سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪليات حمل

باب --

صفحو :13

ڪافي

پُٺيءَ پير پَوان، مان لَهان، وو ڏِسي ڏوري ڏونگرين

1.   سُڌ نه منهنجي سور جي، اديون ناه اوهان

2.  پاسي پَلڪ پُنهون کئون، سرتيون آءٌ نه سهان

3.  اديون! آريچن جا، نِت نِت سورَ نوان

4.  حمل چئي، هوتن ريءَ رَتي آءٌ نه رهان

ڪافي

آيَل! مون وٽ آءِ، منهنجي ماءِ!

وو توسان ڳَرهيان ڳالهڙيون

1.        سُتي هُيڙس سيج تي، ڏِنو سور سماءِ

2.       ڏونگر ڏورڻ آئيو، هئي هئي هر لاءِ

3.       پائي پاند ڳچيءَ ۾، هَلِي هوت وراءِ

4.       ٻانهپ ريءَ ٻروچ سان، حمل حُج نه.

داستان پنجون

بيت: سُر مارئي  +

(1)

عمر! اباڻي پار ڏي، ٿيون وري وير! وَسُون

جهانگيئڙن جون جهنگ ۾ ٿيون وري وير! وَسون

پيڪا پنهور پاڻ ۾ وري وِيرا! وسون

ويٺي ڪين وسون، هِن هنڌن منجهه حمل چئي.

(2)

اونيون لويون اَنگ تي، نَه ڪي وِيرا وَڳا

پنڙا پائن ڪينڪي، ساهيڙين سَڳا

لِلُر لاڻي لامَ جي، آهي تَنِ تڳا

تُنهنجي ڀو ڀڳا، هِهڙي حال حمل چئي.

(3)

سي پَٽُ پهرن ڪينڪي، هوءِ جي پهرن پَٽ

سي مَٽِ ميان سومرا! ڏِس مير! ڳولي تون مٽ

جي گهٽ رعيت راڄ ۾، ڇڏ گهوٽ! تنين جا گهٽ

ڳهڻا ڀانئي ڳَٽ، تُنهنجا هَسَ حمل چئي.

(4)

سِڪان ساريان سومرا! ڏهاڙيون ڏورا

آڇ مَ اَجڙوال کي ڏهاڙيون ڏورا

ڦرن ٿا ڦَرن لئي، منهنجا ڏهاڙيون ڏورا

جي ڏُٿ پُسي ڏورا، سي هيڪر ميل حمل چئي.

(5)

سُرها تيل نه سِکيا مارو مير! مکڻ

تَنِ جا هٿ حمل چئي، مَليا مير مکڻ

سامَ تُنهنجي سومرا! اهي ميرَ مکڻ

ماروءَ مير! مکڻ، کائي شال خطا جو.

(6)

کُوهَرَ کيلوُ کائُڙ ڏي، اُهي خان! کٽن

ڪڏهن ويٺا ڪينڪي اُهي خان! کٽن

حمل چئي، هن هيروان اُهي خان! کٽن

اهي خان: کٽن، جي سرنديءَ ٽرن سومرا!

(7)

عمرَ اباڻي پار ڏي لس ٻَڌن لويون

آڻِن پَرين پَنڌ توُن آب ڀَري اويون

ڪرن قوت ڪماهڪون ساڳ سڱر سويون

پاند پُسيءَ پويون، پائِن هارَ حمل چئي.

(8)

عمر! اباڻي پار ڏي لاکَ رَتيون لويون

سُتي ويٺي ساريان لاکيون سي لويون

پين پيارن پاڻ ۾ لُوڻ لَسي لويون

لَڄَ انهيءَ لويُون، هاڻي هِتِ حمل چئي.

(9)

پيرون پَڪا پَٽ تي ڏونرن جون ڏاريون

ڏٺم ڏاڏاڻي ڏيہ ڏي ڄاپندي ڄاريون

ماکيؤن مِٺيون ڀانئيان، کَٻڙيون کاريون

تَنين کي ساريون، جِهڄي هانءُ حمل چئي.

(10)

الله! اوٺي آڻِ، اڄ ڏاڏاڻي ڏيہ جو

کِينءَ جون ڏئي خبرون، حمل چئي هِتِ هاڻ

آهيان ٻه ٽي ڏينهرا ماڙين ۾ مهماڻ

امانت اُماڻ، رسائج اوڏهين.

(11)

مارن جي مُنهن لاءِ، سِڪي ساري جِندڙو

ڪيو منهن ملير ڏي جهَليان وطن واءِ

حمل چئي، هِن ماڙيين رهڻ ناه روا

ڪاٽي قيدالماءِ، وري ويڙهيچين وڃان.

(12)

تُنهنجي صورت سومرا! ڀانيان شڪل شينهن

وسائينديس وطن تي، ميڙائي جا مينهن

حَلون کئون حمل چئي، ڀُڃان ڪِرڙ ڪَرينهن

اڳ نه کُٽن ڏينهن، شل! مارن ساڻ مِلي مران.

