منجهه مرتبي حضرت ”عالم- مثال“ جي
۽ ٻيو جو عالم آه مثالي(5) |
اوهو درجو ڄاڻ خيالي |
شڪل انسان وانگر ظاهر |
صورت ظاهر ساڻ ٿيا ٻاهر |
نَه هُو جاڳن نڪي سمهن |
نڪي وِهن نڪي گهمن |
نا ڪَن سنهي نا ڪَنِ ٿُهلي(1) |
پاڪ مُصطفيٰ آهن ڪُلي |
ناهُو مَرن ناهُو مارن |
نا هو ڦَٽِن نا هو ڦاڙن |
ناهِنِ سُکيا ناهن ڏکيا |
ناهن ڍاوا ناهن بکيا |
نڪي کائن نڪي پِين |
نڪي اچن نڪي وڃن |
هيءُ نقصان جو آهي هِت |
اُوءِ طرح نا آهي تِتِ |
آهن او اَجسَام نوراني |
نا مڪاني نا زماني(2) |
جيڪي تنهنجي منجهه خيال |
تنهنجو ڄاڻ مُفيد حَال(3) |
خيال عبد کان مطلق ٻاهر |
فهم فڪر کان آهن ظاهر. |
نزول عروج آهي طرحين پڻ |
ائين ڪتاب لکيو آه هِن(4) |
جدا جدا آه هَر احڪام |
اسم، صفاتون، شان، مقام |
قلب احمد آه اصل ان جو(5) |
ناه مُقيد، مطلق سُڻجو |
پاڻ اوهو آه احمد پاڻ |
ٻيو ٻيائي وچ نه آڻ |
پاڻ اسم آهي پاڻ مُسميٰ(6) |
پاڻ صورت ۽ پاڻهين معنيٰ |
پاڻ پاڻهين ٿي آيو ”احمد“ |
شڪل شبيہ ٿي، ڄاڻو ”محمد“ |
حق ڪري جنهن احمد ڄاتو |
بيشڪ انهين حق سڃاتو |
تنزل سڀيئي آهي شامل |
آهي تنزل اِنَ سين ڪامل |
پاڻهين ”وحدت“ ۽ ”وحديت“ |
پاڻ ”مثال“ ۽ ”وحدانيت“ |
ڪٿي نام شهادت ظاهر |
باطن مان ٿي آيو ٻاهر |
بدن لطيف ”مثال“ سڃاڻ |
ان کي سر الاهي ڄاڻ |
جيهي جسم روحاني آهي(1) |
نا ڪنهن ٻئي عُنواني آهي |
پر سو آهي ظِل روحاني(2)
|
ناه مڪاني، ناه زماني |
”تعين چوٿون“ آه ”مثال“(3) |
ان برزخ جو آه نام خيال |
ڪل ارواح، صفات روحاني، وٺي تعين آيا آهن
پر، ساڻ مثال خيالي، شڪل لطيفن آيا آهن(4)
ٽيون منجهه بيان مَرتبہ ”حَس- شهادت“ جي(5)
درجو ٽيون هن خَلق کي ڄاڻج |
افلاڪ زمين تا عرش سُڃاڻج |
درجو- حِس- علوم- اَجسام |
”تعين خامس“ ڄاڻ تمام(6) |
عالَم ”حَس“ جو خلق سڃاڻ(7) |
تَرڪيب ڪَثِيف تنهن کي ڄاڻ(8) |
سج چنڊ توڙي ڪُلئي تارا |
چار عناصر سمجهج سارا |
سمجهه ڪري تون سُڻ سڀڪا |
ست زمينو ست طبقا |
تراڪيب عناصر ٽي سڃاڻ: |
اول تنهن مان ڪاٽي ڄاڻ(9) |
تنهن کانپوءِ سمجهه ”نبات“ |
ٽي ڄاڻ تون ”حيواني“ ذات |
هرهڪ جي تون طرح سڃاڻج |
ڌارو ڌار تنهن کي ڄاڻج |
هُتي ڪل اشڪال نوراني |
هِتي اچي ٿيا ظلماني(1) |
”لطف“ ”ڪثيف“ جدا تون ڄاڻ |
نور نبي جو صحي سڃاڻ |
ظاهر حق جو ”احمد“ ڄاڻج |
باطن ”احمد“ حق سڃاڻج(2) |
پاڪ نبي جي شڪل سڃاڻ |
بَشري، مَلَڪي، حَلقي ڄاڻ |
ٻيا اَسرار ڳُجها جي سَڀَئِي |
سڀو ڳُجهه تنين مان لَڀَئي. |
