مقدمو
(1) سوانح حيات
شجرو ۽ خاندان
سندس هٿ لکيل بياض ۾ حمل پنهنجو نالو نهٺائيءَ سان
”حمل فقير لغاري“ لکيو آهي، ۽ هن وقت عوام ۾ به هو
اڪثر ”حمل“ يا ”حمل فقير“ جي نالي سان مشهور آهي.
هو ذات جو لغاري بلوچ هو؛ سندس پاڙو ”بَهلولاڻي“ ۽
قبيلو ”سيرڪاڻي“ هو. بياض ۾ هڪ هنڌ پنهنجو نالو
”حمل فقير لغاري سيرڪاڻي“ ڪري لکيو اٿس. ساڳئي
بياض ۾ فقير پنهنجو پورو شجرو به پنهنجي هٿ اکرين
لکيو آهي، جنهن کي پنهنجي پٽ جي نالي (عبدالرحيم)
سان شروع ڪري، وڃي حضرت آدم (عليه السلام) سان
ملايو اٿس- (ڏسو شامل عڪس). هت صورتخطيءَ جي ضروري
تصحيح ۽ اضافن بعد اهو شجرو ڏنو وڃي ٿو:
”عبدالرحيم بن حمل فقير لغاري بن رحيم خان بن محمد
خان بن حاجي دليل خان بن مِرزَه خان بن بَطَل خان
بن ڇَتهَ بن حسن بن بَهلول بن بَکر بن
ٺينگي بن سَيرڪَ بن مَحمد بن پاهڙدين بن
اَڌنيڪَ بن حسن بن هيسب بن محمد خان بن اسحاق بن
حسن بن پيروز بن شاه مرد بن هوتَڪ بن عالم خان بن
مير رندو بن جلال خان بن محمد خان بن حسن
بن نوحڪ بن لشڪر خان بن دُرَڪ بن دُرُپوش بن نور
سلطان بن پيروز شاه بن گُل چراغ بن شاه عباس بن
دوست محمد بن بديع الزمان بن مير حمزه بن
عبدالمُطلب بن هاشم بن عبد مَناف بن قُصي بن ڪِلاب
بن مُرة بن ڪَعب بن لؤي بن غالب بن فِهر بن مالڪ
بن النَضر بن ڪِنانة خُزَيمَةَ بن مُدرڪِہ بن
الياس بن مُضر بن نِذار بن مَعدَ بن عدنان بن
اُدَد [بن مُقوم بن ناحور بن تيرحَ بن يَعربُ] بن
يشجُب بن نبت [يا نابت] بن اسماعيل بن ابراهيم بن
[تارح يعني] آذر بن [ناحور] بن سارُوغ بن رَاعُو
بن فالخ [بن عيبر] بن شالخ بن اَرفخشد بن سام بن
نوح بن لَمڪ بن مَتُو شلخ بن اَحنوخ [يعني ادريس]
بن يَرد بن مَهليل بن قَينَنَ بن يانَش بن شِيثَ
بن حضرت آدم صفي الله عليه السلام- تمام شد از دست
حل فقير لغاري؛ 5- ماه جمادي الثاني سنه 1282هه.“
(1)
مٿئين شجري ۾ ”بهلول“، حمل خان وارن جي بهلولاڻي
پاڙي جو وڏو ڏاڏو آهي، ۽ ”سيرڪ“ لغارين جي سيرڪاڻي
قبيلي جو وڏو ڏاڏو آهي(2).
سنڌ ۾ هن سيرڪاڻي
(1)
هي شجرو، ”سيرڪ“ تائين قطعي طور مستند سمجهڻ
گهرجي، سيرڪ کان ”جلال خان“ تائين واري سلسلي
جو دارومدار ديري غازي خان جي لغاري قبائل جي
متواتر روايات تي آهي، جلال خان کان ”مير
حمزه“ تائين نسبنامي جو دارومدار جملي بلوچن
جي متواتر روايات تي آهي. تاريخي نقطه نظر
سان، حضرت رسول ڪريم (عليه السلام) جي چاچي
حمزه، کي ڪوبه اولاد ڪونه هو. حمزي کان عدنان
تائين قريش جي هاشمي قبيلي جو نسبنامون بلڪل
صحيح ۽ مستند آهي. عدنان يقيني طور حضرت
اسماعيل جي اولاد مان هو. مگر عدنان اسماعيل
تائين محض روايتي آهي. حضرت اسماعيل کان آذر
تائين نسب نامو صحيح آهي، مگر آذر کان آدم
تائين نسب جو سلسلو محض خيالي ۽ وهمي آهي.