(13)

مون ڳَتِ سائي سومرا! جا سانگيئڙن صلاح

ايندا اٿم آسرو ايهو منجهه الله

حمل! هِتِ وطن جي مُونجهه سُڪايم ماه

ويچارءَ جي واه، ڪانهي رب ڪريم ري.

(14)

مون ڳَتِ سائي سومرا! جا پَهِي پَهنوارَن

اچي عمرڪوٽ ۾ ڪيئن ٽُروپايان ڪَن

حُجرا، هَنڌَ حمل چئي، ٻارن سان پيا ٻن

ڪنهين ويل وطن، مون هون مور نه وسري.

(15)

مون ڳَتِ سائي سومرا! جا ٿاريلن جي ٿَر

وِسهِج وَڻن ڪينڪي تُنهنجا طمام تَمرَ

هيڪَر ميڙ حمل چئي، واري ساڻ وَڳر

ساڳي ساڳ سڱر، وڃي کائُڙ کائيان.

(16)

مون ڳَتِ سائي سومرا! جا پَهَنوارن پَهي

ماکيَئون مِٺي ڀانئيان، سَندي ڏيہَ ڏَهي

حمل! حُب وطن جي اندر روح رَهي

ساکي رب صَحي، دليون ويڙ نه وِسري.

(17)

مون ڳَت سائي سومرا! جا پَهَنوارن پَچار

وِسهِج وڻن ڪينڪي تنهن جا انب آچار

حَلوَن کَئُون حل چئي، سَڦرا ڏئونرن ڏار

صاحب رب ستار، ميڙيندو مارن سان.

(18)

مون ڳت سائي سومرا! جا ڌڻي ڌنارن

هَلان جي حمل چئي، سُئي سنگهارن

پَکا پَنهوارن، پَٽي پاسي کوڙيا.

(19)

مون ڳَت سائي سومرا! جا ماروئڙن جي مير!

ڏي موڪل موٽي وڃان، ميان! منجهه ملير

هِنئين منجهه حمل چئي، اٺئي پهر اُڪير

کائڙِ وڃي کير، اوتيان پِيان اُن سان.

(20)

مون ڳَت سائي سومرا! جا وڻي ويڙيچن

ٻُڌي حال حمل چئي، مارو مانِ اچن

رَڳُون روح رُچن، ڏِسي ڏيهائِن کي.

(21)

مون ڳَتِ سائي سومرا! جا ڌَنارن ڌُڻي

آڻن، وقت اَجهور جي، لاڻِي لَلُر لُڻي

سِڪي هانءُ حمل چئي، سَڱر ساڳ سُڻي

چُونڊنِ ساڻ چُئي، پيرون کايان پٽ جا.

(22)

ڪُونڌِيون پايو ڪڇ ۾، پَهَرُني سان پَهَرنِ

سَٽُون ڏِينِ سَڱر لئي، ڏوٿي منجهه  ڏَهَرنِ

وِهڻ جِنيءَ جا واريءَ تي، سي شائق نا شهرن

ههڙي حال حمل چئي، ٿَر اندر ٿَهَرنِ

کني کٿيرون خان! اچين تون ناگَہ جان نهَرنِ

مِيرَنِ مارُنِ ڇا لڳي، ڇا مارُن ۽ مَهرَنِ

قادر جي قَهرَنِ، ڪِين سَنگين ٿو سومرا!

ڪافي

آهي اندر منجهه اڪير، عمر! مون کي ماروئڙن جي

1. ساريو سنگهارن کي، نين ٽمايان نير

2. ڪڍ بندياني بند مؤن جَڙو لاه جنجير

3. وڻن لاءِ وطن جي، سڪي ساه سرير

متفرقه

بيت هنر جي فن ۾ ۽ ان جي جنسن جي نالن ۾ +

”جُور“ اصلي آه، ٻيو ”چانور“ ڪنديس ڪونڪو

”مهري“ چاڙهي مارئي، عمر! ڪيئن آندياءِ

”تِر“ نه ٽِڪنديس تو مَڻي، وَهلو وِير! وَراءِ

جن ريءَ ساعت نه سَري، تو ميان ”ماهَ“ وِڌاءِ

”مَٽر“ ماروئڙن تئون، ڪنهن اوڇي ڳالهه اُتياءِ  (1)

”گندم“ ڏي تون گاريون، ”نخود“ خير وڃاءِ

بيوس تنهنجي ”ٻاجهري“ ويڙهيچا وينداءِ

مُلڪن ۾ مشهور ٿي هي ”ساري، ڳالهه سندياءِ

حمل چئي هي آزيون، ”چؤنرا“ چِت لَڳاءِ

ڏي موڪل تان موٽي وڃان، ميان ”مڱ“ نه پاءِ

تنهن کي ”جَوَ“ جو جوکو ناه، جنهن جو پردو پاڻ ڌڻي رکي.

