ڇپائيندڙ پاران
سترهين، ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ جي سنڌ يورپ جيتري
آزاد ۽ ترقي يافته نه هئي، جو اُتي تجربيت، تصوريت
۽ رومانيت جي حوالي سان عقلي تحريڪ کي وڏي هٿي ملي
۽ نتيجي ۾ ڊيڪارٽ، ليبنز، برڪلي، لاڪ، ڪانٽ، هيوم
۽ هيگل جهڙا فيلسوف پيدا ٿي سگهن. انهيءَ دور جي
سنڌ غلامين جي ماريل، سُنبن جي لتاڙيل ۽ اندروني
انتشار جي ستايل سنڌ هئي، جنهن جي ڀاڳ ۾ حسرتون،
ڏُک، آزار ۽ ويرانيون ڪجهه سرس آيل هيون. هن ديس
جو اهڙو ڪو شهر، ڳوٺ ۽ وستي نه بچي هئي، جيڪا
ماضيءَ جي سنڌو سڀيتا جي اُتم اُهڃاڻ طور پيش ڪري
سگهجي. ظاهر آهي ته اهڙيءَ ڌرتيءَ جي سمورن سورن،
اهنجن ۽ تڪليفن جي ڪٿا ڪنهن صاحب عقل جي هٿيان
بيان ٿيڻ ممڪن نه هئي، بلڪ ڪن ”اهل دل“ انسانن جي
ضرورت هئي، جيڪي پنهنجي دور جي حالتن کي فن جي
عظيم حاصلات سان سلهاڙي نه رڳو آسپاس جي ماحول کي
بيان ڪري سگهن پر انهيءَ ماحول ۾ رهندڙ انسانن سان
هم ڪلام ٿي، سندس ڏُکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي، کين
ڪنهن سُک ڀريل راهه تي آڻڻ جو جتن ڪري سگهن.
ڀٽائي سائينءَ جي سرواڻيءَ ۾ شروع ٿيل انهيءَ
تحريڪ ۾ سنڌ جي جن املهه ماڻڪن سرگرميءَ سان حصو
ورتو، تن ۾ سچل، سامي، بيدل، بيڪس، خليفي، ڪنڊڙيءَ
جي فقيرن ۽ ٻين اڻ ڳڻين هستين ۾ ڳوٺ مير خان لغاري
(رياست خيرپور) ۾ پيدا ٿيل حمل خان بالمعروف حمل
”فقير“ به شامل آهي. سنڌ جي هن نامياري شاعر ۽
صوفيءَ پنهنجي مشاهدي، مطالعي ۽ سير سفر جي ذريعي
سنڌ جي سماجي حالت جو گهرو ادراڪ حاصل ڪيو ۽ ان
سوجهيءَ کي تخليق جو رنگ ڏنو. اهڙي طرح هڪ حساس،
وطن دوست ۽ اعليٰ قدرن جي مالڪ انسان جي صورت ۾
پنهنجي سموري ڄاڻ کي انساني روح جي فرحت ۽ وطن جي
ڀلائيءَ واسطي استعمال ڪندي پنهنجي فن، فڪر بلڪ
وجود جي ڪارائتي هُجڻ جو شاندار جواز فراهم ڪيو.
فقير سائينءَ جي فڪري ۽ روحاني روين يا سماجي
ڪردار جي حوالي سان هن رسالي اندر گهڻو ڪجهه بيان
ٿيل آهي، مان فقط اهو چوڻ چاهيندس ته حمل ’فقير‘
جو ڪلام سنڌ جي عام توڙي خاص لاءِ گُذريل ڏيڍ
صديءَ کان موهه ۽ محبت جو اُهڃاڻ بڻيل آهي. شايد
سندس اها مقبوليت هجي، جنهن کي ذهن ۾ رکندي ”سنڌي
ادبي بورڊ“ جي قيام شرط ئي جن رٿائن کي هٿ ۾ کنيو
ويو، تن منجهان ’ڪليات حمل‘ به هڪ آهي. ان ڏس ۾
سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
حَمل فقير جي ڪلام تي جيڪا عرق ريزي ڪئي، سا
پڙهندڙ پنهنجين اکين سان پاڻ ئي ملاحظه ڪري سگهن
ٿا. ڏُک جي ڳالهه البته اها آهي ته گُذريل تيرنهن
سالن کان ”ڪُليات حمل“ سنڌ واسين لاءِ مڪمل طور اڻ
لڀ هئو ۽ فقط فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ لائبريرين
منجهان حاصل ڪرڻ جهڙو بچيو هئو. بورڊ جي
سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ مون انهيءَ ڳالهه کي محسوس
ڪندي هلندڙ سال ”حمل فقير“ جي عُرس جي موقعي تي
رسالي جو نئون ڇاپو پڌرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. الله
سائينءَ جي مهرباني جو مان انهيءَ لائق آهيان، جو
سنڌ جي هن لائق فرزند ۽ ديس واسين جي سچي عاشق جو
هيءُ محبت ڀريو ڪلام، ڪيل واعدي مطابق سندن خدمت ۾
پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي رهي اٿم.