اسان چورس ڏنگين ۾ جا تصحيح ڪئي آهي، سا ”سيرة
ابن هشام“ (مطبوعه مصر، 1355/1936 م-ص 2-3)
تان ورتل آهي.
(2)
سنڌ ۾ لغاري، ٽالپرن سان گڏ آيا. اصل جملي
لغاري قبيلا ديري غازي خان واري علائقي ۾ آباد
هئا. چنگو، هيبت، سيرڪ ۽ عالي- انهن چئن ڀائرن
جو اولاد ٻين لغاري قبيلن سان گڏ سنڌ ۾ آيو.
چنگو ۽ هيبت جو اولاد سنجهوري ۽ گوني
تعلقن ۾ آباد آهي. عالياڻي لغاري اڪثر لاڙ ۾
آباد آهن. سيرڪاڻي لغاري ٽنڊي باگي پير جو ڳوٺ
۽ سڪرنڊ وغيره جاين تي آباد آهن.
قبيلي جو ٻيو مشهور پاڙو بالاچاڻي لغارين جو آهي،
جن مان خليفو نبي بخش صاحب مشهور ٿيو. سندس پويان
”نار وارا خليفا“ ڪري سڏجن ٿا، جي هن وقت حيدرآباد
ضلعي جي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ رهن ٿا. هن نسبي رشتي
سبب ئي خليفي نبي بخش صاحب ۽ حمل خان جي خاندان جي
وچ ۾ سڱابنديءَ جو تعلق پيدا ٿيو.
حمل خان جا وڏا، سيرڪاڻي لغاري، ٽالپورن جي حڪومت
جي اوائل ۾، ديري غازي خان مان لڏي اچي خيرپور
رياست ۾ ويٺا، ۽ اتي پنهنجو ڳوٺ نالي ”مير خان
لغاري“ ٻڌائون، جو خيرپور جي نزديڪ، خانپور لڳ،
مٺي مري جي ڳوٺ جي ڏکڻ طرف هو. ان وقت هن پاڙي جو
رئيس، ميان سعيد خان هو، جو مير ڪرم علي خان
(1228-1244هه/ 1812-1828م) ۽ پوءِ مير مراد علي
خان (1244- 1249/ 1828-1833م) جي طرفان سبزل ڪوٽ
جو نواب هو(1).
خيرپور رياست ۾، ان بعد به، هن لغاري پاڙي جا،
ميررستم خان سان تمام چڱا تعلقات رهيا، حمل خان
وارا پاڻ ۾ جملي پنج ڀائر هئا، جن مان حمل سڀني ۾
ننڍو هو، سندس والد جو نالو رحيم خان هو، حمل
پنهنجي ذهانت ۽ ذڪاوت سبب نواب سعيد خان کي نهايت
پسند هو، جنهن ڪري نواب صاحب کيس ٻالپڻ کان ئي پاڻ
سان گڏ رهايو، ان بعد نواب سعيد خان جي پٽ ميان
مير خان کي، ميرن طرفان سڪرنڊ تعلقي ۾ ”ٻاٺي“ لڳ
جاگير ملي، جنهن ڪري هن اتي اچي پنهنجو نئون ڳوٺ
ٻڌو. انهيءَ عرصي ۾، شايد مير رستم خان ۽ علي مراد
خان جي خانه جنگيءَ سبب، هنن بلوچن سان به رياست ۾
ذرا اڻبڻت ٿي پئي،
جنهن ڪري هنن
رياستن کي ڇڏيو ۽ حمل خان، نواب سعيد خان جي پٽ
ميان مير خان سان لاڳاپي هئڻ سبب لڏي اچي سڪرنڊ
تعلقي ۾ ڳوٺ مير خان لغاريءَ لڳ، اٽڪل سڏ پنڌ تي،
اُتر طرف، ڳوٺ محمود خان لغاريءَ ۾ ويٺو.(1)
ولادت، تعليم ۽ مشغلو
حمل، غالباً سندن اصل ڳوٺ ”مير خان لغاري“ رياست
خيرپور ۾، تقريبن سنه 1225هه/ 1809ع ڌاري ڄائو، (2)
جيئن ته رئيس ميان سعيد خان پنهنجي نوابي جي
ايامڪاريءَ (امڪاني سال 1249/1833ع) (3)
۾، حمل کي اڪثر پاڻ سان گڏ سبزل ڪوٽ ۾ رهايو (4)
انهي ڪري ممڪن آهي ته حمل خان جي تعليم ۽ تربيت
نواب سعيد خان جي زير نظر ٿي هجي. بهرحال سندس
علمي لياقت جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته وقت جي
رواج موجب چڱي خاصي پارسي تعليم حاصل ڪيائين.