بيت اول صنعت تجنيس ۾

ماني کينديس ڪينڪي، هت مارن ريءَ ماني

آني ساڙيان ان کي، جي ويس وڳا آني

ڀاني مون کي ڀيڻ ڪري، آهين بيشڪ تو ڀاني

کاني وينديئه خاڪ ٿي، تون خان! خودي کاني

جاني چؤ تون جوءِ کي، آهي جوڙ تنهنجو جاني

ساني ميان سومرا! آهي صاحب! تو ثاني

هاني هُتِ حمل چئي، تان هِتِ ٽِڪي هانِي

تنهن سان ڏِنگ مَ ڪَر ڏاني، هو جي ڏاني تُنهنجي ڏَن جا.

بيت ٻيو: صنعت تجنيس ۾

مان سام آهيان، مان سام آهيان، جا ڪام ڪري ڪم خان ميان!

مان طعام اهي ماتام کايان، ماتام ڀانيان هي طعام ميان!

آجام ڪيون اَجام ڪرين، اي ڄام! ڪهڙا اَجام ميان!

تون مام ڏئين سا مام مڃيان، اي ڄام! لوئيءَ هٿ لام ميان!

تون دام وجهيو ٿو دام ڏسين، جئن عام ڀائين تئن آن م ميان!

حمل چئي هيءَ هام ميان! ٿو هام مڃين نا هيڪڙي.

داستان ڇهون

بيت: سر سهڻي

[فصل-1]

(1)

اديون! آه اُداس، مون کي ميهر يار جي

ڏُکيي هِن ڏَم سان، منهنجو روح نه اچي راس

هِنئين منجهه حمل چئي، آه سندي پي پياس

مَر مَڇون کائن ماس، سِرُ ساهڙن تان صدقي ٿيو.

(2)

ساهَڙ ساڙهي مَئون ڏني سُرڪي ڪا سِڪجي

سا پِيَڻ سان پيهي وئي، لَنئون لنئون ۾ لِڪجي

تڏهانڪر تنهن پار ڏَنہ ويهان نا وِڪجي

منهنجي ٻيءَ مجلس کئون دِل ويئي ڌِڪجي

حمل حب هڪ جي، رهي آهي روح ۾.

(3)

سيءَ، سيارو، سَڙڪِڻِي، ٻيو پَوَن ٿا پارا

سرتيون! سَڏ ميهار جا پون ٿا پارا

ڏَم ڏيهاڙيون ڏک ڏئي پاريچن پارا

پُرزا ڪئي پارا، حمل! حُب ميهار جي.

(4)

ساهڙ سانڀارا، ٿو سهڻيءَ کي سڏ ڪري

وچئون وِيرَ وَڏاندَري، ٿي موج ڪري مارا

ڪُن ڪڙڪو ڪاوڙ گهڻِي، ڌوڌو ڌڌڪارا

پٽيو وڻ ڦِٽا ڪَري سُپاڙؤن سارا

آڻيو وجهي آر ۾ ڍِنگهَر ۽ ڍارا

هيبت کئون حمل ئي، ترسن ٿا تارا

اُتي اَڻ تارا، تارِين رب تَبارَ! تون.

(5)

مُنڌَ! پُڇين ميهار، ڪَچو پايو ڪَڇ ۾

ڀيلي جي ڀروسي، ڪيئن تَڪين ٿي تار؟

هيبتناڪ حمل چئي، سِيرَ ڪَري سَنڪار

پاڻيءَ جي پَلتارَ، پُکنِ کي پُرَزا ڪري.

(6)

پائيندَڙ ٿي پاءِ، ڀِڪُون ڏهاڙي ڀَرَسان

ٻوڙا ٻُڌين ڪينڪي، تَنهن جو ڌُوءُ ڌَڪاءِ

توکي ننڊ نهوڙيو، غفلت گيرب گاءِ

حمل! هِن درياءِ، لَکن کي لوڙهي نِيو.

(7)

ڀيلي مَٿي ڀَرَ، متان ڪِج مهراڻ ۾

اڳيون آب عميق وهي ٿو جوش منجهارؤن جَر

ڪَچي تي ڪاوڙ مئون ڪَري ليٽ لَهر

ٻيڙَنِ جا ٻار ۾ هُتِ وِير لاهي ٿي وَر

هيبتناڪ حمل چئي، ڪَڙڪن ڪُن ڪَپر

ٺوڪي هِت ٺڪر، پَڪو کڻج پاڻ سان.

(8)

ساهڙ کئون سِڪ جي پيتائين پُڙي

ڇڏي هوش حمل چئي، لَهرن منجهه لُڙهي

ڏيئي سِرُ سُرهي ٿي سا مَرندي ڪين مُڙي

ڏُهي ڏُڌ ڦُڙي، ڪا ميهر ڏنس موت جي.

