سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ديوان بلبل

باب --

صفحو :2

داستان چوٿون

بيت: سر سسئي“

 

اديون ڙي! اڻ جهل، اصلئون ٻار ٻروچڪا

جِيُون جِيُون پيرن تي پوان، تِيُون جهَليون ڏِينِ نه جهَل

هوتاڻِي، ڪانه ڪَهَل، ماريندي معذور کي.

(2)

ٻانڀڻ عشق ٻَروچ جي باهه وڌي ڀُرڙي

پاهڻ سڀ پٽي وِڌا، پَٻَ کُڙيون کرڙي

رائي تَپِي روهَ جي، پيرَ وِڌس پُرڙي

سيني ڀَر سُرڙي، حمل! وڃي پئي هوت ڏي.

(3)

ڏيرن جي ڏمر جا اَڳَهِين هُلِ هوا

اڄ اوهيئي آئيا جي ٿي سيڻ سُوا

حمل هوتاڻن جا اچي پيرَ پيا

ڪانهي ڪَل اِها، ته ڪميڻيءَ سان ڪيئن ڪندا!

(4)

سرتيون سڀيئي، وچون واٽَ وَري ويون

حمل! هَلي هيڪَلي سَسُئي سِر ڏيئي

کَڻي پير پنهل جو، پُٽيءَ تن پيئي

وڃڻ کي ويئي، موٽِي موٽِي ڪينڪي.

(5)

ورري آئون نه وران، اوهين وريتيون وري وڃو

بلائون بَرنِ جون ڏسي ڪِين ڏَران

ڪاهِينديس ڪيچِنِ لئي جيڪي سَت سَران

مِلان جي مَران، ته ٿيم حج حمل چئي.

(6)

آڏا ڏونگر، ڏاکڙا، وڏا سخت سُمير

اؤکيون چاڙهيون چاڙهڪا، نَه ڪو گهَٽُ نه گهيرَ

ڪَرَ لَهي ٻيو ڪير، حمل چئي هُت هوت ري!

(7)

آڏا ڏونگر، ڏاکڙا، وڏا جبل جالَ

نڪا وَسون واٽ ڪا، نڪا قِيل نه قال

چَڙهي جبل چوٽئين زاريون ڪري زال

مَجذوبَنِ مثال، ٿي هوتن لاءِ حمل چئي.

(8)

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، ٽَڪَرَ ۽ ٽوڙا

پَٻَ پاهَڻ جا پيچرا، سَنهان ۽ سوڙا

پَٽي پير پِٿُون ڪَنِ، روهن جا روڙا

جيءَ ڪيا جاکوڙا، هوتن لاءِ حمل چئي.

(9)

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، رِڻِ وڏا ۽ روهَ

اوکا اوڪَرَ اَڳِيئون، ڪَپَرَ ڪَرڙا ڪوهَ

پاهڻ ۾ پاڻ هَڻِي ڇِنائين مون ڇوهَ

اچي منجهه اونده، گڏيسِ هوتُ حمل چئي.

(10)

اڏا ڏونگر ڏاکڙا، پَٽيون پنڌ پَهاڙ

بَبَر بَلائون بڇڙيون، راڱا ڪَن رَهاڙ

سَسُئي ساٿين لئي ڏئي، وڻَ وڻَ هيٺ وَلاڙ

مَعذوريءَ جي ماڙَ، ٿيو هوتُ حمل ئي.

(11)

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، بيحد بَرَّ باري

بگهڙ، باندر، ڀولڙا، چؤڪَس چوڌاري

وِندَرَ ۾ واڪا ڪري وَرَّ لئي ويچاري

تنهن ضعيف جي زاري، ٻُڌي هوتَ حمل چئي.

(12)

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، ڇِپُون ۽ ڇوڏا

اُڃَ سُڃَ سخت سُمير جي، ٻيو لڪن جا لوڏا

گورن سَندي گس تي، گَٺائين گوڏا

اُتي سڏ اوڏا، ٻُڌس هوت حمل چئي.