فطري ذهانت، ذڪاوت ۽ تعليمي جي پختگيءَ سبب ئي حمل
پاڻ لاءِ هڪ استاد جي حيثيت ۾ تعليم ڏيڻ جو مشغلو
اختيار ڪيو؛ ۽ خيرپور رياست ڇڏڻ بعد، ڳوٺ مير خان
لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾ پنهنجو مڪتب جاري ڪيو. رئيس
مير خان جي پٽ ميان بختيار خان سندس وڏي قدرداني
ڪئي؛ ۽ حمل خان، ميان بختيار خان جي پٽن مير خان ۽
غلام شاه، ۽ پنهنجي پٽ محمد رحيم ۽ ٻين شاگردن کي
ويهي پارسي تعليم ڏني.
نقل مشهور آهي ته ڪنهن شاگرد، حمل جي هڪ مستاني
عزيز ماڇي خان کي ڀتر هنيو، جنهن سبب ماڇي خان جي
ڊگهي ميراڻي ٽوپي اچي پٽ تي ڪِري، انهيءَ تي ماڇي
خان چيو:
”حمل جا کُٿابي، هڪ ڀنگي ٻيا تکا طباقي(1)؛
بچيا جيڪي باقي، سي مُنهن نه ڪن مسيت ڏي.“
اها ڳالهه هڪ چرچو بنجي ويئي- حالانڪ حقيقت جي
خلاف هئي. انهيءَ تي بختيار خان، ماڇي خان کان
پڇيو ته ”حمل خان جي کٿابين کي تو ننديو آهي، پر
ڪي پنهنجي به خبر اٿيئي؟“ جواب ڏنائين ته ”هائو،
ماڇي ڙي ماڇي! ڀلي ني گهوڙي، اٺ ني ڪاڇي(1)،
سڄي عمر پورهيا ڪِيتُئي، پئسا نه بچيئي پاڇي!“
درحقيقت، حمل خان هڪ هنرمند استاد هو. سندس پٽ
محمد رحم جي اعليٰ علمي قابليت، سندس ڏنل تعليم جو
نتيجو هئي. ڪن سالن بعد، جڏهن حمل خان مڪتب ۾
پڙهائيءَ جو مشغلو ختم ڪيو، تڏهن قاضي ميان الهداد
عباسي بختيارپوري سندس جانشين مقرر ٿيو. مگر تنهن
هوندي به جڏهن حمل خان مڪتب ۾ لنگهي ايندو هو، ته
قاضي الهداد مٿس زور آڻي چوندو هو ته ”هينئر ڀلا
اوهين سبق سمجهايو.“ قاضي صاحب جي اسرار تي حمل
خان ويهي سبق سمجهائيندو هو ۽ سندس صحيح تلفظ ۽
مٺي آواز سبب درس ۾ هڪ خاص لطف پيدا ٿي ويندو هو.