2- جمادي الثاني 1425هجري
بمطابق
19- جولاءِ 2004ع |
انعام الله شيخ
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ |
مهاڳ
ڪتاب ’ڪليات حمل‘ راقم جي تحقيق ۽ تصحيح سان
پهريون ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنه 1953ع ۾
ڇپيو. ان کان پوءِ سنه 1957ع ۽ 1962ع ۾ ٻه ڇاپا
شايع ڪيا ويا پر ان دور ۾ بورڊ جي عملي انهن
اشاعتن بابت مون سان ڪا صلاح مصلحت نه ڪئي. آءٌ
ممنون آهيان، موجوده بورڊ جي سيڪريٽري محترم انعام
الله شيخ جو جنهن مناسب سمجهيو ته ’ڪليات حمل‘ جي
مرتب ڪندڙ مؤلف سان يعني راقم سان صلاح مشورو ڪيو
وڃي. بورڊ جي ڪارڪردگيءَ ۾ هي نئون ورق وريو آهي،
جنهن سان اُميد ته ناانصافيون ختم ٿينديون ۽ سنڌ
بابت وڌييڪ تحقيق لاءِ راهه روشن ٿيندي.
اڌ صدي اڳ ’ڪليات حمل‘ جو شايع ٿيڻ هڪ وڏو تحقيقي
ڪارنامو هو، ڇاڪاڻ جو خود شاعر، يعني حمل فقيير جي
هٿ جو لکيل بياض ڳولي لڌو ويو، جنهن ۾ پنهنجو سڄو
شعر قلمبند ڪيو هئائين. باوجود انهيءَ جي، راقم
سڄي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان پڇائون ڪيون، ۽ جن وٽ حمل
جا بيت لکيل هئا يا جن ننڍڙن ڪتابڙن ۾ ڇپيل هئا سي
سڀ ڀيٽيا ۽ جملي معياري ڪلام پوري تحقيق ۽ تصحيح
سان سنواري ’ڪليات‘ ۾ مرتب ڪيو ويو.
’ڪليات حمل‘ جي ڇپجڻ کان وٺي هن وقت تائين راقم
پنهنجي تحقيق جاري رکي آهي، ۽ جيڪي بيت دستياب ٿيا
آهن سي ’ڪليات‘ جي آخر ۾ ’ضميمي پنجين‘ هيٺ ڏنا
ويا آهن. اُهي بيت حمل جي شعر جي معيار تي پورا
آهن ۽ ڪي ننڍڙن ڪتابڙن جي صورت ۾ گهڻو اڳ ڇپايا
ويا سي ٻين جا چيل آهن ۽ حمل جا ناهن. هر وڏي شاعر
سان اها ماجرا ٿي آهي.
حمل صحيح معنيٰ ۾ وڏو شاعر هو سندس چيل ڪلام جو
معيار نهايت بلند آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ سندس نالي
سان منسوب ڪيل ٻين جو ڪلام آساني سان سڃاڻي سگهجي
ٿو.