(9)

کَرِڪَنِ جي کَڙڪارَ، ننڊرَ وِڃائي نارَ جي

سهڻيءَ سُمهڻ وِهه ٿيو، تَنءِ جَنهين کي تارَ

گهَڙي تي گهِڙي پوي، سَڏي رب سَتارَ

اڳيؤن آب آڇ گهڻي، ٻيو سهس وتن سيسارَ

ڪارا ٻانڊ، ٻِلاٽيون، ٻيو ڪَپرن جا ڪَڙڪارَ

هڪلَ هُونگَ حمل چئي، ڌوڌو ۽ ڌڌڪارَ

ميهرَ هَٿ مِهَار، جو ڇِڪيو ڇولِينِ مئون وَڃي.

(10)

گهِڙي ساڻ گهڙي، اچيو آڌيءَ رات جو

سهڻيءَ سُمهڻ وهِ ٿيو، ٻُڌي چُنگار چَڙي

لَهرن کئون لغاري چئي، لَرزي ڪين لَڙي

اڳيون دَئونس دَرياه جي، ڪَيو ريههَ رڙي

ڇُلڪُون ڇوليءَ ڇاٽ جون، منجهئون ڇوهه ڇَڙي

ڪاٿهين ڪين اڙي، وڃي ساهُڙ سامهين.

[فصل-2]

بيت هنر جا- سر سهڻي+

(1)

مينهون يارَ ميهار جون، ٿيون ويهن منجهه مَنگهنِ

اچيو مِڙن اَجهور تي، ٿيون ڏُڀن منجهه مَنگهَنِ

وڃي ورتندي وير مان، مٿئون لات منگهن

منهنجو مَن مَنگهن، حمل! تنهن محبتي ميهار سان.

(2)

اُٺي آڌيءَ رات جو، جانچي گهير گهوگهٽ

وڃي ورتيندي وِيرَ مان، ڪندي سا گهوگهٽ

اڳيا دَڙٻڙ دؤر درياه جا، وڃي سڻندي سا گهوگهٽ

حمل چئي گهوگهٽ، وڃي ٻُڌي مانڌاڻن ميهار جا.

(3)

سهڻي ڀانئي سير ۾ بانڊ سدا سيسَر

لتاڙيو لهرين مؤن وڃي سير سندا سي سيسر

مينهن يار ميهار جا، سُک وسن سيسَر

مون سِيباڻا سيسرَ، جا ميهر مَنهِن تي وَڌا.

داستان ستون

بيت: سر مومل راڻو

توريءَ ميان مينڌرا! ماڙيون ٿيون مارِين

طُول، وِهاڻا، تَڪِيا، ڳَچ اندر ڳارِين

هِڪ جيڏيون، حمل چئي، هنجون ٿيون هارين

سوڍا ٿيون سارينِ، توکي ڪُنواريون ڪاڪ جون.

داستان اٺون

بيت: سر سارنگ

(1)

مُندَ ٿي، مَنڊَل وڄيا، ٿيو سارنگ سَوايو

ڪارا روٿَ رُم ڪَري، اُترئون ٿي آيو

ڪڪرُ ڪارُونڀارَ ڪَري، بادلَ بَنايو

حمل چئي هِن ديس تي واحد وسايو

کنِوڻِيون اچن کيڏنديون، رِيجهي رنگ لايو

ٿيو سڀڪو سَڻايو، لَٿو ڏرت ڏيہ تئون.

(2)

مند ٿي، منڊل وڄيا، ڪڪر ٿيا ڪارا

آيو اُتر پار ڏنہ، بارَ ڀَري بارا

مينهَن کي موڪل ٿي، پَرور جي پارا

اوهيرن اُٿلي ڪئي پَٽَ سِر پلتارا

نَيُون، نياڻ، نؤندڙيون، گهَرڪاڪَن گهارا

وَسي مينهن وَسُون ڪيون، چؤڏِس چؤڏارا

ڏوگاهي جا ڏُٻرا، ٿيا موٽي مَتارا

حمل! هَر پارا، آيون خبرون خير جون.

(3)

مند ٿي، منڊل وڄيا، آڙنگ ڪيو آسمان

وَري ويسَ وسڻ جا، سارنگ ڪِيا سامان

آيو اُتر پار ڏِنہ، گوڙَ ڪري گهمسان

پَلٽيو پاڪ پَٽَن تي، مينهن جو مِهران

حمل چئي هر ديس تي راصي ٿيو رحمان

هوءَ جي ورهن جا ويران، سي موليٰ مَلڪ وسائيا.

(4)

آءُ ميان سارنگ! آءُ، عالم، تُنهنجي آسري

اتر اوڀر پار ڏنہ، ڪو واءِ سَڻائو واءِ

ڏيئي هونگَ حمل چئي، موٽي مُلڪ وساءِ

تان بَر ٿَر جاءِ بجاءِ، عالم آسودو ٿئي.