جيتوڻيڪ پنهنجي موٽيل عمر جي تقاضا موجب، حمل
پنهنجي سِر مڪتب ۾ ويهي پڙهائڻ کان بس ڪئي، تنهن
هوندي به رئيس بختيار خان طرفان کيس دستور موجب
وظيفو ملندو رهيو. بختيار خان، حمل خان جو هڪ وڏو
قدردان محسن ۽ مربي هو. ازانسواءِ، هو پنهنجي وقت
جو هڪ وڏو سخي مرد هو، ۽ انهيءَ ڪري حمل خان
پنهنجي هڪ بيت ۾ سندس سخا جي تعريف ڪندي چيو:
”مينهن ساوڻ وس بس ڪري، نَهِين ڀير بختيار ڪُون
بَس دا.“
يعني ته سانوڻ جو مينهن به وسي وسي آخر بس ڪري ٿو،
مگر بختيار کي ”بس“ وارو ڀير يا نمونو ئي ناهي.
حمل خان جي هن محسن عزيز، اڱاري ڏينهن، سانجهيءَ
ٽاڻي، تاريخ 16، ماه ربيع الاول سنه 1285هه وفات
ڪئي؛ ۽ سندس وفات جي اها تاريخ، حمل پنهنجي بياض ۾
خود پنهنجي هٿ اکرين قلمبند ڪئي آهي.
وقت جي حاڪمن ۽ خاندانن سان لاڳاپا
حمل پنهجي خوش طبعي، علمي لياقت ۽ شاعريءَ جي ڏات
سبب هر جڳهه مقبول هو. هو مجلس ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو
هو ۽ انهيءَ ڪري سندس واقفيت جو دائرو به نهايت
وسيع هو. سنڌ جي گهڻن خاندانن وٽ سندس اچ وڃ هئي،
۽ جن به خاندانن سان سندس واقفيت هئي، سي سڀ سندس
وڏو قدر ڪندا هئا. هت سندس مقبوليت جا ڪي مثال
قلمبند ڪجن ٿا.
(1) مير مراد علي خان ۽ حمل خان:
رياست خيرپور ۾ سندن آڳاٽي سڪونت سبب، حمل خان ۽
بختيار خان وارن جي مير علي مراد خان سان گهڻي
واقفيت هئي، ۽ جڏهن به سلام لاءِ ويندا هئا ته
شاهي مهمان ٿي وڃي رهندا هئا. ميرن جي خاندان
قاعدي موجب، خاص شاهي مهمانن کي سندن حيثيت مطابق
روزينو(1)
ملندو هو. اهو روزينو صرف حاضر مهمانن واسطي مقرر
ٿيو. هڪ دفعي، حمل خان فقط هڪ ڏينهن مهمان رهيو ۽
کيس ٻه روپيا آڻي ڏنائون. شاهي خزاني مان انهيءَ
ٿوري رقم جي ملڻ ۽ وٺڻ کي مناسب نه سمجهي، هن اهي
پئسا واپس ڪيا ۽ مير صاحب ڏانهن چوائي موڪليائين
ته:
”سرڪار نوازش ڪر ڏتي هِنِ ڏُون روپئِي،
رُلدي رُلدي عمر ڳئي، ٻَن اهي ڏُون، رُپئي!“
انهيءَ تي، مير صاحب حڪم ڪيو ته حمل خان واسطي
هميشه لاءِ ”ڇهه ماهي“ مقرر ڪئي وڃي. ان بعد اها
”ڇهه ماهي“ پينشن حمل خان کي گهر ويٺي پهچندي هئي.
(2) مير شاهنواز خان بن مير علي مراد خان ۽ حمل
خان:
خيرپور ۾ حمل خان اڪثر مير علي مراد خان جي پٽ مير
شاهنواز خان وٽ وڃي اوطاقي ٿيندو هو. هڪ دفعي، هو
جڏهن اتي پهتو ته مير صاحب دستور موجب حڪم ڏنو ته
”حمل خان جو گهوڙو ڪڙهه ۾ ٻڌو، ۽ ان جي داڻي وغيره
جو انتظام ڪريو.“ ان حڪم بعد، حمل خان اطمينان سان
ويهي رهيو: مگر صبح جو اٿي سماءُ ڪري، ته گهوڙو
ڪڙهه جي بجاءِ ٻاهر ميدان ۾ ٻڌو بيٺو آهي ۽ داڻو
پاڻي ته ٺهيو، پر اڃا ڪنهن سنج به ڪين لاٿا اٿس!