جڏهن واجب ڪيو نزول |
”رب“ آيو ٿي پاڻ ”رسول“ |
باطن مان ٿي ظاهر آيو |
ظاهر اچي ”عبد“ سڏايو |
سمجهه صحي ڪر سير پنهاني |
”مُطَلَق“ اچي ٿيو ”اِنساني“ |
”اَلانسان سِري“ رب فرمايو |
مشڪل ڳُجههُ سو سمجهه ۾ آيو |
”اناسره“ جي سمجهج بات |
هُو تو کئون، تون هُنَ جي ذات |
هُو جو سِر نبي جو ٿيو |
سالڪ ريءَ نا سمجهي ٻيو. |
مرشد جو، جو تهدل طالب |
نفس نه ٿيندو تنهن تي غالب |
اهو جَنهن ڪَنهن رنگ رچايو(3) |
حق ٿي ”احمد“ جي صورت آيو |
جيڪا پيدا ٿي هِتِ صورت |
اوها نور نبيءَ مان مورت |
نور نبيءَ مان ڪيائين پَسارو |
اُڀ، زمينو ۽ جُڳ سارو |
اول نورِ نبي جو ڪيائين |
خلقت پوءِ سڀ خلقائين |
اول ارادو اِن دستور |
اَنفاس مڙيئي جو آهي مور(4) |
بيرنگي هِتِ رنگ بنايو |
سڀ ڪنهن صورت ۾ ٿي آيو |
بيرنگي رنگ گنوائي جڏهين |
جهيڙو جهڳڙو ٽپي تڏهن(1) |
پاڻهين ڀَتين هُو ڪين ٻيو، هُو هُو اوهو هيڪ خدا(2)
صورت احمد ۾ ٿي آيو، توڙي اهو شڪل جدا.
منجهه بيان مرتبه ”حضرت خمسہ“ جي(3)
نزول واجب جا آهن پنج |
سمجهه تون تنين کي بي رنج: |
وحدت، واحديت، روح، مثال |
بي چون ”عالَم- حس“ سنڀال |
حضرت الخسمہ ان کي ڄاڻ |
ان کي ڄاڻي ذوالعِرفان(4) |
”احديت“ ساڻ ”وحدت“ ٿيو، ”واحديت“ ساڻ آئيو ٻاهر
”روح“، ”مثال“، ”شهادت“ جو، هِتِ هر شي ۾ ٿيو آهي
ظاهر
منجهه بيان ”ستن ڏينهن“ جي
”ذات صرف“ کي ڇنڇر ڄاڻ |
”وحدت“ کي تون آچر ڄاڻ |
”واحديت“ آهي سُومر سارو |
”روح“ چون ٿا آه اڱارو |
اربع کي تون ڄاڻ ”مثال“ |
”شهادت“ آهي خميس خِصال |
”جَمع الاجَمعَ“ آه آدِينو(5) |
ڇا ڄاڻي تنهن جو قدر ڪمينو |
ستني کي تون حق سڃاڻ |
يعني ستئي حق سان آڻ |
ان ستن کي جنہ ڪنہ سڃاتو |
حق کي ڄاڻج حق سڃاتو |
ان ستن کي تون هڪ ڪري ڄاڻ |
يعني: ٻيو ناڪِجِ گمان |
هرهڪ ۾ تنهنجو ٿيو ديرو |
آه ستن جو سڀ جاءِ ڦيرو |
تن کي تون سمجهج منجهه صبوح |
ستني جو آهي هِڪڙو روح |
ست مراتب، ستئي سات |
ستئي آهن حق جي ذات |
مُطلقئون ٻيو اجمال، تفصيل ارواح مثال
”شهادت حِس“ به جمع الجمع“ ان ريءَ ٻيو خيال
منجهه بيان مَرتبہ ”ڪَلِمَات توحيد“ جي
سق سڃاتو جنهن حريف(1) |
تنهنجي ڇا ڪريان تعريف |
(5)
عالَم مثال يا عالم مثالي: اها اعليٰ ڪائنات
جا هن دنيا لاءِ هڪ نمونو آهي.
(1)
يعني
ڪوبه گهٽ وڌ گناهه جهڙو ڪم ڪونه ڪن.
(2)
عالم مثال جي نوراني شخصيتن جو ذڪر ڪندي چوي
ٿو ته انهن جون هاٺيون نوراني آهن ۽ اهي مڪان
۽ زمان جي حد بندين کان بالاتر آهن.