(5)

مند ٿي، منڊل وڄيا، گَڳنَ گَجي ڪئي گوڙ

سارنگ سُرَ سارڪيا، ٿي دَر هرَ دوڙ دَٻوڙ

پَلٽيا مِنهن  پَٽن تي، ٿي ڇَني ڇَني ڇَرَ ڇوڙ

اوهيرا اُلٽي پيا، ٿي جَرُ ٿَرَ ٻائڙَ ٻوڙ

ڏيئي هونگَ حمل چئي، ڪئي پٽ سر مينهن پَتوڙ

سُڪا وڻ ساوا ٿيا، تن موٽي ڪڍيا موڙ

گاه گلن گهمسان ڪيا، ٿا کيٽ کُنڀن جا کوڙ

ڪَنَ مَهٽي ڪالُ ڀڳو، جان ڏنس مينهن مَروڙ

بارانيون بر حال پَڪيون، لٿو ڏرت ڏڦوڙ

سڀ ڪنهن جاءِ سُڪار ٿيو، ٿي ڪَڻي ڪَڻي مؤن ڪوڙ

لَٿي سوڙ سَنگوڙ، پهريا مال پَٽن تي.

(6)

مند ٿي، منڊل وڄيا، سارنگ سٽاڻو

آيو اوڀر پار ڏَنہ، لنگهي لوڊاڻو

ڏنائين ڏيره کَئون، ٿر مٿي ٿاڻو

تڙ تلاءِ سڀ تار ٿيا ڀريو ڀاناڻو

پِيَنِ پاڪ پَٽَن تي ماڻهو مِينهاڻو

ساري سنڌ سُکي ٿي، واءُ ٿڌو واڻو

سڀ ڪنهن سيبَاڻو، هر ڪنهن جاءِ حمل چئي.

ڪافي

موٽ مِٺا منٺار يار! تو لئي ساهه سڪي ٿو

1.             مون کئون منهنجا مون پرين! دوست مَ ٿيءُ دم ڌار

2.            دلبر! دل کي ڪين وڻن ٿا، تو ريءَ مينگههَ ملار

3.     ساجن! تو ريءَ سپرين، بره آيا سِر بار

4.     حمل هردم ٿو گُهري، تنهنجو دوست ديدار

داستان نائون

بيت: سر ڪانگل+

(1)

ڪانگَل! چئج قريب کي ساري سَنيهو

ڏيان نياپو نياز سان ڪانگل ٻيو ڪيهو

ڏِٺُئي حال حمل جو، جانب ري جيهو

تون ڀي نيئي تهو، ڏج سنيهو سڄڻين.

(2)

ڪانگَل! چئج قريب کي سنيهو ساري:

سِڪ تُنهنجي سپرين! ٿي ڳچ وجهي ڳاري

ههڙو حال حمل جو، ويهه مَ وساري

گَنگهَر ٿو گهاري، تو ريءَ ڏکيا ڏينهڙا.

(3)

ڪانگَل! چئج قريب کي گَڏُ ويهي گوڏي:

راتيان ڏينهان روح ايڏاهين تاڻي ٿو توڏي

ڪَري هوڏَ حمل سان، هَئي! ويٺؤن هوڏي

ٿو ٻانهه هَلِين لوڏي، مون کي ماريو سُپرين!

(4)

ڪانگل! چئج قريب کي جيئن آئون عرض چوان:

سورَ تنهنجا سپرين! نَئين سِج نَوان

حمل سان حيلا ڪَن، جي مُڪا محب اوهان

جي سڄڻ هُون سِوان، ته سورن ڪين سَڌون ڪيون.

(5)

ڪانگَل! چئج قريب کي ڪنهن پَرِ ويهي ڪول،

سي سڀ وِسرِيئي سپرين! جي محب ٻَڌا هُئه ٻولَ

اُهي تان اڄ ياد ڪريو، جي ڪالهه ڪيا هُو قولَ

حمل نَئون هَٿَ ڍول، پرين! لاهِه مَ پانهنجا.

(6)

ڪانگَل! چئج قريب کي نالي نام خدا،

هَٿَ ٻَڌي تون حاضر ٿي، هي نيئي حال سُڻاءِ

رويو ٿي رَتُ هاريان، لالَڻ! تُنهنجي لاءِ

سُڌ نه لَڌئي سورَ جي، ڪنہ ڏينهن مُنهنجي ڪاءِ

هيڏو رنج رُسامون، توکي رُوندَنِ سان نه رِهاءِ

ڊِرڄُ ڪِي ڊراءَ ڌنيءَ جي، سِڪَندا ڪيم سِڪاءِ

جانب! تو نَه جڳاءِ، هيڏي هوڏ حمل سان.

(7)

ڪانگَلَ! چئج قريب کي هي نياپو نيئي:

عيبن سان اچي ڪري پَلئه تو پيئي

حمل چئي، هيءَ دلڙي وَسئون مون ويئي

ڏوراپا ڏيئي، ڪيها سور سڻايان.