اهو حال ڏسي، هو وري اچي ڪچهريءَ ۾ ويٺو. مير صاحب
جڏهن آيو تڏهن پڇيائين ته ”حمل خان! رات ته خير
نال گذري؟“ حمل خان جواب ڏنو ته اساڏي رات ته خير
نال گذري، پر
”ڪوٽ وچ جو ڪوڙ ڏٺوسي، سو ڏيهه ڪنون ڀي ڏوڙا،
اڳتي لاءِ ڪو اُٺ آڻيسُون، نه ته لنگهڻ مر ويسي
گهوڙا!“
مير صاحب هي ٻڌي، نوڪرن تي ڪاوڙيو ۽ انهن کي اهڙي
ته تنبيهه ڪيائين جو ان بعد حمل خان جي خدمت ۾
ڪڏهين به ڪوتاهي ڪانه ڪيائون. مير شاهنواز خان سان
حمل خان جا تمام چڱا تعلقات رهيا، جن جي بناء تي
ئي مير صاحب ان کان پوءِ حمل خان جي فرزند ميان
محمد رحيم کي پاڻ وٽ نوڪري ڏيئي، پنهنجو خاص منشي
ڪري رکيو.
(3) پير صاحب پاڳارا ۽ حمل خان:
حمل خان وارن جي ڪٽنب جو پير صاحب پاڳارن جي
درگاهه سا گهڻو تعلق هو. هڪ ته حمل جا ٻه وڏا ڀائر
ميان نهال خان ۽ ميان محمد خان خيرپور رياست ما
لڏي وڃي هميشه لاءِ پير صاحب پاڳاري جي ڳوٺ ۾ مقيم
ٿيا؛ ٻيو ته ميان نهال خان جو پٽ، يعني حمل خان جو
ڀائٽيو، ميان ڇٽل خان جو پنهنجي علم ۽ فضيلت سبب
ممتاز هو ۽ هڪ وڏو دورانديش ۽ داناءُ شخص هو، سو
درگاهه جو مريد ٿيو ۽ پير سائين حزب الله شاهه رحه
کيس پنهنجو خاص صلاحڪار مقرر ڪيو ۽ درگاهه جو سڄو
ڪاروبار سندس حوالي ڪيائين(1).
ازانسواءِ، حمل خان جا ٻيا عزيز (سندس پٽ ميان
محمد رحيم جا ماسات ۽ ساٿياري)- خليفو روشن علي
خان، خليفو قربان علي خان ۽ خليفو عباس علي خان (2)
پير سائين حزب الله شاهه جا خليفا ۽ خدمتگار هئا،
۽ ويندي شمس العلماءِ پير صاحب شاهه مردان شاهه
(مسند نشيني سنه 1314؛ وفات سنه 1339هه) جي ڏينهن
تائين درگاهه جي خدمت ڪيائون.