(13)

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، باري بَر بَيبان

رُڃَ، رائو، رِڻَ وڏا، ٻيو هزارين حيوان

سسئي کَنيا سُڃ ڏي سورن جا سامان

ايهي منجهه اَرمان، گڏيس هوت حمل چئي.

(14)

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، ٽڪرَ ٽوڙا ٽاڪ

پير پيادي، پنڌ پري، ٿي حَب ۾ هڪ هلاڪ

اُڇنگارَنِ سان اڌ ڪيائين، ڏونگر ڏيئي ڏاڪ

هاڙهي پيئي هاڪ، گڏيس هوت حمل چئي.

(15)

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، مٿي سَنگَ سَبِيل

جِن، جناوَر جُوءِ ۾، ٻيو بَر ڀٽون ۽ ڀيل

پَوي ڪونه پَرٽ کي، بنئون دوست دليل

اُتي رب جليل، ميليس هوتُ حمل چئي.

(16)

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، پَٽيون پَنڌَ پَري

بلائون بَرَنِ جون ڏسي ڪين ڏري

سسئي سوز فراق جي آئي هيٺ اَري

پنهون پير ڀري، گڏيس هوتُ حمل چئي.

(17)

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، ڀَٽُون ۽ ڀولا

لُڪون لڳن سامهيون، جهَڪُون ۽ جهولا

سسئيءَ کي سور ٿيا، وَر ري وِندولا

آرياڻي اولا، لاٿس هوتَ حمل چئي.

(18)

آڏا ڏونگر ڏاکرا، وڏا پنڌ پَٽيُون

وَر وَڪڙ واٽن کي، ٻيا اؤکا گهيڙ گهٽيون

سَسُئي سُکيون ساعتان مٿي سيج سٽيون

جبل ڏئي جهٽيون، هوتن لئي حمل چئي.

(19)

وَر چاڙهيون وَرَ ڪاڻ، وَر چاڙهيون ور لئي چڙهي

ڏيئي پٻ پَٻَنِ تي پَرٽ پَتوڙي پاڻ

گَٺائين گسن تي، ڇَپر ڇَپرن ساڻ

روهن منجهه رهاڻ، ڪيسَ هوتَ حمل چئي.

(20)

ڏونگَر! ڏک مَ ڏي، آئون اڳ ڏکوئي آهيان:

پاهڻ تو پرزا ڪيم پَٽي پيرن کي

هوتن جا، حمل چئي، جي ۾ اٿم جي

سو سليان جي سي، تان ٻُڌڻ سان ٻَري وڃين.

(21)

نا ڏِيئو نا ڏينہ، ڪنهن پرِ پيرُ پروڙيان

اوندهه آڌي رات ٿي ٻيا ڪارا ڪِرڙ ڪَرِينہ

هيبتناڪَ، حمل چئي، شوريا گهمن شينہ

محبت سندا مينہ، ويچاري وسائيا.

(22)

سرتيون ڙي! سَڌ ڪا، متان ڪا مون سان ڪري

ورنديون سڀ ورن ڏي اديون ڙي! اَڌ کا

حمل! هوت ٻروچ جا ڏين درد اندر ڌَڌڪا

وِکَ وجهي وَڌَ ڪا، پڄان مانَ پنهونءَ کي.

ڪافي-1

ڪَنديس آئون ڪُڄاڙو، ڀينَر! هن ڀنڀور کي

ڪنديس آئون ڪُڄاڙو، آيَل! هن ڀنڀور کي

1.        سرتيون! سَهنديَس ڪينڪي! ساٿين جو هيءُ ساڙو

2.  وِندرَ واٽون ووڙيان، هوتن لئي سڀ هاڙو

3.  روئي ڪنديس رت سان، ڪارو ڏونگر ڳاڙهو

4.      ڪيڏو ڪيچي هيءُ ڪيو، ڌوٻڻ سان هئي ڌاڙو

5.   ننڊر نڀاڳي نَومَ جو، ڀينر! مون ڊهيو ڀاڙو

6.  حمل! هوتن سان هُجي، پورهيت جو شالا پاڙو.