(3)
يعني ته عالم- مثال جي نوراني شخصيتن متعلق
جيڪي ڪجهه تون تصور ڪري سگهين سو ڄاڻ ته
اڻپورو ۽ محدود آهي.
(4)
يعني ”نزول عروج“ وارو مقام ۽ مشاهدو به قسمين
قسمين آهي جئن ته هِن ڪتاب به ائين لکيو آهي.
ڪتاب
ڏانهن اشاري مان معلوم ٿئي ٿو ته حمل جي آڏو
ان وقت ڪو ڪتاب هو جنهن جو حوالو ڏيئي رهيو
آهي، البته هن ڪتاب جو نالو ڪٿي به ڄاڻايل
ڪونهي.
(5)
ان جو يعني ”نزول عروج“ جو قلب (اصليت، روح يا
مرڪز) ”احمد“ آهي. يا ان جو اصل بنياد ”احمد
جو قلب آهي.
(6)
يعني ”نالو“ به پاڻ آهي ته ”نالي وارو“ به پاڻ
آهي.
(2)
ظِل روحاني= روحاني پاڇو.
(3)
يعني ”عالم- مِثال“، ”چوٿين تعين“ آهي.
(4)
اصل عبارت: شڪل لطيف آهن.
(5)
”حِس- شهادت“= يعني ظاهري ڪائنات جا حواسن
ذريعي معلوم ٿي سگهي.
(6)
يعني ”عالم حس“ (اها معلومات جا حواسن ذريعي
حاصل ٿئي) ”پنجون تَعين“ آهي.
(7)
يعني تمام مخلوقات ”حِس“ واري دنيا آهي.
(8)
ترڪيب ڪثيف= مادي بناوت.
(9)
”اول تنهن مان ڪاٽي ڄاڻ“ اصل صورتخطي ائين ئي
آهي ۽ ان جي معنيٰ مبهم آهي. ٽن ترڪيبن وارن
عناصرن مان ٻيو ”نباتات“ (يا زمين جو اُپايل
هر قسم جو سبزه) ۽ ٽيون ”حيوانات“ (جملي
حيوان) ڄاڻايل آهي. مگر پهريون يا اول ڪهڙو
آهي
ان تي هي مصرع روشني نٿي وجهي. شايد معنيٰ ته:
پهرئين عنصر جي ترڪيب ڪا وچون ئي ٽي آهي(؟).
(1)
يعني
هن دنيا انددر وجود ۾ اچڻ کان اڳ جملي ٿوڪ
نوراني يا روشن هئا پر هتي اچڻ بعد اچي
اونداها (ظلماني) ٿيا.
(2)
ظاهر حق جو- الخ يعني ”حق“ جو ظاهري مظهر
”احمد“ آهي ۽ ”احمد“ جو ڳُجهه خود ”حق“ آهي.
(4)
يعني جملي جاندار مخلوق جو منڍ آهي.
(1)
بيرنگي
رنگ- الخ= شايد مراد ته: اهو بيرنگي (موليٰ)
جڏهن رنگ (واري ڪائنات جي رنگ جي فرق ۽ ويڇي)
کي ميٽي تڏهين جهيڙو جهڳڙو ختم ٿئي.
(2)
پاڻهين ڀَتين= پاڻ پنهنجي صورتن جي لحاظ کان.
(3)
حضرت خمسہ= پنج ڀلارا ٿوڪ.
(4)
ذوالعرفان= حقيقي ڄاڻ وارو.
(5)
آدينو= آدينه= جمعي جو ڏينهن. يعني جمعي جو
ڏينهن جملي ڏينهن جو جامع (جمع الاجمع) آهي.