علامہ آءِ. آءِ قاضي چيئر
خادم العلم
سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد
سنڌ ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ
11- آگسٽ 2004ع
ديباچه
ماه نومبر 1951ع ۾ سنڌ سرڪار جي ”سنڌي ادبي بورڊ“
طرفان بنده کي سنڌ جي نامور شاعر حَمَل فقير
لغاري(1)
جي جملي ڪلام کي ”ڪليات حمل“ جي سري هيٺ سهيڙڻ ۽
سموهڻ جو ڪم سپرد ٿيو. حَمَل فقير جي قبيلي سان
خانداني تعلقات هئڻ سبب بنده کي سندس ڪلام سان
ننڍي هوندي کان ئي دلچسپي هئي، مگر سندس مڪمل ڪلام
۽ سندس حياتي جي مستند احوال بابت پوري خبر ڪانه
هئي. سندس ڪجهه سنڌي بيت (43 سر سسئي جا، 16 سُر
مارئي جا، 6 سر سهڻي جا، 6 سر سارنگ جا ۽ 17 سر
برووي سنڌي ۽ داستان-11 جا) پهريون دفعو فقير
مرحوم جي وفات کان 18 ورهيه پوءِ مسٽر شولداس تاجر
ڪتب شڪارپور سنڌ سنه 1914ع ۾ ”ديوان حمل خان
لغاري- حصه اول“ جي عنوان سان ڇپائي پڌرا ڪيا ۽ ان
بعد سندس سرائڪي زبان ۾ چيل بيتن جو ڪافي ذخيره
”ديوان حمل خان لغاري- حصه دوم“ جي عنوان سان
ڇپيو. ازانسواءِ هير ۽ سندس ماءُ جي سوالن جوابن
جا ٽيهه بييت جملي سٺ بيت (2)
پڻ جدا جدا وقتن تي شايع ٿيا. جيئن ته اهي ڪتابڙا
تاجرن خاص طور پئسي ڪمائڻ جي لحاظ سان ڇپايا هئا،
انهيءَ ڪري انهن جي اشاعت ناقص ۽ صحت بلڪل سقيم
هئي. حمل خان جي حياتيءَ جو احوال ”حمل خان لغاري“
جي عنوان سان پهريون دفعو راقم الحروف جي هڪ تقرير
ذريعي ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيو، ۽ ان بعد زياده
تفصيل سان رسالي ”عام راءِ“ ماه جنوري- مارچ 1951ع
۽ ان بعد رسالي ”نئين زندگي“ ماه جون ۽ جولاءِ
1951ع ۾ شايع ٿيو. بس حمل جي ڪلام ۽ حياتيءَ بابت
اهائي معلومات عوام آڏو پيش ٿي چڪي هئي، جو ”ڪليات
حمل“ کي مرتب ڪرڻ جي نوبت آئي.
حسن اتفاق سان انهيءَ عرصي ۾ اسان جي فقير مرحوم
جي پيرسن ڏوهٽي حاجي ميان جمال خان لغاري (عمر
تقريباً 85 ورهيه) ويٺل ڳوٺ پير صاحب پاڳارو، سان
به غائبانه ملاقات ٿي چڪي هئي. هن بزرگ، ”عام
راءِ“ رسالي ۾ حمل فقير بابت بنده جي شايع ڪيل
مضمون کان متاثر ٿي، پاڻ خود فقير مرحوم بابت هڪ
مضمون لکي موڪليو جو رسالي ”عام راءِ“ ماه اپريل
1951ع ۾ ڇپيو. هن مضمون ۾ حاجي جمال خان هڪ بياض
ڏانهن اشارو ڪيو ۽ ان جي ڇپائڻ لاءِ به استدعا
ڪئي. ساڻس خط و ڪتابت تي معلوم ٿيو ته اهو خود حمل
فقير جي شعر جو بياض آهي ۽ سندس هٿ لکيل آهي. اها
خوشخبري ٻڌي آءٌ پير صاحب پاڳاره جي ڳوٺ روانو ٿيس
۽ حاجي جمال خان، ڪمال مهرباني فرمائي اهو بياض
منهنجي حوالي ڪيو، ۽ ان بعد منهنجي استدعا تي پاڻ
ٽي مهينا کن اچي مون وٽ مقيم ٿيو ۽ انهيءَ عرصي ۾
سندس مدد سان هي سڄو بياض موجوده صورتخطيءَ ۾
اتاريو ويو.