ڪافي-2

اجهو آرياڻي ايندو، اديون آرياڻي ايندو، نال نماڻي نيندو

1.   ايندو ايندو ڪين ڇڏيندو، گولي گڏ نيندو

2.  ڪاهي ايندو ڪيچ ڌڻي، ڏيهه مبارڪون ڏيندو

3.  ننگ نماني جو آهي، ڇَنان ڪين ڇڏيندو

4.      هيڪر حمل سان موٽي ملندو، وچئون وڇوڙو ويندو.

[فصل-2]

(1)

سُڏڪي ۽ سَڙي، روئي ۽ ريهون ڪري

ٽڪر ٽڪَرن سان هَنيو، روهن منجهه رڙي

ڏکيون چاڙهيون ڏونگرين، ٻڌي چيلهه چڙهي

وڌي قُرب ڪڙي، حمل هوتاڻنِ جي.

(2)

سَرتيون ٿيون سارينِ، ڏيو ور وَرَن کي

ڏکيءَ سان ڏونگر ۾، گهَڙي نا گهارِين

اُڌَمَ آريچن جا، مُئيءَ کي مارين

اَگهي اُٿارين، جي اچن هوت حمل چئي.

(3)

ٽهڪڻ ۽ ٽِلڻ، ڪنهن آڻ سُوريتيءَ اُڄهي،

ڏوکين ڏونگر ڏاکڙا، ٻيو پاهڻ پير ڇِلڻ،

هوتن لاءِ حمل چئي، سَيلهن منجهه سِلهڻ،

کائڻ ۽ کِلڻ، ٻيئي ٻاروچي ونيا.

(4)

هِڪِ ڏونگر ٻيو ڏُک، ٽيون لُکِ لَڪَن جي

وَرَ لئي وَر وِنگا ڇڏيو، رکيو وڃي رُکُ

هوتن جي حمل چئي، هُسِ جيءَ اندر ۾ جُکُ

سيجَ سمهڻ ۽ سُکُ، ويچاريءَ وساريا.

(5)

ڏُسڪِيو پُڇي ڏَسُ، ڪوهياري لئي ڪيچ جو

وٺيو ويچاري وڃي گورن سندو گَس

ڪاهيائين قريب لئي، جو واڪ وَسئون ٿِيس وَس

توڙؤن ناه تَرس، حمل! هوتاڻن کي.

(6)

سڏڪِيو ڪَري سڏ، ٻانهون ٻاروچي ڏي کنيو:

”آهي ڪين اوهان جي هيءَ نماڻي هَڏ

ٻانهي- ٻاروچا! ڪَري گولين سان نيئي گڏ

ڇپر ۾ نا ڇڏ، حمل چئي هيءَ هيڪلي.

(7)

ٽَڪَرَ ساڻ ٽَڪَر، هَڻي ۽ هَڪلان ڪَري،

واڪا ڪَيُون وَر لئي، وجي ڍرڪي منجهه ڍڪر،

حمل! هاڙهي حب جي پٽيُس پير پٿر

وهايائين وَکَر، ڪو سورن سندو ساٿ مون.

(8)

ڊُڪي ۽ ڊوڙي، سَڏي ۽ سَڏُڪا ڀَري

پاهڻ پير پَٽي وڌا ماس رڳون روڙي

حمل! هوتن جي وِڌي وَهمن وِلوڙي

کُڙيون نا کوڙي، سِر ڀَر وڃي سامهين

(9)

سُڏڪيو ڪري سَڏ، ٻانڀڻ ٻاروچل کي:

”نيو نماڻي پاڻ سان، گولي گڏيو گَڏ

حمل چئي هيءَ هيڪلي ڇپر ۾ تا ڇڏ

هوت! مئيءَ جا هَڏَ، متان رولين رڻ ۾.“

(10)

اديون ڙي! اوڳي، آئون اصل کئون آهيان

ٻيو تان ٻاڻ ٻروچ جي، ماري ڪِيس موڳي

هُيَسِ ڪين حمل چئي، جوڙ جَتَن جوڳي

ڀينر مون ڀوڳي، جا لِکي لوح قلم ۾.