جنهن ڪنهن حق سڃاتو هوندو |
هَرجاءِ تنهِن جو تابع هوندو |
مرشد مان جنهن ڄاتو حق |
ناهي شڪ آهي سو حق |
اسم جنهن جي دل ۾ ذاتي |
ذات خدا جي تنهن سُڃاتي |
جنهن ڪنهن پنهنجو پاڻ وڃايو |
تڏهن تنهن ۾ حق سمايو |
جنهن ڪنهن پاڻ سڃاتو پاڻ |
ڄاڻج حق سڃاتاءِ هاڻ |
هر ڪنهن ۾ حق پاڻ لڪايو |
هر ڪنهن صورت ۾ ٿي آيو |
سڀ جو آهه سردار نبي |
ڀاءُ نبي جو آه علي |
ڀاءُ نبي جو آهي سو |
سِر اوهو نا سمجهي ڪو |
اوهو پاڪ نبي جو نور |
جنهن جي هِتِ ڪيو نور ظهور |
سڀ نبي جا صَحاب يار |
يار نبي جا سڀ منٺار |
شاه عليءَ جو سبق پڙهايو |
سبق تنهن جي حق سمجهايو |
حق جي ذات نه سمجهي ڪوئي |
جنهن نا سمجهي نا هوندو سوئي |
بَحرُ اِهو سو مالئون مال |
ان ۾ آهي قيل نه قال |
صفت انهينءَ جي آهي ظاهر |
ذات انهينءَ جي حد کان ٻاهر |
حد کان آهي سو بي حد |
ان ۾ ڪنهن جو رد نه ڪد |
مرشد کان پڇ اِيءَ معنيٰ |
معنيٰ جو اُو آه دانا |
جنهن مان ڪيو مون حق حاصل |
حق سان وڃي ٿِيُس واصل(1) |
فقير الله جو، چئي ڇا بات |
ذات اوهو آهي سڀ جي ذات |
ڪٿي اندر ڪٿي ٻاهر، اوهو طَيب اوهو طاهر
ائين مرشد مون کي پاڻ سُڃاتو، ڪري سڀيئي ظاهر.
منجهه بيان ”شُغل يَڪتَائِي“ جي
وحدت ۾ هُج ڌيان ڌَري |
مار دوئيءَ کي ڪڍ پَري |
حق کي سمجهي حق سڃاڻ |
ٻاجهئون حق جي ٻيو نا ڄاڻ(2) |
عارف ٿيءُ ۽ عارف هوءِ |
خيال خودي جو دل کان ڌوءِ |
اسم مسمي ناهه جدا |
خالِق پاڻهين پاڻ خدا |
”احد“، ”الله“ هڪ ڪري ڄاڻ |
وَهم دوئيءَ جو وچ مَ آڻ |
”الله“، ”صمد“، سُن آهي سوئي |
ناه شريڪ تنهن جو ڪوئي |
هڪ وجود، هڪ موجود |
ظاهر باطن ٿيو شهود |
پيرن ۾ پير آه اسان جو، تنهن سڀ راز ٻڌايو آ.
پاڻ خدا آهي پاڻ خدا، دُرة البيضاءِ چايو آه(3)
منجهه بيان شغل وحدت وجودي جي
ڌيان ڌري ٻيو سمجهه سڃاڻو |
ظاهر باطن حق کي ڄاڻو |
ظاهر باطن هرجاءِ حاضر |
آهي پنهنجو پاڻهين ظاهر |
سالڪ تنهن کي سمجهن ساري |
دوئي دورنگي دل کان ماري |
دُره البيضاءِ صورت ۾، تنهن پنهنجو پاڻ لڪايو آ
اعليٰ کان اعليٰ ٿي، تنهن آدم نام سڏايو آ.
در بيان صحبت مرشد ڪامل جي
مرشد کان تون گهُر همراهي |
مرشد ٻاجهئون سڀ گمراهي |
چنڊ مان ڏسجي سج جو نُور |
مَظهر حق جو مرشد مُور |
تنهن طالب کي ڄاڻج ڀلو |
هڻي دنيا کي کوڙي کَلو |
طالب سو جو مَن نه ميرو(1) |
حق جو تنهن کي دل ۾ ديرو |
مرڻا اڳي جو نا مو |
جهنم جاءِ تنهنجي هو |
مرشد جي ڪر صحبت حاصل |
تڏهن ٿئين تون حق سان واصل |
محبت تنهنجي تارڻ واري |
آه دوئي کي مارڻ واري |
مرشد هادي آهي مُنهنجو |
پير نه هرگز ٿِڙڪي تنهنجو |
صحبت مرشد جي ٿي تاري |
صحبت ٻئي جي ٻوڙي ماري |
سُهڻي صحبت مرشد جي، ٻي صحبت سڀ بيڪار
صحبت مرشد جي حق ڏيکاري، تار لنگهائي پار.