”ڪليات حمل“ جو سڄو مُعَولَ ۽ مدار حمل فقير جو
اهو هٿ لکيل بياض آهي، جو کانئس پوءِ سندس فرزند
ميان محمد رحيم وٽ رهيو، جنهن پوءِ وري هي بياض
پنهنجي ڀاڻيجي حاجي جمال خان جي حوالي ڪيو.
هن بياض ۾ جملي 135 ورق يعني 270 صفحا آهن. ورق جي
ماپ
6x9
انچ آهي ۽ سڄو بياض جهونن ٿلهن پنن تي لکيل آهي.
جملي ورق مٿئين پاسي کان بنديءَ وانگر سبيل آهن.
ورق نمبر 128 تي حمل فقير جي هٿ اکر ”خريد بياض
14- آنا 8- پائي“ ڄاڻايل آهي. موجوده صورت ۾ بياض
جا پهريان ست ورق غائب آهن ۽ اٺين ورق جي مٿئين
صفحي جي شروعات، معجزه حضرت نبي ڪريم ﷺ جي چوٿين
بند (1)
سان ٿئي ٿي. آخر ۾ ويندي 133- ورق تائين حمل جا هٿ
اکر موجود آهن ۽ صرف پوين ٻن ورقن تي سندس فرزند
مرحوم محمد رحيم ۽ حاجي جمال خان جا مختلف نوٽ
قلمبند ٿيل آهن. بياض جي شروع واري ورق 8 کان ورق
79 جي پهرئين صفحي تائين مسلسل حمل پنهنجو ڪلام
قلمبند ڪيو آهيي. البته ورق 38 جي ڪجهه حصي ۽ 39-
40 ورقن تي لطف علي جا اهي بيت به ڏنا اٿس، جن جي
تتبع ۾ پاڻ بيت جوڙيائين (2)؛
ساڳي طرح ورق 59 جي پهرئين صفحي تي حاجي ٽالپر
نالي شاعر جو هڪ بيت ڏنو اٿس(3)،
ورق 79 جي ٻئي صفحي ۽ ورق 80 تي ”نصيحت نامہ حسين
فقير ديدڙ“ نقل ڪيو اٿس(1)؛
ان بعد ورق 86 جي ٻئي صفحي کان وٺي ورق 92 جي
پهرئين صفحي تائين ۽ وري ورق 93 ۽ ورق 94 جي ٻئي
صفحي کان وري ورق 113 جي آخر تائين پنهنجا اشعار
لکيا اٿس. باقي ٻين ورقن تي گاهي بگاهي پنهنجا
اشعار، سندس پسنديده فارسي شعرن جو انتخاب، متعدد
دوائن جا نسخا، چند تعويذات، پنهنجو خانداني شجره
۽ سنڌ جي ڪن مشهور معروف ماڻهن جي وفات جون
تاريخون وغيره نڪتا بطور ياداشت قلمبند ڪيا اٿس.
بياض جي گهري جانچ ۽ مطالع مان معلوم ٿئي ٿو ته
حمل پنهنجي ڪلام جو گهڻو حصو ڪن ٻين ڪاغذات تان
ويهي هن بياض ۾ اتاريو آهي. جيئن ته ڪن جاين تي ڪي
مصراعون پهريائين رهجي ويون آهن ۽ پوءِ ٻيهر نظر
وقت حاشيي تي لکيون ويون آهن. ڪن جاين تي، خصوصاً
بياض جي پوئين ڀاڱي ۾، ڪي بيت بروقت جوڙيا اٿس
جيئن ته هڪ بيت جي مٿان ”غزل حمل فقير نَو- ساخته“
جو نوٽ لڳل آهي(2)
۽ ڪيترن ئي جاين تي شايد بياض جي ٻيهرر مطالع وقت،
ڪن بيتن جي مصراعن جي خود اصلاح ڪئي اٿس.
حاجي جمال خان خبر ڪئي ته ”اسان جي والده چوندي
هئي ته: موجوده بياض فقير مرحوم جي شعر جو فقط هڪ
حصو آهي. سندس شعر جو ذخيرو جدا جدا ڪاغذن تي
قلمبند ٿيل هو، جي هڪ ڳوٿريءَ ۾ پيل هوندا هئا.
