي
مهر مداحي.
شاعريءَ جا دور
شعر جي اندروني شهادتن مطابق، حمل جي شاعريءَ جو
دور ٽيهه سال، 1263 کان 1293 هجري تائين، يقيني
طور ثابت ٿئي ٿو. سرائڪي زبان ۾ هير ۽ سندس ماءُ
جي سوالن جوابن جا ٽيه بيت، ۽ وري هير ۽ سندس
عزيزن ۽ پاڙي وارن جي سوالن جوابن جا ٽيهه بيت،
جملي سٺ بيت، حمل 1263هه ۾ جوڙيا- جيئن خود آخري
بيت ۾ چوي ٿو ته ”تيرهين سن دي تريهٺ آهي، سٺ بيت
مَئين جوڙ ڪتاب ڪيتي“. سنڌي زبان ۾ نبي ﷺ بابت
سندس چيل مدح (”سيد سچا سردار تون- الخ.“) تاريخ
”5 شعبان 1293هه“ تي پنهنجي هٿ اکرين قلمبند ڪئي
اٿس. ان کان پوءِ جي ڪابه تاريخ بياض ۾ نظر ڪانه
ٿي اچي. حالانڪ حمل ان بعد به تقريباً اڍائي سال
زنده هو، ۽ ممڪن آهي ته انهيءَ عرصي ۾ به شعر چيو
هجيس جو اسان تائين نه پهتو هجي؛ يا اهو شعر خود
بياض ۾ موجود هجي، مگر جيئن ته هرهڪ شعر جي آخر ۾
تاريخ ڏنل ڪانهي، انهيءَ ڪري اسان لاءِ اهو سندس
آخري عمر وارو شعر سڃاڻن مشڪل آهي.
(1)
هن
طرح: ”وفات يافت قبله حقيقي ڪعبهء تحقيقي
مرحوم مغفور حمل فقير لغاري تاريخ 2 ماه صفر
سنه 1296 بشب شنبه از دارفاني بطرف عالم
جاوداني رحلت نمود. انا لله وانا اليہ راجعون-
بنده محمد رحيم لغاري.“
(1)
سلابت: هي لفظ اصل نسخي ۾ صاف لکيل ناهي.
پڙهڻي اهائي معلوم ٿئي ٿي. شايد بمعني سونهن
سلابت- موچارائي- سهڻائي. اُٺائي: (اٺائڻ مان
اسم) اُٻڙاڪي- اُڇانگ.
(1)
جيئن ته حمل خان
جي
هيٺينءَ مصرع مان گمان نڪري ٿو ته ”شاعر هو
ٻروچ سو- الخ.“
(1)
هي بيت مقام روايت موجب منفقه طور حمل ڏانهن
منسوب آهي. بعد ۾ ٻين سگهڙن به ساڳئي هن بيت
جا مختلف نمونن ۾ تتبعا ڪيا. هي بيت بياض ۾
لکيل ناهي.
(2)
هي بيت صدري روايت موجب، حاجي جمال خان کي مير
رستم خان ٽالپر جَنُو جي (تعلقه روهڙي) واري
ٻڌايو؛ بياض ۾ لکيل ڪونهي.
(1)
بتصديق زباني مرحوم حاجي گل محمد خان ولد حيدر
خان لغاري.
(1)
اصل ”ڪهن- اڻسگ- ڏسن سرواهيان“ اسان جي
پڙهڻيءَ جو مدار عام روايت آهي.
(1)
يعني: جيڪر هڪ لڱا يا هڪ دفعو دوست ڏسجي.
(1)
مئن تون= مئن تون= مون تان.
(2)
دُهري دوهڙي= ٻِٽا دوهڙا يعني هي چار تڪا بيت.
(1)
هنڌي يعني هندڪي، لُهندا يا سرائڪي ٻولي.
(1)
يعني ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ جو قصو.
(2)
خليفي نبي بخش صاحب جي قلمي- رسالي ۾ سر حرفي
جا اهي بيت حرف ”ص“ تائين قلمبند ٿيل آهن.
ممڪن آهي ته خليفي صاحب سڄي سي حرفي چئي هجي.
مگر پوءِ رسالي گڏ ڪندڙن کي باقي بيت نه ملي
سگهيا هجن.
(1)
خليفي صاحب پنهنجي شعر ۾ هر جڳهه پنهنجي ماسات
”قاسم“ جو نالو استعمال ڪيو آهي.
(1)
محترم استاد حاجي سومر خان (ڳوٺ جعفر خان
لغاري) خبر ڪئي ته ميرپورخاص جي مير مسو خان
مون کي هن سي حرفيءَ جا بيت پڙهي ٻڌايا ۽
چيائين ته هيءَ ثنا اسان جي ڏاڏي مير علي مراد
خان جي جوڙيل آهي، جو اسان جي آبائي قبرستان ۾
”چٽوڙي“ (ميرپورخاص کان 8 يا 9 ميل اتر طرف،
سنڌڙيءَ جي رستي تي) ۾ مدفون آهي، ۽ مٿي قبو
آهي.
(1)
باباي او: اصل عبارت بلڪل ائين آهي.
(1)
اصل نسخي ۾: ”علي مراد خان.“
(2)
ڏسو: متن ڀاڱو پهريون.
(2)
ڏسو:
متن ڀاڱو ٻيو. ”ناقدانه ۽ مزاحيه اشعار“ هيٺ.
(1)
بشيهر (وِس هر)= زهر وارو= نانگ.
(2)
مِهر= سج. مهتاب= چنڊ.
(1)
ني ڪر= نيئي ڪري ڪول= ويجهو، ڀرسان.
(2)
ڀيٽيو حمل جو بي (نمبر 5، فصل 4، داستان ستون،
ڀاڱو ٻيو): ”ڪيهي ڳالهيئون يار پيارا! آيون نا
اڄ گهٽي: سمجهيم دوست تيڏي دل گهٽي“ الخ(2)
ڏسو: متن ڀاڱو پيو متفرقات.
(1)
ڀيٽيو حمل جو بيت (نمبر11، فصل 8، داستان
ستون، ڀاڱو ٻيو)
”تيڏي نال ڳجهيان ڪي ڪرڻيان هِن ڪيڏاهين: سڻو
جڏاهين.“-الخ
(2)
ڀيٽيو حمل جو بيت (نمبر4، فصل4، داستان ستون،
ڀاڱو ٻيو):
”آک سڄڻ! سچ يار پيارا! جهاتي پا دل جهَٽُيئي:
ڪيا ڪجهه وَٽَيُئي“- الخ
(1)
ڏسو ڀاڱو بيو، ”سي حرفي در بيان خطاب و التجا
بحضور محبوب“.
(2)
ڀيٽيو حمل جو بيت (نمبر 16، فصل 2، داستان
ستون، ڀاڱو ٻيو)
”سهڻا وقت صبح دي ڏٺم، دوست مٺا دلجاني: پاڪ
پيشاني
منهن مهتاب منور مہ رخ، جلوه جوت جواني: پاڪ
پيشاني“- الخ
(2)
دڇن= ڏند. دهنؤن= دهن مان- وات مان.
(4)
پهه رپ (پهه= ماڪ؛ رپ= آفت)= ماڪ جي آفت= سج-
آفتاب.
|