در بيان مرشد ناقص ۽ ڪاذب جي
مرشد پاڻهين پاڻ سَڏائي |
ماڻهن کي مذڪور ٻُڌائي |
ڪري ڪوڙي قيل مقال |
ساڻ مڪر جي ميڙي مال |
ڪفر اندر مان ڪين وڃائي |
وحدت ۾ ٿو ٽنگ اَڙائي |
ڪيو فَريب فقير سڏائي |
دنيا تي ٿو دين مَٽائي |
پيرُ نه آهي، پير سڏائي |
عالَم کي منجهه ڦاهي پائي |
پاڻ اهڙو ۽ پير سڏائي |
ماڻهو مڪر ڪيو گَڏائي |
پير سڏائي واٽون ماري |
طالب کي منجهه دوزخ ساڙي |
مرشد سو جنهن حق سڃاتو |
ڪَڍي دُوئي کي هڪڙو ڄاتو |
سنگت گمراهه جي گمراهي |
نا گهُر گُمراهه کان هَمراهي |
صحبت نا ڪر جاهل سان، جاهل آه شيطان
صحبت سنگت جاهل جي، رهزن آه ايمان.
منجهه بيان ”عناصر اَربَعه“ جي
چار عناصر سڀ ۾ ڄاڻ |
چئني کي تون سمجهه سڃاڻ |
ڳالهه- چَئني جي سُڻ تون چِٽي |
”بادي“ ”باهه“ ۽ ”پاڻي، ”مِٽي“ |
منجهه بيان ڪِروڌ جي
”ڪوڙ“، ”مڪر“ ۽ ”هوڏ“ ۽ ”هوءِ“(1) |
پنجين ”طمع“ تنين مَنجهوءِ |
پنجيئي ماري ڪر پَيمال |
تڏهن ٿئين تون حاصل حال |
منجهه بيان مذهب صوفي جي
صوفي جو نا مذهب ڪو |
صوفي آهي مذهب سو |
ناهيان سُني ناهيان شيعو |
صوفي صاف، نه ڄاڻان ٻيو |
ملڪ سڀوئي منهنجي جاءِ |
حق جا ذات [سا] هر جاءِ |
دين دنيا کان جو هٿ ڌوئي |
حق سان واصل سوئي هوئي |
در بيان ڪفر حقيقي جي |
ڪُفر حقيقي ۽ ايمان(1) |
هڪڙي جاءِ هڪ مڪان |
ايمان دليءَ جو عين وصل |
ڪامل اَڪمل اصل الاصل |
ايمان جمالي، ڪفر جلالي |
هرهڪ جي آه پنهنجي چالي |
|
|
|
منجهه بيان چئن مقامن وحدت جي
هاڻي سڻ تون چار مقام |
هرهڪ جو آهي پنهنجو نام: |
هڪ ”ناسوت“ ٻيو ”ملڪوت“ |
ٽيون ”جبروت“ چوٿون ”لاهُوت“ |
ناف آهي ناسوت مقام |
قلب آهي ملڪوت مقام |
روح آهي جاءِ جبروت |
جاءِ دماغ سندس لاهوت(2) |
”احديت“ کي خود خالص ڄاڻ |
”وحدت“ شان شيُون سڃاڻ |
”واحديت“ ۽ اسم صفات |
ناسوت افعال اِلاهي ذات |
احديت آهي سا لاهوت |
وحدت آهي سا جبروت |
واحديت کي ملڪوت سڃاڻج |
عالَم کي ناسوت ڄاڻج. |
منجهه بيان صفت جَلالي ۽ جَمالي جي
صفتون رب جو ڄاڻ ڪمالي |
هڪ جلالي ٻي جمالي |
ٻِن ٻِنهينءَ کان ڪونهي ٻاهر |
جملہ جهان اِنهينءَ کان ظاهر |
اِيجاد، اِبقاءِ ۽ اِفناءِ ٽيو(3) |
ان ٽنهي کان سڀڪي ٿيو |
اِيجاد سندو جبرئيل موڪل |
اِبقاءِ سندو مِيڪائيل مُوڪل(1) |
اِفناءِ موڪل اِسرافيل |
قدرت سندي ربءَ جليل. |
آتش، پاڻي ۽ ٽي هوا |
ان ٽِنهينءَ سان نسبت آ |
آبي ڄاڻج جبرئيل |
ناري آهي ميڪائيل |
بادي آهي اسرافيل |
ان ٽِنهينءَ کان ڄاڻج دليل. |
ٽيئي ڪل جسم ۾ آهن |
خالي جسم انيءَ کان ناهن |