انهيءَ قرب ۽ اعزاز سبب حمل خان جي ڪٽنب جو پير
صاحب جي درگاهه سان هڪ خاص تعلق رهيو. اسان جي
خيال ۾ حمل جو پير صاحب جن سان پنهنجو ذاتي تعلق
سندس وڏي عزيز ۽ بزرگ خليفي ميان نبي بخش صاحب جي
معرفت ٿيو، جو جناب پير صاحب محمد راشد صاحب روضي
ڌڻي رحه جو خليفو هو. حمل جي ابتدائي نيازمندي پير
صاحب علي گوهر شاه اول (1231-1263هه) سان ٿي، جو
هڪ عالم، عارف، درويش ۽ ان سان گڏ سنڌي زبان جو
وڏو شاعر هو. سندن تخلص ”اصغر“ هو. حاجي ميان جلال
خان خبر ڪئي ته حمل مرحوم جڏهن ”هير ۽ سندس ماءُ“
جي سوالن جوابن جي موضوع تي سرائڪي زبان ۾ پهرين
ٽيهه اکري (الف آءُ هيري! گهن مت ميري-الخ) ٺاهي،
تڏهن پير صاحب اصغر بادشاهه جن کي ٻڌايائين. پاڻ
نهايت پسند ڪيائون، مگر کيس چيائون ته ”فقير! رڳو
ماءُ پئي سمجهايس يا ٻيو به ڪو سمجهائڻ وارو هوس؟“
حمل جواب ڏنو ته ”قبلا! ٻيا به ضرور سمجهائڻ وارا
هئس.“ ان بعد پير صاحب جن جي انهيءَ اشاري کي
مدنظر رکي، حمل هير ۽ سند ٻين عزيزن قريبن جي وچ ۾
سوالن جوابن جا وڌيڪ ٽيهه بيت ٺاهيا. اهي جملي سٺ
بيت، سنه 1263هه ۾ ٺاهي پورا ڪيائين- جيئن ته آخري
بيت ۾ چوي ٿو ته:
”تيرهن سن دي ڀي تريهٺ آهي، سٺ بيت جوڙ مئين ڪتاب
ڪيتِي“
انهيءَ ساڳئي سال (11- جمادي الاول 1263هه) پير
صاحب جن به وفات ڪئي، ۽ اهو معلوم ناهي ته حمل
اِهي پويان ٽيهه بيت پوءِ پير صاحب جن کي ٻڌايا يا
نه.
پير صاحب علي گوهر شاهه ”اصغر“ رحه جن کان پوءِ،
پير صاحب حزب الله شاهه (مسند نشين 1263؛ وفات
1308هه) جن وٽ به حمل نهايت مقبول هو ۽ پير صاحب
جن وٽ، درگاهه تي خواهه سندس دوران سفر ۾، گاهي
بگاهي سندس زيارت ۽ مجلس لاءِ ايندو ويندو هو.
حاجي جمال خان چيو ته هڪ دفعي پير صاحب جن سفر ۾
هئا، جو حمل مرحوم سندن دعوت واريءَ هڪ منزل تي
وڃي پهتو. پير صاحب جن اندر طنبوءَ ۾ هئا ۽ ٻاهران
دربان ۽ فقير پهري تي بيٺل هئا، جن فقير کي اندر
وڃڻ نه ڏنو. دربانن سان ڪي سوال جواب ڪيائين ۽ آخر
اتي جو اتي هيٺيان بيت چيائين:
دلبر دي دروازي تي، دربان کڙي دَر مَلي:
ڪائي نَهِين وڃڻ دِي ڳَلي(1)
ڪيئي کڙي، ڪي ٻيٺي، ڪي وَت وَڃن چماٽان جهَلي:
ڪائي نَهِين وڃڻ دِي ڳَلي
درد مندان دي دل دي اندر، باه بره دي ٻَلي:
ڪائي نَهِين وڃڻ دِي ڳَلي
”حَمل“ حُجَت جاءِ نَهين ري رحم عنايت عَلِي:
ڪائي نَهِين وڃڻ دِي ڳَلي
وري ٻيو بيت چيائين:
دلبر دي دروازي تي لک لوڪ کڙي، ليلاون: جهاتيان
پاون
جن، انسان تين حوران پَرِيَان خاڪِ لِڱان ڪُون
لاوَن: جهاتيان پاون
مُرسل دي منهن ويکڻ ڪُون، لَهه مَلڪ فَلڪ تون
آوَن: جهاتيان پاون
”حمل“ هرهڪ نيڪ نبي تون، صَدق صَدق پئي جاوَن:
جهاتيان پاون
اندران پير صاحب جن ويجها ويٺا هئا؛ پاڻ اُهي بيت
ٻڌائون ۽ آواز به سڃاتائون، سو وڏي آواز سان
فرمايائون ته فقير کي دروازي تي ڪنهن روڪيو آهي،
ڇڏيو ته فقير ڀلي اندر اچي. جڏهن مرحوم اندر آيو،
تڏهن نهايت گهڻي مرحبا ڪيائونس ۽ گهڻو وقت ويهي
ساڻس مجلس ڪيائون. ا. هه.