(11)

لَڪ، لَڪيون، لانگهان، اوکا پنڌَ پهاڙ جا

ڏيئي لُوحَ لنگهي ويا، چَٽِ پَٽ ۾ چانگا

حمل! هوتَ ڇِني هليا، سَسئيءَ جا سانگا

اڙٻنگ اڙانگا، اصلئون ٻار ٻروچڪا.

(12)

سسئي! توکي سُور، جوش جنهين آهه جِت جو

سو پنهون اٿئي پاڻ ۾، ناحق ڏورِ مَ ڏُورَ

توکي هِتِ، حمل چئي، حاصل حج حضور

پرٽَ! اکيون تون پور، تان هوتُ تنهنجي هنج ۾.

(13)

ووڙيمدي وڻڪار ۾ ڏوٿي ڏٺائين

هلي تِت حمل چئي، پنهل پُڇيائين:

”تو ڪو ڏٺو ڏوٿيا! ساٿَ ڌڻي سائين“،

اِئين اُتائين، ”ته هِتِئون وٺيو ٿي هوت ويا.“

(14)

ڪوٺ نه ڪا ڪوڪارَ، نه ڪو سڻجي سَڏ ڪو،

سسئي ويٺي سُڃ ۾، روئي زارون زارَ،

مُنهن هَنيو مونن ۾، ڪڍي پنهل لئي پارَ

حمل چئي هيڪارَ، هوت! اچي مِلُ حَب ۾.

(15)

خوشي ۽ کِيڻُ، پنهون وٺي ويو پاڻ سان

هاڻي گهرجي هوت لئي، فاني فوت ٿيڻُ

حمل! هلي هيڪلي سُوريءَ سِرَ ڏيڻ

جڏيءَ جو جِيَڻُ، ڪونهي جانب جت ري.

(16)

سَسئي سَتُر ڀَڃي ڪري، ملَهِي هَلِي جان مور

ماڻهن کي ماٺ لڳي پسي ٽلڻ ٽور

حمل! ڪيائين هوت تان، گهر، سِسي، سڀ گهور

بنڀو شهر ڀنڀور، سسئي سُڃ ڪري هلي.

(17)

سسئي هَلِي سُڃَ ڏي ڪري توڪل تَڻِ

سَمر نه کنيائين ساڻ ڪو، توڙي پَڻڪي پڻِ

حَمل! هوت ٻروچ جي محبت جا هُسِ مڻ

مِرُون ڏونگر ڏيههَ جا، ڌوٻن ڏِسي ڌَڻ

واجهائيندي وڻَ، وڃي پئي وڻڪار جا.

(18)  

آتڻ ڇڏي اڄ، اَيٽ اولاڻي نه ڪريو

موڪلائي مون ڪنان روئي ڪريو رَڄِ

هئي هئي هوت وٺي ويا، ڪانڌُ مُئيءَ جو ڪَڄ

هاڻي هت مل چئي، لِک ٽِڪَڻ ٿئي لَڄ

تَنہ مُنہ ڇائيءَ ڇَڄ، جا وَر ري ويس ڪري گهمي.

(19)  

تڏ ساهيڙين سُڏڪي چيو ڳوڙها ڳل ڳاڙي:

هئي هئي وڃ م هيڪلي سسئي! تون ساڙي

هاڻي ٽِڪُ حمل چئي پَهرُ ڪو پاڙي

ته سڀئي صُبحاڙي، توسان هلون هوت ڏي.

  (20)

چئي: صبح تائين سرتيون! ڪِهڙي جوش جهلي

سسئي کي ساٿ ويو سورن ساڻ سَلي

هاڻي هِتِ حَمل چئي، جوشن منجهه جَلي

جا هلڻي هوءِ هَلي، مون سان هيرَئي هوت ڏي.