مرحوم پوءِ اهي ڪاغذ اتارڻ لڳو ۽ ايترو ڪلام (بياض
۾ قلمبند ٿيل) اتاريائين، جو بيمزي ٿي پيو ۽ ڪم
رهجي ويو. ا. هه. حاجي جمال خان چيو ته: مرحوم جي
وفات بعد اهي ڪاغذات هڪ خرجين ۾ پيل هئا جي بي
توجهي سبب اڏيهي کائي ويئي. باقي هي بياض حمل فقير
جي فرزند ميان محمد رحيم وٽ جدا رکيل هو جو بچي
ويو- ا. هه اندروني شهادت مان به حاجي جمال خان جي
هن بياض جي قدري تصديق ٿئي ٿي جيئن ته حمل، نبي
ڪريم ﷺ جي شان ۾ هڪ مدح سنه 1293هه ۾ چئي. بياض ۾
قلمبند ٿيل ڪلام متعلق اهو آخرين سنه ڄاڻايل آهي،
مگر ان بعد به ٽي سال زنده رهيو ۽ انهيءَ عرصي ۾
به ضرور ڪجهه ڪلام چيو هوندائين. ازانسواءِ خود هن
”ڪليات“ لاءِ حمل جي ڪلام جو ڪافي ذخيره ٻاهران هٿ
ڪيو ويو آهي ۽ بياض ۾ موجود نه آهي. مثلاً ”معرفت
نامہ“ جو حاجي جمال خان لَؤاري وارن بزرگن وٽان هٿ
ڪري جدا نقل ڪيو، ”قصه سري جمجمه سلطان- معجزه
حضرت عيسيٰ عليه السلام“ جو هن ”ڪليات“ مرتب ڪرڻ
وقت، حاجي جمال پنهنجي سر وڃي ميان محمد مراد خان
لغاريءَ کان لکائي روانو ڪيو. اهڙي طرح سندس ڪي
سرائڪي زبان ۾ چيل بيت اسان کي، ٻين ڪن سگهڙن وٽان
هٿ آيا(1).
مرحوم حاجي شير محمد خان لغاري (ويٺل ڳوٺ گل محمد
خان لغاري لڳ اسٽيشن لنڊو) خبر ڪئي ته: حمل وٽان
سندس حياتيءَ ۾ خاص طرح ٽن شخصن سندس بيت قلمبند
ڪيا: 1- اسان جي والد غلام شاه، 2- ميان علي مردان
(بن غلام شاه بن بختيار خان لغاري) ۽ 3- ورو
خاصخيلي ويٺل ڳوٺ مير خان لغاري. ا. هه ميان علي
مردان وارو لکيل رسالو کانئس پوءِ سندس پٽ فتح
محمد وٽ رهيو، جنهن وٽان اهو رسالو آخر مير فتح
ٽالپر (ساڪن ٽنڊو فضل) کڻي ويو.
مير فتح خان کان پڇا تي معلوم ٿيو ته کانئس پڻ اهو
رسالو ڪو ٻيو ماڻهو کڻي ويو. بقول مير فتح خان اهو
رسالو ڪافي ضخيم هو. انهن اهڃاڻن مان ڀانئجي ٿو ته
شايد اڃا به حمل جو ڪجهه ڪلام هن ”ڪليات“ کان ٻاهر
رهيل هجي. حمل فقير جي سنڌ ۾ عام مقبوليت سبب ائين
به ٿيو آهي ته ڪيترائي سرائڪي زبان جا بيت ماڻهن
سندس نالي منسوب ڪري ڇڏيا آهن. پر انهن جي زبان ۽
اسلوب بيان مان پوريءَ طرح پروڙي سگهجي ٿو ته اهي
بيت حمل جا نه آهن. اهڙا ڪيترائي جُڙتو بيت اسان
جي نظر مان گذريا آهن، مگر انهن کي ”ڪليات“ ۾ جڳهه
نه ڏني وئي آهي.
حمل جي هٿ لکيل بياض جو دستياب ٿيڻ هڪ غنيمت آهي.
ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ نڪي هيءَ ”ڪليات“ مڪمل ٿي
سگهي ها ته نڪي وري هن نازڪ ڪلام جي صحت قائم ڪري
سگهجي ها. ”معرفت نامہ“، ”قصه سري جمجمه سلطان“
وغيره ڪلام جو هٿ اچڻ به هڪ اتفاقي امر آهي، جنهن
جي شامل ڪرڻ سان ئي هي ڪتاب در حقيقت ”ڪليات حمل“
جي عنوان جو مستحق ٿي سگهي ٿو. هن سڄي ڪشالي جي
ڪاميابي جو سهرو عزيز محترم جناب حاجي جمال خان جي
سر تي آهي جنهن نه صرف هي موروثي ”بياض“ بنده جي
حوالي ڪيو مگر حمل فقير جي ٻئي ڪلام کي مهيا ڪرڻ ۾
به دل و جان سان مدد ڪئي. شل ڌڻيءَ تعاليٰ کيس عمر
دراز بخشي.
اسان حمل فقير جي بياض جي گهري مطالع بعد سڄي مواد
کي نئين سر ترتيب ڏيئي، سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ڪلام
کي جدا ڪري، ان بعد هرهڪ ڀاڱي کي مناسب داستان ۽
فصلن ۾ ورڇي رکيو آهي. ڪلام جي صحيح صورتخطي قائم
ڪرڻ کانسواءِ، اسان ڪلام جي ٻي ڪا به ترميم يا
ترديد ڪانه ڪئي آهي. جن جاين تي ڪن لفظن يا سٽن جو
اضافه ڪيو ويو آهي ته انهيءَ کي چورس ڏنگين [ ] ۾
رکيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ کي معنوم ٿئي
ته اهو اضافه مؤلف جي طرفان آهي.
محترم حافظ محمد، پريس لاءِ صاف ڪاپي لکي تيار ڪرڻ
۾ مدد ڪئي ۽ برادرم مراد علي خان پروفن جانچڻ ۾
وڏي مدد ڪئي. بنده انهن صاحبن جو ۽ بورڊ جي پريس
جي عملي جو شڪرگذار آهي جنهن ڪتاب کي صحيح ڪري
ڇاپڻ ۾ پوري جانفشانيءَ کان ڪم ورتو آهي.
آخر ۾ آءٌ سنڌ سرڪار جي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو
شڪرگذار آهيان جنهن حمل فقير جي ڪلام فصاحت نظام
جي اهميت محسوس ڪري، ان جي سهيڙڻ ۽ سموهڻ جو ڪم
بنده جي سپرد ڪيو ۽ هڪ سال جي مقرر مدي اندر هن ڪم
کي راس ڪرڻ لاءِ مناسب مالي مدد ڏيڻ فرمائي.
خادم العلم
نبي بخش
سنڌ
يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ
20- نومبر 1953ع
(1)
نالو ”حمل“ اصل ۾ عربي آهي. شايد ”حمل“ مخفف
آهي. ”حمال“ جو، جنهن جي معنيٰ گهڻو بار
کڻندڙ.
(2)
ڏسو
”ڪليات حمل“ ڀاڱو ٻيو ص 199- 218.
(1)
ڏسو
ڪليات، ڀاڱو پهريون، صفحو ’تڏ مصطفيٰ
مهرئون تنهين کي دُرست ڏني دلبري“ الخ.
(2)
ڏسو ڪليات، مقدمه، ص ص
(3)
ڏسو حاشيي صفحو (ڏنگي ٽور ته ٺوشي
پٽڪا-الخ)
(1)
مثلاً، ڪليات، ڀاڱو بيو، داستان ستون فصل2:
بيت 11 ۽ 16، فصل 5: بيت 4، فصل 6: بيت 9: فصل
8: بيت 7؛ فصل 11: بيت 14. ڪليات، ڀاڱو ٻيو،
داستان اٺون ”غير ذمه وار عورتون“ هيٺ ڏنل ٽي
پويان بيت: ”سلکڻي ۽ ڪلکڻي زال“ جي عنوان هيٺ
ڏنل ٻه بيت؛ ۽ عنوان ”رقيب“ هيٺ ڏنل ٻيو بيت.
|