(3) حمل ۽ لَکيءَ جا سيد:
شڪارپور ۾ لَکيءَ جا سيد، ميان عباس علي شاهه ۽
سندس وڏا، لواريءَ وارن بزرگن جا مريد هئا، انهيءَ
ڪري حمل جو ساڻن گهڻو رستو هوندو هو ۽ وقت بوقت
شڪارپور ۾ وٽن اچي رهندو هو. حاجي ميان جمال خان
چيو ته ”شڪارپور جي هڪ درزيءَ سان گهڻي وقت کان
منهنجي ڄاڻ سُڃاڻ هئي. جڏهن سنه 17- 1916ع ڌاري
وٽس ويس ته سندس پيرسن پيءُ سان ملاقات ٿي. جڏهن
معلوم ٿيس ته آءٌ حمل مرحوم جو ڏوهٽو آهيان، تڏهين
چيائين ته ”فقير صاحب سان اسان جون گهڻيون صُحبتون
رهيون. هت لَکيءَ جي سيدن وٽ ايندو هو ۽ جڏهن به
ايندو هو، تڏهن وٽس مجلس ٿيندي هئي. هت پاڙي ۾ هڪ
مائي هوندي هئي، جنهن کي فقير صاحب جي ڏسڻ جو گهڻو
خيال هو ۽ اسان کي چئي ڇڏيو هئائين ته جي فقير
صاحب اچي ته مون کي ٻڌائجو. پوءِ آرهڙ جا ڏينهن
هئا جو فقير صاحب هِت آيو ۽ ڀت جي پاڇي هيٺ وٽس
مجلس لڳي پيئي هئي. اسان کي اها ڳالهه ئي وسري وئي
ته مائيءَ کي ڄاڻ ڪجي؛ مگر مائيءَ کي ڪا خبر پئجي
ويئي، سو سامهون هڪ گهر جي مٿئين طبقي جي دري
کولي، فقير صاحب جي مجلس ٻڌڻ لاءِ اچي بيٺي. مجلس
هلندي، اتفاقاً فقير صاحب جي نظر وڃي مٿي مائي تي
پئي- مگر جئن ئي فقير صاحب مٿي ڏٺو ته مائيءَ يڪدم
دري بند ڪري ڇڏي. فقير صاحب نهايت خوش طبع هو،
تنهن مُرڪي چيو ته ”مار! هيءُ ته غضب ٿي ويو!“
اسان پڇيس ته ”فقير صاحب، ڪهڙو غضب ٿيو؟“ انهيءَ
تي ٺهه پهه بيت ڏنائين:
”دَري وِچون هڪ دَرس وِکا ڳئي، مہ رُخ ماه مثِالي:
بَئينسرَ وَالِي(1)
لاڏ ڪنون لُڪ جهاتي پاتُس، نال خودي خود خيالِي:
بَئينسرَ والِي.
چٽَ پٽَ چوٽڪ لاڪَر، گهَت ڳئي دل ڪُون دام
دُوالِي: بَئينسر والِي.(2)
”حَمَل“ ڪون هڪ لحظي دي وچ، ڪر ڳَئي مَست مَوالِي:
بَئينسرَ وَالِي!“
(1)
هيءُ بيان حاجي احمد خان لغاري (حمل خان لغاري
جي عزازت ۾)، ويٺل ڳوٺ مير خان لغاري، تعلقو
سڪرنڊ وٽان معلوم ٿيو. واضح هجي ته سبزل ڪوٽ
وارو علائقو پهريائين بهاولپور جي نواب محمد
صادق جي هٿ هيٺ هو. جنهن جي ارهه زورائيءَ سبب
مير غلام علي خان (1802-1812م) سندس خلاف لشڪر
چاڙهي موڪليو ۽ نواب جي فوج کي شڪست آئي. ان
بعد، صلح جي عهدنامي موجب، سبزل ڪوٽ وارو
علائقو مير صاحب کي مليو. سبزل ڪوٽ يا ڪوٽ
سبزل، اٻاوڙي کان اٽڪل ڏهه ٻارهن ميل اوڀر
طرف، ملتان ڏانهن ويندڙ پڪي شاهراه تي، هينئر
هڪ وسندڙ ڳوٺ آهي، جتي ڪچي مٽيءَ جو جهونو ڪوٽ
اڃا تائين موجود آهي.