آبي آهي جبرئيل زبان |
جنهن کان ٿي گفتار عيان |
مظهر آهي ڪلام اِلاهي |
چوائي اُوئين، جا رب فرمائي |
ناري چشمان ميڪائيل |
تنهن ۾ روشن نور جليل |
ان ٽنهينءَ کان صوفي صاف |
نڪا تنهن ۾ لاف گِزاف |
سر صوفي مخلوق نه ڄاڻو |
اَلصوفِي الله سڃاڻو |
منجهه حقيقت توحيد جلالي جمالي جي
هرهڪ درجو، حڪم جدا |
ان کي ڄاڻي مرد خدا |
هرهڪ درجي جي آ معنيٰ |
سالڪ سمجهي ايها معنيٰ |
سڀ صفت جو شان عَيان |
ڄاڻي تنهن کي ذوالعرفان |
ڪٿي الله ڪٿي رحمان(2) |
ڪٿي تسبيح ڪٿي سبحان |
ڪٿي حَيي، قيوم، قديمِ |
ڪٿي رافِع، رب، رحيم |
ڪٿي شَڪُور، شهِيد ثواب |
ڪِٿ رازق آه، رشيد، وهاب |
ڪٿي واسِع، داعي، واجِد |
ڪٿي جابر، جامع، ماجدِ |
ڪٿي ڪبير، ڪريم، ڪَفِيل |
ڪٿ حَنان، حميد، وڪيل |
ڪٿ مالڪ آهي مُتڪبر |
ڪٿي مَخفي، مُعِز، مُصورِ |
ڪٿي خالق، غافِر، غالب |
ڪٿ وفِي، ولِي ۽ طالِب |
ڪٿي حڪمت ساڻ حڪيم |
ڪٿي لطيف، مُبين، حليم |
ڪٿ جَليل، جَبار، جَمال |
ڪٿ مَليڪَ، جَليل، جَلال |
ڪٿي باسط، مُبدِءِ دائم |
ڪٿ عَلام ۽ اعليٰ قائم |
ڪٿ مُفرق، فَعال، بَصِير |
ڪٿ عزيز، قدوس، قدير |
ڪٿ فتاح، عفار، غَفُور |
ڪٿ مُزڪي، زڪي، نور |
ڪي حافظ، حفيظ، رقيب |
ڪٿي مُيَسر هوءِ حبيب |
ڪٿ مُتَعال، غفور، عظيم |
ڪٿي آه عجيب، عَلِيم |
ڪٿ سلام، سريع، سَتار |
ڪٿ فائق، ڪٿ مُهلڪِ، فَتار |
ڪٿي شاهد مَظَهر ظاهر |
ڪٿ قُدوس ۽ مُطهر، طاهر |
ڪٿي واجب پاڪ وجود |
ڪٿي قادر، وِتر، ودود |
ڪٿي مُهيمِن، مومن، فاخِر |
ڪٿي اول ڪٿي آخر |
ڪٿي موليٰ ڪافي شافي |
ڪٿ غياث، مُقدم، وافي |
ڪٿ محِي، ڪٿ مُعِيتُ |
ڪٿ مُقسطِ، ڪٿ مُقِبت(1) |
ڪٿي احد ۽ واحد، نافع |
ڪٿ قهار، مُذِل ۽ رافِع |
ڪٿي قابل، فائق، فاضل |
ڪٿي رب، مُنزل، نازل |
ڪٿي عَبد سُبوح، مَتِين(2) |
ڪٿ غياث، مَنان، مَنِين |
ڪٿ مغني، ذوالمَن، فائق |
ذوالبَطش، غَني، آهي خالِق |
ڪٿي حامد، ڪٿ محمود |
ڪٿي شاهد، ڪٿ شهود |
ڪٿي ذات جبار جليل |
باعِث ڪٿ قهار جليل |
ڪٿي باري، قريب نَوافِل |
ڪٿي قرب فرائض حاصل. |
منجهه بيان مَظهر- ڪُل جي
مَظهر اعليٰ ٿي هت آيو |
هادي هرجا حڪم هلايو |
ڪٿي آدم ۽ هابيل |
ڪٿي حوا، ڪٿ قابيل |
ڪٿي نوح ڪٿي اِدرِيس |
يَحيٰ ٿِي وَڍايو سِيس |
ڪٿي صالح، ابراهيم |
ڪٿي اسماعيل، رحيم |
ڪٿي آه اِسحاق، مَجيد |
ڪٿي لوط، قدوس، حميد |
ڪٿي تنهن يعقوب سڏايو |
منجهه مصر ٿي يوسف آيو |
ڪٿي نام نبي شُعيبُ |
ڪٿي موسيٰ سو لاريب |
ڪٿي هو هارون شاهه |
ٿئي موسيٰ سان همراهه |
ڪٿي يُونس ڪٿ اَيوب |