(8)

ڪانگَل! چئج قريب کي هيڪَلَ ٿي هِڪ جاءِ

پيرين اڇان پنڌ ڪَري، ساجن تُنهنجي ساءِ

توڙي پير پِٿُون ٿِيَنِ، اچي نا ايذاءِ

سڻي حال حمل جو، دوست پرين! دل لاءِ

لَکين لوڪ ٻياءِ، تُنهنجي پادر مَٽِ نه پاڙِيان.

(9)

ڪانگَل چئج! قريب کي، جئن عرض چوان آئون،

هينئڙو تو حبيب ري، آه گانئون ۽ مانئون

دلِ منهنجي، تو دوست جي آه ٻاجهه بنان ٻانئون

حمل هيءُ ڪائُون، ناتو نينہ نئون  لڳو.

(10)

ڪانگَل! چئج قريب کي ساري سنيهو:

آئون اوهانجو آهيان جتيءَ نا جيهو

ٻانهو سائِنَ سامهون، ٻيو قَدَ ٻَڌي ڪيهو!

جيهو ڪِي تيهو، آه حمل هٿ اوهان جي.

(11)

ڪانگَل! چئج قريب کي حال وڃي هاڻي:

راتيان ڏينهان روح ايڏاهين توڏي ٿو تاڻي

ڪڏهن حال حمل جو، پُڇو نا پاڻهي

ماٺ تُنهنجي ماني، منهنجو چِتُ چريو ڪيو.

(12)

ڪانگل! چئج قريب کي وَٽِ پِرِين ويهي:

مون سان منهنجا سپرين! تو جانب ڪئي جيهي

شالا محب! مجاز ڪندو، توسان ڀي تيهي

پَکي پوءِ پيهي، مَن ڳَرَهِين حال حمل سان.

(13)

ڪانگِل! چئج قرب کي پيرين رکي پَر!

سِڪَ ته تنهنجي سُپرين! دَڙڳَ ڪيا هِنِ دَر

تنهنجيءَ حب حمل چئي، ٿو هليو اَچان هر هر

ڏاتر کئون ڪي ڏَر، اٿئي ڏاڍي آهه عشق جي.

(14)

ڪانگَل! چئج: ڪيئن، تون وساري ويهي رَهيون؟

دل منهنجي تو دوست سان جانب! آهي جيئن

مون سان ڀي منهنجا پرين! جي تنهنجي هجي جيئن

ته هِهِڙي هرگز هيئن، ڪَيَئي نه هوند حمل سان!

(15)

ڪانگَل! چئج قريب کي وَٽِ پرين ويهي:

سورن تو ريءَ سپرين! هيءَ ڏُکائي  ڏيهي

ڪڏهن حال حمل جي تو پڇو نا پيهي

نه ڄاڻان ڪيهي، مَنشا تُنهنجي من ۾!

(16)

ڪانگَلَ! چئج قريب کي ڪَن ۾ ڳالهه ڳُجهي

سڻي سمجهج سڀڪا ٻوليءَ منجهه ٻُجهي

لڪائيج لغاري چئي، ڳُجهي منجهه گُجي

اندر منجهه اُجي، متان ڪڍين ٻاڦ ٻين سان.

(17)

ڪانگَل! چئج قريب کي، ڪول وڃي منجهه ڪَن

ويجهو وِهج پِر کي، ٻيا وڻ ڏيئي ٻَنُ:

هيئن نه گهُرجي هيترو ساڻ ضعيفن ظَن

تو ريءَ هِتِ حمل چئي، مُونجهو ٿِيڙو مَن

تَن سان لايو تَن، ته وڃن درد دفع ٿي.

(18)

ڪانگل! چئج قريب کي هوريان هوريان هيئن:

”وساري ويهي رهيون تون قابل مون کي ڪيئن“!

ادب ساڻ اَلائج، ٿئي جانب راضي جيئن

تون ڀي وڃي تيئن، چئج حالُ حمل جو.

(19)

ڪانگَل! چئج قريب کي، حال وڃي تون هي:

وعدا وري مِلَڻَ جا، تو جانب ڪِيا ها جي

هو جي عهد انجام ٻڌا هُئه، ساجن وِسريئي سي

ناحق ڏُک مَ ڏي، هيڪر آءٌ حَمل چئي.

 

(20)

ڪانگَل! چئج قريب کي، گوڏي ويهي گَڏ:

اُداسِجيِ اُٿي ڪريان، ساجن! توکي سَڏ

ساري ساري سپرين! هيڻا ٿيڙا هَڏ

مون کي محب مَ ڇَڏ، حمل چئي هن حال ۾.

[فصل- 2]

(1)

وَڃُ سِگهو جان واءِ، ڪانگل! چؤ قريب کي:

ڏُسڪيو ٿو ڏُکَ هارِيان، جانِبَ! تُنهنجي جاءِ

وَرهيه وچؤن ڀائيان، جي پَرَوَسِ  پَهَرَ پيا

تو ريءَ هاڻ حمل چئي، جِيَڻُ مون نه جڳاءِ


(3) هوءَ جي پهرن پٽ= اهي سنگهار جيڪي پٽن ۽ ميدانن تي مال سان نڪرن. سي مَٽِ= تن کان پاسو ڪر. تن کان مُڙي وڃ. ڏس مير ڳولي تون مٽ= اي امير! تون پاڻ جهڙا هم شريڪ (سڱابندي يا مقابلي لاءِ) ڳولي هٿ ڪر.