(1)
مٿئين بيان جو دارومدار حمل خان جي ڏوهٽي،
محترم حاجي ميان جمال خان لغاريءَ ويٺل ڳوٺ
پير صاحب پاڳاره، جي زباني تصديق تي آهي.
(2)
جن ماڻهن حمل کي اکين ڏٺو هو، تن جي بيانن
موجب هو پنهنجي آخري وقت ۾ هڪ عمر رسيده پير
مرد هو؛ لٺ تي هلندو هو ۽ وڏي وهيءَ ۾ وفات
ڪيائين. سندن اندازي موجب، وفات وقت سند عمر
تقريباً 65 کان 75 ورهيه هوندي. جيئن ته حمل
سنه 1296هه ۾ وفات ڪئي، تنهن صورت ۾ سندن
ولادت سن 1225هه ڌاري ٿي هوندي.
(3)
رئيس ميان سعيد خان، مير ڪرم علي خان ۽ ان بعد
مير مراد علي خان جي ڏينهن ۾ سبزل ڪوٽ جو نواب
هو. جيئن ته مراد علي خان سنه 1249هه/1833ع ۾
وفات ڪئي. انهيءَ ڪي سندس نوابيءَ جو آخرين
ممڪن سال 1249هه ٿي سگهي ٿو.
(4)
بتصديق حاجي احمد خان لغاري.
(1)
کُٿابي: ع. کتاب= مڪتب؛ کتابي= مڪتب جو
(شاگرد). طباقي: ع. طَبَق= وڏي ٿالهي- وڏو
ٿانءُ: طباقي= ٿالهين وارا- ٿالهيون چٽ ڪندڙ-
مانِيَر- ڳپلي.
(1)
يعني: اي ماڇي! ڀلا اٿئي گهوڙا ۽ اٺ اٿئي
ڪاڇي. ڪاڇي: اٺن جي هڪ ذات- ڪاڇي يا جبل جا
اُٺ.
(1)
روزانه خرچ لاءِ مقرر رقم.
(1)
ميان ڇٽل خان جي مقبوليت سبب، پير صاحب جي ٻئي
عملي ۾ حسد جي باهه ڀڙڪي اٿي ۽ انهن حاسدن جي
سازش سبب، هيءُ لائق انسان هڪ ڏينهن جئن ئي
پير صاحب جي حاضري ڏيئي ٻاهر نڪتو، ته شاهي
دروازي وٽ شهيد ڪيو ويو. پير صاحب کي سندس
شهادت (1305) سبب حياتيءَ جو هڪ وڏي ۾ وڏو
صدمو پهتو.
(2)
اهي خليفا، ميان غلام حيدر خان لغاري جاگيردار
جا فرزند هئا جو اصل ٽنڊي الهيار کان اوڀر طرف
کيسانه جو ويٺل هو.
(1)
کَڙي درمَلي (سَلڻ= آڏو ڀَري بيهڻ- سڄو گهُٽ
جهلڻ- رستو بند ڪرڻ): آڏو دروازي وارو سڄو
رستو جهليو بيٺا آهن.
(1)
درس= درشن- ديدار، وکا ڳئي= ڏيکاري وئي.
بئينسر والي= نٿ واري- سهڻي زال.
(2)
چَٽ پَٽ: جهٽ پٽ- اتي جو اتي- بروقت. دُوالي=
چم جي ڪڙي، جا باز جي پيرن ۾ وجهي هٿ ۾ قابو
جهلجي. دام دُوالي= قيد و بند- ڪڙا ۽ زنجير.
|