ڪٿي راغب ڪٿ مَرغوب |
ڪٿ زَڪريا نام سڏائي |
ڪَرٽ وچان ٿو سِر چيرائي |
ڪٿي آهه الله احد |
ڪٿي ميم ٿيو محمد |
ڪٿ الله، ڪٿ رسول |
ڪٿي بي بي پاڪ بَتُول |
ڪٿي تنهن صديق سڏايو |
ڪٿي تنهن فاروق چوايو |
ڪٿي آيو ٿي عثمان |
جوڙي ڪيائين گڏ قرآن |
ڪٿي علي شير- خدا |
ماري ڪافر ڪيا جدا |
ڪٿي تنهن حسين سڏايو |
ڪٿي ”زين العِباد“ چوايو |
ڪٿي اوسط تنهن جو نام |
آدم ثاني سمجهه امام |
ڪٿي آهي محمد باقر |
ڪٿي آهي صادق جعفر |
ڪٿي آهي موسيٰ ڪاظم |
ڪٿي علي رضا اعظم |
ڪٿي آهي محمد تقي |
ڪٿي آهي علي نقي |
ڪٿ امام حسن ٿي آيو |
”عسڪر“ جو تنهن لقب رکايو |
ڪٿ ٿيو سو محمد مهدي |
مهدي منهنجو ڪل جو هادي |
منجهه بيان اِتباع شريعت جي
ڪريو عبادت ڏينهن ۽ رات |
حاصل ڪريو حق جي ذات |
شرع موافق ڪريو عبادت |
صحي سڃاڻو شان شريعت |
ناه شريعت ري ڪا راه |
غير شريعت سڀ گمراهه |
جيڪي منجهه ڪتاب مُبين |
سو سڀ مڃ تون ساڻ يقين |
نورِ محمد شرع وَدود |
مُنڪرِ تنهنجو آه مَردُود |
سمجهه شريعت قرب الاهي |
شريعت ٻاجهؤن سڀ گمراهي |
سمجهه شريعت جنهن ۾ سُجهي |
رب نا راضي تنهن کان هجي |
شريعت جي جو ڪري اِهانت |
تنهن تي هردم حق جي لعنت |
خلاف شرع جو جيڪو ڪندو |
دوزخ ۾ بيشڪ سڙندو |
خلاف شرع جي آهي ڪافر |
تنهن تي حق جي لعنت وافر |
شرع محمد (ﷺ) جي سچ ڄاڻو |
سمجهي تنهنجو راز سڃاڻو |
شرع نبيءَ جي برحق پائي |
هِڪ چوائي هڪ سڏائي |
اَحد، وَتر آهي حق جي ذات(1) |
جو نا ڄاڻي سو ڪَمذات |
شرع ۾ او ڪوٺِن سو مشرڪ |
مُشرڪ ٿي ۽ ٿيو سو مُشرڪ(2) |
منجهه بيان ”لطائف خمسہ“ جي
پنج لطيفا سمجهه سڃاڻ |
تن جا تون سڻ سڀ اهڃاڻ |
قَلبيي، روُحي، سِرِي سڃاڻج |
خَفِي، اخفيٰ پنجئي ڄاڻج |
منجهه بيان لطيفي ”قلب“ جي
نور ”قلب“ جو آهي زرد |
تنهن کي سمجهي مومن مرد |
بعضي صوفي سُرخ چَوَن |
بعضي ٻئي آميز ڪَهَن(1) |
قول صحي آه اول وارو |
تنهنجو رکج سُرت سنڀارو. |
منجهه ولايت عامِد کي(2) |
هيٺ قدم آه آدم جي. |
مقام ”قلب“ جو پاسي کٻي |
ببي هيٺ ٻه آڱريون دَٻي |
فنا ”قلب“ جو ساڻ ويساهي |
سمجهه ”اسماءِ افعال الاهي“ |
قلب مؤمن جو آهي عرش |
تنهن ۾ آهي عرش ۽ فرش |
منجهه بيان لطفي ”سِري“ جي
مقام ”سِري“ جو ڀانءِ نيڪ |
”روح“ و ”قلب“ کان اُلطف لَيک(1) |
مٿان ڏائي ببي ڄاڻج |
تنهن جو رنگ سفيد سڃاڻج |
نامِ وِلايت ڪُبريٰ آهي |
زير قدم موسيٰ جي آهي |
بعض اخضر رنگِ چَوَن |
قول اڳيون ٿا صحي لِکن (2) |
اصل لطيفو شاننَ ذاتي: |
نِڪتو ذاتي، قدم صفاتي |
فنا بقا ”سِري“ جو ڄاڻج |