(21)

تڏهن مِڙني ماٺ ڪئي، جڏهن بيٺُن بارُ اچي

هُئي اُنِي ۾ هيڪڙي ساهيڙي سَچي

”توڪل“ نانءُ تنهين جو، ٿي ڀيڙي ڀيڻ اَچي

همت ساڻ حمل چئي، هلي روح رَچي

قولن جي ڪَچي، ڪانه هلي ڪا ڪيچ ڏي.

(22)

تڏهن توڪل سان هلي ٻڌي ڪست ڪَمر

ڪاهيائين ڪيچ ڏي ڪري سور ثمر

ڪپہ کئون ڪُنئرا ڀانئي ٽوڙا ٽاڪَ ٽڪر

بام لنگهي سا بَر، حمل! گَڏي نيئي هوت ڏي.


 


(6) سمير= ميرانجهڙي رنگ جا پهاڙ. پٿون= اصطلاحا: ذرا ذرا.

(11) وندر= لس ٻيلي جي مشهور ندي- وندر نديءَ جي جُوءِ.

(17) سسئي کي سور ٿيا- الخ= سسئي کي، وَر جي نه هوندي، (وَر جا) سور وندر (وندولا) ٿي آيا. اولا لاٿس= ڍَڪ، پردا يا غمن جا بار لاٿائينس.

(19) وَرَ چاڙهيون= سلوار جا وَرَ کُنجيو- پوري ڪوشش ۽ تياري سان. وَرَڪاڻ= ڪانڌ ڪاڻ. وَر چاڙهيون چڙهي= واٽ جا وَرَ ۽ چاڙهيون چڙهي. ڇپر ڇپرن ساڻ= (پيرن سان لتاڙيندي) پٿر پٿرن سان گٺائين، يا جبل (ڇپر) کي اکين جي ڇپرن سان (اکين مان وهندڙ پاڻيءَ سان) گٺائين.

ڪافي2: ”ڇنان ڪين ڇڏيندو.“ (اصل ۾ ائين): ڇنان= ڇني مان= ڇپر مان يعني پنهنجي پناهه ۽ اجهي کان ٻاهر ڪين ڇڏيندو؛ ڇَن= گاهه جو وِي- چوندا ”فلاڻي جي ڇن“- يعني پنهنجي حفاظت هيٺان نه ڪڍندو.

فصل2: (2) اُڌم= اُڌما (سورن ۽ پورن جا) وڌي قرب ڪَڙي= قرب ڪڙي وڌي، ٻڌي وڌي (ڪڙڻ= ٻڌڻ).

(6) هڏ= شايد.

(7) وڃي ڍرڪي منجهه ڍڪر= بيحاليءَ ۾ غش ٿي ڪري پوي. ”ديوان حمل خان لغاري- حصه اول“ مطبوعه مسٽر شولداس تاجر ڪتب شڪارپور سنه 1914ع، صفحه- 7 تي هن بي جي پڙهڻي هن طرح ڏنل آهي:

ٽڪر ساڻ ٽڪر، هني ۽ حيلا ڪري

واڪا ڪري وَرَ لئي، وڇي ڍرڪي منجهه ڍڪر

حمل هاڙهي حب جي پٽيس پير پٿر

وهايائين وکر، ڪو سورن سُندي ساٿ جو.

(11) لُوحَ= چمڪارو- تجلي. چمڪاري مثل،  اک ڇنڀ ۾ سٽ ڏيئي لنگهي ويا.

(17) ڪري توڪل تڻ= توڪل کي تَوَڻ يا قوت بنائي. توڙي پڻڪي پڻ= چوٿائي نڪي لپ (ان جي پاڻ سان کنيائين).

(18) آتڻ= ڪتڻ جي جڳهه. ايٽ اولاڻي ڪرڻ= چرخو بند ڪري ڇڏڻ. چرخو نه ڪتڻ. رَڄُ= ڍئو. ڪڄ= ڍڪ، پردو، پناهه. لک= ذرو، ساعت، گهڙي، پلڪ، ٿورڙي وير، ٿورڙو وقت.

(19) ٽڪ پهرڪو پاڙي= ڪو پهر پاڙي ۾ رهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23  24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org