(4) اجڙوال= پهنوار. ڏهاڙيون= ڏهاڙي- روزانه. ڏورا= 1. ڏوران، پري کان 2. پٽ جا سڳا ۽ وڳا 3. ٻانهن جا ڏونئرا. 4. ڪرڙن جا ڏيلها. ڦرن ٿا- الخ= مال جي ننڍڙن ڦرن کي کڻڻ لاءِ، منهنجي ٻانهن جا ڏونئرا سُرن ٿا (ڦَرن ٿا) يعني جئن سڄڻ ساريندي اک ڦرندي آهي تئن ڦرڙا ساريندي منهنجون ٻانهون ڦرن ٿيون.

(10) کينءَ جون= خير جون، خوشيءَ جون.

(14) پَهي= رِٿي- سِٽي. حمل جي هٿ لکيل بياض ۾ ”ڪيئن ٽروپان ڪن“ لکيل آهي. مگر ”ديوان حمل خان لعاري حصه اول“ مطبوع 1914ع ۾ ڏنل روايت موجب ”ڪئن پنڙو پايان ڪن“ ڏنل آهي ۽ ”مون هَون“ جي بدلي ”مون کان“ ڏنل آهي. ٻارن سان= شايد مرا: ٻارين سان. چؤڪڙين سان (هنڌَن جي صفت).

(17) سڦرا= سلوڻا- ذائقي دار. هن بيت بعد اصل بياض ۾ بيت نمبر 21 جي فقط آخري مصرع ”چونڊن ساڻ چُڻي- شل پيرون کايان پٽ جا“ لکيل آهي جنهن مان گمان نڪري ٿو ته شايد حمل خان ڪنهن ٻئي مسوده يا بياض تان ويهي هي بياض اتاريو آهي ۽ اتارڻ وقت اهو بيت ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي لکيل هئڻ سبب، هت پورو نه لکيائين ۽ صرف ياداشت طور هڪ مصرعه لکي ڇڏيائين. ان بعد هنن بيتن جي آخر ۾ آيل ڪافي کان پوءِ ڪنهن ٻئي موقعي تي نئين قلم سان سڄو بيت نمبر 21 لکيو اٿس.

(21) وقت اجهور جي= مال جي اجهور جي وقت، يعني جنهن وقت مال جهنگ چري، واڙين ۽ وٿاڻن تي موٽي اچي ٿو.

منجهه ڏهرن= ڏهرن منجهه. واحد: ڏهرُ= ٻن ڀِٽن جي وچ ۾ ڪافي ويڪري ڊگهي تري واي ايراضي جنهن جي زمين اڪثر پڪي هجي ۽ جا گهڻو ڪري سال بسال برسات تي آباد ٿئي؛ انهن ڏهرن جي پڪي زمين ۾ اڪثر ڪنڊين جا وڏا وڻ ٿين جن ۾ سڱر جام ٿين. ڏوٿي ويچارا انهن سڱرن ڪاڻ سَٽون ڏين يعني سڱرن ڇاڻڻ خاطر ڪشالا ڪن. ٿهرن= خوش پيا گذارين. ناگہ= اوچتو. جان نَهرن= بگهڙن وانگي- جئن بگهڙ جهٽ هڻي پهرو کڻي وڃي. ميرن مان ڇا لڳي- الخ= اميرن ۽ ماروئڙن جي پاڻ ۾ ڪهڙي نسبت يا سڱابندي! ۽ اسان مارن ۽ شاديءَ جي هنن (تنهنجي آڇيل) مَهرن جو پاڻ ۾ ڪهڙو لاڳاپو! ڪين سنگين ٿو= ڪين ڊڄين ٿو.

+ هن بيت  اُن جي هيٺين مختلف جنسن جا نالا، صنعت جا نالا، صنعت تجنيس مطابق، اهڙي طرح استعمال ڪيا ويا آهن جو اهي ذو معنيٰ هئڻ سبب بيت ۾ پورا ٺهڪي بيٺا آهن: ”جُور“(= جووَرُ)؛ ”چانور“(= جان ور)؛ ”مُهري“ (= مَهري اٺ)؛ ”تِر“ (=هڪ ساعت)؛ ”ماه“ (= مهينا)؛ ”مَٽر“ (= مَ ٽَرُ)؛ ”گندم“ (ف)= ڪڻڪ (= گاريون ”گندن“ ڏي)؛ ”نَخوذ“ (ف)= چڻا (= نه خود پاڻ پنهنجو خير وڃاءِ)؛ ”ٻاجهري“ (= ٻاجهه ريءَ)؛ ”ساري“ (= سڄي)؛ ”چونرا“= راهان(= چورا کورا، ڳڻتي، اوسيڙو، اباڻن جي سڪ ۽ اڪير)؛ ”مڱ“ (=مڱ نه پاءِ= ماٺ نه ڪر). ”جَر“ (=جَوَ جو يعني ذري جيترو به).