ساڻ ”تَجَلي شان“ سڃاڻج(3) |
منجهه بيان ”لطيفي خَفِي“ جي
”خَفِي“، ”سِري“ کان لطيف آهي |
هيٺان قدم عيسيٰ جي آهي |
جيڻي ببي جي مٿان جاءِ |
نور سِياهَ تنهن جو آهه |
بعض تنهن کي سبز چون |
سو پڻ تون سڻ ساڻ ڪنن |
اصل الاصل صِفات تشبيہ |
”تشبيہ شان تنزيہ“ ڄاڻج(4) |
منجهه بيان لطفي ”اخفيٰ“ جي
مقام ”اخفيٰ“ سڀ کئون اعليٰ |
ولايت تنهنجي مَلا الاعليٰ |
منجهه دماغ تنهنجي جاءِ |
زير قدم احمد جي آهه |
نور ”اخفي“ جو ڪارو ڄاڻج |
ڪاري کان ڀي ڪارو ڄاڻج |
نقشبندن جي نزد اخضر |
جاءِ تنهن جي منجهه صدر |
فا خفي کان اصفيٰ اعليٰ |
مقدس تنيد سمجهه بجالا |
اصل الاصل آهه برزخ ڪبريٰ |
منجهه ”احدِيت“ خاصہ صُغريٰ |
فنا بقا اخفيٰ جو عالي،
ساڻ تنزيہ مُقدس آهه
اصل الاصل ”اخفيٰ“ لطيفو،
منجهه ”احديت“ اقدس آهه.
(1)
هنن
مصرعن مان خود حمل فقير جي سالڪانه مزنل جو
اندازو ٿي سگهي ٿو.
(3)
درة البيضاء= سفيد موتي. چايو آه= چوايو آه.
(1)
طلب
سو جو- الخ= يعني سچو طالب اهو آهي جو من جو
ميرو نه آهي.
(1)
هوءِ=
”هئڻ“ مان اسم- هَستي. هٺ.
(1)
اصل
عبارت: ڪفر حقيقہ ۽ ايمان“.
(2)
جسم
انسانيءَ ۾ چئن مقامن جون جايون بيان ڪيون
ويون آهن ته: ناسوت جي جاءِ دن (ناف) آهي؛
ملڪوت جي جاءِ قلب آهي؛ جبروت جو مقام روح آهي
۽ لاهوت جي جاءِ دماغ آهي.
(3)
ايجاد= پيدا ڪرڻ. ابقاء= باقي رکڻ. افناءِ=
فنا ڪرڻ.
(2)
هتان کان اڳتي ويندي هن عنوان جي آخر تائين
الله پاڪ جا صفاتي نالا بيان ڪيل آهن.
(2)
اصل عبارت: عبہ مبسوح(؟)
(2)
اصل عبارت: ٿيو سو مسترڪ(؟)
(1)
يعني ڪن صوفين جي خيال موجب قلب جو رنگ گڏيل
زردو ڳاڙهو آهي.
(2)
”منجهه ولايت عامد کي“ اصل عبارت ائين آئي
آهي. عامد= عزم ڪندڙ(سالڪ). غالباً مراد ته:
اها ولايت حضرت آدم جي قدم هيٺ آهي ۽ عزم ڪندڙ
سالڪ کي انهيءَ ولايت منجهه اهو ڌيان رکڻ
گهرجي.
(3)
ان جو اصل- الخ= يعني هن لطيفي ”روحي“ جي عملي
صفات (صفات شيوني) جو اصل ”فنا تجليٰ“ آهي.
(4)
ٿيندو- الخ= يعني سالڪ جڏهين صفتن کان آجو
(مسلوب) ٿيندو تڏهين جناب اِلاهي سان وابسته
(منسوب) ٿيندو.
(1)
يعني
ڄاڻ ته ”سري، لطيفو، ”روح“ ۽ ”قلب“ لطيفن کان
زياده نازڪ (اَلطف) آهي.
(2)
بعض اخضر- الخ= يعني ڪن جي خيال ۾ لطيفي
”سِري“ جو رنگ سائو (اخضر) آهي مگر پهريون قول
”يعني ته ان جو رنگ سفيد آهي.“ وڌيڪ صحي آهي.
(3)
فنا بقا- الخ= يعني ”سِري“ جي فنا بقا ”تجلي
شان“ سان وابسته آهي.
(4)
فنا بقا- الخ= يعني ”خفي“ جي فنا بقا ”تشبيہ
شان تنزيہ“ سان وابسته آهي.
|