ڀاني= 1. ڀانءِ  ني 2. اءُ ني. کاني=1. خاني- اميري 2. کاءُ ني. جاني 3. معشوق 4. جيڪاني. ثاني= اُهاني (تنهنجي زال). ثاني= تنهنجو جوڙ جيس. هاني= 1. هانءُ ني 2. اهو ني نه ٽڪي ها. ڏاني= 1. ڏنگ ڏانءُ ني 2. ڏن ڀريندڙ [بيت ٻيو] سا م= 1. سَرڻي. پناه ۾ آيل. 2. سا مَ- اُها نه. ماتلم= 1. مان تان نه. 2. رنج- سور. اَجام= 1. انجام. 2. آجا نه ڪرين 3. وعدا. مام= 1. اشارو- ميڇ 2. مانَ م مان نه. دام= حيلو ڦاسائڻ جو 2. بند. هام= 1. هائو (اجازت ڏيڻ جي) نه آهي 2. اميد وارو عرض (هام هڻي ڪا ڳالهه ڪرڻ).

(3) سَڙڪڻي= سياري جي سخت ٿڌي هوا ۽ ٿڙڪڻي. ٻارا= 1. سخت سيءُ. 2. درياه جي پرئين طرف کان- پراڙان. 3. طرفان- پاران 4. ذرا ذرا.

(7) ٻيڙن جا ٻار ۾- الخ= اها وير يا ڇولي درياهه جي اونهي وهندڙ پاڻي (ٻارِ) ۾ ٻيڙن کي سرگردان ڪري ٿي ڇڏي.

(10) لرزي ڪين لڙي= ڊڄي ڪين وري. دئونس= پلٽ ۽ اُڇل. ڇڙي= اڇلي. اڙي= اَٽڪي.

(5) گگن= جهڙ وارو اُڀ. درهر (اصل صورتخطي ائين ئي آهي)= گوڙ. ڇني ڇني= جاءِ بجاءِ. هر ماڳ مڪان. ٻائڙ ٻوڙ= مينهن جي گهڻائي جو اصطلاح- يعني ايترو گهڻو مينهن پئي جو ڪڙين ڪسين ۾ پاڻيءَ جي سطح چڙهي وڃي ۽ هرلن جا ٻائڙ يعني ٻاري ۽ نيسارا به ٻڏي وڃن.

ڪن مهٽي- الخ= ڪال يعني ڏڪار تنهن کي جا مينهن مروڙ يا چپيٽ ڏني سو پنهنجا ڪن مهٽي توبهه ڪري پئي ڀڳو. بارانيون= برسات تي ٿيندڙ پنيون.

(6) سٽاڻو= سٽاءِ ٻڌي آيو- تيار ٿي آيو. لوڊاڻو= لڊاڻو= يعني شهر لڊورو جو جيسلمير رياست ۾ سنڌ کان اوڀر طرف آهي. ڏيره= ڏيره جو تڙ جو کپري طرف آهي. ڀاناڻو= ڀاناڻي جو پوٺو جو (چون ٿا ته) سنجهوري تعلقي ۾ ڄام صاحب جي درگاهه جي آسپاس آهي. ڀاناڻي وارا گوادرا (ذات جا) مشهور آهن. ڀاناڻي جو پٽ يا پوٺو پاڻيءَ جي اڻاٺ کان مشهور آهي. (چون ٿا ته) هڪ دفعي پير صاحب حزب الله شاهه ڀاناڻي جي پوٺي مان اچي لنگهيو. ساڻن هڪ ٻيو امير به گڏ هو جنهن کي سخت اڃ لڳي ۽ پير صاحب جن کين پنهنجو پاڻي گهرائي پياريو، پوءِ ان امير پير صاحب کان پڇيو ته سائين اوهان جو اهڙو به ڪو فقير آهي جو هن برپٽ ۾ اوهان جي دعوت ڪري. پير صاحب فرمايو ته: هائو هڪ گولاڙو (خاصخيلي وڏي وريام ڏانهن اشارو) آهي پر دَروُ (دريا خان نظاماڻي فرق وارو جنهن فساد ڪيا ۽ روپوش رهيو ۽ بادشاهه جي امر تي حاضر نه ٿيو) پاسي هيٺ ڪري ويس. آخر پير صاحب جن جي حڪم تي وريام خاصخيلي برپٽ ۾ سڄي جماعت جي بي نظير دعوت ڪري ڏيکاري. مينهاڻو= مينهن جو پاڻي. پلر. واڻو= واءُ وريو، سيباڻو= وڻيو، پسند آيو.

(11) توڏي ٿو تاڻي= توڏي ٿو تانگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23  24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org